Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • گل حيات ۾ موجود ڊيلي گزيٽ ۾ ڇپيل سنڌ بابت مواد

    گل حيات ۾ موجود ڊيلي گزيٽ ۾ ڇپيل سنڌ بابت مواد

    received 8141214856132571
     
    “گل حيات جي ميڙيءَ چونڊيءَ  مان.“
    “ گل حيات ۾ موجود ڊيلي گزيٽ ۾ ڇپيل سنڌ بابت مواد“
       1883 ۾ ڪرنل ڪوري ( Colonel Corey) “ سنڌ گزيٽ“ جي نالي سان ڪراچيءَ منجهان اخبار ڪڍي جيڪا روزنامه نہ ھوندي ھئي  ۽ اھا  1904 ۾ روز نامه اخبار ٿي. پھرين جولاءِ 1915 تي ان جو نالو مٽائي “ڊيلي گزيٽ“ ڪيو ويو ۽ ھي اخبار ڪنهن ناغي کان سواءِ 1947 تائين نڪرندي رھي.
        بابا سائين  ( ڊاڪٽر پٺاڻ) 1884 کان وٺي 1947 تائين ان جو پرچو پرچو پڙھيو انهي منجهان ڪيترائي  نوٽس ورتائين ۽ ڳچ جيترو مواد ٽائيپ ڪرائي ورتائين ڇو تہ انهن ڏينهن ۾ فوٽو اسٽيٽ جي سھولت ايترو عام ۽ سستي ڪان ھوندي ھئي. بابا سائين انهن ڏينهن ۾ ڪراچي جي “ اسلاميه ڪاليج“ ۾ ليڪچرار ھوندو ھيو ۽ ڪاليج جي ڊيوٽي ڏئي “ پاڪستان آرڪائيوز“ جي لائبريريءَ ۾ وڃي اھا اخبار پڙھندو ھيو.لائبريريءَ جو چوڪيدار پٺاڻ ھيو ۽ بابو ھم – ذات ھجڻ جو فائدو وٺي ساري رات لائبريريءَ ۾ ويھي اخبار ڏسندو ھيو. بابا سائين ٻڌائيندو آھي تہ چوڪيدار بہ بي خبر ھيو ۽ بابا سائين کي بہ خبر نہ ھئي  ان ڪري ھڪ رات تازو فيميگيشن ٿيل اخبارن جا جلد پڙھندي بابا سائين بي ھوش ٿي ويو .کيس اللہ سائين بچايو جو انهي زھر کيس وڏو نقصان نہ ڏنو ۽ چوڪيدار تڪڙ ۾ کيس اسپتال وٺي ويو.
    “ڊيلي گزيٽ“ اخبار ۾ جيڪو سنڌ جي سياست، علم ادب، تعليم، ثقافت، سماج ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان واسطو رکندڙ مواد شايع ٿيو، ان جي آڌار تي اڄ ڪلھہ بابا سائين“ ڊيلي گزيٽ جي انڊيڪس“ ٺاھي رھيو آھي جنهن تي ڪيترن مھينن کان ڪم ڪيو اٿس ۽ اڃا شايد ٻٽي مھينا ڪم مڪمل ڪرڻ ۾ لڳي وڃنس.
       ھن اخبار ۾ سنڌ بابت تمام اھم مواد شايع ٿيو. مثال طور 1912 کان وٺي سنڌ جي الڳ تشخص بابت سياسي ۽ انتظامي حلقن ۾ ڳالھيون ھليون.سنڌ ۽ ھند جي مکيه اخبارن ۾ جيڪي انهي حوالي سان ايڊيٽوريل شايع ٿيا، اھي ڊيلي گزيٽ اخبار انگريزي ۾ ترجمو ڪري پنهنجن   صفحن ۾ شايع ڪندي ھئي. پنجاپ جون اخبارون  اڪثر ڪري لکنديون ھيون تہ سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي پنجاب سان الحاق ڪري. مطلب تہ  جيترا ھئا صحافت کي وات اوتريون ٿيون ڳالھيون.اھڙي مواد تي سنڌ جا ماڻھون بہ اخبار ۾ خط لکندا ھئا ۽ لس ٻيلي جي مير ايوب خان جو ھڪڙو خط ڇپيو ھيو ۽ ان ۾ ھن جيڪو خط لکيو ان ۾ ھڪ سنڌي چوڻي بہ سنڌيءَ ۾ ڇپي ھئي، جيڪا آھي: “ پنجابي ايڪ تہ ڀانئن….“    انگريزن جي زماني ۾ سنڌ جي ھر ھڪ ضلعي ھيڊ ڪوارٽر  ۾ “  سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ ٿيون جنهن بابت ھزار ڏيڍ کان مٿي صفحن جو مواد ھن اخبار ۾ شايع ٿيو ۽ اھو گل حيات ۾ موجود آھي.اھڙي نموني سان جڏھن سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جي تحريڪ ھلي تہ سنڌي مسلمانن مختلف ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ “ سنڌ آزاد ڪانفرنس“ سڏايون ۽ ھندن وري سنڌ کي الڳ نہ ڪرڻ بابت سکر،حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ڪانفرنسون سڏايون. ڊيلي گزيٽ اخبار  ھنن کي وڏي ڪوريج ڏني ۽ اھو سمورو مواد بہ گل حيات ۾ موجود آھي. 
    جڏھن انگريزن خلاف “مزاحمتي سياست“ جو آغاز ٿيو ۽ “عدم تعاون“ کان وٺي“ ھجرت“ تحريڪن جو آغاز ٿيو تہ ڊيلي گزيٽ اخبار سنڌي ۾ ڇپجندڙ اخبارن جھڙوڪ “سنڌ سڌار“ “ الحق“ ۽ “ سنڌ زميندار“ ۾ انهن تحريڪن خلاف شايع ٿيندڙ ايڊيٽوريلز جا انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڇپيندي ھئي.گل حيات جي ميڙي چونڊي ۾ اھو مواد بہ موجود آھي. مثال طور 28 مئي 1921 تي “ سنڌ سڌار“ اخبار “عدم تعاون تحريڪ“ جي خلاف ايڊيٽوريل لکيو جيڪو ڊيلي گزيٽ جي 30 مئي 1921 واري پرچي ۾ انگريزي ۾ ترجمو ڪري  شايع ڪيو ھيو. ان جو اقتباس ھيٺ ڏجي ٿو:
    ” The Non Co-opertors have nothing left to justify their policy that Non Cooperation  is not and has never been non-violent. it is destructive, aim less policy, engineered by diagrunted and disappointed agitators. 
    There is not a single constructive idea to be found in the doctrine .It is worst form of anarchy and those who preach it ought to be treated as preaching a doctrine subversive of law and order and ought to be kept in restraint as a danger to public safety. India is in need of several reforms and there is plenty of room with in the boundaries of the law to agitate for them.
    ڊيلي گزيٽ ۾ سنڌ بابت جيڪو تمام گھڻو مواد شايع ٿيو آھي اھو گھڻي ڀاڱي گل حيات ۾ موجود آھي.  باقي ان ۾ ڇپيل مواد جي آڌار تي جيڪا بابا سائين انڊيڪس ٺاھي رھيو آھي اھا بہ ڪنهن صورت ۾ ستر اسي صفحن کان گھٽ نہ ھوندي. ( ممتاز پٺاڻ)
    “ گل حيات ۾ موجود ڊيلي گزيٽ ۾ ڇپيل سنڌ بابت مواد“
       1883 ۾ ڪرنل ڪوري ( Colonel Corey) “ سنڌ گزيٽ“ جي نالي سان ڪراچيءَ منجهان اخبار ڪڍي جيڪا روزنامه نہ ھوندي ھئي  ۽ اھا  1904 ۾ روز نامه اخبار ٿي. پھرين جولاءِ 1915 تي ان جو نالو مٽائي “ڊيلي گزيٽ“ ڪيو ويو ۽ ھي اخبار ڪنهن ناغي کان سواءِ 1947 تائين نڪرندي رھي.
        بابا سائين  ( ڊاڪٽر پٺاڻ) 1884 کان وٺي 1947 تائين ان جو پرچو پرچو پڙھيو انهي منجهان ڪيترائي  نوٽس ورتائين ۽ ڳچ جيترو مواد ٽائيپ ڪرائي ورتائين ڇو تہ انهن ڏينهن ۾ فوٽو اسٽيٽ جي سھولت ايترو عام ۽ سستي ڪان ھوندي ھئي. بابا سائين انهن ڏينهن ۾ ڪراچي جي “ اسلاميه ڪاليج“ ۾ ليڪچرار ھوندو ھيو ۽ ڪاليج جي ڊيوٽي ڏئي “ پاڪستان آرڪائيوز“ جي لائبريريءَ ۾ وڃي اھا اخبار پڙھندو ھيو.لائبريريءَ جو چوڪيدار پٺاڻ ھيو ۽ بابو ھم – ذات ھجڻ جو فائدو وٺي ساري رات لائبريريءَ ۾ ويھي اخبار ڏسندو ھيو. بابا سائين ٻڌائيندو آھي تہ چوڪيدار بہ بي خبر ھيو ۽ بابا سائين کي بہ خبر نہ ھئي  ان ڪري ھڪ رات تازو فيميگيشن ٿيل اخبارن جا جلد پڙھندي بابا سائين بي ھوش ٿي ويو .کيس اللہ سائين بچايو جو انهي زھر کيس وڏو نقصان نہ ڏنو ۽ چوڪيدار تڪڙ ۾ کيس اسپتال وٺي ويو.
    “ڊيلي گزيٽ“ اخبار ۾ جيڪو سنڌ جي سياست، علم ادب، تعليم، ثقافت، سماج ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان واسطو رکندڙ مواد شايع ٿيو، ان جي آڌار تي اڄ ڪلھہ بابا سائين“ ڊيلي گزيٽ جي انڊيڪس“ ٺاھي رھيو آھي جنهن تي ڪيترن مھينن کان ڪم ڪيو اٿس ۽ اڃا شايد ٻٽي مھينا ڪم مڪمل ڪرڻ ۾ لڳي وڃنس.
       ھن اخبار ۾ سنڌ بابت تمام اھم مواد شايع ٿيو. مثال طور 1912 کان وٺي سنڌ جي الڳ تشخص بابت سياسي ۽ انتظامي حلقن ۾ ڳالھيون ھليون.سنڌ ۽ ھند جي مکيه اخبارن ۾ جيڪي انهي حوالي سان ايڊيٽوريل شايع ٿيا، اھي ڊيلي گزيٽ اخبار انگريزي ۾ ترجمو ڪري پنهنجن   صفحن ۾ شايع ڪندي ھئي. پنجاپ جون اخبارون  اڪثر ڪري لکنديون ھيون تہ سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي پنجاب سان الحاق ڪري. مطلب تہ  جيترا ھئا صحافت کي وات اوتريون ٿيون ڳالھيون.اھڙي مواد تي سنڌ جا ماڻھون بہ اخبار ۾ خط لکندا ھئا ۽ لس ٻيلي جي مير ايوب خان جو ھڪڙو خط ڇپيو ھيو ۽ ان ۾ ھن جيڪو خط لکيو ان ۾ ھڪ سنڌي چوڻي بہ سنڌيءَ ۾ ڇپي ھئي، جيڪا آھي: “ پنجابي ايڪ تہ ڀانئن….“    انگريزن جي زماني ۾ سنڌ جي ھر ھڪ ضلعي ھيڊ ڪوارٽر  ۾ “  سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ ٿيون جنهن بابت ھزار ڏيڍ کان مٿي صفحن جو مواد ھن اخبار ۾ شايع ٿيو ۽ اھو گل حيات ۾ موجود آھي.اھڙي نموني سان جڏھن سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جي تحريڪ ھلي تہ سنڌي مسلمانن مختلف ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ “ سنڌ آزاد ڪانفرنس“ سڏايون ۽ ھندن وري سنڌ کي الڳ نہ ڪرڻ بابت سکر،حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ڪانفرنسون سڏايون. ڊيلي گزيٽ اخبار  ھنن کي وڏي ڪوريج ڏني ۽ اھو سمورو مواد بہ گل حيات ۾ موجود آھي. 
    جڏھن انگريزن خلاف “مزاحمتي سياست“ جو آغاز ٿيو ۽ “عدم تعاون“ کان وٺي“ ھجرت“ تحريڪن جو آغاز ٿيو تہ ڊيلي گزيٽ اخبار سنڌي ۾ ڇپجندڙ اخبارن جھڙوڪ “سنڌ سڌار“ “ الحق“ ۽ “ سنڌ زميندار“ ۾ انهن تحريڪن خلاف شايع ٿيندڙ ايڊيٽوريلز جا انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڇپيندي ھئي.گل حيات جي ميڙي چونڊي ۾ اھو مواد بہ موجود آھي. مثال طور 28 مئي 1921 تي “ سنڌ سڌار“ اخبار “عدم تعاون تحريڪ“ جي خلاف ايڊيٽوريل لکيو جيڪو ڊيلي گزيٽ جي 30 مئي 1921 واري پرچي ۾ انگريزي ۾ ترجمو ڪري  شايع ڪيو ھيو. ان جو اقتباس ھيٺ ڏجي ٿو:
    ” The Non Co-opertors have nothing left to justify their policy that Non Cooperation  is not and has never been non-violent. it is destructive, aim less policy, engineered by diagrunted and disappointed agitators. 
    There is not a single constructive idea to be found in the doctrine .It is worst form of anarchy and those who preach it ought to be treated as preaching a doctrine subversive of law and order and ought to be kept in restraint as a danger to public safety. India is in need of several reforms and there is plenty of room with in the boundaries of the law to agitate for them.
    ڊيلي گزيٽ ۾ سنڌ بابت جيڪو تمام گھڻو مواد شايع ٿيو آھي اھو گھڻي ڀاڱي گل حيات ۾ موجود آھي.  باقي ان ۾ ڇپيل مواد جي آڌار تي جيڪا بابا سائين انڊيڪس ٺاھي رھيو آھي اھا بہ ڪنهن صورت ۾ ستر اسي صفحن کان گھٽ نہ ھوندي. ( ممتاز پٺاڻ)
  • تاريخي تقريرن جو وڏو خزانو گل حيات ۾ موجود آھي

