Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • گل حيات ۾ سک ڌرم بابت گڏ ٿيل مواد

    گل حيات ۾ سک ڌرم بابت گڏ ٿيل مواد

     
    textgram 1555839166
     
    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
    “ گل حيات ۾ سک ڌرم بابت گڏ ٿيل مواد“
        سنڌ ۾ سک ڌرم وارن تي ڪنهن تفصيل سان ڪونہ لکيو آھي. سنڌ جي گزيٽيئر ۽ ضلعي وار گزيٽيئرس ۾ سکن بابت مختصر معلومات شامل آھي. جس ھجي ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻي کي جنهن پنهنجي ڪتاب “ سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ سکن بابت شروعاتي معلومات ڏني آھي. انهي مان خبر پوي ٿي تہ ڪلھوڙن جي دور ۾ سنڌ ۾ سک ڌرم جي شروعات ٿي .آڏواڻي خاندان جو وڏو ديوان آڏو مل  نور محمد ڪلھوڙي سان گڏ سنڌ ۾ آيو ھو ملتان ويجهو ڳوٺ “ لوھ پور“ جو ويٺل ھيو ۽ سک ھيوان ڪري لڳ ڀڳ سمورا آڏواڻي سک ڌرم سان واسطو رکندا ھئا. ھنن کان پوءِ قنڌاراڻي ۽ سندن اولاد بہ سک ٿيا.
           تاريخ جي ورقن ورائڻ مان پتو پئي ٿو تہ ٽالپرن جي دور ۾ حيدرآباد ۾ سکن اڪال ڀنگو ٺاھيو جيڪو حيدرآباد جي اولھندي ڪچي ۾ ھيو. اڪال ڀنگي لاءِ پلاٽ وقت جي حڪمرانن ڏنو ھو. اتفاق سان سکن جي اھا مذھبي جاءِ ھڪ مسجد جي ڀرسان ھئي، انهي اڪال ڀنگي ۾ صبح ۽ سانجهي وقت ناد ۽ نغارا وڄايا ويندا ھئا جنهن ڪري مسلمانن ۽ سکن جي وچ ۾ وڏو اختلاف پيدا ٿي پيو. پر وقت جا حڪمران وچ ۾ آيا ۽ جن اھو فيصلو ڏنو تہ مسجد کي شھيد نہ ڪيو ويندو ۽ اھا انهي ھنڌ تي قائم ھوندي. ليڪن مسلمان ڪنهن ٻئي ھنڌ تي مسجد ٺاھي عبادت ڪندا. اھو اڪال ڀنگو ڪچو ھيو پر 1855 ۾ انهي جي نئين سر پڪي عمارت جوڙائي وئي.
        سنڌي سکن منجهان ڪيترن کي، بلڪ اسان منجهان بہ اھا ڪنهن وٽ شايد خبر نہ ھجي تہ سنڌ ۽ سکن جو انهي اڪال ڀنگي کان بہ صديون اڳ ھڪ تعلق رھيو آھي. 13 جنوري 1588 تي گولڊن ٽيمپل جو افتتاح ميان مير ڪيو ھيو. ميان مير سنڌي ھيو ۽ سنڌ مان لڏي وڃي پنجاب ۾ آباد ٿيو ۽ اتي ھن علمي خواه روحاني حساب سان وڏو مرتبو ۽ نالو ڪمايائين. 
          1947 کان پوءِ جڏھن سک ۽ ھندو انڊيا لڏي ويا تہ اتي سکن پنهنجي برادري بابت وڏو تحقيقي ڪم ڪيو آھي ۽ کوڙ ساريون ويب سائيٽيون قائم ڪيون اٿن. پر ھتان ھندو توڙي سک ھٿين خالي لڏي ويا، ان ڪري  سکن جي سنڌ ۾ رھڻ دوران سرانجام ڏنل سماجي،سياسي ۽ ادبي معلومات جو جيڪو خزانو گل حيات ۾ موجود آھي اھو ھند يا دنيا جي ڪنهن بہ ملڪ ۾ رھندڙ سنڌي سک وٽ موجود ڪونهي. 
    ڪلھوڙن جي دور کان وٺي 1947 تائين سنڌ جي سکن بي مثال علمي ادبي ۽ سياسي خدمتون سرانجام ڏنيون. جيئن مون عرض ڪيو آھي تہ انهي جا تفصيل ۽ انگ اکر گل حيات ۾ موجود آھن. سنڌ ۾ سکن جون سماجي ۽ ڌرمي تنظيمون بہ ھونديون ھيون ۽ اھي آزادي سان پنهنجي ڌرم جو پرچار ڪري سگهندا ھئا.“ سک ٽرئڪٽ سوسائٽي“ جي نالي سان حيدرآباد توڙي ڪراچي ۾ سکن جا ٻہ اشاعتي ادارا ھوندا ھئا جن سک ڌرم تي سوين ڪتاب ڇپرايا ۽ انهن ڪتابن ذريعي انهن سنڌ ۾ پنهنجي دين ڌرم جي بہ ڳالھ ڪئي ۽ سنڌ ۾ مذھبي رواداري جا مثال بہ قائم ڪيا .اھا سوسائٽي حيدرآباد ۾ تہ اڳ ۾ قائم ٿي پر ڪراچي ۾ اھا 1926 ۾ قائم ڪئي وئي هئي. ٻنهي سوسائٽين جيڪي ڪتاب شايع ڪرايا انهن  جي تعداد جو  اندازو ھن ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ مھيني ۾ ھڪ ڪتاب شايع ٿيندو ھيو. حيدرآباد واري سوسائٽي الڳ ڪتاب ڇپرائيندي ھئي ۽ ڪراچي واري سوسائٽي الڳ ڇپرائيندي ھئي. 1926 کان وٺي 1947 تائين 20 سالن ۾ في سال جي حساب سان سنڌ جي سکن 24 ٽرئڪٽس ڇپرايا جيڪي ويھن سالن ۾ 500 کان مٿي ٿين ٿا. گل حيات انسٽيٽيوٽ سکن جي عملي ادبي ۽ سياسي خدمتن کان علاوه ھن قسم جي ڪتابن بابت بہ معلومات گڏ ڪئي آھي.
     مان 500 ڪتابن جي لسٽ تہ ھتي ڏئي نٿو سگهان، پر  انهن مان ڪن جا نالا مثال طور ڏيان ٿو. اهي ھن ريت آھن: “بلي ۽ راڌي( 1926) “ بابا ديپسنگه شھيد“ (1927) “ پياري جي جڳنناٿ ياترا“( 1928) “ ستونت ڪؤر“( 1929)“ٻال پريتم“( 1930)“ ڪمار اجيت سنگه“) 1931)“ نراس پريمي“( 1931) “ ھيراجواھر“( 1931)“ صوف“( 1932)“ خلق ۾ خالق“( 1937) “ ڪماليت جو صاحب“ “ معصوميت“ ملڪ ڀاڳو“( 1932)“ پتورت ناريون“( 1931)“ ڦاٽڪ بردار“( 1938)“ چوٻي پريتم“( 1932)“ شھيد مالھا“( 1931)“ دل جو درد“(1934)“ چمن جو ميوو“( 1935)“ وغيره.
         گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجي قومي ۽ تاريخي ذميوارين کي نھايت محبت ۽ محنت سان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي .اسان جون اھي محنتون تڏھن ساڀ پونديون جڏھن سنڌ جا سڄڻ جاڳي پوندا ۽ اسان جي ميڙي چونڊي مان ڪو فائدو وٺندا. ( ممتاز پٺاڻ)
  • گل حيات ۾ جاسوسي ادب Detactive literature جي ميڙي چونڊي

