Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • بليموريا خاندان جون سنڌ لاءِ ڪيل خدمتون.

    بليموريا خاندان جون سنڌ لاءِ ڪيل خدمتون.

     textgram 1563266540

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”بليموريا خاندان جون سنڌ لاءِ ڪيل خدمتون.

     

    چوندا آھن تہ ” جنهن جو کائجي تنهن جو ڳائجي“ ڌرتيءَ کي ان ڪري ماتا چئبو آھي جو اھا نہ رڳو پنهنجي سيني تي انسانن کي زنده رکي ٿي پر انهن کي پالڻ لاءِ ان اُپائي ٿي ميوا پيدا ڪري ٿي ۽ اھو سڀ ڪجه پيدا ڪري ٿي جنهن ڪري انسان زنده رھي سگهي ٿو. ان ڪري ”وطن جي حب“  کي دنيا جي ڌرمن ايمان جو جزو قرار ڏنوآھي.
    انگريز سنڌ تي قابض ٿيا تہ ھندستان جون ڪيتريون قومون , خاندان ۽ برادريون سنڌ ۾ آيا . انهن جو وڏو مقصد واپار ۽ تجارت ڪرڻ ھيو. پر انهن ڪڏھن بہ  سنڌ ڌرتي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڀاڱن ۾ ورھائڻ جي ڪوشش نہ ڪئي. بلڪہ سنڌي سماج جو اٽوٽ انگ ۽ رنگ بڻجي  سنڌ جي مثالي خدمت ڪئي ۽ زندگي جي ھر ھڪ شعبي ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا. انهن اسڪول ۽ اسپتالون کوليون ۽ سنڌ جي ادارن کي محفوظ ۽ مضبوط بڻايو ۽ انهن سنڌ کي ماتر-  ڀومي ڄاڻي ان جي سماجي, سياسي, ثقافتي ۽ علمي ادبي خدمت ڪئي. انهن منجهان ڪيترن خاندانن نالو ڪمايو ۽ مشھور ٿيا ۽ ڪن خاندانن جو نالو جھڙوڪ گمنام ٿي ويو. بليموريا خاندان بہ انهن مان ھڪ خاندان آھي. 
    اڄ مون بليموريا خاندان بابت ان ڪري لکيو آھي جو سنڌ جا محنتي ۽ جاکوڙي محقق,خاص طور تي مختيار ملاح ۽ حبيب سنائي اين .ايم بليموريا بابت بابا سائين سان رابطو ڪندا رھيا آھن ۽ انهي شخص بابت معلومات گھرندا رھيا آھن. حبيب سنائيءَ تازو ” سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ تي ھڪ لاجواب مقالو لکيو آھي ۽ اھو ڇپجي چڪو آھي. اھڙي نموني سان مختيار ملاح  ھڪ دفعي اين. ايم بليموريا جو ڦوٽو ڏئي انهي تي مختصر طور تي لکيو.
     ” سنڌھسٽاريڪل سوسائٽي“ تي گل حيات ۾ ۵۰۰ کان مٿي صفحن تي مواد موجود آھي جيڪو اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي پبلش ڪيو آھي. بابا سائين مون کي تاڪيد ڪيو ت سندس نوٽس کي غور سان ڏسان ۽ اين ايم بليموريا بابت معلومات گڏ ڪري ڪو مضمون لکان. ان ڪري مون ورق ورائڻ شروع ڪيا ۽ بليموريا خواه سندس خاندان بابت معلومات گڏ ڪري ورتم ۽ ان جي آڌار تي ھي پوسٽ لکي رھيو آھيان.