    تاريخي تقريرن جو وڏو خزانو گل حيات ۾ موجود آھي

     
    20190330 144425
    “ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
    “  تاريخي تقريرن جو وڏو خزانو گل حيات ۾ موجود آھي.“ 
    اسان ھميشہ اھا پئي ڪوشش ڪئي آھي تہ گل حيات اداري ۾ اھڙن موضوعن تي مواد گڏ ڪيون جن جي تمام وڏي اھميت آھي ۽ جن تي ڪڏھن ڪم نہ ٿيو آھي.   تقريرون ۽ سپاس ناما ۽ ايڊريسون ھڪ اھڙو موضوع آھي جنهن تي ھن وقت تائين ڪم نہ ٿيو آھي. پر گل حيات ادارو انگريزن جي دور کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين سنڌ جي انگريز گورنرن، سياستدانن ۽ مشھور شخصيتن جون تقريرون گڏ ڪيون آھن ۽ انهن منجهان ڪيتريون گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھن جن منجهان گھڻي کان گھڻيون شھيد راڻي بينظير ڀٽو جون آھن ۽ ان کان پوءِ چڱيون خاصيون تقريرون اھي آھن جيڪي ڪراچي،لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، سکر ۽ حيدرآباد ۾ “ سنڌ پراونشل ڪانفرنسن“ جي موقعن تي ڪيون ويون. سائين جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ واري ٺھراءَ پيش ڪرڻ وقت جيڪا تقرير ڪئي ھئي اھا بہ ويب سائيٽ تي موجود آھي. پر گل حيات ۾ گڏ ٿيل تقريرن ۽ سپاس نامن مان اھي ٿوريون تقريرون آھن جيڪي اسان ويب سائيٽ تي رکيون آھن. اڄ پوسٽ جي شروعات ۾ مون جيڪا اخباري ڪٽنگ جي تصوير ڏني آھي اھا ڊيلي گزيٽ جي 15 ڊسمبر 1924 جي ڪٽنگ جي تصوير آھي جنهن ۾  تڏھوڪي گورنر  جيڪا لاڙڪاڻي ۾ تقرير ڪئي ان جو متن موجود آھي. انگريزن جي دور ۾ لڳ ڀڳ سمورا ممبئي جا گورنر ۽1936 کان پوءِ سنڌ جا گورنر سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ويا ۽ پنهنجون درٻاريون لڳرايون. کين ميونسپالٽين ۽ ضلعي لوڪل بورڊن سپاس ناما ڏنا. انھي ھيڏي ساري  وڏي خزاني جو چڱو خاصو مواد اسان وٽ موجود آھي.اھي گورنر درٻار سڏائي انهن ۾ سرڪار دوست ماڻھن کي لقب القاب، آفرين ناما ۽ ڪرسين تي ويھڻ جا اجازت ناما ڏيندا ھئا. انگريزن سنڌ جي اپر ڪلاس کي انهيءَ حڪمت عمليءَ وارن زنجيرن سان پڪڙي رکيو ۽ پنهنجو وفادار بڻايو.  انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي ڪھڙن ڪھڙن ماڻھن کي ڇاڇا مليو؟ انهن ھزارن ماڻھن جي لسٽ گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 
    “ سياسي چر پر“ جي نالي سان بابا سائينءَ ڪيترا سال اڳ ڪتاب لکيو جنهن ۾ انگريزن جي دور وارن ڪن مشهور سياستدانن جون تقريرون ڏنل آھن. ويب سائيٽ تي رکيل ۽ انهي ڪتاب ۾ ڏنل مواد کان سواءِ ٻيو تمام گھڻو مواد گل حيات جي ميڙي چونڊي ۾ موجود آھي جنهن ۾ گورنرن جون تقريرون،سياستدانن جون تقريرون، ادارن ۽ سياسي پارٽين طرفان ڏنل سپاس ناما پڻ موجود آھن. انهن سياسي پارٽين مان آڳاٽي “سنڌ مسلم ليگ“ ،“ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ، “ ھندوسڀا“ ۽ “ اينٽي سيپريشن موومينٽ“جا سپاس ناما شامل آھن. سياسي پارٽين جي سپاس نامن ۽ سياستدانن جي تقريرن ۾ سنڌ جي سورن جا مذڪور نظر اچن ٿا. اھڙي نموني سان گورنرن جي تقريرن ۾ وري حڪومت جي حڪمت عملين ۽ خدمتن جا تفصيل موجود آھن. انگريزن جي زماني ۾ سياستدانن تمام تفصيلي تقريرون ڪيون ۽ انهن منجهان ڪيتريون تقريرون تہ لڳ ڀڳ 100 صفحن تي مشتمل آھن. “لاڙڪاڻي سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ جي موقعي تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جيڪا صدارتي تقرير ڪئي، اھا ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي وئي. اھڙي نموني سان جمشيد مھتا جيڪا “ جيڪب آباد سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ جي موقعي تي  تقرير ڪئي اھا بہ پوءِ الڳ ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿي.
     اسان وٽ تاريخ دوستي تہ آھي پر“ تاريخي تحقيق“ جو شوق ۽ ڏانء  ڪونهي .ان ڪري اسان ماضي تي ڪم بہ ڪري نہ سگهيا آھيون  ۽ ان ڪري اسان ڪيترين اھم ۽ ضروري ڳالھين کان بيخبر رھيا آھيون. ان ڪري سنڌ جي تاريخ جا ڪيترا سچا ماڻھون اسان جي نظرن کان اوجهل ٿي ويا ۽ صورتحال اھا ٿي جو اھي موتي وڃي پاتال ۾ پيا ۽ ڪک حالتن جي پاڻيءَ ۾ مٿي تري بيٺا ۽ اسان انهن کي ئي آدرش ۽ معتبر ڄاڻي ويھي رھيا سين جيڪي آدرشن بدران بت هئا ۽ اھا بتن جي پوڄا اسان جي نظرين جو بنياد بڻجي وئي . انڪر ي ضروري آھي تہ اسان“ تاريخي تحقيقي“ ۾ دلچسپي وٺئون ۽ ماضي جو مطالعو روايتي اندازن جي بدران مختلف زاوين کان ڪيئون. تقريرن ۽ سپاس نامن جو مطالعو بہ پڻ ھڪ نئون زاويو آھي. شال اللہ اسان جي ادارن مان اوندھ ڪڍي ۽ اسان جي ذھنن ۾ ماضي جي مطالعي جي عشق جي ڪا لاٽ ٻاري تہ جيئن اسان کي پنهنجي نظرياتي جوڙ جڪ ۾ ڪي نوان رنگ ملائڻ جو موقعو ملي سگهي ۽ اسان حالتن کي صحيح طريقي سان تبديل ڪرڻ لاءَ نين سوچن ۽ لوچن کان ڪم وٺي سگهئون. 
    تقريرن سپاس نامن جي پس منظر ۾ بہ اسان جي سماجي روين ۽ انهن جي ڏڦيڙ جون کوڙ ڪھاڻيون موجود آھن. مثال طور لارڊ رپن کي سپاس نامي ڏيڻ واري مسئلي تي “ سنڌ سڀا “ جي گڏجاڻيءَ ۾ حسن علي آفنديءَ ۽ساڌو ھيرانند جي وچ ۾ “ تون ڇا تون ڇا“ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ “سنڌ سڀا “ ٽٽي پئي“ ۽ پوءِ ان مان “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ۽ “سنڌ ھندو سڀا“ جي نالي سان ٻہ پارٽيون جڙيون.سپاس نامن جي اھڙي پس منظر پٺيان لڪيل تاريخي حقيقتن وانگر تقريرن ۾ بہ کوڙ ساريون کلائيندڙ ۽ ڏکوئيندڙ ڪھاڻيون موجود آھن. ڇو تہ سياستدانن ڳالھيون ڪھڙيون ڪيون ۽ پوءِ ڪم ٻيو ڪيائون. مثال طور جڏھن سنڌ کي ممبئي کان الڳ ۽ آزاد ڪرڻ واريءَ تحريڪ دوران سنڌ ۾ ڪانفرنسون ٿيون تہ انهن ۾ ڪيترن مسلمان سياستدانن پنجاپ ۽ پاڪستان جي حوالي سان ھڪڙيون ڳالھيون ڪيون ۽ پنهنجي مقصد ماڻڻ کان پوءِ ڳالھين تان ڦري بيھي ويا.
    خير مونکي ٻين ڳالھين ۾ پوڻو ڪونهي پر   اھا گذارش ڪرڻي آھي تہ گل حيات اداري ۾ تقريرن ۽ سپاس نامن جو وڏو خزانو موجود آھي جنهن دوست يا اداري کي ضرورت پوندي تہ گل حيات جا دروازا سدائين کليل رھندا.( ممتاز پٺاڻ)
  • ھندو مسلم اتحاد لاءِ سنڌي ھندن جي مثالي ڪوششن جو گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    ھندو مسلم اتحاد لاءِ سنڌي ھندن جي مثالي ڪوششن جو گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    received 25532227282377971

