Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • سنڌي ساھت سوسائٽيءَ جي ماھوار رسالي بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    سنڌي ساھت سوسائٽيءَ جي ماھوار رسالي بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

     
    textgram 1554887073 
    گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
    “سنڌي ساھت سوسائٽيءَ جي ماھوار رسالي بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“
      گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ پراڻا رسالا آھن پر ججهي يا وڏي تعداد ۾ ڪونہ آھن. ليڪن بابا سائين ڪيترائي رسالا پڙھيا ۽ انهن مان نوٽس ورتائين جن کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ ھڏا جيڪڏھن ميڙي نہ سگھيا آھيون تہ گوشت اسان وٽ ضرور آھي. انهن پراڻن رسالن مان “سنڌي ساھت سوسائٽيءَ“ جو ماھوار رسالو بہ ھڪ آھي . لال چند امرڏني مل “ سنڌي ساھت سوسائٽي“ ٺاھي جنهن طرفان 1914 ۾ رسالو پڻ ڪڍيائين. رسالي جي آفيس پھرين حيدرآباد ۾ ھوندي ھئي پوءِ اھو رسالو 1920 ۾ ڪراچي جي “اين. ايڇ. پنجابي ائنڊ ڪمپني“ خريد ڪيو ۽ پوءِ اھو ڪراچي مان نڪرڻ لڳو.   لال چند امر ڏني مل سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ لاءِ ۽ علم ادب جي آبياري ڪرڻ لاءِ رسالي جي ڏاڍي وڻندڙ پاليسي جوڙي. رسالي جو سال جنوري کان شروع ٿيندو ھيو ۽ پوءِ جيڪڏھن ڪو ڊسمبر ۾ خريدار ٿيندو ھيو تہ انهي کي اڳيان جنوري کان وٺي سمورا پرچا ڏنا ويندا ھئا. ھڪ سال جي خريدار کي مفت ۾ ڊائري سان گڏ ھڪ ڪتاب بہ ڏنو ويندو ھيو. ھن رسالي طرفان جنوري 1925 کان وٺي “ شادي سوغات فنڊ“ ۽ “اسٽوڊنٽس پرائيز فنڊ“ جاري ڪيو ۽ جنوري 1926 کان وري “ اسپيشل پرائيز فنڊ“ جي شروعات ڪئي. ھن لاءِ رسالي جي خريدارن کان ڪي وڌيڪ پئسا نہ ورتا ويندا ھئا، پر رسالي جي سالياني چندي ڏيڍ روپئي مان ٻہ آنا ڪڍي  ھڪ آنو “ شادي سوغات فنڊ“ ۽ ھڪ آنو“ اسٽوڊنٽس پرائيز فنڊ“ جي نالي سان ڪراچي سينٽرل بئنڪ لميٽيڊ جي سيونگ ڊپازٽ ۾ رکيا ويندا ھئا ۽ انھي مان رسالي جي خريدارن جي مالي مدد ڪئي ويندي ھئي. مثال طور سمورن خريدارن مان ڪنهن ھڪ ضرورت مند خريدار کي “ شادي سوغات فنڊ “مان 50 روپيا ڏنا ويندا ھئا. شاگرد فنڊ انهن خريدار شاگردن کي ڏنو ويندو ھيو جيڪي سٺن نمبرن سان امتحان پاس ڪندا ھئا.
    ھي رسالو اڄ ڪنهن کي ياد ڪونهي پر بابا سائين جي نوٽس مان خبر پوي ٿي تہ بابا جنوري 1914 کان وٺي ڊسمبر 1929 تائين ھن رسالي جا سمورا پرچا پڙھيا آھن. رسالي ۾ ناٽڪ، ڪھاڻي ۽ مضمون جي صنفن تي مشتمل مواد شايع ٿيندو ھيو. آئون ھتي 15 سالن جا تفصيل تہ ڏئي نٿو سگهان پر پھرئين سال جي رسالي ۾ شايع ٿيل مواد جا تفصيل ڏيڻ مناسب ڄاڻان ٿو ملاحظه فرمايو: 1. “ ھر مکيءَ جا“ ( لالچند امر ڏنو مل  – جنوري 1914)، 2. “ ھير رانجهو ۽ سمون گندري“ ( ڄيٺمل پرسرام- فيبروري 1914)، 3. “ پريم جو مھاتم“ ( ڀيروچند مھر چند- مارچ 1914)، 4. “ مولانا رومي“ ( ليلارام پريم چند- اپريل 1914)،5. “ ٻہ منڊيون“ ( ديوان ڪوڙومل – مئي 1914)، 6. “ شيطان جي ناني“ ( مرزاقليچ بيگ- جون 1914)، 7. “ نورجھان“( ديوان بولچند ڏيارام- جوالءِ 1914)، 8. “ صحت سکيا“ ( ڊاڪٽر ھرنامداس- آگسٽ1914)، 9. “ سروجني“ ( نرملداس فتح چند- سيپٽمبر 1914)، 10. “ زيب النساء- آڪٽوبر 1914)، 11. “ سنڌي شعر“ ( مرزاقليچ بيگ- نومبر 1914)، 12. “ مھا ڀاري لڙائي“ ( ڄيٺمل پرسرام- ڊسمبر 1914) .
       ھن رسالي جي مختلف پرچن جي مطالعي مان خبر پوي ٿي تہ وقت بہ وقت سنڌي علم ادب جي ھيٺين صنفن تي مشتمل مواد پيش ڪيو ويندو ھو. 
    ناٽڪ: ھن صنف وارا پرچا سنڌي ٻولي جي مشھور ليکڪن جا لکيل ھوندا ھئا. جن ۾ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، خانچند  درياڻي ۽ لالچند امر ڏنو مل قابل ذڪر آھن. جن جا ھيٺيان ڊراما ھن رسالي ۾ ڇپيا . 
    “ علمدار ڪين رعيت آزار“ ( لال چند امر ڏنو مل) “ ڏکن ڏڌي زندگي“ ( لال چند امر ڏنو مل) “چٽ نہ چماٽ وچان ئي ٻي واٽ“ ( نانڪرام ڌرمداس) “ مومل ۽ مينڌرو“( خانچند درياڻي) “ موتئي جي مکڙي“ ( خانچند درياڻي) “ بزازين جو ناٽڪ“ ( ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي). 
    آکاڻيون: سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تاريخي نقط نگاه کان “ سنڌي آکاڻي“ جو ٻيو دور ھن ئي رسالي جي ابتدا سان شروع ٿيو. ھي رسالو سنڌي آکاڻي جي اوسر ۾ ھڪ اھم حد – نشان ھو. جنهن ۾ جهونن توڙي نون ليکڪن جون آکاڻيون شايع ٿينديون ھيون. ھي رسالو ان سال شروع ٿيو جڏھن پھرين مھا ڀاري لڙائي شروع ٿي. ھن رسالي ۾ جيڪي آکاڻيون شايع ٿيون انهن جو مختصر وچور ھن ريت  آھي. “ يوسف مصري “ ( پرمانند ميوارام) “
    “ چاند بيبي “ ( محمد صديق مسافر) “ بلوو“ ( آسانند مامتورا)“ زيب النساء “ ( محمد صديق مسافر). 
       منهنجي ھن پوسٽ لکڻ جو مقصد ھي آھي تہ جيئن آئون دوستن کي ٻڌائي سگهان تہ اڳئين زماني ۾ جڏھن رسالا نڪرندا ھئا تہ اھي نہ فقط علمي ۽ ادبي خدمتون سر انجام ڏيندا ھئا پر خريدارن جون سماجي ۽ مالي مددون بہ ڪندا ھئا. انگريزن جي زماني ۾ علم ڌڻين ۽ قلم ڌڻين انهي جذبي ۽ طريقي سان پنهنجي ڏتڙيل سماج کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪاش اھڙيون سوچون ۽ لوچون اڄ بہ اسان ۾ پئدا ٿين تہ ھوند اسان حالتن کي بدلائي سگهئون ٿا.پوسٽ لکڻ جو ٻيو مقصد ھي آھي تہ مان انهن غير مسلم سنڌي ڀائرن جي ادبي خدمتن جي ياد تازي ڪيان جن اھڙا بھترين ادبي ڪارناما سر انجام ڏنا .( ممتاز پٺاڻ)
  • گل حيات ۾ پريس ڪلپنگس جو خزانو