    گل حيات ۾ جاسوسي ادب Detactive literature جي ميڙي چونڊي

    textgram 1555750648

    گل حيات جي ميڙي چونڊي مان.
    “ گل حيات ۾ جاسوسي ادب Detactive literature جي ميڙي چونڊي“
    اسان ڳالھيون ڏاڍيون وڏيون ڪيون آھن ۽ ڪندا آھيون، پر ڪم ڏاڍو گھٽ ڪيو آھي. مثال طور تاريخي تحقيق ۾ اوترو ڪجه نہ ڪيو آھي جيڪو سنڌ جي شاندار ماضي جي تقاضا آھي. اسان کي جيڪي  تاريخ تي ڪتاب پڙھڻ لاءِ ملن ٿا انهن ۾ ڪيترائي جهول آھن .مثال طور مواد جي ڪمي ۽ ليکڪ جي پسند يا نا پسند اسان کي معياري تاريخ کان محروم ڪيو آھي. جيتري قدر ادبي تاريخن جو احوال آھي اھي بہ مختلف زاوين کان نہ لکيون ويون آھن .جڏھن تہ اسان کي سمورا زاويا ذھن ۾ رکي ڪري ادبي تاريخ لکڻ گھرجي. اسان انهي سلسلي ۾ مختلف موضوعن کي ذھن ۾ رکي ۽ مختلف مضمونن کي ڌيان ۾ رکي ادبي تاريخون لکي سگھئون ٿا .جھڙوڪ: “ مذھبي ادب جي تاريخ“. “ سياسي ادب جي تاريخ“،“ ٻاراڻي  ادب جي تاريخ“، “ تاريخي ادب جي تاريخ“، “ عورتاڻي  ادب جي تاريخ“، “  لوڪ ادب جي تاريخ“ ۽ “جاسوسي ادب جي تاريخ“ وغيره وغيره. ادبي تاريخن جا ڪتاب سمورن موضوعن ۽ مضمونن جي حوالي سان لکي سگهجن ٿا. 
      سنڌي ۾ شروع کان وٺي “ جاسوسي ادب“ تخليق بہ ٿيندو رھيو آھي ۽ ترجمو بہ ٿيندو رھيو آھي. پر ھن وقت تائين انهي کي موضوع بڻائي ڪنهن ڪم نہ ڪيو آھي. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۽ سندس باني  انهي حوالي سان جس لھڻن ٿا جو ھن اداري طرفان نہ فقط نت نون موضوعن کي مانوس ڪرايو ويو آھي، ليڪن انهن تي چڱو خاصو مواد پڻ گڏ ڪيو ويو آھي. اھا ئي گل حيات انسٽيٽيوٽ جي نماڻي مگر وڏي خدمت آھي. جنهن کي اسان ھن وقت محسوس نٿا ڪيون، ليڪن ڪو وقت ضرور ايندو جو اسان جون محبتون ۽ محنتون محققن کي ياد اينديون. تاريخي تحقيق جي حوالي سان اھا اسان جي والد صاحب جي سوچ ۽ لوچ آھي جن جي ڪري اسان جي تاريخ جي مختلف زاوين تي نظر پوي ٿي ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ جو اتساھہ پيدا ٿئي ٿو. 
        سنڌي ۾ “جاسوسي ادب“  تمام آڳاٽو آھي ۽ ھن قسم جي ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ خاص ادارا قائم ٿيل ھوندا ھئا. ڏنو مل بصر مل حيدرآباد جو ھڪ مشھور ۽ آڳاٽو ڪتب فروش ھيو ھن ڪيترائي جاسوسي ناول ڇپرايا مثال طور 1914 ۾ مرزا قربان علي بيگ ۽ مرزا مدد علي بيگ جو “ مسٽريز آف حيدرآباد عرف  ڪامل عيار“  جي عنوان سان جاسوسي ناول ڇپرايو. ھن ڪتب فروش ٻيا بہ جاسوسي ناول ڇپرايا جن مان “حيرت انگيز عرف شھزادو“ ، “ طلسم حيرت “ ۽ “عقل چرخ بھادر جاسوس“ ذڪر لائق  آھن. انهي ئي ڪتب فروش جنوري 1919 کان وٺي “ جاسوسي ناولس اخبار“ شروع ڪئي جيڪا  نالي ۾  تہ اخبار ھي پر دراصل اھو لڳ ڀڳ 32 صفحن وارو رسالو ھيو جنهن ۾ قسط وار جاسوسي  ناولن  کان سواءِ مضمون، خبرون ۽ لطيفه پڻ ڏنا ويندا ھئا. انهي کان پوءَ حيدرآباد مان ئي خوشيرام موٽو مل ھيراننداڻيءَ جي مئنيجري ۾ “ماھوار ناول اخبار“  جاري ٿي جنهن ۾ پڻ جاسوسي ناول بہ قسطوار ڇپبا ھئا.“ مسٽريز آف دي ڪورٽ آف لنڊن“ جھڙو جاسوسي ناول جيڪو ماستر ھاسومل پيسو مل ليلا راماڻيءَ جو ترجمو ٿيل ھيو اھو 1923 واري سال ۾ ھن “ماھوار ناول اخبار “ ۾ شايع ٿيو. مئي 1937 ۾  ڪراچي منجهان “ سنسار چڪر“ جي نالي سان رسالو شايع ٿيو جنهن جو پبلشر ھوندراءِ پھلاج راءِ ھيو. ھن رسالي ۾ انگريزي ۾ لکيل جاسوسي ناولن جو ترجمو ڏنو ويندو ھيو پر اصلي ليکڪن جو نالو ڪونہ ڏنو ويندو ھيو. جن مترجمن اھي ناول ترجمو ڪيا انهن منجهان ھاسو مل پيسو مل ناٿاڻي، ھيرانند طالب، محمد بخش سڪايل ۽ دولترام ڪلياڻي جا نالا ذڪر لائق آھن.
       “سنسار چڪر“ ۾ کوڙ سارا جاسوسي ناول شايع ٿيا انهن منجهان 38 ناولن جي لسٽ منهنجي اڳيان پئي آھي جن منجهان ڪجه نالا ھيٺ ڏيان ٿو: “ لعل چٺي“ “ موت جو تجلو“ “ ڀيانڪ وڇون“ “ خون جو پياسي“ “ خون جي تلاش“ “ سفيد ڀوت“ “ خوني اک“ “ ڀيانڪ بدمعاش“ “ ٽرين ۾ خون“ “ غئبي خون“ “ دشمن“ “ شيطان جي کوپڙي“ “ رازداري خوني“ “ شريف شيطان“ “ ڪرامتي انسان“  “ خوني تلوار“ “ قھري تلوار“ “ قاتل ڏينڀو“ “ ڦاسي“ “ نقاب پوش“ “ طوفان“ “ زھري  تير“ “ موتمار بجلي“ “ زھري زخم“ “ دغا“ “ خوني بدلو“
        ھنن جاسوسي ناولن سنڌي ۾ پڙھندڙن جو ھڪ وڏو حلقو تيار ڪري ورتو  ۽ ماڻھن ۾ ڪتب بيني جو چاھ پيدا ٿيو. پڙھندڙن جي انهي ذھني لاڙي کي ڏسي ٻين ڪتب فروشن ۽ پبلشرن بہ جاسوسي ناول شايع ڪرڻ جو آغاز ڪيو. مان ھتي سمورن ڪتب فروشن يا پبلشرن جو تہ تفصيل ڏئي نٿو سگهان، ان ڪري فقط سکر جي“ ھري سنگ   ائنڊ سنس “ طرفان شايع ٿيل ڪن جاسوسي ناولن جو مختصر وچور ڏيان ٿو. انھن مان هي جاسوسي ناول 1926  تائين شايع ٿيا هئا:  “ ڊبل خون“ “ خوني نقاش“ “ گپت غفا ڊبل ڊاڪو“ “ زھري خنجر“ “ خوني چڪر پرو ٽيا جاسوس“ “ فرينچ ڊاڪو ۽ قھري ڪاغذ“ “ امير ڊاڪو ۽ نازين چور“ “خوفناڪ قاتل“ “ جاسوسي جنگ“  “ خوني ڊاڪٽر“ “ جيرو جاسوس “ “ موھن لعل هاسوس“ وغيره. 
       اڄ جي ھيءَ پوسٽ پڻ ان سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي تہ مان پنهنجي محققن ۽ ليکڪن جو توجه انهي ڳالھ ڏانهن ڇڪرائي سگهان تہ اسان جي ادب ۽ تاريخ جا کوڙ زاويا آھن جن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. وري آئون پنهنجا لفظ ورجايان ٿو تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ ۽ اسان جي دلين جا دروازا سدائين محققن ۽ ليکڪن لاءِ کليل رھندا. ( ممتاز پٺاڻ)
  • آڳاٽن اشاعتي ادارن بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    آڳاٽن اشاعتي ادارن بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

     textgram 1555665371

    گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
    “ آڳاٽن اشاعتي ادارن بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.“
        1853 ۾ سنڌي ٻولي جي موجوده لپي ٺھي پر سنڌي ڪتابن جي ڇپجڻ جو آغاز انهي کان بہ اڳ ٿيو. جڏھن سنڌ ۾ اڃا پرنٽنگ پريسون عام نہ ٿيون ھيون تہ سنڌي جا ڪتاب گڏيل ھندستان جي ٻين شھرن منجهان بہ ڇپبا ھئا. انهي موضوع تي مان ھڪ الڳ تفصيلي پوسٽ لکي چڪو آھيان. 
    سنڌ ۾ جڏھن پرنٽنگ پريسون عام جام ٿيون تہ انهي جي نتيجي ۾ اشاعتي ادارن قائم ٿيڻ جو سلسلو بہ شروع ٿيو ۽ سڄي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اھي اشاعتي ادارا قائم ٿيا ، جن منجهان ھري سنگ ائنڊ سنس سکر، ف
    پوڪر داس ائنڊ سنس، ڪوڙومل ساهتيہ منڊل حيدرآباد، نئين دنيا ڪتاب گھر ڪراچي، ھيمنداس بوڪ سيلر سکر، ھندو ساهتيہ پرڪاشن کيانتو ٽنڊو، نيو جيون ساهتيہ منڊل حيدرآباد، ڪھاڻي ساهتيہ منڊل حيدرآباد، ڏنو مل ائنڊ سنس حيدرآباد، رتن ساهتيہ منڊل ڪراچي، نيو جيون ساهتيہ منڊل نواب شاھ، ھندستان ساهتيہ منڊل ڪراچي، نوجوان ساهتيہ منڊل ڪراچي، سندر ساهتيہ منڊل ڪراچي، شوالداس نارائڻ داس ڪتب فروش سکر، محمد عظيم تاجر ڪتب شڪارپور، ڏنو مل بصر مل تاجر ڪتب حيدرآباد، قومي ساهتيہ منڊل ڪراچي وغيره ذڪر لائق آھن. مون انگريزن جي دور جي ڪن ٿورن مگر تمام مشھور اشاعتي ادارن جا نالا ٻڌايا آھن جڏھن تہ انگريزن جي دور جي اشاعتي ادارن ۽ پرنٽنگ پريسس جي مڪمل لسٽ، جيڪا منهنجي والد صاحب ٺاھي آھي اھا گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي. 
    ڊاڪٽر اللہ رکئي ٻٽ سنڌ ۾ ڪتب فروشيءَ جي اوائلي تاريخ تي تحقيقي مقالو لکي ولايت مان  ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي. اسان جي ڪم ۽ سندس ڪم ۾ فرق اھو آھي تہ ھن اوائلي دور تي ڪم ڪيو، جڏھن تہ اسان انگريزن جي  سموري دور جي اشاعتي ادارن ۽ پرنٽنگ پريسن تي ڪم ڪيو آھي. اڄ جيئن مان اشاعتي ادارن بابت ھي پوسٽ لکان ٿو ،تيئن ڪوشش ڪندس تہ ھڪ پوسٽ پرنٽنگ پريسن بابت بہ لکان. 
       انگريزن جي دور ۾ چئن قسمن جا اشاعتي ادارا قائم ٿيا1. پهرين قسم جا اهي اشاعتي ادارا ھئا جن جو مقصد فقط “ ڪتب فروشي“ ھيو جيئن پوڪر داس  ائنڊ سنس،ھري سنگ ائنڊ سنس ۽ مولوي محمد عظيم ائنڊ سنس وغيره. 2. ٻئي قسم جا اشاعتي ادارا ديني ۽ ڌرمي تبليغ لاءِ قائم ڪيا ويا ۽ اھي اڪثر ڪري ھندو ڌرمي جماعتن  سان واسطو رکندا ھئا. 3 . ٽئين قسم جا اشاعتي ادارا ادبي فروغ لاءَ قائم ڪيا ويا ۽ جن طرفان ادبي ڪتاب بہ شايع ٿيندا ھئا ۽ ماھوار رسالو بہ شايع ٿيندو ھيو.  جيئن سنڌي ساھت سوسائٽي پاران رسالو پڻ ڪڍيو ويو اھڙي ريت سندر ساهتيہ منڊل، رتن ساهتيہ منڊل ۽ ڪھاڻي ساهتيہ منڊل طرفان رسالا بہ نڪرندا ھئا4. چوٿين قسم جا اشاعتي ادارا وري نظرياتي ۽ سياسي تبليغ لاءِ قائم ٿيا ويا. جھڙوڪ نئين دنيا ڪتاب گھر ۽ قومي سائتيہ منڊل وغيره.
         جيڪي اشاعتي ادارا ڪراچي ۾ قائم ٿيا انهن جو تفصيلي احوال بابا سائين پنهنجي پي ايڇ ڊي واري مقالي ۾ ڏنو آھي. ان ڪري اھڙن اشاعتي ادارن جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ ضروري نٿو سمجهان. انگريزن جي دور ۾ قائم ٿيل مکيه اشاعتي ادارن منجهان ھڪڙي ھڪڙي اداري تي ايم فل لاءَ مقالو لکي سگهجي ٿو ۽  انهن اشاعتي ادارن کي موضوع وار تقسيم ڪري الڳ الڳ پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي جھڙوڪ ادبي اشاعتي ادارا،نظرياتي ۽ سياسي اشاعتي ادارا ۽ مذھبي اشاعتي ادارا وغيره.    جيتوڻيڪ انگريزن جي دور ۾ مسلمان بہ اشاعتي ادارن قائم ڪرڻ ۾ پٺتي نہ رھيا پر وڏو انگ ۽ ادارن جو وڏو تعداد ھندن جي ئي ھٿ ۾ ھو. مذھبي اشاعتي ادارن ديني اختلافن کي ضرور وٺرايو پر ادبي ۽ قومي اشاعتي ادارن ھندو مسلم اتحاد کي قائم رکڻ لاءَ ھندو توڙي مسلمانن جون لکڻيون ۽ ڪتاب شايع ڪيا. اھا حڪمت عملي رسالن کي جاري ڪرڻ ۾ بہ ڪم آندي وئي. مثال طور شڪارپور مان نڪرندڙ “ سنڌو“ رسالو ھيو تہ ڪانگريسي سوچ رکندڙ ماڻھن جي ملڪيت، پر انهي رسالي ۾ دل کولي مسلمان ليکڪن ۽ شاعرن کي لکڻ جو موقعو ڏنو ويو.اھو تہ مون رسالي جو مثال ڏنو. پر اشاعتي ادارا بہ ھندو مسلم اتحاد کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رھيا. مثال طور حيدرآباد جي “قومي ساهتيہ منڊل“ طرفان شايع ٿيل ڪتابن تي نظر وجهو. ھي منڊل حيدرآباد جي عامل ڪالوني ۾ ھوندو ھيو ۽ ڀيرو مل ايسر داس انهي جو سيڪريٽري ۽ پبلشر ھوندو ھيو. ھن منڊل جيڪي ڪتاب شايع ڪيا انهي جو وچور تہ آئون پوءِ ڏيندس پر پنهنجي ڳالھ تي اڳ ۾ ٽيڪو ڏيان تہ اھڙن اشاعتي ادارن ھندو مسلم اتحاد کي قائم رکڻ ۾ وڏا جتن ڪيا. اپريل 1944 ۾ ھن منڊل طرفان“ آلاپ وطن“ ڪتاب شايع ٿيو جنهن ۾ شاھ لطيف، سچل سرمست ،حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، غلام احمد نظامي، محمد بخش واصف، مرزا اسد بيگ، سوڀراج نرملداس فاني، ڪشن چند بيوس، نرمل جيوتاڻي، ھري دلگير، ھوندراج“ دکايل“ گوبند مالھي، نارايڻ شام وغيره جو ڪلام ڏنو ويو آھي. ھن منڊل ڪيترن شخصيتن تي ڪتاب ڇپرايا جن مان اللہ بخش سومرو، سڀاش چندر بوس،گانڌي، جواھر لال نھرو،ابو الڪلام آزاد وغيره ذڪر لائق آھن ھي اشاعتي ادارو سال ۾ خريدار کان 8 روپيه وٺندو ھو ۽ 800 صفحن جيترو مواد مھيا ڪندو ھيو.  ھري سنگ، پوڪر داس ۽ محمد عظيم تمام گھڻا ڪتاب ڇپرايا جن ۾ ناول، قصا، طب تي ڪتاب،  ڌرمي ڪتاب، اسلام تي ڪتاب، شاعري جا ڪتاب، ڪافين جا ڪتاب، آکاڻين جا ڪتاب، لوڪ ادب جا ڪتاب، ڊڪشنريون، ديوان وغيره اچي وڃن ٿا. اشاعتي ادارا گھڻا آھن ۽ انهن طرفان شايع ٿيل ڪتابن جو تعداد سون  ۾ آھي .جن جو ھڪ پوسٽ ۾ تفصيل ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. بس گذارش ھي ڪرڻي آھي تہ انگريزن جي دور جي اشاعتي ادارن ۽ شايع ٿيل ڪتابن تي جڏھن بہ ڪو ساٿي ڪم ڪندو تہ ھن کي گل حيات جو ڀيرو ضرور ڪرڻو پوندو.  دوست اھا ڳالھ نوٽ ڪن تہ   گل حيات انسٽيٽيوٽ نت نون موضوعن کي نہ فقط مانوس ڪرايو آھي پر انهن بابت مواد بہ گڏ ڪيو آھي.( ممتاز پٺاڻ)
  • شاعر نہ ھئا پر شاعري ڪيائون

