Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • گل حيات ۾ گڏ ٿيل انگريز دور جي گورنرن جون تقريرون

    گل حيات ۾ گڏ ٿيل انگريز دور جي گورنرن جون تقريرون

    20190527 132647


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


     
    ”گل حيات ۾ گڏ ٿيل انگريز دور جي گورنرن جون تقريرون
     
    گل حيات انسٽيٽيوٽ جن انوکن ۽ عجيب مگر اھم موضوعن تي مواد گڏ ڪيو آھي انهن ۾ “ تقريرون“ بہ اچي وڃن ٿيون. اھي تقريرون مختلف سياسي پارٽين جي جلسن ۾ بہ ڪيون ويون تہ وقت جي حڪمرانن بہ سنڌ جي دوري ڪرڻ وقت ڪيون.
    سياسي تقريرن منجهان ڪيتريون تقريرون بابا سائين پنهنجي ڪتاب“ سنڌ جي سياسي چرپر“ ۾ ڇپرايون ۽ اھي گل حيات جي ويب سائيٽ تي بہ رکيل آھن. اھڙي ريت 1896 کان وٺي 1920 تائين سنڌ ۾ “ساليانيون  صوبائي ڪانفرنسون“ ٿيون ۽ انهن ڪانفرنسن جي صدارت ڪندڙن جيڪي تقريرون ڪيون اھي بہ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن. انهن ڪانفرنسن ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ جمشيد مهتا جيڪي تقريرون ڪيون انهن مان ھڪ ھڪ تقرير لڳ ڀڳ  100 صفحن جون آھن. اھي ڪتابي صورت ۾ ڇپيون ھيون ۽ ان ڪري اسان وٽ انهن جي ھارڊ ڪاپي بہ موجود آھي تہ گل حيات جي ويب سائيٽ تي انهن جي سافٽ ڪاپي بہ موجود آھي.
         اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي جيڪي تقريرون رکيون آھن اھي ٿوريون ۽ نموني خاطر رکيون آھن. جڏھن تہ انهن جو تعداد گھڻو آھي ۽ گل حيات ۾ ان جون چڱو خاصو تعداد موجود آھي. ويب سائيٽ تي رکيل تقريرن کي اسان فقط انگريزن جي دور تائين محدود نہ ڪيو آھي، پر جيئن جيئن موقعو ملندو ٿو وڃي اسان تيئن تيئن ان ۾ موجوده دور جي سياستدانن ۽ عالمن اديبن جون بہ تقريرون رکندا ويندا آھيون. مثال طور شھيد بينظير ڀٽو جون ڪيتريون ئي تقريرون اوھان کي اسان جي ويب سائيٽ تي نظر اينديون. اھڙي ريت سنڌ اسيمبلي قائم ٿي تہ ان جي اجلاسن ۾ مشھور سياستدانن چونڊيل نمائندن جي حيثيت ۾ تمام اھم ۽ تاريخي تقريرون ڪيون. انهن جو گھڻو حصو ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آھي. پر 1943 ۾ پاڪستان جي پٺڀرائئ ڪرڻ واري اجلاس ۾ سائين جي ايم سيد جيڪا تقرير ڪئي ھئي اھا اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
    سياستدانن ۽ حڪمرانن جون تقريرون نہ فقط وقت ۽ حالتن جو عڪس پيش ڪنديون آھن، پر دور جي سنگين مسئلن جي نشاندھي بہ ڪنديون آھن ۽ انهن جي حل جا دڳ پيچرا بہ ٻڌائينديون آھن. 1843 ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. ڀريا چار سال نيپيئر فوجي صوبائي  گورنر ٿي رھيو. ان جي وئي کان پوء سنڌ کي ممبئي پرڳڻي سان ملايو ويو ۽ ھتي ڪمشنر مقرر ڪيا ويا. 1936 ۾ جڏھن سنڌ صوبائي حيثيت ورتي تہ انگريز گورنر مقرر ڪيا ويا. 1847 کان 1947 تائين سنڌ ۾ ھندستان جا وائسراء بہ آيا، ممبئي پرڳڻي جا گورنر بہ آيا، پرنس آف ويلس بہ دوري تي آيو، چئلمسفورڊ جي اڳواڻي ۾ ۽ پوء سائمن جي اڳواڻي ۾ آئيني سڌارن بابت ماڻھن کان راء وٺڻ لاء ڪاميٽيون بہ آيون. ان کان گھڻو اڳ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي تحرڪ سان “ لاپو ۽ رسائي ڪميشن“ بہ سنڌ ۾ آئي. انهن سمورن سنڌ ۾ مختلف ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ دوري وقت تقريرون ڪيون.
        ھي پنهنجي جڳھ تي ھڪ اھم موضوع آھي تہ ڪھڙا وائسراء، ڪھڙا گورنر ۽ ڪھڙا وفد سنڌ ۾ آيا. منهنجي والد صاحب انهي حوالي سان ھڪ لسٽ بہ ٺاھي ورتي آھي ۽ انهن جون ڪيتريون تقريرون پڻ گڏ ڪيون آھن . جنهن کي “ سنڌ جي گورنرن جون تقريرون“ جي عنوان سان فائيلن ۾ محفوظ ڪيو آھي. اسان ڪوشش ڪنداسين تہ انهن تقريرن کي پڻ ڪا صورت ڏئي ڪمپوز ڪرائي ويب سائيٽ رکون. اھي تقريرون تعداد ۾ چڱيون خاصيون آھن انهن منجهان خاص طور تي گورنرن جيڪي“ درٻاريون“ سڏائي تقريرون ڪيون اھي، وڏي اھميت رکن ٿيون. 
    درٻار اڪثر ڪري چئن پنجن ضلعن جي مکيه ماڻھن کي گھرائي ڪراچي يا حيدرآباد ۾ سڏائي ويندي ھئي ۽ ان ۾ ماڻھن کي سندون بيج ۽ ٽائيٽل ۽ آفرين ناما بہ ڏنا ويندا ھئا. مثال طور 6 نومبر 1928 تي ممبئي جي گورنر حيدرآباد ۾ درٻار لڳائي جنهن ۾ حيدرآباد،ڪراچي ٿرپارڪر ۽ نواب شاھ ضلعن جا امير گھرايا ويا ھئا. ھن درٻار ۾ ڪيترن ئي ماڻھن کي خانبھادر ۽ خان صاحب جا خطاب ڏنا ويا ۽ ڪيترن کي آفرين ناما ڏنا ويا. مثال طور ڄام جان محمد ولد ڄام محمد شريف، مير يار محمد، حاجي گل محمد کيڙو، ڄام ڪانڀو خان، حاجي گل محمد رند، حاجي خير بخش لغاري کي “ خان بھادر“ جو خطاب ڏنو ويو جڏھن تہ صالح شاھ دوست محمد ۽ حاجي سھراب خان مري کي “ خانصاحب“ جو لقب ڏنو ويو. انهن چئني ضلعن منجهان تمام گھڻي تعداد کي آفرين ناما ۽ سندون ڏنيون ويون. ان وقت تي گورنر سنڌ جي انهن چئني ضلعن جي اپر ڪلاس جي غير مشروط وفاداري تي اطمينان ڏيکاريو ۽ پنهنجئ تقرير ۾ انهن کي يقين ڏياريو ھيو تہ سائمن ڪميشن جي سفارش جي روشني ۾ سنڌ کي بہ مناسب آئيني سڌارا ملندا . ھن پنهنجي حڪومت جي ڪارنامن جو ذڪر ڪندي پنهنجي حڪومت جي واکاڻ ڪئي ۽ ٻڌايو تہ گذريل سال سنڌ ۾ ٻوڏين جيڪا تباھي آندي ان لاء حڪومت پنجھتر ھزار روپين تي مشتمل “ ٻوڏ ساھتا فنڊ “ قائم ڪيو ھيو. ھن پنهنجي تقرير ۾ سکر بئراج جي تعمير جو بہ ذڪر ڪيو ۽ درٻارين کي ٻڌايو تہ سرڪار ان بئراج جي پراجيڪٽ تي سنجيدگي سان ڪم ڪري رھي آھي.
      اھي انگريز گورنر ظاھر آھي تہ انگريزي ۾ تقريرون ڪندا ھئا ۽ انهن جي تقريرن جي پڄاڻي کان پوء ڪو ڏيھي عملدار انهي تقرير جو سنڌي ۾ تت ٻڌائيندو ھيو ۽ اھو نھايت اطمينان ۽ وفاداري جي جذبن سان درٻاري ٻڌندا ھئا. 
    اھي تقريرن جڏھن موقعي ۽ ماحول کي نظر ۾ رکي پڙھجن ٿيون تہ انهي دور جي سنڌ اکين اڳيان اڀري اچي ٿي. انهن تقريرن جي اھميت آھي ۽ اھي اسان جي سياسي، سماجي ۽ قومي نفسيات کي سمجھڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. مون کي خوشي انهي ڳالھ جي آھي تہ اسان نت نون ۽ اھم موضوعن کي مانوس بہ ڪرايو آھي ۽ اھو بہ ٻڌايو آھي تہ انهي موضوع تي گل حيات ۾ ڪھڙو ۽ ڪيترو مواد موجود آھي
  • پنجاب بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    پنجاب بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    textgram 1558773470