    گل حيات ۾ پريس ڪلپنگس جو خزانو

    20190409 134531
     
    “گل حيات ۾ پريس ڪلپنگس جو خزانو“
         گل حيات انسٽيٽيوٽ آگسٽ 1990 ۾ قائم ٿيو ۽ موجوده دور جي علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي انهي دور کان وٺي،بلڪه ان کان بہ اڳ واري دور کان وٺي شروع ڪئي سين. ڪتابن جي خريداري کان سواءِ ٻيو ٿڪائيندڙ ڪم اھو رھيو تہ انگريزي،اردو ۽ سنڌي اخبارن منجهان لڳ ڀڳ 200 اھم ٽاپڪس تي مواد ڪڍي پريس ڪلپنگس جا فائيل ٺاھيندا رھيا آھيون. مکيه 200 ٽاپڪس وري سب ٽاپڪس ۾ ورھائي مواد کي تاريخوار رکي فائيل ٺاھيندا آھيون. مثال ڪري وٺو “ اغوا“ ھڪ ٽاپڪ آھي ۽ ان
    جون سب ٽاپڪس آھن: 1. اغوائن جا واقعا، 2. ڌاڙيل . 3. اغوا ٿيندڙ ۽ 4. ردعمل ( ڌاڙيلن خلاف ڪاروايون ۽ انهن بابت اخبارن جا اداريا مختلف ماڻھن جا آرٽيڪل ۽ بيان). ھاڻي انهي حساب سان ھڪڙيءَ ٽاپڪ جا چار سب ٽاپڪس ٿيا.فائيل ۾ ھڪ سال جي معلومات ٿيندي آھي. ھن جو مطلب ٿيو تہ “اغوا“ تي ھڪ سال ۾ 4 فائيل ٿيا ۽ اسان جيڪڏھن 10 سالن تائين مواد جي ميڙي چونڊي ڪئي تہ ان جو ھي مطلب ٿيو تہ 10 سالن ۾  انهي ٽاپڪ تي اسان وٽ 40 فائيل موجود آھن.
    ساڳئي نموني سان اسان مکيه شخصيتن جو مواد بہ سب ٽاپڪ جي حساب سان الڳ فائيلن ۾ رکندا آھيون. شھيد راڻي بينظير ڀٽو بابت گڏ ڪيل پريس ڪلپنگس جا مکيه سب ٽاپڪس ھن ريت ٿين ٿا: 1. ڀٽي خاندان جو تاريخي پس منظر، 2. شھيد بينظير ڀٽو جو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ حصو. 3. شھيد بينظير ڀٽو جو لانگ مارچ ۾ حصو، 4. شھيد بينظير ڀٽي جي اقتدار جو پھريون دور. 5. شھيد بينظير ڀٽو جي اقتدار جو ٻيو دور، 6. شھيد بينظير ڀٽو ۽ مخالف سياسي پارٽيون، 7. شھيد بينظير ڀٽو جون سنڌ جي حوالي سان پاليسيون. بلڪل ائين ٻين مکيه سياستدانن جي باري ۾ ننڍن عنوانن ھيٺ ڪيترا فائيل رکئون ٿا.
    مون اھي ٻہ مثال ان ڪري ڏنا تہ جيئن دوستن کي آساني سان سمجهائي سگهان تہ جن 200 موضوعن تي اسان ڪم ڪيون ٿا، اھي جڏھن سب ٽاپڪس ۾ ورھايون ٿا تہ انهن جو تعداد تمام وڌي وڃي ٿو. ھڪ ڳالھہ جيڪا ذھن ۾ رکڻي آھي اھا اسان جي غير جانبداري آھي. اسان اھو نہ ڏسندا آھيون تہ ڪوئي اسان جو دوست آھي يا دشمن. ھن ڪم ڪندي اسان پنهنجي نفرتن ۽ محبتن جي جذبن مان جان ڇڏائي بنھہ غير جانبدار ٿي ڪري مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪندا آھيون. تاريخ نويسي جون تقاضائون محنت، وقت ڏوڪڙن ۽ جذبن جون وڏيون قربانيون وٺن ٿيون.
       اڄ ھن پوسٽ سان گڏ جيڪا مون تصوير ڏني آھي انهي ۾ ڪن مکيه موضوعن بابت نشاندھي ڪئي وئي آھي. انهن ۾ واقعا بہ اچي وڃن ٿا ۽“ ادار ، تنظيمون ۽ جماعتون“ بہ شامل آھن .پر انهي لسٽ ۾ شخصيتن جا نالا دوستن کي نظر نہ ايندا.لڳ ڀڳ ھزار شخصيتون ھونديون جن بابت اسان وٽ پريس ڪلپنگس تي مشتمل مواد موجود ھوندو سڀ نالا ڏيڻ تہ ناممڪن آھن ۽ انهن ۾ وري تحريڪ آزاديءَ جي ھزار کن سپاھين ۽ اڳواڻن جا نالا بہ آئون ھتي ڳڻائي نٿو سگهان. ڇو تہ  انگريزن جي دور جي شخصيتن جا سوانحي خاڪا، ھزار کن آزادي جي سپاھين جي نالن جو وچور ۽ انهن جي دکن دردن جون ڪھاڻيون اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن. انڪري ھتي آئون فقط پنهنجي دور جي ڪن سياسي شخصيتن جا نالا ڳڻائيندس جن بابت اسان سندن نالي ۾ پريس ڪلپنگس سان فائيل ڀري ڇڏيا آھن. ڪجه نالا ملاحظه فرمايو: سائين جي ايم سيد، محمد ايوب کھڙو،  شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد بينظير ڀٽو،  نصرت ڀٽو، غلام اسحاق خان، الطاف حسين، بيگم نسيم ولي خان، ضياءُ الحق، نواز شريف، شھباز شريف، يوسف جکراڻي، نثار احمد کھڙو، اجمل خٽڪ، غوث بخش بزنجو، سيد منور حسين، پروفيسر عبدالغفور، ڄام صادق، آصف زرداري، سيد عبداللہ شاھہ، سيد قائم علي شاھ، مظفر شاھ، غوث علي شاھ، مير مرتضا ڀٽو، غنوا ڀٽو، فاروق ستار، شيخ آفتاب، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر خالد محمود، يوسف رضا گيلاني، مير نادر مگسي، پير پاڳارو، مخدوم طالب المولا، مخدوم محمد امين فھيم، مخدوم جميل الزمان، مخدوم سعيد الزمان، اڪبر بگٽي، بشير خان قريشي، عبدالواحد آريسر، ڄام ساقي، مير علي احمد ٽالپر، ڊاڪٽر حميده کھڙو، محمد خان جوڻيجو، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ قاضي حسين احمد وغيره. اھي ٿورا نالا آھن جڏھن اسان پنهنجي دور جي ڪنهن بہ سياسي پارٽي جي ڪنهن مکيه ماڻھو کي نظرانداز نہ ڪيو آھي. 
        انهن شخصيتن کان سواءِ اسان جي دور ۾ سنڌي قوم پرستن، پيپلز پارٽيءَ ، جماعت اسلامي ۽ آء جي آء وارن مختلف تحريڪون ھلايون جن منجهان پيپلز پارٽي جي ايم آر ڊي تحريڪ وڏي ۽ مشھور رھي. انهن بابت بہ اسان وٽ ڪيترائي فائيل موجود آھن. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي قوم پرست پارٽيون آھن ۽ وفاقي سطح تي کوڙ ساريون سياسي پارٽيون آھن. انهن بابت پريس ڪلپنگس بہ گل حيات ۾ موجود آُھن. اوھان ڪنهن پارٽئ جو نالو وٺندا تہ ان بات پريس ڪلپنگس تي مشتمل فائيل گل حيات ۾ ضرور موجود ھوندو. 
    شخصيتن۽  پارٽين کان سواء اسان متفرق عنوانن ھيٺ ٻين موضوعن تي بہ مواد گڏ ڪيو آھي. جھڙوڪ سنڌي ادبي سنگت، صحافت، مکيه شھرن ۾ دھشت گردي، ڪالا باغ ڊيم، ھيومن رائيٽس، اقليتون، عورت ذات، شاھ لطيف، قلندر شھباز، سچل سرمست، سنڌ جي ورھاڱي بابت سازشون، آدم شماري، ٻار وغيره. ھتي مون ٿورا عنوان ڏنا آھن جڏھن تہ انهن جو تعداد انهن کان بہ ٻيڻو ٽيڻو آھي. 
    مون اڄوڪي پوسٽ ان ڪري لکي آھي تہ موجوده دور تي ڪم ڪندڙن محققن ۽ ليکڪن کي خبر پوي تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ پريس ڪلپنگس تي مشتمل ڪھڙو مواد پيو آھي تہ جيئن اھي جيڪڏھن چاھن تہ گل حيات جي ھن ميڙي چونڊي مان لاڀ پرائي سگهن.( ممتاز پٺاڻ)
  • سنڌ مسلم ليگ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    سنڌ مسلم ليگ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    received 629240160872457
     
    “ سنڌ مسلم ليگ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
       سنڌ جي سياسي تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا تہ آل انڊيا مسلم ليگ 1906 ۾ ڊاڪا ۾ ٺاھي وئي جنهن جو پھريون باني صدر سنڌ – ڄائو سر آغا خان ھيو. انهئ پارٽئ جو پھريون ساليانو اجلاس ۽ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ آخري ساليانو اجلاس سنڌ ۾ ٿيا. جھرڪن- ڄائي  قائد اعظم محمد علي جناح مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت سان پاڪستان جي تحريڪ ھلائي ۽ 1947 ۾ ھڪ نئون ملڪ وجود ۾ آيو.    اھا آل انڊيا مسلم ليگ 1938 ۾ سنڌ ۾  پير پاتا پر انهي کان اڳ سنڌ ۾ “سنڌ مسلم ليگ“ نالي ھڪ جماعت ھئي جيڪا 1917 ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ٺاھي ۽ جان محمد جوڻيجو ان جو سيڪريٽري ھيو. ٿوري وقت کان پوءِ انهي “ سنڌ مسلم ليگ“ جو صدر يوسف علي علي ڀائي ٿيو ۽ غلام علي چاڳلا ۽ حاجي عبداللہ ھارون ان جا سڪريٽري ٿيا.1925 ۾ ھن جماعت کي نئين سر منظم ڪيو ويو جنهن موجب سيٺ حاجي عبداللہ ھارون صدر ٿيو،سيد محمد ڪامل شاھ نائب صدر، ڊاڪٽر شيخ نور محمد سيڪريٽري ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ان جو  خزانچي مقرر ٿيا. 1934 ۾ وري ھن جماعت جي قيادت ۽ تنظيم ۾ تبديلي آئي ۽ سيٺ حاتم علوي جي صدارت ۾ ان کي نئين سر منظم ڪيو ويو. ياد رھي تہ “ سنڌ مسلم ليگ“ وڏين ڪوششن باوجود “ آل انڊيا  مسلم ليگ“ کان الحاق وٺي نہ سگهي. انهي دور ۾ “ سنڌ مسلم ليگ“ وري “ آل انڊيا مسلم “ کي وقت جي سرڪار جي ٺاھيل جماعت تصور ڪندي ھئي. 
       آل انڊيا مسلم ليگ آڪٽوبر 1938 ۾ سڏايل “ پھرين سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس“ ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ پير پاتو. انهي کان پوءِ “آل انڊيا مسلم ليگ“ جي سنڌي اڳواڻن “مسجد منزل گاه“ واري تحريڪ ھلائي سنڌي مسلمانن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو ۽ پوءِ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ پوئين ڏھاڪي ۾“ آل انڊيا مسلم ليگ “ سنڌ جي مقبول پارٽي بڻجي وئي.
       “سنڌ مسلم ليگ “ کان وٺي “ آل انڊيا مسلم ليگ  جي سنڌ شاخ“ تائين گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ تمام اھم مواد پيو آھي جيڪو معيار ۽ مقدار جي حوالي سان مثالي چئي سگهجي ٿو. ان کي جيڪڏھن مختصر لفظن ۾ موضوع وار ٻڌائجي تہ اھو ھن ريت ٿيندو :  1. سنڌ مسلم ليگ جو قيام ۽ ڪارڪردگي.2. آل انڊيا مسلم ليگ جي دور ۾ سنڌ ۾ قائم ٿيل برانچون ۽ انهن جون ڪارڪردگيون. 3. مسجد منزل گاه جي تحريڪ ۽ ان بابت مواد .4. مسلم ليگ طرفان شايع ڪرايل پمفليٽ پوسٽر ۽ ڪتاب. 5.  “سنڌ مسلم ليگ“ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي عھديدارن جا سوانحي خاڪا.6. آل انڊيا مسلم ليگ طرفان جاري ڪيل سرڪيولر ۽ نوٽيس.7 حاجي عبداللہ ھارون جا خط.8. سائين جي ايم سيد جا خط ۽ ٻيا دستاويزات.9. محمد ايوب کھڙي جا خط .( جيڪي ھاڻي ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪا آھن) ، 10. نوابزادي لياقت علي خان جا سنڌ مسلم ليگي اڳواڻن ڏانھن لکيل خط.11. 1938 کان 1947 تائين سنڌ مسلم ليگ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي وچ ۾ ٿيل سموري لک پڙھ . 12. 1938 ۾ سڏايل سنڌ مسلم ليگ پراونشل ڪانفرنس جي تفصيلي ڪاروائي ۽ مسلم ليگ تي ٿيل پي ايڇ ڊيز ۽ ايم فل جا مقالا ، وغيره
       اھو ايڏو وڏو ۽ ججھو مواد آھي جنهن جا هزارين صفحا آھن.ان منجهان ڪيترو مواد اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيو آھي. ھن ۾ اھڙا اھم دستاويز شامل آھن جيڪي ھن کان اڳ ڪن ڪتابن ۾ يا حوالن ۾ نہ ڏنا ويا آھن .مثال طور 1917 ۾ سنڌ مسلم ليگ مانٽيگو ۽ لارڊ چيلمسفورڊ کي آئيني سڌارن بابت پنهنجو ميمورنڊم ڏنو. جنهن جي پڙھڻ مان ثابت ٿئي ٿو تہ ھن آل انڊيا مسلم ليگ جي شاخ جي حيثيت سان نہ پر ھڪ خودمختيار سياسي پارٽي طور سنڌ جي آئيني ۽ قانوني تقاضائن مطابق پنهنجا مطالبا پيش ڪيا آھن. سنڌ مسلم ليگ جون سنڌ ۾ جيڪي شاخون ھيون انهن سمورن جو احوال ۽ سرگرميون اسان وٽ موجود آھن انهن منجهان جيڪڏھن ڪي نالا وٺبا تہ اھي آھن: ڪراچي، لاڙڪاڻو، سکر، جيڪب آباد، ميروخان، دادو، شڪارپور، گوزو، قمبر، تلھار، وارھ، شھداد ڪوٽ، بٺي، ٽنڊو محمد خان،مورو،بدين، ٻٽرا، ٽنڊو ڄام، محمد عالم پلي، نندو، سوڀوخان مگسي ٿرپارڪر،ڏوڪري ۽ محمد خان جروار وغيره. لاھور جي 1940 واري اجلاس کان پوءِ ڪراچي ۾ سنڌ مسلم ليگ جي خالق ڏني ھال ۾ وڏي ڪانفرنس ٿي ھئي جنهن ۾ شريڪ ٿيندڙن کان پاڪستان سان وفاداريءَ بابت ھڪ حلف نامو پڙھايو ۽ لکرايو ويو ھو اھو پڻ اسان جي اداري ۾ موجود آھي.
    مسلم ليگ تہ ھن وقت سنڌ جي سياسي افق تي نظر نٿي اچي پر پاڪستان ٺاھيندڙ ھن جماعت ۽ سنڌ جي تحريڪ آزادي ۾ خدمتن بابت اھم دستاويز اسان جي ماضيءَ جي انوکي ڪھاڻي ٻڌائن ٿا. اھو سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. ( ممتاز پٺاڻ)
  • سماجي تنظيمن ۽ سماج سڌارڪن بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيندڙ مواد