    “گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
    “  ھندو مسلم اتحاد لاءِ سنڌي ھندن جي مثالي ڪوششن جو گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد “
       سنڌ امن ۽ انسان- دوستي جي ڌرتي رھي آھي. ھن ڌرتي جي آبادي ھندن ۽ مسلمانن تي مشتمل رھي آھي.ڪلھوڙن  جي دور ۾ ڪيترن ھندن سک ڌرم قبول ڪيو .پر پوءِ بہ سنڌ ۾ ھنن کي عوامي سطح تي ھندو ئي ڄاتو ويو. انگريزن “ ويڙھايو ۽ حڪومت ڪيو“ جي پاليسي اختيار ڪئي ان ڪري ھندو مسلم اتحاد کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.انهي ٻرندڙ باھ تي گاسليٽ وري سياست وڌو جنهن ڪري ھندن توڙي مسلمانن لاءِ ويڇا وسارڻ مشڪل ٿي پيو.ھونئن نہ تہ سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي تہ بلاشڪ ھندو مسلمان ڪن موقعن  تي وڙھيا بہ سھي، ليڪن وري اھڙو کير کنڊ ٿي ويا جنهن جو مثال نٿو ملي. ھڪ ٻئي جي مذھبي جاين ۽ درگاهن تي وڃڻ، اتان جي ريتن رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ سنڌي سماج ۾ امن توڙي اتحاد کي قائم رکڻ ھندو توڙي مسلمانن پنهنجو قومي ۽ سماجي فرض ڪري ورتو . پر سنڌ جڏھن گڏيل ھندستان جي وڏين پارٽين جو آکاڙو بڻجي وئي تہ انهن ھن ڌرتي جي امن ۽ اتحاد کي ڏاڍو نقصان ڏنو  پوء غلطيون ھندن بہ ڪيون تہ مسلمانن بہ ڪيون.مسلمان جيئن تہ گھڻائي ۾ ھيا ان ڪري ھنن سنڌ  جي امن ۽ اتحاد لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون.پر جيڪي ھندن اھڙيون ڪوششون ڪيون اھي ڪنهن بہ نموني ۾ مسلمانن جي ڪوششن کان گهٽ ڪو نہ ھيون.  بدقسمتيءَ سان انهن جو اسان جي تاريخ ۾ ايڏو وڏو ۽ کليو ذڪر يا تفصيل ڪونهي.گل حيات انهي ڳالھ  کي نوٽ ڪندي اھڙي قسم جون شاھديون ۽ گواھيون گڏ ڪندو اچي ٿو جن کي ڏسڻ پڙھڻ کان پوءِ مڃڻو ٿو پوي تہ سنڌ جي امن ۽ اتحاد لاءِ ھندن پڻ مثالي خدمتون سر انجام ڏنيون. انهي حوالي سان اسان ڪيترائي ڪتاب ۽ انهن کان وڌيڪ مضمون ۽ مقالا گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آھيون.
    ھندن جي اھڙين خدمتن تي تحقيقي ڪم ڪو نہ ٿيو آھي جيڪو ٿيڻ گھرجي .
    لعل چند امر ڏنو مل جڏھن سنڌ مدرسي ۾ استاد ھيو تہ ھن “ محمد رسول اللہ“ نالي ائني بسنت جو لکيل ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇپرايو هو. جنهن تي ڀوڳن چرچن ۾ ڪي ھندو کيس لعل چند بدران لال محمد سڏيندا ھئا.
     1941 ۾ ڪنئيا لعل ڪرپلاڻيءَ “اتحاد ناد“ نالي ڪتاب لکيو ، جيڪو “ سجاڳ ساھتيه منڊل“ ڪراچي ڇپرايو ھيو ھن ۾ ھندو مسلمان درويشن ۽ مذھبي ڪتابن مان ثابت ڪيو ويو ھيو تہ اسان ھندو توڙي مسلمان امن توڙي محبت جي ڏوري ۾ ٻڌل آھيون. 
    انهي کان اڳ جو ڳالھ کي اڳتي وڌايان، ھي مناسب ٿيندو تہ جن ساڃھ-وند ھندن سنڌ ۾  ھندو مسلم اتحاد کي بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ وڏيون قلمي ۽ علمي ڪوششون ڪيون، انهن جو ٿورو ذڪر ڪجي.
       ان زماني ۾ ڪيترن ھندو ليکڪن اسلامي تاريخ ۽ مسلم ڪردارن تي مضمون بہ لکيا ۽ ڪتاب بہ لکيا جن مان ڪي ھيءُ آھن:  “مغلن جي ڏينھن ۾  تعليم جي ترقي“ (موتي لعل بٽاڻي)، “ مينا“ مغل تاريخ جو گمنام ورق ( گوبند مالھي)،“تصوف“ (رامداس لکاڻي)،“ شھزادو سليم“( تاراچند)، سلطان حيدر علي“( پرمون ايم ڪوٽواڻي)،“ مغل بادشاھن جا خاص بادشاھي حق“( شيوارام ڀاڳچند)،“ فضول خرچي“( لکميچند رويچنداڻي)،“ زغلول پاشا جا قول“ ( گوبند مالھي)، “ ميران ٻائي ۽ اڪبر“( موتي لعل بٽاڻي).“ شاھ جهان جو موت“  اورنگزيب جو موت“( موتي لعل بٽاڻي)، “ مولوي احمد شاھ“ ( پارومل ڪيول رامائي)، “ بابر جو موت“( موتي رام بوٽاڻي)، “ جهانگير جو موت“( موتيرام بوٽاڻي)،“ خواج جا خط“( پروفيسر لوڪو مل ڪيواڻي)،“ خيام جا ڪوزا“( پرسرام ڀاٽيہ)،“ ٽيپو سلطان جي جوت تي سرسري نظر“( منوھر داس ڪوڙومل)،“ اقبال رومي جو طالب“( ڪلياڻ آڏواڻي).“ ابن يمين رومي جو طالب“( ڄاڃي لعل آھوجا)،“ مثنوي رومي مان ڪي آکاڻيون“ ( پروفيسر مول چند ٺڪر)، “ سلطان حيدر علي“( پريم اي جوتسنگهائي)،“ شيخ مصلح الدين سعدي شيرازيہ“( ڄاڃي لعل آھوجا)،“ شھنشاھ اڪبر اعظم“( ڪنعيالعل شوارام)،“ اسلام جو پيغمبر“( ھوتچند ڏيئول جڳتياڻي)، “ باغي “( قاضي نذرالاسلام )،“ نيلم ۽ ٻيون ڪھاڻيون“ ( خواجه احمد عباس)،“ فضول خرچي“ ( خواجه حسن نظامي)،“ زغلول پاشا جا قول“( احمد سعد زغلول)، “ شري ڪرشن“ ( نواب اڪبر يار جنگ بھادر) شامل آھن. 
    ھندو ليکڪن ۽ اديبن فقط نثر ۾ ڪو نہ لکيو پر جڏھن هندو شاعرن جي شاعري پڙھجي ٿي تہ لونئن ڪانڊارجي وڃي ٿي ڇو تہ انهن ۽ سندن قلم رت رنو ۽ انهي کي مس بڻائي ڏاڍي درد سان شاعري ڪئي آھي.کيئل داس “فاني “ جو ھي شعر ملاحظہ ڪيو : 
    مسلمان توکي نبيءَ جو قسم- نبي پاڪ جي بندگيءَ جو قسم.
    ھندو توکي راڌا- پتي جو قسم – اکنڊ آرتي استتي جو قسم.
    سڄڻ ساڻ رھ سڪ سلؤڪت رکي- نہ ڪر درشٽ کي ڀر شٽ غيرت رکي.
       ۽ وري شانتي ديويءَ جو ھي انداز ڏسو : 
    ھندو مسلم فرق ڪندو غرق اسان جو – اتحاد سان آزاد ٿيندو ملڪ اسان جو.
    شانت سان ناشاد وطن شاد ڪنديونسين- 
    ملڪ کي ميلاپ سان آباد ڪنديونسين.
    اتحاد جي آوزار سان آزاد ڪنديونسين.
    اولاد اکين تي ڪندو فرمان اسان جو.
    اتحاد ۽اتفاق آھ ايمان اسان جو.
    کيمچند ٽي پارواڻي نماڻو لکي ٿو تہ:  
    اچو وير ويڇا وساري ڇڏيون.
    ملي ساڻ محبت گلي کي گڏيون،
    پوي ڪاري ڪڏھين تہ سڪ مان سڏيون،
    ڇڏيون ڦوٽ ڊاھي تہ قومون وڏيون.
    سکو سبق تنهن مان ڪيون ايڪتا،
    “نماڻا“ پوءِ لاشڪ ٿئي سڦلتا.
       مون گل حيات جي ميڙي چونڊي مان ھي ٻہ ٽي مثال ڏنا آھن اسان وٽ  انهي موضوع تي چڱو مواد آھي ۽ اھو مختلف لائبريرين ۾ پڻ موجود ھوندو .ڪاش ڪنهن دوست کي اھو خيال اچي ۽ ھن موضوع تي مواد گڏ ڪجي تہ  ھوند ان مان سٺو ڪتاب جوڙي سگهجي ٿو.( ممتاز پٺاڻ)
     