    شاعر نہ ھئا پر شاعري ڪيائون

    textgram 1555405187
     
    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
    “ شاعر نہ ھئا پر شاعري ڪيائون“
         ماڻھو جڏھن پاڻ جھڙن ماڻھن کي راضي ڪرڻ ۽ انهن کان مڃتا وٺڻ تي لاھي پاھي بيھندو آھي تہ ھو پنهنجي سوچن ۽ لوچن ۾ ڪا نواڻ پيدا نہ ڪري سگهندو آھي. ڳالھ دلچسپي ۽ محبت جي آھي ۽ نہ ڪي مڃتا يا مطلب جي. منهنجي بابا سائين انهي ئي اصول مطابق سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪيو آھي  ان ڪري اھڙن موضوعن کي روشناس ڪرايو اٿس، جنهن تي اڃا محققن جي نظر نہ پئي آھي. مثال طور اڄ جي موضوع کي ڏسو جنهن کي مون چونڊي اڄ ڪجه ويچار ونڊڻ چاھيان ٿو. 
    ھر ڪو ماڻھو شاعري کي پسند تہ ڪندو آھي پر شاعري ڪرڻ ھر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ڪونهي. پوء بہ سنڌ لطيف جي نگري آھي ۽ لاکيڻي لطيف شاعري کي ايترو تہ مشھور ۽ مقبول بڻايو جو سنڌ جي شاعرن جو تعداد شايد پاڪستان جي ٻين ٻولين جي شاعرن کان وڌيڪ آھي.
    سنڌ جي شاعرن کي اسان ٽن قسمن ۾ ورھائي سگهون ٿا. ھڪڙا اھي شاعر آھن جن شاعري تہ ڪئي پر اھا انهن پاڻ کان يا سندن پونئيرن کان محفوظ ٿي نہ سگهي. ٻئي قسم جا اھي شاعر آھن جن جو ڪلام يا شعر محفوظ ٿيو ۽ اسان تائين پھتو. ٽئين قسم جا شاعر اھي آھن جن شاعري ڪرڻ جي ڪوشش تہ ڪئي پر اھي نہ تہ شاعر ٿي سگهيا نہ وري شاعري سان پوء ايترو شغف رکيائون .ھن ٽئين قسم جي قلم ڌڻين کي اسان اھو چئي سگهئون ٿا تہ اھي شاعر نہ ھئا مگر ڪجه شاعري ضرور ڪيائون. اڄ انهن مان ڪن جو ذڪر ڪندس. 
         حڪيم فتح محمد سيوهاڻي وڏو شاعر ھيو، بلڪه مشھور شاعرن جو استاد ھيو. ھن ڏاڍي شاعري ڪئي جيڪا ان وقت جي رسالن ۾ تہ ڇپبي ھئي پر ڪتابي صورت ۾ نہ شايع ٿي. ھن جي نهن ڊاڪٽر شمس عباسئ سندس شخصيت ۽ خدمتن تي پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي ڪلام تي ھڪ الڳ باب پڻ ڏنو اٿس، پر ھن جي ٽڙيل پکڙيل شاعري جو انتخاب نہ ڏنو اٿس .ھتي ھن جي شاعري جو ڪجه مثال ڏجي ٿو جيڪو جولاء 1933 ۾ “ ڪراچي مان نڪرندڙ ڪاميابي“ رسالي ۾ ڇپيو:  
    شاھن جو شه شافع محشر صلي  اللہ عليه وسلم.
    راه ٿڙين جو ھادي رھبر صلي اللہ عليه وسلم.
    نور خدا منظور خدا محبوب خدا مقبول خدا.
    سڀ کان پيارو پاڪ پيغمبر صلي اللہ عليه وسلم.
    سندس پٽ حڪيم “ احسن“ پڻ شاعر ھيو پر سندس ڪلام بہ نہ گڏ ڪيو ويو ۽ نہ ئي محفوظ ٿي سگهيو. ھن جو ڪجه ڪلام گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ محفوظ آھي آگسٽ 1941 جي “سندو“ جي 21 صفحي تي جيڪا سندس شاعري شايع ٿي آھي ان جو مثال عرض رکجي ٿو: 
    ڏسون سي ڏينهن تہ آزادي جا اکين سان اڄ،
    ٻڌون وري جي چون چوطرف مبارڪ باد.
    اي ھند واسي ملي پاڻ ۾ ٿي سڀ “ احسن“،
    پريم، ايڪي سندو اڄ ڪيو پڪو بنياد.
       مولانا  دين محمد “ وفائي“ بہ شاعري ڪئي پر سندس ڪلام شايد محفوظ ٿي نہ سگهيو .ھن جي شاعري جو نمونو مرحوم اللہ بخش سرشار عقيلي نئين زندگي رسالي جي مئي 1953 واري پرچي جي صفحي 21 تي ڏنو آھي. اھي تہ انهن شاعرن جا مثال آھن جيڪي شاعر بہ ھئا پر سندن ڪلام ڪتابي صورت ۾ محفوظ ٿي نہ سگهيو .ھاڻي اچو انهن ليکڪن تي جيڪي قلم ڌڻي تہ ھيا پر شاعر نہ ھيا.ان ھوندي بہ سندن ٿوري  شاعري ملي ٿي. 
    اھڙن ليکڪن مان روچي رام گنگارام سڏاڻي ھڪ آڳاٽو ليکڪ آھي. ھن تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪئي ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. ھن جا شاعري تي ڪتاب ڪونہ آھن پرجيڪا  شاعري ڪئي اٿس اھا بيتن تي مشتمل آھي جن منجهان ھڪ بيت مثال طور پيش ڪجي ٿو.: 
    پکيئڙا پر ڏيھہ جا لامين ات لڏن،
    پايو پيچ پريت جا سي ڪوڏين ٿا ڪڏن.
    وسريو وڃي تن، تہ ڪو ايندو وقت وڇڙڻ جو.
        ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي سنڌ صوبي جي ڪانگريس پارٽي جو صدر ھيو. بنيادي طور تي سياستدان ھيو ۽ ھن جا ڪجه شعر ملن ٿا. جڏھن تہ ھن جي شاعر جي حيثيت ۾ ڪا ڄاڻ سڃاڻ ڪانهي. سندس ڪلام جو نمونو ملاظہ ڪريو:
    وري ورندو وارو تنهنجو، ھمت ھار نہ ھاري،
    ڏکيا لنگهيا ڏينهڙا سندءِ، آھ سکن سندي تياري.
    حق ملي حقدارن ھاڻي، چؤ چؤ ٿي چوڌاري،
          سندس اھو شعر “ سنڌو“ رسالي جي جنوري 1947 واري پرچي ۾ ڇپيو ھيو.
    رحيمداد مولائي “ شيدائي“ تاريخ نويس ھيو ھن صحافت بہ ڪئي ۽ “ شيدائي “ جو تخلص بہ استعمال ڪندو ھو، پر ھن جي ڄاڻ سڃاڻ شاعر واري نہ پر محقق واري ھئي. سندس ھڪ بيت مثال طور پيش ڪجي ٿو جيڪو ھن 1936 ۾ لکيو :
    جن ٻاڏايو ٻين کي سي مورک شال مرن،
    دھشت سندي دم کان ٿا ڪائنرا ڪنبن،
    مورت پسي من ۾ ٿا “ شيدائي“ مرڪن.
    سي ڪيئن بيک گھرن؟ جي اصل آڪاسي ھئا.
        ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جڳ مشھور محقق ھيو، مگر شاعر ڪونہ ھيو پر سندس شاعرانه ٻول سنڌي ادبي بورڊ جي “ مھراڻ“ رسالي جي“ شاعر نمبر“  ۾ ڏنا ويا آھن.
        رسول بخش پليجو جڏھن سنڌ مدرسي ۾ پڙھندو ھيو تہ ھن ان وقت شاعري ڪئي. قائد اعظم محمد علي جناح جي شان ۾ سندس شاعري سنڌ مدرسي مان نڪرندڙ مخزن ۾ شايع ٿي ھئي. “ نئين دنيا“ جي جنوري 1956 واري پرچي جي 21 صفحي تي سندس شاعري شايع ٿي، جيڪا اڄ بہ ڪيترا نوجوان مثال طور  چوندا ۽ ٻڌائيندا آھن جيڪا آھي:
    جهان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاھيندا اچون،
    نون سرن ۾ زندگي جو گيت ڳائيندا اچون.
    نئين زمين تي ھڪ نئون جهان بڻائيندا اچون،
    نئين جهان تي ھڪ نئون جهان بڻائيندا اچون.
    نئين جهان تي ھڪ نئون فلڪ وڇائيندا اچون.
    جهان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاھيندا اچون.
         رسول بخش پليجو بنيادي طور تي سياستدان ھيو. ھن جو شاعري سان دائمي طور تي شغف ڪونہ ھيو. پر جيڪا ٿوري شاعري ڪيائين اھا اھم آھي.ھن جي شاعري گل حيات ۾ موجود آھي. 
        محمد ابراھيم جويو وڏو دانشور ۽ سنڌ جو ڏاھو ھيو. ھن جي ڄاڻ سڃاڻ بہ شاعر جي حيثيت سان ڪانهي. آڪٽوبر 1967 جي “ نئين دنيا “ رسالي جي صفحي 12 تي سندس طويل شاعري شايع ٿي جنهن مان مثال ھيٺ ڏجي ٿو: 
      پرستش جنهن کي پنهنجي آھ، سو انسان ئي ناھي،
    وطن جي حب جنهن کي ناھ، سوانسان ئي ناھي،
    پراون جي اڳيان پڇ- لوڏ ھرھر ۽ تکي تڪڙي،
    ۽ پنهنجن تي ئي باھو باھ، سو انسان ئي ناھي.
    رکي روزا، نمازون ٿو پڙھي، ۽ حج پڻ ھر ھر،
    بندن سان ناھ جنهن جو ٺاھ، سو انسان ئي ناھي. ڪري منهن تي خوشامند ۽ اٿس پر پٺ گلا غيبت،
    تنهن بزدل سان ڪنهن جو ڇاھ؟ سو انسان ئي ناھي.
           منهنجا پڙھندڙ دوست مون سان انهي ڳالھ ۾ متفق ٿيندا تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ نہ  رڳو نوان موضوع مانوس ڪرايا آھن، ليڪن انهن تي مواد پڻ گڏ ڪيو آھي. شل اسان جو نماڻيون ڪوششون قوم کي قبول پون.( ممتاز پٺاڻ)
  • تڏهوڪي سنڌ اسيمبلي ميمبر سيرو مل وشنداس جي هندن جي ڏکوئيندڙ صورتحال بابت سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير

    تڏهوڪي سنڌ اسيمبلي ميمبر سيرو مل وشنداس جي هندن جي ڏکوئيندڙ صورتحال بابت سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير

    20190411 141527

    ممتاز پٺاڻ
    تڏهوڪي سنڌ اسيمبلي ميمبر سيرو مل وشنداس جي هندن جي ڏکوئيندڙ صورتحال بابت سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير
    (سيرو مل وشنداس هيءَ تقرير 16.03.1949 تي ڪئي.)
    آئون اوهان کي ٻڌائڻ ٿو گهران ته گذريل سال لاڙڪاڻي ۾ هندو ڪانفرنس ٿي هئي جن ۾ هندن اعلان ڪيو هو ته اسان هندو پاڪستان جا وفادار ٿي رهنداسين ۽ پاڪستان ۾ رهنداسين ۽ پاڪستان ۾ مرنداسين ۽ جيئنداسين.
     هندن جي پنگتيءَ زندگي ۾ سوين رڪاوٽن اچڻ ڪري هنن پنهنجا ٻار ٻچا هندوستان موڪليا ۽ انهيءَ سبب ڪري هو پنهنجا ٻار ٻچا واپس نٿا گهرائين. عجب جهڙي ڳالهه آهي ته ڪن هندوستان عمر ۾ ڪو نه ڏٺو آهي. جن جي زمينن ۽ جاين کي لاءِ وارث ڪيو ٿو وڃي سو اهو سنڌ گورنمينٽ جو فرض آهي ته انهن جي ملڪيت جي پوري پوري حفاظت ڪن. مان اوهان کي هڪڙو مثال پيش ڪريان ٿو ته مسٽر شيوارام جيڪو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج مقرر ٿيل هو ۽ هن کي هٽائي سب حج ڪيو ويو آهي ڇا جي ڪري جو هن جا ٻار ٻچا هندوستان ۾ رهن ٿا ۽ پاڻ هتي رهي ٿو. مان اوهان کي يقين ڏيارڻ ٿو گهران ته جيڪي هندو رهيل آهن سي پاڪستان سان وفادار آهن. هندوستان ۾ رهيل هندو واپس اچڻ لاءِ تيار آهن بشرطيڪه هنن کي حق حقوق ڏنا وڃن ۽ جن جي زمينن ۽ جاين تي قبضا ٿيل آهن سي کين موٽائي ڏنيو وڃن. آئو اوهان کي اهڙي بي جائز قبضا جو مثال ڏيان ٿو ته حيدرآباد ۾ پناهگيرن هڪ ٽڪاڻي تي قبضو ڪري ويٺا آهن. اهو مان کين عرض ڪري رهيو آهيان ۽ نه کين Complain ڪريان ٿو ڇاڪاڻ ته اهي حڪم هنن کان اڳ پاس ٿيل آهن تنهن کانسواءِ جيڪا Statement ڏني هئائون اها Statement تازي اطلاعات سنڌ ۾ ڏني وئي آهي. مون کي خبر آهي ته اهو انجام پورو ڪيو ويو مگر هنن کان اڳ ۾ جيڪو ٿيو آهي سو ته بيٺل ماڻهو جيل ۾ Rot ٿي رهيا آهن جن کي پڇڻ وارو ڪوئي ڪونهي انهن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ گهران ٿو . انهن مان هڪڙو آهي پروفيسر نانگراڻي اهو هڪ Respectable Gentleman آهي. هو پروفيسر صاحب هندو پئنچات جو پريزيڊنٽ شڪارپور ۾ آهي. هن هميشه هندن ۽ پناهگيرن جي شيوا پي ڪئي آهي ۽ خود مهاجرين هن مان گهڻو خوش آهن. هن هندن کي موٽائڻ جي زبردست ڪوشش پي ڪئي آهي. اهڙي عزت واري وفادار ماڻهوءَ کي تعجب جي ڳالهه آهي چيو وڃي ٿو ته رفيوجيز ۾ دست اندازيءَ سبب بند ڪيو ويو آهي. مون کي خبر نه ٿي پوي ته هن ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي جنهن کان هن کي بند ڪيو ويو آهي. ٻيو آهي تيبا ڀائي، هي اهو ماڻهو آهي جنهن سنڌ ۾ ويونگه يعني ڪَتڻ کي ڪامياب ڪيو ۽ پاڻ به ويونگه جو ڪم ڪندو هو هن اهڙا ڪيترا اسڪول کوليا آهن ۽ نوابشاهه ۾ به اهڙو اسڪول کوليو اٿس ۽ هن هندوستان ڏانهن وڃڻ جو ڪڏهن به خيال نه ڪيو ۽ چيائين ته مان هتي پاڪستان ۾ پاڪستان جي بهتري لاءِ ڪم ڪندس ۽ هندوستان نه ويندس. هن کي هندوستان ۾ به ويونگه جا اسڪول آهن انهيءَ تهمت هيٺ هن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ ڏوهه هيٺ کيس جيل ۾ رکيو ويو آهي. جنهن کي ڇهه مهينا ٿي چڪا آهن. ٽيون آهي چيتا سنگهه. هن کي حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو آهي هن وٽان جيلر جي صحيح ۽ مهر سان خط آيل آهي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته هو هڪ وڏو زميندار آهي جنهن کان ٽي هزار ايڪڙ زمين زوريءَ ڦري وئي آهي ۽ چار هزار ڌاڙيل ڦري ويا آهن ۽ پڻ هن جي زال ۽ ڌيءَ مسلمان ڀڄائي کڻي ويا آهن. وڌيڪ لکيو اٿس ته هن ڪيتري عرصي کان اهي ڪيس داخل ڪيا آهن پر اهي ڪيس هلايا نه ٿا وڃن. پاڻ ماجسٽريٽ  تي مٿس زور بار وجهن ٿا ته ڪيس نه هلائي ۽ واپس وٺي.
    اها ڳالهه ان خط ۾ لکيل آهي. مان اها خبر پنهنجي خاطري بعد ڏيان ٿو. جناسب اسپيڪر صاحب توهان کي خبر آهي ته اسان کي هندو پريس ڪو نه آهي ۽ جيڪڏهن آهي به ته پاڪستان کان ٻاهر جنهن ڪري اسان هندوستان ڏانهن اهي شڪايتون به نٿا موڪليون.
    تنهن جي معنيٰ ڪيس ڪو نه آهي ڇا ۽ هيءُ خط سينٽرل جيل جي جيلر جي صحيح ۽ سرڪار جي ٺپي سان ”B“ ڪلاس جي ماڻهوءَ کان آيل آهي. تنهنڪري اهو جعلي ٿي نٿو سگهي يا ڪنهن چرئي جو لکيل ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري اهي حقيقتون سمجهڻ گهرجن. تنهن کان پوءِ چوٿون بابر ڪشچند جو اوهان جو واقف آهي. هن جي ٽيهن هزارن جي ملڪيت پنجن هزارن ۾ وڪرو ڪئي وئي آهي ۽ کيس جيل ۾ رکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ جيل ۾ رکڻ لاءِ گورنمينٽ کي ڪو به سبب ڪو نه آهي هو پاڪستان سان وفادار آهي ۽ پاڪستان ۾ رهڻ گهري ٿو. انهن ڳالهين تي مون کي اميد آهي ته آنربل منسٽر ڌيان ڏيندو ۽ خاص نظر رکي هن کي پورو پورو انصاف ڏيڻ ۾ اچي.
    مسٽر سيرو مل وشنداس: ائين برابر آهي پر ڌيءُ ۽ زال موٽي کيس ڪو نه مليا آهن. تي ڪيس داخل ڪيا اٿس پر هن تي زبردستي ڪئي وڃي ٿي ته ڪيس واپس وٺي توهان مهرباني ڪري جاچ ڪريو اهو ماڻهو چريو نه آهي. جيڪڏهن سچ پچ هن سان ظلم ٿيو آهي ته هن سان انصاف ڪندا ۽ کين آزاد ڪندا. جيتري مهرباني ٿي سگهن سان ڪندا. ٻيو هڪڙو سندرداس آهي جو ڇوڪرو آهي هو زميندار به آهي. هن جي ائڊريس تي چون ٿا ته هڪ خط سنڌيءَ ۾ آيو آهي جنهن ۾ ڪجهه گهٽ وڌ لکيل آهي هن کي اهو خط اڃا پهتو ڪو نه آهي ته انهيءَ خط جي آڌار تي کڻي هن کي جيل ۾ وڌو اٿن خط ڪهڙو آهي ۽ نه کيس پهتو آهي. اهو ڏسبو ته پاڻيهي ظاهر ٿيندو اهو ڪنهن جو خط لکيل آهي ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن دشمنيءَ سبب هن کي اهڙو خط لکيو آهي. تنهن ڪري جڏهن خط ڏسبو ته پوءِ اها ڳالهه ظاهر ٿيندي. جناب صدر وقت پورو ٿي ويو آهي تنهن ڪري مان وڌيڪ نه چوندس پر پڇاڙيءَ ۾ ايترو عرض ڪندس ته اهي ڳالهيون جي مون ٻڌايون تن جي مان خاطري ڏيان ٿو ۽ اهو به ٻڌائڻ گهران ٿو ته اسان جي پارٽيءَ جا ميمبر يا جيڪي به هتي سنڌ ۾ هندو رهيل آهن اهي هتي پاڪستان ۾ ايمانداريءَ سان رهڻ گهرن ٿا ۽ اهي 5th Columists نه آهن ۽ نه ٿيندا. مهرباني ڪري هنن جون دليون ورتيون وڃن ۽ هنن جون قسمين قسمين تڪليفون جي هن کي درپيش آهن سي مهرباني ڪري دور ڪيون وڃن جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو ته جيڪي هندو رهيا پيا آهن، اهي هندوستان ڏانهن ويل هندن کي موٽائڻ ۾ ڪامياب ٿيندا ۽ سنڌ ۾ واپس اچي رهندا
  • گل حيات ۾ موجود تعليمي ادارن جون مسيلنيون ۽ مخزنون