    سماجي تنظيمن ۽ سماج سڌارڪن بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيندڙ مواد

    20190406 132815
     
    “گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
    “ سماجي تنظيمن ۽ سماج سڌارڪن بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيندڙ مواد.
       گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪنهن سرڪاري، نيم سرڪاري يا درٻاري مالي خواه اخلاقي مدد کان سواءِ بي لوثيءَ سان تاريخي اھميت واري مواد جي ميڙي چونڊي ڪئي آھي. اسان جي محبتن ۽ خدمتن واريون ڳالھيون جڏھن ملڪي سرحدون ٽپي ويون تہ آمريڪا، برطانيه، ھالينڊ ۽ ھندستان کان ڪھي آيل عالمن کان علاوه سنڌ ۽ پاڪستان جي اڻ ڳڻين عالمن، دانشورن، سياسي اڳواڻن، مدبرن، صحافين ۽ سماجي ڪارڪنن ھن اداري جي پر خلوص خدمتن جي واکاڻ ڪئي آھي. اداري جي مڃتا جو اندازو انهي ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ نيڌر لئنڊ ۾ قائم دنيا جي وڏي کان وڏي آرڪائيوز جي اداري “ انسٽيٽيوٽ فار سوشل ھسٽري“ اسان جي اداري سان الحاق ڪرڻ لاء خط و ڪتابت ڪئي.
    گل حيات وس پڳي ڪيترن ادارن جھڙوڪ سچل چيئر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، لطيف چيئر، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي مواد ۽ معلومات فراھم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آھي. ھن اداري مان ڪيترا ماڻھون لاڀ پرائي ڊاڪٽر آف فلاسافي جي ڊگري وٺي چڪا آھن ۽ اھو سلسلو اڃا جاري آھي. 
       سنڌي سماج اسان جي سماجي سڌارڪن جي مۡحبتن ۽ خدمتن جي رنگ ۾ رتل آھي.انگريزن جي زماني ۾ خاص طور تي ھندن تہ سماجي خدمتن ۾ بي مثال ڪم ڪري ڏيکاريا. فقط ھڪ شھر شڪارپور کي ئي مثال ڪري وٺو، جنهن ۾ سيٺ اوڌوداس جڏھن اسپتال ٺھرائي ٿو تہ پنهنجو نالو انهي ڏاڪي ڏاڪي تي لکرائي ٿو جنهن تي چڙھي اسپتال ۾ ماڻھو اندر داخل ٿئي ٿو . ھن شھر ۾ “ سي اينڊ ايس ڪاليج“ آھي. جڏھن ڪاليج ٺھڻ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ويو تہ ٻن ھندن يعني چيلارام ۽ سيتل داس چندي ڏيڻ ۾ ھڪ ٻئي سان ريس ڪئي ۽ ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ  جي ڪوشش ڪئي تان جو پنچائت ويٺي ۽ ٻنھي کي ماٺ ڪرايائون  ۽ ڪاليج تي نالو ٻنھي جو رکيائون. جيئن تہ  چيلارام عمر ۾ وڏو ھو، ان ڪري ھن جي نالي جو پھريون حرف اڳ ۾ رکيائون ۽ سيتل داس ننڍو ھو جنهن جي نالي جو پھريون حرف پوءِ ۾ رکيائون. اندازو لڳايو تہ سماجي ڪم ۾ ريس ڪيئن ٿئي ٿي؟، ضد ڪيئن ٿئي ٿو؟ اھڙا مثال سنڌ کانسواءَ ٻيا ڪٿي ملندا. 
       گل حيات انسٽيٽيوٽ سماجي خدمتن ۽ سماجي سڌارڪن کي اھم موضوع ڄاڻي انهن بابت مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي پئي محفوظ ڪئي آھي. اوھان گل حيات جي ويب سائيٽ تي کوڙ سارن سماجي سڌارڪن جي زندگين جا احوال ۽ سندن سماجي خدمتن بابت گھڻو ڪجه پڙھي سگهندا. گل حيات ادارو انگريزن ڪي دور کان وٺي اڄوڪي دور تائين قائم ٿيل سماجي تنظيمن جي نالن جي ھڪ لسٽ ترتيب ڏني آھي، جيڪا طويل ترين لسٽ آھي ۽ ان ۾ ھزارين سماجي تنظيمن جا نالا ڏنا ويا آھن. اھڙي ريت  سماجي ڪارڪنن ۽ سڌارڪن جي نالن جي لسٽ پڻ جوڙي وئي آھي. منهنجي بابا ھن دور جي لڳ ڀڳ سمورين سماجي تنظيمن سان لاڳاپو قائم ڪيو ۽ ذاتي طور تي گذارشون ڪيون تہ اھي ميمبر شپ فارم جي فوٽواسٽيٽ ڪاپي گل حيات کي ڏين، پر ڪا جوڳي موٽ ڪان ملي جنهن جا وڏا روحاني راز ۽ ڪارڻ آھن. انهي ڪري جڏھن اسان اھڙي مواد گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ لڳ ڀڳ سموري مکيه سماجي ڏي خط لکي گذارش ڪئي تہ پنهنجي تنظيم کي تاريخ جي ورقن ۾ امر بڻائڻ لاءِ اسان سان تعاون ڪيو ۽ ھن ريت معلومات ڏياري موڪليو: 
    1. تنظيم جي آئين، منشور ۽ رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جي ڪاپي.
    2. تنظيم طرفان شايع ڪرايل عيد ڪارڊن، دعوت نامن، ڪتابن، سوينئرس، پوسٽرن، پمفليٽن ۽ اسٽڪرن جي ڪاپي.
    3. پروگريس رپورٽن جي ڪاپي.
    4. اخبارن ۾ تنظيم بابت شايع ٿيل خبرن، تبصرن ۽ رپورٽن جي ڪٽنگ جي ڪاپي.
    5. وزيٽرس بوڪ جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي.
    6. منٽس بوڪ جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي.
    7. موجودن ۽ سابق عھديدارن جا ڪوائف ( نالو،ولديت، ذات، ڄمڻ جي تاريخ، ڄمڻ جو ھنڌ، تعليمي لياقتون، روزگار، تنظيم سان وابستگي، عھدي ملڻ جي تاريخ ۽ ايڊريس) 
    اسان جي سوين خطن ۽ گذارشن جو کڙ تيل ائين پئي نڪتو آھي جو موڪليل ڪبوتر جو تہ ڇا پر ان جي ڪنهن کنڀ جي بہ خبر نٿي پوي. اجتماعي ڪمن ۾ ، قومي ڪمن ۾ ۽ ھن جھڙن تحقيقي ڪمن ۾ عدم دلچسپي، مسھپ ۽ بخل جهڙوڪ اسان سنڌين جي قومي نفسيات جو حصو بڻجي چڪو آھي.پر مايوس ٿيڻ وارا اسان بہ ڪو نہ آھيون ۽ سالن کان مواد جي ميڙي چونڊي جاري آھي ۽ اڳتي بہ جاري رھندي. 
      مون اڄ ھن پوسٽ ۾ جيڪا تصوير ڏني آھي اھا 6 صفحن تي مشتمل اسان جي اپيل آھي جيڪا اسان سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن ڏانهن ڏياري موڪليندا آھيون.
    گل حيات اداري ۾ چڱين خاصين سماجي تنظيمن جو چڱو خاصو مواد موجود آھي، جن منجهان “سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ ۽ “ سڪ پريت“  جو مواد ٻين تنظيمن کان وڌيڪ آھي. انهن ٻنهي تنظيمن سان بابا سائين جو گھرو واسطو رھيو آھي. ان ڪري  انهن ٻنهي تنظيمن کان مواد وٺڻ ۾ اسان کي آساني ٿي آھي. “ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ اھا پھرين تنظيم آھي جنهن بابا سائين کي پھريون گولڊ ميڊل ڏنو ھيو. بابا سائين ٻنهي تنظيمن جي پليٽ فارم تان ڪيترا ليڪچر بہ ڏنا ۽ انهن جي فنڪشنس ۾ مقالا بہ پڙھيا. ڪجه سال اڳ “ سنڌ گرجوئيٽس ايسوسيئيشن“ جي ڪراچي شاخ محترم اشرف کھاوڙ جي تحرڪ سان بابا کي ايوارڊ ڏنو ھيو. بيگم اشرف عباسي ۽ سندس پٽ حاجي منور عباسيءَ جن جي ٺاھيل ڪلھوڙا عباسي تنظيم بہ بابا سائين کي ميڊل ڏنا.  
          سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سنڌ جي سماجي تنظيمن بابت خبرون شايع ٿينديون رھن ٿيون. ڪڏھن ڪڏھن تنظيمن وارا پنهنجي فنڪشن جو اکين ڏٺو احوال يا رپورٽ بہ شايع ڪندا آھن. اسان اھو اخباري مواد سالن کان وٺي گڏ ڪندا ويندا آھيون ۽ جنهن مان ڪيترا جلد ٺاھي ورتا اٿئون . منهنجي ھن پوسٽ لکڻ جو مقصد اھو آھي تہ سنگت کي ٻڌائي سگهان تہ گل حيات اداري ۾ انگريزين جي دور کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين سماجي تنظيمن ۽ سماج سڌارڪن بابت چڱو خاصو مواد موجود آھي. ڪڏھن بہ ڪنهن اداري يا فرد کي انهي مواد جي ضرورت محسوس ٿئي تہ گل حيات ۽ اسان جي دلين جا دروازا ھميشه کليل رھندا.( ممتاز پٺاڻ)
  • ماھوار توحيد، ان جي انڊيڪس ۽ ان مان گڏ ڪيل مواد