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


     
    ”پنجاب بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
     
    اھي ڏينهن بہ ھيا جڏھن ڪشمير کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ ڪراچي تائين سنڌ ھئي. پر پوءَ اسان سنڌ واسين جي افعالن سبب اھا اسان جي پيرن ھيٺان سسندي اچي اڄوڪي جاگرافيائي حدن ۾ محفوظ ٿي وئي آھي. ھن وقت جو پنجاب بہ ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو حصو ھيو. پر ھاڻي اھو پاڪستان جو ھڪ الڳ ۽ طاقتور صوبو آھي. پنجاب کي پنهنجو الڳ تشخص مليو ۽ انهن ڏينھن کان وٺي سنڌ جو پاڙيسري صوبو ٿي رھيو. سنڌ ۽ پنجاب جا لاڳاپا صديون پراڻا آھن ۽ ڪتابن جي ورقن ورائڻ  مان خبر پوي ٿي تہ ارغونن ۽ ترخانن جي ڏھاڙن ۾ سنڌ مان ڪيترا مسلمان پنجاب لڏي ويا. انهي کان اڳ جڏھن سنڌ ۾ مسلمانن جي حڪومت قائم ٿي تہ ڪيترا ھندو پڻ سنڌ ڇڏي پنجاب ھليا ويا ھيا، جن کي “ اروڙ ونسي “ چئبو ھيو. انهن مان ڪيترا ڪلھوڙن جي ابتدائي دور ۾ واپس آيا ھئا .
    پنجاب جي مشھور بزرگ شخصيت ميان مير سنڌي ھيو. ھن ئي امرتسر ۾ سکن جي “ گولڊن ٽيمپل“ جو افتتاح ڪيو ھيو. پنجاب ۽ سنڌ جا روحاني ۽ واپاري لاڳاپا شروع کان وٺي قائم ۽ دائم رھيا. اسان تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙھيو آھي ۽ سڀني کي خبر آھي تہ ڪراچي ۾ منگهي پير واري ھنڌ تي قلندر شھباز ۽ پنجاب جي ڪن بزرگن جون پاڻ ۾ ڪچھريون ٿينديون ھيون. اسان سڀ اھو بہ ڄاڻئون ٿا تہ سنڌ جا ڪيترا ماڻھون ملتاني درگاھ جا مريد آھن ۽ سندن اھي نسبتون صدين کان وٺي قائم ۽ دائم آھن. پاڻ اھو بہ ڄاڻئون ٿا تہ جڏھن سنڌ تي ٽالپرن جي حڪمراني ھئي تہ ان زماني ۾ پنجاب تي رنجيت سنگھ حڪمراني ڪندو ھيو. رنجيت سنگھ جي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت سان ياري ھئي ۽ انهئ جي ئي چوڻ تي رنجيت سنگھ سنڌ تي چڙھائي جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌي حڪمرانن کي ڏاڍو تنگ ڪيو.   انگريزن جو دور آيو تہ سنڌ ۽ پنجاب جي لاڳاپن ۾ وڏي تبديلي آئي. ميان مير جي ڏھاڙن کان وٺي موجوده ڏھاڙن تائين سنڌ ۽ پنجاب جا جيڪي لاڳاپا رھيا آھن، انهن تي تفصيل سان ڪيترا ڪتاب لکي سگهجن ٿا. گل حيات انسٽيٽيوٽ انهي حوالي سان جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي ان جا تفصيل دوستن سان ونڊڻ ضروري ٿو سمجهان.
    1885 ۾ سنڌ مدرسو قائم ٿيو. انهي کان اڳ حسن علي آفنديءَ “ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جي نالي سان ھڪ جماعت ٺاھي ھئي جنهن جو پھريون سيڪريٽري جنرل مولوي اللہ بخش اٻوجهو ٿيو ھيو . ھو اصلي پنجاب جو ئي ھو. ھن جا وڏا ميانوالي جا ويٺل ھيا. سندس والد اتان لڏي اچي سکر ويٺو ۽ مولوي اللہ بخش جي ولادت 1831 ۾ ٿي. ھن 1855 کان وٺي 1874 تائين فوج ۾ نوڪري ڪئي ۽ پوء اين جي وي ھاء اسڪول ۾ فارسي جو استاد ٿيو .
    جڏھن سنڌ مدرسو قائم ٿيو تہ ان جو پھريون پرنسپال مولوي عمر الدين ٿيو جيڪو پڻ پنجاب جو ھيو ۽ پنجاب يونيورسٽي جو ڊبل گريجوئيٽ ھيو. 1886 تائين سنڌ مدرسي ۾ پرنسپال رھيو ۽ پوء پنجاب ھليو ويو ھن کان پوء جيڪو ٻيو “وقتي پرنسپال“ ٿيو  ان جو نالو سجاد مرزا ھيو جيڪو پڻ پنجاب کان آيل ھيو.
    سنڌ ۽ پنجاب جي لاڳاپن بابت تفصيلي خبرون ۽ احوال 1912 کان پوء اچڻ لڳا . ھي اھو زمانو ھيو جڏھن سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جون ڳالھيون ھليون. انهي مسئلي تي پنجاب جي ڪيترن اخبارن مثال طور “ سول ائنڊ ملٽري گزيٽ“ ۽ “ ٽربيون “ وغيره تمام گھڻا ايڊيٽوريل لکيا تہ سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪري پنجاب جو حصو بڻايو وڃي. انهيءَ مسئلي جي مخالفت ۾ پڻ سنڌ ۽ ھند جي اخبارن گھڻو ڪجه لکيو. 
    ھي اھو زمانو ھيو جڏھن سکر بئراج ٺاھڻ جون ڳالھيون شروع ٿيون ۽ ان تي سنڌ کان سواءِ ھند جي ٻين صوبن جي معاشي ماھرن لکڻ شروع ڪيو.  انهي زماني ۾ سنڌ واسين جون پاڻي جي ورڇ جي حوالي سان دانھون ۽ آھون پڻ ٻڌجڻ ۾ آيون . انگريز سرڪار انهي حوالي سان  مختلف وقتن تي ڪيتريون ڪميشنون ٺاھيون تہ جيئن سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻيءَ بابت پئدا ٿيل مامرا حل ڪري سگهجن. انهن ڪميشنن جا تفصيل ڪيترن ڪتابن ۾ موجود آھن ۽ سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڪستان کان اڳ ٿيل ٺاھ ۽ انهن ڪميشنن منجهان ڪن ڪميشنن جون ڪجھ ڪاروايون گل حيات ۾ موجود آھن.    پھريون دفعو 
    پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺھڻ دوران ڪالا باغ ڊيم بابت ڳالھيون شروع ٿيون ۽ انهي کان پوء اھو مسئلو مرندو بہ رھي ٿو ۽ ٻيھر جنم بہ وٺي ٿو. ڪالا باغ ڊيم خلاف سنڌ وڏي تحريڪ ھلائي انهي تحريڪ جا تفصيل ۽ ڪالا باغ ڊيم بابت ٻيو مواد اسان جي ويب سائيٽ تي بہ موجود آھي تہ انهي کان وڌيڪ ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ بہ اسان وٽ موجود آھي.
    پنجاب جو ملڪي سياست ۾ ڪليدي ڪردار پيپلز پارٽي جي پھرئين دور کان وٺي اسان جي اڳيان آيو آھي. ضياءُ الحق جي مارشلا کان پوءِ مسلم ليگ نواز شريف جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي جو نعم البدل بڻجي سياسي افق تي اڀري آئي. انهي زماني دوران سنڌ جي ڪيترن سياستدانن نواز ليگ جو ڀرپور ساٿ ڏنو. گل حيات ۾ پنجاب جي انهي سياسي سبقت ۽ سياسي رنگ بابت تمام وڏو ۽ گھڻو مواد موجود آھي. ھن پارٽيءَ جي باني کان وٺي ڪيترن ناميارن سياستدانن جو اسان جي اداري ۾ الڳ الڳ انفرادي فائيل موجود آھي. ھن پارٽي کان اڳ ۾ “ خاڪسار تحريڪ“ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ئي سنڌ ۾ مشھور ۽ مقبول ٿي چڪي ھئي. انهي خاڪسار تحريڪ بابت گل حيات ۾ جيترو مواد موجود آھي اوترو شايد انهي پارٽي وٽ بہ موجود نہ ھجي. 
       انهي سياسي تعلق کان سواءِ  ادبي حوالي سان پڻ گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ کوڙ سارو مواد موجود آھي. مثال طور پنجاب مان نڪرندڙ ڪجه رسالا مسلسل گل حيات کي ملندا رھن ٿا ۽ ان کان سواء پنجاب جي ڪيترن اديبن ۽ ليکڪن جو مواد ۽ سندن پروفائيل اسان گڏ ڪيا آھن. اسان جي ويب سائيٽ تي “ پنجاب ڪارنر“ جي نالي سان مواد موجود آھي ۽ انهي ۾ سڀ تفصيل سان ٻڌايو ويو آھي تہ اسان سنڌ ۽ پنجاب جي لاڳاپن جي حوالي سان ڪھڙو ۽ ڪيترو مواد گڏ ڪيو آھي. مون ڪي ٿوريون ۽ مٿاڇريون ڳالھيون ڪيون آھن، جيڪي انهئ مواد کان الڳ آھن. جڏھن تہ باقي تفصيل اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن
  • بزم ادب، ڪراچي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    بزم ادب، ڪراچي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    textgram 1558688049