     اين . ايم بليموريا سنڌ جي تمام اھم سوسائٽين جو فعال ميمبر ۽ عھديدار ٿي رھيو. ھو ” سنڌنيچرل ھسٽري سوسائٽي“ جو بہ سيڪريٽري ٿي رھيو ۽ ”سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ جو بہ سيڪريٽري ۽ پوءِ صدر ٿي رھيو. ھن ٻنھي سوسائٽين لاءِ ڏاڍو لکيو ۽ تمام سٺو لکيو. سندس اھي تحقيقي مقالا اسان جي گل حيات ۾ موجود آھن ۽ موقعو مليو تہ انهن کي پنهنجي ويب سائيٽ تي پبلش ڪرائيندس.
    بليموريا “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ ۾ وڏو اھم ڪردار ادا ڪيو. ھو مارسٽن روڊ, ڪراچيءَ ۾ رھندو ھيو سندس ھڪڙي خط مان معلوم ٿئي ٿو تہ ھو ھڪ پارسي اسڪول ۾ شايد استاد ھيو. ان ڪري ان جو ھڪ خط ٽپال کاتي انهي ايڊريس تي نوٽ ھڻي واپس ڪيو تہ “اوھان جي لکيل ايڊريس درست ناھي“. ھن جي ذاتي ۽ سماجي زندگي بابت اڃا وڌيڪ معلومات گڏ ڪرڻ جي ضرورت آھي. 
    بليموريا خاندان پھرين مھاڀاري لڙائي کان بہ گھڻو اڳ سنڌ ۾ آيو ۽ هن خاندان مان پي.ايف بليموريا ڪراچي ۾  پاڻي جي جھازن جي مرمت, ٺيڪيداري ۽ مرڪنٽائيل خواه مئرين جي شعبن ۾ ڪاروبار شروع ڪيو. ھن جي ڪمپني ۾ سوين ملازم ھوندا ھئا. سندس پيءُ جو نالو فرمانجي بليموريا ھيو. سندس زال ” زر تشتي بنو منڊل “ جي سيڪريٽري ھئي جنهن ڪراچي ۾ وڏا سماجي ڪم ڪيا.
    ھئ ڪمپني پي ايف.  بليموريا ٺاھي جڏھن تہ اسان کي تلاش اين. ايم بليموريا جي آھي. نالن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ خاندان ساڳو آھي ليڪن اين .ايم بليموريا پي .ايف بليموريا جو اولاد ڪونهي. ڇو تہ ٻنهي جي والدن جي نالن ۾ فرق آھي.
    اين . ايم  بليموريا جڏھن سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي جو سيڪريٽري ھوندو ھيو تہ ھو ڪيترن فرمن ۽ ڪمپنين کان سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي لاءِ چندو وٺندو ھيو. ان جو ڪارڻ ھي آھي تہ ھن جو خاندان پڻ ھڪ نامياريءَ ۽ وڏيءَ ڪمپنيءَ جو مالڪ ھيو. انڪري ٻين ڪمپنين کان مالي مدد وٺڻ  اين.ايم بليموريا لاءِ آسان ھئي. 
    بليموريا سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي لاءِ وڏو ڪم ڪيو. ھن سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو ھندستان, برطانيا ۽ آمريڪا جي لرنيڊ باڊيز سان الحاق ڪرايو. بليموريا وڏي قلمي تحريڪ ھلائي تہ ” موھين جي دڙي“ مان لڌل شيون جيڪي پنجاب ۽ دھليءَ کڻي ويا ھيا اھي سنڌ کي واپس ملن. ھو پنهنجي دور جو محنتي محقق ھيو. ۽ ھن پنهنجي قول ۽ فعل سان سنڌ جي ڌرتي ۽ تاريخ سان بي لوث محبت ڪئي ۽ خدمت ڪئي
  • ڊاڪٽر داد محمد “خادم“ جي پي ايڇ.ڊي جي مقالي “ سبي خطي ۾  سنڌي زبان جي محاورن جو لساني جائزو“ جو تعارف.

