Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي کان سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي تائين

    سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي کان سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي تائين

    textgram 1560160235
     
     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي کان سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي تائين
     
    مون ھن کان اڳ پنهنجن پوسٽن ۾ لکيو آھي تہ “ پيپلز پارٽي” انگريزن جي دور ۾ بہ ھئي ۽ ان نالي سان شھيد ذوالفقار علي ڀٽي بى پارٽي ٺاھي . مون اھو بہ ٻڌايو ھيو تہ ” سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ انگريزن جي دور ۾ بہ ھئي ۽ انھي نالي سان اسان جي دور ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ وارن بہ ٺاھي . اھڙي ريت ”سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ انگريزن جي دور ۾ بہ ھئي تہ اھا پوءِ ۱۹۸۴ ۾ ڊاڪٽر حميدا کھڙو بہ ٺاھي. 
    انگريزن جي دور واري “ھسٽاريڪل سوسائٽي“ جو سيڪريٽري بلي موريا ھيو ۽ ڊاڪٽر حميدا کُھڙو جي ٺاھيل سوسائٽي ۾ منهنجو والد ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ سيڪريٽري ھيو.
    انگريزن جي دور واري ھسٽاريڪل سوسائٽي سالن جا سال فعال رھي. انهي سوسائٽي طرفان ٽہ ماھي رسالو ”  دي جنرل آف سنڌ ُسٽاريڪل سوسائٽي“ نڪرندو ھيو جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، تھذيب ۽ سماج تي مثالي مقالا ڇپبا ھئا ۽ ڊاڪٽر مبارڪ انهن منجهان ڪي مقالا هاڻي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا آهن. انگريزن جي دور واري ھن سوسائٽئ جو سرپرست سنڌ جو گورنر ھوندو ھيو . انهي جا ۲۰۰ جي لڳ ڀڳ ميمبر ھوندا ھئا جن ۾ جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي وغيره شامل آھن. مشھور ليکڪن کان سواءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ شڪارپور جي ھاءِ اسڪولن جا ھيڊ ماستر ۽ ڪاليجن جا پرنسيپال انهي سوسائٽي جا ميمبر ھوندا ھئا. ھن سوسائٽي کي سنڌ سرڪارجو تعليم کاتو ۳۰۰ روپيه سالياني امداد ڏيندو ھيو جيڪا آخر ۾ وڌائي ۵۰۰ روپيه ڪئي وئي ھئي. ھن سوسائٽي جو گڏيل ھندستان جي لرنيڊ باڊيز ۽  يونيورسٽيز سان واھپو ھوندو ھيو. انهي سوسائٽي وڏو ڪم اھو ڪيو ۽ تحريڪ ھلائي تہ “ مھين جي دڙي ” مان کوٽي لڌل نادرات جيڪي پنجاب ۽ دھلي کڻي ويا ھئا ، اھي سنڌ کي واپس ملن. انهي سلسلي ۾ ھندستان جي آرڪيالاجيڪل ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل “ھسٽاريڪل سوسائٽي“ جي سيڪريٽري کي لکيو ھيو تہ ” ٻلھڙيجي ۾  ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ چور رھن ٿا ان ڪري جيڪڏھن اھي نادرات واپس ڪنداسين تہ انهن جي چوري ٿيڻ جو خدشو آھي.“ 
    انهي سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي تي اڄ ڪلھ بابا سائين تدوين ۽ تحقيق جو ڪم ڪري پيو جيڪو ڪنهن بہ صورت ۾ ٻن اڍائي سو صفحن کان گھٽ نہ ھوندو ۽ اھو ٻن اڍائي ھفتن ۾ گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکيو ويندو.  
    پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اھا ھسٽاريڪل سوسائٽي جلدي ختم ٿي وئي . ان کان پوءِ ۱۹۷۰ ۾ سائين جي ايم سيد ، ايم ايڇ پنهور، پير علي محمد شاھ راشدي. ڊڪٽر مھڪري ، نور الدين سرڪي، ،محمد ابرھيم جوئي ۽سيد غلام مصطفا شاھ “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي پر اھا ٺھي نہ سگهي . ان کان پوءِ ۱۹۸۲ ۾  سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي کي وري قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي . پيش رفت ضرور ٿي پر اھا ڪوشش بہ ڪامياب ن ٿي پر ان تسلسل کي برقرار رکيو ويو تان جو ۱۹۷۴ جي شروعاتي مھينن کان “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ فعال ٿي . ھن سوسائٽي طرفان “ان ھائوس “ سمينار سڏايا ويا جن ۾ ڪو نہ ڪو اسڪالر پيپر پڙھندو ھيو جنهن بعد کانئنس سوال پڇيا ويندا ھئا. ان دور ۾ سوسائٽي جا جيڪي فعال ميمبر رھيا انهن ۾ حميد ھارون، ڊاڪٽر ڪائوس جي، سيدشفقت علي شاھ، پي ڪي شھاڻي، اي ڪي بروھي، سراج الحق ميمڻ ، جسٽس رٽائرڊ مشتاق علي قاضي، دولت مھتاڻي، ممتاز راشدي، جي ايم مھڪري، مظُھر يوسف، ڪمال اظفر وغيره جا نالا ذڪر لائق آھن. مان ھن فائيل کي ترتيب ڏئي رھيو آھيان ۽ انشاءَ الله انهي کي بہ جلد ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيو ويندو
  • سنڌ جي ڪتب خانن جي وچ ۾ باھمي ربط جي ضرورت.

    سنڌ جي ڪتب خانن جي وچ ۾ باھمي ربط جي ضرورت.

     
     textgram 1559898187
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”سنڌ جي ڪتب خانن جي وچ ۾ باھمي ربط جي ضرورت.
     