    ماھوار توحيد، ان جي انڊيڪس ۽ ان مان گڏ ڪيل مواد

    20190407 141224 
    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
    “ ماھوار توحيد، ان جي انڊيڪس ۽ ان مان گڏ ڪيل مواد“
      انگريزن جي دور ۾ پير علي محمد شاھہ راشديءَ ۽ مولانا دين محمد وفائيءَ سياسي ۽ قلمي تحريڪن ۾ مثالي ڪم ڪيو .علي محمد شاھ راشدي صحافي ۽ سياستدان ھيو، جڏھن تہ مولانا دين محمد وفائي ديني عالم،محقق،سياستدان ۽ صحافي ھيو .ٻنھي شخصيتن ۾ زمين آسمان جو فرق آھي. وفائي مرحوم اسان جي ادبي، مذھبي ۽ سياسي تاريخ ۾ وڏو مقام ماڻي ٿو. “ وفائي“ سندس تخلص ھيو پر سندس شاعري ڪانہ ٿي ملي. ھن ڀلي انسان ھالا جي درگاھ، ٺلاھ جي درگاھ ۽ ٻين ھنڌن تي قائم ٿيل ڪتب خانن جو مطالعو ڪيو.ھن ڪيترائي بھترين ڪتاب لکيا،جن منجهان “تذڪره مشاهير سنڌ“  وڏي اھميت رکندڙ ڪتاب آھي.
      مولانا دين محمد وفائي خلافت تحريڪ ۽ ان کانپوءِ جي يو آءِ ۾ پنهنجون سياسي خدمتون سرانجام ڏنيون.خلافت تحريڪ دوران ھن سنڌ جي ديني عالمن کي گڏ ڪي خلافت تحريڪ جي ۾ فتوا لکي جنهن مان سندس عالمانا حيثيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. مرحوم “ ڪراچي مان توحيد رسالو“ ڪڍيو ۽ ان کان پوءِ “ آزاد “ اخبار سنڀاليائين. اھا “ آزاد“ اخبار سندس پٽ مرحوم علي نواز وفائي جي ايڊيٽري ۾ ھفتي وار اخبار ٿي نڪتي ۽ بابا سائين سال ڏيڍ ان جو ڪالم نگار رھيو. 
       اڄ بابا سائين مرحوم وفائي جي “ توحيد“ رسالي جي انڊيڪس ٺاھي پوري ڪئي ۽ اھي ئي پنا سندس اڳيان ھيا تہ مون مناسب ڄاتو تہ سنگت کي اھو ٻڌايان تہ “ توحيد“ رسالي مان اھو ڪھڙو مواد آھي، جيڪو گل حيات اداري ۾ گڏ ڪيو ويو آھي. “توحيد“ ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ چئن موضوعن کي وڏي اھميت ڏني: 1. پاڻ ديني عالم ھيو ان ڪري اسلام بابت ھن رسالي ۾ گھڻو مواد شايع ٿيو، 2. انگريزن جڏھن “ ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي حڪمت عملي تيار ڪئي تہ سنڌ جي مذھبي ڀائيچاري وارو ماحول مذھبي ڇڪتاڻ ۾ بدلجي ويو .خاص طور تي آريا سماجين اسلام جي خلاف گھڻو لکيو ۽ مولانا دين محمد وفائي توڙي سندس دوست ليکڪن اسلام تي اٿاريل اعتراضن جا جواب لکيا جيڪي “ توحيد“رسالي ۾ ڇپبا ھئا، 3. مولانا دين محمد وفائي ان دور جي وڏي انقلابي ديني عالم مولانا عبيداللہ سنڌي جو مداح ھيو. ان ڪري ھن پنهنجي رسالي ۾ مولانا عبيداللہ سنڌيءَ بابت بہ گھڻو مواد شايع ڪيو ۽ 4. مولانا وفائي مولانا عبيداللہ سنڌي جي فلسفي ۽ جي يو آءِ جي سياسي نظرئي سان لاڳاپو رکندو ھيو. انڪري ھن “توحيد“ رسالي ۾ مسلم ليگ، قائد اعظم ۽ پاڪستان بابت پنهنجي راءِ ڏني. اھو سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. فيبروري،مارچ ۽ اپريل 1947 جي “ توحيد“ رسالي ۾ “ پاڪستان ملي ويو“ جي عنوان سان لکي ٿو تہ : 
    “ لاھور ۾ جنهن پاڪستان جو تخيل قائم ڪيل ھو ۽ جنهن تصور جي ماتحت ملڪ ۾ ايڏو ھنگامو پيدا ڪرايو ويو ھو، اھو پاڪستان نہ مليو. پر بنگال جو اڌ ۽ آسام جو فقط ھڪ ضلعو ۽ پنجاب جي 13 ضلعن گھٽ پاڪستان جي شڪل اختيار ڪئي. حساب موجب ساڍن چئن ڪروڙ ھندستاني مسلمانن کي غير مسلمانن جي رعيت بڻائي، دھليءَ جو مقدس شھر ۽ جامع مسجد جو متولي بہ ھندن کي ڪري پوءِ پاڪستان جو ڏتڙيل علائقو حاصل ڪيو ويو آھي“. 
    وري مئي جون جولاءِ واري  “توحيد“ جي گڏيل پرچي ۾ راءِ قائم ڪري ٿو تہ پاڪستان جي جمھوري نظام ۾ اسلامي قاعدا قانون لاڳو ٿيڻ ناممڪن آھن. ان سلسلي ۾ سندس لفظ آھن: “ ھاڻي جنهن حالت ۾ قائد اعظم مسٽر محمد علي جناح پاڪستان قانون ساز اسيمبليءَ جي پھرين ابتدائي اجلاس اندر صدر جمھوريت جي حيثيت ۾ اعلان ڪيو آھي تہ پاڪستاني حڪومت ۾ اسلام يا ھندو ڌرم کي ڪو دخل نہ رھندو تہ ان حالت ۾ اسلامي حڪومت جو مطالبو ڪرڻ سراسر غلط آھي ،البته ڪن بنيادي ڳالھين ۾ جيڪڏھن اسلام جي ٿورن بنيادي اصولن کي تسليم ڪيو وڃي  ۽ مسلمانن جي ضروري، شرعي فيصلن لاءِ ڪي قاضي مقرر ڪري محڪمه قضا کوليو وڃي، کلي ريت شراب جي واھپي يا ان جي ٽيڪس وصول ڪري کائڻ پاڪستاني گورنمينٽ روڪي ۽ کليل سر بازار زنا تي بندش پئجي وڃي تہ پوءِ ڪجه نہ ڪجه ماڻھن کي ڏسڻ ۾ ايندو تہ اسلامي حڪومت جو اولڙو پاڪستان جي سر زمين تي پئجي رھيو آھي.“ 
       مولانا دين محمد وفائي پنهنجي دور جي سياسي حالتن ۽ ڪراچي کي سنڌ کي ڇنڻ وارين سازشين خلاف وڏي دليرانہ انداز سان لکيو آھي. “ توحيد “ رسالي جا اھي ۽ اھڙا ايڊيٽوريل گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرائجن تہ ھوند ماضي قريب ۾ سنڌ جي سورن جي مذڪورن کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملي. 
    بابا سائينءَ مرحوم علي نواز وفائي جي مھربانيءَ سان سندس “ آزاد“ اخبار جي دفتر ۾ ويھي توحيد رسالي جا سمورا پرچا ڏٺا. انهن منجهان ڪيترو مواد پنهنجي ھٿن سان نوٽ ڪيو اٿس. ڪيترو مواد وري فوٽو اسٽيٽ ڪرايو اٿس ۽ لڳ ڀڳ سمورن موجود پرچن جي فھرستن کي الڳ لکيائين ۽ انھن جي آڌار تي پنهنجا نوٽس آڏو اکي اڄ “ توحيد“ رسالي جي انڊيڪس تيار ڪري ورتي اٿس. موقعو مليو تہ انھي انڊيڪس جي حوالي سان ۽ “ توحيد“ رسالي جي حوالي سان وڌيڪ ڳالھيون ڪنهن ٻي پوسٽ ۾ ڪندس. ( ممتاز پٺاڻ)
  • عشق نہ آھي راند، جو کيڏنس ڳڀرو