    گل حيات ۾ موجود تعليمي ادارن جون مسيلنيون ۽ مخزنون

    20190415 143342
     
    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
    ” گل حيات ۾ موجود تعليمي ادارن جون مسيلنيون ۽ مخزنون“ 
        اڄ اسان جي زماني ۾ جيڪو ٿو گھران رسي اھو استاد برادري تي اچي ٿو ڇوھہ ڇٽي. استاد برادري  کي پنهنجي حقن  جي جاکوڙ ڪرڻ تي سرڪار طرفان  لٺيون وھائڻ ۽ مٿا ڦاڙڻ معمول بڻجي چڪو آھي. وري غير سرڪاري سطح تي ڪي مڇريا ويٺا آھن تہ استاد وڏيرن جي ڪمداري ڪن ٿا، پڙھائن ڪون ٿا ۽ ھنن جي افعالن جي ڪري نجي اسڪولن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. پر حقيقت ان جي برعڪس آھي استاد کي سرڪار پنهنجي حيثيت تان ڪيرائي اليڪشن ۽ آدم شماري جي وقت ان کان وانگاري ڪم وٺي ٿي. استاد برادري کي بدنام ڪري انهن ماڻھن جن تعليم کي واپار بڻايو آھي سي نجي اسڪول قائم ڪرڻ جو جواز پيدا ڪن ٿا. ڪاپي ڪلچر جيڪڏھن استاد جي پيداوار ھجي ھا تہ امتحاني سينٽر تي مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سميت ماڻھن جا ھجوم نہ ھجن ھا. ٻارن جي مستقبل جا دشمن حربو ھلائي استاد برادري کي بدنام  ۽ بدظن ڪن ٿا. جڏھن تہ تاريخ ٻڌائي ٿي تہ جڏھن جڏھن استاد برادري ۽ تعليمي ادارن جو تقدس قبول ۽ بحال ڪيو ويو تہ انهن ، ماڻھن منجهان انسان ٺاھڻ شروع ڪيا، ثقافت جي سينڌ سنواري، ٻولي جي جھولي ڀري ۽ علم ادب جي آبياري ڪئي.
    انگريزن جي زماني ۾ تعليمي ادارن جيڪي مخزنون ۽ مسلينيون ڪڍيون انهن ٻارن کي لکڻ پڙھڻ سيکاريو ۽ نوجوان ليکڪن کي ناميارا قلم ڌڻي بڻايو. سنڌ مدرسي منجهان “ مدرسه ڪرانيڪل“ نڪرندي ھئي، ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان “ ڊي جي سنڌ ڪاليج مسلني“ نڪرندي ھئي، اين جي وي اسڪول منجهان “ نارائڻ جڳن ناٿ ھاء اسڪول مسلني“ نڪرندي ھئي ۽ ڊي جي ڪاليج حيدرآباد منجهان وري “ ڦليلي مخزن“ نڪرندي ھئي ۽ شڪارپور جي چيلارام ۽ سيتلداس ڪاليج مان “ اپر سنڌ ڪاليجين “ نڪرندي ھئي . 
       استادن ۽ ادارن کي جيسيتائين بااختيار رکيو ۽ بڻايو ويو تہ انهن وڏا ڪم ڪيا. تعليمي ادارن مان پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ بہ سالياني مخزنون نڪرنديون رھيون. مون جن جن مخزنن ۽ مسيلنين جو ذڪر ڪيو آھي انهن جو چڱو خاصو تعداد گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي. اسان وٽ تحقيق جو ذوق ۽ شوق ڪونهي نہ تہ تعليمي ادارن جي انهن مخزنن ۽ مسيلين جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي ٻٽي پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون.
           مان ھن کان اڳ ۾ ڊي جي ڪاليج مسيلني تي ھڪ پوسٽ لکي چڪو آھيان اڄ “نارائڻ جڳن ناٿ ھاء اسڪول مسيلني“  ۽ سي ائنڊ ايس ڪاليج شڪارپور جي “ دي اپر سنڌ ڪاليجين“ بابت ڪجه ڳالھيون ڪندس. پر ان کان اڳ ھي ٻڌائيندو ھلان تہ انهن مخزنن ۽ مسيلين جي انڊيڪس ٺاھڻ  جو ڪم بابا سائين جي ھٿ ۾ آھي ۽ انشاءَ اللہ اھو ڪم تڪڙو مڪمل ٿي ويندو. 
    “نارائڻ جڳن ناٿ ھاء اسڪول مسيلني“ ششماھي ھوندي ھئي ۽ اھا 1918 کان شروع ٿي. ھن ۾ جن قلم ڌڻين جون لکڻيون شايع ٿيون انهن مقنبڪن جا نالا آھن: لالسنگ اجواڻي، آنند بجلاڻي، گوبند ڀاٽيه، نارائڻ ڪوٽواڻي، ڀيرومل مھر چند آڏواڻي، سوڀراج نرملداس “فاني“، هري دلگير درياڻي، ڪشن چند بيوس، ڀڳوان واڌواڻي، نبي بخش بلوچ، ڏيارام، لالچند امر ڏنو، نانڪ ھنگوراڻي، محمد صديق قريشي، ڄيٺمل پرسرام، جمناداس سڏاڻي، ليلا رام پريم چند، پرسرام شھاڻي، صادق علي غلام حسين، ڪرمچند ھنگوراڻي ۽ سوڀوگيانچنداڻي وغيره. سوڀي گيانچنداڻي ٽئگور تي مضمون لکيو ھيو جيڪو فيبروري 1936 ۾ڇپيو ھيو ۽ انهي تي کيس انعام ڏنو ويو ھيو. آڪٽوبر 1937 واري پرچي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مضمون “مارچيس مارڪوني ۽ سندس عجيب ڪارناما“ ڇپيو ھيو. ھن رسالي جو ايڊيٽر اين جي وي ھاء اسڪول جو ھيڊ ماستر ھوندو ھيو ۽ ڪو نہ ڪو شاگرد ان جو ايڊيٽر ٿيندو ھيو. 
       مون اڄوڪي ھن پوسٽ ۾ شڪارپور جي ڪاليج جي مخزن جي تصوير ڏني آھي ۽ اھو سال 1946-1947 جو پرچو آھي .انگريزن جي زماني ۾ جيڪي اسڪولن منجهان مخزنون نڪرنديون ھيون اھي سنڌي ۽ انگريزي ۾ ھونديون ھيون .سي ائنڊ ايس ڪاليج شڪارپور جي ھن سالياني مخزن کي “اپر سنڌ ڪاليج مخزن“ بہ چيو ويندو ھيو .ھن پرچي جي سنڌي ڀاڱي لاءِ جن شاعرن، اديبن ،استادن ۽ شاگردن لکيو آھي، انهن مان ڪي آھن: ڪشنچند بيوس، پرفسير پي ڀوراڻي، ھري دلگير، لطف اللہ بدوي، چندر سين خوبچنداڻي، احسان بدوي، ڪي. تارا شنڪر، موتي رام وليڇا، پيرم مٽائي، نارائڻ وادواڻي، سڳن آھوجا، کيئلداس فاني وغيره. ھن پرچي ۾ 1857 واري تحريڪ آزاديءَ تي ڏاڍو برجستو مضمون شايع ٿيل آھي ۽ انهي ۾ اھڙيون ڳالھيون پڻ ڪيون ويون آھن جيڪي اڳ ۾ ڪون آيون آھن. کيئلداس فاني ھن مخزن جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ھيو. سنڌي سيڪشن ستر صفحن تي مشتمل آھي جڏھن تہ انگريزي سيڪشن پنجاھہ صفحن تي مشتمل آھي. ھن مخزن ۾ شايع ٿيل شاعري منجهان ڪشنچند بيوس جو ھي شعر پيش ڪجي ٿو: 
    ھل ھلان جيون سفر ۾ ماڳ منزل جو بڻي،
    ٿي ھلين ھيڻو مسافر ھر ھنڌان ٻئي ھنڌ کڻي،
    تنهنجي سپنن ۾ سمايل آرزو انسان جي،
    تنهنجي گودن ۾ نپايل چاھہ جي چنتا مڻي.
    ٿو پٺيان تارو سمجهي بادل ڀرئي آڪاس ۾،
    پيٽ پٿر ۾ بہ جيڪس ٿي سجهي پارس مڻي.
     ( ممتاز پٺاڻ
  • ورھاڱي کان اڳ جي مشھور رسالي سنڌو بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    ورھاڱي کان اڳ جي مشھور رسالي سنڌو بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    20190414 134522
     