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


     
    ”بزم ادب، ڪراچي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
     
    منهنجي والد صاحب ڪراچي جي ادبي تاريخ تي پي ايڇ. ڊي ڪئي جنهن ۾ ھن ادبي تنظيمن جو احوال ڏيندي “سنڌي بزم ادب“ جو بہ ذڪر ڪيو آھي. پر جيئن تہ بابا سائين کي 1947 تائين ادبي تاريخ جو احوال ڏيڻو ھيو ان ڪري ان کان پوءِ پراڻين ادبي تنظيمن جي ڪارڪردگي بابت مواد تہ ميڙي چونڊي رکيائين، پر اھو ٿيسز ۾ ڏيڻ ناممڪن ھيس. ڇو تہ تحقيقي مقالن جون پنهنجون فني ۽ تحقيقي تقاضائون ٿين ٿيون ۽ تحقيق ڪندڙ کي اھي ٽوڙي پنهنجي ڳالھ نہ ڪرڻي پوندي آھي. ان ڪري گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪوشش ڪئي تہ انهن تنظيمن جو 1947 کان پوءِ بابت جيڪو مواد ملي سگهي ان کي گڏ ڪري محفوظ ڪري رکي تہ تاريخ جو تسلسل نہ ٽٽي ۽ ڪا ڳاله اڌوري يا اڻپوري نہ رهجي وڃي.  ان ڪري  مان ڪوشش ڪري ھن بزم جو اھو احوال ڏيندس جيڪو 1947 کان پوءِ جو ھوندو ، ڇو تہ ان دور بابت گل حيات ۾ بزم جي معلومات پئي آھي .پر ان کان اڳ ٿورو پس منظر ضرور دوستن سان شيئر ڪندس. ھي بزم مشھور شاعر غلام احمد نظاميءَ  1923۾ قائم ڪئي. غلام احمد نظامي پنهنجي دور جو ھڪ فعال شاعر ھيو. ھن “بزم نظامي“ بہ قائم ڪئي هئي ۽ “بزم ادب“ بہ قائم ڪئي سندس انهي “بزم ادب“ اڳتي ھلي “ سنڌي ادب بزم“ جو روپ ورتو . انهي بزم جو مرڪز ڪراچئ جي اخوان ھال شڪارپوري محلي ۾  ھوندو ھيو ۽ اھا بزم دراصل “بزم جميعت الاخوان شڪارپوري“ جي ماتحت ھوندي ھئي. ھئ بزم ان ڪري قائم ڪئي وئي ھئي تہ1. سنڌي ماڻھن ۾ علمي ۽ ادبي ذوق پيدا ڪيو وڃي،2. تعليم جي رغبت پيدا ڪئي وڃي، 3. نوجوانن ۾ تقرير ۽ تحرير جو شوق پيدا ڪيو وڃي ، 4. شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.   ھن بزم 1946 کان وٺي ويندي 1957 تائين جيڪي علمي  ۽ ادبي خدمتون سر انجام ڏنيون ، اھو سمورو رڪارڊ گل حيات ۾ موجود آھي. 
    انهي عرصي دوران ڪيترائي اديب ۽ شاعر ھن بزم جي سرگرمين ۾ حصو وٺندا رھيا. انهن جو تعداد تہ تمام گھڻو آھي پر ڪي خاص نالا ڏيڻ ضروري ڄاڻان ٿو. جيڪي آھن: غلام احمد نظامي، اوستو محمد جمن ھالو، اللہ بخش عقيلي، علي محمد خالدي، عبدالحق ميمڻ، محمد احاق آخوند، حبيب اللہ فڪري، احمد حسين تيجاڻي، محمد حسين شيرو، اوستو حاجي، اسحاق “مجنون“، امير بخش قريشي امير، غياث الدين “سلام“، عبد الحليم “ جوش“، محمد حسن “ساز“، علي محمد “اسير“، عبدالرئوف موساڻي، سارنگ لطيف، اياز قادري، علي محمد مجروح، عبدالرحيم غمگين،  ۽ محمد حسين آتش وغيره، 
    ھن بزم ڪيترا مشاعرا بہ ڪرايا ۽ جن طرحن تي اھي مشاعرا ڪرايا ويا انهن مان ڪي آھن: 
    1. “ دل خدا جو آھي گھر ھرگز نہ دل آزارجي.“
    2.  “ سينگار ڪري يار مٺڙو محب ٿو ماري“
    3. “ پنهنجي تدبر سان تقدير بنائڻ گھرجي“
      ھن بزم طرفان جيڪي طرحي يا غير طرحي مشاعرا ٿيندا ھئا انهن جي صدارت اڪثر ڪري ٻاھران آيل مھمانن کان بہ  ڪرائي ويندي ھئي . انهن منجهان ڪن جا نالا آھن: ساقي سجاولي، عطامحمد حامي، ڊاڪٽر ابراھيم خليل ۽  انجم ھالائي وغيره. اھي مشاعرا سنڌي ۾ بہ ٿيندا ھئا تہ اردو ۾ بہ ٿيندا ھئا.
    18 مارچ 1956 تي ھن بزم سنڌي ٻولي جي حوالي سان ھڪ ٺھراءُ پاس ڪيو جنهن جا لفظ آھن:“ ھي بزم حڪومت پاڪستان کان مطالبو ٿي ڪري تہ سنڌي زبان کي سرڪاري زبان تسليم ڪري اھو درجو ڏنو وڃي جو اردو ۽ بنگالي زبان کي ڏنو ويو آھي“ 
    ھن بزم جي ھر ڪنهن گڏجاڻي ۾ قرآن شريف جي تلاوت کان پوءِ ڪو شاعر پنهنجي نعت پيش ڪندو ھو. ان کان پوءِ گڏجاڻي جو صدر آجياڻي جي تقرير پيش ڪندو ھو. تنهن کان پوءِ ڪنهن نہ ڪنهن موضوع تي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ مقالو پيش ڪيو ويندو ھيو. ڪڏھن ڪڏھن ڪو خاڪو بہ  پيش ڪبو ھيو ۽ آخر ۾ طرحي يا غير طرحي مشاعرو منعقد ڪيو ويندو ھيو. ڪن ڪاروائين پڙھڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ گڏجاڻين ۾ آکاڻيون ۽ افسانا بہ پيش ڪيا ويندا ھئا، ٻارن جي ٻاري جي سري ھيٺ ٻاراڻو ادب بہ پيش ڪيو ويندو ھيو ۽ ڪڏھن ڪڏھن راڳ روپ بہ ڪرايو ويندو ھيو. 
    گل حيات انسٽيٽيوٽ جي اھا ڪوشش رھي آھي تہ تاريخ جي مسنگ لنڪس- وچ تي ڇڏيل حقيقتون ميڙي چونڊي رکجن تہ جيئن ڪنهن شخصيت،اداري يا واقعي بابت محقق کي گھڻي کان گھڻي معلومات ملي وڃي. ھن بزم تي بابا سائين 1947 تائين لکيو پر اھا بزم لڳ ڀڳ 1957 تائين سرگرم عمل رھي ان ڪري پوئين ڏھن سالن جي مواد کي بہ ھٿ ڪري بزم بابت 1923 کان وٺي 1957 تائين سموري ڪھاڻي ۽ ڪارڪردگي بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪيو ويو آھي. اھو محققن لاءَ ھڪ سبق پڻ آھي تہ ھو ڊگري وٺڻ لاءِ ڪنهن مخصوص دور بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪري مقالو لکي چپ ڪري نہ ويھن ليڪن موضوع ۽ عنوان تي ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ بہ مواد ۽ معلومات گڏ ڪري تاريخي تحقيق جي تقاضا پوري ڪندا اچن
  • مولانا عبيداللہ سنڌيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    مولانا عبيداللہ سنڌيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    20190523 135133

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


     
    ”مولانا عبيداللہ سنڌيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
     
     تاريخ ۾ ڪڏھن ڪڏھن اھڙيون اهم ۽ عظيم شخصيتون جنم وٺنديون آھن جيڪي پنهنجي ڏات ۽ ڏاھپ، تدبر ۽ فڪر ۾ پنهنجو مٽ نہ رکنديون آھن. پر پنهنجي دور ۾ صحيح معنا ۾ ٻڌا ۽ قبوليا نہ ويندا آھن. مولانا عبيداللہ سنڌي بہ انهن مان ھڪ ھيو. ھن آزادي جي تحريڪ ۾ سڄي ڄمار کپائي. ملڪ ڇڏي افغانستان ويو ۽ اتان جي حڪمرانن کي ھندستان جي مامرن ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اتي “ ريشمي رومال تحريڪ“ جو بنياد وڌائين .ھن آزادي جا ڏينهن ڏسڻ لاء افغانستان ۾ ست سال رهڻ کان پوء روس ۾ 7مھينا گذاريا ۽ ڪميونسٽ انقلاب جو غور سان مشاھدو ڪيائين . ان کان پوء ھڪ سال ترڪي ۾ رھيو جتي ان ڪانگريس پارٽي کي ھندستان جي واحد مثالي پارٽي بڻائڻ لاء ان جو نئين سر آئين لکيو ان کان پوء ھن وڃي عربستان وسايو ۽ مڪي ۾ سالن جا سال نظرياتي ۽ انقلابي تعليم ڏيندو رھيو. پوء جڏھن سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي تہ ھو سنڌ موٽي آيو ۽ ھتي اچي “ جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي“ ٺاھيائين ۽ 21 آگسٽ 1944 تي وفات ڪيائين.
    مولانا عبيداللہ سنڌي سک هئو. سنڌ ھن کي دين سيکاريو ۽ نالو ڏنو. ان ڪري هن جو سنڌ جي ڌرتي ۽ ماڻھن سان عشق ھيو. سندس انهي نسبت ۽ محبت کي ڌيان ۾ رکندي گل حيات انسٽيٽيوٽ هن ڀلي انسان بابت شروع کان وٺي مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. منهنجي بابا سائين گھڻا سال اڳ سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي “ مھراڻ“ ۾ “سنڌي ڪير سڏائي“ جي عنوان سان ھڪ مضمون لکيو هو، جنھن ۾ لکيو ھيائين تہ سنڌ جي ٽن نامور شخصيتن کي “سنڌي“ سڏيو ويندو آھي جيڪي آھن: مولانا عبيداللہ سنڌي، شيخ عبد المجيد سنڌي ۽ عبد الواحد سنڌي. ٽئي تمام وڏا ماڻھون ھيا پر ٽنهي جي پڇاڙي ڏاڍي ڏکي گذري. عبد الواحد سنڌي ذات جو انڍڙ ھيو ۽ بي بي سي تي ڪيترا سال ڪم ڪندڙ آصف جيلاني سندس پٽ ٿئي. ٽنهي سنڌين جو پڇاڙي ۾ جھڙوڪ ڪنهن اڻ ڄاتل دک ۽ درد ڪري ذھني توازن درست نہ رھيو. ٽنهي قوم لاء بي لوث ٿي ڪم ڪيو پر پڇاڙي ۾ قوم سندن قدر نہ ڪيو.شايد اھو لاشعوري درد ھيو جنهن سندن ذھني توازن کي پڇاڙي وارن ڏھاڙن ۾ جنجهوڙي وڌو.
            مولانا عبيداللہ  سنڌي پوري ڄمار تحريڪ آزادي لاء جلاوطني اختيار ڪئي ۽ جاکوڙ ڪئي پر جڏھن ھو وطن واپس وريو تہ سنڌ مسلم ليگ ۽  ڪانگريس جي ڪئمپن ۾ ورھائجي چڪي ھئي . ان ڪري ھن عظيم انقلابي ۽ سياسي مدبر کي نہ تہ ٻڌو ويو ۽ نہ قبول ڪيو ويو. اھو اسان لاء نظرياتي حادثو ۽ سانحو ھيو جو ھن ڀلي انسان جي تجربي، مشاھدي ۽ علم مان اسان لاڀ نہ پرايو. مولانا محمد صادق کڏي وارو سندس ھم ڪلاسي دوست ھيو جنهن جو ساڻس مرڻ گھڙي تائين ساٿ رھيو. اھڙي طرح مولانا تاج محمود امروٽيءَ کيس سنڌ مان جلا وطن ٿيڻ وقت مثالي مدد ڪئي. مولانا عبيداللہ سنڌي جڏھن وطن واپس ٿيو تہ مولانا حضرت امروٽي ھن جهان ۾ ڪونہ ھيو. ان ڪري عبيداللہ سنڌي کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ وارن جي ڪمي جو ضرور احساس ٿيو ھوندو. 
          گل حيات انسٽيٽيوٽ ھن بي بدل مدبر ۽ فلاسافر جي زندگي ۽ خدمتن تي تمام چڱو خاصو مواد گڏ ڪيو آھي. بابا سائين ٻارن لاء سندس شخصيت تي ڪتاب لکيو جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي شايع ڪرايو ھيو. مولانا عبيداللہ سنڌي ھندستان ۾ عوامي بغاوت ڪرڻ لاء ھڪ منصوبو جوڙيو ۽ ان لاء جيڪا ھن تاريخ مقرر ڪئي سا ريشمي رومال تي برٿ سان ڀرائي اھو رومال  سنڌ جي سياستدانن ڏانهن موڪليو، پر اھو پنجاب ۾ پڪڙجي پيو ۽ ان تي سنڌ ۾ وڏي پئماني تي لاڳاپيل ماڻھن جون گرفتاريون ٿيون. ھن کي “ ريشمي رومال تحريڪ“ چيو ويندو آھي. ھن تحريڪ ۾ سنڌ مان ڪھڙيون گرفتاريون ٿيون؟، فرنگي سرڪار جي جاسوسن انهي بابت ڇا لکيو آھي ؟ ۽ ان سان لاڳاپيل کوڙ سارين ڳالھين تي مشتمل مواد گل حيات ۾ موجود آھي. مولانا عبيداللہ سنڌي ترڪي ۾ ويھي جيڪو آئين لکيو اھو بہ گل حيات ۾ موجود آھي. ھو جڏھن سنڌ موٽي آيو تہ مولانا دين محمد وفائي جي رسالي “ توحيد “ ۾ ھن بابت ۽ ھن جي سياسي خواه مذھبي فلسفي بابت کوڙ سارا مضمون شايع ٿيا. اھي سمورا مضمون اسان جي اداري گل حيات ۾ موجود آھن. مولانا عبيداللہ سنڌيءَ “جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي“ ٺاھي انهي جو آئين پڻ اسان جي اداري ۾ موجود آھي. ھن انهي پارٽي جو بنياد 10 ڊسمبر 1939 تي رکيو ھيو ۽ انهي ڏينهن تي پارٽي جو نصب العين پڻ مقرر ڪيو ويو ھيو. انهي پارٽي کان سواء مولانا عبيداللہ سنڌيءَ “بيت الحڪمت“ جو بنياد پڻ رکيو ۽ 6 آگسٽ 1941 تي پير جھنڊي جي ڳوٺ ۾ “ سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ“ قائم ڪيو جنهن طرفان 25 جون 1942 تي “ سنڌ ساگر نيشنل اسڪول“ پڻ ھلايو ويو. انهن سمورن ادارن ۽ سنڌ ۾ اچڻ کان پوء سندس وفات تائين جيڪو ڪجه اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيو اھو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. مولانا عبيداللہ سنڌيءَ جي ٺاھيل پارٽي ۾ سنڌ جي ديني عالمن تہ حصو ورتو پر ڪانگريس يا مسلم ليگ جي ورڪرن يا عھديدارن مان ڪوبہ ھن پارٽي ۾ شامل نہ ٿيو . جيڪي عالم سڳورا ھن پارٽي سان گڏ ھيا انهن جي زندگين جا احوال پڻ اسان جي اداري ۾ موجود آھن
  • لاڙڪاڻي ضلعي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    لاڙڪاڻي ضلعي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    textgram 1558426879

