
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
“ گڏيل ھندستان ۾ انگريزن خلاف جيڪا سالن جا سال مزاحمتي ۽ گوريلا جنگ ھلي اھا “حر تحريڪ“ ئي آھي. ھن تحريڪ جي تاريخ جي مختلف زاوين تي ڪيتريون پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون . پر انهي تاريخي تحقيق نہ ٿيڻ جا ڪيترا ڪارڻ آھن. ان لاء ڪنهن کي ميار ڏئي نٿي سگهجي. پر ھي ڳالھ بہ نظرانداز نٿي ڪري سگهجي تہ ھر ڪو ماڻھو پنهنجي نظر سان تاريخ کي لکڻ چاھي ٿو،پڙھڻ چاھي ٿو ۽ سمجهڻ چاھي ٿو. ان ڪري جڏھن غير جانبدار تاريخ نويس ڪم ڪرڻ چاھن ٿا تہ انهن کي گھربل سھڪار ۽ مواد نٿو ملي ۽ ٻئي طرف وري انهن جي لکيل تاريخ ڪو پڙھڻ لاء تيار ڪونهي. انهي ڏکوئيندڙ صورت حال جو مشاھدو اسان پاڻ ڪندا رھون ٿا. مون “برٽش پيرڊ“ جي حوالي سان گل حيات ۾ گڏ ٿيل ايتري تہ اڻ لڀ مواد جي نشاندھي ڪئي آھي جو جيڪڏھن اسان جي ادارن ۾ افعال ھجي ھا ۽ تاريخي تحقيق تي ڪم ڪرڻ جو سازگار ماحول ھجي ھا تہ اسان کي مٿي کنهڻ جو وقت نہ ملي ھا ۽ اسان کي مواد يا معلومات پھچائڻ ۾ گھڻو ٽائيم ڏيڻو پوي ھا. جيڪا قوم سندرا ٻڌي يار دوست ميڙي امتحاني سينٽرن تي ڪاپي ڪرائڻ لاء جهڙوڪ ڪاھون ڪري ٿي ۽ پنهنجي اولاد کي پڙھڻ بدران ڪوڙيون ڊگريون وٺي ڏيڻ کي پنهنجو فرض سمجهي ٿي، انهي کي يا انهي جي اولاد کي سنجيدگي سان ماضي جي مطالعي ڪرڻ جو ڇو فڪر ٿيندو؟ پر اسان کي فڪر آھي اسان پنهنجي ماضي بابت مواد ۽ معلومات جي نہ فقط ميڙي چونڊي ڪندا رھنداسين پر ماروئڙن کي اھو بہ ٻڌائيندا رھنداسين تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ ڇا پيو ڪري ۽ ڇو پيو ڪري.
مون مختلف پوسٽنگس ۾ ور ور ڏئي اھا پئي ڳالھ ڪئي آھي تہ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ انگريزن جي زماني ۾ سنڌ ۾ 45 سياسي پارٽيون ۽ پريشر گروپ ھيا. انهن کان سواءِ ڪيتريون تحريڪون ھليون ۽ سنڌ جي مختلف ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ سنڌ جون صوبائي ڪانفرنسون ٿيون. گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ويب سائيٽ انهن پارٽين،پريشر گروپن ۽ صوبائي ڪانفرنسن جو سنڌي ۾ تعارف ڏنو ويو آھي ۽ ھاڻي اسان انهن جو مواد ڪمپوز ڪري ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيون پيا. انگريزن جي دور جو “ سياسي لٽريچر “ ايترو تہ گھڻو آھي جنهن جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ سنڌ ۾ ٿيل صوبائي ڪانفرنسن جو مواد ئي 500 صفحن کان مٿي آھي ۽ اھو اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. سراسري طور تي جيڪڏھن 100 صفحن جو مواد ھڪڙي پارٽي جو ٻڌجي تہ ان مطلب اھو ٿيو تہ گل حيات ۾ انگريزن جي دور جو سياسي ادب 5000 صفحن کان مٿي ٿيندو. بابا سائين ھاڻي سنڌ جا “سال ناما“ لکڻ شروع ڪيا آھن جن منجهان “ سنڌ 1941 ۾“ ۽ “ سنڌ 1942 ۾“ اسان جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ٿي چڪا آھن جيڪي لڳ ڀڳ ھڪ سو ھڪ سو صفحن جا آھن. 1843 کان وٺي 1947 تائين ھڪ سو چار سال ٿيندا ۽ ھڪ ھڪ سال لاءِ گل حيات ۾ سراسري طور تي ھڪ سو صفحن جو مواد موجود آھي. انھئ ڳالھ مان گل حيات جي ميڙي چونڊي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
اڄ مون پنهنجي پوسٽنگ جي شروعات ۾ “سنڌ ليگ آف پروگريس“ جي فائيل جي ٽائيٽل جي تصوير ڏني آھي . ھيءَ پارٽي پڻ انگريزن جي دور ۾ ٺاھي وئي ان جو بنياد آڪٽوبر 1922 ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو .سيٺ ھرچندراءِ وشنداس ان جو باني صدر ھيو ۽ سر مانٽيگو ويب ان جو باني سيڪريٽري ھيو.ھن ليگ ۾ انگريز،مسلمان،فارسي ۽ ھندو ميمبر ھوندا ھئا. جنهن ڏينهن تي “سنڌ ليگ آف پروگريس“ ٺاھي وئي تہ ان ڏينهن تي انهن جي باني ميمبرن مان ڏيپ چند چانڊومل، ولي محمد حسن علي.، اي ايڇ ماما، جمشيد مھتا، مير ايوب، روپ چند ٻيلارام، شورتن مھوٽا( جنهن جو مھوٽا پئليس ڪراچي ۾ موجود آھي) ۽ اي ايل پرائيس جا نالا ذڪر لائق آھن.