    عشق نہ آھي راند، جو کيڏنس ڳڀرو

    20190405 140117

    “ عشق نہ آھي راند، جو کيڏنس ڳڀرو“
    گل حيات اداري ۾ مواد ۽ ميڙي چونڊي ڪرڻ جو طريقو.
      “ تخليق“ امر عمل آھي. سنڌ ۾ بي مثال ادب ۽ شاعريءَ جي تخلق ٿئي ٿي. “ترجمو “ اسان جي ادبي عمل جو اھو حصو آھي جنهن تي اسان جي ليکڪن بھتر توجه ڏنو آھي. “ تنقيد“ ادب لاءِ نھايت اھم ۽ ضروري آھي. اسان وٽ پٽڪي ڊاھہ کان وٺي ادبي شھپارن جي پرک تائين تنقيدي عمل بہ روان دوان آھي. “تنظيم“ جو مطلب آھي ادبي حوالي سان ادارا ٺاھڻ ۽ تنظيمون جوڙڻ. اسان وٽ سرڪاري ادارا وڌيڪ نہ پيا جڙن پر علمي ۽ قلمي قبيلن پنهنجون کوڙ ساريون تنظيمون ۽ جماعتون جوڙي ورتيون آھن. جنهن ڳالھہ جي اسان وٽ گھڻي کوٽ آھي، اھا آھي “ تحقيق“. ھن شعبي ۾ شوق ۽ ڊگرين جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم تہ ٿئي ٿو پر سنڌ جي تاريخ جي تقاضائن مطابق تحقيق نٿي ٿئي. اھي سرڪاري يونيورسٽيون ۽  ادارا جيڪي تحقيقي ڪرائن ٿا ھي انهن جو فرض آھي تہ “واقعن“، “ ادارن“ ۽ “شخصيتن “کي ڌيان ۾ رکي  سنڌ  جي تاريخي تحقيق جا موضوع مقرر ڪن ۽ پنهنجي ڊگري وٺندڙ شاگردن کي پابند بڻائن تہ ھو انهن مقرر ڪيل موضوعن مان ڪنهن  بہ پنهنجي پسند جي موضوع کي کڻي تحقيق ڪن. موضوعن جو اھو جامع وچور سڀئي يونيورسٽيون گڏجي ٺاھن ۽ ان تي عمل ڪرائن.
       گل حيات انسٽيٽيوٽ انهن ٽنهي زاوين: شخصيتن،واقعن ۽ ادارن يا تنظيمن يا پارٽين کي ڌيان ۾ رکي سنڌ جي تاريخ تي مواد ۽ معلومات گڏ ڪندو آھي .
       اسان شخصيتن بابت ڪيئن ٿا مواد گڏ ڪيئون ان جو طريقو ھي آھي تہ 1. سنڌ جي شخصيتن بابت انگريزي، اردو ۽ سنڌي ۾ ڇپيل ڪتاب گڏ ڪرڻ، 2.  سنڌ جي شخصيتن بابت انگريزي، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾  ڇپيل مضمون گڏ ڪرڻ، 3. شخصيتن بابت سوانحي خاڪا لکڻ ۽ 4. سياسي اڳواڻن جي بيانن، پريس رليزن،خبرن ۽ انهن بابت لکيل مضمونن ۽ ايڊيٽوريلس جون فهرستون ٺاھڻ . اڄ پوسٽ سان گڏ جيڪا تصوير ڏني اٿم اھا فهرستن جي آھي.
    گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ “ بايو گرافي“ جي نالي سان لائبريري ۾ ھڪ الڳ سيڪشن آھي جنهن ۾ سوين ڪتاب موجود آھن. اسان ڪوائف نامي جو پروفارما ڇپرائي پاڻ وٽ رکيو آھي ۽ سوين اديبن، شاعرن، اداڪارن، سگھڙن، صحافين وغيره کان سندن ھٿ اکري ۾ اھي ڀرائي رکندا آھيون. اھو مواد ڪيترن جلدن تي مشتمل آھي ۽ اسان ان جي فوٽواسٽيٽ ڪاپي ڪرائي جلد ھڻائي“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ کي پڻ ڏني آھي. اسان جي ويب سائيٽ تي ڪيترن صحافين ۽ ايڊيٽرن جو سنڌي ۾ احوال موجود آھي. اھڙي ريت انگريزي ۾ وري سوين سياستدانن، سماجي ڪارڪنن، ليکڪن ۽ شاعرن جي مختصر سوانح حيات پڻ ويب سائيٽ تي موجود آھي. 
    “ڪنٽنٽ “ “انڊيڪس “، “ ڪرانالاجي“ ۽“ ببليو گرافي“ اسان تحقيق جا اھم انسٽرومينٽس ڪري ڄاڻندا آھيون. “انڊيڪس“ نہ فقط اسان ڪيترن اخبارن ۽ رسالن جي ٺاھي آھي ۽ ان تي اڃا ڪم ھلي پيو، پر خاص طور تي سنڌ ۽ پاڪستان جي مشھور سياستدانن جي اخباري مواد جي انڊيڪس ٺاھيندا آھيون. چوڻ جو مقصد اھو آھي تہ جنهن شخصيت جي مواد جو فائيل ھوندو انهي فائيل جي پھريون اسان “فھرست“ ٺاھيندا آھيون ۽ شخصيتن جي سمورن فائيلن کي آڏو رکي جامع “انڊيڪس“ تي ڪم ڪندا ويندا آھيون. ھي ڪم آھي ڏکيو پر اسان لاءِ اھو وندر ۽ سڪون جو ڪارڻ آھي. ڳالھہ موقعن، ذريعن ۽ وسيلن جي آھي. ڪن ماڻھن کي مفت ۾ سرڪاري ادارا ملي ويا جن سندن ڪتاب ڇپرايا. ڪتابن جا مھورتي پروگرام ٿيا ۽ اھو ليکڪ ويٺي ويٺي نالي وارو ۽ وڏو ماڻھو بڻجي ويا. اسان محدود ذريعن ۽ وسيلن وارا ماڻھون آھيون. اسان جو والد غريب لوھر جو ٻار آھي. هن ڪنهن ميڙي چونڊي واري اداري ۾ ملازمت ڪو نہ ڪئي جو ٻہ ڏوڪڙ ميڙي سگهي ها ۽ ڪتاب ڇپرائي ها. اھڙي نموني سان ڪنهن سرڪاري يا درٻاري اداري جي ذريعن وسيلن مان ڪتاب ڪون ڇپرايا اٿس. ڪنڊ ۾ ويھي ڪم ڪيو اٿس ۽ ايترو مواد گڏ ڪيو اٿئين جنهن منجهان چڱا ٿلھا خاصا ٻہ اڍائي ھزار ڪتاب ڇپرائي سگهجن ٿا. بابا سائين تاريخي تحقيق ۾ تحقيقي طريقن، نت نون موضوعن ۽ ريسرچ انسٽرومينٽس تيار ڪرڻ جي حوالي سان منفرد ڪم ڪيو آھي، جيڪو  ڪنهن ٻئي محقق اڃا سوچيو بہ نہ آھي.
        سنڌ ۽ پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 500 مکيه ۽ مشھور سياستدان آھن جن بابت اسان نہ فقط مواد گڏ ڪيو آھي پر انهي مواد جون فھرستون بہ ٺاھيون آھن مثال طور شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي مواد جي فھرست، ايم ڪيو ايم جي الطاف حسين جي مواد جي فھرست وغيره جيڪي پنهنجي ليکي ھڪ ھڪ ڪتاب  جي حيثيت رکن ٿيون مون اڄ تصوير ۾ جن شخصيتن جي مواد جون فھرستون ڏنيون آھن اھي آھن: قادر مگسي، رئيس غلام مصطفى ا جتوئي، اجمل خان خٽڪ، الطاف گوھر، مولانا فضل الرحمان وغيره. انھي کان سواءِ اسان ڪن خاص موضوعن تي گڏ ڪيل مواد جون فھرستون بہ ٺاھيندا آھيون .جھڙوڪ “ پاڪستان ۾ آمريڪي مفاد ، آمريڪي ماڻھن جون سرگرميون ۽ ردعمل“ ھن موضوع تي اسان وٽ کوڙ سارا فائيل موجود آھن جن جي مطالعي ڪرڻ مان اسان کي گھڻي ڄاڻ ملي ۽ گھڻا راز بہ ملي پون ٿا. اھڙي نموني سان “ ھيومن رائيٽس“ بہ ھڪ اھم موضوع آھي جنهن جي مواد جي پڻ اسان فھرست ٺاھي رکي آھي.
       منهنجي اڄوڪي پوسٽ جو عنوان اسان جي خدمت، محبت ۽ ڪم جي ڪھاڻي جو عنوان آھي. ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي تہ پراون يا اڻ-ڏٺل ماڻھن جا پنا ۽ ڪاڳر گڏ ڪجن، انهن کي سانڍي رکجي ۽ محققن جي فائدي لاءِ انهن جون فھرستون ٺاھي رکجن. بابا سائين تہ پنهنجو جوڀن ۽ جواني انهي ڪم کي ڏنو ۽ ھاڻي جڏھن سندس زندگيءَ جي شام ٿي آھي تہ اسان سندس اولاد پنهنجي جواني جو جوڀن ساڳئي ڪم لاءِ وقف ڪري چڪا آھيون. شل اسان جون محنتون ۽ خدمتون قوم جي ڪم اچن. ڇو تہ اھو ئي اسان جي محنت جو وڏو معاوضو آھي. ( ممتاز پٺاڻ)
  • لاڙڪاڻي جي شھيدن بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيندڙ مواد