    ڊاڪٽر داد محمد “خادم“ جي پي ايڇ.ڊي جي مقالي “ سبي خطي ۾ سنڌي زبان جي محاورن جو لساني جائزو“ جو تعارف.

     FB IMG 1563354561050


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ” ڊاڪٽر داد محمد “خادم“ جي پي ايڇ.ڊي جي مقالي “ سبي خطي ۾ سنڌي زبان جي محاورن جو لساني جائزو“ جو تعارف.


     
        سنڌ ۾ کوڙ سارا اهڙا پي ايڇ. ڊي هولڊر آھن جن تمام وڏو تحقيقي ڪم ڪيو، پر انهن جي اوتري پذيرائي ڪانہ ٿي ۽ نہ وري سندن لاجواب تحقيقي پورهيو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي سگهيو. جيڪب آباد جو ڊاڪٽر داد محمد “خادم“ بہ انهن منجهان هڪ آھي. هن صاحب جي صحافت ۽ علم ادب جي دنيا ۾ وڏو ڪم آھي. جيترو وڏو هن جو ڪم آھي، اوترو بلڪ ان کان وڌيڪ هن جي سادگي ۽ خاموشي آھي. پذيرائئ کان پري هن محقق 1990 ۾ نامور محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي نگرانيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊگري ورتي. سندن پي ايڇ. ڊيءَ جي مقالي جي ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي.
      ڊاڪٽر داد محمد “خادم“ جو مقالو  چئن ڀاڱن ۽ 592 صفحن تي مشتمل آھي. مقالو ٽائيپ يا ڪمپوز ٿيل ڪونهي پر سندس هٿ-اکرن ۾ لکيل آھي. ان ڪري بہ هن جي مقالي جي هڪ منفرد اهميت آھي ۽ ان کي “ قلمي نسخن“ واري خزاني جو هڪ موتي سمجهيو ويندو.
      ڊاڪٽر داد محمد  “خادم “ جو موضوع وڏي اهميت وارو آھي. هن سنڌي ٻوليءَ جي محاورن جو لساني جائزو جيڪو ورتو آھي، ان جو تعلق سنڌي ٻوليءَ جي هڪ سرحدي خطي- سبيءَ سان آھي. هن جي تحقيق اسان جو توجھ انهيءَ  ڳالھ ڏانهن ڇڪرائي ٿي تہ سنڌي ٻوليءَ جي سمورن سرحدي خطن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي محاورن جو مطالعو ڪري ڏسجي تہ اسان جي ٻولي لساني سرحدن تي پنهنجي محاورن جي ڪيئن تشڪيل ڪئي آھي. محاورا سرحدي ٻوليءَ تي اثرانداز ٿيا آھن يا اثر قبول ڪيو اٿن. جيڪڏهن اثر قبول ڪيو اٿن تہ ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي سونهن وڌي آھي يا بگاڙ ٿيو آھي. 
    ڊاڪٽر “خادم“ بروهيءَ جي مقالي جو پهريون ڀاڱو ٽن بابن ۾ ورهايل آھي، جن ۾ ھن سبيءَ جي تعارف ۽ تاريخي پسمنظر بيان ڪرڻ سان گڏ ان خطي جي سنڌ سان سياسي، واپاري، ادبي ۽ ثقافتي ناتن تي روشني وڌي آھي.
      هن مقالي جو ٻيو ڀاڱو مڪمل ٽيڪنيڪل آھي. هن ۾ پڻ ٽي باب ڏئي لساني جاگرافي، محاورن ۽ محاورن جي تقسيم تي روشني وڌي اٿس. هن ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ ۽ ٻين ٻولين جا لساني نقشا ڏئي، پنهنجي تحقيقي بيان ۾ منطقي تسلسل پيدا ڪيو آھي.
       مقالي جو ٽيون ڀاڱو چئن بابن ۾ ورهائي فاضل محقق محاورن جو صوتياتي، علم صرف نحو ۽ نحوي اصولن مطابق جائزو وٺي پنهنجي علم ۽ ادراڪ جا واهڙ وهايا آھن.
       ڊاڪٽر “خادم“ بروهئ پنهنجي مقالي جي چوٿين ڀاڱي کي ٽن بابن ۾ ورهايو آھي. جنهن ۾ هن سبيءَ ۽ سنڌ جي ادبي ذخيري کي ڌيان ۾ رکي انهن جو لساني جائزو ورتو آھي. انهيءَ حوالي سان هن نثري خواه نظمي صنفن مان مثال ڏنا آھن. جن منجهان شاعري ، لوڪ ڪهاڻين ، پهاڪن تي خاص توجھ ڏنو اٿس.
    آخر ۾ اهو چوڻ مناسب ٿيندو تہ ڊاڪٽر داد محمد “خادم“ بروهيءَ تمام وڏو تحقيقي ڪم ڪيو آھي ۽ ان جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آھي
  • مرزا ڪاظم رضا بيگ جي ايم. اي سنڌئ لاءِ لکيل ” مير شھداد خان جي شخصيت ۽ شاعري“  جي مونوگراف جو تعارف.

    مرزا ڪاظم رضا بيگ جي ايم. اي سنڌئ لاءِ لکيل ” مير شھداد خان جي شخصيت ۽ شاعري“ جي مونوگراف جو تعارف.

     20190714 120511


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ” مرزا ڪاظم رضا بيگ جي ايم. اي سنڌئ لاءِ لکيل ” مير شھداد خان جي شخصيت ۽ شاعري“ جي مونوگراف جو تعارف.