    لڳاتار ٻن سالن کان مان ھي پوسٽون لکندو اچان ٿو . شروعات ۾  گل حيات جي لائبريري ۾ موجود ڪتابن جو تعارف لکندو ھئس ۽ اھو سلسلو پڙھندِڙن کي وڻيو. ڇو تہ کين اھا خبر بہ پئي پئي تہ اسان جي اداري جي لائبريري ۾ ڪھڙا ڪتاب رکيل آھن . ھي سلسلو سال کن ھليو. ان کان پوءِ جڏھن بابا سائين  اسان جي چوڻ  تي ڪراچي کي ڇڏي اچي گل حيات ۾  پنهنجي رھيل تحقيقي ڪم کي پوري ڪرڻ جو ڪم ھٿ ۾ کنيو تہ  سندس ھٿ سان لکيل نوٽس جي ڀريل ڳوڻين جي ڇنڊ ڦوڪ مون کي ڪرڻي پئي ۽ پوءِ مون کي ذھن ۾ آيو تہ  ڪتابن جي تبصرن کي فى الحال روڪي مان پِڙھندڙن کي  اھو ٻڌائي سگهان تہ گل حيات ۾ اھو ڪھڙو خزانو موجود آھي جنهن جي ماروئڙن کي خبر پوڻ گهرجي ان ڪري مون مختلف موضوعن تي پوسٽس لکڻ شروع ڪيون ۽ ان ڪم ۾ بہ مونکي سال کن لڳي ويو آھي. 
    سنڌ ۾ فقط گل حيات يا ان جي لائبريري ڪانهي .اسان جي ڌرتي صدين کان وٺي علم جو گھوارو  رھي آھي ۽ سنڌ جا ھزارين خاندان اھڙا آھن جن وٽ ”خانداني ڪتب خانا“ موجود آھن ۽ اھو سلسلو صدين کان وٺي جاري آھي. تاريخ جا ورق ورائيندي خبر پوي ٿي تہ پاڳاري خاندان جي باني حضرت محمد راشد روضي ڌڻي جو والد ڪتابن خريد ڪرڻ ۽ گڏ ڪرڻ  جو ايتري قدر شوقين ھيو جو ھڪ دفعي جڏھن ڪتابن جي ڳنڍ کڻي پيو وڃي تہ چورن کيس ڦريو ۽ ھن کي شھيد ڪري وڌو.چورن سمجهيو هو تہ پير محمد بقا  مال ملڪيت کنيون پيو وڃي.
    انگريزن جو دور  آيو تہ ذاتي ۽ خانداني ڪتب خانن سان گڏ ھڪ طرف سرڪار بہ لائبريريون قائم ڪيون تہ ٻئي طرف اين جي اوز بہ پنهنجون لائبريريون ۽ ريڊنگ رومز قائم ڪيون .انهي جو اٽر ھي ٿيو  تہ انگريزن جي ھڪ صدي واري دور ۾ جتي ڪٿي بہ فعال اين جي اوز قائم ٿيا، اتي لائبرريون بہ قائم ٿيون انهن جو تعداد ھزاين ۾ آھي . انگريز ملڪ ڇڏي ويا ۽ ھندن جي لڏ پلاڻ ٿي تہ ان جي نتيجي ۾  اين جو اوز ۽ سرڪار طرفان قائم ٿيل لائبريرين تي منفي اٽر پيو. جيڪي اين جي اوز نہ رھيا انهن جون لائبرريون بہ نہ رھيون. سرڪاري ڪتب خانا ننڌڻڪا ٿي ويا ۽ انهن مان ڪيترا ڪتاب ڪن شاھينگن جي ور ڇڙھي ويا يا ڪٻاڙين ۽ پڪوڙن وارن جي ھٿ اچي ويا.
    سنڌ انهي نقصان جو ازالو ڪري ورتو  آھي ۽ ھاڻي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سرڪاري لائبرريون بہ آھن تہ ذاتي ۽ خانداني لائبرريون بہ آھن.پر جنهن ڳالھ جو شديد احساس ٿئي ٿو اھو ھي آھي تہ انهن لائبررين جو پاڻ ۾ رابطو يا سھڪار ڪونهي.
    ذاتي لائبريرين ۾ سنڌ جي سماجي، سياسي،ادبي ۽ ديني اھميت وارو خزانو موجود آھي. پر ڪيترا خاندان ۽ فرد فياضي کان ڪم نٿا وٺن .جنهن ڪري اھڙن خزانن مان محقق ۽ تحقيق جا شاگرد ڪو لاڀ پرائي نٿا سگهن. ڪيترن خاندانن وٽ پنهنجا شجرا موجود آھن ۽ ڪيترن خاندانن وٽ قلمي قرآن ۽ نادر قلمي ڪتاب موجود َآھن. سرڪاري ادارن کي ھوش اچي ھا تہ  اھي اھڙي مواد جي اسڪين ڪرائي ھڪ وڏو شعبو قائم ڪري پئي سگهيا. پر نوڪري ڪرڻ وارا خدمت ڪونہ ڪندا آھن ۽ انهن کي اھڙو جنون ئي ڪون ھوندو آھي تہ اھي تباھ ٿيندڙ تاريخي خزاني کي بچائي سگهن.  بخل ۽ بي توجهي سبب سنڌ طب جو وڏو خزانو تباھ ڪري ڇڏيو . جيڪڏھن طب جا ڪتاب اسان بچائي سگهون ھا تہ ھن وقت سنڌ ۾ ڪيترا طبي ڪاليج موجود ھجن ھا ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ طب تي تحقيق ٿئي ھا.
    مون ٻن سالن کان جيڪو ڪجه لکيو آھي اھو پاڻ پڏائڻ، گل حيات جي واکاڻ ڪرڻ يا پاڻ کي متان مٺو چوڻ لاءِ  ڪون لکيو آھي. مقصد فقط اھو ھوندو آھي تہ اسان ماروئڙن کي اھو ٻڌائي سگهون تہ گل حيات ۾ ڇا ڇا موجود آھي ۽ سنڌ جي تاريخ جا اھي ڪھڙا پهلو يا موضوع آھن جن تي ھن وقت تائين ڪم نہ ٿيو آھي. منهنجي ھن نماڻي ڪوشش جا مثبت نتيجا نڪتا آھن.  مواد ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻھون ايندا رھن ٿا. اسان سندن ميزباني بہ ڪيون ٿا تہ مفت ۾ اڻ لڀ  ۽ ناياب مواد بہ ڏيئون ٿا. ڇا اسان لاءِ اھو اعزاز گھٽ آھي تہ ڪنهن وڏي شخصيت جو پوٽو يا ڏوھٽو پنهنجي ڏاڏي يا ناني تي تحقيق ڪرڻ لاءِ مواد ۽ معلومات گل حيات انسٽيٽيوٽ مان وٺڻ اچن. اڄ تحريڪ آزادي جي ھڪ اڏول اڳواڻ پير مٺل شاھ راشدي  ٺلاھي جو پوٽو سيد وسيع الله راشدي نوشھرو فيروز مان ڪھي اچي پنهنجي ڏاڏي جي سوانح ۽ سياسي خدمتن بابت مواد  وٺڻ آيو ۽ اسان معاوضي وٺڻ کان سواءِ کيس مواد ۽ معلومات جا جهول ڀري ڏنا. اسان ڌرتئ ڌڻين کي ڏنو آھي ورتو ڪونہ آھي. پر اڄ جيڪو مواد مفت ۾ راشدي صاحب کي ڏنوسين. اھو کيس اڌ لک روپيئن ۾ بہ ڪٿان نہ ملي ھا.
    مان وري پنهنجي يا گل حيات جي تعريف نٿو ڪيان پر ٻڌائڻ ٿو گهران ت علم کي عام ڪرڻ لاءِ ، تحقيق کي پروان چاڙھڻ لاءِ ۽ تاريخي تحقيق تي تحقيقي معيارن مطابق ڪم ڪرڻ جي ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ اسان جي ذاتي، خانداني ۽ سرڪاري لائبررين کي اھڙيون روايتون قائم ڪرڻ گهرجن. ڇو تہ ان سان ئي ذھني ۽ فڪري قبلن کي درست ڪري سگهبو. 
    منهنجي صلاح آھي تہ جن دوستن يا خاندانن وٽ لائبريريون آھن، اھي پنهنجي پنهنجي لائبريرين جا ڪيٽا لاگ تيار ڪن ۽ انهن جي آڌار تي اخبارن خواه رسالن ۾ مضمون لکن ۽ ٿي سگهي ت انهن ڪيٽالاگن جي ڪاپي گل حيات کي بہ موڪلي ڏين تہ اسان سندن ئي نالن سان گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکي دنيا جهان کي ٻڌائي سگهون تہ سنڌ پنهنجي علم دوستي جي روايتن کي ڪيئن نہ قائم رکيو آھي. اسان کي سنڌ جي سمورين ذاتي لائبريرين جو نہ فقط جامع ڪيٽالاگ مرتب ڪرڻو آھي پر انهئ آڌار تي ھڪ جامع انڊيڪس ۽ ببليو گرافي بہ ٺاھڻي آھي . الله ڪندو تہ اسان پنهنجي ان نماڻي ڪوشش  ۾ علم دوستن جي سھڪار سان ڪو نئون ڪم ڪري سگهنداسين ۽ ڪا نئين روايت قائم ڪري سگهنداسين
    • Add to Phrasebook
       
      • No word lists for Sindhi -> English…
         
      • Create a new word list…
    • Copy
  • خوجا ڪميونٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    خوجا ڪميونٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     
     
    textgram 1559636873

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”خوجا ڪميونٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
     
    مون مختلف برادرين کي نظر ۾ رکي  ٻن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجه لکيو آھي ۽ ڪجه اڳتي بہ لکندس. لکڻ جو پھريون مقصد ھي آھي تہ مان ٻڌائي سگهان تہ جيڪي  برادريون ٻاھران  اچي سنڌ ۾  آباد ٿيون,سنڌ جو کاڌو ۽ سنڌ جو ڳاتئون، اھي امر بڻجي ويون ۽ سنڌي سماج جو اٽوٽ حصو بڻجي ويون. لکڻ جو ٻيو مقصد اھو ھوندو  آھي تہ مان پڙھندڙن کي اھو ٻڌائي سگهان تہ انهي برادري يا ڪميونٽي بابت گل حيات  انسٽيٽيوٽ ۾ ڪھڙو ۽ ڪيترو مواد موجود آھي.
     ارغون ۽ ترخان بہ ڌاريا ھئا . سنڌ تي حڪمراني بہ ڪيائون پر سنڌ کي پنهنجو نہ ڪيائون. ان ڪري سنڌ بہ کين پنهنجو نہ ڪيو ۽ اڄ سنڌ ۾ انهن جو نالو نشان ئي ڪونهي. ان مان انهن طبقن ۽ ڌرين کي سبق وٺڻ گهرجي تہ سنڌ جي ڪنهن حصي کي الڳ ڪري حڪمراني ڪرڻ ۽  سنڌ جي سماج ۽ ثقافت کي پنهنجو نہ ڪرڻ، سندن بہ ارغونن ۽ ترخانن جھڙو حشر ڪندو. 
    شاھ عبداللطيف جا وڏا ٻاھران آيا ۽ سنڌ کي پنهنجو ڪيائون تہ سنڌ شاھ لطيف جي روپ ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي شاعر کي جنم ڏنو. حضرت علي مڪي ٻاھران آيو ۽ سنڌ کي پنهنجو ڪيائين تہ ھن جي پونئيرن منجهان پاڳارا خاندان جنم ورتو جيڪو صدين کان سنڌ ۾ روحاني گادي سمجهيو وڃي ٿو. اھڙي نموني سان ھالا جا مخدوم بہ ھڪ معتبر روحاني گادي جا سنڀاليندڙ آھن ۽ اھي بہ حضرت ابوبڪر صديق جي اولاد مان آھن. مرزا قليچ بيگ جو پي سنڌ ۾ آيو ھن سنڌ کي پنهنجو ڪيو ۽ سنڌ مرزا قليچ بيگ جھڙو شمس العلماءُ پيدا ڪري ڏيکاريو. چوڻ جو مقصد ھي آھي تہ جنهن سنڌ کي پنهنجو ڪيو سنڌ ان کي امر بڻائي ڇڏيو.
    خوجا ڪميونٽي جو سومرن جي دور کان وٺي سنڌ سان محبت ۽ روحانيت جو تعلق رھيو آھي. سنڌ  اسماعيلي مبلغن کي پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت جي ورقن ۾ سونھري اکرن ۾ لکي ڇڏيو. پير صدرالدين ۽ پير ڪبير سنڌي شاعري ۾ “ گنان“ جي صنف جو اضافو ڪيو .
     پراڻن ڪتابن پڙھڻ مان خبر پوي ٿي ت 1839 ۾ جڏھن ڪراچي جي آدم شماري 4850 ھئي تہ انهن ۾ 350 خوجا ھئا. سنڌ تي انگريزن جي حڪمراني ٿي تہ ڪيتريون ئي غير سنڌي واپاري ڌريون سنڌ ۾ لڏي آيون جنهن جي نتيجي ۾  1847 ۾ ڪراچي ۾ خوجن جا  300 خاندان لڏي آيا ۽ انهي دور ۾ خواجا غلام، خواجا بنو ۽ محب علي خواجا تمام مشھور واپاري ھئا. 
    خوجن جي سياسي حيثيت ۽ حڪومت سان ويجهڙائپ جو دور  انگريزن جي   سنڌ ۾  اچڻ سان ئي ٿيو. ان کان پوء انگريزن سرآغا خان جي حيثيت کي تسليم ڪيو  ۽ ان جي سياسي خدمتن کي مان ڏنو. جڏھن 1905 ۾ ھندستان جي مسلمانن جو وفد پنهنجا مسئلا کڻي وائسراء سان ملڻ ويو تہ ان جي قيادت سر آغا خان ڪئي. وري ھڪ سال پوء جڏھن ڍاڪا ۾ “ آل انڊيا مسلم ليگ“ ٺھي تہ ان جو باني صدر بہ سرآغا خان کي بڻايو ويو. سر آغا خان جون اھي سياسي خدمتون ھڪ سنڌ ڄائي خوجن جي روحاني رھبر جون خدمتون ھيون. اسان کي خبر آھي تہ آل انڊيا مسلم ليگ جو پھريون ساليانو اجلاس 1907 ۾ ڪراچي ۾ ٿيو ھو ۽ انهي جو ڪريڊٽ پڻ سنڌ جي خوجن ڏانهن وڃي ٿو، جن جو روحاني رھبر سر آغا خان پارٽئ جو صدر ھيو. سر آغا خان کان پوء ھڪ ٻئي خوجي قائداعظم محمد علي جناح مسلم ليگ کي ھڪ فعال جماعت بڻائي ڏيکاريو ۽ انهي جي پليٽ فارم تان پاڪستان جي تحريڪ ھلائي ۽ ھڪ الڳ آزاد ملڪ وٺي ڏيکاريو.
    1839 کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين خواجا ڪميونٽي سنڌ سان مثالي محبت ڪئي آھي ۽ ان جي بي مثال خدمت بہ ڪئي آھي. مون ٻين ميونسپالٽين جو رڪارڊ تہ ڪون ڏٺو آھي پر گل حيات ۾ ھن برادري بابت مواد مان معلومات ملي ٿي تہ ڪراچي ميونسپالٽي ۾ ھن برادري جا ماڻھون سالن جا سال ميمبر ٿي رھيا. مرحوم جي الانا جڳ مشھور ماڻھو ھيو ۽ شاعري ۾ دنيا جهان ۾ نالو ڪمايائين ۽ تحريڪ آزادي تي ڪتاب لکيائين ۽ تحريڪ آزدي ۾ ڀرپور حصو ورتائين. اھو پڻ انهي برادري سان تعلق رکندو ھيو. سندس گھر ڌياڻي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ٿي ۽ سندس پٽ پيار علي الانا پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ تعليم جو وزير ٿيو. نامور محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا بہ ھن ڪميونٽي سان واسطو رکي ٿو جنهن سنڌالاجي کي مثالي ادارو بڻايو ۽ جيڪو علام اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بہ رھيو آھي. ڊاڪٽر ڪريم خواجا نہ فقط پيپلز پارٽي جو سياسي اثاثو رھيو آھي پر ھو ڪيترين لرنيڊ باڊيز جي ميمبر ۽ صلاحڪار جي حيثيت ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رھيو آھي.
    مون کي ڪو تفصيل سان ريسرچ پيپر لکڻو ڪونهي پر اھو گوش گذار ڪرڻ چاھيان ٿو ت خوجا ڪميونٽي سنڌ سان عشق ڪندڙ ڪميونٽي آھي، جنهن پنهنجي منفرد ڪلچر سان سنڌ جي خدمت ڪئي آھي. آغا خان يونيورسٽي ۽ آغا خان اسپتال ان جا ٻہ مثال اسان اڳيان آھن. 1839 کان وٺي ھن ڪميونٽئ جي سياسي ، سماجي ۽ تعليمي خدمتن بابت گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ تمام گھڻو مواد پيو آھي. اسان جي ڪوشش رھندي تہ آھستي آھستي ھن سموري مواد کي پنهنجي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيون
  • سنڌ آزاد پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.