    لاڙڪاڻي جي شھيدن بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيندڙ مواد

    20190404 132844 
    “گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
    “ لاڙڪاڻي جي شھيدن بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيندڙ مواد.“
       چوندا آھن تہ “ جو چلھ تي سو دل تي“. انهي مصداق لاڙڪاڻي جي ڀٽن شھيدن جو موجوده پيپلز پارٽيءَ ۾ ڄڻ ڪي ڪو عمل دخل ئي ڪونهي. جڏھن سياست ۽ مذھب ۾ گاديون قائم ٿينديون آھن تہ انهن ۾ اھا ئي روايت قائم ڪئي ويندي آھي تہ جيڪو ڪرسي يا گادي تي آھي، فقط انهي جا ئي گيت ڳائجن. پر جن صدقي ۽ نالي تي اھا ڪرسي يا گادي ملي انهن کي ياد ڪرڻ بہ ڏکيو لڳندو آھي. لاڙڪاڻي جي ڀٽي خاندان سر شاھنواز ڀٽي جي سياست ۾ قدم رکڻ سان ھڪ“ ڀٽي خاندان جي سياسي بادشاھي“ قائم ڪئي، جنهن ۾ شاھنواز ڀٽي سندس پٽ شھيد ذوالفقار ڀٽي، سندس ڌيءُ شھيد بينظير ڀٽي ٽن نسلن تائين سياست ۾ ڌاڪو ڄمايو. سر شاھنواز ڀٽي لاڙڪاڻي جي سياست ۾ وڏو انقلاب آندو. ھن کان اڳ لاڙڪاڻي جي سياست ۾ “ لاھوري خاندان“ جو سج لهندو ئي ڪونہ ھيو پر ھن انهن جي سياسي اثر رسوخ کي ختم ڪري ڀٽي خاندان جو نالو روشن ڪيو.
       گل حيات اداري ۾ سر شاھنواز ڀٽي کان وٺي ويندي سندس پوٽن تائين تمام گھڻو مواد گڏ ڪيو ويو آھي ۽ ان جو ڪجه حصو گل حيات جي ويب سائيٽ تي بہ موجود آھي. بابا سائين کي شھيد ڀٽي ۽ سندس نياڻيءَ شھيد بي نظير ڀٽو چڱي طرح سان سڃاڻيندا ھئا. شھيد ڀٽي جڏھن پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاھي تہ بابا سائين ان جي ويجهو ھيو . شھيد کوڙ سارا خط بابا ڏانهن لکيا جن منجهان ھڪ اڌ انٽرنيٽ گروپن تي بہ رکيل نظر ايندو. ڀٽي جي شھادت کان پوءِ سندس نياڻي شھيد بينظير ڀٽو بہ بابا سائين کي چڱي طرح سان سڃاڻيندي ھئي. جيڪڏھن شھيد بينظير ڀٽو زنده ھجي ھا تہ گل حيات ۾ گڏ ٿيل پيپلز پارٽي جي خزاني جي سار بہ لھي ھا ۽ قدرداني بہ ڪري ھا.اسان شخصيتن کي راضي ڪرڻ لاءِ تاريخي مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي نہ ڪندا آھيون.ھن وقت تائين اسان جيڪو بہ ڪم ڪيو آھي ان ۾ لالچ،خوف يا طرفداري  جو عمل دخل ڪو نہ رھيو آھي .پيپلز پارٽيءَ ۽ لاڙڪاڻي جي شھيدن جو مواد بہ اسان انهي حڪمت عملي طور گڏ ڪيو آھي.ڇو تہ اھي سنڌ ۽ پاڪستان جي تاريخ جا اھم ڪردار آھن. شھيد ڀٽو ملڪ جو اھو واحد سياستدان ھيو جيڪو وزير، نائب وزيراعظم،وزيراعظم، صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿي رھيو. اھڙي ريت سندس نياڻي شھيد بينظير ڀٽو اسلامي تاريخ ۾ 2 دفعا وزير اعظم ٿيڻ جو اعزاز ماڻيو.شھيد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪي سياست ۾ بي مثال ڪم ڪيا، جھڙوڪ اسلامي ملڪن کي گڏ ڪرڻ، شملا معاھدو ڪرڻ ۽ 90 ھزار قيدي ڇڏرائڻ وغيره. اھڙي نموني شھيد بينظير ڀٽو جنرل ضياءُ الحق جي خلاف جيڪا “ طويل مزاحمتي تحريڪ“ ھلائي ان جو مثال ملڻ مشڪل آھي. گل حيات اداري ۾ لاڙڪاڻي جي چئني شھيد ڀٽن، سندن خاندان ۽ پيپلز پارٽي بابت جيڪو مواد گڏ ڪيو ويو آھي، انهن جي عنوانن جي لسٽ ڏيڻن مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ گل حيات اداري انهن بابت ڪيترو مواد گڏ ڪيو آھي. عنوانن جي لسٽ ملاحظه ڪيو: 1. ڀٽن جي خاندان بابت احوال.2. سر شاھنواز ڀٽي جون لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي چيئرمين جي حيثيت ۾ سرانجام ڏنل خدمتون.3. سر شاھنواز ڀٽي جون ممبئي سرڪار جي وزير جي حيثيت ۾ ڪيل خدمتون. 4. سرشاھنواز ڀٽو ۽ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ.5 . سنڌ ۾ “ امن سڀا “ قائم ڪرڻ ۾ سرشاھنواز ڀٽي جو اثر. 6. سکر بئراج اسڪيم کي ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل مان پاس ڪرائڻ ۾ سر شاھنواز ڀٽي جو ڪردار. 7. سرشاھنواز ڀٽو “سنڌ پيپلز پارٽي“ جي باني جي حيثيت ۾ .8. سرشاھنواز ڀٽو “سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ جي باني حيثيت ۾ . 9. سرشاھنواز ڀٽو حيدرآباد دکن جي ديوان جي حيثيت ۾
    .10  گل حيات  طرفان  ترتيب ڏنل پاڪستان پيپلز پارٽي جي  واقعاتي تاريخ.11. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪيس بابت اردو، سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڇپيل مواد. 12. ايم آر ڊي تحريڪ بابت اردو، سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڇپيل خبرون، ايڊيٽوريل ۽ ٻيو مواد( تقريبن 30 جلد.) 13 . 1980 کان وٺي 1990 تائين شھيد بينظير ڀٽو جا بيان، پريس ڪانفرنسون. ھن بابت اخبارن جا ايڊيٽوريل ۽ مضمون جيڪي اردو، سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڇپيا 14. شھيد بينظير جون تقريرون. 15. شھيد شاھنواز ڀٽي بابت اخبارن ۽ رسالن مان گڏ ٿيل مواد. 16. شھيد مير مرتضا ڀٽو جا انگريزي، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ ڇپيل بيان ۽ خبرون. 17. پيپلز پارٽي “ش ڀ“ بابت انگريزي، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ ڇپيل مواد. 18. پيپلز پارٽي مرڪز بابت انگريزي، اردو ۽ سنڌي اخبارن۾ ڇپيل مواد. 19. پيپلز پارٽي سنڌ بابت انگريزي، سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ ڇپيل مواد. 20 . پنجاب پيپلز پارٽي بابت انگريزي،سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ ڇپيل مواد. 20 . پيپلز پارٽي ڪي پي ڪي بابت انگريزي، سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ ڇپيل مواد .21. بلوچستان پيپلز پارٽي بابت انگريزي، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ ڇپيل مواد. 21. لانگ مارچ بابت انگريزي، اردو ۽ سنڌي  اخبارن ۾ ڇپيل مواد. 22. پيپلز پارٽي جا باقي سياسي پارٽين سان رويا ۽ لڳاپا. 23. پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ سنڌ جا مسئلا. 24. پيپلز پارٽي جي 100 اھم اڳواڻن جي زندگين جا احوال ۽ انهن جا انگريزي، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيل بيان ۽ خبرون. 25. پيپلز پارٽيءَ تي لکيل ڪتاب ۽ انهي جا چونڊن دوران ڇپرايل پوسٽر ۽ پمفليٽ. 26. پيپلز پارٽي جي اسٽوڊنٽ ونگ بابت سنڌي،اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڇپيل مواد. 27.  پيپلز پارٽي ھاري ونگ بابت انگريزي،اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ ڇپيل مواد.
        ھي مکيه عنوان آھن جن تي گل حيات اداري مواد گڏ ڪيو آھي. ياد رکڻ جي ڳالھ ھئ آھري تہ اسان فقط پيپلز پارٽي جو ئي مواد گڏ نہ ڪيو آھي پر ٻين مکيه پارٽين جھڙوڪ عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ، ترقي پسند پارٽي، فرنٽ، مسلم ليگ فنڪشنل، خاڪسار تحريڪ، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، نيشنل عوامي پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ( مختلف ڌڙا) وغيره. انهن پارٽين انهن جي اڳواڻن ۽ انهن جي شاخن بابت گل حيات ۾ کوڙ سارو مواد پيو آھي.   اسان کان جيڪو پڳو آھي اوترو سنڌ جي ماضيءَ ۽ موجوده وقت کي قلم بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اڄ ڀلي ڪو اسان جي پر خلوص خدمتن کي نہ مڃي ۽ ان جو اندازو نہ  لڳائي، پر اڳتي ھلي وقت ٻڌائيندو تہ گل حيات ادارو محدود ذريعن ۽ وسيلن سان ڪيترو لامحدود ڪم ڪيو آھي. جيڪڏھن موقعو مليو تہ اسان اھو سمورو مواد پنهنجي ويب سائيٽ تي رکنداسين. پر جيڪڏھن ڪنهن محقق کي انهي مواد جي ضرورت پوندي تہ گل حيات ۽ اسان جي دل جا دروازا ھميشه کليل ڏسندو.( ممتاز پٺاڻ)
     
  • ڪالاباغ ڊيم مامري بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيندڙ مواد