     
        مان اڳ ۾ ٻڌائيندو  رهيو آھيان تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ کوڙ سارا پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل جا مقالا ۽ ايم ايڊ خواه ايم اي جا مونو گراف موجود آھن. منهنجي ڪوشش رھندي تہ انهن مان گھڻي کان گھڻن مقالن ۽ مونو گرافس جو تعارف ڪرائيندو رھان. اڄوڪي پوسٽ انهئ سلسلي جي ڪڙي آھي.
       مرزا ڪاظم رضا بيگ نامياري محقق ڊاڪٽر قاضي خادم جي نگراني ۾ تعليمي سال ۱۹۹۲ ۾ ايم اي سنڌيءَ جي فائينل لاءِ ” مير شھداد خان جي شخصيت ۽ شاعري“ جي موضوع تي مونوگراف لکيو. 
      قاضي خادم سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي سرواڻ ۽ استاد ھئڻ دوران پنهنجي شاگردن کان وڏو تحقيقي ڪم ڪرايو. قاضي خادم جي انهن ڪوششن ۽ محنتن تي پي ايڇ ڊي ڪرائي سگهجي ٿي. ھن جو تحقيقي ڪم ۽ ھن جي شاگردن جو تحقيقي پورهيو معيار خواه مقدار جي حساب سان منفرد آھي. 
        حيدرآباد جا مرزا, مرزا قليچ بيگ کان وٺي ويندي مراد علي مرزا تائين ۽ ممتاز مرزا کان وٺي ويندي نصير مرزا تائين سنڌي ادب جا چمڪندڙ ستارا رھيا آھن ھن مونو گراف جي لکندڙ جو تعلق بہ حيدرآباد جي مرزائن سان آھي. حيدرآباد جا مرزا ٽالپورن جي حڪمراني ۽ سياست ان کان پوءِ سنڌي شاعريءَ توڙي ٻين نثري صنفن ۾ ”ڄاڻ جي کاڻ“ برابر آھن. حيدرآباد جي مرزائن جي ادبي ۽ تحقيقي خدمتن لاءِ ھڪ الڳ انسٽيٽيوٽ ٺاھي سگهجي ٿو. 
    مرزا ڪاظم رضا بيگ پنهنجي لائق ۽ فائق استاد ڊاڪٽر قاضي خادم جي نگراني ۾ جيڪو ھي مونوگراف لکيو آھي اھو چئن بابن  ۽   ۱۵۳ صفحن تي مشتمل آھي. ھي ايم اي جي سطح وارو مونو گراف آھي . مرزا ڪاظم رضا بيگ ۳۸ ڪتابن، نئين زندگي ۽ مھراڻ جي ڪن رسالن کان سواءِ قلمي مواد جو پڻ مطالعو ڪري انهن مان استفادو ڪيو آھي.
    ھن مقالي جي پھرئين باب ۾ حيدرآباد جي تاريخ ۽ حيدرآباد جي قلعي بابت معلومات ڏني وئي آھي. ٻئي باب ۾ حيدرآباد جي ٽالپر حڪمرانن جو احوال ڏنو ويو آھي ۽ ۳۰ کن صفحن ۾ مير فتح علي خان ٽالپر, مير غلام علي خان ٽالپر,مير ڪرم علي خان ٽالپر, مير مراد علي خان ٽالپر ,مير نورمحمد خان ٽالپر ۽ مير محمد نصير خان ٽالپر جو ذڪر ڪيو ويو آھي. باب ٽئين کي  مير شھداد خان ٽالپر  جي زندگي جي احوال لاءِ وقف ڪيو ويو آھي جنهن ۾ سندس ولادت کان وٺي وفات تائين, مختصر مگر جامع نموني سان پوري ڪھاڻي ٻڌائي وئي آھي. مير شھداد خان ٽالپر سنڌ جي حڪمران مير نور محمد خان جو پٽ ھيو ۽ ھن جي ولادت ۱۹ ڊسمبر ۱۸۲۲ تي ٿي ھئي. ھي جڏھن ۲۱ سالن جي ڦوھ جواني ۾ ھئو تہ انگريزن فريب سان سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ ٽالپرن جي حڪمراني جي پڄاڻي ٿي.
      مرزا ڪاظم رضا بيگ پنهنجي مونو گراف جي چوٿين باب ۾ مير شھداد خان جي شاعري تي روشني وڌي آھي ۽ ان منجهان ڪجه چونڊ ڪلام بہ ڏنو اٿئين. 
         ھي ايم اي جي سطح جو مونو گراف آھي ۽ ھر وجه کان ان کي مثالي ۽ مڪمل مونوگراف چئي سگهجي ٿو. پر مون کي وڌيڪ ھيءُ چوڻو آھي ۽ ھي صلاح ڏيڻي آھي تہ مير شھداد خان ٽالپر بابت  گھڻو  ڪجه مواد موجود آھي ۽ سندس شخصيت سياست ۽ شاعري تي پي ايڇ ڊي جو مقالو لکي سگهجي ٿو. 
    مير شھداد خان ٽالپر باقي ميرن سان گڏ قيد ڪيو ويو ھيو ۽ مرزا ڪاظم رضا بيگ پنهنجي مونوگراف ۾ سندس ھڪ خط جو ذڪر ڪيو آھي جيڪو ھن قيدي شھزادي جي حيثيت ۾ انگريز سرڪار کي لکيو ھيو. مير شھداد خان ٽالپر جا اھڙا ۱۲ خط گل حيات ۾ موجود آھن. انهن خطن پڙھڻ کان پوءِ سندس سياسي بصيرت ۽ مظلوميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. مير شھداد خان ٽالپر کي انگريزن باعزت بري ڪيو ھيو. اھڙي نموني سان مير شھداد خان ٽالپر ۽ سندس ڀاءُ مير حسين علي خان ٽالپر جي وچ ۾ پيءُ جي جائداد جي وارثيءَ تي وڏو مامرو متو جنهن جو فيصلو  ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي طرفان سنڌ ۾ مقرر ڪيل پوليٽيڪل ايجنٽ آئوٽ رام ڪيو ھيو. ھن مونو گراف ۾ انهي خانداني اختلاف جو مختصر ذڪر ڪيو ويو آھي ۽ گل حيات ۾ انهي تي کوڙ سارو مواد موجود آھي. 
    وري آئون اھا ڳالھ ورجائيان تہ مرزا ڪاظم رضا بيگ سوانح نگاري جي موضوع تي بھترين ڪم ڪيو آھي پر شاگرد کان وڌيڪ جس سندس استاد ڊاڪٽر قاضي خادم لھڻي, جنهن پنهنجي نگراني ۾ اھڙو معياري مونوگراف لکرايو آھي جيڪو ايم فل جي ڊگريءَ لاءِ لکيل مقالي جھڙو آھي
  • سنڌي جي دفتري ٻولي ٿيڻ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    سنڌي جي دفتري ٻولي ٿيڻ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

     20190422 152455
     


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ” سنڌي جي دفتري ٻولي ٿيڻ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد


     
    سنڌي ماڻھو پنهنجي فطرت ۾ محبتي بہ آھي پر ان کان وڌيڪ ڏاڍو جذباتي بہ آھي  سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان رڳو پيار ۽ اتساھہ پيو ڏيکاريندو پر دفترن جا ورق ورائي پنهنجي انهي پيار ۽ راءِ جي ڪا مستند اڪثر ڪري  تاريخي شاھدي ۽ ثابتي نہ ڏيندو  ان ڪري ڪيترا علمي ۽ نظرياتي مونجهارا اسان سنڌين کي بي پاڙي ول جيان وڪوڙي وڃن ٿا ۽ ڪن اھم ڳالھين ۾ اسان متفق ۽ ھم خيال نٿا ٿي سگهئون.
    ڪن دوستن جو خيال آھي تہ 24 اپريل کي “سنڌي ٻولي جي ڏينهن“ طور ملھايو وڃي ۽ انهي ۾ تاريخي شاھدي ڏين ٿا تہ“  24 اپريل 1848 تي ممبئي پريذيڊنسيءَ جي تڏھوڪي گورنر جارج ڪلرڪ واضح طور تي اعلان ڪيو ھيو تہ سنڌ ۾ سرڪاري زبان سنڌي ھوندي. ھن سمورن آفيسرن کي ھدايت ڪئي تہ ھو ارڙھن مھينن ۾ سنڌي سکي وٺن. “ 
    سنڌي ٻولي ۽ انگريز سرڪار جي ان بابت حڪمت عملين سان لاڳاپيل ڊاڪيومينٽس اسان وٽ بہ  آھن ۽ ڪن ادارن ۽ فردن وٽ بہ آھن جيڪو تاريخي حوالو ڏنو ويو آھي اھو سنڌي ٻولي کي “سرڪاري ،ڪاروباري ۽ تعليمي درجي ملڻ جو ڏينهن“ چئي نٿو سگهجي ڇو تہ انهي حڪم نامي جو پسمنظر ٻيو آھي. دراصل حقيقت ھي آھي تہ جيڪي گورا انگريز يا عملدار سنڌ ۾ ملازمت ڪندا ھئا انهن جي لاءِ ضروري سمجهيو ويو تہ انهن کي سنڌي جي ڄاڻ ھجي جن لاءِ ھڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي ھئي جيڪا انهن کان امتحان وٺندي ھئي تہ انهن کي سنڌي ڪيتري ايندي ھئي. اھو ساڳو اصول بلوچستان ۾ بلوچي ٻولي لاءِ ۽ پنجاپ ۾ پنجاپي ٻولي لاءَ لاڳو ڪيو ويو.اھي ٻئي ٻوليون يعني بلوچي ۽ پنجاپي نہ ان وقت قومي زبانون بڻايون ويون نہ وري اڄ اھي قومي زبانون آھن.سرڪار جو اھو عمل ٻولين جي ڄاڻ بابت ھيو ۽ نڪي ٻولين کي سرڪاري،ڪاروباري يا تعليمي درجي ڏيڻ بابت ھيو. مان انهي سلسلي ۾ تنهن دور جي ھڪ سرڪاري خط جو ڦوٽون ڏيان ٿو جنهن مان منهنجي راءِکي ٽيڪو ملندو.
    گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ جيڪا سنڌي ٻوليءَ بابت معلومات موجود آھي، مان ضروري ٿو ڄاڻان تہ اھا سنگت سان ونڊيان تہ جيئن سنڌي ٻوليءَ کي تدريسي ۽ دفتري ٻولي ٿيڻ واري تاريخ جو اندازو لڳائي سگهجي.
    8 مئي 1848 تي  سول ۽ ملٽري امتحانن واري ڪميٽيءَ سرڪار کي گذارش ڪئي تہ سنڌ ۾ سنڌي جي امتحان وٺڻ جي لاءِ 3 ممتحن مقرر ڪيا وڃن. 22 جون 1848 تي انهي سرڪاري لک پڙھ جي ڪاپي سنڌ جي ڪمشنر ڏانهن حڪمن جي پوئواري ڪرڻ لاءِ موڪلي وئي.  19 جنوري 1849 تي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪئپٽن اسٽيڪ  سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو تہ ھو ممبئي سرڪار کان سنڌي ڊڪشنري ۽ سنڌي گرامر جو وڪري وارو ملھ مقرر ڪرائي  ۽ انهن ڪتابن تي آيل خرچ وٺي ڏئي جيڪو ھن انهي پنڊت تي ڪم آندو جنهن انهن ڪتابن لکڻ ۾ سندن مدد ڪئي.پھري مارچ 1849 تي سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي خط نمبر 459 ذريعي ممبئي سرڪار کي ڪئپٽن اسٽيڪ واري گذارش سفارش ڪري موڪلي. 29 مارچ 1849 تي ممبئي سرڪار پنهنجي مراسلي نمبر 929 ذريعي سنڌ جي ڪمشنر کي اطلاع ڏنو تہ  ڪئپٽن اسٽيڪ واري ڊڪشنري جي قيمت في ڪاپي  ٻہ روپيه اٺ آنا مقرر ڪئي وئي آھي. 25 سيپٽمبر 1849 تي سنڌ جي ڪمشنر ممبئي سرڪار کي گذارش ڪئي تہ ڪئپٽن اسٽيڪ جي ترتيب ڏنل ڊڪشنري جون 250 ڪاپيون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏئي. 20 آڪٽوبر 1849 تي مراسلي نمبر 3476 ذريعي ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي اجازت ڏني تہ ڀلي ڪئپٽن اسٽيڪ جي ترتيب ڏنل ڊڪشنريءَ جون 250 ڪاپيون خريد ڪري. انهيءَ سال تائين انهي لک پڙھ جي روشني ۾ چئي سگهجي ٿو تہ سنڌي ٻوليءَ کي دفتري  ٻولي بنائڻ جو ڪو ذڪر نٿو ملي. 
