Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • الوحيد اخبار جي سورن جي مذڪور بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    الوحيد اخبار جي سورن جي مذڪور بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    ممتاز علي پٺاڻ
     “الوحيد اخبار جي سورن جي مذڪور بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“  


        facebook 1710466899485 7174218158380838297سنڌي صحافت قائم ٿيڻ کان وٺي عوام کان الڳ نہ رھي آھي. مالي مشڪلاتن، حڪومتي دٻائن ۽ پارٽين جي پريشرن باوجود اخبارن ماڻھن جي مسئلن ۽ ڌرتي جي دردن کي ڪو نہ وساريو آھي . صحافت  جي اھڙي شاندار ڪارڪردگي اسان جي تاريخ جي ورقن ۾ سونھري باب وانگر ھميشہ محفوظ رھندي.
       “الوحيد“ اخبار سنڌي مسلمانن جي اھا واحد اخبار ھئي جنهن جون خدمتون ڪڏھن بہ وساري نٿيون سگهجن. ڊاڪٽر خان محمد پنھور مرحوم ھن اخبار تي پي ايڇ ڊي ڪئي. ان کان اڳ ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهئي سنڌي صحافت تي پي ايڇ ڊي ڪئي تہ ھن اخبار جي خدمتن تي روشني وڌئين. ھنن ٻنھي کان اڳ بابا سائين ( ڊاڪٽر پٺاڻ) پي ايڇ ڊي ڪئي، جنهن ۾ گھڻن کان اڳ “ الوحيد“ اخبار تي لکيائين.
        “الوحيد “ اخبار جو تمام گهڻو مواد گل حيات اداري ۾ موجود آھي. 1936 ۾ سنڌ ممبئي پرڳڻي کان الڳ ٿي صوبائي حيثيت ورتي تہ ان جو“ اسپيشل نمبر“ ڪڍيو ويو. انهي نمبر کي ڪجه سال اڳ ٻيھر اهو نمبر ڇپرايو ويو آھي ۽ گل حيات اداري ۾ ان جو نئون توڙي پراڻو ايڊيشن موجود آھي. 
      1920 کان وٺي 1947 تائين الوحيد ۾“ خلافت تحريڪ“، مسلم ليگ، “ ھندو مسلم لاڳاپا“، شڌي تحريڪ“، “نٿورام جو قتل ۽ قاضي عبدالقيوم کي ڦاهئ جي سزا“ ۽ “ مسجد منزل گاھ تحريڪ“ بابت جيڪو الوحيد اخبار ۾ مواد شايع ٿيو اھو ذري گهٽ سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي.
       الوحيد اخبار“ فيبروري 1920 ۾ جاري ٿي. ھيءُ “ خلافت تحريڪ“ جو زمانو ھيو ۽ سنڌي مسلمان انهي تحريڪ جي ڪري ترڪي جا دوست ۽ انگريزن جا دشمن بڻجي پيا. ھن اخبار جو نالو ئي ترڪي جي حڪمران “ عبدالوحيد“ جي نالي پٺيان رکيو ويو. “ خلافت تحريڪ“ در اصل انگريزن جي سياسي حڪمت عملين جي خلاف ھئي . ان ڪري ھن اخبار کي ڏکيا ڏينهن بہ ڏسڻا پيا. اڄ مون پوسٽنگ جي شروعات ۾ انهي اخبار جي 22 مارچ 1935 جي پھرين صفحي جي تصوير رکي آھي .جنهن ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ ڊسٽرڪ ماجسٽريٽ ڪراچئ ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جي قلم 144 ھيٺ اخبار کي ھڪ مھيني لاءِ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. ھي اھي ڏينهن ھئا جنهن ۾ نبي ڪريم صلي اللہ وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ نٿورام کي ڪورٽ ۾ قتل ڪندڙ غازي عبدالقيوم کي ڦاھي چاڙھيو ويو ھو ۽ ان جي ردعمل ۾ صحافت کان وٺي اسيمبلين جي ايوان تائين وڏو گوڙ ٿيو.دوستن کي ٻڌائيندو ھلان تہ نٿو رام وارو ڪتاب اصل ۾ پنجاب ۾ لکيو ويو ۽ اتي ڇپيو. ليکڪ تي ڪيس ھليو پر ان کي اتي آزاد ڪيو ويو. سنڌ ۾ نٿو رام انهي ڪتاب جو ترجمو ڪري ڇپرايو ۽ ھو پاڻ ڪيس ھلندي ماريو ويو ۽ کيس ماريندڙ غازي عبدالقيوم کي ڦاسي ڏني وئي. ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ حالتن ۾ ضابطي آڻڻ لاءِ  الوحيد اخبار تي ھڪ مھيني لاءِ نہ ڇپجڻ جي پابندي لڳائي.
       “ الوحيد“ تي اھو ڪو پھريون يا آخري سرڪاري عتاب ڪونہ ھيو. ھن اخبار تي سڀ کان پھريون  ولي محمد حسن علئ انڊين پينل ڪوڊ جي قلم 500 ھيٺ بد ناموسي جو ڪيس ڪيو ھو. ولي محمد حسن علي سنڌ مدرسي جي بانيءَ حسن علي آفنديءَ جو فرزند ھيو. ھو ان زماني ۾ اسپيشل ماجسٽريٽ،“ڪراچي ميونسپالٽي جو ميمبر“  ۽ “ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جو سيڪريٽري ھيو. ھن جو ڪيس 27 آڪٽوبر 1920 تي ڪراچي جي سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ ھليو ھو.
      ھن اخبار تي ڪيترائي ڪيس ٿيا ۽ انهن جو مواد گل حيات اداري ۾ موجود آھي ۽ اھو ايترو تہ گھڻو آھي جو ھن موضوع تي ايم فل ڪري سگهجي ٿي.1920 کان وٺي 1936 تائين ھن اخبار سرڪار ۽ سرڪار دوست ماڻھن جي ھٿان ڏاڍو ڀوڳيو. آئون سمورا تفصيل تہ ھتي ڏئي  نٿو سگهان پر  ڪن ٿورن ڪيسن جو مختصر احوال ڏيڻ چاھيندس.
       قاضي عبدالرحمان الوحيد اخبار جو ايڊيٽر ھيو. ھن کي ممبئي سرڪار 14 ڊسمبر 1920 تي انڊين پينل ڪوڊ جي قلم 124 الف ۽ 135 ھيٺ جيل ۾ وڌو ڇو تہ هن ھندو مسلم اتحاد ۽ عدم تعاون جي موضوعن تي اداريا لکيا. قاضي عبدالرحمان ڪورٽ جي شنوائين ۾ نہ تہ ڪو بيان ڏنو ۽ نہ وري پنهنجو ڏوھ باسيائين.
    1920 ۾ الوحيد اخبار ۾ جن ايڊيٽوريلس ۽ مضمونن سرڪار کي ڏمرائي وڌو، انهن جي لسٽ  بابا سائين تيار ڪئي آھي جنهن کي جيئن جو تيئن ھتي ڏيڻ مان مناسب ڄاڻان ٿو .بريڪيٽ ۾  اخبار جي پرچي جي تاريخ ڏني اٿم:
    “ڊيلي گزيٽ اخبار ۽ اسان“(5-8-1929)، “بغداد؟“ (19-8-1920)، “ تعليم جو سوال“( 31-8-1920)، “ ھندستان جو مستقبل“( 28-8-1920)،“ مسلمانن جي صورتحال ۽ سندن مستقبل“( 14-9-1920)، “ خلافت جو بچاءُ“( 18-9-1920)، “ انور پاشاجو خط“( 21-9-1920)، “ مسلمانن لاءِ سرڪاري لقبن ۽ ڪائونسلن جو مسئلو“( 6-10-1920)،“ لارڊ ڪرزن ۽ پرشيا“ ( 8-11-1920)، “ دک ۾ ديوالي نہ ملھايو – ڪائونسلن جو بائيڪاٽ ڪيو“ (10-11-1920)، 
    “ ھندو ۽ مسلمان ڀائر“ ( 16.10. 1920)، “سرڪاري اسڪولن جو بائڪاٽ  ڇو ڪجي“ ( 16.10.1920)، “ عدم تعاون اڻٽر آھي“( 2-11-1920)  وغيره.
        قاضي عبدالرحمان کان پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي ان جو ايڊيٽر ٿيو جنهن کي بہ 10 ھزار روپين جي ضمانت ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو.ھن کان پوءِ سيد جمال الدين بخاريءَ کي 25-11- 1922 تي شو ڪاز نوٽس ڏنو ويو،ھو ان وقت الوحيد اخبار جو مئنيجر ھيو .29-11-1922 تي اخبار جي ايڊيٽر دين محمد عليگ کي جيل اماڻيو ويو.  جنوري1923 ۾ ھن اخبار جي ايڊيٽر نبي بخش کي 4 سالن جي سزا ڏني وئي. 1936 ۾ ايڊيٽر کي ھزار روپيا ڏنڊ ۽ جيل جي سزا ڏني وئي.   مون ڏاڍو مختصر مختصر اھي ڪجه اشارا ڏنا آھن جنهن تي وڌيڪ تفصيل سان لکي سگهجي ٿو.
  • ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا سنڌي ميمبر

    ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا سنڌي ميمبر

    ممتاز علي پٺاڻ.
    “ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا سنڌي ميمبر.”


    facebook 1710553305397 7174580571041489394 اڍائي سالن کان روزانو هڪ پوسٽ لکي گل حيات جي ميڙيءَ چونڊيءَ بابت سنگت کي با خبر ڪندو آيو آھيان. هڪ اڪيلي ماڻهونءَ (ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ) سنڌ جي تاريخ تي ايترو تہ ناياب مواد گڏ ڪيو آھي جو مون کي اهو ٻڌائيندي اڃا کوڙ سال لڳندا. اڳ ۾ جيڪو فائيل ملندو هو, ان مان مواد پڙھي پوسٽ لکندو رهيو آھيان. پر هاڻ ان ۾ هڪ نواڻ پيدا ڪئي اٿم. پهريون ڏسندو آھيان تہ “واقعاتي تاريخ” لکندي, بابا ان ۾ جيڪڏهن ڪا اڻ پڙھيل ۽ اڻ ٻڌل ڳالھ ڪري ٿو تہ اهو موضوع کڻي مان پوسٽ لکي وٺندو آھيان. 

    اڄ بابا 1936 جو واقعو بيان ڪندي لکيو آھي تہ 16 مارچ تي ممبئي ڪائونسل جي سنڌي ميمبرن کي ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي صدر الودائي پارٽي  ڏني. ڇو تہ سنڌ هڪ الڳ صوبو بڻجي چڪو هو. ان ڪري سنڌي ماڻھون اڳتي ممبئي ڪائونسل جا ميمبر ٿيڻا ڪونہ هئا. مان حوالي طور ڏنل انھيءَ واقعي بابت وڌيڪ معلومات فراهم ڪريان ٿو.
           1861 واري انڊين ڪائونسلس ايڪٽ مطابق ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل قائم ڪئي وئي هئي. 1892 ۾ ڪائونسل جي ميمبرن جو تعداد وڌايو ويو. ان تي ڪراچيءَ جي چيمبر آف ڪامرس, زميندارن, ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن ۽ ميونسپالٽين کي هڪ هڪ ميمبر چونڊي موڪلڻ جو اختيار مليو. وري جڏهن 1919 وارا آئيني سڌارا لاڳو ڪيا ويا تہ بہ وري ميمبرن جو تعداد وڌايو ويو.  سنڌ مان ڪيترن سياستدانن کي هن ڪائونسل جي ميمبر ٿيڻ جو موقعو مليو. اها لسٽ آئون هتي شيئر ڪريان ٿو. نالا الف بي وار انگريزيءَ ۾ لکيل آهن ۽ بريڪيٽ ۾ ميمبر ٿيڻ/رهڻ جو سال ڏنو اٿم.
     
     
     
     
     
     
     
     Abdul Hamid Khan (1920)
    Abdul Wahid Shah (1920)
    Ahmed Khan Saburgar (1920)
    Ali Akbar Hussan Ali (1920)
    Allah Bux Soomro(1926, 1928,1929,1936,1938)
    B.G. Pahalajani (1921,1922, 1923, 1924, 1925, 1926)
    Bechar N.A (1927, 1928, 1929)
    Bhai Shewakram Gaganmal (1920)
    Bhargri Jan Muhammad (1920, 1921)
    Bhojising Gurdinmal (1920, 1926)
    Bhutto Shah Nawaz (1920, 1921, 1922, 1923, 1924, 1925, 1926, 1927, 1928, 1929, 1934, 1935, 1936)
    Bijarani Sher Muhammad (1921, 1924, 1925, 1926, 1927)
    Bozdar Kaisar Khan (1921)
    Burgri J.M (1923, 1926, 1927)
    Clayton (1921)
    D.B Adwani (1924, 1925, 1925, 1926)
    Depchand Tejbhandas Ojha (1922, 1923)
    Dhahmal Lilaram (1935)
    Dhani Bux Jatoi (1920)
    Diwan Bahadur Esarsing Tolasing (1936)
    Diwan Bahadur Heranand Khemsing (1936)
    F. Clayton (1924)
    Fakir Bux (19200
    G.H Raschen (1936)
    G.W Bhurgri (1924, 1928, 1929)
    GhanKhan Muhammad Panah (1920, 1921)
    Ghulam Haider Shah (1926, 1927, 1928, 1929, 1936)
    Ghulam Hussain Kasim (1920)
    Ghulam Muhammad Isran (1920, 1922, 1923, 1926, 1828, 1929, 1935, 1936)
    Gokaldas Mewaldas (1920)
    Gopaldas Jhamatmal (1920)
    H.K Kirpalani (1936)
    Haji Abdullah Haroon (1924, 1925, 1926, 1934)
    Haji Amir Ali Lahori (1922)
    Haji Fazul Muhammad Khan Laghari (1924, 1926, 1928)
    Haji Khamir Gul Muhammad (1924)
    Haji Khamiso Memon (1926)
    Hiranand Santokram Advani(1920)
    Igran Ghulam Muhammad (1921)
    Jairamdas Daulatram (1926, 1927, 1928, 1929)
    Jan Muhammad Khan (1920, 1927, 1928, 1935, 1936, 1937, 1938)
    Jaoti Haji Imambux (1920, 1921, 1925, 1926, 1927, 1928, 1929)
    K.B Jan Muhammad Pathan (1924, 1925)
    K.B Khair Bux (1920)
    K.B Sher Muhammad Bijarani (1920, 1928, 1929, 1936)
    Kadirbux Jatoi (1926)
    Kaisar Khan Bozdar (1922)
    Karam Ali Shah (1920)
    Kasim Ghulam Hussain (1921, 1922, 1923)
    Kazi Abdul Kayan (1920)
    Kesowndas Bhawandas (1920)
    Khair Bux Laghari (1920, 1922, 1923)
    Khan Sahib Karimbux Jatoi (1924, 1925)
    Khuhro (1926, 1927, 1928, 1929, 1935, 1936)
    Lalchand Navalrai (1934)
    Lokamal Gobin Bux (1920)
    M.S Ridley (1936)
    Mir Bandeh Ali Khan (1935, 1936)
    Mir Haji Allahbad Tayan (1935)
    Mir Kasim Khan (1920)
    Mir Muhammad Baloach (1927, 1928, 1929)
    Muhammad Abid (1920)
    Muhammad Abidani (1920)
    Muhammad Ayub Khuhro (1924, 1925)
    Muhammad Hashim Gazdar (1920, 1935, 1936)
    Muhammad Kamal Shah (1920, 1926)
    Muhammad Panah (1923, 1926)
    Muhammad Panah Dhakha (1922)
    Mukhi Jethanand Pritamdas (1920, 1922, 1924, 1925, 1926, 1936)
    Murlidhar Jairamdas (1920)
    Nabi Bux Shah (1920, 1922)
    Naraidas Anandjee (1920)
    Noor Muhammad Shaikh (1924, 1925, 1926, 1927, 1928, 1929)
    Pahlajani P.G (1927, 1928, 1929)
    Parmanand Kundanmal (1936)
    Pir Rasool Bakhs Shah (1924, 1925)
    Prijarani Sher Muhammad (1924, 1925)
    Purshotamdas Thankurdas (1922)
    Rarchadani Vishindas (1926)
    Rasool Bux Shah (1926)
    Rohill Khan (1920)
    S.B Mir Allahdad (1936)
    S.C Shanani (1920)
    S.S Talani (1935, 1936)
    Shaikh A. Majeed (1934)
    Shaikh A. Majeed (1934)
    Shaikh Ghulam Hussain (1921, 1922, 1923, 1925, 1926, 1927, 1928, 1929)
    Shamsudeen Khan (1920)
    Sir G.H Hidayatullah (1920, 1936)
    Sufi Kalander Bux (1920, 1921, 1922)
    Syed Ghulam Nabi Shah (1920, 1924, 1925, 1926, 1927, 1928, 1935)
    Syed Miran Muhammad Shah (1928, 1929, 1935, 1936)
    Syed Muhammad Kamil Shah (1924, 1927, 1928, 1929)
    Syed Muhammad Qasim Shah (1926)
    Tulsidas Shivandas Tajwani (1920)
    Wader Ali Gohar (1920)
    Wadhomal Odharam (1921)
    Wadhumal Oudharam (1920)
    Wali Muhammad (1920)
  • الرحيم ۾ ڊاڪٽر در محمد جا لکيل مضمون

    الرحيم ۾ ڊاڪٽر در محمد جا لکيل مضمون

    ممتاز علي پٺاڻ.