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


     
    ”لاڙڪاڻي ضلعي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
     

    مان لاڙڪاڻي جو آھيان ان ڪري اھا غلط فھمي ٿيڻ نہ گھرجي تہ ڪو آئون فقط پنهنجي ضلعي بابت لکان ٿو. حقيقت ھي آھي تہ آئون لاڙڪاڻي کي نموني طور ھڪ مثال بڻائي پنهنجي پڙھندڙن ۽ محققن جو ڌيان ڇڪرائڻ چاھيان ٿو تہ اھڙي نموني سان ھر ھڪ ضلعي تي، بلڪ ھر ھڪ ڳوٺ تي ڪم ٿيڻ گهرجي.

        نڀاڳا انگريز اسان جا دشمن ھيا پر انهن پنهنجي ئي سھولت خاطر سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي تي ڏاڍو اهم ۽ وڏو ڪم ڪيو ۽ انهن جي ئي ڏينهن ۾ سنڌ جي آثاريہ قديمہ جي کوٽائي ٿي ۽ انهن تي تحقيقي ڪم ٿيو. انگريزن سنڌ جي ضلعي وار گزيٽيئر لکي ۽ انهي کان پوءِ سرڪاري سطح تي ائين ضلعي وار ڪم نہ ٿيو آھي. پر لاڙڪاڻي ۾ انگريزن جي لکيل گزيٽيئر کي نظرثاني ڪري ان ۾ اضافو ۽ واڌارو ڪري ڇپرايو ويو آھي.
    انگريزن شروعات ۾ سنڌ  کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جي ضلعن ۾ ورھايو. ان کان پوءِ انتظامي لحاظ کان اڄ ڏينهن تائين کوڙ سارا ضلعا بڻايا ويا آھن. تازو قائم ٿيل ضلعن ۾ گھڻو سارو تاريخي اھميت وارو مواد شايد ايترو ڪو نہ ھوندو پر انگريزن جي دور وارن سمورن ضلعن ۾ اسان جي تاريخ تي مستند ۽ ناياب مواد پيو آھي جيڪو “ ضلعي گزيٽيئرز“ کان الڳ آھي. انگريزن جي دور ۾ جيڪا سرڪاري اھم خط و ڪتابت ٿيندي ھئي انهي جي ڪاپي ھر ڪنهن ضلعي ڏانهن موڪلي ويندي ھئي. اھڙي ريت 1936 تائين ممبئي سرڪار يا ھندستان جي مرڪزي سرڪار سنڌ سان جيڪا لکپڙھ ڪندي رھي، ان جون ڪاپيون پڻ ضلعن ڏانهن موڪليون وينديون ھيون. ساڳي طرح  پھريون ممبئي سرڪار جون ۽ 1936 کان پوءِ سنڌ سرڪار جون آفيشل گزيٽ جون ڪاپيون پڻ ھر ڪنهن ضلعي ڏانهن موڪليون وينديون ھيون. ھي آفيشل گزيٽ سنڌ جي برطانوي دور جي تاريخ تي اهم ۽ ناياب مواد جو خزانو آھي. جنهن ۾ پاس ٿيل قائدا ۽ قانون، عملدارن جو بدليون ۽ مقرريون، سنڌو درياءَ جي وھڪرن ۽ رفتار ۽ ڄم ۽ موت بابت وقت بوقت انگ اکر ڇپبا رھندا ھئا. انهي آفيشل گزيٽ ۾ سرڪار جي سمورن کاتن جون سرگرميون بہ شايع ٿينديون رھنديون ھيون. سنڌ ۾ ٿيندڙ تمام واقعن بابت ھن گزيٽ ۾ مواد ۽ احوال ڇپبو رھبو ھيو. مثال طور مختلف عمارتن جي تعمير بابت انگ اکر، سنڌ جي ڏوھارين ۽ پاٿاريدارن جي نالن جون لسٽيون ۽ سرڪار طرفان اپر ڪلاس کي ملندڙ آفرين ناما،لقب ۽ ٻين اعزازن جا تفصيل.
       ان کان سواءِ ضلعي ۾ جيڪو وھندو واپرندو ھيو انهي تي ھر ڪنهن ضلعي ۾ الڳ فائيل رکيا ويندا ھيا. اھڙي قسم جو رڪارڊ ڪراچي، حيدرآباد، نواب شاھ.. سکر ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ موجود آھي. انهي جي ڪلاسيفڪيشن ۽ ڪيٽالاگنگ ٿئي تہ خبر پوي تہ ڪھڙي ضلعي ۾ ڪھڙو مواد موجود آھي. 
    گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ٻين ضلعن بابت بہ مواد موجود آھي. پر، مان لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳالھ ان ڪري ڪيان ٿو تہ جيئن ڪي اھم ڳالھيون ڪري سگهان. لاڙڪاڻو ضلعو 1901 ۾ ٺھيو ۽ 25جولاءِ 1901 تي  اھڙو نوٽيفڪيشن سرڪاري گزيٽ ۾ شايع ٿيو جنهن جي تصوير مون اڄوڪي پوسٽ ۾ ڏني آھي. انگريزن سنڌ جي ھر ھڪ تعلقي بنائڻ وقت “سيٽلمينٽ“  رپورٽون تيار ڪيون ۽ انهن مان ھڪ ھڪ رپورٽ ٻن ڍائي سو صفحن تي مشتمل ھوندي ھئي. جن ۾ تعلقي جي سماجي،زرعي ۽ جاگرافيائي معلومات ڏني ويندي ھئي . لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪن تعلقن جون سيٽلمينٽ رپورٽون گل حيات ۾ موجود آھن. اھي سموريون رپورٽون“ انڊيا آفيس لائبريري“، ھندستان جي ڪن لائبريرين ۽ سنڌ آرڪائيوز ۾ موجود آھن. اسان جي گل حيات جي ويب سائيٽ تي “ سنڌ بابت سنڌ کان ٻاھر موجود مواد“ جي عنوان سان انگريزي ۾ ھڪ تفصيلي رپورٽ موجود آھي جنهن مان خبر پوندي تہ سنڌ بابت ڪھڙو مواد ڪٿي موجود آھي. 
    ھر ھڪ ضلعي ۾  بشمول لاڙڪاڻو، انگريز ڪليڪٽر “ بلو بوڪ“ جي نالي سان ھڪ ڊائري رکندا ۽ لکندا ھئا جن ۾ اھي اپر ڪلاس جي ماڻھن بابت پنهنجا ذاتي تجربا ۽ مشاھدا لکندا ھئا ۽ انهن جي مطالعي جي آڌار تي نئون مقرر ٿيل ڪليڪٽر وڏي معلومات حاصل ڪري سگهندو ھيو. مختيار ڪارين ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي دفترن ۾ ۽ ڪليڪٽري ۾ تان جو ويندي انهي دور جي ھر ھڪ پوليس ٿاڻي تي سياسي ڪارڪنن، آزادي جي سپاھين، اخبارن ۽ ڪتابن بابت ايف آء آريون ۽ رپورٽو موجود آھن. اھي جيڪڏھن گڏ ٿين تہ ھوند آزادي جي تحريڪ کي ۽ تحريڪ آزادي جي سپاهين جي قربانين کي ڪنهن نئين انداز سان لکي سگهجي ٿو. اھڙو رڪارڊ ڪورٽن جي دفترن ۾ پڻ موجود آھي جتي اھڙا ڪيس ھليا. لاڙڪاڻي  ضلعي ۾ 1927 ۾ ٻارن واري ھڪ مسلمان عورت کي ھندن اغوا ڪري ھندو بڻايو جنهن جو اڄوڪي ڏينهن تائين ڪو پتو نہ پيو. انهي واقعي تي لاڙڪاڻي ۾ وڏا ھندو-مسلم ڦڏا فساد ٿيا ۽ سوين مسلمان گرفتار ڪيا ويا. اھو مشھور ڪيس ايس ڊي ايم جي ڪورٽ ۾ ھليو ھيو . جيتوڻيڪ گل حيات ۾ انهي واقعي ۽ ڪيس بابت گھڻي ڄاڻ موجود آھي پر ڪيس جو اصلي فائيل لاڙڪاڻي جي ايس ڊيم جي دفتر ۾ موجود ھوندو. 
    گل حيات انسٽيٽيوٽ لاڙڪاڻي ضلعي تي ڪيترو اھم ڪم ڪيو آھي مثال طور لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪليڪٽرن،  ڊپٽي ڪليڪٽرن ،وزيرن، صحافين. تحريڪ آزادي جي سپاھين جي نالن جي ھڪ لسٽ ٺاھي آھي ۽ اھو ڪتابڙو 24 صفحن تي مشتمل آھي جيڪو لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽي 2002 ۾ شايع ڪرايو ھيو. مختلف سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۽ انهي جي مکيه شھرن بابت جيڪو ڪجه اخبارن ۾ شايع ٿيندو رھيو اھو سالن جا سال گل حيات انسٽيٽيوٽ گڏ ڪيو ۽ اھو پڻ اسان جي اداري ۾ موجود آھي. ھن ضلعي جي “تصويري تاريخ“ تي پڻ اسان جي اداري ڪيترائي ڦوٽو ۽ تصويرون گڏ ڪيون آھن.ان کان سواءِ لاڙڪاڻي ۾ خلافت جي زماني کان وٺي وڏيون ڪانفرنسون ٿيون ،قائد اعظم محمد علي جناح لاڙڪاڻي ۾ آيو ۽ اھڙن کوڙ سارن واقعن بابت گل حيات ۾ تفصيلي مواد موجود آھي. اسان جي اداري لاڙڪاڻي ضلعي جي “ واقعاتي تاريخ“ تي پڻ وڏو  ڪم ڪيو آھي.
       مون لاڙڪاڻي کي مثال بڻائي ھي عرض  ڪرڻ گهريو آھي تہ ھر ڪنهن ضلعي، ھر ڪنهن تعلقي بلڪ ھر ڪنهن شھر تي ايئن مواد گڏ ڪيو وڃي ۽ ان کان پوءِ تحقيقي ۽ سائنسي اصولن مطابق ڪتاب لکيا وڃن. بلاشڪ ڪن شھرن ۽ ضلعن تي سٺا ڪتاب لکيا ويا آھن، پر نئين سر مواد جي ميڙي چونڊي ڪري انهن کي نئين سر لکجي تہ وڌيڪ بھتر ٿيندو
  • ـ 1938 واري سنڌ مسلم ليگ صوبائي ڪانفرنس