    ڪالاباغ ڊيم مامري بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيندڙ مواد

    received 1000335513688935
    “گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
    “ڪالاباغ ڊيم مامري بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيندڙ مواد“
        پاڪستان جي تحريڪ ۾ سنڌ اڳواڻيءَ  وارو ڪردار ادا ڪيو. پر پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌ واسين کي اھڙن مسئلن سان منهن ڏيڻو پيو آھي، جيڪي ڍنگهري جيان سندن نڙي ۾ ڦاسايا ويا آھن. مثال طور ڪراچي جي مالڪي وارو مسئلو، سنڌي ٻوليءَ کي انهي جي تاريخي، حق ڏيڻ وارو مسئلو ۽ ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو. ھر دور ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مامري تي مرڪزي حڪومت ۽ سنڌين جي وچ ۾ شديد اختلاف رھيا آھن. اھي بہ ايتري قدر جو سنڌ اسيمبليءَ ڪيترا دفعا ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ٺھراءَ پاس ڪيا آھن ۽ سنڌ جي سمورين سڄاڻ ڌرين ان خلاف شديد ردعمل ڏيکاريو آھي. ملڪ جي تاريخ ۾ پھريون دفعو اسان جي دور ۾ ھيئن ٿيو جو“ سابق“ چيف جسٽس جھڙي وڏي عھدي ماڻيندڙ سرڪاري ملازم کي ڌر بڻجي لاھي پاھي ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ جو کلم کلا ڳالھيون ڪرڻيون پيون ۽ چندا گڏ  ڪرڻا پيا.
       گل حيات اداري ڏاڍو غيرجانبداريءَ سان شروع کان وٺي ھن موضوع تي مواد گڏ ڪيو آھي. اسان 1985 کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين ڪالاباغ ڊيم جي “ واقعاتي تاريخ“ مرتب ڪئي آھي، جنهن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن مان ورتل معلومات جي بنياد تي ڪالاباغ ڊيم جي حق ۽ مخالفت ۾ بيانن ۽ خبرن جو وچور ٺاھيو آھي. انهي “واقعاتي تاريخ“ جو ڪجه حصو يعني( 1985 کان وٺي 1993 تائين) اسان جي اداري جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. باقي  اھڙو ٻيو مواد ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ اسان جي اداري ۾ موجود آھي. ويب سائيٽ تي رکيل اھا واقعاتي تاريخ سنڌي ۾ رکيل آھي. اتي انگريزي ۾ بہ مواد موجود آھي جنهن ۾ فقط سنڌ جي مؤقف تي معلومات ڏني وئي آھي ۽ انهي جو عنوان آھيSindh Opposes 
    Kala Bag Dam .
    ڪالا باغ ڊيم تي اسان ھڪ پريزنٽيشن بہ ٺاھي آھي ،جيڪا پڻ انهي ويب سائيٽ تي رکيل آھي .
    ڪالا باغ ڊيم جي مامري کي سمجهڻ ۽ سنڌ جي مؤقف کي ڄاڻڻ  لاءَ منهنجي خيال ۾ ايترو مستند ۽ اھم مواد شايد ڪن ٿورن ويب سائيٽن تي موجود ھجي.
    اھو تہ ھيو ويب سائيٽ تي رکيل مواد پر ڪالاباغ ڊيم جي مسئلي تي جيڪي  ڪتاب شايع ٿيا آھن، اھي سمورا گل حيات ۾ موجود آھن.اھڙي نموني سان سالن کان وٺي ھن مامري سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ مضمون ڇپيا يا ايڊيٽوريل لکيا ويا اھي بہ اسان ھٿ ڪري گڏ ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکيا آھن. سنڌ جي سياستدانن مان رسول بخش پليجو مرحوم اھو واحد سياستدان ھيو جنهن ڪالاباغ ڊيم واري مسئلي تي وڏي تحريڪ ھلائي ۽ تمام مدلل انداز سان اخبارن ۾ لکيو اھو سمورو مواد بہ اسان وٽ موجود آھي.
    دنيا جي تھذيبن ندين جي ڪنڌين تي جنم ورتو. سنڌ بہ انهن مان ھڪ آھي .“ سنڌ“ ۽ “ سنڌو“ نہ فقط نالن ۾ ھڪ آھن پر ٻئي ھڪ ئي سڪي جا ٻہ پاسا آھن. سنڌ جي تاريخ جي اوراق گرداني ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ جا 19 وڏا  شھر ۽ گاديون سنڌوندي جي ڪناري تي قائم رھيا. سنڌ جي عظيم شاعر لاکيڻي لطيف کي سنڌو جي عظمت ۽ شاندار ماضي تي پنهنجو سڄو سُرُ لکڻو پيو. سنڌ جي سنڌو دريا سان ايتري محبت آھي جو پنهنجي نياڻين تي “ سنڌو“ ۽ پٽن تي “ دريا خان“ نالو رکن ٿا. سنڌ جا ھندو تہ وري ھن دريا جي پوڄا ڪن ٿا. سنڌو دريا سان اسان جي تاريخ جڙيل آھي جھڙوڪ اڏيرو لعل، سھڻي ۽ ميھار وغيره. اھو 1639 جو سال آھي جڏھن پھريون دفعو سنڌو دريا جي رخن کي مٽائڻ شروع ڪيو ويو يا ان منجهان پنهنجي مقصدن جي لاءِ پاڻي ورتو ويو.انگريزن جي زماني ۾ 1859 ۾ راوي دريا مان “ سينٽرل باري دوآب “ ڪئنال ٺاھيو ويو. 1901 تائين“ لوور چناب ڪئنال“ ۽ “لوور جهلم ڪئنال“ ٺاھيا ويا. 1914 ۾ “ اپر سوات ڪئنال“ ٺاھيو ويو. 1932 ۾ “ ستلج ويلي پراجيڪٽ“ ٺاھيو ويو. 1960 ۾ ستلج بياس ۽ راوي ندين جي وڪري، منگلا ڊيم ۽ تربيلا ڊيم جي ٺھڻ ڪري سنڌو دريا کي جھڙوڪ قيد ڪرڻ ۽ بندن ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
       سنڌ ۽پنجاب جو پاڻي جي مامري تي جھيڙو پراڻو آھي. اھوئي سبب آھي جو 1901 ۾ ھندستان جي سرڪار حڪم جاري ڪيو تہ پنجاب جيڪڏھن انڊس رور سسٽم تي ڪو پراجيڪٽ شروع ڪندو تہ ان لاءِ کيس سنڌ کان رضامندي وٺڻي پوندي. 1919 کان پوءِ 1925 ، 1937، 1941، 1943، 1945، 1956، 1968، 1970، 1981، 1983 1991 ۾ سنڌ ۽ پنجاب  جي وچ تي سنڌو ندي جي پاڻي جي حوالي سان ڪميٽيون ۽ بورڊ ٺھيا ۽ ٺاه ٿيا پر سنڌ جي دکن دردن دانهن ۽ شڪايتن ۾ ڪا بہ ڪمي ڪانہ آئي. 
       مون کي ھتي ويھي ڪا ڪالاباغ ڊيم جي مامري جي ڪھاڻي ٻڌائڻي ڪانهي. بس منهنجو مقصد اھو ھيو تہ آئون پڙھندڙن کي اھو ٻڌائي سگهان تہ گل حيات اداري انهي موضوع تي ڪيترو مواد گڏ ڪيو آھي.( ممتاز پٺاڻ)
  • صحافي برادريءَ جي سنڌ ۾ تنظيم سازيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    صحافي برادريءَ جي سنڌ ۾ تنظيم سازيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    received 8395960030668931
     
    “گل حيات جي ميڙيءَ چونڊيءَ“
    “صحافي برادريءَ جي سنڌ ۾ تنظيم سازيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“
      صحافي وڏيون قربانيون ڏئي، حڪومتن سان ٽڪر کائي ۽ پارٽين جي دھشت گرديءَ وارن روين کي منهن ڏيندي  سنڌ ۽ سنڌي عوام جي بي مثال خدمت ڪئي آھي. ھن برادريءَ پنهنجي قلم جي قوت سان تنگ نظريءَ جا ڪوٽ ڪيرايا ۽ ماڻھن جي نظرياتي تشخص جو تحفظ ڪيو ۽ سنڌ جي سورن جو مذڪور سچن ۽ چٽن لفظن ۾ دنيا جھان آڏو پيش ڪيو. ياد رهي تہ گل حيات اداري سنڌ جي پريس بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪرڻ جي نماڻي ڪوشش ڪئي آھي. 
    “ صحافت“ جي عنوان سان اسان جي ويب سائيٽ تي سنڌ جي پريس بابت تمام گھڻو مواد رکيل آھي مثال طور1. شروع کان وٺي 1982 تائين سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي لسٽ، 2. سنڌ جي نامور سوين ايڊيٽرن جا نالا، 3. اخبارن خلاف ٿيل مقدمن ۽ ڪيسن جا تفصيل، 4. مکيه صحافين جا سوانحي خاڪا ۽ 5. سال 1936 کان 1947 تائين سنڌ جي صحافت جي ڪارڪردگي بابت سرڪار جون مخفي رپورٽون وغيره. پاڻ کي “ ميان مٺو“ چوڻ مناسب ڪونھي پر ھي چوڻ منهنجو حق ٿئي ٿو تہ صحافت بابت اھڙو اھم ۽ ناياب مواد گل حيات کان سواءِ شايد ٻئي ھنڌ تي گھٽ نظر اچي.
    انهي مواد کانسواءِ ٻيو بہ گل حيات ۾  کوڙ سارو مواد پيو آھي جھڙوڪ: 1. سنڌ جي سمورن صحافين جي لسٽ، 2 . سنڌ جي سمورين پريس ڪلبن جي لسٽ 3. صحافت ۽ صحافين بابت انگريزي، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرون ۽ مضمون ۽ 4. سنڌ جي مکيه صحافين جي رپورٽن ۽ ڪالمن جا انفرادي فائيل .جيڪڏھن وقت مليو ۽ ذريعن وسيلن اجازت ڏني تہ انشا اللہ اھو مواد بہ اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪنداسين . بهرحال اھو ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي.
    گل حيات ادارو سنڌ جي سياسي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن تي تمام وڏو ڪم ڪيو آھي ۽ اھو پڻ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي . پر جيتري قدر “ صحافتي تنظيمن “ جو تعلق آھي، ان بابت اڄ آئون “ سنڌ جنرلسٽس سوسائٽي“ جو ٿورو احوال ڏيندس جيڪا 31جولاءِ 1926 تي ڪراچي ۾ ٺاھي وئي ھئي. ھن جي آفيس جو دفتر ڪراچي جي اخبار  “ نيو ٽائيمس“ ۾ کوليو ويو قاضي عبدالرحمان کي سوسائٽيءَ جو خزانچي مقرر ڪيو ويو ھيو ۽ پنياھہ، ايل اي آڏواڻي ۽ قاضي خدابخش تي مشتمل ھڪ ڪميٽي ٺاھي وئي ھئي تہ جيئن “سنڌ جنرلسٽس سوسائٽي“ لاءِ رولز ۽ ريگيووڍليشنس جو ڊرافٽ تيار ڪري.
    ھن تنظيم جي ٺھڻ کان پوءِ سنڌ جي سياستدانن کي بہ خيال آيو تہ اھي صحافين ۽ ھن سوسائٽي جي ميمبرن سان تفصيلي گڏجاڻيون ڪن. جيڪي صحافي ھن سنڌ جنرلسٽس سوسائٽيءَ  جا سرگرم ميمبر ۽ عھديدار رھيا انهن جي نالن جو مختصر وچور ڏيڻ مناسب ٿيندو: قاضي عبدالرحمان( الوحيد)، ڪي پنھياءُ k .punniah ( سنڌ آبزرور)، پي . ايڇ.دستور ( پارسي سنسار)، ڊاڪٽر تاراچند لعلواڻي( قيصري)، ھري لعل ٺاڪر( ھتيشو)، ڊبليو اي مئٽ  W A Mytt ( ڊيلي گزيٽ)، خانچند راھو مل ( سنڌ سڌار)، ٽي.ڪي .جيسواڻي ( نيو ٽائيمس)، احمد علي ( سنڌ زميندار، سکر)، حافظ فضل احمد ( شمشيرالسلام، ميھڙ)، محمد ھاشم مخلص ( مسلمان)، حڪيم عبدالخالق( ماھوار ترقي)، رئيس نجم الدين( اتحاد،نوابشاھہ)، محمد صادق( الحقيقت، لاڙڪاڻو)، نارائڻ چينرام( ھندو جاتي)، کيمچند ڊيٽارام( سنڌ واسي)، مولوي عبداللہ ( الجامع)، نھچلداس ( ھندو)، محمد سھراب( آفتاب، ڪراچي) ۽ قاضي خدابخش ( مسلم ايڊوڪيٽ).
    سنڌ جنرلسٽ سوسائٽيءَ پنهنجي ميمبرن جي لاءِ چئن واعدن تي ٻڌل ھڪ اقرار نامو ٺاھيو ۽ انهيءَ کي ميمبر ٿيڻ کان اڳ ۾ ڀرڻ ضروري ھيو انهي تفصيلي اقرار نامي ۾ چار ڳالھيون ھي ھيون1. تہ سنڌ ۾ امن ۽ ڀائيچاري لاءِ ڪم ڪندس، 2. فرقي وارانہ ماحول کي نہ پکيڙيندس، 3. غير مستند خبرون يا تبصرا نہ ھلائيندس، 4. سنڌ جنرلسٽ سوسائٽي جي اغراض و مقاصد تي سختي ۽ ايمانداريءَ سان عمل ڪندس ۽ انهن جي ڀڃڪڙي نہ ڪندس. 
      سنڌي صحافين جي اھڙي شاندار ڪوششن جي سنڌ توڙي ھند ۾ واکاڻ ٿي. حيدرآباد دکن جي اخبار “ دکن بليٽن“ لکيو تہ
    “ We congratulate the journalists of Sindh on forming a Sindh Journalist  Society for the express of purpose of preaching harmony and tranqilty among the various coummunties resident in their said province and for placing themselves to abdtain from all comments, criticism or insinuations which  would tend to widen the breach between two great communities of the countries ….
    We commend this pledge of ( S.J.S ) and the action taken by the journalists of said to the Indian edited journals of Bengal and Allahabad in particular, and trust they will follow the brilliant and patriotic example set by Sindh.“
    ( ممتاز پٺاڻ)
  • سنڌ جي ممبئي کان عليحدگيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    سنڌ جي ممبئي کان عليحدگيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    20190401 140703