    “الرحيم ۾ ڊاڪٽر در محمد جا لکيل مضمون.”

    facebook 1707860944005 7163287988883972833سنڌالاجيءَ ۾ بابا سائين 1985 کان 1990 تائين نوڪري ڪئي. انھيءَ عرصي ۾ کيس ڪيترن عالمن ۽ اديبن, شاعرن ۽ صحافين کي ويجهو ڏسڻ پڙھڻ جو موقعو مليو. جيڪي سندس ويجهو رهيا انھن مان علامه قاسمي, محمد ابراهيم جويو, ڊاڪٽر الهداد ٻوھيو, حليم بروهي, سيد ظفر حسن  ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جا نالا مون کي چڱيءَ طرح ياد اچن ٿا. ڇو تہ سندن هٿ ڌورائڻ ۽ چانھ پاڻي جو موقعو مون کي ملندو هو.
          علامه قاسمي انھيءَ دور جو عالمن جو آفتاب هو. هن جي علمي فياضيءَ سنڌيءَ ۾ پي ايڇ.ڊي ڪرائڻ جو بنياد وڌو. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ مرزا قليچ بيگ جو نالو قائم رهندو تہ هن گهڻا ڪتاب لکيا. اهڙيءَ طرح علامه قاسميءَ جو نالو بہ قائم رهندو تہ هن گهڻي کان گهڻا پي ايڇ.ڊي ڊاڪٽر پيدا ڪيا.
        هي بيبدل عالم بابا سائينءَجو گهڻو قدردان هوندو هو. پاڻ جڏهن “شاه ولي اللُه اڪيڊميءَ” جو ڊائريڪٽر هوندو هو تہ اتان سنڌيءَ ۾ ”الرحيم”  رسالو ايڊٽ ڪندو ۽ ڇپرائيندو هو. سندس ئي چوڻ تي باباسائين ڊاڪٽر در محمد “الرحيم” ۾ لکڻ شروع ڪيو. هيءَ ڳالھ نوٽ ڪرڻ جي آھي تہ بابا سائينءَجا مضمون ڪو مذھب جي موضوع تي ڪونہ هوندا هئا, پر علامه قاسمي هڪ سنڌ دوست ۽ دل ذھن جو کليل انسان هو, ان ڪري بابا جا مضمون خوشيءَ سان “الرحيم” ۾ ڇپيندو هو. 
       اڄ ڪلھ مان بابا سائينءَجا لکيل ڪالم ۽ مضمون پيو گڏ ڪريان. “الرحيم” جا پرچا کوليم تہ سندن  مضمونن جي لسٽ ھن ريت جڙي پئي: 
    “درگاه ٺلاه جا ٻه شاه شاعر”(نومبر 1978), “ورهاڱي کان اڳ جي غير مسلم شاعرن جو ڪلام”(جون 1979), ” غير مسلم شاعرن جي ڪلام جو جائزو”- هي مضمون قسطوار ڇپيو.هيءَ ٻي قسط هئي.(سيپٽمبر 1979), “لاکيڻي لطيف جي ڪلام ۾ اقتصادي تعليم”(جنوري 1980).
  • ؛1842 ۾ مکيہ پرڳڻن/شھرن جي مالڪي ۽ انھن جي آمدنيءَ مان ميرن جو حصو

    ؛1842 ۾ مکيہ پرڳڻن/شھرن جي مالڪي ۽ انھن جي آمدنيءَ مان ميرن جو حصو

    ممتاز علي پٺاڻ.

    “1842 ۾ مکيہ پرڳڻن/شھرن جي مالڪي ۽ انھن جي آمدنيءَ مان ميرن جو حصو.”

      facebook 1707974921876 71637660467271299381سنڌ جي غلام ٿيڻ کان هڪ سال اڳ سنڌ جي انتظامي حيثيت هيءَ هئي تہ ٿلهي ليکي ميرن سموري سنڌ ٽي حصا ڪري پاڻ ۾ ورهائي کنئي هئي. هڪ حصو – ميرپور خاص وارو پرڳڻو مير شير محمد خان جو هئو ۽ ميرپور ۾ ان جي گادي هئي. سنڌ جو ٻيو حصو خيرپور جا پرڳڻا هئا ۽ گادي خيرپور هئي. ٽيون حصو حيدرآبادي ميرن جي حوالي هو, ان جي گادي حيدرآباد شھر ۽ هتي ميرن جي چئوياري حڪومت هلائيندي. 
    حيدرآبادي حاڪم هئا: مير نصير خان, شھداد خان, حسين علي, مير محمد, مير صوبدار خان ۽ مير نور محمد جو اولاد. خيرپوري حاڪم ھئا: مير نصير خان, مير رستم خان, مير علي مراد خان, مير محمد ۽ مير علي مردان. خيرپور جي آمدني سمورا خيرپوري حاڪم مير کڻندا هئا ۽ حيدرآباد جي آمدني حيدرآبادي حاڪم کڻندا ھئا ۽ ميرپور جي آمدني مير شير محمد خان کڻندو هو. ڀنگ ڀاڙي جي آمدني مير رستم خان کڻندو هو.        باقي سبزل ڪوٽ, سکر, شڪارپور ۽ ڪراچيءَ ۾ مختلف ميرن جا حصا هوندا ۽ انهيءَ حساب سان کين آمدني جو هن ريت حصو ملندو هو:
    1. ڪراچي:
    ڪراچيءَ جي آمدني چئن حصن ۾ هڪ جيتري ورهائي ويندي هئي. ان ۾ حصيدار هئا: مير نصير خان حيدرآبادي, مير مير محمد خان, مير صوبدار خان ۽ مير نور محمد جا پونئير. ڪراچيءَ جي سالياني آمدني هڪ لک روپيا هئي.
    2. شڪارپور :
    شڪارپور جي آمدني 3,73,024 رپيا هئي ۽ اها هن ريت ورهائي ويندي هئي: مير نصير خان حيدرآبادي 84914, مير شهداد خان 34357 روپيا, مير حسين علي 32857 روپيا, مير رستم خان خيرپوري 103203 روپيا, مير نصير خان خيرپوري 73643 روپيا, مير علي مراد خان 28350 روپيا ۽ مير محمد خيرپوري 15700 روپيا.
    3. سکر:
    سکر مان انھيءَ سال 22,000 روپيا آمدني ٿي ۽ اها مير علي مراد خان ۽ مير نصير خان خيرپوريءَ اڌ و اڌ ڪري کنئي.
     4. سبزل ڪوٽ:
    انھيءَ سال سبزل ڪوٽ مان هڪ لک روپيا آمدني ٿي, جنهن مان مير نصير خان حيدرآباديءَ کي 67000 روپيا مليا ۽ مير رستم علي خان جي پٽ مير مير علي مردان خان کي 33000 رپيا مليا.
     ٿلهي ليکي ڀنگ ڀاڙا ۽ سبزل ڪوٽ مان ميرن کي 1,60,000 مليا. اهي پرڳڻا نپيئر ميرن کان کسي بهاولپور جي نواب کي ڏنا. اهي پرڳڻا مير رستم علي خان, سندس پٽ مير علي مردان خان ۽ حيدرآباد واري مير نصير خان جا هئا.
  • مشهور ليکڪا پوپٽي هيراننداڻيءَ جا بابا ڏانھن خط

    مشهور ليکڪا پوپٽي هيراننداڻيءَ جا بابا ڏانھن خط

    ممتاز علي پٺاڻ.
    “مشهور ليکڪا پوپٽي هيراننداڻيءَ جا بابا ڏانھن خط”.