  • سوشلزم بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    سوشلزم بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    20190328 134257
    “گل حيات جي گنج مان“
    “ سوشلزم بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“
        ماڻھن جو خيال آھي تہ روس ۾ ڪميونسٽ حڪومت جي قيام کان پوءِ سنڌ  سوشلزم ۽ ڪميونزم جو اثر قبول ڪيو.بلاشڪ سوشلزم ۽ ڪميونزم سياسي نظريا آھن پر اھي سماجي روپ ۾ سنڌ جي سماج ۾ اوائل کان نظر اچن ٿا. مثال طور اسان چوندا آھيون تہ “ونڊي کاءُ ايمان پاءِ“ ھن جو مطلب بہ اھو آھي تہ ذريعن ۽ وسيلن تي انفرادي نہ پر اجتمائي حق کي سنڌي سماج اوليت ڏني ٿو. سنڌي سماج ۾ “خواھشن“ کان وڌيڪ “ضرورتن“ تي توجه ڏنو ويو آھي. ان ڪري  ماضي قريب تائين ڪرت ڪندڙ ماڻھون ٻئي ڪرت ڪندڙ ماڻھو کان نقدي معاوضو نہ وٺندو ھيو. لوھر حجم کان مفت ۾ وار ٺھرائيندو ھيو، حجم ڊکڻ کان مفت ۾ کٽون ٺھرائي ايندو ھيو. اھڙي ريت  ھاري بہ ھٿين خالي لوھر،واڍي،حجم،ڊکڻ ۽ رنگريز کان پنهنجو ڪم وٺي ايندو ھو. جڏھن بٽئي ٿيندي ھئي تہ ھر ڪنهن کي حصو ملندو ھيو. انهي نظام کي ھڪ نظرئي طور لاڳو ڪرڻ لاءِ شاھ عنايت شھيد پنهنجي جان جي قرباني ڏئي “ جو کيڙي سو کائي“ واري ڳالھ ڪئي.
        سنڌ دنيا جي قديم ترين قومن مان ھڪ آھي ان ڪري ھن قوم جا مشاھدا ۽ تجربا باقي ٻين قومن کان آڳاٽا آھن. ان ڪري سوشلزم يا ڪميونزم پوءِ جا نظريا آھن ۽ سنڌي سماج صدين کان وٺي “اجتماعيت“ جو عملي نمونو پيش ڪيو آھي.
       جديد ڪميونزم سنڌي سماج ۽ سياست تي ڪھڙو اثر وڌو؟ انهي سوال جي جواب جي جستجوءَ ۾ منهنجي والد  انگريزن جي دور جو تفصيلي مطالعو ڪيو ۽ ان بابت مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. 1926 ۾ ڪميونسٽ حڪومت  ۽ نظام جا اثر سنڌي ٻولي ۽ ادب تي پوڻ لڳا. اھو ئي سبب آھي جو ڄيٺمل پرسرام انهي سال “ ساميه واد“ ڪتاب لکيو جيڪو دراصل انگريزي مان ترجمو ڪيو ويو ھيو. ھن کان ترت پوءِ وشنو شرما “ ھندستان ڪيئن پائمال ٿيو“ نالي ڪتاب لکيو.ھي اھو دور ھيو جڏھن ھندستان جي وڏين پارٽين ھاريءَ ۽ پورھيت جي مسئلن تي سوچڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي پنهنجي پارٽي پروگرام ۾ انهي ڳالھ کي شامل ڪيو.گڏيل ھندستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي بہ ٺھي چڪي ھئي. پر سنڌ ۾ سوشلزم يا ڪميونزم ھڪ سياسي نظرئي طور گھڻو پوءِ قبول ڪيا ويا . ليڪن ان دور جي اديبن ۽ ليکڪن سوشلزم ۽ ڪميونزم تي پنهنجي پنهنجي خيال سان لکيو.
    مون اڄوڪي پوسٽ ۾ بابا جي نوٽس جي ھڪ صفحي جي تصوير ڏني آھي ۽ اھا فيبروري 1927 جي ڪھاڻي ٻڌائي ٿي.   1927 کان وٺي 1947 تائين سنڌ ۾ ڪميونزم جي ڪھڙي ڪارڪردگي رھي؟ اھو تفصيل انهئ فائيل ۾ موجود آھي، جنهن منجهان مون ھڪ صفحي جي تصوير ڏني آھي.  فيبروري 1927 ۾ برٽش ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ سڪلت والا ڪراچي ۾ آيو ھو ۽ ڪنهن مشهور ڪميونسٽ ليڊر جو اھو سنڌ جو پھريون دورو ھيو. ھن جي اچڻ تي جھڙوڪ سنڌ جي نظرياتي حلقن ۾ ھل چل مچي وئي. ڪامريڊ سڪلت والا سنڌ ۾ آيو تہ انگريزي اخبارن نہ رڳو ھن خلاف ھاءِ گھوڙا مچائي، پر ڇوھ بہ ڇنڊيا. 7فيبروري 1927 تي “ ڊيلي گزيٽ“ اخبار جيڪا ڪراچيءَ  مان نڪرندي ھئي، ان پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ھن ڪامريڊ ۽ ڪميونزم خلاف زھر اوڳاڇيو .“ زرد صحافت“ جو اصطلاح تہ اسان ٻڌو آھي، پر ھن ايڊيٽوريل کي پڙھي مڃڻو ٿو پوي تہ “ زھر صحافت“ بہ ٿيندي آھي. ھن اخبار ڪامريڊ کي جھڙوڪ نسورو گهٽ وڌ ڳالهايو. ھي جملا ملاحظہ  ڪيو.
    But in any case, as your presence in Sindh can not possibly benefit a single one of its population,poor or rich, we beg you not to try but to take the first train and steamer back to Batter sea where the poor and ignorant with whom back streets are densely packed,love to hear your torrential talk…
      سنڌ جاگيردارانہ نظام جي انهي جديد دور مان گذري رھي ھئي، جنهن جو بنياد چارلس نيپيئر  1843 ۾ درٻار سڏائي، اپر ڪلاس کان آڻ مڃرائي انهن کي جاگيرون ڏنيون ھيون. ھي اھو زمانو ھيو جڏھن سنڌ ۾ مزدور يا ھاري طبقو سياسي  ۽ نظرياتي طور تي منظم ٿي نہ سگهيو ھو. ان ڪري اپر ڪلاس سندن نالي ۾ پارٽيون ٺاھي پنهنجي مفادن جي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. “ ھاري پارٽي“ شروع ۾ ھارين ڪا نہ ٺاھي ھئي پر زميندارن، پيرن ۽ صنعتڪارن ٺاھي ھئي ۽ پوءِ انهي اڳتي ھلي عوامي پارٽيءَ  ۽ ھارين جي حقداريءَ جو روپ ورتو. بابا سائين جي ھن نوٽس ۾ سنڌ جي انهيءَ سياسي ۽ نظرياتي تبدليءَ بابت چڱو خاصو مواد موجود آھي . 1946 ۽ 1947 ۾ سنڌ ۾ سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽيون ٺھيون جن منجهان “ دي سوشلسٽ پارٽي“، “ سنڌ بلوچستان ڪميونسٽ پارٽي“ ۽ “ فرينڊس آف سوويت يونين“ ذڪر لائق آھن. انهن پارٽين جي ڪارڪردگي بابت گھڻو ڪجه مواد بابا سائين جي ورتل نوٽس ۾ موجود آھي. ھي اھڙو موضوع آھي جنهن تي تفصيل سان ڪا تحقيق نہ ٿي آھي. جيڪڏھن ڪنهن اداري يا فرد کي انهي موضوع تي ڪم ڪرڻ جي خواھش ٿي تہ گل حيات جا دروازا ۽ اسان جون دليون انهي لاءِ کليل رھنديون.( ممتاز پٺاڻ)
  • سنڌي ٻوليءَ ۽ لپيءَ بابت گل حيات ۾ موجود مواد