    سنڌ آزاد پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.

    20190603 133329

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


     
    ”سنڌ آزاد پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
     
    انگريزن جي دور ۾ جن انسانن ڌرتي جي  حالتن ۽ انگريزن جي غلامي سان مثالي بغاوت ڪئي انهن مان شيخ عبدالمجيد سنڌي پڻ ھڪ آھي. ھو سياسي ۽ نظرياتي طور تي تہ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي ويجهو رھيو، پر تاريخ ۾ پنهنجي ھڪ الڳ ۽ منفرد حيثيت ٺاھي ويو . ھن عظيم انسان جي سوانح ۽ سياسي ڪارنامن تي ڪو مناسب ڪم نہ ٿيو آھي جڏھن تہ ھن جيڪي قلمي،نظرياتي  ۽ سياسي ۽ صحافتي خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن تي الڳ الڳ پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون.
          شيخ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي مذھب سان بغاوت ڪري مسلمان ٿيو . ھن مذھبي حوالي سان ڪٽرپڻي جو مظاھرو تہ نہ ڪيو پر سنڌ جي اھڙي تشخص لاء ڪم ڪندو رھيو جيڪو اسلامي رنگ وارو تہ ھجي پر انهي ۾ مذھبي رواداري ۽ ھندو توڙي مسلمانن جي ڀائپي برابري بہ موجود هجي.
     شيخ عبدالمجيد سنڌي جي زندگي سان لاڳاپيل ٽي واقعا اھڙا آھن، جيڪي ھن کي ڪيترن سياستدانن کان منفرد بڻائن ٿا. پھريون ھئ آھي تہ پاڻ جڏھن سکر جيل ۾ سياسي قيدي ھيو تہ خلافت جي ھڪ جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ لاء ھندستان جا وڏا مسلمان ليڊر آيا جن اھو فيصلو ڪيو تہ سکر جيل جي چوڌاري طواف ڏيڻ وانگر چڪر ڏنا ويندا. انهن ائين ڪيو ۽ سکر جيل اندران توڙي ٻاھران “ اللہ اڪبر“ جي نعارن سان گونججي اٿيو. سياسي مڃتا جو اھڙو مثال مشڪل ئي ملي. ٻيو مثال سندس شادي متعلق آھي ھو جيل ۾ ھيو، حيدرآباد ۾ سياسي جلسو ٿيو ۽ ان ۾ ھن عظيم انسان جي سياسي بصيرت، قومي قربانين ۽ وطن دوستي جا دل کولي بيان ڪيا ويا. اتي ھڪ نياڻيءَ چيو تہ “ شيخ عبدالمجيد جڏھن آزاد ٿيندو تہ مان ان سان شادي ڪندس“. ٽيون واقعو  کيس “سنڌي “ سڏجڻ  بابت آھي. چون ٿا تہ 1932 ۾ لاھور ۾ ھڪ وڏو سياسي جلسو ٿيو جنهن جي صدارت علامہ اقبال ڪري رھيو ھيو . انهي جلسي ۾ اچي ڏڦيڙ پيو ۽ جلسو ڦٽڻ وارو ھيو ، تنهن تي شيخ عبدالمجيد ھڪدم وڃي مائيڪ سنڀالي تہ ھيٺان ماڻھن جا آواز اچڻ لڳا تہ “ سنڌي کي ٻڌو، سنڌي کي ٻڌو“. جلسي ۾ خاموشي ٿي وئي ۽ ان کان پوء جلسي جي ڪاروائي ھلائڻ ممڪن ٿي پئي. انهي ڏينھن کان شيخ عبدالمجيد جي نالي سان “سنڌي “ لفظ شامل ٿي ويو. 
        شيخ عبدالمجيد سنڌي جي حيثيت سنڌ جي سياسي ۽ آزادي جي تحريڪ ۾ پيڙھ جي برابر آھي جنهن تي شاندار عمارت تہ جڙي راس ٿي ۽ ان جي خوبصورتي سڀني محسوس ڪئي ۽ ڏٺي،  پر پيڙھ تي نظر ڪيترن جي  ڪانہ پئي. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ 1919 ۾ “روولٽ ايڪٽ “ خلاف تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ گرفتار ٿيو . ھن “الوحيد اخبار “  کي اوج تي رسايو ۽ جڏھن سنڌ ممبئي کان جدا ٿي تہ “ الوحيد اسپيشل سنڌ آزاد نمبر“ ڪڍيائين جيڪو ھڪ اھم تاريخي دستاويز آھي.
    شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ  سنڌ ۾ ممبئي کان عليحدگيءَ واري تحريڪ کي عوامي تحريڪ بڻائڻ لاء “ 1931 ۾  “سنڌ آزاد پارٽي“ ٺاھي ۽ اھو سندس ھڪ تمام وڏو ڪارنامو آھي جنهن ۾ سندس سياسي بصيرت نظر اچي ٿي. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ انهي پارٽيءَ جي مينيفيسٽو ۾ اھو ٻڌايو تہ سنڌ جي عليحدگي کان پوء جڏھن سنڌ اسيمبلي ٺھندي تہ ان ۾ عوامي ڀلائيءَ ۽ سنڌ جي روشن مستقبل لاء اسيمبلي کي ڇا ڪرڻو پوندو اھي. سمورا تفصيل ھن 1931 ۾ ئي ھن پارٽي جي منشور ۾ ٻڌايا آھن. اھو سندس ھڪ نظرياتي تربيت جو عمل ھيو جنهن ذريعي ھن عوام کي ٻڌايو تہ جڏھن سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي تہ سندن چونڊيل نمائندا ايوانن ۾ ۽ حڪومت ۾ اچي ڪھڙا ڪم ڪندا. 
    شيخ عبدالمجيد سنڌي جي اھا “سنڌ آزاد پارٽي “ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مقبول ٿي ۽  ان جون شاخون کوليون ويون جن منجهان ڪن شاخن جا نالا ھيٺ ڏيان ٿو:
     ڪراچي، حيدرآباد، ڳوٺ عبدالحئي( تعلقو ڊگري)، اللہ آباد تعلقو دادو، بٺورو، چڪ، ڇتن شاھ.دائود مھيسر( نزد ميھڙ)، فقير آباد ( ضلعو ٿرپارڪر)، ھالا، ھاشم سومرو( ضلعو ٺٽو)، جيڪب آباد، جھمپير، سجاول، نواب شاھ، عودي ۽ شڪارپور وغيره. 
    اسان وٽ “تاريخي تحقيقي “   اڃا عام نہ ٿي آھي ۽ “ماضي جو مطالعو“  اسان جي اوليتن ۽ دلچسپين ۾ شامل ڪونہ ٿي سگهيو آھي ان ڪري اسان کوڙ ڳالھيون نہ ڪيون آھن ۽ نہ ئي ٻڌيون آھن. شيخ عبدالمجيد سنڌي تي مرحوم خان محمد پنھور انگريزي ۾ ڪتاب لکيو ھيو جنهن ۾  منهنجي والد صاحب جو مضمون پڻ شامل آھي. ان کان پوء جيڪڏھن ڪنهن ھنڌ يا ڪنهن شخص ڪو “آزاد پارٽي “ تي ڪم ڪيو آھي تہ محققن ۽ تاريخي تحقيق ڪندڙ ادارن ۾ باھمي ربط ۽  لاڳاپو نہ ھجڻ ڪري خبر ڪانہ ٿي پوي تہ ڪنهن ڪو ڪم بہ ڪيو آھي يا نہ ۽ جيڪڏھن ڪو ڪم ٿيو آھي تہ اھو ڪھڙو ۽ ڪيترو ٿيو آھي. گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجي حساب سان شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سندس سياسي خدمتن ۽ سندس ٺاھيل “سنڌ آزاد پارٽي“ بابت چڱو خاصو مواد گڏ ڪيو آھي. مون ھن کان اڳ بہ شيخ عبدالمجيد سنڌي بابت ھڪ پوسٽ لکي آھي پر اڄ مون جيڪي ڳالھيون ڪيون آھن اھي اضافي آھن ۽ نہ ڪي ساڳين ڳالھين جو ورجاءُ آھي.
     مان اڳ ۾ اھو لکندو ۽ چوندو رھيو آھيان تہ جيڪڏھن ڪو محقق يا تحقيق ڪندڙ ادارو اسان کان سھڪار وٺندو تہ ان سان ڀرپور سھڪار ڪيو ويندو. پر ھاڻي مون ھيءُ لکڻ ۽ چوڻ شروع ڪيو آھي تہ جيئن جيئن وقت مليو تہ تيئن تيئن اسان تاريخي اھميت وارو مواد ۽ رڪارڊ پاڻ ئي پنهنجي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪندا وينداسين
  • سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ  ڪيل مواد.

    سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.

                                                                      textgram 1559467733                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                                            

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


     
    ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.
     
    ھر دور ۾ ڪي نہ ڪي اھڙا ماڻھون پيدا ٿيندا آھن جيڪي پنهنجي محبتن ۽ خدمتن جي ڪري وقت ۽ حالتن ۾ نت نئين ڪلچر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. اڪثر ڪري ھر نسل ۾ اھڙا جوان پيدا ٿيندا آھن ۽ اھي جڏھن پوڙھا ٿيندا آھن يا ھي جھان ڇڏي ويندا آھن تہ انهن جي جاءِ وري ٻيا جوان اچي والاريندا آھن.
    انگريزن جي آخري ٻن اڍائي ڏھاڪن ۾ جي ايم سيد، ميران محمد شاھ، شيخ عبدالمجيد سنڌي، اللہ بخش سومرو، ڊاڪٽر دائود پوٽو، مولانا دين محمد وفائي  ۽ ٻيا کوڙ سارا ماڻھون پيدا ٿيا جن اسان جي سياسي، ادبي ۽ سماجي تاريخ کي نوان موڙ ڏنا. جڏھن سنڌ کي ممبئي کي کان الڳ ڪرڻ جي تحريڪ ھلي تہ ڪيترن مسلمان اڳواڻن سنڌ جي ادبي.، سياسي ۽ اسلامي تشخص کي پير پختا ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. اڳ ۾ سنڌ اندر غير فرقيوارانہ ادبي تنظيمون بہ ھيون پر ھندن پنهنجي ڏات ۽ ڏاھپ سان نت نوان ڏيئا ٻاريا . ھن صورتحال کي ڏسي ميران محمد شاھ 1931 ۾  حيدرآباد ۾ “سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“   قائم ڪئي. ھي شخص نامور سياستدان، مشھور شاعر ۽ ديني گھراڻي جو فرد ھيو. سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ۾ مثالي خدمتون سر انجام ڏنائين، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ٿي رھيو،“ مھجور “ جي تخلص سان شاعري ڪندو ھيو ۽ جڏھن “سنڌي ادب  جو مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ ٺاھيو ھيو تہ بورڊ ٺاھيندڙ تڏھوڪي تعليم جي وزير سائين جي ايم سيد ھن کي ئي انهئ صلاحڪار بورڊ جو چيئر مين مقرر ڪيو ھيو. خان بھادر محمد صديق ميمڻ بہ انهي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر ھيو. ٻئي حيدرآباد جا ھئا. ٻنهي کي سنڌ جي “ اسلامي تشخص“ قائم ڪرڻ جو شوق ھيو. حيدرآباد ۾ جڏھن آرين ۽ مسلمانن جا مناظرا ٿيندا ھئا  تہ ميران محمد شاھ اھڙن مناظرن جي صدارت ڪندو ھيو. سيد ميران محمد شاھ محمد صديق ميمڻ کي ساڻ کڻي پنجاب جو دورو بہ ڪري آيو تہ جيئن اتي جي ادبي ۽ اسلامي تنظيمن جو مشاھدو ڪري اچن .انهن ٻنهي جي ڪوششن سان “سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي“ قائم ٿي جنهن جو صدر  سيد ميران محمد شاھ ٿيو ۽ انهي جو سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ ٿيو. ھن ادبي سوسائٽيءَ جي پهرين منتظم ڪميٽي 20 ميمبرن تي مشتمل ھئي جن مان ڪي نالا آھن: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مخدوم غلام حيدر ھالائي، پير غلام مجدد، مولوي عبدالرزاق ميمڻ، عثمان علي انصاري.، علي خان ابڙو، حڪيم شمس الدين احمد، محمد ھاشم مخلص، محمد بخش واصف، غلام سرور قادري، محمد صديق مسافر ۽ خليق مورائي وغيره.
    ھئ سوسائٽي ان ڪري قائم ڪئي وئي ھئي تہ: 
    1. سنڌي عام فھم ٻولي ۾ ديني.اخلاقي ۽ تاريخي ڪتاب شايع ڪرائجن،
    2.سنڌ جي مسلمانن جي اقتصادي ۽ معاشرتي زندگي سڌارڻ لاءِ ڪتاب ڇپرايا وڃن،
    3. قلم ڌڻين جي ھمٿ افزائي ڪئي وڃي.
    سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جا ميمبر ٽن قسمن جا ھوندا ھئا ھڪڙا اھي جيڪي 100 روپيا ڏئي ًلائيف ميمبر“ ٿيندا ھئا، ٻيا اھي جيڪي 5 روپيه سال ۾ چندو ڏيندا ھئا ۽ انهن کي “الف ڪلاس“ ميمبر چيو ويندو ھيو ۽ ٽيون قسم وري “بي ڪلاس “ ميمبرن جو ھوندو ھيو جيڪي سال ۾ فقط 2روپيه چندو ڏيندا ھئا. 
    ھئ سوسائٽي سالن جا سال سرگرم رھي. ان ڪتاب بہ ڇپرايا مشاعرا بہ ڪرايا ۽ ادبي گڏجاڻيون بہ ڪرايون .سوسائٽي سال ۾ ھڪ دفعو پنهنجي رپورٽ پڻ شايع ڪرائيندي ھئي ۽ شروع کان وٺي 1935 تائين ان جون اھي رپورٽون گل حيات ۾ موجود آھن.
    ھن سوسائٽي جيڪي ڪتاب ڇپرايا انهن مان ڪي آھن: “اسان جو پيارو رسول“، اسلامي رسمون، فاتح سنڌ غازي محمد بن قاسم، تاريخ سنڌ، قرآن ۽ نئين روشني، شھيد ڪربلا، دين ۽ دنيا، ھاري جي حڪومت، سيدنا ابوبڪر صديق، ديوان گل ۽ مسدس اٻوجهو وغيره. 
    ھن سوسائٽي جا جڏھن ساليانا ميڙ ٿيندا ھئا تہ ان موقعي تي نئين سر عھديدارن جون چونڊون پڻ ڪيون وينديون ھيون ۽ مشاعرو پڻ ڪرايو ويندو ھيو. 1935 ۾ جيڪو مشاعرو ٿيو انهي ۾ سنڌ جي نالي  وارن 33 شاعرن حصو ورتو جيڪي ڪراچي ، ٽنڊو باگو.ڪنڊيارو، دادو، شڪارپور، نئون شيرو فيروز، ٺل.ميھڙ.، لالو رانوڪ.، ٽکڙ، ٽنڊو قيصر، ٽنڊو سائينداد ۽ ٽنڊي آدم کان ضيا هئا.  انهي موقعي تي طرح مصرع ھئي“ ڪوشش ڪري سڌاريو ھن وقت حال پنهنجو.“ سمورن شاعرن جو ڪلام تہ ھتي ڏئي نٿو سگهجي، پر مثال طور حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي شعر مان ھڪ اڌ مثال عرض رکجي ٿو:
    ڪر ياد تون اي مسلم جاه و جلال پنهنجو،
    ڏيکار تون اي سھڻا حسن و جمال پنهنجو.
    ڪر ياد تون اي مسلم پنهنجو اڳيون زمانو،
    ڪر ياد پنهنجي عزت اوج و ڪمال پنهنجو.
    ڪر ياد پنهنجي در تي سڀ ڪنهن جا سر جهڪيا ٿي،
    اقبال ياد ڪر تون سو لاز وال پنهنجو.
            مون جتي شخصيتن ۽ واقعن تي لکيو آھي، اتي ڪوشش ڪري ادارن ،تنظيمن ۽ جماعتن کي بہ نظراندز نہ ڪيو آھي. ميران محمد شاھ ۽ سندس سياسي خواه ادبي خدمتن جي حوالي سان ۽ سندس ٺاھيل  سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي  بابت گل حيات ۾ چڱو خاصو مواد موجود آھي. جيڪڏھن ميران محمد شاھ جي لائق ۽ فائق پونئيرن کي خيال اچي يا جيڪڏھن ڪنهن شاگرد جو پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو ارادو ھجي تہ گل حيات پنهنجي ميڙي چونڊي کي پنهنجي گوڏن ھيٺان لڪائي نہ رکندو پر ڀرپور سھڪار ڪندو.
  • سکر بئراج بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.