    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
    “ ورھاڱي کان اڳ جي مشھور رسالي سنڌو بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“  
         انگريزن جي دور ۾ ڪيترا ئي ادبي اھميت وارا رسالا جاري ٿيا. انهن مان وچين دور ۾ “ توحيد“ ۽ “ترقي“ وڏو نالو ڪمايو ۽ آخري دور ۾ وري “سنڌو“ ۽ “اديب سنڌ“ وڏو نالو ڪمايو. ٻيا بہ ڪيترائي رسالا انهي دوران نڪتا جن جا اسان کان نالا بہ وسري ويا آھن انهن مان ڪن رسالن تي ڪجه لکيو اٿم ۽ ڪجه لکندس. 
       “ سنڌو“ ۽ “ اديب سنڌ“ رسالا وڏي اھميت رکن ٿا انهن منجهان “اديب سنڌ “ نج ادبي رسالو ھيو جڏھن تہ “ سنڌو“ وري ادبي  ۽ سياسي رسالو ھيو جنهن جو ايڊيٽر اڳتي ھلي ڪانگريس پارٽي جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بہ ٿيو. رسالي “اديب سنڌ“ تي ايم فل ڪئي وئي آھي پر “سنڌو“ رسالو اھو اعزاز ماڻي نہ سگهيو ڇو تہ اھو ھندن جو رسالو ھيو ۽ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ مشھور ھندو ايڊيٽر ۽ قلم ڌڻي انڊيا لڏي ويا ۽ سندن قلمي ڪوششن توڙي قلمي خزاني جي ايتري واھر ٿي نہ سگهي. “سنڌو “ رسالي جو مڪمل سيٽ شايد ڪنهن ھڪ اڌ ذاتي لائبريري ۾ موجود ھجي پر سرڪاري لائبريرين ۾ شايد ئي ھجي. اسان جي والد صاحب مختلف شھرن جي ذاتي لائبريرين مان، سنڌالاجي ۽ ڪن ٻين لائبريرين منجهان “سنڌو“ جا رسالا پڙھيا ۽ وڏو ڪم اھو ڪيائين تہ ان جي انڊيڪس ٺاھيائين، جيڪا اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
        ھن رسالي ۾ جيڪو مواد شايع ٿيو اھو ادبي بہ آھي تہ ڪانگريس جو سياسي لٽريچر بہ آھي. ھن رسالي مصوريءَ جي فروغ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو .ڪيترن مصورن جون تصويرون ۽ پينٽنگس ھن رسالي ۾ شايع ٿيون. رسالي جي ورقن ورائڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ انهي دور ۾ ڪراچي،حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ مصوري جو فن اوج تي ھيو. حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ “آرٽ اسڪول“ ھوندا ھئا ۽ انهي دور جي مشھور مصورن جي نالن جي لسٽ ٺاھبي، تہ اھا ھن ريت ٿيندي: 1. ڪماري رڪي جي. ملڪاڻي.2. ڪماري وشن آر شوداساڻي.3. ڪماري جسوتي ڪي ٿڌاڻي.4. ايشور اين جڳتياڻي.5. شريمتي مومل ٽي ملڪاڻي. 6. ڪماري ڪيول بي ملڪاڻي.7. ٺاڪر سنگه.8. ايم ڊي تريودي. 9. ايس بي ڪلڪارڻي.10. پرسرام مسند سکر وارو.11. ايڇ ايل کتري. 12. نارايڻ ورما. 13. ٺاڪر ڪر پالاڻي. 
        ھي رسالو ڪانگريس پارٽي جي پرچار ڪرڻ باوجود سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ مذھبي حالتن ۽ حقيقتن کان منهن موڙي نہ ويٺو، پر انهن مسئلن تي لکڻ وقت “ھندو- مسلم اتحاد“ پيدا ڪرڻ لاءِ ڀر پور ڪوشش ڪيائين. ان ڪري رسالي جي ھندو توڙي مسلمان ليکڪن ۽ شاعرن “ھندو- مسلم اتحاد“ بابت گھڻو لکيو. 1941 وارن پرچن ۾ انهي موضوع تي تمام گھڻي شاعري شايع ٿي ڇو تہ “ مسجد منزل گاھہ“ جو خوني دور تازو ختم ٿيو ھيو .انهي تحريڪ ھندن ۽ مسلمانن جي دلين ۾ شڪ ۽ نفرتون پيدا ڪيون. ان ڪري سنڌ جي شاعرن “ھندو – مسلم اتحاد“ کي قائم رکڻ جي لاءِ ڏاڍي جوشيلي ۽ برجستي شاعري ڪئي. “سنڌو“ جي سيپٽمبر 1941 واري پرچي ۾  حڪيم محمد احسن جو شعر ڇپيو. جنهن ۾ ھو چوي ٿو تہ: 
    پياري وطن ھند جا ٻئي ستارا- ۽ ڀارت جا سينگار ھندو مسلمان،
    ٻہ برتن مٽي ھڪ مان آھيون بنايل- مشين ھڪ جا اوزار ھندو مسلمان،
    وطن جو ٿئي باغ سر سبز احسن- ٿيون جي وفادار ھندو مسلمان.
     “ سنڌو“ جي آڪٽوبر 1941 واري پرچي ۾ کيئل داس “فاني“ جو انهي موضوع تي ڪلام شايع ٿيو جنهن جو ھڪ بند ھتي ڏجي ٿو: 
    مسلمان توکي نبيءَ جو قسم- بني پاڪ جي بندگيءَ جو قسم.
    ھندو توکي راڌا- پتي جو قسم- اکنڊ آرتي استتي جو قسم.
    سڄڻ ساڻ رھ سڪ سلؤڪت رکي- نہ ڪر درشٽ کي ڀر شٽ غيرت رکي.
    ڊسمبر 1941 واري پرچي ۾ لطف اللہ جوڳي جو شعر شايع ٿيو: 
    سمو سخت آيو آھہ رھہ ھوشار- اٿي ڪور ڪلفت کي ٿي وڃ تيار،
    وطن آھ مشڪل ۾ مشڪل کي ٽار- مسلمان ھندو جو ويڇو وسار،
    جو گذري ويو ان جي ڪھڙي پچار- نہ ڪر ياد ان کي تون اڄ ڏي نھار.
    سدا ديس جو گھڻگھرو ٿي گذار- مسلمان ھندو جو ويڇو وسار.
    جن اھم مسئلن تي ھن رسالي ۾ گھڻو مواد شايع ٿيو اھي آھن: 
    1.سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي. 2. سکر ۽ اتر سنڌ ۾ ھندو- مسلم فساد.3. ڊاڪٽر گربخشاڻي طرفان ترتيب ڏنل “ شاھ جو رسالو“  جو تنقيدي جائزو.4. ڊاڪٽر داؤد پوٽي طرفان درسي ڪتابن ۾ “ اعرابن“ لڳرائڻ وارو مامرو. 5 . سنڌ جي سابق وڏي وزير اللہ بخش سومري جي شھادت . 6. سنڌ ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ وارو مامرو.7. ڪوئيٽا جو زلزلو. 8. ھاسارام پمناڻي جي شھادت جو مامرو. 9. ڪبير ۽ لطيف جي شاعري جو تقابلي مطالعو  وغيره وغيره.
          رسالي کي ھندن يا مسلمانن جي رسالي بنائڻ بدران ٻنھي ڌرين کي ھڪ ٻئي جي ويجھو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. تنهن دور جي ھندو ليکڪن اسلامي تاريخ ۽ ڪردارن تي ڏاڍو بھتر ۽ اعتدال پسندي سان لکيو ڪي مثال پيش ڪجن ٿا تہ ڪھڙي ھندو ليکڪ ھن رسالي ۾ ڪھڙي موضوع تي لکيو. ملاظه فرمايو:   “ موتي لعل بٽاڻي“( مغلن جي ڏينھن ۾ تعليم جي ترقي ) ،“ گوبند مالھي“( مينا مغل تاريخ جو گمنام ورق)، “ رامداس لکاڻي“( تصوف) ، ( سلطان حيدر علي)“ ، موتي لعل بٽاڻي“( ميران ٻائي ۽ اڪبر )“ پارومل ڪيولراماڻي“ ( مولوي احمد شاھ)، “ موتيرام بوٽاڻي“(  بابر جو موت)، “ موتيرام بوٽاڻي“( جھانگير جو موت)“ ، ڪلياڻ آڏواڻي“ اقبال رومي جو طالب) “، پروفيسر مولچند ٺڪر “ ( مثنوي رومي مان ڪي آکاڻيون.“ 
          “سنڌو“ رسالي مان اھو ۽ انهي قسم جو کوڙ سارو مواد گل  حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي. ڪنهن دوست جيڪڏھن ھن رسالي تي ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي لاءَ مقالو لکڻ چاهيو تہ گل  حيات ۽ اسان جي دلين جا دروازا هن لاء کليل رھندا. ( ممتاز پٺاڻ)
  • سرشاھنواز ڀٽي بابت گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ گڏ ڪيل مواد

    سرشاھنواز ڀٽي بابت گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ گڏ ڪيل مواد