    “گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.“
    “ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
      فيبروري 1843 جي شروعاتي ڏھاڙن ۾ سنڌ ھڪ الڳ،آزاد ۽ خودمختيار ملڪ ھيو جيڪو حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور جي خودمختيار ننڍين رياستن ۾ ورھايل ھيو. فيبروري 1843 جي آخري هفتي ۾ نڀاڳي نيپيئر دوکي سان سنڌ تي قبضو ڪيو .ان کان پوءِ 1847 تائين سنڌ سندس گورنريءَ ۾ صوبي جي حيثيت ۾ رهي. جڏھن ھو سنڌ ڇڏي ويو تہ سنڌ کان صوبائي حيثيت بہ کسجي وئي ۽ ان کي ممبئي پرڳڻي جو حصو بڻايو ويو ۽ سنڌ ۾ ڪمشنر مقرر ڪيا ويا. رابرٽ پرنگل سنڌ جو پھريون ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ھي سلسلو 31 مارچ 1936 تائين ھليو تان جو پھرين اپريل 1936 تي سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملي.
    سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جي تاريخ بہ عجيب آھي. سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جو خيال  سڀ کان پهريون“ واپاري برادري“ کي آيو.ڇو تہ انهن کي سرڪاري لک پڙھ ڪرڻ ۽ وڏي انتظار ڪرڻ ۾ تڪليف پئي ٿئي.ان دور جي انگريزي اخبار “ ڪوسڊ“ ۾ انهي تي ايڊيٽوريل لکيا ويا . اھا ڳالھہ سنڌي سياستدانن مان سڀ کان پھرين ھرچندراءِ وشنداس ڪئي. ھن پھريون دفعو 1908 ۾ “ سنڌ پرونشل ڪانفرنس جي ميڙاڪي ۾ ڪئي ھئي“. پوءِ جڏھن سنڌي مسلمانن جي اپر ڪلاس کي ڳالھ سمجه ۾ آئي تہ ممبئي کان عليحدگيءَ بعد سنڌ جا حڪمران اھي ئي ٿيندا. انڪري انهن وڏي پيماني تي تحريڪ ھلائي. جنهن ڪري سنڌ جي ھندن ۽ مسلمانن ۾ وڏا اختلاف پئدا ٿيا ۽ ھندن سنڌ جي عليحدگي جي خلاف تحريڪ ھلائي، ليڪن ڪاميابي سنڌ جي اپر ڪلاس کي ملي. جن سنڌي مسلمانن ھن تحريڪ جي پٺڀرائپ ڪئي انهن مان ڪي خاص نالا ھي آھن: رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي عبداللہ ھارون، ميران محمد شاه،محمد ايوب کھڙو وغيره. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ تہ “ سنڌ آزاد پارٽي“ قائم ڪئي جنهن جون سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شاخون کليون.سنڌ جي مسلمان سياستدانن انهي سلسلي ۾ چار وڏيون ڪانفرنسون سڏايون. پھرين ڪانفرنس 18 اپريل 1932 تي ڪراچي ۾ ٿي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ان جي صدارت ڪئي. ٻي ڪانفرنس 15 نومبر 1932 تي حيدرآباد ۾ ٿي جنهن جي صدارت علامه يوسف علي ڪئي. انهي ئي موقعي تي “ سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي نالي سان جماعت جوڙي وئي جنهن جو صدر شاھنواز خان ڀٽي کي بڻايو ويو ۽ محمد ايوب کھڙو ان جو نائب صدر ٿيو. سنڌ ۾ ٽين آزاد ڪانفرنس 26 اپريل 1934 تي خان بھادر پير بخش جي صدارت ۾ سکر ۾ ٿي ۽ چوٿين ڪانفرنس  وري 28 جولاءِ 1934 تي ڪراچي ۾ ٿي جنهن جي صدارت سر غلام حسين ھدايت اللہ ڪئي . 
    سنڌ جي ھندن مان ويرومل بيگراج، پروفيسر ڇٻلاڻي، مکي گوبند رام، ھيرانند کيمسنگھ  ۽ جيرامداس دولترام جا نالا ذڪر لائق آھن. 
        عليحدگي واري مسئلي تي ھندو مسلم اختلافن گڏيل ھندستان جي سياسي اثر کي سنڌ جي داخلي مسئلن تر اثر انداز ٿيڻ ڏنو.تان جو “ھندو مھاسڀا“ ، “ مسلم ليگ“ ۽ “ ڪانگريس“ جي جھڙوڪ سنڌ ۾  ٻيگھي مچي وئي.   سنڌ جي ھندن “ اينٽي سنڌ سيپريشن ڪميٽي“ ٺاھي جنهن طرفان 13 فيبروري 1932 تي ڪراچي ۾، 19 فيبروري 1935 تي حيدر آباد ۾ ۽ 30 جون 1935 تي سکر ۾ وڏيون ڪانفرنسون ٿيون پر تاريخ جو وھڪرو سنڌ جي عليحدگي طرف وڌي چڪو ھو ان ڪري 1935 ۾ برطانيا پارليا مينٽ ۾ ھندستان لاءِ نون سڌارن آڻڻ جو بل پيش ڪيو ويو. انهي بل جي فقري نمبر  46 موجب سنڌ کي جدا صوبو تسليم ڪيو ويو ۽ اھو بل گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ 1935 جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. 
       گل حيات اداري ۾ اخبار “سنڌ ڪوسڊ“ جي ايڊيٽوريلس کان وٺي ھند سرڪار طرفان سنڌ جي عليحدگي بابت نڪتل نوٽيفڪيشن تائين سمورو مواد موجود آھي. هئ ڳاله ذھن ۾ رکڻي آھي تہ سڀ کان پهريون سائين جي.ايم سيد سنڌ جي علحدگئ تي هڪ مستند ۽ معياري ڪتاب لکيو. ڊاڪٽر صاحب خان چني بہ ھن موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪئي آھي ۽ ھن جوتحقيقي ڪم ھر وجه کان بھترين ۽ ڇپجڻ لائق آڳي. پر گل حيات اداري جي  ھن موضوع  تي ميڙي  چونڊي نہ فقط گھڻي آھي پر اھا مستند ۽ معياري پڻ آھي ، جنهن جو جيڪڏھن وچور ٺاھجي تہ اھو ھن ريت ٿيندو:

    1. سنڌ ۾ ٿيل ستن سنڌ پراونشل ڪانفرنسن ۾ سنڌ جي عليحدگي بابت پاس ڪيل ٺھراء.

    2. سنڌ ۾ ٿيل چئن “ سنڌ آزاد ڪانفرنسن جون ڪاروايون، انهن ۾ ٿيل تقريرون ۽ سنڌ جي عليحدگي بابت پاس ڪيل ٺھراء.

    3. سنڌ ۾ ٿيل “ اينٽي سنڌ سيپريشن ڪميٽي“ جي ٽن ڪانفرنسن جو تفصيل،انهن ۾ ڪيل تقريرون ۽ عليحدگي خلاف پاس ڪيل ٺھراء.

    4. مختلف پارٽين جھڙوڪ مسلم ليگ، ڪانگريس. ھندو سڀا،خلافت تحريڪ ۽ ٻين پارٽين جو سنڌ جي عليحدگي بابت مؤقف ۽ پاس ڪيل ٺھراء.

    5. سائمن ڪميشن اڳيان ھندو توڙي مسلمانن جا انهي مسئلي تي پيش ڪيل ياد داشت ناما.

    6. محمد ايوب کھڙي ۽  جمشيد مهتا جا عليحدگي جي حق ۾ لکيل ڪتاب ۽ پمفليٽ.

    7. ڊيلي گزيٽ اخبار ۾ ھن موضوع تي لکيل ايڊيٽوريل ۽ آرٽيڪل. 

    گل حيات ۾ گڏ ڪيل هي مواد نہ فقط منفرد آھي پر گھڻي تعداد ۾ پڻ آھي. اسان کان جڪو پڳو آھي اوترو پنهنجي ڌرتي ماتا جي ماضي کي محفوظ ڪرڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آھي.( ممتاز پٺاڻ)