    سکر بئراج بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.

    textgram 1559377683

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


     
    ”سکر بئراج بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
     
    قومون ۽ سندن تھذيبون ندين جي ڪنڌين تي جنم وٺنديون آھن. سنڌ شايد دنيا جي ٿورن خطن مان ھڪ  خطو آھي جنهن پنهنجو نالو درياءَ تي رکيو ۽ انهي درياءَ منجهان پنهنجو نالو حاصل ڪيو . سنڌو درياه  سنڌ جي جياپي، مذھب ۽ سماج ۾ نہ مٽجندڙ رنگ جي حيثيت رکي ٿو. سنڌي ھندو  صدين کان درياءَ جي پوڄا ڪندا آھن .عام سنڌي ھندو توڙي مسلمان پنهنجي اولاد تي سنڌو  نالو رکندا آھن. ھن دھشت ڀري درياءَ تي سکر بئراج ٺھي جنهن جي ڪم جي شروعات 1923 ۾ ٿي ۽ اھو 1932 ۾ ٺھي راس ٿيو. 
    سنڌو بئراج جي پس منظر ۽  سنڌ تي پوندڙ سماجي، اقتصادي ۽ سياسي اثرن تي تاريخي تحقيق ڪرڻ بدران اسان جا کوڙ نوجوان انهي وٺ پڪڙ ۽ پريشانئ ۾ لڳا پيا آھن تہ “ جمالو“ ڪير ھيو؟ جنهن تي “هو جمالو “  گيت لکيو ويو. اھو انهن جي لاءِ ڪشمير کان بہ وڌيڪ سنگين مسئلو ٿي ويو آھي. 1923 کي ڪي صديون ڪونہ گذريون آھن جو جمالو ۽ جمالي جو گيت “ ھو جمالو“ اسان لاءِ ڳجهارت بڻجي ويو آھي. دراصل جڏھن بہ ڪنهن موضوع تي مواد نہ ھوندو  ۽ ڪنهن طريقي يا سليقي سان تحقيق نہ ڪبي تہ پوءَ تاريخ ۾ ڏند ڪٿائون ۽ مفروضا جنم وٺندا آھن.
    سکر بئراج ٺھڻ واري تحريڪ انگريزن ۽ بين الاقوامي تجارت ڪندڙ واپاري ڪميونٽي ھلائي. انگريزن اسان جو نظرياتي استحصال ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي پيداوار ۽ ڪچي مال کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ روڊ ۽ رستا ٺھرايا ريلوي جو نظام قائم ڪيو ۽ سکر بئراج ٺھرايو تہ جيئن سرسبز سنڌ کي لٽڻ ۽ ڦرڻ ۾ ھن لاء ڪا رستي روڪ نہ ٿئي .
    سکر بئراج جي جوڙڻ ۽ ٺھڻ جو اھو ئي اھم پس منظر ھيو. تاريخ جي ورقن ورائڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ  ڪنهن سنڌي ماڻھوءَ ، ڪنهن سنڌي معاشيات جي ماھر ۽ زراعت جي ڄاڻوءَ طور سکر بئراج جي ٺاھڻ يا جوڙڻ جي وڪالت ڪان ڪئي. پر اھي ڌاريا ۽ غير ھئا جن اھي اھڙيون ڳالھيون ڪيون، ڪتاب لکيا ۽ سکر بئراج جي ٺاھڻ لاءِ تحريڪ ھلائي.
     سڀ کان پھريون 1855 ۾ سنڌ جي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ سنڌو جي پاڻيءَ جي ورڇ ۽ انتظام بابت ڳالھ ڪئي. 1867 ۾ وري ان ڳالھ کي چوريو ويو. 1872 ۾ ھندستان جو وائسراءِ لارڊ  نارٿ بروڪ سنڌ جو دورو ڪيو جنهن آب پاشي جي حوالي سان سرڪاري حڪمت عمليءَ بابت نيون ڳالھيون ڪيون. منهنجي چوڻ جو مقصد ھيءُ آھي تہ مان سکر بئراج جي تاريخ ڪون ٿو لکان مگر اھو عرض ڪرڻ گھران ٿو تہ سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنالن بابت ڳالھيون تمام آڳاٽيون ۽ پراڻيون آھن. جيئن تہ سنڌ ممبئي پرڳڻي جو حصو ھئي ان ڪري ممبئي توڙي مرڪزي سرڪار سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رکندي آئي ان ڪري سکر بئراج ٺاھڻ واريون ڳالھيون ايترو توجه وٺي نہ سگهيون تان جو 1919 ۾ سکر بئراج ڪئنال جو پراجيڪٽ ٺھيو انهي کان پوءِ سنڌ جي زراعت ۽ تجارت ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻھن لکڻ ۽ ڳالھائڻ شروع ڪيو تان جو 8 جون 1923 تي ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سکر بئراج پراجيڪٽ تي بحث شروع ٿيو ۽ جيڪو ٻہ ڏينهن ھليو ۽ ان جي نتيجي ۾ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل  ھند سرڪار کي گذارش ڪئي تہ سکر بئراج ٺھرايو وڃي. ممبئي ليجيسليٽو ڪائونسل ۾ جيڪا اھا ڊبيٽ ٿي ان جي ھارڊ ۽ سافٽ ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي جنهن کي اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي بہ رکيو آھي ۽ اھا مان دعوا ڪري سگهان ٿو تہ اھو ڊاڪيومينٽ ڪنهن ٻئي اداري ۾ نہ پر گل حيات ۽ ان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 
    ھن کان پوءِ سرڪاري سطح تي ۽ خاص طور تي اي اي مستو  A A Musto ۽ سر ايم ڊي ويب  sir M.de p.WEBB  سکر بئراج بابت گھڻو ڪجه لکيو. ممبئي سرڪار نومبر 1933 ۾ “سنڌ ۽ لائيڊ بئراج جي نالي سان ھڪ رپورٽ “ ٺاھي جيڪا 100 صفحن کان مٿي آھي .انهي رپورٽ ۾ سکر بئراج جا خد و خال ۽ ٻين ڪيترين لاڳاپيل ڳالھين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آھي. ھي رپورٽ اٺن بابن ۽ چئن ضميمن تي مشتمل آھي. ان جا  باب آھن: 1.  آب پاشي 2. آمدو رفت 3. سرڪار جي لينڊ پاليسي ۽ روينيو 4. زراعت 5. ٻيلا 6. سکر بئراج پراجيڪٽ جو انتظام 7. سکر بئراج تي ايندڙ خرچ جا تخمينا 8. سکر بئراج ٺھڻ کان پوءَ سنڌ  جون بدلجندڙ حالتون. ضميمن ۾ جيڪا اھم معلومات اسان کي ملي ٿي اھي آھن صلاحڪار ڪميٽي جون گڏجاڻيون ۽ ان جون تجويزون.
    اي اي مستو ھندستان جي مشھور اخبار “ دي ٽائيمز آف انڊيا“ ۾ “ سنڌ جو مستقبل“ جي عنوان سان مضمون لکيا جيڪي دراصل سکر بئراج اسڪيم بابت ھئا ۽ اھي جڏھن پوء ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا ويا تہ اھو 60 صفحن جو ڪتاب بڻجي ويو. انگريزي ۾ لکيل ھن ڪتاب ۾ ليکڪ سکر بئراج واري اسڪيم کي  “ سنڌ جي زندگي ۽ موت وارو مسئلو “ بڻائي وڏي عالماڻي انداز سان سکر بئراج ٺھڻ جي وڪالت ڪئي. ھن ڪتاب ۾ ليکڪ سکر بئراج جي پراجيڪٽ جي تاريخ ٻڌائي آھي ۽ ھر انهي مرحلي ۽ مشڪل تي روشني وڌي اٿس جنهن سکر بئراج ٺھڻ واري ڪم ۾ دير وڌي. ھي سکر بئراج جي تاريخ تي ھڪ مستند ۽ ناياب ڊاڪيو مينٽ آھي جيڪو گل حيات ۾ موجود آھي.
    سر ويب 1934 ۾ “انڊياز پلائيٽ“ نالي ڪتاب لکيو. جنهن ۾ ھن گھڻو تڻو ڳالھيون ھندستان جي مالي وسيلن ۽ انتظام بابت ڪيون آھن پر سنڌ جا سور ۽ سکر بئراج کي بہ ھن پنهنجي ڳالھين ۾ ڪونہ وساريو ھي پڻ انگريزي ۾ لکيل 100 صفحن کان مٿي جو ڪتاب آھي ۽ گل حيات ۾ موجود آھي سکر بئراج تي پي ايڇ ڊي پڻ ٿي چڪي آھي پر جنهن مواد جي مون نشاندھي ڪئي آھي اھو ان تحقيقي ڪم کان الڳ ۽ اضافي مواد آھي. 1982 ۾ پنجاھ  سال پورا ٿيڻ تي سکر بئراج بابت ھڪ وڏو سيمينار ٿيو ھيو. انهي سيمينار جي موقعي تي جيڪي اخبارن ۽ رسالن ايڊيشن ڪڍيا يا انهي موقعي تي جيڪي پيپر پڙھيا ويا انهن منجهان ڪجه ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھن. ياد رھي تہ انهي سيمينار جي موقعي تي سکر بئراج بابت بابا سائين بہ پيپر لکيو ھيو ،جيڪو پوءِ ً“پيغام“ رسالي ۾ ڇپيو ھيو اھو پڻ اسان وٽ موجود آھي
  • “ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.“