    20190413 133901

    گل حيات جي ميڙي چونڊي مان.
    “ سرشاھنواز ڀٽي بابت گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ گڏ ڪيل مواد.“ 
        ملڪي ۽ بين الاقوامي سياست جي افق تي ڀٽي خاندان جو سج سرشاھنواز ڀٽي اڀاريو. هن سنڌ جي سياست تي وڏا اثر ڇڏيا. لاڙڪاڻي جي سياست ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي اڳواڻي تي لاھورين جو اثر رسوخ ھوندو ھيو، اھو ھن ئي ختم ڪيو .سرشاھنواز ڀٽي جي زندگي ۽ سياسي خدمتن تي سڀ کان پھريون تفصيلي احوال سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “ جنب گذاريم جن سين“ ۾ ڏنو آھي. ان کان پوءِ سرشاھنواز ڀٽي کي پنهنجن توڙي پراون وساري ڇڏيو. حالانڪ ھن ماڻھوءَ  جي شخصيت ۽ سياسي خدمتن تي ھڪ کان وڌيڪ پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون. 
        گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪنهن دوستي يا دشمني لاڳاپي يا عدم لاڳاپي جي جذبن ۽ روين کان بالاتر ٿي ڪري نھايت غير جانبدارانہ انداز سان  شخصيتن ،واقعن ۽ پارٽين تي ڪم ڪيو آھي. پوءِ انهن جو واسطو ھندن سان ھجي يا مسلمانن سان، ساڄي ڌر سان ھجي يا کاٻي ڌر سان. 
        سر شاھنواز ڀٽي جو سنڌ جي تاريخ ۾ وڏو رول رھيو آھي. ھو ڪو انقلابي اڳواڻ ڪونہ ھيو پر پنهنجي دور جو ھڪ سنجيده ۽ سرڪار- دوست رھبر ٿي رھيو. ان قربت ۽ محبت  کيس اقتدار جي ايوانن تائين پھچايو. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ ڀٽي خاندان جو جيترو سياسي قد بت ھيو، اوتريون انهن کي تڪليفون ڏسڻيون پيون. بلاشڪ سرشاھنواز ڀٽي جي پٽ، پوٽئ ۽ پوٽن کي سياست ۾ سر جون قربانيون ڏيڻيون پيون، اھا حقيقيت آھي. پر، انهي ڳالھ کان بہ ڪو انڪار نٿو ڪري سگهي تہ سرشاھنواز ڀٽي سياست ۾ ڏاڍيون لاھيون چاڙھيون ڏٺيون. خاص طور تي جڏھن سنڌ اسيمبليءَ جون پھريون چونڊون ٿيون تہ ان ۾ پنهنجي ئي ضلعي ۽ پنهنجي ئي تڪ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي کيس شڪست ڏني. ان جا 2 سبب ھئا پھريون ھي تہ سر شاھنواز ڀٽو پنهنجي اولاد وانگر عوامي اڳواڻ ڪونہ ھيو. ھن عوام کي مفاصلي تي رکيو اھو ايترو مفاصلو عوام وري سرشاھنواز ڀٽي سان چونڊن دوران رکيو. اھا دوري ئي فقط مجبوري ڪانہ ھئي پر سنڌ جي سياست ۾ پھريون دفعو مذھب ۽ ذات پات جي اثر ۽ رنگ مان فائدي وٺڻ جو آغاز انهي دور کان شروع ٿيو . اليڪشن جي مھم دوران پوسٽر ۽ پمفليٽ ڇپرايا ويا تہ جيڪڏھن شيخ عبدالمجيد سنڌي چونڊون کٽيون تہ کوڙ سارا ھندو مسلمان ٿيندا . بلاشڪ شيخ عبدالمجيد سنڌي عوامي اڳواڻ ھيو، ھن حڪومتن سان ٽڪر کاڌو ۽ جيل ڏٺا ۽ سرشاھنواز ڀٽي خلاف ھي ھڪ برجستو اميدوار ھيو ۽ سندس کٽڻ عوام جي سياسي بصيرت جو پڙاڏو ھئي. پر مونکي فقط تاريخ جي رڪارڊ کي درست ڪرڻ جي لاءِ اھو ٻڌائڻو آھي تہ سنڌ جي پھرين چونڊن ۾ مذھب ۽ ذات پات کي استعمال ڪيو ويو. ڪراچي ۾ حاجي عبداللہ ھارون بہ چونڊن ۾ شڪست کاڌي ۽ ھن جي حلقي ۾ جيڪي پوسٽر ۽ پمفليٽ ڇپرايا ويا ۽ جيڪو سياسي نعرو بلند ڪيو ويو اھو ھيو“ غيرت بلوچان، ووٽان بہ دي بلوچان“ 
        سرشاھنواز ڀٽي انهن چونڊن ۾ شڪست کاڌي پر پوء بہ هن جو سياسي ڪيريئر ڪيترن ئي سياستدانن کان مٿانھون آھي. ھو جڏھن“ لاڙڪاڻہ ڊسٽرڪ لوڪل بورڊ“ جو اڳواڻ ھيو تہ ھن  ضلعي لاڙڪاڻي جي خدمت ڪئي. ھو جڏھن ممبئي سرڪار ۾ وزير ھيو تہ ان وقت سکر بئراج ٺھرائڻ واري مسئلي تي وڏي ڪوشش ورتائين ۽ ان کان پوءِ جڏھن “ سائمن ڪميشن“ جو سرڪار طرفان ٿاڦيل مقامي ميمبر ٿيو تہ سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ واري مامري تي سنڌ جي اپر  مسلم ڪلاس جي خواھشن وانگر سنڌ کي الڳ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ حصو ورتائين. انهي تحريڪ دوران سنڌ ۾ “ سنڌ آزاد ڪانفرنس“ نالي پارٽي ٺاھي وئي جنهن جو ھو صدر ٿيو.
       سرشاھنواز ڀٽو سالن جا سال “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جو صدر ٿي رھيو. انهي زماني ۾ 1927 ۾ لاڙڪاڻي ۾ ھندو مسلم فساد ٿيا ۽ سر  شاھنواز ڀٽي “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جي پليٽ فارم تان  ٻين دوستن سان گڏجي لاڙڪاڻي جي مسلمانن جو آواز بلند ڪيو ۽ انهن جي حق ۾ گھڻو ڪم ڪيو. جڏھن “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن “  پنهنجي پوئين پسائن ۾ اچي پھتي تہ سرشاھنواز ڀٽي ھم خيال سياستدانن سان گڏجي 1934 ۾ “ سنڌ پيپلز پارٽي ٺاھي“. پوء جڏھن سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي ۽ سنڌ ۾ نئين سياسي صفبندي شروع ٿي تہ 1936 ۾ “سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ ٺاھي وئي جنهن جو ليڊر سر شاھنواز ڀٽو ھيو ۽ ڊپٽي ليڊر حاجي عبداللہ ھارون ھيو . پر ٻنهي ڄڻن چونڊن ۾ شڪست کاڌي. ھن کان پوءِ سرشاھنواز ڀٽو جهونا ڳڙھ رياست جو ديوان ٿيو ۽ پوء پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ٿيو.
        گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ سر شاھنواز ڀٽي جي سياسي خدمتن بابت جيڪو مواد گڏ ڪيو ويو آھي، انهي جو مختصر تفصيل ھن ريت ٿئي ٿو:  1. سرشاھنواز ڀٽي جي خاندان بابت احوال. 2. سرشاھنواز ڀٽو جيترو وقت سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو صدر ٿي رھيو انهي عرصي دوران سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي گڏجاڻين جون ڪاروايون ۽ وقت جي گورنرن کي ايسوسيئيشن جي طرفان پيش ڪيل ياداشت ناما. جن جو تعداد اڌ ڊزن کان مٿي آھي. 3. خلافت تحريڪ ۽ ان طرفان ھلايل عدم تعاون تحريڪ کي گھٽائڻ لاءِ سنڌ ۾ “ امن سڀائون“ قائم ٿيون تہ سرشاھنواز ڀٽي پنهنجي ڳوٺ ۽ لاڙڪاڻي ۾ “امن سڀائون“ قائم ڪرايون. ھنن امن سڀائن جي ڪاروائين جا تفصيل. 4. ممبئي ليجسليٽو اسيمبلي ۾
     پارليامينٽرين جي حيثيت ۾ سر شاھنواز ڀٽي جو ڪردار ۽ مختلف موقعن ٿي ڪيل ڊبيٽس جو متن.5.“ سنڌپيپلز پارٽي“ جي قيام ۽ ڪارڪردگي بابت معلومات.6. “ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ جي قيام ۽ ڪارڪردگي بابت معلومات. 
        پوسٽ جي طويل ٿيڻ جي ڊپ کان مان اختصار کان ڪم وٺان ٿو. جڏھن تہ گل حيات سر شاھنواز ڀٽي بابت تمام گهڻو مواد گڏ ڪيو آھي.  جيڪڏھن ڪو محقق  يا ادارو سرشاھنواز  ڀٽي جي زندگي ۽ سياسي خدمتن تي تحقيق ڪرڻ گھري تہ اسان جي دلين ۽ گل حيات جا دروازا انهن لاءِ  ھميشه کليل رھندا .( ممتاز پٺاڻ)
  • سنڌ ڪانگريس پارٽيءَ جو گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    سنڌ ڪانگريس پارٽيءَ جو گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    20190412 155846
     