    ـ 1938 واري سنڌ مسلم ليگ صوبائي ڪانفرنس

    .
    textgram 1558340523

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

     

    ” 1938 واري سنڌ مسلم ليگ صوبائي ڪانفرنس
     
    سياسي ڪانفرنسن جي شروعات 1896 کان ٿي، جڏھن ڪراچي ۾ “نائين ممبئي پراونشل ڪانفرنس“ سڏائي وئي. انهي کان پوء سنڌي ماڻھن سنڌ جي سياسي حيثيت ۽ عظمت واري تشخص کي ڌيان ۾ رکي “ سنڌ پراونشل ڪانفرنسون“ سڏايون، جيڪي 1920 تائين ٿينديون رھيون. ھي ڪانفرنسون ھر ڪنهن ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيون ۽ انهن “ھندو-مسلم اتحاد“ جو مثال پيش ڪيو ۽ سياست ۾ گڏجي ھلڻ جي روايت رکي. انهن ڪانفرنسن سنڌ جي سياست کي مثبت ۽ منفرد رخ ڏنو. 
    انهي کان پوء “خلافت تحريڪ“، “ جميت العلماء“، “ ڪانگريس“ ۽ “ ھاري پارٽي“، طرفان سنڌ ۾  گھڻيون ڪانفرنسون ٿيون. اھي سياسي ڪانفرنسون سواء “ھاري پارٽي“ جي باقي ٻين پارٽين جا ساليانا اجلاس ھوندا ھئا. 
        “مسلم ليگ“ جا ٺاھيندڙ ( سر آغا خان باني صدر) ۽ ھلائيندڙ( قائد اعظم محمد علي جناح) تہ سنڌي ھئا ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جو پھريون ساليانو اجلاس بہ 1907 ۾ ڪراچي ۾ ٿيو، پر مسلم ليگ سنڌ ۾ پنهنجا پير پختا ڪري نہ سگهي. اوائلي دور ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ بئرسٽر جان محمد جوڻيجي “ سنڌ مسلم ليگ“ ٺاھي پر اھا بہ گھڻو وقت ھلي نہ سگهي.
       1938 ۾ سنڌ ۾ مسلم ليگ انهي ڪري پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو ڇو تہ ممبئي کان الڳ ٿيڻ کان پوء سنڌي مسلمان سياستدان پارٽين ٺاھڻ ۽ عھدن وٺڻ جي مامرن تي پاڻ ۾ ھڪ ٿي نہ سگهيا. ان ڪري انهن “مسلم ليگ “ ڏي منهن ڪرڻ شروع ڪيو. سندن ئي ڪوششن سان 1938 ۾ “ مسلم ليگ  سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ ٿي. انهي ڪانفرنس کان پوء مسلم ليگ سنڌ ۾ گھڻي پئماني تي پکڙجي وئي ۽ سنڌ واضح طور تي ھندن توڙي مسلمانن جي ٻن ڪئمپن ۾ ورھائجي وئي. ڪانگريس توڙي مسلم ليگ ٻئي پارٽيون آزادي جي حق ۾ ھيون. پر ٻنھي ۾ زمين آسمان جو فرق ھي ھيو تہ ڪانگريس “گڏيل ھندستان“ ٿي گھريو ۽ مسلم ليگ “پاڪستان“ جي ڳالھ پئي ڪئي.
    سنڌ، آزادي جي گڏيل تحريڪ کان وٺي پاڪستان جي تحريڪ تائين اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ حقيقت ھي آھي تہ “ پاڪستان جي تحريڪ“ جي واضح ۽ کليل حڪمت عمليءَ جي شروعات “سنڌ پروانشل مسلم ليگ ڪانفرنس“ سان ئي ٿي. ڇو تہ ھن ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ مسلمانن لاء الڳ ملڪ گھرڻ وارو ھڪ ٺھراءُ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي جيڪو اڳتي ھلي ٻن سالن کان پوء 1940 ۾ لاھور واري اجلاس ۾ ٻين لفظن جو روپ وٺي “قرارداد پاڪستان“ جي نالي سان پاس ڪيو ويو. 1938 ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي واري تجويز ڪيل ٺھراءُ پاس نہ ٿيڻ باوجود ھندن ۽ انگريزن جي ڪن تي ڳالھ آڻڻ وارو ڪم ڪيو ۽ اھا ڳالھ 1940 ۾ وڏي واڪ دنيا کي ٻڌائي وئي. دراصل 1938 ۾ سنڌ ۾ جيڪا مسلم ليگ جي صوبائي ڪانفرنس ٿي انهي ھند ۽ سنڌ جي سياست تي گھرا اثر وڌا. سنڌ ۾ مسلم ليگ “ مسجد منزل گاھ تحريڪ“ ھلائي ھڪ طرف پنهنجا ووٽ پڪا ڪري ورتا ۽ ٻئي طرف شھيد اللہ بخش جي حڪومت کي ڊاھي ورتو .انهي ڪانفرنس کان پوء مسجد منزل گاھ واري مسئلي تي نہ فقط ھندو ۽ مسلمان ڇڄي ھڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويا پر ڪيترن انسانن جو بي گناھ رت پڻ وھايو ويو. ڀڳت ڪنورام جھڙو امن پسند گائڪ ھندو-مسلم نفاق جو ٻل ٿيو .
    سنڌ  مسلم ليگ پراونشل ڪانفرنس تي گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ کوڙ سارو مواد موجود آھي. پير علي محمد شاھ راشديءَ ھن ڪانفرنس جي انگريزي ۾ ھڪ جامع رپورٽ لکي ھئي، جيڪا مسلم ليگ ڪانفرنس جو ھڪ مستند ۽ بنيادي ڊاڪيومينٽ آھي  جيڪو گل حيات ۾ موجود آھي. ان کان پوء پاڪستان تحريڪ جي تاريخ جي ٿورن ڪتابن ۾ ھن ڪانفرنس جو مختصر احوال موجود آھي. ان دور جي سنڌي توڙي انگريزي اخبارن ھن ڪانفرنس بابت گھڻو ڪجه لکيو ۽ چيو اھو سمورو مواد گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي. ھندستان جي سياسي تاريخ کي نئون موڙ ڏيندڙ ھن ڪانفرنس کي موضوع بڻائي ڪا وڏي تحقيق نہ ڪئي وئي آھي. اھو ڪم اسان جو ڪونهي پر تحقيقي ادارا ۽ محققن کي اھڙي تحقيق جي اھميت ۽ افاديت کي ڏسي تحقيقي ڪم ڪرڻو آھي. ان ڪري گل حيات انسٽيٽيوٽ ھن ڪانفرنس بابت جيڪو مواد ميڙيو آھي ۽ معلومات گڏ ڪئي آھي، ان کي اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪري رھيا آھيون
  • سنڌ ھاري پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