    POPTI HIRANANDANI WRITES TO MY FATHER DR. DUR MUHAMMAD PATHANfacebook 1705806854972 7154672515038461844
    *******
     Popati Ramchand Hiranandani (17-09-1924 -17-12-2005). was one of the best-known Sindhi women writers, was born in Hyderabad, Sindh. Her works not only depict the urban milieu of Sindhi culture, but also delve deep into the life of Sindhi middle class and the plight of women in the social structure. She also depicts the inner dynamics of Sindhi families.
    Popati Hiranandani’s name is bound to go down in Sindhi literary history as one of the finest Sindhi writers of both pre-partition and post-partition India, a forthright feminist, and an outstanding social activist.
    Among the several works she published are Ruha sandi runch (1975), Man Sindhini (1988) (both poetry), Pukar (1953), Zindagi-a-ji-photri (1993) (both short stories), Sailab zindagi-a-jo (1980) (novel), Sindhi kalahain aju (1985) (essays), Shah, Sindhi-tahiziba jo ruh (1983) (literary criticism), Bhasha shastra (1962) (linguistics), Manik-Motilala (1993) (biography), Muhinje hayatia ja sona ropa varqa (1980) (autobiography), History of Sindhi literature (in Sindhi).
    She has been the recipient of several honors and awards including the Sahitya Akademi Award in 1982 for her autobiography. The citation reads “This profound engaging autobiography of hers gives a remarkable insight into Sindhi society, the social and political upheavel following partition of India, and the great tragedy overtaking the country.” Jai-Jhulelal, Jeay Sindhiyat.”
    We have beautiful collection of her photos and handsom her handsome letters written to my father Dr. Dur Muhammad Pathan. Some of her letters were published in ‘AZAD” of Karachi. I am reproducing those published letters with introduction of Baba Dr. Pathan. This may kindly be kept in mind that ‘Introduction’ of the late Popti Hiranandani was written in 1979, when she was alive. (Mumtaz Ali Pathan)
    ڪماري پوپٽي هيراننداڻي
    ڪماري پوپٽي رامچند هيراننداڻي 17، سيپٽمبر 1924 ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي. بنارس يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. هن وقت “ڪي. سي ڪاليج’’ بمبئي ۾ سنڌي جي پروفيسر آهي.
    پوپٽي هيراننداڻي هند، سنڌ ۽ دنيا جو ڪيترائي دفعا سير ڪيو آهي. سندس شمار ڀارت جي پهرين صفحي جي ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ شاعره، ايڊيٽر، مضمون نگار، افسانہ نگار ۽ ناول نويس آهي. کيس ڪيترين ئي علمي توڙي ادبي جماعتن ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو پئي مليو آهي. هن وقت جن ادارن، جماعتن ۽ سوسائٽين سان وابستہ آهي، تن ۾ “ساھتيہ اڪيڊمي’’ (صلاحڪار بورڊ جي ميمبر)، “سنڌي ساهت منڊل’’  (صدر)، “آل انڊيا سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا’’ (جنرل سيڪريٽري)، “يونيورسٽي آف بامي’’ (بورڊ آف اسٽڊيز جي مميبر) جا نالا قابل ذڪر آهن.
    هن ٻولي، علم ادب ۽ قوم لاءِ جو ڪجهه ڪيو آهي، انجو مختصر خاڪو سندس ئي خطن ۾ نظر ايندو.
    24، ڊسمبر 1975 ع
    پيارا ڀاءُ دعا سلام
    جسونت ڪمار معرفت پتو پيو تہ اوهين مادر زبان جي خدمت ڪندڙن بابت ڪجهہ احوال ڄاڻڻ چاهيو ٿا. پهرين شري ڪيرت جو احوال ڏيان ٿي:
    پتو:  41/3، آدرش نگر، ورلي، بمبئي-25
    ڪيرت ٻاٻاڻي- جنم نوابشاه- ننڍي هوندي اسٽوڊنٽس تحريڪ ۾ سرگرم  بهرو  وٺندڙ- سوڀي گيانچندڻيءَ جو شيش ۽ دوست- ترقي پسند ليکڪ- هن وقت “آل انڊيا سنڌي ٻولي ساهيتہ سڀا’’ جو  پريزيڊنٽ- جنهن ۾ 78 سنٿائون شامل آهن- ۽ جنهنجي سرپرستيءَ هيٺ آل انڊيا سطح تي ناٽڪ چٽاڀيٽيون، تعليمي ڪانفرنسون ۽ ليکڪ سيمينار ٿيندا رهندا آهن. “سنڌو ڌارا’’ اخبار جو ايڊيٽر پڻ آهي- سندس ڪتاب ڇپيل:-
    (1)   “هوءَ’’ (آکاڻيون) (2) “درد جو دل ۾ سمائجي نہ سگهيو’’ (آکاڻيون) (3) “سوريءَ سڏ ڪيو’’  (ناٽڪ) (4) “ساهت ۾ قدرن جو سوال’’ (تنقيدي مضمون)
    هتي سنڌي ٻولي کي بچائيندڙن جو روح روان آهي.
    پوپٽي رامچند هيراننداڻي:- جنم حيدرآباد سنڌ ۾ – هن وقت ڪي- سي ڪاليج ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي سرڪرده- “آل انڊيا سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا’’ جي جنرل سيڪريٽري- پريزيڊنٽ “سنڌي ساهت منڊل’’، ممبئي- “ساهت اڪاڊمي’’ دهلي جي “ائڊوائيزري بورڊ ’’ جي ميمبر. سندس ڇپيل ڪتاب:-
    آکاڻين جا مجموعا
    (1)                “ رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون’’ (2) “پڪار’’ (3) “ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو’’ (4) “مون توکي پيار ڪيو’’ (5) “خزان جو دور پورو ٿيو’’- (هيل تائين سترکن ڪهاڻيون ڇپيل)
    ناول             
    (1)                “منجو’’ (2) “ حسرتن جي تربت’’ (3) “ جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات’’
    مضمونن جا ڳٽڪا
    (1)                “هڪ پشپ پنڌرهن پنکڙيون’’ (سوراشٽر يونيورسٽيءَ پاران بي. اي ڪلاس تي رکيل) (2) “چرن چڻڪن چت ۾’’ (پوني يونيورسٽيءَ طرفان بي. اي آنرس لاءَ رکيل) (3) “ڀارت جي استري’’ (پوني يونيورسٽيءَ پاران بي. اي ڪلاس تي رکيل) (4) “ڀاشا شاستر’’ (Philology)  (ايم لاءِ، ممبئي پوني ۽ گجرات يونيورسٽيءَ پاران رکيل)   (5) “زنده سا قوم رهندي’’ (سياست تي) (6) “سنڌي ساهت جي جهلڪ’’ (7) “روح سندي رڃ’’ (ادب لطيف) (8) “وويڪانند جي جيوني’’ (سوانح) (9) “شريمد ڀاڳوت’’ (مذهبي) (10) “ڪير’’ (سوانح) (11) “مان ڇا آهيان’’ (ويدانت).
    ائين ڪل 19 ڪتاب ڇپيل اٿم، انهن ۾ مضمونن مان 10،9،8 نمبر ترجمو ڪيل ڪتاب آهن، باقي ٻيا سڀ اصلي ڪتاب لکيل آهن. هتي هند ۾ اچڻ بعد سنڌي ۽ سنڌيت سان ڇا ڇا وهيو واپريو آهي، سچ پچ ڪير ڪير ساهت پيا پئدا ڪن، خير کپيو تہ مون کان سواءِ ٻيو ڪو ٺيڪ طرح ٻڌائي نہ سهگندو. ائين تہ مٿاڇري تي ڪئين ڪک تري آيا آهن، جي پري کان اڻ ڄاڻائي جهلڪ ۾ سونهري پيا ڀاسن! خير ادا، هرڪو پنهنجو نباهي. ساڻيهہ جي ساٿين لاءِ سلام!
    پوپٽي هيراننداڻي
    51 سنگيتا بلڊنگ، ٽيليفون ڀون پٺيان ڪولابا، بمبئي 5
    51، سنگيتا بلڊنگ، ٽيليفون ڀون پٺيان بمبئي
    25، فيبروري 1976 ع
    پيارا ڀاءُ دعا سلام
    اوهانجو خط مليو. اوهانجي فارم کي اسان هتي سائڪلو اسٽائيل ڪرائي، پنجاه- سٺ ساهتڪارن، ايڊيٽرن، ۽ سنٿا هلائيندڙن ڏانهن پوست ڪري ڏياري موڪليو آهي. انهن کي عرض ڪيل آهي تہ انهن مان هڪ هڪ اوهان ڏانهن جدا جدا پنهنجي سر تفصيل ڏياري موڪلي. جسونت ڪمار ۽ مان ساڳي سنٿا جا سيڪريٽري، ۽ جنرل سيڪريٽري (مان جنرل سيڪريٽري) آهيون، انڪري ڪم سانگي گڏجڻ پيو ٿيندو آهي. اوهانکي تسلي ڏيان ٿي تہ اوهانجو ڪم وسريو ناهي، ياد آهي. اوهانجي خط بابت خبر ڪيرت ٻاٻاڻيءَ کي پئي تہ هن بہ اوهانجو خط ڪڍي ڏيکاريو. ٻاٻاڻي صاحب اسانجي سڀا جو پريزيڊنٽ آهي. ٻاٻاڻي ۽ مان روزانو هڪ آفيس ۾ ٽي ڪلاڪ گڏجي، سنڌي ۽ سنڌين لاءِ ڪم ڪندا آهيون. انڪري جدا جدا خطن لکڻ جي ضرورت ناهي. ٻاٻاڻي کي لکو يا مونکي يا جسونت کي، ڳالهہ ساڳي آهي.
    اوهين ٻي ڪا خبر چار ڏيو. تازو منهنجا ٽي ڪتاب ڇپيا آهن: ٻہ مضمونن جا ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڳٽڪو. هڪ مضمونن جو ڪتاب ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب تيار رکيا آهن، ڏينهن ٻن ۾ پريس ۾ ويندا. اتي جي خبر چار ڏيو. ڪهڙا ڪتاب پيا ڇپجن؟ اوهانکي ڪهڙا ڪتاب پسند آيا آهن؟ تازو اسان “سنڌو ڌارا’’ نالي هفتيوار اخبار چالو ڪئي آهي، جنهنجي ايڊيٽر مان آهيان. ان ۾ جسونت جي ڏنل اوهانجي ننڍي ڪوتا ڇپيسين. مان اوهان ڏانهن پنهنجون ڪوتائون (شعر) موڪليان تہ ڇپائيندا؟ نئين ڪوتا جي طرز تي لکيل آهن. اوهانجو يا اوهانجا پيارا ليکڪ ڪهڙا آهن؟ هڪ لعل جوڻيجو خيرپور نواسي هو انکي سڃاڻو؟ ڪهڙن ليکڪن سان واقفيت اٿو؟ خبر ڏيو.
    پوپٽي هيراننداڻي
  • سنڌ مسلم ليگ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ

    سنڌ مسلم ليگ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ

    ممتاز علي پٺاڻ.
    “سنڌ مسلم ليگ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ”.

       facebook 1705806978578 7154673033480173308 سڀ کان اڳ ۾ بابا سائين 
    (ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ) پنهنجي ڪتاب “سياسي چرپر” ۾ سال اڳ اها ڳالھہ لکي تہ آل انڊيا مسلم ليگ گهڻو دير سان سنڌ ۾ شاخ کولي. ان کان اڳ سنڌ ۾ جيڪا مسلم ليگ نالي جماعت هئي, اها سنڌ سطح جي ۽ نج سنڌ جي سياسي پارٽي هئي ۽ ان جو آل انڊيا مسلم ليگ سان ڪو بہ واسطو ڪونہ هو. “سنڌ مسلم ليگ” 1930 تائين, بلڪ ان کان پوءِ بہ سنڌ جي عوام جي سياسي خدمت ڪئي.
              گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ سنڌ مسلم ليگ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي خط و ڪتابت جو 1912 کان 1947 تائين جو رڪارڊ پيو آھي. اهو هزاها خطن جو منفرد خزانو آھي, جيڪو بابا سائينءَ گل حيات ۾ گڏ ڪيو آھي.
        آئون جڏهن خطن جي انھن فائيلن جي اوراق گرداني ڪريان ٿو تہ پتو پئي ٿو تہ سڀ کان پهريون خط 04 فيبروري 1912 جو آھي, جيڪو سنڌ مان  آل انڊيا مسلم ليگ جي سيڪريٽريءَ کي لکيو ويو آھي. خط ۾ لکيل آھي:
    ” تازو هز هائنيس سر آغا خان هتي آيو هو, جنهن صلاح ڏني تہ سنڌ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي شاخ کوليو. اوهان کي گذارش ٿي ڪجي تہ پارٽيءَ جا “اغراض و مقاصد” ڏياري موڪليو”. پر انھيءَ خط جي موٽ ڪانہ ڏني وئي. ايئن وقت گذرندو رهيو.
          وري 02 نومبر 1917 تي خالق ڏني هال ۾ سنڌي مسلمانن جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ ھن ريت “سنڌ مسلم ليگ” جا عهديدار چونڊيا ويا: يوسف علي علي ڀائي (صدر), رئيس غلام محمد ڀرڳڙي (نائب صدر), سيٺ غلام علي چاڳلا (اعزازي سيڪريٽري) ۽ حاجي عبدالله هارون (جوائنٽ سيڪريٽري). ان وقت “سنڌ مسلم ليگ” جي باقي ميمبرن جو تعداد 68 هو. سنڌ وارن وري آل انڊيا مسلم ليگ وارن کي هٿ جوڙ ڪئي تہ اسان کي الحاق ڏيو. پر کين خاطر خواھہ جواب ڪونہ مليو. انھيءَ دوران چيلمسفورڊ جي اڳواڻيءَ ۾ هندستان ۾ آئيني سڌارڻ بابت سياستدانن سان ملڻ صلاح ڪرڻ لاءِ ولايت مان وفد آيو. “سنڌ مسلم ليگ” پنهنجي آزاد حيثيت ۾ انھيءَ وفد کي سپاسنامو ڏنو. اهو سپاسنامو گل حيات ۾ موجود آھي.
         ٽي سال گذري ويا. وري سنڌ مسلم ليگ گذارشون ڪيون تہ اسان جي پارٽيءَ کي الحاق ڏيو. ليڪن جواب ڪونہ ملين. 1920 ۾ ”سنڌ مسلم ليگ”جي مرڪزي قيادت هن ريت هئي:
    رئيس غلام محمد ڀرڳڙي (صدر), سيٺ حاجي عبدالله هارون (نائب صدر), اي.ايم.احمد (سيڪريٽري) ۽ سيٺ طيب علي علوي (جوائنٽ سيڪريٽري). ان کان سواء سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل تي هي ميمبر هئا: سيٺ غلام علي چاڳلا, مير ايوب, جي.جي.مرزا, محمد خان, شيخ عبداعزيز, شيخ عبدالمجيد, محمد علي محمد, احمد حاجي ڏوسل کتري, ڊاڪٽر نور محمد, حاجي غلام حسين قاسم, ابوبڪر حاجي موسا, فدا حسين ڪوٽياوالا, عبدالله حاجي ذڪريا ۽ لاڙڪاڻي وارو جان محمد جوڻيجو. ان وقت سنڌ مسلم ليگ جي جنرل ڪائونسل 90 ميمبرن تي ٻڌل ھئي. 
           منھنجيءَ هن پوسٽ جي ٻن ڳالهين ڪري اهميت آھي. پهريون هي تہ “سنڌ مسلم ليگ” جو اڻ پڙھيل باب مون دوستن اڳيان آندو آھي ۽ ٻيو تہ مثال ڏئي ثابت ڪيو اٿم تہ سنڌ مسلم ليگ پارٽي هئي ۽ ڪوششن باوجود ان کي آل انڊيا مسلم ليگ الحاق نہ ڏنو.
  • سنڌ مشن’ جي عنوان سان بابا سائينءَ جي اهم تاريخي تحقيق

    متاز علي پٺاڻ.
    ” ‘سنڌ مشن’ جي عنوان سان بابا سائينءَ جي اهم تاريخي تحقيق”.