“سنڌ ليگ آف پروگريس“ يارنهن سال لڳاتار فعال رھي ۽ ان جا اغراض و مقاصد ھي ھئا تہ:
گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ “سنڌ ليگ آف پروگريس“ جي سمورين گڏجاڻين ۽ ڪارواين جو رڪارڊ موجود آھي. ھن ليگ سنڌ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. انهي حوالي سان “ سکر بئراج“ جي مسئلي تي وڏي جدوجهد ڪيائين. وقت گذرڻ سان گڏ ليگ جي ميمبرن ۾ اضافو ٿيندو رھيو ۽ انهن منجهان ڪن جا نالا وٺڻ ۽ ٻڌائڻ وقتائتو ۽ مناسب ٿيندو جيڪي آھن : حاتم علوي، حاجي عبداللہ ھارون، صاحب سنگ شاھاڻي، راءِ بھادر شيوارام ديوان مل، ايسرداس ورند مل، سندرداس ڌرم سنگ، آر ڪي سڌوا، سرشاھنواز ڀٽو، ٽي بي دلال، ڊي پي دستور وغيره. ھن ليگ جا عھديدار مختلف وقتن تي مختلف رھندا آيا.
12 فيبروري 1930 تي ھن ليگ “يورپين ايسوسيئيشن“ سان گڏ ھڪ وڏي ڪانفرنس ڪئي جنهن جي صدارت سر چمن لعل ڪئي ھئي جنهن ۾ وقت جي مسئلن تي دل کولي ڳالھايو ويو ھيو ۽ ٺھراءَ پاس ڪيا ويا جن جا موضوع ھئا:
1934 ۾ ھن “سنڌ ليگ آف پروگريس“ ھندستان جي “ ڪرنسي ليگ آف انڊيا“ سان واسطو ڪيو تہ جيئن ناڻي ۽ سڪي سان لاڳاپيل مسئلن ۽ مونجهارن کي گڏ ويھي ويچار ڪجن ۽ حل ڪڍجن. ان کان سواءِ روپئي جي ملھ وڌائڻ يا گھٽائڻ واري صورت ۾ حڪومت تي بار وڌو وڃي تہ اھا عوام جي لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي.
اسان ماضي جي قبرن کوٽڻ جو ڪم نٿا ڪيو پر ماضي ۾ ٿيل پنهنجي بزرگن جي تجربن کي ترتيب ڏئي ھن دور جي نوجوانن کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا تہ سنڌ ماضي ۾ پنهنجي روشن مستقبل لاءِ يا تنهن دور جي سنگين مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪھڙين سوچن ۽ لوچن کان ڪم ورتو. اھوئي سبب آھي جو اسان جي ماضي ۾ جيڪو ڪجه وھيو واپريو، اھو اسان غير جانبداري سان گڏ ڪري نہ فقط تاريخ مرتب ڪيون ٿا پر انهي خزاني جي وارثن تائين بہ پھچايون ٿا. ڳالھ ڏکي آھي ۽ تمام وڏي ڳالھ آھي، پر مون کي چوڻ ڏيو تہ ھن دور ۾ گل حيات انسٽيٽيوٽ اھو واحد ادارو آھي جنهن نہ فقط ماضي کي محفوظ ڪرڻ جي سنجيدگئ سان ڪوشش ڪئي آھي پر ان کي عوام جي ھٿن تائين پھچائڻ جي بہ ڪوشش ڪئي آھي. اسان کي پنهنجي محنت ۽ محبت تي فخر آھي پر اھو فخر خوشي ۾ تڏھن بدلجي ويندو جڏھن پنهنجا ماڻھون ھن ميڙي چونڊي مان لاڀ پرائيندا