     
    ”سنڌ ھاري پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

       سکر بئراج جي تعمير شروع ٿي تہ سنڌ جي اپر ڪلاس کي اھا سوچ آئي تہ ھاڻي زمينون ٻين جي ھٿن ۾ وڃڻ نہ گهرجن، ان ڪري ھارين سان گڏجي پنهنجي حقن، ھارين جي حقن ۽ زمينن کي بچائڻ لاء ڪا تحريڪ ھلائڻ گهرجي .ان ڪري انهن 1930 ۾ “سنڌ ھاري پارٽي“ ٺاھي  جنهن جو صدر پرنسپال گوڪلي کي ڪيو ويو. جڏھن تہ جي. ايم سيد ،شيخ عبدالمجيد سنڌي. ڄيٺمل پرسرام انهي جا سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا. 1930 ۾ ھي پارٽي مير پور خاص ۾ سڏايل ھڪ ڪانفرنس ۾ جوڙي وئي ھئي ۽ انهي ڪانفرنس جي صدارت جمشيد مھتا ڪئي ھئي.
         انگريز جڏھن سنڌ ۾ آيا تہ ستت پوء واپاري ۽ تجارتي ڪميونٽيون سنڌ ۾ آيون جن ننڍن ڪارخانن کان وٺي وڏن ڪارخانن تائين گھڻو ڪجه ٺاھيو ۽ انهي پس منظر ۽ اثر ھيٺ ڪراچي ان کان پوء حيدر، شڪارپور ۽  سکر ۾ مزدور طبقو پيدا ٿيو،جن پنهنجون تنظيمون بہ ٺاھيون ھيون ۽ انهن پنهنجي حيثيت بہ مڃرائي ورتي ھئي. ان جو مطلب اھو ٿيو تہ سنڌ ۾ “مزدور تحريڪ“ جي شروعات اڳ ۾ ٿي ۽ “ھاري تحريڪ“ جي شروعات گھڻو پوء ٿي. سنڌ ۾ ھارين جي منظم نہ ٿيڻ جو اھم ڪارڻ اھو ھيو تہ ھارين جي وڏي اڪثريت وٽ پنهنجي زمين ڪانہ ھئي ۽ اھي وڏيرن ۽ جاگيردارن جون ٻنيون ڪندا ھئا ۽ اڄ بہ ڪن ٿا. ان ڪري انهن وڏيرن، جاگيردارن ۽ پيرن  سان اختلاف ڪرڻ جي سگه ساري نہ سگهندا ھئا.
        1930 ۾ اسان جي اپر ڪلاس “ھاري پارٽي ٺاھي“، پر ھي اھو دور ھيو جڏھن سنڌ کي ممبئي پرڳڻي کان الڳ ڪرڻ لاء وڏي زور شور سان تحريڪ ھلي رھي ھئي. ان ڪري ھاري تحريڪ ۽ ھاري پارٽيءَ کي سنڌ جي ممبئ کان الڳ ٿيڻ تائين سياستدانن طرفان ڪو خاص توجه نہ ملي سگهيو   سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملي تہ وڏين پارٽين پنهنجي اندروني تنظيم سازي طرف توجه ڏنو ۽ ڪانگريس پارٽيءَ بہ ھڪ “ھاري ڪميٽي “ ٺاھي تہ جيئن ھارين کي منظم ڪري سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن خلاف ڪو ماحول جوڙي سگهجي. ڇو تہ سنڌ جي اپر ڪلاس ئي سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جي تحريڪ ھلائي ھئي ۽ آدم شماري جي حساب سان اڪثريت ۾ ھجڻ جي ڪري سنڌ جا وڏيرا ۽ پير ئي سنڌ ۾ اقتدار ۾ اچي ڪري اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي چڪا ھئا. ڪانگريس طرفان ٺاھيل ھاري ڪميٽي ايترو مقبول نہ ٿي ڇو تہ سنڌ جو ھاري ڪانگريس جي چوڻ سان پنهنجي وڏيرن ۽ پيرن جي خلاف ٿي نہ پيو سگهي ۽ ڪانگريس وٽ وري ھارين جي ذھني ۽ فڪري تربيت ڪرڻ لاء ايترو وقت ڪونہ ھيو ڇو تہ انهي پارٽيءَ انگريزن خلاف “عدم تعاون“ ۽ “ ھندستان ڇڏيو“ جون تحريڪون ھلايون.
       سنڌ ھاري ڪميٽي کي ڪيترائي بي لوث اڳواڻ مليا جن منجهان ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري، حيدر بخش جتوئي، مولوي عزيز اللہ جروار، مولوي عبداللہ لغاري، عبدالقادر کوکر، غلام حسين سومرو، علي احمد قريشي، فقير محمد مڱريو،قاضي فيض محمد، رئيس بروھي، مولوي نذير حسين، مولوي معاذ.،سيد شاھنواز شاھ.، قادر بخش نظاماڻي.، محمد خان لاکو، محمد امين کوسو، الاھي بخش قريشي ۽ ارباب نور محمد پليجي جھڙا  نالا ذڪر لائق آھن. 
    ھاري ڪميٽيءَ کي چونڊون کٽي اسيمبليء َ ۾ اچڻ جو موقعو نہ مليو پر ان ھوندي بہ سنڌ سرڪار کي ڀرپور دٻاءُ ۾ رکيو  ۽ ھارين جي حقن بابت جاکوڙ ڪندي رھي. ھاري ڪميٽي جي ڪوششن جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت 1943 ۾ “ سنڌ ليجسليشن ڪميٽي“ ٺاھي ۽ مارچ 1947 ۾ وري “ ھاري جاچ ڪميٽي“ ٺاھي پر ستت پوء پاڪستان قائم ٿيو ۽ اھي سرڪاري ڪوششون جھڙوڪ بي اثر ٿي ويون.
    حيدر بخش جتوئي ھن پارٽي ۾ وڏي جان وڌي ۽ سندس قيادت ھڪ سرگرم ۽ فعال پارٽيءَ کي سنڌ جي سياسي تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏيو.
    گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ھاري پارٽي سان لاڳاپيل کوڙ سارا ڊاڪيومينٽس موجود آھن جن منجهان اسان ڪيترا پنهنجي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيا آھن. حيدر بخش جتوئي ھاري پارٽي جي حوالي سان نہ رڳو اخبار ڪڍي پر ڪيترا پمفليٽ لکيا ۽ ڪتاب تخليق ڪيا. سندس اھو قلمي پورھيو گل حيات ۾ موجود آھي. سنڌ ھاري پارٽيءَ جيڪي بہ گڏجاڻيون يا ڪانفرنسون ڪيون انهن بابت اخبارن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيل مواد اسان وٽ موجود آھي. مارچ 1947 ۾ جيڪا سر راجرس ٽامس جي چيئرمني ۾ “ھاري جاچ ڪميٽيٖ“ ٺاھي وئي ھئي اھا پڻ اسان وٽ موجود آھي. مرحوم ديدار سولنگي ھاري ڪميٽي تي ايم فل لاء تحقيق ڪئي ۽ ھن مرحوم ڪيترا ڏينھن گل حيات ۾ ويھي اسان جي گڏ ڪيل مواد ۽ معلومات مان ڀرپور استفادو ڪيو ۽ ھن اھڙو ذڪر پنهنجي ايم فل واري مقالي ۾ پڻ ڪيو آھي جيڪو ھاڻي ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آھي. 
    سنڌ ھاري پارٽي جيڪو نظرياتي ۽ سياسي پورھيو ڪيو آھي ان جي تقاضا ھي آھي تہ انهي پارٽي تي اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ گھرجي ۽ وڌيڪ ڪتاب ڇپجڻ گھرجن. اسان وٽ ھن پارٽي بابت جيڪو مواد موجود آھي اھو ڪنهن وقت وڃائڻ کان سواء ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين
  • چارلس نيپيئر جي سنڌ دشمنيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    چارلس نيپيئر جي سنڌ دشمنيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     textgram 1558169880

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


     