    سنڌي ٻوليءَ ۽ لپيءَ بابت گل حيات ۾ موجود مواد

    20190329 1407021
     
    “ گل حيات جي ميڙي  چونڊيءَ مان“ 
    سنڌي ٻوليءَ ۽ لپيءَ بابت گل حيات ۾ موجود مواد“
         ابوالحسن کي موجوده سنڌي لپيءَ جو باني چيو وڃي ٿو، ھن 1700 عيسويءَ ۾ سنڌي لپي ٺاھي جيڪا 1851 تائين سنڌ ۾ مقبول رھي ۽ انهي ۾ سڌارا آڻي موجوده لپي ٺاھي وئي. پر انهي لپي ٺھڻ کان اڳ ۾ انگريز سرڪار سنڌي ٻوليءَ جي اھميت ۽ عظمت کي قبول ڪرڻ لاءِ وڏا قدم کنيا.
    8 مئي 1848 تي ممبئي سرڪار ھڪ ڪميٽي ٺاھي ۽ سول خواه ملٽري ۾ ملازمت وٺندڙ اميدوارن کان سنڌي ۾ امتحان وٺڻ جو فيصلو ڪيو. 22 جون 1848 تي ممبئي سرڪار اھڙي حڪم نامي جي ڪاپي سنڌ جي ڪمشنر ڏانهن انهي ھدايت سان ڏياري موڪلي تہ جيڪو ماڻھو سرڪاري نوڪري ڪري ان کان سنڌيءَ جو بہ امتحان ورتو وڃي.1851 ۾ جڏھن موجوده لپي جوڙي وئي تہ ان کان پوءِ موجوده لپي ۾ ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا. 6 سيپٽمبر 1851 تي سنڌ جي ڪمشنر پنهنجو سرڪيولر نمبر 1825 واسطيدار سرڪاري کاتن ڏانهن ڏياري موڪليو جنهن ۾ کين ٻڌايو ويو تہ سول ملازمت ڪندڙ آفيسرن کي لازمي طور تي سنڌيءَ جو امتحان پاس ڪرڻو پوندوم ان کان پوءِ عملدارن کان سال ۾ ھڪ دفعو سنڌي ۾ امتحان ورتو ويندو ھيو، جيڪو اھڙا عملدار ڏيندا ھئا جن اڳ ۾ اھو امتحان نہ ڏنو ھيو. موجوده سنڌي لپي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي سمورن ضلعي آفيسرن کي پابند بڻايو ويو تہ اھي سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي بڻائن.انھي حڪمنامي تي سختي سان عمل ڪرايو ويو.اھو ئي سبب آھي جو سنڌ جو قديم دفتري رڪارڊ سنڌي ۾ آھي.
       منهنجي اڄوڪي ھن پوسٽ لکڻ جو مقصد ھيءُ آھي تہ پڙھندڙن کي اھو ٻڌائي سگهان تہ موجوده سنڌي لپيءَ خلاف شروع کان وٺي پنهنجن ئي ماڻھن ڪات ڪھاڙا کنيا ۽ انهن ڪمزورين جو فائدو ٻين ٻولين ڳالھائيندڙن کي مليو. جڏھن 1851 ۾ سر بارٽل فريئر پنهنجي ڪمشنريءَ واري زماني ۾ موجوده سنڌي لپي نافذ ڪئي وئي تہ ڪن ماڻھن ديوناگيري لپيءَ جي حق ۾ تحريڪ ھلائي. تڏھوڪي سرڪار سنڌ ۾ لساني اختلافن کي پروان چاڙھڻ نہ ڏنو ۽ سرڪاري طور تي اھو فيصلو ڪيو ويو تہ جيڪو شاگرد ديوناگيري لپي ۾ تعليم وٺڻ چاھي، تہ وٺي سگهي ٿو. ڪراچيءَ ۾ ھڪ ديوناگري اسڪول بہ قائم ڪيو ويو ۽ پر اھو گهڻو وقت ھلي نہ سگهيو. ان کان پوءِ اڄوڪي ڏينهن تائين اھا سنڌي- عربي لپي اسان جي تعليمي نظام ۾ رائج رھي.پر ديوناگيريءَ لپي جي تحريڪ ڪڏھن ختم نہ ٿي ۽ انهي تي سنڌ جا ڪي ھندو عالم انگريزن جي دور جي پڇاڙيءَ تائين ڪم ڪندا رھيا ۽ لکندا رھيا. 
       اڄ پوسٽ جي شروعات ۾ جڪيا تصوير رکي اٿم اھا پڻ لپيءَ جي مسئلي تي آھي جنهن جا تفصيل بعد ۾ ڏيندس، پر اڳ ۾ ڪي ڪم جون ڳالھيون.
       سنڌ “لساني رواداري“ جو انساني تاريخ ۾ مثال قائم ڪري رکيو آھي. ھن ڌرتيءَ ھفت زبان شاعر پئدا ڪيا، ڪنهن بہ ٻولي سان بغض ۽ ظلم نہ ڪيو. عربي ۽ فارسي جو ادب سنڌين جي قلمي ۽ علمي ڏات سان ڀريو پيو آھي. پر ڏک جي ڳالھہ ھئ آھي تہ سنڌي زبان جنهن ۾ دنيا جي سڀني ٻولين کان اڳ ۾ قرآن شريف جي ترجمي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان کي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا آھن ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجن توڙي پراون وٽان جائز مڃتا ڪو نہ ملي آھي. اڄ بہ ڪيترن وڏن سنڌي گھراڻن ۾ جيڪي وڏن شھرن ۾ رھن ٿا، انهن جي گھرن ۾ بہ سنڌي نہ ٿي ڳالھائي وڃي ۽ نہ ٻارن کي پڙھائي وڃي ٿي.
    انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ ھندي،سنسڪرت، ديوناگيري ۽ اردو ٻوليءَ بابت ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ٿيون جن ۾ انهن ٻولين کي وڌيڪ مانوس ۽ مقبول بڻائڻ لاءِ جتن ڪيا ويا. آئون ھر ڪنهن ڪوشش تي تفصيل سان لکڻ ويھندس تہ ان لاءِ ھئ ھڪ پوسٽ ڪافي نہ ٿيندي. ان ڪري ھلندي ھلندي ڪي حوالا دوستن سان شيئر ڪرڻ مناسب ٿيندو  .
      29مارچ 1918 تي ڪراچي ۾ صوبائي “اردو ڪانفرنس“ ٿي ھئي جنهن جي صدارت مرزا قليچ بيگ ڪئي ھئي ۽ ان جي “استقباليه ڪميٽي“ جو چيئر مين عبدالرحمان بئرسٽر ھيو. انهي ڪانفرنس ۾ ٺھراءَ نمبر 4 ذريعي “ڪراچي ميونسپالٽي“ کان مطالبو ڪيو ويو ھيو تہ اھي اردو اسڪول قائم ڪري. ھيءَ ڳالھ ياد رکڻ گهرجي تہ 1916 جي شروعات ۾ ڪراچيءَ ۾ “ انجمن ترقي اردو“ قائم ٿي ھئي، جيڪا سالن جا سال ڪراچي ۾ سرگرميون ڪندي رھي،مشاعرا ڪرائيندي رھي ۽ ڪانفرنسون ڪرائيندي رھي.
    اردو کانسواءِ ھندي، سنسڪرت ۽ ديوناگيري لپين کي عام ڪرڻ لاءِ پڻ وڏيون ڪوششون ڪيون ويون . مارچ 1918 ۾ پنڊت لونيڊارام جي صدارت ۾  ڪراچي ۾ ڪانفرنس ٿي ھئي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ھيو تہ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ھندي کي بہ پڙھايو وڃي. 9نومبر 1919 تي “ سنڌ سنسڪرت اتيجڪ منڊل “ جي سھاري ھيٺ ڪراچي جي خالقڏني هال ۾ سنسڪرت ڪانفرنس ٿي ھئي جنهن طرفان سنڌ ۾ سنسڪرت ۽ ھندي کي مقبول بڻائڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي وئي. ھن منڊل ۾ تمام وڏا ناميارا ھندو ميمبر ۽ عھديدار ھيا جن منجهان ديوان تاراچند شوقيرا،راءِ بھادر سيٺ آلو مل ٽيڪمداس، پرنسپال شاھاڻي، پرنسپال ٽي ايل واسواڻي جا نالا ذڪر لائق آھن.
       جڏھن ڊاڪٽر دائود پوٽو تعليم جو ڊائريڪٽر ٿيو تہ ھن درسي ڪتابن ۾ اعرابون ڏياريون ، جنهن تي ڪيترن ھندن طرفان وڏي ھاءِ گهوڙا متي ۽ نيٺ سرڪار مجبور ٿي ڪري “ سنڌي ادبي بورڊ“ ٺاھيو ھيو. انهي زماني ۾ ڪيترن ھندو عالمن“ سنڌ ساھت سڀا“ نالي ھڪ تنظيم ٺاھي، جنهن طرفان ڪيترائي پمفليٽ ڪڍي ثابت ڪيو ويو تہ سنڌي جي “ سنڌي- عربي لپي“جي بدران “ديوناگري“ يا “سنسڪرت لپي“ تمام ضروري آھي. انهي سلسلي ۾ ڌرم ديو ڄيٽلي جيڪو پمفليٽ لکيو، ان جي تصوير ئي ھن پوسٽ ۾ شامل آھي.اهو سنڌي ساھت سڀا جو 5 نمبر پمفليٽ آھي جيڪو 10 صفحن تي مشتمل آھي.
         مون ھن پوسٽ ۾ ڪجه حوالا ڏنا آھن ۽ پوسٽ جي طويل ٿيڻ جي ڊپ کان ڪيترا حوالا ڪو نہ ڏنا اٿم پر 1848 کان وٺي 1947 تائين سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي موجوده لپيءَ کي جيڪي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا ۽ انهي جھيڙي دوران ٻين ٻولين کي تعليمي ۽ سماجي ميدانن ۾ جڳه ملي، اھو سمورو ۽  سربستو احوال ۽ مواد گل حيات ۾ موجود آھي. ( ممتاز پٺاڻ)
  • جرمني، جرمن ادب ۽ گل حيات ۾ ان بابت گڏ ٿيندڙ مواد

    جرمني، جرمن ادب ۽ گل حيات ۾ ان بابت گڏ ٿيندڙ مواد

     20190327 145609

    گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
    “ جرمني، جرمن ادب ۽ گل حيات ۾ ان بابت گڏ ٿيندڙ مواد“
         80 جي پھرين ڏھاڪي ۾ بابا سائين “سنڌ سگهڙ سنگت“ ٺاھي ۽ سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ کي ان جو وڏو بڻائي سموريءَ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گڏجاڻيون ڪري سگهڙن کي بيدار ڪيائين . سگهڙن جي نظرياتي ۽ ادبي تربيت ڪرڻ لاءَ ھفتي وار“ آزاد اخبار“ ۾ 50 ڪالم لکيائين ۽ اھا اخبار ڪيترن ئي سگهڙن تائين پھچايائين. سگھڙن جي ھڪ ڪانفرنس گوئٽي انسٽيٽيوٽ ڪراچي ۾ منعقد ڪرايائين. انهي ڪانفرنس ۾ سگھڙن کان “ ڏھس ۽ سينگار“  جا بيت چورايائين انهن بيتن ۾ سنڌيءَ  کان سواءِ مختلف ٻولين جا لفظ بہ استعمال ٿيندا آھن بابا سائين ڪن سگھڙن کان “ڏھس“ جا اھڙا بيت لکرايا جن ۾ انگريزيءَ جا لفظ گھڻا ڪم آندا ويا ھئا. اھي بيت جڏھن انهن گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ پڙھيا تہ اداري جا ڌڻي حيران ٿي ويا ۽  اداري جي ڊائريڪٽر تقرير ۾ چيو تہ جيڪڏھن “ سنڌ جا اڻ پڙھيل ماڻھون بہ ايترا ذھين آھن تہ پوءِ پڙھيلن جي ڪھڙي نہ وڏي اھميت ۽ حيثيت ھوندي“.
    ڪراچي جي گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ سگا جو باني ڊاڪٽر سليمان شيخ، انهن ڏينهن جو ليبر ليڊر منير چانڊيو ۽ بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ليڪچر ڏيندا ھئا. سگھڙن جي ڪچھري اتي ڪرائڻ کان پوءِ گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي عملدارن ۽ بابا سائين جي وچ ۾ گھري دوستي ٿي .پوءِ بابا سائينءَ “جرمني ۽ سنڌ جي سياسي، ادبي ۽ سماجي لاڳاپن“ تي تحقيق ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو.    سورھيہ بادشاھہ تي انگريزن جيڪي ڪوڙا الزام ھنيا ھئا انهن مان ھڪ الزام ھي بہ ھيو تہ پير پاڳارو جرمن کان اسلحو وغيره وٺي انهن جي سياسي سپورٽ سان سنڌ ۾ انگريزن خلاف بغاوت ڪري رھيو آھي. ان ڪري انگريزن پير ڳوٺ جي ڪوٽ کي بہ ڪيريو ۽ گڙنگ بنگلي تي بمباري بہ ڪئي ھئي.
      ضياءُ الحق جي مارشلا جا ڇتا ڏينهن ھئا ۽ سنڌ گرجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچئ ۾ “علام آء آء قاضيءَ  ڪانفرنس“ سڏائي . انهي موقعي تي صدارت سنڌ جو تڏھوڪو تعليم وارو وزير ڪري رھيو ھيو . بابا سائين انهي موقعي تي“ سنڌ ۾ انڊر گرائونڊ تحريڪون ۽ انهن ۾ جرمنيءَ جو حصو“جي عنوان سان پيپر پڙھيو، جنهن تي صدارت ڪندڙ وزير نہ ڪئي ھم نہ ڪئي تم بابا سائين کي ٺاھوڪيون ٻہ ٺپيون بہ ٻڌايائين ۽ پورو پيپر بہ پڙھڻ نہ ڏنائينس. بابا سائين جو اھو مضمون ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ماھوار رسالي “ الصادق“ ۾ ڇپيو ھيو. 
       جرمني ۽ سنڌ جي لاڳاپن تي ھن وقت تائين ڀرپور ڪم نہ ٿيو آھي. اسان فقط ايترو ڄاڻئون ٿا تہ ارنيسٽ ٽرمپ جرمني جي ليپزگ شھر مان شاھہ  لطيف جو رسالو ڇپرايو ۽ جنهن کان پوءِ سنڌ ۽ جرمني جا علمي لاڳاپا شروع ٿيا. اسان کي اھا خبر آھي تہ علامه آءآء قاضي جي گھر ڌياڻي ايلسا قاضي جرمن ھئي ۽ سندن شادي سنڌ ۽ جرمني جي رومانٽڪ لاڳاپن جو آغاز بڻيو.  پوء سنڌ جي ڪن ماڻھن جي گھر ۾ جرمن مايون گھر ڌياڻيون رھيون .اسان کي خبر آھي تہ مائي اينيميري شمل جرمني جي اھا اسڪالر ھئي، جنهن سنڌ جي تصوف ۽ صوفي شاعرن تي ڪم ڪيو ۽ ھن مائي کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ادبي حلقن ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو ھيو. 
       سنڌ ۽ جرمني جي اھڙن لاڳاپن ۽ رشتن تي ڀرپور تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي . جرمني ادب سنڌي ۾ ترجمو ٿيو آھي ۽ سنڌي شاعري خواه ادب وري جرمني ۾ ترجمو ٿيو آھي. ڄيٺمل پرسرام گلراج 1926 ۾ گوئٽي جو “فائوسٽ “  ڪتاب ترجمو ڪيو ،جنهن جي ڪاپي بابا سائين ڪراچي جي گوئٽي انسٽيٽيوٽ کي ڏني ھئي ۽ اھو 1982 ۾ شايع ٿيو ھو. مون انهي ڪتاب جي ٽائيٽل جي تصوير اڄوڪي پوسٽ جي شروع ۾ رکي آھي. ياد رکڻ گھرجي تہ جڏھن مھاڀاري جنگ ۾ جرمنئ مغربي ملڪن کي نڪ ۾ دم ڏنو تہ سنڌي ماڻھن انگريزن جي دشمني ۾ جرمن جي شخصيتن ۽ ادب جو نہ فقط مطالعو ڪيو، پر اھو ترجمو ڪري سنڌي ۾ بہ ڇپرايو. جيتوڻيڪ جرمني کي اتحادي ملڪن انسان دشمن ملڪ قرار ڏنو ۽ انهن تي يھودين جو قاتل سڏيو تہ بہ سنڌي ماڻھن، دشمن انگريز جي دشمن جرمني کي پنهنجو دوست سمجهو ۽ پنهنجي علمي خواه قلمي قبيلي ۾ ان کي پنهنجي انداز سان مانوس ڪرايو. انگريزن خلاف باغي اڳواڻن مان مولانا عبيداللہ سنڌي ۽ ٻيا ڪيترا ليڊر جرمني ۾ رھيا ۽ اتان انگريزن خلاف ڪم ڪندا رھيا.مولانا عبيداللہ سنڌي اتي ڪانگريس جي آئين تي نظرثاني ڪري پنهنجو آئين ڇپرايو ھيو جيڪو انگريزي ۾ آھي ۽ گل حيات ۾ موجود آھي. مان ان تي ھڪ الڳ پوسٽ لکي چڪو آھيان.( ممتاز پٺاڻ)
     