    “گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
    “سنڌ ڪانگريس پارٽيءَ جو گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
      ھن موضوع جھڙي مون ھن کان اڳ بہ ھڪ اڌ پوسٽ شيئر ڪئي آھي ليڪن گل حيات انسٽيٽيوٽ ايترو تہ مواد گڏ ڪيو آھي جو ھڪ ھڪ موضوع تي ھڪ کان وڌيڪ پوسٽون لکي سگهجن ٿيون جن ۾ مواد ۽ خيالن جو ورجاءُ نہ ھوندو پر ھر دفعي نئين معلومات ھوندي جيڪا پڙھندڙن ۾ اسان جي شاندار ماضي کي غور سان پڙھڻ جو جذبو پيدا ڪندي.
       پاڪستان ٺھڻ کان اڳ سنڌ واضح طور تي ٻن ڪئمپن ۾ ورھائجي چڪي ھئي. مسلمانن جي وڏي انگ مسلم ليگ ڌر ورتي ۽ ھندن وري “ ڪانگريس“ جي ڌر ورتي. ٻنهي پارٽين پنهنجي پنهنجي سياسي حڪمت عملي ھلائي جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي ٻوليءَ ، علم ادب ۽ سماج تي گھرا اثر پيا. ھن وقت ڪانگريس جو نالو نشان بہ سنڌ ۾ ڪونهي، پر اسان جي تاريخ جي ورقن ۾ ان جي قيام ۽ ڪارڪردگي واري مواد کي ڪڍي اڇلائي نٿو سگهجي. ان ڪري جڏھن آزادي جي تحريڪ جي تاريخ لکبي تہ سمورين سياسي پارٽين ۽ سمورين سياسي تحريڪن جو مطالعو ڪرڻو پوندو.
    اڄ ھن پوسٽ سان گڏ مون جيڪا تصوير ڏني آھي، اھا ڪانگريس ڪاميٽي ٻٽڙا نچڻمل اسٽيشن بالي شاھ طرفان جاري ڪيل وائوچر فارم ۽ ميمبري جي سرٽيفڪيٽ جي فارم جي تصوير آھي. ٻٽڙا سنڌ جو ھڪ ننڍڙو ڳوٺ آھي. انگريزن جي زماني ۾ اھو اڃا بہ ننڍڙو ڳوٺ ھوندو. پر گل حيات اداري ۾  انهي ڳوٺ جي ڪانگريس جي ميمبرن جي جيڪا لسٽ پئي آھي ان۾ ھزار کان مٿي ميمبرن جا تفصيل ڏنل آھن. ھن مثال مان صاف ظاھر ٿئي ٿو تہ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جون شاخون وڏن شھرن کان وٺي ننڍڙن  ڳوٺن تائين قائم ٿيل ھيون.
       سنڌ جي ھندو سياستدانن ۽ ڪانگريسي اڳواڻن جي سياسي غلطين منجهان سنڌ جي اپر ڪلاس جي مسلم سياستدانن وڏا فائدا ورتا. سيٺ ھرچندراء وشنداس پھريون سياستدان ھيو جنهن سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جو آواز اٿاريو اھڙي نموني سان سنڌ ڪانگريس سنڌ ۾ ڪانگريس جي حيثيت انهي وقت “ سنڌ صوبو ڪانگريس “ واري ڪري مڃرائي ورتي جڏھن اڃا سنڌ ممبئي پرڳڻي جو حصو ھئي. انهي عمل پڻ مسلمانن جي ذھن کي ٺاھيو تہ سنڌ کي الڳ صوبائي حيثيت وٺي ڏيڻ ممڪن آھي.
        “آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي“ 1885 ۾ ٺھي ۽ سنڌي ھندو پھرين ڏينهن کان وٺي انهي پارٽي سان لاڳاپيل رھيا ۽ باقاعدگي سان ڪانگريس جي ساليانن اجلاسن ۾ شرڪت ڪرڻ ويندا ھئا. سنڌي ڪانگريسن جي ڪوششن سان 1913 ۾ پھريون دفعو ڪانگريس جو ساليانو اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو ۽ پوء بہ ھڪ اجلاس ٿيو. سنڌ وڏا ڪانگريس ليڊر پيدا ڪيا جيڪي گاندھيءَ توڙي سباش چندر بوس جي ڏاڍو ويجهو رھيا. سنڌين آل انڊيا ڪانگريس جي صدارت ۽ جنرل سيڪريٽري شپ بہ ماڻي. ھيءَ پارٽيڀ مسلم ليگ کان وڌيڪ پراڻي سنڌ جي پارٽي ھئي . انهي پارٽي بابت اسان جي ويب سائيٽ تي انگريزي ۽ سنڌي ۾ کوڙ سارو مواد اپ لوڊ ٿيل آھي. انگريزن جي دور ۾ اڪثر ڪري رسالا ۽ گھڻي کان گھڻيون اخبارو  ھندن جون ھونديون ھيون. جن ۾ ڪانگريس جو وڏو حصو ھيو. ھن پارٽيءَ سنڌي ۾ وڏي مقدار ۾ “ سياسي ادب“ جو اضافو ڪيو. سنڌي ٻولي ۾ گاندھيءَ، ڪانگريس ۽ ڪانگريسي پرچار بابت گھڻو ڪجه مواد شايع ٿيو. سنڌي ۾ ھن پارٽئ جيڪو سياسي ادب جو اضافو ڪيو، اھو لڳ ڀڳ سمورو گل حيات ۾ موجود آھي.
     سنڌي ڪانگريسن اھڙا ڪتاب بہ لکيا جيڪي وقت جي سرڪار ضبط ڪيا مثال طور“ انقلاب زنده آباد“،“ ھندستان آزاد“ ۽ “ نوڪر شاھي برباد“ اھي ٽئي ڪتاب مھراج دوارڪا پرساد شرما جي لکيل ھئا جيڪي ضبط ڪيا ويا ھئا. ڪانگريسي ادب مان جيڪڏھن ڪجه ڪتابن ۽ طويل مقالن جي طويل ترين لسٽ مان ٿورا مثال ھت ڏجن تہ وقتائتي ڳالھ ٿيندي. ٿورا مثال ملاحظہ فرمايو :“منزل گاه ۽ ھندن جو فرض ( ريجهو مل اگناڻي) “ آريه ناري“ ( تاراچند گاجر) “ ھندو ساميواد ڇاآھي؟“ ( گر ڏنو مل) “ ماتا جو سڏ“ ( منگهارام ھوندومل)“ مھاتما سان ڪي ڳالھيون“ ( نارائڻداس ملڪاڻي) “ وير گرجنا“ ( سباش چندر) “ جناح کي جواب“ ( لعلچند آريه) “ سوراج جي لڙائي“( صورت اتم سنگه) “ مھاتما جي جيل جو تجربو“ ( ڪوڙو مل ساھتيه) “ ھندو جاتي جي حالت“ ( گاگن داس چنديمل) “ قوم جي ننڊ“ ( گرڏنو مل) وغيره. 
         مان ھن کان اڳ ۾ گذارش ڪندو  آھيان تہ پاڪستان کان پهريون سنڌ ۾ 45 سياسي پارٽيون ۽ پريشر گروپ ھا .انهن بابت گل حيات ۾ ايترو مواد موجود آھي  جو ھڪڙي ھڪڙي پارٽي تي ھڪ کان وڌيڪ ڪتاب لکي سگهجن ٿا. اڄوڪي پوسٽ بہ انهي سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي اسان پنهنجو قومي ۽ تاريخي فرض پورو ڪندا اچئون ٿا باقي ڪم اسڪالرن ۽ ادارن جو آھي تہ اھي انهيءَ مواد ۽ ميڙي چونڊي مان ڪيترو فائدو وٺن ٿا. ( ممتاز پٺاڻ)
  • پاڪستان ٺھڻ کان اڳ سنڌ واسين جون اردو ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    “ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ سنڌ واسين جون اردو ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“  
       سنڌ ، ھندستان ۽ پاڪستان ۾ “لساني رواداري“ جو واحد ۽ منفرد خطو آھي. ھن صوبي ۾ سنڌ واسين ھر ٻوليءَ کي عزت،مڃتا ۽ رتبو ڏنو . پوء اھا ٻي ڳالھ آھي جو قرآن جو جنهن ٻولي ۾ سڀني ٻولين کان اڳ ۾ ترجمي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، انهي سنڌي ٻولي کي باقي ٻين ٻولين وارن ايتري اھميت ۽ مڃتا نہ ڏني. دنيا جو ڪھڙو بہ ادب ھجي ۽ ٻولي ھجي سنڌين کي موقعو مليو تہ ان ۾ وڏو نالو ڪمايائون. سنڌ ھفت زبان شاعر پيدا ڪيا. گھڻين ٻولين ۾ علمي ۽ قلمي مھارت ڏيکارڻ ۾ سنڌين جو ڪو مثال ڪونهي.
       انگريزن جي اچڻ کان پوء جڏھن واپاري ڪميونٽيون سنڌ ۾ لڏي آيون تہ ھنن اردو زبان کي رابطي جو ذريعو بڻايو. ان کان پوء جڏھن سنڌي شاگرد ممبئي پرڳڻي جي مختلف شھرن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاء ويا تہ انهن جو اردو زبان سان واسطو پيو. ان کان پوء ڪراچي ۾ “انجمن ترقي اردو “ قائم ٿي، جنهن طرفان ڪيتريون ڪانفرنسون ٿيون ۽ جنهن جو ڪراچي ۾ ڪتب خانو بہ  ھوندو ھيو. 1894 ۾ حيدرآباد ۾ ناٽڪ منڊليون اردو ڊراما ڪري ڏيکارينديون ھيون. حيدر آباد جي اولھندي ڪچي ۾ جيڪي اردو ۾ ڊراما ناٽڪ منڊلين ڪيا انهن مان “ اندر سڀا“ “ علي بابا چاليس چور “ ۽ “ شيرين فرھاد“ ذڪر لائق آھن. 
    سنڌي ۾ ھندو ليکڪن اڪثر ڪري ھندي ۽ اردو جا ڪتاب ترجمو ڪري ڇپرايا ۽ مسلمانن وري اردو ۾ شاعري ڪئي. اردو ۽ ھنديءَ جي جن ليکڪن جو قلمي پورھيو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو انهن مان ڪي آھن: 1. جيئندر ڪمار،2. ٽئگور.3. روميش چندر دت، 4. خواجه حسن نظامي، 5. روي بابو،6. قاضي نذرالاسلام، 7. خواجه احمد،8. اشاديوي مترا، 9. ڪرشن چندر، 10. نواب اڪبر يار جنگ بھادر، 11. ساوتري ديوي. 12. اپيندرناٿ اشڪ، 13. تلوڪچند محروم، 14. نارائڻ اگروال ۽ 15. ڪوثر چاند پوري وغيره. 
       پاڪستان ٺھڻ کان ڪجه سال اڳ.خاص طور تي لاھور واري ٺھراءُ پاس ٿيڻ کان پوء سنڌ ۾ اردو شاعرن کي پڙھڻ ۽ انهن جي شاعريءَ جو سنڌي ۾ ترجمي ڪرڻ جي شروعات ٿي. ڪشنچند بيوس جو نظم “ کڙکٻيتو“ علام اقبال جي نظم “ جگنو“ جو ترجمو آھي. ھن دور ۾ اردو جي جن شاعرن کي گھڻو پڙھيو ويو انهن مان علامہ اقبال،مرزاغالب، جگر مراد آبادي،ماھر القادري، اظھر امرتسري، قمرجلال آبادي، داغ، ذوق مير انيس، اسمائيل ھمداني،اڪبر اللہ آبادي امير مينائي، ناسخ،مير تقي مير جا نالا ذڪر لائق آھن. انهن جو اردو ۾ ڪلام بہ سنڌي رسالن ۾ شايع ٿيو.   لاڙڪاڻي مان“ اديب سنڌ“ نالي رسالو نڪرندو ھيو جنهن اردو سان جيترو عشق ڪيو ۽ اردو ٻولي کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان لاء ٻہ مثال ھتي ڏيان ٿو. ھن رسالي ۾ “اردو معلى ا “ جي سري ھيٺ ڪجه شعر ڏنا ويندا ھئا جن جا ٻہ مثال ملاحظه فرمايو: مسلم بہی جس کے عاشق ہندو بھی جس کے شیدا،
    وہ ھند کی پری ھے اردو زبان ھماری،
    بچے بچے کی زبان پر مین روان ھون ھر جا، 
    محفل ھند مین اردو معلا ھون مین۰ 
       1940 کان وٺي 1947 تائين جن سنڌي شاعرن اردو ۾ شاعري ڪئي انهن مان ڪن جا نالا ھن ريت آھن:  مير مقبول خان “مير“، اميرالدين “ھمدم“، مير غلام حسين ڪوٽ ڏجي وارو، ڊاڪٽر محمد انور ڪوھستاني، نواب حاجي مصطفا خان “ شيفته“، عبداللہ “ اثر“ رشيد احمد لاشاري، اوسته غلام حسين، مولوي محب اللہ “ سودائي“ سکر وارو، آغا گل حسن خان “گل“، غلام محمد “ گرامي“ ، عطا محمد “ حامي“ ، مرزا اجمل بيگ، ڊاڪٽر محمد ابراھيم “ خليل“، عبداللہ “ خواب“، منظور نقوي، ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي ۽ حافظ محمد حيات شاھ وغيره. 
    ڪن شھرن ۾ سنڌي اديبن غالب جي نالي تي ڪلاسز شروع ڪيا ويا تہ ڪٿي اقبال جي نالي تي اقبال ڪلاسز شروع ڪيا . ھي اھو زمانو ھيو جڏھن پاڪستان اڃا نہ ٺھيو ھو ۽ اسان جا ديني ڀائر وڏي پئماني تي ھجرت ڪري ڪونہ آيا ھئا. پر ستت ئي پوء اسان جي شاعرن ۽ ليکڪن کي پنهنجي ٻولي ياد اچي وئي ۽ لڳ ڀڳ 1949 کان وٺي سنڌي ٻولي تي ليکڪن اديبن ۽ شاعرن دل کولي لکيو.
     سنڌ ۾ انهي دور ۾  جيڪا اردوء ۾ شاعري ڪئي وئي ۽ انگريزن جي دور ۾ جيڪا ڪراچي ۾ انجمن ترقي بورڊ ٺاھيو ويو ان جا سمورا تفصيل ۽ مواد گل حيات ۾ موجود آھي.( ممتاز پٺاڻ)