    مان پنھنجي والد تي جيترو بہ فخر ڪريان, اوترو گهٽ آھي. ڇو تہ بابا سائين علمي, قلمي ۽ تحقيقي حوالي سان سنڌ جو هڪ سچو عاشق آھي. باباسائين ٽالپورن جي دور کان وٺي اڄوڪي دور تائين سنڌ جي سياست, علم ادب, ثقافت, تعليم, تجارت ۽ سماج بابت جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي ۽ عالمانہ انداز سان ترتيب ڏئي رکيو آھي, ان جو مثال ڪوبہ فرد يا ادارو پيش ڪري نہ ٿو سگهي.
    جيتوڻيڪ اڄ ڪلھہ منھنجو گهڻو وقت گل حيات جي عمارت اڏائڻ ۾ گذري ٿو, پر وقت ڪڍي ڀريون ٻڌل بابا سائينءَ جي نوٽس جي صفائي بہ ڪندو آهيان. اڄ انگريزيءَ ۾ لکيل بابا سائينءَ جو “سنڌ مشن” جي عنوان سان هڪ مسودو نظر مان گذريو. اهي ڪمپوز ٿيل 54 صفحا آھن. انھيءَ مسودي ۾ فرنگي سفارتڪارن ۽ جاسوسن سنڌ ۾ نوس نوس ڪري, پنهنجيءَ سرڪار کي 24 نومبر 1831 کان 13 آگسٽ 1843 تائين جيڪي خبرون پهچايون, انهن جو اختصار سان اهي ڳالهيون ڪيون/لکيون آھن.
    آئون اهو سڄو مسودو تہ هتي شيئر نہ ڪو ڪري سگهان, پر ان مان ٿورا مثال هتي ڏيان ٿو. باباسائينءَ جيڪو واقعو بيان ڪيو آھي يا ڳالھ ڪئي آھي, ان جو حوالو پڻ ڏنو اٿس. انگريزيءَ ۾ لکڻ جو ڪارڻ اهو هئس تہ اڄ جي سنڌي ماڻھوءَ کي تاريخ پڙھڻ سان ڪا خاص دلچسپي ڪانهي. بابا جي روز شيئر ٿيندڙ “سنڌ جي واقعاتي تاريخ” بہ انٽرنيٽ تي موجود سڀ دوست ڪونہ پڙھندا آھن. ان ڪري بابا مناسب ڄاتو تہ سنڌ جو ڪيس دنيا جي ڪورٽ ۾ ئي پيش ڪرڻ لاءِ انگريزيءَ ۾ ئي لکڻو پئي ٿو. مان اڪثر ڪري بابا جي انگريزي نوٽس جو ترجمو ڪندو آھيان. پر اڄ گل حيات جي اڏاوتي ڪم جي نگراني ڪرڻ واري ڪم ۾ مصروف هجڻ ڪري, بابا جي نوٽس جو سنڌيءَ ۾ ترجمو نہ ٿو ڪيان ۽ سندس مسودي مان اقتباس ڏيان ٿو:
    Sind Mission.
    Letter, dated 24th November 1831, from Captain Sir C. Malcolm, Superintendent of Navy, to Earl of Clare, President and Governor in Council, informing him as to the time the Sind Mission, under Colonel Pottenger would take to reach Mandvi ; letter from Mr. C. Morris, Chief Secretary to Government of Bombay to Captain Sir C. Malcolm in reply to the above letter; letter No. 1789, dated 28th November 1831, from Government of Bombay to Envoy in Sind informing him that an advance of Rs. 15,000 had been made in his favour on account of the mission to Sind; (Year, 1832 Department. Political… File No, 300 Page (1-3) &) (Year 1832 Department Political… 300 Page (5) &)
    Letter from Governor in Council to His Highness Nawab Bahawalkhan, Daood Potra, Chief of Bahawalpore, making a Present of certain valuable articles to him for showing kind attentions and hospitality to Lieutenant Burns while on his journey to Lahore ; (Year, 1832 …Department, Political …File No, 300 Page (9-10) & )
    Letter No. 256, dated 20th November 1831, from Political Superintendent, Cutch to Government of Bombay relating to the pursuit after free-booters ( Soda Jagatsing of Nagar Parkar and Soda Poonjaji of Vera- veer ) by Sindian troops under Nawab Ghulam Shah Laghari, Chief of Saimkote.(Year, 1832 …Department, Political …File No, 300 Page (22-24) &)
    Letter, dated December 1831, from Government of India to Colonel Pottenger forwarding him a copy of a letter written under order of Governor-General to Political Assistant at Ludhiana, and of one to the address of Maharajah Ranjeetsing, Ruler of Lahore, relating to Colonel Potenger’s Mission to the courts of Ameers in Sind in connection with improvement of means of intercourse between His Highness’s territories and those of British Government by the route of Indus; (Year, 1832 …Department, Political …File No, 300 Page (47-54) &)
    Letter No. 43, dated 9th January 1832, from Government of Bombay to Colonel Pottenger acknowledging receipt of his Progress report relating to the mission to the Ameers of Sind and sanctioning grant of Presents to the Agent of His Highness Meer Murad Ali Khan of Sind; (Year, 1832 … Department, Political … File No, 300 (71-72) & )
    Letter, dated 12th January 1832, from Government of India to Colonel Pottenger approving of the emissary of Meer Naseer Khan and of the course proposed to be followed in continuing his journey to Hyderabad;( Year, 1832 … Department, Political … File No, 300 (73-83) &)
    Letter, dated 19th January 1832, from Colonel Pottenger to Government of India informing how he was received by the ‘Mahenandaes’ of Meer Murad Ali Khan, that his baggage was detained at the mouth of Indus and that he remonstrated with the ‘Mahemandars’ of Meer Alimurad Khan against the unfriendly act on the part of the Meer; (Year, 1832 … Department, Political … File No, 301 (26-35) &)
    Letter No. 2, dated 21st January 1832, from Government of Bombay directing Colonel Pottenger to act in accordance with sentiments expressed in extract paragraphs 5 to 8 of the dispatch from the Governor-General. (Year, 1832 … Department, Political … File No, 301 (87-89) &)
    Letter No. 40, dated 21st January 1832, from Colonel Pottenger to Government of India stating that Syed Zainuddin discussed with him the claims of several rival candidates to the musnud of Sind Government after to the death of Meer Muradali Khan; (Year, 1832-33 … Department, Political … File No, 301 (41-51) &)
    Letter from Government of India to Colonel Pottenger acknowledging receipt of a letter and it translation from Meer Murad Ali Khan expressing His Highness’s friendly wishes and intentions towards His Lordship;(Year, 1832 … Department, Political … File No, 301 (41-51)&)
    Letter, dated 25th January 1832, from Government of India to Colonel Pottenger stating that the accounts of the Sind Mission will ultimately be passed by Supreme Government, but as the Bombay Government were connected with the Mission it would be convenient that they should pass in the first instance through that Government;(Year, 1832 … Department, Political … File No, 300(93-94)&)
    Letter, dated 26th January 1832, from Government of India to Colonel Pottenger acknowledging receipt of his letter of 8th idem and expressing-
    (i) His Lordship’s approval of the instructions issued to Dr. Del Hoste to avail himself of the opportunities afforded by the Mission to extend acquaintance with the Geography of Sind;
    (ii) Enjoining great caution to avoid incurring any imputation of converting the Mission into an expedition for the purpose of exploring the routes and military resources of the country.(Year, 1832-33 … Department, Political … File No, 300(95-96) &)
    Letter, dated 15th February 1832, from Government of India in reply to Colonel Pottenger’s letter No. 38, dated 21st January 1832, expressing approval of his conduct in the intercourse he had with Mehmandars; (Year, 1832-33 … Department, Political … File No, 300(117-118) &)
    Letter No. 43, dated 31st January 1832, from Colonel Pottenger to Government of India reporting the following proceedings with the Government of Sind with effect from the date of his arrival in Sind :-
    (a) Suspicions raised in the mind of Meer Muradali owing to the deputation of Colonel Pottenger to Khairpur and obstruction put by the Ameer in the Colonel Pottenger’s design to proceed to Khairpur;
    (b) Reception of Colonel Pottenger and his associates by Meer Muradali Khan;
    (c) Interview of Colonel Pottenger with the Ameer.
    (d) Draft treaty consisting of nine articles-Discussions of-with Munshi Khushiram. (Year, 1832-33 … Department, Political … File No, 301 (52-103) &)
    Letters No. 46 and 46-B of 3rd February 1832 and 5th February 1832, respectively, from Colonel Pottenger to Government of India informing that Meer Muradali had permitted him to proceed to Khairpur had permitted him to proceed to Khairpur and that before leaving Hyderabad he had sent an outline of treaty to Meer Muradali to calm his suspicions and asking for further instructions;( Year, 1832-33 … Department, Political … File No, 301 (147-175) (178-190) &)
    Letter No. 53, dated 11th February 1832, from Colonel Pottenger to Government of India informing:-
    (a) That Meer Muradali accepted the Presents sent by His Lordship;
    (b) That he had another interview with Meer Muradali Khan;
    (e) That owing to certain disturbances at Khairpur his departure had been postponed to that place at the expressed desire of the Meer; (Year, 1832-33 … Department, Political … File No, 301 (190-215) &)
    Letter, dated 17th February 1832, from Government of India in reply to Colonel Pottenger’s letter No. 40, dated 21st January 1832, approving of the manner in which he discussed the question of succession and the caution maintained by him, and giving future instructions in connection with the matter; Year, 1832-33 … Department, Political … File No, 301 (119-120) &)
    Letter, dated from February 1832, from Government of India forwarding, for information, to Colonel Pottenger copies of-
    (I) A letter from Maharajah Ranjeetsing respecting the navigation of the River Indus and by him in explanation;
    (2) A letter from Maharajah Ranjistsing in reply;
    (3) Letter from Government of India in reply to the above. (Year, 1832-33 … Department, Political … File No, 301 (201-207) &)
    Letter, dated February 1832, from Government of India to Colonel Pottenger acknowledging receipt of Colonel Pottenger’s letter of 31st January 1832 and approving of his conduct in the difficult and troublesome discussions with Ruler of Hyderabad and his officers;(Year, 1832-33 … Department, Political … File No, 300(161-163) &)
    Letter No. 56 of Colonel Pottenger appointing Dr. Delhoste to proceed to Khairpur and giving him instructions for guidance. ;( Year, 1832-33 … Department, Political … File No, 301(249-290) &)
    Letter No. 57, dated 22nd February 1832, from Colonel Pottenger to Government of India reporting the following further proceedings at the Court of Meer Muradali:-
    (I) Message from Meer Muradali Khan desiring Colonel Pottenger to quit Hyderabad at once and proceed to Khairpur;
    (2) Memorandum from Colonel Potenger to Meer Muradali stating that he was ready to act agreeably to his advice and that he was waiting for reply from Meer Rustomkhan;
    (3) Deputation of Ahmedkhan and Bakshali to accompany Colonel Pottenger and his party to Khairpur;
    (4) March of Kharaksing to Dera Gazikhan and preparations made by Ameers of Hyderabad to meet him on the Sind Frontier;
    (5) Message from Meer Muradalikhan desiring Colonel Pottenger to return to Cutch if such a contingency arose and informing that he would write a letter to His Highness Governor-General explaining him the reason for dismissing the Mission;
    (6) Memorandum from Colonel Potenger to the Meer making some suggestions for establishing certain degree of political influence, without which no treaty would be found effectual.
    (7) Letter from Colonel Pottenger to Meer Murad Ali Khan informing that he had decided to send one of the gentlemen of his suite (Dr. Delhoste) to Khairpur ;unfriendly attitude adopted by the officers and difficulties thrown in the way of Colonel Pottenger’s access to Khairpur by the Meer and Colonel Pottenger’s protest. (Year, 1832-33 … Department, Political … File No, 301(249-290) &)
    Letters, dated 29th February 1832, and 2nd March 1832, from Dr. Delhoste, attached to the Mission to Colonel Pottenger, relating to his reception at the Khairpur Durbar. ; (Year, 1832-33 … Department, Political … File No, 300(167-181) &)
    Letter No. 71 of March 1832 from Government of Bombay to Colonel Pottenger reporting depredations committed by the Free-booter Pittoojee Waghela and requesting that it should be brought to the notice of the Ameers, if so desired. (Year, 1832-33 … Department, Political … File No, 300(188) &)
    Letter, dated 17th March 1832, from Government of India (I) approving, with certain modifications of the draft treaty negotiated with Meer Muradali and giving further instructions; (2) forwarding a letter to the address of Meer Muradali Khan, assuring His Highness that British Government had no desire to covet his possessions (i.e. Shikarpur) and that integrity of Sind dominions will ever be respected. (Year, 1832-33 … Department, Political … File No, 300(209-211) &)
    Letter, dated 17th March 1832, from Government of India to Colonel Pottenger, conveying His Excellency the Governor General’s approbation of the prudent and conciliatory course of proceedings which he (Colonel-Pottenger) adhered throughout the course of his negotiations and furnishing further instructions. (Year, 1832-33 … Department, Political … File No, 300(213-218) &)
    Letter No.59, dated 19th March 1832, from Acting Resident at Bhooj forwarding copies of correspondence relating to complaint of one Sador Rahbaree of Palanpur against an outrage committed by certain Khosas of Islamkote and (2) of a letter to the address of Ameers of Sind for redress of grievances. (Year, 1832-33 … Department, Political … File No, 300(268-270) &)