  • الوحيد اخبار جي سورن جي مذڪور بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    الوحيد اخبار جي سورن جي مذڪور بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

     20190326 131907

    گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
     “الوحيد اخبار جي سورن جي مذڪور بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“  
        سنڌي صحافت قائم ٿيڻ کان وٺي عوام کان الڳ نہ رھي آھي. مالي مشڪلاتن، حڪومتي دٻائن ۽ پارٽين جي پريشرن باوجود اخبارن ماڻھن جي مسئلن ۽ ڌرتي جي دردن کي ڪو نہ وساريو آھي . صحافت  جي اھڙي شاندار ڪارڪردگي اسان جي تاريخ جي ورقن ۾ سونھري باب وانگر ھميشہ محفوظ رھندي.
       “الوحيد“ اخبار سنڌي مسلمانن جي اھا واحد اخبار ھئي جنهن جون خدمتون ڪڏھن بہ وساري نٿيون سگهجن. ڊاڪٽر خان محمد پنھور مرحوم ھن اخبار تي پي ايڇ ڊي ڪئي. ان کان اڳ ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهئي سنڌي صحافت تي پي ايڇ ڊي ڪئي تہ ھن اخبار جي خدمتن تي روشني وڌئين. ھنن ٻنھي کان اڳ بابا سائين ( ڊاڪٽر پٺاڻ) پي ايڇ ڊي ڪئي، جنهن ۾ گھڻن کان اڳ “ الوحيد“ اخبار تي لکيائين.
        “الوحيد “ اخبار جو تمام گهڻو مواد گل حيات اداري ۾ موجود آھي. 1936 ۾ سنڌ ممبئي پرڳڻي کان الڳ ٿي صوبائي حيثيت ورتي تہ ان جو“ اسپيشل نمبر“ ڪڍيو ويو. انهي نمبر کي ڪجه سال اڳ ٻيھر اهو نمبر ڇپرايو ويو آھي ۽ گل حيات اداري ۾ ان جو نئون توڙي پراڻو ايڊيشن موجود آھي. 
      1920 کان وٺي 1947 تائين الوحيد ۾“ خلافت تحريڪ“، مسلم ليگ، “ ھندو مسلم لاڳاپا“، شڌي تحريڪ“، “نٿورام جو قتل ۽ قاضي عبدالقيوم کي ڦاهئ جي سزا“ ۽ “ مسجد منزل گاھ تحريڪ“ بابت جيڪو الوحيد اخبار ۾ مواد شايع ٿيو اھو ذري گهٽ سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي.
       الوحيد اخبار“ فيبروري 1920 ۾ جاري ٿي. ھيءُ “ خلافت تحريڪ“ جو زمانو ھيو ۽ سنڌي مسلمان انهي تحريڪ جي ڪري ترڪي جا دوست ۽ انگريزن جا دشمن بڻجي پيا. ھن اخبار جو نالو ئي ترڪي جي حڪمران “ عبدالوحيد“ جي نالي پٺيان رکيو ويو. “ خلافت تحريڪ“ در اصل انگريزن جي سياسي حڪمت عملين جي خلاف ھئي . ان ڪري ھن اخبار کي ڏکيا ڏينهن بہ ڏسڻا پيا. اڄ مون پوسٽنگ جي شروعات ۾ انهي اخبار جي 22 مارچ 1935 جي پھرين صفحي جي تصوير رکي آھي .جنهن ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ ڊسٽرڪ ماجسٽريٽ ڪراچئ ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جي قلم 144 ھيٺ اخبار کي ھڪ مھيني لاءِ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. ھي اھي ڏينهن ھئا جنهن ۾ نبي ڪريم صلي اللہ وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ نٿورام کي ڪورٽ ۾ قتل ڪندڙ غازي عبدالقيوم کي ڦاھي چاڙھيو ويو ھو ۽ ان جي ردعمل ۾ صحافت کان وٺي اسيمبلين جي ايوان تائين وڏو گوڙ ٿيو.دوستن کي ٻڌائيندو ھلان تہ نٿو رام وارو ڪتاب اصل ۾ پنجاب ۾ لکيو ويو ۽ اتي ڇپيو. ليکڪ تي ڪيس ھليو پر ان کي اتي آزاد ڪيو ويو. سنڌ ۾ نٿو رام انهي ڪتاب جو ترجمو ڪري ڇپرايو ۽ ھو پاڻ ڪيس ھلندي ماريو ويو ۽ کيس ماريندڙ غازي عبدالقيوم کي ڦاسي ڏني وئي. ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ حالتن ۾ ضابطي آڻڻ لاءِ  الوحيد اخبار تي ھڪ مھيني لاءِ نہ ڇپجڻ جي پابندي لڳائي.
       “ الوحيد“ تي اھو ڪو پھريون يا آخري سرڪاري عتاب ڪونہ ھيو. ھن اخبار تي سڀ کان پھريون  ولي محمد حسن علئ انڊين پينل ڪوڊ جي قلم 500 ھيٺ بد ناموسي جو ڪيس ڪيو ھو. ولي محمد حسن علي سنڌ مدرسي جي بانيءَ حسن علي آفنديءَ جو فرزند ھيو. ھو ان زماني ۾ اسپيشل ماجسٽريٽ،“ڪراچي ميونسپالٽي جو ميمبر“  ۽ “ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جو سيڪريٽري ھيو. ھن جو ڪيس 27 آڪٽوبر 1920 تي ڪراچي جي سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ ھليو ھو.
      ھن اخبار تي ڪيترائي ڪيس ٿيا ۽ انهن جو مواد گل حيات اداري ۾ موجود آھي ۽ اھو ايترو تہ گھڻو آھي جو ھن موضوع تي ايم فل ڪري سگهجي ٿي.1920 کان وٺي 1936 تائين ھن اخبار سرڪار ۽ سرڪار دوست ماڻھن جي ھٿان ڏاڍو ڀوڳيو. آئون سمورا تفصيل تہ ھتي ڏئي  نٿو سگهان پر  ڪن ٿورن ڪيسن جو مختصر احوال ڏيڻ چاھيندس.
       قاضي عبدالرحمان الوحيد اخبار جو ايڊيٽر ھيو. ھن کي ممبئي سرڪار 14 ڊسمبر 1920 تي انڊين پينل ڪوڊ جي قلم 124 الف ۽ 135 ھيٺ جيل ۾ وڌو ڇو تہ هن ھندو مسلم اتحاد ۽ عدم تعاون جي موضوعن تي اداريا لکيا. قاضي عبدالرحمان ڪورٽ جي شنوائين ۾ نہ تہ ڪو بيان ڏنو ۽ نہ وري پنهنجو ڏوھ باسيائين.
    1920 ۾ الوحيد اخبار ۾ جن ايڊيٽوريلس ۽ مضمونن سرڪار کي ڏمرائي وڌو، انهن جي لسٽ  بابا سائين تيار ڪئي آھي جنهن کي جيئن جو تيئن ھتي ڏيڻ مان مناسب ڄاڻان ٿو .بريڪيٽ ۾  اخبار جي پرچي جي تاريخ ڏني اٿم:
    “ڊيلي گزيٽ اخبار ۽ اسان“(5-8-1929)، “بغداد؟“ (19-8-1920)، “ تعليم جو سوال“( 31-8-1920)، “ ھندستان جو مستقبل“( 28-8-1920)،“ مسلمانن جي صورتحال ۽ سندن مستقبل“( 14-9-1920)، “ خلافت جو بچاءُ“( 18-9-1920)، “ انور پاشاجو خط“( 21-9-1920)، “ مسلمانن لاءِ سرڪاري لقبن ۽ ڪائونسلن جو مسئلو“( 6-10-1920)،“ لارڊ ڪرزن ۽ پرشيا“ ( 8-11-1920)، “ دک ۾ ديوالي نہ ملھايو – ڪائونسلن جو بائيڪاٽ ڪيو“ (10-11-1920)، 
    “ ھندو ۽ مسلمان ڀائر“ ( 16.10. 1920)، “سرڪاري اسڪولن جو بائڪاٽ  ڇو ڪجي“ ( 16.10.1920)، “ عدم تعاون اڻٽر آھي“( 2-11-1920)  وغيره.
        قاضي عبدالرحمان کان پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي ان جو ايڊيٽر ٿيو جنهن کي بہ 10 ھزار روپين جي ضمانت ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو.ھن کان پوءِ سيد جمال الدين بخاريءَ کي 25-11- 1922 تي شو ڪاز نوٽس ڏنو ويو،ھو ان وقت الوحيد اخبار جو مئنيجر ھيو .29-11-1922 تي اخبار جي ايڊيٽر دين محمد عليگ کي جيل اماڻيو ويو.  جنوري1923 ۾ ھن اخبار جي ايڊيٽر نبي بخش کي 4 سالن جي سزا ڏني وئي. 1936 ۾ ايڊيٽر کي ھزار روپيا ڏنڊ ۽ جيل جي سزا ڏني وئي.   مون ڏاڍو مختصر مختصر اھي ڪجه اشارا ڏنا آھن جنهن تي وڌيڪ تفصيل سان لکي سگهجي ٿو.( ممتاز پٺاڻ)
  • اڳي اسان جي ابن ڏاڏن کي ڇا پڙھائيندا ھيا