    7 جنوري 1850 تي ممبئي سرڪار پنهنجي مراسلي نمبر 105 ذريعي ھدايتون ڏنيون تہ سنڌي کي دفتري زبان بنايو وڃي ۽ ان لاءِ عربي- سنڌي لپي ڪم آندي وڃي. 30 مئي 1851 تي سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي سرڪاري مراسلي نمبر 932 ذريعي ممبئي سرڪار کي اطلاع ڏنو تہ سنڌي ٻولي کي سنڌ ۾ دفتري ٻولي بڻايو ويو آھي. 8 آگسٽ 1851 تي ممبئي سرڪار پنهنجي مراسلي نمبر 3228 ذريعي سنڌ جر ڪمشنر کي لکيو تہ ڪئپٽن اسٽيڪ جيڪا سنڌي لپي تجويز ڪئي آھي ان کي استعمال ڪيو وڃي. 6 سيپٽمبر 1851 تي سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 1814 ذريعي ممبئي سرڪار کي وضاحت  پيش ڪئي تہ اھي ڪھڙا سبب آھن جنهن ڪري ڪئپٽن اسٽيڪ جي تجويز ڪيل سنڌي لپي بدران عربي- سنڌي لپي ڪم آڻڻ گهرجي. 11 آڪٽوبر1851 تي ممبئي سرڪار پنهنجي مراسلي نمبر 3909 ذريعي سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو تہ سنڌي لاءِ ڀلي عربي- سنڌي لپي ڪم آندي وڃي. 8 نومبر 1851 تي سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي سرڪيولر ليٽر نمبر 2371 ذريعي سنڌ جي سمورن ڪليڪٽرن کي لکيوتہ اھي سنڌي- عربي لپي ڪم آڻن. 14 فيبروي 1857 تي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس فيصلو ڪيو تہ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي دفتري زبان بڻايو وڃي. 25 مارچ 1857 تي سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي سرڪيولر نمبر 443 ذريعي سنڌ جي سمورن ڪليڪٽرن کي ھدايتون ڏنيون تہ سنڌي ٻولي کي روينيو ۽ عدليه جي دفترن ۾ استعمال ڪيو وڃي. ڊسمبر 1857 ۾ سمورن سنڌ جي ڪليڪٽرن سنڌ جي ڪمشنر کي ٻڌايو تہ انهن پنهنجي دفترن ۾ سنڌي ٻولي کي “دفتري ٻولي“ بڻائي ڇڏيو آھي.
     مٿي ذڪر ڪيل سرڪاري لک پڙھ مان ظاھر ٿئي ٿو تہ 7 جنوري 1850 تي ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي حڪم ڏنو تہ سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي بڻايو وڃي. ان ڪري اسان 7 جنوري(1850) کي ئي سنڌي ٻولي کي “دفتري ٻولي“ بڻائڻ جي تاريخ چئي سگهئون ٿا. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ 1848کان وٺي 1858 تائين سنڌي ٻولي جي حوالي سان سموري لک پڙھ جو رڪارڊ موجود آھي. انهن 10 سالن ۾ سنڌي ٻولي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ جيڪي سرڪار قدم کنيا جيڪي ابتدائي ڪتاب منشي ننديرام ۽ ٻين ترجمو ڪيا يا تعليم کاتي ليٿو گرافڪ پريس خريد ڪئي اھي احوال ان لک پڙھ ۾ موجود آھن. ڊسمبر 1857 ۾ جيڪب آباد ،حيدرآباد ۽ ڪراچي جي ڪليڪٽرن جيڪو سرڪاري طور تي ڪمشنر کي اطلاع ڪيو ھو تہ سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي بڻايو ويو آھي اھي انگ اکر بہ گل حيات ۾ موجود آھن. ھي ڳالھ ياد ڪرڻ جهڙي آھي تہ 28 ڊسمبر 1857 تي سنڌ جي ڪمشنر ممبئي سرڪار کي اطلاع ڪيو ھو تہ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي سمورن سرڪار  آفيسن ۾ دفتري ٻولي بڻائي وئي آھي. 
    اھي دوست جيڪي سنڌي ٻولي جي تدريسي خواه دفتري ٻوليءَ بابت مختلف تاريخون لکن ۽ ٻڌائن ٿا تن کي اھو ذھن ۾ رکڻ گھرجي تہ اھو 7 جنوري 1850 جو سڀاڳو ڏينهن ھيو جنهن تي ممبئي سرڪار سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مڃتا ۽ رتبو ڏنو ۽ اسان جي مادري زبان پنهنجو دفتري ۽ تدريسي خدمتون سر انجام ڏيندي رھي ۽ تان جو 4 فيبروري 1857 تي اسيٽ انڊيا ڪمپني جي ڪور آف ڊائريڪٽرس بہ انهي جي مڃتا ڪري منظوري ڏني ھئي. ( ممتاز پٺاڻ)
  • محمود مغل هڪ مثالي قلمي پورهيت