  • ”سنڌي ساهت سڀا”-انگريزن جي دور جي ادبي جماعت

    ممتاز علي پٺاڻ.
    ”سنڌي ساهت سڀا”-انگريزن جي دور جي ادبي جماعت”.

        سنڌ ۾ سياسي ۽ ادبي تنظيمن جو آغاز اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ شروع ٿيو. “سنڌ سڀا” سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي جماعت هئي, جيڪا 1882 ع ۾ ٺھي. انھيءَ زماني ۾ سرڪاري ملازمن کي سياست ۾ حصي وٺڻ کان روڪ ٽوڪ ڪانہ هوندي هئي. سال ڏيڍ کان پوءِ ”ميڪس ڊينسو هال لٽرري سوسائٽيءَ“ نالي ادبي تنظيم قائم ٿي. ان کان پوءِ 1947 تائين تعليمي ادارن ۽ سماجي تنظيمن ادبي سرگرميون شروع ڪيون. ان کان سواءِ کوڙ نج ادبي تنظيمون بہ قائم ٿيون.
       “سنڌي ساهت سڀا” ڊسمبر 1929 ۾ ٺاهي وئي. ڪراچيءَ ۾ ”ڪراچي وديارٿي سماگم” نالي شاگردن جي هڪ تنظيم هوندي هئي. آسانند مامتورا ان جو چيئرمن ۽ پرنسپال جي.اين. گوڪلي انھيءَ جو صدر هوندو هو. انهيءَ “وديارٿي سماگم” طرفان ڪراچيءَ جي ڊي.ڪاليج ۾ پرنسپال گوڪلي جي صدارت ۾ اديبن جي گڏجاڻي ٿي. جن شرڪت ڪئي, انھن مان ڪي مکيہ آھن. ڪاڪو ڀيرومل, ڊاڪٽر دائود پوٽو, محمد صديق ميمڻ, جي.ايم.سيد, علامه آءِ.آءِ.قاضي, منگهارام ملڪاڻي, لالچند امرڏنومل, ڄيٺمل پرسرام, شيورام ڦيرواڻي, پرنسپال شاهاڻي, پرنسپال اين.اي قاضي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي وغيره. 
    انھئ گڏجاڻيءَ ۾ بحث مباحثي کان پوءِ ”سنڌي ساهت سڀا” نالي ادبي تنظيم ٺاهي وئي ۽ ان جا مول متا هن ريت مقرر ڪيا ويا: (1). سنڌي ادب جي واڌ ويجہ ڪرڻ, (2). سنڌي دانن ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ, (3). مرڪزي لائبرري ٺاهڻ, (4). سنڌي ڪتابن جي ببليوگافي مرتب ڪرڻ, (5). هٿ-لکيل مسودا گڏ ڪري ڇپرائڻ, (6). نون سنڌي ڪتابن جي اسڪيم ٺاهي, ان تي عمل ڪرڻ, (7). سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب لکي ڇپرائڻ, (8). هڪ معياري رسالو ڪڍڻ.
      “سنڌي ساهت سڀا” جي ان وقت هينئن چونڊ ڪئي وئي: پرنسپال شاهاڻي (صدر), ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽو (نائب صدر), لالچند امرڏنومل ۽ مسٽر عبدالحق (ٻئي جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ آسانند مامتورا (خزانچي). ان کان سواء هڪ انظاميه ڪميٽي بہ جوڙي وئي.
    “سنڌي ساهت سڀا” هندو توڙي مسلمانن جي هڪ گڏيل جماعت هئي ۽ انھيءَ طرفان ادبي ڪانفرنسون پڻ ٿيون. هن ادبي جماعت جي قائم ٿيڻ واريءَ گڏجاڻيءَ جا تفصيل “اخبار تعليم” جي فيبروريءَ 1930 واري پرچي ۾ شايع ٿيا هئا.
  • گل حيات بابت لکيل منهنجا مضمون

     “گل حيات بابت لکيل منهنجا مضمون”.

        ٻہ اڍائي سال ٿيندا جو اسان باباسائينءَ کي ڪراچيءَ مان لڏائي ڳوٺ وٺي آياسين. منهنجي ننڍي ڀاءّ زاهد علي پنهنجو گهر بابا ۽ گل حيات حوالي ڪيو ۽ پاڻ مسواڙي گهر ۾ ڏوڪريءَ طرف وڃي ويٺو. اللّه بابا کي وڏي حياتي ڏئي, هو پنھنجي ڄمار اتي ئي ويهي تحقيقي ڪم ڪندو. مان لاڙڪاڻي رهندو آھيان ۽ روز بابا لاءِ مانجهاندي جي ماني کڻي ايندو آھيان ۽ ڪجھہ وقت بابا سائينءَجي اسسٽنٽ طور فائيل بہ سيليندو صاف ڪندو آھيان ۽ بابا سائين جي ورتل نوٽس جي بنياد تي گل حيات جي ميڙيءَ چونڊيءَ بابت سنڌيءَ يا انگريزيءَ ۾ مضمون بہ لکندو آھيان. ٻن سالن کان روزانو لکي انٽرنيٽ گروپن تي رکان ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اهي اخبارن ۾ ڏيندو آھيان. لڳ ڀڳ هزار مضمون ٿيندا. بابا سائين انھن جي هارڊ ڪاپي ڪڍرائي جلد هڻي گل حيات ۾ رکندو آھي. جيڪي ريسرچ ڪندڙ شاگرد ايندا آھن, اھي منهنجي مضمونن کي نظر مان ڪڍي اندازو لڳائيندا آھن تہ سندن ڪم جو ڪهڙو ۽ ڪيترو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. منھنجا هي مضمون گل حيات جي ويب سائيٽ تي بہ اپلوڊ ٿيل آھن. ھتي انھن سمورن مضمونن جا عنوان تہ لکڻ ناممڪن آھن, ان ڪري ڪجھ عنوان اوهان سان شيئر ڪريان ٿو:
    1.گل حيات ۾ لطيفيات تي گڏ ٿيندڙ مواد, 2. هندو مسلم اتحاد لاءِ ھندن جي ڪوششن بابت گل حيات ۾ مواد, 3. گل حيات ۾ گڏ ڪيل متعصبي مذھبي مواد, 4. گل حيات ۾ موجود پراڻا سنڌي رسالا, 5. گل حيات ۾ موجود پراڻا اردو رسالا,6. گل حيات ۾ موجود فوٽن جو خزانو, 7. گل حيات جون اشاعتي خدمتون, 8. گل حيات ۾ موجود قلمي قرآن ۽ ڪتاب, 9. گل حيات ۾ موجود سرڪاري رسالا, 10. ڪتي جي قبر بابت گل حيات جي تحقيق, 11. گل حيات ۾ گانڌيءَ ۽ سنڌ بابت مواد, 12. سنڌ يونيورسٽي قائم ٿيڻ کان اڳ هندن ۽ مسلمانن جي قلمي جنگ بابت گل حيات ۾ مواد, 13.سوانح نگاريءَ بابت گل حيات ۾ مواد, 14. سنڌي لپيءَ بابت هندو ۽ مسلمانن جي اختلاف بابت گل حيات ۾ مواد, 15. گل حيات ۾ آڳاٽين سياسي پارٽين جا ڊاڪيومينٽس, 16.گل حيات ۾ پاڳارن بابت مواد, 17. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سنڌي قلم قبيلي جي ڪردار بابت گل حيات ۾ مواد, 18. ضياءُ الحق جي زماني ۾ سنڌين کي مليل سزائون ۽ گرفتاريون, 19. مولانا عبيدالله سنڌيءَ بابت گل حيات ۾ مواد, 20. ادبي تنظيمن بابت گل حيات ۾ مواد, 21. صحافت بابت گل حيات ۾ مواد.
    هي ڪجھ عنوان آھن, جن تي مون لکيو آھي. جڏهن تہ سمورن عنوانن کي هن هڪ پوسٽ ۾ ڏئي نہ ٿو سگهجي.
  • ممتاز علي پٺاڻ. 1946 ۾ سنڌ جا مختيارڪار