    “ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.“

    textgram 1559295347

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


     
    ”“ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.“
     
     
        انگريزن طرفان 1843 ۾ سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ بہ سنڌ ۾ ڪرستان ھئا پر انهن جو ھن ڪري نام و نشان ڪونہ ھيو تہ اھي ڪٿي ڪو شھر ٻڌي يا وسندي ٺاھي ڪونہ ويٺا، پر تاريخ ٻڌائي ٿي تہ اھي سنڌ ۾ ايندا رھيا ھئا. ملڪ انگريزن جي قبضي ھيٺ آيو تہ اسان جا وڏا جھڙوڪ ڪرستانن جا غلام بڻجي ويا. ڇو تہ انگريز ڪرستان ھئا. انهن جي آمد کان پوءِ سنڌ ۾ ڪرستانن چئن گروپن جو روپ ورتو . ھڪڙا ھئا “ حڪمران ڪرستان“، ٻيا ھئا “ واپاري ڪرستان“، ٽيان ھئا “ مبلغ ڪرستان“ ۽ چوٿان ھئا “ ڏيھي سنڌي ڪرستان“ جن دين مٽائي عيسائيت قبول ڪئي. پرمانند ميوارام ۽ ان کان پوءِ فادر ڪوٽواڻي ٻئي مشھور سنڌي عيسائي ھيا ،جن جا وڏا ھندو ھئا. پرمانند ميوارام جو پيءُ مسلمان ٿيو ھو ۽ ان تي وڏو مامرو ٿيو ھو. ڪورٽ ۾ ڪيس ھليو جيڪو “ گريٽ شيخ ڪيس“ جي نالي سان سنڌ جي تاريخ ۾ مشھور آھي. فادر ڪوٽواڻي باگڙجي جو ويٺل ھيو. ھن پنهنجي تر ۾ جيڪي ھندو مسلم اختلاف ۽ جھيڙا ڏٺا، انهن کان متآثر ۽ مجبور ٿي عيسائي ٿيو. باگڙجي واري پاسي مولانا تاج محمود امروٽي جي ھٿ تي ڪيترا ھندو مسلمان ٿيا ھئا. ان ڪري انهي طرف وڳوڙ بہ ٿيا ۽ ڪورٽن ۾ ڪيس بہ ھليا. عيسائي مبلغن جي ڪوششن سان سنڌ جو غريب طبقو، اڪثر ڪري ٻھاريدار عيسائي ٿيو.
    سنڌي سماج ۾ چئني قسمن جي عيسائين پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ھنن پنهنجون ڪليسائون ٺاھيون تہ ان کان پوءَ ھندن ۽ سکن بہ پنهنجا ڌرمي ٽڪاڻا ٺاھيا ۽ انهن کي پنهنجي مذھبي ۽ سماجي بيداريءَ جو مرڪز بڻايو.
    سنڌ ۾ اڳ ۾ بلاشڪ “ رام ليلائون“ ۽ “ ڊرامائي انداز“ جو ماحول موجود ھئو، پر جديد ڊرامي جي شروعات ڪرستانن ڪئي. انگريزي فوجين جون ڪيتريون ئي ناٽڪ منڊليون ھونديون ھيون، جيڪي ڊراما اسٽيج ڪنديون ھيون. انهي کان پوءِ ھندستان جون ناٽڪ منڊليون سنڌ ۾ آيون جن وڏن شھرن ۾ اڪثر ڪري اردو ۾ ڊراما ڪيا. انهن کي ڏسي سنڌي ماڻھن پنهنجا ٿيئيٽر بہ ٺاھيا ۽ ناٽڪ منڊليون پڻ ٺاھيون.
    ميڪس ڊينسو ھال ٺھيو تہ اتي فادر بئمبرج 1885 ۾  ادبي سوسائٽي ٺاھي جنهن سالن جا سال ماحول کي گرمائي رکيو. انهي ۾ ھندو توڙي مسلمان ادبي گڏجاڻين ۾ گڏ ٿيندا ھئا. ان کان پوءِ ئي سنڌ ۾ جديد ادبي تنظيمن جو رواج پيو ۽ سنڌي ماڻھن کوڙ ساريون ادبي جماعتون ٺاھيون. حڪمرانن ۽ دولتمند ڪرستانن پنهنجي سک لاءِ پنهنجو سماجي وايو منڊل ٺاھيو. ڪلبس ۽ جيم خانا ٺاھيا جن ۾ ھندو توڙي مسلمانن کي وڃڻ جي اجازت ڪونہ ھوندي ھئي. انهي صورت حال کي ڏسي ھندن توڙي مسلمانن ۽ پارسين پنهنجون پنهنجون ڪلبس ۽ جيم خانا ٺھرايا. ڪرستانن جون پنهنجون کوڙ ساريون سماجي جماعتون ھيون جن منجهان “يورپين ايسوسيئيشن“ ، “ دي ينگ مينس ڪرسچن ايسوسيئيشن“ ۽ “ ينگ وومينس ڪرسچن ايسوسيئيشن“ ڏاڍو مشھور ھيون. عيسائين جون اھڙيون سماجي خدمتون ۽ تنظيمون ڏسي سنڌ ۾ ھندن ۽ مسلمانن ، سکن ۽ پارسين لاتعداد تنظيمون قائم ڪيون. گورا ڪرستان حڪمران ھيا ۽ اھو فائدو سندن مبلغن کي مليو جن سرڪاري سرپرستي ۾ اسڪول بہ کوليا ۽ عيسائيت جي تبليغ لاءَ “ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ بہ قائم ڪئي. انهي کان اڳ ۾ سنڌ ۾ “چرچ مشنري سوسائٽي“ ھوندي ھئي جيڪا پنهنجي دين ڌرم جي تبليغ ڪندي ھئي. سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي 1906 ۾ قائم ٿي. لنڊن واري “ رليجس  ٽرئڪٽ سوسائٽي“ ۽ “ آمريڪن ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ ھن سنڌ واري سوسائٽيءَ جي مالي ۽ اخلاقي پرگھور لھنديون ھيون. سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي جو صدر دفتر ڪراچي ۾ ھو پر ان جون شاخون سکر ۽ حيدر آباد ۾ بہ ھونديون ھيون. ھيءَ سنڌي ٻولي ۾ پنهنجي  مذھب جي ڪتاب ڇپرائي  تبليغ ڪندي ھي. ڊيلي گزيٽ جي 11 فيبروري 1925 واري پرچي جي صفحي نمبر 4 تي ٻڌايو ويو آھي تہ 1924 تائين سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽيءَ 16900 ڪتاب ڇپرايا. پرمانند ميوارام پاڻ عيسائي ھيو ۽ ھن پنهنجي اخبار “ جوت“ ۾ عيسائي مذھب جي وڏي تبليغ ڪئي .ان کانسواءِ عيسائيت تي معياري ڪتاب پڻ لکيا . ھن سوسائٽي لاءِ  مرزا قليچ بيگ بہ ڪي ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪيا. 
    1941 واري آدم شماري ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ فقط ڪراچي ۾ ئي ڪرستانن جو تعداد 17466 ھيو ۽ انهن مان 13000 رومن ڪيٿولڪ ھئا جن مان ڪيترن جو تعلق آئرش اسڪاٽ لينڊ ۽ برطانيه سان ھيو.
    گل حيات انسٽيٽيوٽ تاريخي پيرو کڻي سنڌ ۾ ڪرستانن جي آمد تي وڏو تحقيقي ڪم ڪيو آھي. ان کان پوءِ 1843 کان وٺي 1947 تائين ڪرستانن جي سماجي.،سياسي ، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين بابت مواد ۽ معلومات جا سوين صفحا گڏ ڪيا آھن. ڪرستانن تي ڪو ٻيو ڪم ڪونہ ڪندو. اسان جي ڪوشش رھندي تہ اسان پاڻ اھو مواد وقت ، وسيلن ۽ سھولتن مطابق ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪنداسين
  • پارسين جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي ان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.

    پارسين جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي ان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.

    textgram 1559207010

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


     
    ”پارسين جيڪا سنڌ جي خدمت ڪئي ان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
     
    اٺ جنهن وڻ ھيٺان ويھندو آھي اھو اڪثر ڪري ان وڻ کي ئي کائيندو آھي. اھڙي نموني سان ڪي ماڻھون ڪنهن ملڪ ۾ پناھ وٺي اٺ جھڙو ڪم ڪن ٿا تہ ڪي وري انهي ڌرتي جو کائن ٿا، ڌرتي جو ڳائن ٿا ۽ ڌرتي جي خوشحالي ۾ ھٿ ونڊائن ٿا. سنڌ ۾ پارسي ڪميونٽيءَ بہ جڏھن سنڌ ۾ واپار ۽ تجارت سانگي آئي تہ ھن مٽي جو مانُ ۽ شان وڌائڻ ۾ گھڻن کان اڳري رھي.
    پارسي ڪميونٽي دل ۽ ذھن جي کليل ڪميونٽي طور پاڻ کي ثابت ڪيو . ان ڪري ڌرتي ۽ ڌرتي وارن سان ملي جلي ھڪ ٿي ويا. جڏھن 1882 ڌاري“ سنڌ سڀا“ نالي “سماجي ۽ نيم سياسي “ جماعت ٺھي تہ ان ۾ ھندو ۽ مسلمانن کان سواءِ پارسي بہ شامل ھئا. اھو پارسين جو ئي ڪارنامو آھي جنهن جي ڪري سنڌ ۾ “ٿياسافيڪل سوسائٽي“ قائم ٿي ۽ ان کان پوءِ “ سنڌ ھوم رول ليگ“ نالي سياسي پارٽي قائم ٿي. “ ٿياسافيڪل سوسائٽي“ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي بہ خدمت ڪئي ھن سوسائٽي طرفان سنڌي ۾“ ستاره “ ۽ “ روح رھاڻ“ رسالا نڪرندا ھئا ۽ سوسائٽي سان لاڳاپيل اديبن سنڌي ۾ ڪيترا ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا .
    ٿياسافيڪل سوسائٽي کان سواءِ سنڌ ۾ “ھوم رول ليگ“ جي قيام ۾ سنڌ جي پارسي ڪميونٽي جو وڏو عمل دخل ھيو. ٻنهي تنظيمن ۾ ڪليدي ڪردار پارسين جو ھيو پر انهن ھندن توڙي مسلمانن کي نہ فقط پاڻ سان کنيو پر اڳتي وڌايو.
        1930 ۾ ميرپور خاص ۾ جيڪا “ ھاري ڪانفرنس“ ٿي انھي جي صدارت جمشيد مھتا ڪئي جيڪو پارسي ھيو. ھن ئي ماڻھو انهي کان اڳ جيڪب آباد ۾ سڏايل “ سنڌ صوبائي ڪانفرنس“ جي صدارت بہ ڪئي ھئي .جمشيد مھتا جڏھن ڪراچي جو ميئر ٿيو تڏھن ڪراچي جا مکيه روڊ ۽ رستا ۽ اھم عمارتون روزانو ڌورايون وينديون ھيون. جڏھن تہ ھاڻي اسان جي دور ۾ اسان    کان ئي  روڊ ۽ رستا انساني رت سان وھنجهاريا وڃن ٿا . سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ھلي تہ ان ۾ پارسي ڪميونٽي ڀرپور حصو ورتو جمشيد مھتا“ اينٽي سنڌ سيپريشن“ تحريڪ وارن ھندن کي پمفليٽ ۽ ڪتابڙا لکي لاجواب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    سياست ۾ نج سنڌين وانگر ڪردار ادا ڪرڻ کان سواءِ علمي ۽ قلمي ميدانن ۾ بہ پارسي ڪميونٽيءَ جو وڏو ڪردار رھيو آھي. ھن ڪميونٽيءَ انگريزي زبان ۾ تمام سٺا ۽ گھڻا ڪتاب لکيا ۽ شاعري بہ ڪئي. شاعري تي پڻ سندن کوڙ ڪتاب آھن. ماڻڪ پٿاوالا پارسي ھيو ۽ وڏو جاگرافيدان ھيو .ھن سنڌ جي جاگرافيءَ ۽ سنڌ جي قديم ماڳن مڪانن  ۽ ڪراچي جي جاگرافي تي مثالي ڪم ڪيو ۽ ڪتاب لکيا جيڪي شايع ٿيا. جڏھن گڏيل ھندستان کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ جو چوٻول ٿيو تہ ھن بہ جاگرافيائي اھميت ۽ منطق جي حوالي سان ھندستان جي ورھاڱي جو پنهنجو نظريو پيش ڪيو ھيو .سندس اھا تحرير  ۽ ٻيا ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھن. 
    پارسي ڪميونٽي وڏا شاعر ۽ عالم پيدا ڪيا انهن جا ڪتاب بہ گل حيات ۾ آھن. بليموريا ھن ڪميونٽي سان واسطو رکندو ھيو. ھو پنهنجي دور جو وڏو تاريخ جو ڄاڻو ۽ محقق ھيو .1936 کان پوءِ جڏھن سنڌ ۾ “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ ٺاھي وئي تہ ھي ان جو ميمبر ٿيو ۽ اڳتي ھلي ان جو صدر پڻ ٿيو.   “ موھين جي دڙي“ مان لڌل شيون جيڪي لاھور ۽ دھلي کڻي ويا ھئا،بليموريا انهن کي واپس ڪرائڻ لاءِ وڏي تحريڪ ھلائي. ڪراچي ۾ جڏھن بہ ڪي وڏيون تنظيمون قائم ٿيون تہ پارسي ڪنهن کان پٺتي نہ رھيا. ھن ڪميونٽي ڪراچي.، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ وڏا خيراتي ڪم ڪيا ۽ اسپتالون خواه ڊسپينسريون قائم ڪيون. حيدرآباد ۾ جيڪا گدو بندر ۾ چرين جي  اسپتال آھي اھا پڻ ھڪ پارسي سر ڪائوسجي جھانگير 1852 ۾ قائم ڪرائي ھئي .
    انگريزن جي اچڻ کان کوڙ ساريون واپاري ڪميونٽيون سنڌ ۾ آيون، پر پارسي ڪميونٽي پنهنجي گھڻن ڳڻن جي ڪري نالو ڪمايو. انهن پنهنجي حيثيت بہ رکي پر سنڌ جي سونهن جو حصو بہ ٿي رھيا، بلڪه انهي جي سونهن ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رھيا. گل حيات ۾ ھن ڪميونٽي جي تنظيمن.سماجي خدمتن ۽ علمي ڪارنامن بابت گھڻو مواد موجود آھي ۽ اسان جي ڪوشش رھندي تہ ان کي پنهنجي ذريعن وسيلن جي ڏڍ تي پنهنجي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪندا رھون
  • سنڌ جي سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن بابت گڏ ڪيل مواد