    ”چارلس نيپيئر جي سنڌ دشمنيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

       گل حيات انسٽيٽيوٽ تاريخي مواد ۽ معلومات کي ٽن زاوين کان  پئي گڏ ڪيو آھي. اھي آھن: “شخصيتون“، “ ادارا“ ۽ “واقعا“. “ادارن “ ۾ تنظيمون، پريس، جماعتون ۽ سوسائٽيون اچي وڃن ٿيون. مون کي جيئن جيئن موقعو ملندو آھي ۽ گل حيات جي ميڙي چونڊي يا فائيل سهيڙيندي نظر مان بہ ڪڍندو آھيان تہ انهن ٽنهي زاوين بابت پوسٽون بہ لکندو رھندو آھيان.البته. “شخصيتن “۽ “افراد“ تي گھٽ لکيو آھي. ڇو تہ اسان وٽ “آدرش دوستي“ جي ڀيٽ ۾ “ شخصيت پرستي“ تي سياسي،نظرياتي  ۽ مذھبي بنياد رکيا ويا آھن. ليکڪ ۽ ساڃھ وند ماڻھون شخصيتن بابت لکن ضرور ٿا . پر، ان ۾ ٻہ جھول نظر اچن ٿا. پھريون ھي تہ ان ۾ ليکڪ جي پسند يا نا پسند جو رنگ چڙھيل ھوندو آھي، ٻيو ھي تہ شخصيت بابت موجود سموري مواد ۽ معلومات جو استفادو نہ ڪيو ويندو آھي. ان کان سواء اسان وٽ غير جانبداريءَ سان لکڻ جو ماحول گھٽ ئي پيدا ٿيو آھي . وقت جي تقاضا ۽ اسان جي نظرياتي قبلن کي درست ڪرڻ جي ضرورت اھا آھي تہ اسان ھر ڪنهن شخصيت تي پھريون موجود مواد ۽ معلومات گڏ ڪيون ۽ پوء ان جي روشني ۾ غير جانبداري سان شخصيتن بابت لکئون. 
    مون اڄ ٺڳي ۽ دوکي سان سنڌ تي قبضي ڪندڙ لٽيري سر چارلس نيپيئر جي نالي کي چونڊيو آھي ۽ ان بابت ڪجه ڳالھيون دوستن سان ونڊڻ چاھيان ٿو. سر چارلس نيپيئر تي ڪنهن سنڌي محقق تحقيقي بنيادن تي ھن وقت تائين ڪو جامع ۽ تفصيلي ڪتاب ڪونہ لکيو آھي. جڏھن تہ ھن شخص جي ڏوھي ڪاروائين ۽ سياسي چال بازين ھڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ “سنڌ“ جي مستقبل تي گھرا ۽ برا اثر وڌا. سنڌ ملڪ ھيو ۽ چارلس نيپيئر جي ناجائز قبضي کان پوء صوبي ۾ تبديل ٿي ويو. ڀريا چار سال سندس ئي گورنر راج رھيو ۽ ان کان پوء سنڌ جي صوبائي حيثيت بہ ختم ڪئي وئي ۽ ان کي ممبئي پرڳڻي جو حصو بڻايو ويو.
       چارلس نيپيئر فوجي اڳواڻ جي حيثيت ۾ 1842 ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ 1847 ۾ سنڌ ڇڏي ويو انهن پنجن ڇھن سالن جي عرصي ۾ نيپيئر جي فوجي ۽ انتظامي ڪاروائين ۽ ڪارڪردگي تي تفصيل سان لکڻ جي ضرورت آھي. ھن جي دستاويزات تي نظر ڦيرائيندي پتو پوي ٿو تہ ھن فوجي ڪاروائي دوران سڄيءَ سنڌ کي ڏٺو ۽ لتاڙيو انهن شھرن ۽ ماڳن جن منجهان نيپيئر گذريو، انهن جو جيڪڏھن وچور ٺاھبو تہ اھو ھن ريت ٿيندو:  سکر( 11ڊسمبر 1842)، خيرپور( 1جنوري 1843)، امام ڳڙھ(  12 جنوري 1843)، پير ابوبڪر (  23جنوري 1843)، بيرجا( 30 جنوري 1843)، نوشھرو ( 5 فيبروري 1843)، سڌوجا ( 6 فيبروري 1843)، دولتپور( 8 فيبروري 1843)، سڪرنڊ( 11 فيبروري1843)، سعودآباد( 14 فيبروري 1843)، ھالا( 15 فيبروري 1843). مياڻي جي جنگ کان وٺي دٻي جي جنگ تائين ھو حيدرآباد ۾ رھيو 6 مارچ 1843 تي ھندستان جي گورنر جنرل پنهنجي حڪم نامي نمبر 280 مطابق نيپيئر کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ۽  28 مارچ 1843 تي حڪم نمبر 148 مطابق نيپيئر کي ھدايت ڪئي وئي تہ ھو ڪراچي کي گادي جو ھنڌ بڻائي حڪومت ھلائي.
    انهي کان پوءِ سندس سنڌ ڇڏي وڃڻ ۽ آر.ڪي .پرنگل کي ڪمشنر مقرر ڪرڻ تائين نيپيئر ۽ ھندستان سرڪار جي وچ ۾ کوڙ ساري لک پڙھ ٿي، جنهن جو مختصر تت گل حيات ۾ موجود آھي. انهي عرصي دوران 19 انگريز عملدار سنڌ ۾ مختلف عھدن تي مقرر ڪيا ويا جيڪي پرنگل جي ڪمشنر ٿيڻ کان اڳ نيپيئر کي حڪمراني ۾ مدد ڪرڻ لاء مقرر ڪيا ويا ھئا .انهن جا نالا عھدا ۽ آرڊر نمبر بہ گل حيات ۾ موجود آھن.
    چارلس نيپيئر گورنر ٿيڻ  کان پوء ڪيترائي حڪم ناما جاري ڪيا تہ جيئن ھو آساني سان حڪومت ھلائي سگهي انهن منجهان درآمد شين تي ٽيڪس،
     واٽر ٽيڪس، ڪليڪٽوريٽس جو قيام، زمين جي خريداري ۽ سول ڪيسز جا حڪم ناما وڏي اھميت رکن ٿا.
    چارلس نيپيئر ھن وقت سنڌ ۾ ڪونهي پر مختلف ادارن ۾ ۽ مختلف ويب سائيٽن تي چارلس نيپيئر  بابت گھڻو مواد موجود آھي ، پر انهئ مواد مان اسان ھن وقت تائين ڪو ڀرپور فائدو وٺي نہ سگهيا آھيون. مياڻي جي جنگ بابت ئي ايترو مواد موجود آھي جنهن تي ڪيترائي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. نيپيئر سڄي عمر فوج ۾ رھيو جھڙوڪ ھن “ ڪرائي جي قاتل “ واري زندگي گذاري. ھن جڏھن مياڻي جي جنگ ۾ ميرن کي شڪست ڏني ۽ اھڙو اطلاع ھندستان جي گورنر جنرل ڏي موڪليو ھو، ان جا لفظ ھئا تہ “ مون ڏوھ ڪيو آھي“. سنڌ جي هن ڏوھي تي ڪم ٿيڻ گھرجي ۽ ھن جي ھٿن يا حڪمن سان سنڌ سان جيڪي زيادتيون ٿيون ، ان تي تفصيل سان ڪم ٿيڻ گھرجي.
     ڪنهن اداري يا محقق اھو ڪم ھٿ ۾ کنيو تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ مواد ۽ ميڙي چونڊي فراھم ڪرڻ ۾ ھر ممڪن سھڪار ڪندو
  • سنڌ جي راڻيءَ ڪراچي جي ڪهاڻئ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    سنڌ جي راڻيءَ ڪراچي جي ڪهاڻئ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    textgram 1558084506 
     
    ممتاز پٺاڻ
     
    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
     
     
    ”سنڌ جي راڻيءَ ڪراچي جي ڪهاڻئ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
     

    ڪراچي کي جيڪڏھن سنڌ جو ستارو چئجي يا مقدر چئجي ، انهي شھر کي جيڪڏھن سنڌ جي راڻي چئجي يا سنڌ جو روح چئجي تہ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو ھن شھر سان سنڌ جو ماضي، حال ۽ مستقبل جڙيل آھي. صدين کان وٺي ھن شھر اسان جي ھمٿ حوصلي ۽ بھادري جي بي بدل ڪھاڻي سيني ۾ سانڍي رکي آھي. ھن شھر جو اپاھج مورڙيو مانگر مڇ کي ماري جيئن پنهنجي ڀائرن جو بدلو وٺي ٿو ان منجهان سنڌ جي بھادري جي امر ڪھاڻي جڙي پوي ٿي.
        1843 ۾ سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء نيپيئر ڪراچي کي سنڌ جي گادي جو ھنڌ بڻايو، ان کان پوء ھئ شھر پنهنجن توڙي پراون جي نظرن ۾ اچي ويو ۽ سنڌ جي تاريخ ھڪ اٽل فيصلو ڏئي ڇڏيو تہ جنهن جي ھٿ ۾ ڪراچي ھوندي اھو سڄي سنڌ تي حاوي ٿي سگهندو ۽ حڪمران بڻجي سگهندو. ياد رکڻ جي ڳالھ ھي آھي تہ پھريون 1839 ۾ منوڙي تي قبضو ڪري انگريزن ڪراچي کي پنهنجي ھٿن ۾ ورتو  ۽ پوء انهن لاء آسان ٿي پيو جو پنجن سالن کان پوء 1843 ۾ باقي سڄي سنڌ تي قبضو ڪري ورتن.
       نيپيئر جي گورنر ھجڻ وارن چئن سالن ۾ ڪراچي جي جنگي اھميت ۽ بين الاقوامي تجارت جي مرڪز ھجڻ کان ھندستان جا ماڻھون واقف ٿيا ان ڪري مختلف بزنس ڪميونٽيون اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيون جن مان پارسي، کوجا، ڪڇي ميمڻ، بوھرا ۽ يھودي وغيره شامل آھن. انهن ڪميونٽيز مان ڪنهن بہ ڪميونٽي ڪراچي تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، ويتر جنهن کي موقعو مليو انهي ڪراچي کي ٺاھيو ۽ شھر جي سماجي جيوت ۾ چار چنڊ لڳايا. مثال طور جمشيد مھتا پارسي ھيو ۽ ھو جڏھن ڪراچي جو ميئر ٿيو تہ روزانو ڪراچي جي اھم عمارتن ۽ روڊن رستن کي ڌوتو ويندو ھيو. ڪراچي جي روڊن رستن کي انساني رت سان ريٽي ڪرڻ جو رواج اسان جي دور ۾ پيو. تاريخ جون عجيب شاھديون آھن جن کي لڪائي نٿو سگهجي. پر ھي نوٽ ڪرڻ جھڙي ڳالھ آھي تہ جڏھن 1919 ۾ شاھنواز ڀٽو گورنر جنرل جي ڪائونسل جو ايڊيشنل ميمبر ھيو تہ ھن سرڪار کي صلاح ڏني ھئي تہ ڪراچي کي ھندستان سرڪار جي گادي جو ھنڌ بڻايو وڃي . 1947 کان پوء سياست ۾ وڏو ڦيرو آيو. انڪري ھن شھر، شھر جي رھواسين ۽ سنڌ ڏاڍا سور سٺا.
    پاڪستان ٺھڻ کان پوء ملڪ جي گادي بڻائڻ لاء لاھور، ڍاڪا ۽ ڪراچي تي غور ڪيو ويو هو ۽ اھو فيصلو ڪيو ويو تہ ملڪ جي گادي ڪراچيءَ ۾ ئي قائم ڪئي ويندي. انهي کان پوء مرڪز جي اقتداري ڌر ۽ سنڌ جي سياستدانن جي وچ ۾ ڏاڍيون چڪريون ھليون. مرڪزي حڪومت جو خيال ھيو تہ ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪيو وڃي جڏھن تہ سنڌ جا سياستدان پنهنجي مھمان نوازي  جي ايڏي وڏي سزا ڀوڳڻ لاء  تيار نہ ھيا. محمد ايوب کھڙي پاڪستان جي ڪانسٽيٽيونٽ اسيمبلي ۾ ڪراچي جي سنڌ کان کسڻ واري مسئلي تي ڏاڍي سخت ترين تقرير ڪئي ھئي ۽ جنهن جي کيس اڳتي ھلي سياسي سزا بہ ڀوڳڻي پئي. ھن کي اقتدار کان پري رکي پير الاھي بخش کي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو ۽ ڪراچي مرڪز جي حوالي ٿي وئي. پاڪستان آگسٽ 1947 ۾ قائم ٿيو جڏھن تہ جولاء 1947 کان وٺي سنڌ سرڪار ھندستان جي مرڪزي حڪومت کي لکندي ۽ ٻڌائيندي رھي تہ ڪراچي کي نئين ٺھندڙ ملڪ جي گادي نہ بڻايو وڃي. 19 جولاء 1947 تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ھندستاني سرڪار کي لکيو تہ جيڪڏھن ڪراچي پاڪستان جي گادي جو ھنڌ بڻيو تہ پوء “ سنڌ سنڌين لاء“  واري سوچ ردعمل طور اڀري ايندي. انهي کان 10 ڏينهن پوء 29 جولاء 1947 تي سنڌ جو گورنر ھندستان جي وائسراء کي لکي ٿو تہ ٻين صوبن مان ڪراچي ڏانهن لڏ پلاڻ ۽ دھلي کان ايندڙ غير سنڌي مسلمان عملدارن جي اچڻ ڪري غير سنڌين لاء نفرت جھڙو ماحول جڙي رھيو آھي. 
     انهي لک پڙھ مان ثابت ٿئي ٿو تہ تڏھوڪي سنڌ سرڪار جنهن جا ڪامورا غير سنڌي ھئا انهن پنهنجي انظامي بصيرت ۽ دور انديشي سان محسوس ڪري ورتو ھيو تہ حالتون انهي طرف وڃي رھيون آھن جن ڪري ڪو ممڻ مچندو. ملڪ جڙيو ۽ اسان جا ديني ڀائر جوق در جوق ھندستان ڇڏي سنڌ ۾ اچڻ لڳا ۽ سندن گھڻو توجه ڪراچي ڏانهن ھيو. حڪومت لڏ پلاڻ جي سمنڊ جي انهن ڇولين کي روڪڻ لاء بارڊر بہ سيل ڪيا پر پناھگيرن جا ھجام ايندا رھيا. ھن صورت حال کي ڏسي سنڌ ۾ ڪن سياستدانن اھا راء قائم ڪرڻ شروع ڪئي تہ ھندستان کان آيل تمام مشھور ۽ نالي وارن سياستدانن کي پنهنجي ايندڙ چونڊن جي لاء نئون حلقو ٺاھڻو آھي ان ڪري ڪراچي حيدرآباد ميرپور خاص ۽ سکر کي مھاجرن کي رھڻ لاء اتساھيو پيو وڃي.
    سنڌي سياستدان ۽ قلم ڌڻي انهي صورتحال کان بي خبر نہ ھيا .مولانا دين محمد وفائيءَ پنهنجي “ توحيد “ رسالي ۾ ڪراچي جي عليحدگي واري حرص ۽ لالچ جي خلاف تمام گھڻو لکيو. جنوري فيبروري 1948 واري توحيد جي پرچي ۾ مولانا وفائي لکي ٿو تہ  ڪراچي جھڙو خوب صورت شھر ھندستاني ڀاڄوڪڙن جي يلغارن جو نشانو بڻجي چڪو آھي. ھن ان سلسلي ۾ ڏاڍو سخت مؤقف اختيار ڪيو تہ سنڌ کي ڪراچي جي مسئلن جي حوالي سان تمام گھڻو غور ڪرڻو پوندو پوء ان ۾ ڇونہ سنڌ جي پاڪستان سان تعلق واري مسئلي تي بہ نظرثاني ڪرڻي پوي. مولانا دين محمد وفائي جي تحرير اڄ جي ھڪ وڏي قوم پرست جي لکڻي کان گھٽ ڪونہ آھي. 
    جن سنڌ واسين محسوس ڪيو تہ ڪراچي ھنن کان زوري کسي پئي وڃي تہ انهن ڏينهن ۾ سرڪار  “ ڪراچي اسٽيٽس  ڪميٽي“ ٺاھي تہ جيئن فيصلو ڪري سگهجي تہ ڪراچي ڇونہ مرڪزي سرڪار جي حوالي ڪري ڇڏجي. سنڌين وقت وڃائڻ کان سواء “ دي ڪراچي جوائنٽ سنڌي ڪميٽي“  ٺاھي تہ جيئن ڪراچي کي سنڌ کان ڇني ڌار ڪرڻ وارين ڪوششن کي منهن ڏئي سگهجي. پر اھي ڪوششون ڪامياب نہ ويون ۽ ڪراچي کي فيڊرل بي ايريا بڻايو ويو. انهي قدم کڻڻ کان پوء ڪراچي کي صوبي جي حيثيت ۾ الڳ ڪرڻ جي سوچ اڀري آئي ۽ مھاجرن جي ڪميونٽي ۾ ٻہ ڌڙا ٺھڻ لڳا ھڪڙن اھو سوچيو ۽ چيو تہ “ جنهن جو کائجي، تنهن جو ڳائجي“ ان ڪري سنڌ کي پنهنجو ڄاڻي ۽ سنڌين کي پاڻ جھڙو سمجهي سنڌ ۾ رھجي. ٻين سوچيو تہ “ جنهن وڻ ھيٺان ويھجي تنهن کي کائجي، ان ڪري سنڌ کي ورھائجي ۽ ڪراچي کي پنهنجي قبضي ۾ وٺجي“ 
    سنڌ کي ٽوڙڻ جي سوچ ائين جنم ورتو ۽ اڄ ايم ڪيو ايم طرفان سنڌ ٽوڙڻ ۽ ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جون ڳالھيون جلسن ۽ جلوسن کان سفر ڪندي اچي اسيمبلين ۽ ايوانن تائين پھتيون آھن. 
    1947 کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين ڪراچي جي عليحدگي بابت جن سوچن ۽ لوچن تاريخ جي وھڪري کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، انهن بابت مواد ۽ معلومات گل حيات ۾ موجود آھي ۽ انشاء اللہ  ان کي اسان گل حيات جي ويب سائيٽ تي جلد اپلوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
  • سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     textgram 1557910788
     