    ممتاز علي پٺاڻ. 1946 ۾ سنڌ جا مختيارڪار

    ممتاز علي پٺاڻ.
    “1946 ۾ سنڌ جا مختيارڪار”.

       IMG 20231218 WA01431  1843 کان وٺي انگريزن پنهنجيءَ حڪمرانيءَ ۽ سنڌي سماج بابت اهڙو تہ ترتيب سان مواد محفوظ ڪيو, جنهن جي بنياد تي هزارين ڪتاب ترتيب ڏئي سگهجن ٿا. اهڙي مواد مان کوڙ سارو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. جس هجي بابا سائينءَ کي جنهن جواني ۽ جوڀن اهڙي مواد گڏ ڪرڻ ۾ قربان ڪيو. 
    اڄ مان بابا سائينءَ جي نوٽس جي ڇنڊ ڦوڪ ڪري رهيو هئس تہ هڪ ٿيلھيءَ مٿان “1946 ۾ سنڌ جا مختيارڪار” لکيل هو ۽ مان ان مان سموريون چٽڪيون ڪڍي ترتيب ڏئي پڙھندڙن اڳيان پيش ڪريان ٿو. 
           هنن چٽڪين جي حساب سان 1946 ۾ سنڌ ۾ مختيارڪارن جو تعداد 77 آھي. انھن مان مسلمان مختيارڪار 39 ھئا ۽ غير مسلم مختيارڪار 38 آھن. انھيءَ دور ۾ ريزيڊنٽ, ايڊيشنل سٽي ۽ سٽي ماجسٽريٽن جو تعداد 8 هو. انھن مان 5 هندو ۽ 3 مسلمان هئا. مان مذھبي بنيادن مطابق انگ اکر ڏيڻ کي تحقيقي عيب ڄاڻان ٿو. هندو توڙي مسلمان سڀ سنڌي هئا ۽ اسان کي پنهنجي تاريخ جو مطالعو مذھبي عينڪ پائي ڪرڻ نہ گهرجي. مختيارڪارن جي نالن جي وچور ڏيڻ وقت اسان کي اها ڳالھ ذھن ۾ رکڻي پوندي تہ سنڌي مسلمان جڏهن تعليم پرائڻ شروع ڪئي ۽ نوڪرين ۾ گهريا تہ هنن هندو-مسلم تناسب واري مفروضي کي ختم ڪري ڏيکاريو تہ ڪو مسلمانن کي ڏسي وائسي نوڪريون نہ ڏنيون ويون. هندو يا مسلمان جيتري تعليم ورتي, اوتري هن کي نوڪري ملي. بهرحال اچو تہ اسان 1946 ۾ مختيارڪارن جي نالن جي لسٽ نظر مان ڪڍون:
    سوڀراج ميٺارام (ڪراچي), ابوبڪر محمد بخش شيخ (ٺٽو), ميارام هردسنگ (ٺٽو, ايڊيشنل), گوبندرام لوڪچند (ميرپور ساڪرو), اي.ايڇ. مينڌرو (گهوڙا ٻاري), محمد عرس شورو (شاهبندر), محمد علي (ميرپور بٺورو), پرسرام سجناڻي (جاتي), دولترام پنجنسنگ (سجاول), حاجي علي محمد سيوهاڻي (سٽي مختيارڪار حيدرآباد), ارباب علي شاه (حيدرآباد), محمد اسماعيل جعفري (هالا), ماڌوداس ڏاڏلاڻي (ٽنڊو الهيار), بدرالدين شيخ (ٽنڊو الهيار, ايڊيشنل), جيرامداس ڀاٽيا (گوني), مير محمد مهر (ديرو محبت/ماتلي), بيدار بخت (ٽنڊو باگو), پهلاجسنگ گوپالسنگ (بدين), قيمتراء نھچلداس (شڪارپور, ايڊيشنل), ڀاڳچند ڇڳاڻي (شڪارپور), الهڏنو سيال (سکر), هوتچند گوبندرام (ايڊيشنل, سکر), علي احمد سيوهاڻي (ڳڙھي ياسين), رامچند پنجواڻي (روهڙي), چڱومل رعايت مل (پنو عاقل), غلام علي سليماني (گهوٽڪي), غلام علي قريشي (اوٻاڙو), غوث بخش شيخ (ميرپور ماٿيلو), الله بخش عقيلي (قمبر), بولچند آسنداس (ايڊيشنل, قمبر), عبدالغفار جکراڻي (واره), محمد منير (شھدادڪوٽ), محمد عمر ميمڻ (ميروخان), شامداس هيمنداس (لاڙڪاڻو), هرداس مل هڱوراڻي (ايڊشنل, لاڙڪاڻو), شاه محمد شيخ ( رتوديرو), موتيرام بجلاڻي (ڏوڪري), نارائڻداس گرڏنومل (نواب شاه), اي.جي.ڊسوزا (ايڊيشنل, نواب شاه), محمد حسين ميمڻ (شھدادپور), دولترام جڳتياڻي (ايڊيشنل, شھدادپور), عبيدالله ميمڻ (سنجهورو),  سڪندر علي شاھ (نوشھرو), سکرامداس (ڪنڊيارو), جمال الدين آرائين (مورو), ٽھلرام ڀاڳيا (سڪرنڊ), حبيب الله بلوچ (ميرپور خاص), جڳتراء لوڪچند (جيمس آباد), نظر محمد ٽڳڙ (ڊگري), گوڪلداس ناگواڻي (عمر ڪوٽ), نصرالله قريشي (کپرو), مهر لال شاهديومل (سامارو), محمد خان سومرو (سانگهڙ), نارائڻداس ڏيارام (مٺي), محمد اشرف شاه (ڇاڇرو), دين محمد آرائين (ڏيپلو), محمد مقيم (نگرپارڪر), عبدالحميد شيخ (ڪوٽڙي), عبدالرحمان آرائين (سيوهڻ), گنگارام ريلارام (دادو), آر.ڪي.ڀوڄواڻي (جوهي), عبدالرحيم شيخ (ڪڪڙ), عبدالعليم عقيلي (ميهڙ), ٿانورداس چندناڻي (ايڊيشنل, ميهڙ), گوبندرام کيمچند (جيڪب آباد), محمد اسماعيل ميمڻ (ڳڙھي خيرو), ڪرمچند اوڌوداس (ڪنڌڪوٽ), ريلومل ڀاٽيا (ايڊيشنل, ڪنڌڪوٽ), گوپالداس جڳشيا (ٺل), ساڌورام سهجراء (ڪشمور), هوتچند لالچنداڻي (حضور مختيارڪار ڪراچي), ميٺارام پيسومل (حضور مختيارڪار حيدرآباد), نھچلداس آچاره (حضور مختارڪار سکر), علي اڪبر شاه (حضور مختيارڪار لاڙڪاڻو), ڪشنچند آئلداس (حضور مختيارڪار نواب شاه),محمد بلاول (حضور مختيارڪار ميرپور خاص) ۽ محمد صديق شمس الدين  (حضور مختيارڪار دادو).