    سنڌ جي سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن بابت گڏ ڪيل مواد

    textgram 1559119842

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


     
    ”سنڌ جي سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن بابت گڏ ڪيل مواد
     
    سنڌ نہ فقط صدين کان وٺي علم جو گھوارو رھي آھي، پر سماجي خدمتن جو بہ ھن ڌرتي جو پنهنجو منفرد انداز رھيو آھي. انگريزن جي اچڻ کان پوء اسان جي ھر ڳالھ ۾ وڏيون تبديليون آيون ۽ سماجي خدمتن سر انجام ڏيڻ جو نئون دور شروع ٿيو. انهي زماني کان وٺي سنڌ ۾ غير فرقيوارانہ سماجي تنظيمون بہ قائم ٿيون تہ برادرين جي بنياد تي بہ سماجي ڪم ٿيڻ شروع ٿيا. “ سنڌ سڀا“ سنڌ جي پھرين جديد سماجي تنظيم ھئي جيڪا 1882 ڌاري قائم ٿي ۽ جنهن ۾ ھندو توڙي مسلمان ۽ پارسي وغيره عھديدار ۽ ميمبر ھئا. ھيءَ ھڪ غير فرقيوارانہ سماجي تنظيم ھئي.
          انهي زماني ۾ سرڪاري ملازمن ۽ سماجي تنظيمن کي سياسي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ تي ڪا بہ پابندي ڪانہ ھئي. ان ڪري “ سنڌ سڀا“ جتي سماجي ڪم ڪيا اتي ميونسپالٽيءَ جي چونڊن وقت بہ لائق ۽ سٺن اميدوارن جي نہ فقط تائيد ڪيائين  پر انهن لاء چونڊ مھم بہ ھلائيائين. ھن تنظيم کان علاوه مختلف شھرن ۾ قائم ٿيل ًسٽيزنس ايسوسيئيشن“،“سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ ۽ ٻين سماجي تنظيمن بہ ھڪ ئي وقت تي سماجي ۽ سياسي خدمتون سرانجام ڏنيون. ًسنڌ سڀا“ کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين سنڌ ۾ ھزارين سماجي تنظيمون قائم ٿيون آھن. اھي غير فرقيوارانہ بہ ھيون ۽ آھن تہ برادري جي بنيادن تي بہ قائم ٿيون. اھي مردن بہ ٺاھيون تہ عورتن بہ ٺاھيون. ان کان سواء مختلف مذھبي ڌرين بہ پنهنجي پوئلڳن لاء سماجي تنظيمون ٺاھيون. وڏن شھرن ۾ جڏھن اندروني سنڌ جا ماڻھون واپار  ،تجارت ۽ تعليم سبب آيا تہ انهن بہ پنهنجي پنهنجي ڳوٺ يا ذات جي بنياد تي وڏن شھرن ۾ تنظيمون جوڙيون.    ماضي جي تنظيمن ۽ موجوده دور جي تنظيمن ۾ برابري بہ آھي تہ زمين آسمان جو فرق بہ آھي . فرق اھو آھي تہ سنڌ ۾ کوڙ اھڙيون تنظيمون قائم ٿي چڪيون آھن، جيڪي مغربي ملڪن ۾ قائم ٿيل “مالي ساھتا ڏيندڙ ادارن“ کان مالي مدد بہ وٺن ٿيون ۽ انهن جي ڏسيل يا ڏنل “ پراجيڪٽس“ تي ڪم بہ ڪن ٿيون. اھا روايت ماضي ۾ ڪونہ ھئي. 
    سماجي تنظيمن جو قسم ڪھڙو بہ ھجي پر انهن سماجي خدمتون سر انجام ڏنيون آھن. اڄ جي دور جي ڪن سماجي  تنظيمن جيڪڏھن ڏنل ۽ ڏسيل پراجيڪٽس تي ڪم ڪيو آھي يا ٻاھرين مالي ساھتا ڏيندڙ ادارن کان ڏوڪڙ ورتا آھن تہ اھا ڪا “ اربعا خطا ڪانهي“. پر اھڙن سماجي تنظيمن کي سنڌ ۽ سنڌين جي مسئلن ۽ مفادن تي گھڻي کان گھڻو توجه ڏيڻو پوندو.
    سماجي تنظيمن جي اڻ کٽ ۽ روز بروز وڌندڙ تعداد سنڌ ۾ سماجي سڌارڪن جي تعداد ۾ بہ وڏو اضافو آندو آھي. ھر ڪا تنظيم جيڪڏھن پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي عھديدارن جا ڪوائف شايع ڪرائي تہ هوند وڏو قلمي خزانو گڏ ٿي سگهي ٿو. سنڌ ھر دور ۾ وڏا سماجي سڌارڪ پيدا ڪيا آھن. پر جيڪڏھن اسان ڏيارام گدومل کي ھڪ اوائلي مثالي سماجي سڌارڪ چئون تہ ڪوبہ وڌاءُ نہ ٿيندو. ھن ڀلمانس سنڌ، پنجاب ۽ ممبئي ۾ گھڻيون سماجي تنظيمون کوليون. ھن جي سماجي خدمتن ۽ سماجي تنظيمن تي ھڪ الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو.
     انگريزن جي دور ۾ جيڪي سماجي سڌارڪ ٿي گذريا اھي تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجو نالو سونھري اکرن ۾ لکرائي ويا. حسن علي آفنديءَ سنڌ  مدرسو ٺاھيو، ڏيارام ڄيٺمل ڊي جي ڪاليج ڪراچي برپا ڪرايو. اسڪولن ۽ تعليمي ادارن جو سنڌ ۾ ڄار سماجي سڌارڪن جي محنت ۽ خلوص سان وڇائجي ويو . ڪن سماجي سڌارڪن عوام جي ڀلائي لاء پارڪ ۽ باغ ھڻايا ۽ ڪن اسپتالون جوڙايون. انهن جو مقصد سنڌي سماج ۾ بھتر تبديلي آڻڻي ھئي ۽ ماڻھن سان ڀلائي ڪرڻي ھئي. اسان جي اڄوڪي دور ۾ اسان جون ڪي  سماجي تنظيمون پنهنجي وسان نہ ٿيون گهٽائن .ڪن اسڪول قائم ڪرڻ شروع ڪيا آھن تہ ڪن وري حادثاتي حالت ۾ ايمبولينس سرورس جو آغاز ڪيو آھي. مطلب تہ اڄوڪي سماجي سڌارڪ جو شعور بہ ساڳوئي صدين واري يا ماضي واري سماجي سڌارڪ جي شعور جھڙو آھي. مٽي ساڳي آھي ۽ مٽي جي خوشبو ساڳي آھي. پر جنهن ڳالھ جي ڪمي نظر اچي ٿي تہ اھا هئ آھي تہ اڄ جي دور جون تنظيمون نہ پنهنجي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿيون ۽ نہ وري سماجي سڌارڪن جا ڪوائف ۽ ڪارناما گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرائن ٿيون. اسان سنڌي ماضي پرست تہ آھيون پر تاريخ دوست نہ آھيون. اسان اھو وساري ويھون ٿا تہ جيڪڏھن اسان پنهنجي محبتن ۽ خدمتن، تجربن ۽ مشاھدن جو رڪارڊ محفوظ ڪري نئين نسل ڏانهن منتقل ڪنداسين تہ ان منجهان گھڻا ماڻھون گھڻو لاڀ پرائي سگهن ٿا.
    گل حيات انسٽيٽيوٽ کان جيترو پڳو آھي اوترو اسان نہ رڳو ڪم ڪيو آھي پر ڪيترن سماجي تنظيمن ۽ سماجي سڌارڪن جي زندگي جا احوال گڏ ڪري اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيا آھن. سماجي تنظيمن ۽   سماجي سڌارڪن کي پنهنجي تاريخ پاڻ مرتب ڪرڻ گھرجي. جيڪڏھن سنڌ جي سياسي تاريخ لکي سگهجي ٿي ۽ سنڌ جي ادبي  تاريخ لکي سگهجي ٿي تہ پوءِ سماجي تاريخ لکڻ ۾ اسان سستي جو مظاھرو ڇو ڪيون؟
  • تعليمي ادارن تي تحقيق ٿيڻ گھرجي.