    محمود مغل هڪ مثالي قلمي پورهيت

     textgram 1563188763
     

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” محمود مغل هڪ مثالي قلمي پورهيت

     

         ڪجھ ڏينهن اڳ منهنجو والد سنڌي ادبي بورڊ جي اسٽاف کي ٽرينگ ڏيڻ لاءِ حيدر آباد ويل هئو. جنهن قلم-ڌڻيءَ جي پهرين ملاقات ساڻس ٿي، اهو ناميارو ليکڪ ۽ اسٽيج جي دنيا جو شھزادو محمود مغل هئو. بابا ٽريننگ ڏيڻ ۾ مصروف هئو ۽ هن مکڻ ماڻھونءَ بابا کي ٽريننگ ڏيندي بہ ڏٺو ۽ ٻہ ٽي منٽ روح رهاڻ ڪندي پنهنجي لکيل ڪتابن جو گل حيات لائبرريءَ لاء تحفو بہ ڏنو. انهن ڪتابن جو تفصيل هن ريت آھي:
    1. سنڌي فلمن جي ڪٿا- سنڌ ٽاڪيز.
    2. خواب نگر.
    3. اسين جيئرا آھيون.
    4. محبتن جا ٻہ ناوليٽ.
    5. فقير برڪت علي بلوچ.
    6. محبتن جو شھر ٻڙي ميل.
    7. زندگي محسوس ڪيو.
    8. هٿ ريکائن کان خالي.
    9. ڪوهيڙي ۾ ويڙھيل يادون.
    10. زيب النساء. 
    سڀ کان اڳ مان محترم محمود مغل جو ٿورو مڃان ٿو جو هن هي ڪتاب ڏئي گل حيات لائبرريءَ ۾ انمول ڪتابن جو اضافو ڪيو.
         مغل صاحب جيڪي ڪتاب گل حيات کي تحفي ۾ ڏنا آھن، اهي کيس ليڪن جي پهرينءَ صف ۾ بيهارڻ جو جواز مهيا ڪن ٿا. سنڌي فلمن جي ڪٿا وارو ڪتاب “سنڌ ٽاڪيز “ کيس محققن جي قطار ۾ آڻي بيهاري ٿو. تاريخي تحقيق ڏند ڪٿائون نہ پر شاهديون ۽ ثابتيون گهرندي آھي. محمود مغل صاحب تاريخ ۽ تحقيق جي انهئ تقاضائن جي پوئواريءَ ڪندي جيڪا وقت. ڏوڪڙ ۽ صحت جي قرباني ڏني هوندي، ان جو اندازو ٻيو ڪو بہ لڳائي نہ ٿو سگهي. هن انهئ بي لوثي ۽ لگن ڪري هزارين مبارڪون لهڻيون. ڪيڏي ڏک جي ڳالھ آهي جو يونيورسٽيون جابر حڪمرانن کي تہ سڏي پي ايڇ. ڊي جون اعزازي ڊگريون ڏين ٿيون، پر سنڌ جي يونيورسٽين کي محمود مغل ۽ محمد هاشم لغاريءَ جهڙن قلمي پورهيتن تي نظر نہ ٿي پئي. جڏهن تہ محمود مغل جو سنڌي فلمن تي ڪتاب ۽ محمد هاشم لغاريءَ جو رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ تي ڪتاب هر وجه کان پي ايڇ. ڊيءَ جي اعزازي ڊگريءَ لائق آھن.
    محمود مغل انهيءَ صورتحال ۾ وڏو مثالي تحقيقي ڪم ڪيو آھي، جڏھن هن موضوع تي مواد ۽ معلومات جي کوٽ هئي. ٻين ٻولين وارن پنهنجي ٻولين تي تہ ڪم ڪيو آھي، پر سندن ڪتابن ۾ سنڌ ٽاڪيز کي اٽي ۾ لوڻ برابر بہ جاء ڪانہ ڏني آھي. محمود مغل هڪ نظر انداز ٿيل موضوع کي امر بڻائي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آھي. ان لاء ھن هزارين کيرون لهڻيون. محمود مغل پنهنجيءَ مڙسءَ سان ۽ پنهنجي ذريعن وسيلن سان تمام وڏو ڪم ڪيو آھي. هو جڏھن هن موضوع تي ڪم ڪري رهيو هو، ڪاش ساڻس رابطو ٿئي ها ۽ مان گل حيات ۾ انهيءَ موضوع تي گڏ ٿيل مواد سندس حوالي ڪريان ها. انگريزن جي دور ۾ “فلمستان“ نالي سنڌيءَ ۾ رسالو نڪرندو هو. گل حيات ڪيترن فلمن جي پوسٽرن کان سواءِ فلمي ۽ ناٽڪي اداڪارن جا فوٽو ۽ زندگيءَ جا احوال بہ گڏ ڪيا آھن. شايد انهيءَ مواد مان ڪي شيون کيس وڻن ها. 
    سنڌ ٽاڪيز ، محمد مغل جو هڪ دائمي تحقيقي پراجيڪٽ آھي. ههڙو لائق قلم- ڌڻي ئي انهيءَ موضوع سان ڀرپور انصاف ڪري سگهي ٿو. منهنجي کيس گذارش آھي تہ هو اسٽيج ڊرامن ۽ ٽي وي ڊرمن تي بہ ايئن قلم کڻي ۽ ڪم ڪري. ڇو تہ اها ٻئي جي وس جي ڳاله ڪانهي.
    آخر ۾ محمود مغل کي هڪ ڳاله ياد ڏياريندو هلان تہ جڏھن هو ايم بي بي ايس ڪندو هئو تہ مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندو هئس. انهيءَ دور ۾ ساڻس ملاقاتون ٿينديون ھيون ۽ اڪثر اسان شام جو ڪرڪيٽ راند کيڏندا ھئاسين ۽ عجيب ڳالھ اھا آھي تہ مان ھميشہ سندس ڪيچ پڪڙيندو ھئس ۽ پاڻ ڪاوڙ مان چوندو ھيو تہ يار ھي تہ ھميشہ منھنجي ڪئچ وٺڻ لاءِ اتي بيٺو آھي