    اڳي اسان جي ابن ڏاڏن کي ڇا پڙھائيندا ھيا

    20190325 141231
     
    “ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
    “ اڳي اسان جي ابن ڏاڏن کي ڇا پڙھائيندا ھيا“
        اڄ مون پراڻن درسي ڪتابن جي ڇنڊ ڦوڪ ڪندي ھڪ اڌ ڪتاب جا ورق ورائي ڏٺم. ھڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ“ قائد اعظم محمد علي  جناح  جھرڪن ۾ ڄائو“. انهي سبق جي ڪاپي ڪيترا دفعا بابا سائين ۽ ٻين ماڻھن انٽرنيٽ تي شيئر ڪئي آھي، ان ڪري مون انهي کي ڇڏي سنڌي چوٿين درجي جي ڪتاب کي اڄ جي پوسٽ لاءِ چونڊيو اٿم ۽ انهي جي ٽائيٽل پيج جي تصوير بہ ڏني اٿم .ھي ڪتاب 1944 ۾ ڇپيو ۽ انهي جي قيمت 7 آنا 6 پايون آھي ۽ ان ۾ ڪل 87 سبق آھن ۽ 220 صفحن تي مشتمل آھي .اڪثر سبقن ۾ نھايت خوبصورت ۽ وڻندڙ تصويرون ڏنيون ويون آھن .ڪتاب جي مواد کي ڏسجي ٿو تہ اھو جيتوڻيڪ سيڪيولر انداز جو ناھي پر ان ۾ ھندن توڙي مسلمانن جي مذھب،تاريخ ۽ قدرن ۽ نظرين ۾ توازن رکيل نظر اچي ٿو.
         مون ھن ڪتاب کي غور سان ڏٺو ۽ ورق ورائي پڙھيو تہ جيئن اھو اندازو لڳائي سگهان تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي ان دور جو تعليمي نظام ڪھڙي معلومات ڏيندو ھيو. ان ڪري مون انهي جو سبق نمبر 54 “ انگريزن جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ مياڻي جي جنگ“ ور ور ڏئي پڙھيو. ڏک انهي ڳالھ جو ٿيو تہ 1944 ۾ سنڌ ۾ سنڌين جي حڪومت ھئي، نصاب ٺاھڻ ۽ نظرثاني ڪرڻ وارين ڪميٽيون بہ سنڌين جون ھيون ، پر ان دور جي ٻارن کي سنڌ جي تاريخ ٽوڙي موڙي ڪري پڙھائي ويندي ھئي. ھن سبق ۾ انگريزن کي بھادر ھوشيار ۽ ھيرو ڪري پيش ڪيو ويو آھي. جڏھن تہ حقيقت ان جي برعڪس آھي. نيپيئر 1843 ۾ ڌوکي سان سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ جيڪو ھندستان جي وائسراءِ کي اطلاع ڏنو ھيو ان جو سنڌي ۾ مطلب آھي “ مون ڏوھ ڪيو آھي“ ۽ انگريزي لفظ اٿس“  I have sinned “.
       سنڌ جي تاريخ سان اھڙي ويڌن ان ڪري ٿي آھي جو اسان سنجيدگيء  سان“ تاريخي تحقيق“ ۾ دلچسپي ورتي ئي ڪا نہ آھي. پنهنجو قلم ٻين جي ھٿن ۾ ڏنو اٿئون جن پنهنجي مرضي سان ۽ پنهنجن مقصدن لاءِ اسان جي شاندار ماضي جو حليو بگاڙي ڇڏيو آھي.
    مياڻي جي جنگ جي مختلف پھلوئن تي ھڪ کان وڌيڪ پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون ۽  جيترو بہ غير جانبدار ٿي لکبو تہ اوترو ئي انگريزن جي ملڪ گيري جي ھوس ۽  لالچ چٽي ٿي بيھندي.     مياڻي جي جنگ تي تمام گهڻو مواد موجود آھي پر جڏھن بہ انگريزن جي دور ۾ انهي موضوع تي لکيو ويو تہ ميرن کي ڏوھاري ۽ انگريزن کي ھيرو ڪري پيش ڪيو ويو .منهنجي ھٿن ۾ راءِصاحب اُڌارام چانڊومل ٿڌاڻي جو ڪتاب “ سنڌ جا مير ۽ مياڻيءَ جي جنگ بئتن سوڌي“ آھي. ھي ڪتاب دراصل 1896 ۾ ليڪچر جي صورت ۾ اڌارام چانڊومل ڏنو ھيو جنهن کي 1938 ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.ھن ڪتاب  ۾ بہ سليقو ۽ طريقو روايتي قسم جو آھي ۽ تاريخ تان پردا  ھٽائڻ لاءِ گهڻي غير جانبداري ڪا نہ ڏيکاري وئي آھي. پر مزي جي ڳالھ ھي آھي تہ انهي ڪتاب جي آخر ۾ لوڪ شاعرن جا مياڻيءَ ۽ دٻي جنگ تي بيت ڏنا ويا آھن، جيڪي نہ فقط واقعاتي بيت آھن پر انگريزن جي شروعاتي  دور جي اھا شاعري آھي جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ سياست تي عوامي ردعمل جو رڪارڊ موجود آھي. مناسب ٿيندو تہ مان انهي شاعري جون ڪي مصرائون پنهنجي پڙھندڙن جي اڳيان پيش ڪيان. 
    مٺيان لڳي مير کي ڪاوڙ قصد.
    جنگ ڪريسون، ملڪ نہ ڏيسون، واڻي مير ورايا.
    اَٿو انگريز اھڙو جنهن سان ھيڻي ڪوم ھلائي،
    گھڻيون ولانون ورتيون فلنگيءَ  دڙ ڪي ساڻ دٻائي!
    سنڌ نہ ڏجو، سورھيہ! پنهنجا مرد ڏجو مارائي.
    تنهن تي مڙيني ميرن مصلحت ڪي صوبا سڀ سڏائي،
    ڪاھي پيڙا ڪئمپ ۾، غازين ڪين گھٽايو،
    ڀڄائي اترام کي غازين غوراب لٽايو.
    اترام ڀڄي آيو پيو ٻيڙين ۾ ڪاھي،
    اچيو تنهن جرنيل کي ٿو ڳالھيون ٻڌائي.
        ڳالھ ماضي جي درسي ڪتاب جي ڪرڻي ھئي ۽ انهي منجهان فقط ھڪ سبق کي کڻي مون پنهنجي  اندر جا احوال اوريا ۽ اھو عرض ڪيو تہ سنڌ جي تاريخ تي منظم نموني سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ اھا ڳالھ جيڪڏھن اسان سمجهي ورتي تہ پوءِ اسان نہ فقط پنهنجي شاندار ماضيءَ کي بچائي سگهنداسين پر ان منجهان گهڻو لاڀ ڀي پرائي سگهنداسين. ( ممتاز پٺاڻ)
  • روح رھاڻ کان روح رھاڻ تائين

    روح رھاڻ کان روح رھاڻ تائين

     20190324 155612

    گل حيات جي ميڙي چونڊي مان.
    “روح رھاڻ کان روح رھاڻ تائين“
        ھنن پوسٽن ذريعي مون ڪن اھڙن تنظيمن ۽ اخبارن جي حوالي سان اھي ڳالھيون ڪيون آھن تہ ڪجه نالا اڄوڪي زماني ۾ جيڪي اسان کي نظر اچن ٿا، اھي نالا اڳ ۾  انگريزن جي دور ۾ بہ موجود ھئا.مثال طور اڄ اسان جي دور ۾ “سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ آھي، جنهن پنهنجي خدمتن ۽ محبتن سان ماڻھن جون دليون کٽيون آھن. ساڳي نالي سان ھڪڙي تنظيم ڪراچي ۾ ھوندي ھئي ۽ ٻي تنظيم وري شڪارپور ۾ ھوندي ھئي. انهن پنهنجي پنهنجي دور ۾ ۽ پنهنجي پنهنجي تر ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ انهن عوام ۾ سماجي خواه نظرياتي سجاڳي آڻڻ لاءِ ڪيترائي ليڪچر ڪرايا ۽ ٻيون سماجي خدمتون سر انجام ڏنيون انهن تنظيمن جو احوال ۽ سرگرمين جو  تفصيل گل حيات ۾ موجود آھي.
       پيپلز پارٽي جي نالي سان اڄ 2 پارٽيون اسان جي دور ۾ سرگرم عمل آھن. ڀاءُ ڀيڻ جي اختلافن کان پوءِ اھا ورھائيل پيپلز پارٽي اڳ ۾ سندن والد ذوالفقار علي ڀٽي ٺاھي، جيڪا 1972 کان وٺي ٿورن وقفن کان سواءِ پاڪستان ۽ سنڌ تي حڪمراني ڪندي آئي آھي. 
       انگريزن جي دور ۾  انهي نالي سان 1934 ۾ سرشاھنواز ڀٽي جي دور ۾ “ پيپلز پارٽي“ ٺھي ۽ اھو سندس پھريون جنم ھئو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سائين جي ايم سيد انهي نالي سان پارٽي ٺاھي ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي  ساڳي نالي سان پوء پارٽي ٺاھي ۽ اھو ڄڻ پيپلز پارٽي جو ٽيون جنم ھيو.
        اڄ مون پنهنجي پوسٽ جي شروعات ۾ “روح رھاڻ “   رسالي جي ٽائيٽل پيج جي تصوير ڏني آھي. اهو رسالو 1953 ۾ ممبئي مان نڪتو .انهي نالي سان پھريون رسالو انگريزن جي دور ۾ نڪتو جنهن جو ايڊيٽر ڄيٺمل پرسرام ھيو.اھو رسالو ٿياسافي مڪتب فڪر جو ترجمان ھيو ۽ ھوم رول ليگ جيڪو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر وڌو، ھي رسالو انهي اثر جي نشاني آھي.انهي رسالي سنڌ ۾ مذھبي سھپ ۽ امن خواه ڀائيچاري کي پروان چاڙھڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.ھن رسالي جون ڪيتريون ڪاپيون گل حيات ۾ موجود آھن. ورھاڱي کان پوءِ حميد سنڌيءَ ساڳي نالي “روح رھاڻ“سان رسالو ڪڍيو جنهن جا پرچا پڻ گل حيات ۾ موجود آھن.حميد سنڌيءَ جو رسالو “ روح رھاڻ“ سنڌ ۾ ھڪ ادبي ۽ نظرياتي تحريڪ بڻجي ويو ۽ ڪيترا سال حميد سنڌيءَ ۽ سندس ساٿين جھڙوڪ سنڌ ۾ ادبي اڳواڻي ڪئي ۽ مزاحمتي ادب جي اوسر کي وڏي ھٿي ڏني. ھن رسالي ۾ ڇپيل مواد صنف وار ڪتابي صورتن ۾ ڇپجي تہ اڄ بہ پڙھندڙن جي لاءِ ڪارائتو ٿيندو.
    بلڪل انهي ساڳي دور ۾ ممبئي مان روح رھاڻ جي نالي سان رسالو نڪتو،جنهنجو پايو وجهندڙ ڄيٺمل پرسرام ھيو ۽ ان جي ايڊيٽرياڻي ديوي آر .گلراج ھئي. ھن رسالي جون ڪجه ڪاپيون گل حيات ۾ موجود آھن. ھن رسالي ۾ اڪثر ڪري ڪٿائون، آکاڻيون، فيلسوفي، روحاني ۽ ادبي ليکہ ڄيٺمل پرسرام،لالچند امر ڏنو، آسانند مامتورا، امر لعل ھنگوراڻي،تيرٿ وست ۽ ٻين جي قلم مان ڏنا ويندا ھئا. رسالي ۾ تمام پراڻين اخبارن مان اقتباس پڻ ڏنا ويندا ھئا جھڙوڪ  پراڻي “روح رھاڻ“ ۽ “سرسوتي“ وغيره .ڄيٺمل پرسرام “ چمڙا پوش  جون آکاڻيون“ جي عنوان سان ڪتاب لکيو هو، جنهن مان ڪي آکاڻيون ھن رسالي ۾ ڇپبيون ھيون.رسالي ۾ اڪثر ڪري شاعري صوفي بزرگن ۽ سنتن جي ڏني ويندي ھئي. انهي منجهان سچل سرمست جي شاعري جو مثال عرض رکجي ٿو. 
      ڪيڙو مست پرين جي ڪنهن ناز مونکي،
    وسريو روزو ناھي ياد نماز مونکي.
    نيڻن ننڊ حرام آھي وت روز ازل،
    سرندو سوز سڄڻ جو آھي ساز مون کي.
    شوق شراب پيئان، پر وٽ، راتيان ڏينهان،
    ڪونهي قاضي ملان جو ڪو لحاظ مونکي.
    وائي وات ڪهائي ھوھو جي پرين،
    وري اچي ھو ھو پرين ڏانهن آواز مونکي.
    (اچو گل حيات جي گنج مان پنهنجو حصو وٺو ۽ ٻولئ جي جهولي ڀريو.
    ممتاز پٺاڻ
  • سنڌ جي اديبن جا بابا سائين ڏانھن لکيل خط