    تعليمي ادارن تي تحقيق ٿيڻ گھرجي.

    textgram 1559032344

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


     
    ”تعليمي ادارن تي تحقيق ٿيڻ گھرجي.
     

    سنڌ  جي ڌرتي شروع کان وٺي علم جو گھوارو رھي آھي.  تاريخي تحقيق سان اسان جي دلچسپي گھٽ آھي. اسان شاندار ماضيءَ تي فخر مان  ڳاٽ اوچو ڪري ڳالھيون تہ وڏيون ڪندا آھيون پر قلم کڻي ان تي تاريخي تحقيق نہ ڪندا آھيون. نہ تہ دنيا کي اھو ٻڌائي سگهجي ٿو تہ سنڌ جي ڪھڙن ڪھڙن عالمن ۽ استادن ڪھڙن ڪھڙن ملڪن ۽ تعليمي ادارن ۾ وڃي ماڻھن کي تعليم ڏني .  مون کي موقعو مليو تہ انهي موضوع تي آئون ھڪ اڌ پوسٽ ضرور لکندس. ھن وقت استادن ۽ عالمن جي نہ پر تعليمي ادارن جي ڳالھ ڪرڻي آھي.
        اورنگزيب جو زمانو آھي، الينگزينڊر ھيملٽن نالي انگريز ٺٽي ۾ اچي ٿو ۽ لکي ٿو تہ ھن ھڪ  شھر ۾ 500 وڏا تعليمي ادارا آھن. انهي دور ۾ سنڌ جا الائي ڪيترا شھر تعليم جا وڏا مرڪز ھوندا ھئا.   اسان جي انهيءَ تعليمي نظام جي ٻيڙي انگريزن اچي ٻوڙي. ڇو تہ سنڌ جا حڪمران تعليمي ادارا ھلائيندڙن جي مالي مدد ڪندا ھئا. ڪن کي پئسا ڏيندا ھئا تہ ڪن کي اناج. انگريز سرڪار اھا مدد بند ڪري ڇڏي ويتر ٺٽي ۽ شڪارپور جي سيدن ۽ ٻين ھنڌن تي قائم ڪيل تعليمي ادارن بابت جھڙوڪ انڪوائريون ڪرايون ۽ انهن خلاف رپورٽون لکيون ۽ لکرايون. انگريز اسان جي تعليم جا بہ دشمن ھيا ۽ اسان جي تعليمي نظام کي بہ پسند نہ ڪندا ھئا. اھوئي سبب آھي جو انهن ھڪ صدي ۾ سنڌ ۾ ڪو هڪ ڪاليج بہ نہ کوليو ۽ تعليم جو اھو نظام لاڳو ڪيائون جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت ھلائڻ لاء انهن منشي ۽ ماتحت عملدار پيدا ڪيا. انگريزن جي دور ۾ ڪراچئ جو سنڌ مدرسو، حيدرآباد جي اين ايڇ اڪيڊمي،  ڪراچي جو ڊي جَي ڪاليج، حيدرآباد جو ڊي ِجي ڪاليج ۽ شڪارپور جو سي اينڊ ايس ڪاليج ماڻھن پنهنجي مدد سان پاڻ ٺاھيا. لاڙڪاڻو مدرسو، نواب شاھ جو مدرسو ۽ ٽنڊي باگي جو تعليمي ادارو مقامي ماڻھن ٺاھيو تانہ جو پوء کڻي ان ۾ سرڪار مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي. تڏھوڪي حڪومت کي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ٻارن کي پڙھائڻ جو گھڻو خيال رھيو، پر عوام جي پڙھائي ۽ ان کي تعليم جي زيور سان آراستا ڪرڻ لاء حڪومت جي نيت ئي ڪونہ ھئي.
        انگريزن جي دور ۾ تعليم ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊن جي حوالي ھوندي ھئي. اھي بورڊ اسڪول بہ کوليندا ھئا ۽ خانگي اسڪولن کي گرانٽون بہ ڏيندا ھئا . اسان جي جديد تعليمي نظام جو آغاز ائين ئي انگريزن جي دور ۾ ٿيو. انهي زماني ۾ ڪيترا وڏا وڏا  ۽ نالي وارا خانگي اسڪول ھوندا ھئا، جن جو ھاڻي نالو نشان ئي ڪونهي . پر انهن تعليم جي شعبي ۾ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون.
        ڊاڪٽر حبيب اللہ صديقئ سنڌ ۾ تعليم جي ترقي بابت انگريزي ۾ ڪتاب لکيو آھي جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڇپرايو ھيو. ڊاڪٽر ممتاز بخارئ سنڌ مدرسي تي پي ايڇ ڊي ڪئي . سنڌ مدرسو تہ ترقي ڪري يونيورسٽي بڻجي ويو آھي پر ڊاڪٽر ممتاز بخارئ جي ٿيسز اڃا شايع نہ ٿي آھي. جڏھن تہ ھن سنڌ مدرسي جي تاريخ تي مثالي تحقيقي ڪم ڪيو آھي. سنڌ مدرسي يونيورسٽي جي موجوده وائيس چانسلر محمد علي شيخ پڻ سنڌ مدرسي تي ڪتاب لکيو آھي. حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج تي بہ پي ايڇ ڊي ڪئي وئي آھي. اھڙي نموني ٽنڊي باگي جي مدرسي تي بہ ڪتاب لکيو ويو آھي. پر سنڌ جا اڃا وڏا نالي وارا تعليمي ادارا آھن جن تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. ڇو تہ انهن ادارن مان پڙھي نڪتل شاگردن اڳتي ھلي سياست، تعليم ۽ زندگي جي ٻين شعبن ۾  نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون.
        سنڌ  جي ڪيترن ئي شھرن ۾ پرائمري اسڪول قائم ٿيا،ملان اسڪول قائم ٿيا ۽ ٻيا تعليمي ادارا قائم ٿيا. انهن منجهان پرائمري اسڪولن جو رڪارڊ ۽ احوال انهن ادارن ۾ موجود آھي. پرائمري اسڪولن ۾ رکيل جنرل رجسٽر ۽ وزيٽر بوڪ تعليمي تاريخ جو مستند مواد ۽ رڪارڊ آھن. اڳي تہ انهن اسڪولن ۾ ولادتن جو رڪارڊ بہ رکيو ويندو ھيو پر خبر ناھي تہ اھو ڪيترن اسڪولن ۾ محفوظ آھي يا نہ. وزيٽرس بوڪ منجهان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ڪھڙي دور ۾ ڪھڙا سرڪاري عملدار رھيا. اھي ماڻھون جن کي پنهنجي وڏن جي ولادتن جون تاريخون ياد ڪونهن، پر اھي جيڪڏھن ڪنهن اسڪول ۾ پڙھيا ھوندا تہ جنرل رجسٽر ۾ سندن ولادتن کان سواء ٻيو تفصيل بہ موجود آھي.
    جيئن انگريزن اسان جي تعليمي نظام کي تباھ ڪيو، تيئن تعليم کي تجارت بڻائيندڙ ڌريون ساڳيو ڪم هاڻي اسان جي دور ۾ ڪري رھيون آھن. جنهن جي نتيجي ۾ استادن ۽ ادارن کي وڏي سازش مطابق بدنام ڪيو وڃي ٿو تہ جيئن ماڻھون انهن کان نفرت ڪن ۽ پنهنجا ٻار خانگي ادارن ۾ پڙھائڻ لاء موڪلن. حالتن جي اھڙي ٻوڏ وڏو نقصان پھچايو آھي ۽ اوائلي اسڪول وڃن ٿا پٺتي پوندا. ائين نہ ٿئي جو اھي اسڪول بہ ختم ٿي وڃن ۽ انهن ۾ رکيل پراڻا ڪتاب، جنرل رجسٽر ۽ وزيٽر بوڪ ۽ ٻيو رڪارڊ ھيٺ مٿي ٿي وڃي. انهي رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ جي لاء ۽ انهن تعليمي ادارن جي خدمتن کي نمايان ڪرڻ جي لاء ۽ انهن ادارن جي استادن جي تعليمي ڪارنامن کي محفوظ ڪرڻ لاء اسان کي انهن ادارن جي تاريخ لکڻ گھرجي ۽ اھو ڪم ھڪ تحريڪ سمجهي ڪرڻ گھرجي. ڇو تہ اسان جي سستي اسان جي ھٿن منجهان تاريخ جا سونھري ورق کسي وٺندي. پرائمري ۽ انگريزي  اسڪولن تي ڪتاب لکڻ گھرجن ۽ وڏن ڪاليجن تي ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪرڻ گھرجي. مان اھو ٻڌائيندو ھلان تہ سنڌ جي وڏن ۽ ناميارن تعليمي ادارن تي گل حيات انسٽيٽيوٽ چڱو خاصو مواد گڏ ڪيو آھي، جيڪو جيڪڏھن اسان ڪتابي صورت ۾ نہ ڇپرائي سگهياسين تہ ويب سائيٽ تي ضرور اپلوڊ ڪنداسين.