    ممتاز پٺاڻ
     
    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
     
     
    ”سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
     

       ھر دور ۽ ان جي حالتن جي تقاضا ٿيندي آھي تہ ڪي تنظيمون جڙن ، ڪي تحريڪون ھلن ۽ ڪي واقعا جنم وٺن. جڏھن اھو دور ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻھون وڃي مقام ۽ قبرستان وسائن ٿا تہ پوء نہ ٿيون رھن اھي تنظيمون ۽ تحريڪون ۽ نہ وري ڪو انهن کي ياد ڪرڻ لاء تيار آھي. پر ماضي جا افراد، ادارا ۽ واقعا تجربن ۽ مشاھدن جو اھم ورثو ڇڏي ويندا آھن جن منجهان سياڻا ماڻھون سبق پرائيندا آھن.
      انگريزن جي دور ۾ جيڪي تمام اھم ادبي تنظيمون جڙيون ۽ جن سالن جا سال سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ علم ادب جي مثالي خدمت ڪئي “ سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ پڻ انهن مان ھڪ آھي. ھئ سوسائٽي 1933 ۾ جوڙي وئي. شروع ۾ سنڌ جو ڪمشنر ۽ 1936 کان پوء گورنر انهي سوسائٽي جو سرپرست ھوندو ھيو. باقي عھديدار وقت بوقت مٽبا رھيا ۽ ان جي ميمبرن ۾ پڻ اضافو ٿيندو ويو.
    ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ کي فعال رکڻ ۾ بليموريا، چيتن ماڙي والا ۽ اي بي آڏواڻيءَ اھم ڪردار ادا ڪيو. بليموريا شروع ۾ ھن سوسائٽي جو خزانچي ۽ سيڪريٽري رھيو ۽ آخري دور ۾ وري ان جو صدر پڻ ٿيو. عجيب اتفاق آھي تہ ھن لڳ ڀڳ ڏھ سال سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۽ ٻين اھڙين سوسائٽين ۾ مثالي ڪم ڪيو . ھو وڏو ڄاڻو، آرڪيالاجسٽ ۽ تاريخدان ھيو پر ھن جي سوانح بابت ڪا تفصيلي ڄاڻ نٿي ملي . ھو پارسي خاندان مان ھيو ۽ ڪراچي جي مارسٽن روڊ تي رھندو ھيو. باقي ھن جا وڌيڪ تفصيل في الحال ڪون ٿا ملن. 
     “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ جي ميمبرن منجهان ڪي نالا آھن: جي ايم سيد، ميران محمد شاھ، ايڇ ٽي ليمبرڪ، مير بند علي خان، فخر جي  ڪائونس جي،  اي ايل پرائيس، سي اي انڪل سريا، خان بھادر محمد صديق ميمڻ، سر مانٽيگو ويب، ڊي آر مانڪنڊ. سھراب ڪيٽرڪ، اين آر واڊيا، غلام رسول ڪيھر، حيدر بخش جتوئي، حاتم علوي، بولچند راڄپال، ڀيرومل آڏواڻي، ھاسانند مامتورا، لعل چند جڳتياڻي، سوڀراج نرملداس، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽  ڊاڪٽر داؤد پوٽو وغيره. 
    ھن سوسائٽئ طرفان مھيني ۾ ھڪ دفعو ادبي ۽ تحقيقي گڏجاڻي ٿيندي ھئي جن ۾ ميمبر پنهنجا تحقيقي مقالا پڙھندا ھئا ۽ اھي پوء سوسائٽي جي ٽہ ماھي رسالي “ دي جنرل آف سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ ۾ ڇپبا ھيا. انهن منجهان ڪيترا مضمون اسان فوٽو اسٽيٽ ڪرائي گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ رکيا آھن. البته، 1934 کان وٺي آخر تائين پڙھيل ۽ شايع ٿيل تحقيقي مقالن جي انڊيڪس پڻ اسان جوڙي ورتي آھي جيڪا گل حيات ۾ موجود آھي ۽ ان کي جلد پنهنجي ويب سائيٽ تي پڻ رکيو ويندو. بليموريا، اي بي آڏواڻي.بي ڊي ميرچنداڻي، ماڻڪ پٿا والا، چيتن ماڙي والا ۽ ايڇ ٽي ليمبرڪ ڪيترائي مقالا لکيا جيڪي انهي رسالي ۾ شايع ٿيا. 
    “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ جو اصلي رڪارڊ گل حيات ۾ موجود آھي جنهن کي جيئن جو تيئن ويب سائيٽ تي رکيو ويندو. “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ پنهنجي ميمبرن کان تہ تحقيقي مقالا لکرايا، پر اھا وقت بوقت تحقيقي مقالا نويسي جي چٽا ڀيٽي بہ ڪرائيندي ھئي ۽ محقق ليکڪن کي انعام ڏيندي ھئي. ھن سوسائٽيءَ  وڏي کان وڏو اھم ڪم ھي ڪيو ھيو جو 1936 ۾ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي کي جواز بڻائي ھندستان جي آرڪالاجيڪل ڊپارٽمينٽ سان  وڏي زوردار لک پڙھ ڪئي ھئي تہ “موھين جي دڙي“ مان لڌل  نادر شيون  جيڪي پنجاب ۽ دھلي جي عجائب گھرن ۾ پيون آھن اھي واپس ڪيون وڃن. ھسٽاريڪل سوسائٽي انهي تحريڪ ۾ ڪاميابي تہ ڪانہ ماڻي پر پنهنجي سنڌ دوستيءَ جون شاھديون ثابتيون ضرور ڇڏي وئي آھي. نادرات جي واپسي بابت ھسٽاريڪل سوسائٽي جيڪا لک پڙھ ھلائي اھا بہ اصلي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي.
    • or
    Mumtaz Pathan
    pathanmumtaz875@gmail.com“>pathanmumtaz875@gmail.com