    سنڌ جي اديبن جا بابا سائين ڏانھن لکيل خط

     20190323 151433

    گل حيات جي ميڙي چونڊي مان.
    “سنڌ جي اديبن جا بابا سائين ڏانھن لکيل خط“
       خطن جي حوالي سان مان ھڪ پوسٽ اڳ ۾ بہ رکي چڪو آھيان، جنهن ۾ انهن خطن جو ذڪر ڪيو ھيم جيڪي پرڏيھي عالمن بابا ڏانهن لکيا.     1977 کان  بابا سائين علمي ۽ ادبي دنيا ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ اھڙين سرگرمين ۾ شرڪت ڪيائين .سندن اھو رڪارڊ خود سنڌ جي علمي،ادبي ۽ ثقافتي تاريخ کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو.
       اڄوڪي پوسٽ ۾ مون پير حسام الدين شاھ راشدي ۽ محمد ابراھيم ڄوئي جي خطن جو عڪس رکيو آھي. سنڌ جي جن مشھور شخصيتن ۽ سرگرم علمي خواه ادبي ۽ صحافين بابا سائين ڏانهن خط لکيا آھن ۽ اھي گل حيات ۾ موجود آھن،مناسب ڄاڻان ٿو تہ انهن مان ڪن شخصيتن جا نالا دوستن سان شيئر ڪيان، جيڪي آھن:  پير حسام الدين شاھ راشدي،جي الانا، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مخدوم طالب المولا،محمد ابراھيم جويو، حبيب اللہ ڀٽو شڪارپوري، ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ، تاجل بيوس، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، مخدوم جميل الزمان، امير بخاري، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، جبار“تاثير“،منظور ابڙو،ڊاڪٽر ممتاز بخاري ھالائي، پريل دايو “ پنو عاقلائي“، ڏاتر شر، صوفي محمد ايوب شر، آدرش، راشد مورائي، شيخ جمال آزاد، اياز گل، ادل سومرو، آزاد انور ڪانڌڙو، محمد رحيم ڪنڀر، نور سنڌي شھداد پوري، اصغر علي آڪاش،فھميده قريشي، ڊاڪٽر فھميده حسين، ظفر حسن، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، عباس سارنگ، ڊاڪٽر بدر سومرو، فضل سليمان قاضي، نفيس احمد شيخ، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، شوڪت حسين شورو،ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو،بيدل مسرور وغيره.
        مان 1977 کان وٺي بابا سائين ڏانهن لکيل انهن خطن کي ترتيب ڏئي رھيو آھيان .تمام کوڙ خط آھن جن مان ڪي نالا ڪڍي شيئر ڪيا اٿم ۽ آئون اھا ڪوشش ڪندو آھيان تہ جن شخصيتن بابا ڏانهن خط لکيا آھن انهن بابت ڪا معلومات بہ وٺندو ۽ گڏ ڪندو وڃان تہ ساڻن بابا سائين جو ڪيترو تعلق رھيو.  جن شخصيتن جا نالا ڏنا اٿم انهن بابت چاھيندس تہ ٿوري معلومات ھن پوسٽ ۾ ڏيندو ھلان.
    پير حسام الدين شاھ راشدي جڳ مشھور محقق ھيو ھو عمر ۾ ۽ علم ۽ نالي ۾ بابا سائين کان وڏو ھيو ، پر سندس وڏماڻهپائپ اھا ھئي تہ ھو پاڻ بہ بابا ڏي ايندو ھو ۽ بابا بہ ڏانهنس اڪثر ڪري ويندو ھو .اڄ جيڪو سندس خط مون ڏنو آھي اھو ھن 30.5.1978 تي لکيو آھي جنهن ڏينهن ھو بابا وٽ آيو ۽ ٻنهي جي ملاقات ٿي نہ سگهي. جنهن ڪري چٺي لکي ويو تہ “ مھرباني ڪري مون سان ڪنهن بہ ڏينهن صبح جو اچي ملي ويندا“. مرحوم جي الانا بہ عمر،تجربي ۽ نالي ۾ بابا کان وڏو ھيو پر ھن جي خطن ۾ سندس ماڻهپي جي خوشبوء موجود آھي. بابا جون بہ ھن سان گهڻيون ڪچھريون ٿينديون ھيون ۽ ھن جڏھن“ گنان“ ۽ سنڌ جي “ڪلاسيڪل شاعرن“ تي ڪتاب لکيا تہ ان تي بابا سان مشورا ڪندوھو، ۽ اھڙو ذڪر ھن ڪتابن ۾ بہ ڪيو آھي. بابا 1985 ۾ سنڌالاجي ۾ آيو ۽ انهي کان اڳ محمد ابراھيم جوئي سان سندس خط و ڪتابت رھي ۽ مرحوم جويو جڏھن ڪراچي ويندو ھيو تہ بابا ۽ ھن جي وچ ۾ ڪچھريون ٿينديون ھيون ۽ انهن ڪچھرين جي حوالي سان ھو حيدرآباد موٽي بابا ڏي خط لکندو ھو، اهي خط اسان وٽ موجود آھن .شڪارپور جو حبيب اللہ ڀٽو استاد بہ رھيو ۽ پوءِ ڪائونسلر بہ رھيو .ھو ڏاڍو سٺولکندو ھيو  ۽ سندس ڪتاب “ سنڌي ساھت ۽ مشھور مستشرقين“ وڏي اھميت وارو ڪتاب آھي . ھن بابا ڏانهن ڪيترائي خط لکيا جيڪي علمي ۽ ادبي حيثيت رکن ٿا. سنڌالاجيءَ مان جن مھربانن بابا سان چڱي خاصي تفصيلي خط و ڪتابت ڪئي، انهن مان بابا جو پي ايڇ ڊي گائيڊ ۽ استاد ڊاڪٽر غلام علي الانا،ميڊم مھتاب اڪبر راشدي ۽ شوڪت حسين شوري جا نالا ذڪر لائق آھن. انهي خط و ڪتابت جو چڱو خاصو حصو “ سنڌالاجيءَ سان منهنجو سھڪار“ جي عنوان سان گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو ابن بطوطه ھيو .ھي مثالي محقق ڪيترا دفعا گل حيات آيو. سندس خط و ڪتابت اسان وٽ موجود آھي. ڊاڪٽر حفيظ قريشي ۽ سندس ڀيڻ فھميده قريشي سنڌ جي نوجوانن جي لاءِ ٻہ مثالي ڪردار آھن. ھنن “ سنڌ قومي ساٿ“  نالي تنظيم ٺاهي سنڌي سماج ۾ مزاحمتي روين کي اڀاريو .ھنن مائي جندو جو ساٿ ڏنو ۽ ٽنڊي بھاول جي شھيدن جو پلاند وٺي ڏيکاريو. هنن ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو کوڙ مواد گل حيات ۾ موجود آھي، جن ۾ مادام فھميده قريشي جا خط بہ موجود آھن. ڊاڪٽر فھميده حسين موجوده دور ۾ تحقيق ۽ ادب ۾ وڏو نالو آھي. سندس ڪجه خط اسان وٽ موجود آھن.مادام نجمه شيخ جيڪا تازو وفات ڪري وئي انهي جي خطن جو  ھڪ مڪمل فائيل گل حيات ۾ موجود آھي. ھن وانگر سڪندر آباد، ٺري مير واه جي غازي محمد ايوب شر جا خط بہ ھڪ کان وڌيڪ فائيلن تي مشتمل آھن ۽ اسان وٽ موجود آھن.  مخدوم جميل الزمان  1985 کان وٺي بابا سان خط و ڪتابت ڪئي آھي ۽ سندس ڪيترا خط گل حيات ۾ موجود آھن.ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ ۽ بابا سائين  اسلاميه ڪاليج  ۾ گڏ ليڪچرار ٿيا ۽ سندن دوستي جو ناتو اڄ ڏينهن تائين ھلندو پيو اچي .ھن ڪيترا خط بابا کي لکيا جن تي مشتمل ھڪ پورو فائيل موجود آھي.
    مون اڄوڪي پوسٽ لکندي ۽ رکندي ذھن ۾ اھو سوچيو تہ پڙھندڙن کي اھا گذارش ڪيان تہ خط و ڪتابت اسان جي علمي ۽ ادبي سماجي ۽ سياسي تاريخ کي سمجھڻ ۽ مرتب ڪرڻ ۾ وڏي اھميت رکن ٿا. ھر ڪنهن قلم ڌڻي کي ھي شيون سانڍي رکڻ گهرجن ڇو تہ انهن منجهان سندن علمي ۽ ادبي قد بت ۽ حيثيت جي بہ خبر پوي ٿي ۽ ان سان گڏ وقت ۽ حالتن تي بہ روشني پوي ٿي. ( ممتاز پٺاڻ)