    “- 

         ڪجھ ڏينهن اڳ منهنجو والد سنڌي ادبي بورڊ جي اسٽاف کي ٽرينگ ڏيڻ لاءِ حيدر آباد ويل هئو. جنهن قلم-ڌڻيءَ جي پهرين ملاقات ساڻس ٿي، اهو ناميارو ليکڪ ۽ اسٽيج جي دنيا جو شھزادو محمود مغل هئو. بابا ٽريننگ ڏيڻ ۾ مصروف هئو ۽ هن مکڻ ماڻھونءَ بابا کي ٽريننگ ڏيندي بہ ڏٺو ۽ ٻہ ٽي منٽ روح رهاڻ ڪندي پنهنجي لکيل ڪتابن جو گل حيات لائبرريءَ لاء تحفو بہ ڏنو. انهن ڪتابن جو تفصيل هن ريت آھي:
    1. سنڌي فلمن جي ڪٿا- سنڌ ٽاڪيز.
    2. خواب نگر.
    3. اسين جيئرا آھيون.
    4. محبتن جا ٻہ ناوليٽ.
    5. فقير برڪت علي بلوچ.
    6. محبتن جو شھر ٻڙي ميل.
    7. زندگي محسوس ڪيو.
    8. هٿ ريکائن کان خالي.
    9. ڪوهيڙي ۾ ويڙھيل يادون.
    10. زيب النساء. 
    سڀ کان اڳ مان محترم محمود مغل جو ٿورو مڃان ٿو جو هن هي ڪتاب ڏئي گل حيات لائبرريءَ ۾ انمول ڪتابن جو اضافو ڪيو.
         مغل صاحب جيڪي ڪتاب گل حيات کي تحفي ۾ ڏنا آھن، اهي کيس ليڪن جي پهرينءَ صف ۾ بيهارڻ جو جواز مهيا ڪن ٿا. سنڌي فلمن جي ڪٿا وارو ڪتاب “سنڌ ٽاڪيز “ کيس محققن جي قطار ۾ آڻي بيهاري ٿو. تاريخي تحقيق ڏند ڪٿائون نہ پر شاهديون ۽ ثابتيون گهرندي آھي. محمود مغل صاحب تاريخ ۽ تحقيق جي انهئ تقاضائن جي پوئواريءَ ڪندي جيڪا وقت. ڏوڪڙ ۽ صحت جي قرباني ڏني هوندي، ان جو اندازو ٻيو ڪو بہ لڳائي نہ ٿو سگهي. هن انهئ بي لوثي ۽ لگن ڪري هزارين مبارڪون لهڻيون. ڪيڏي ڏک جي ڳالھ آهي جو يونيورسٽيون جابر حڪمرانن کي تہ سڏي پي ايڇ. ڊي جون اعزازي ڊگريون ڏين ٿيون، پر سنڌ جي يونيورسٽين کي محمود مغل ۽ محمد هاشم لغاريءَ جهڙن قلمي پورهيتن تي نظر نہ ٿي پئي. جڏهن تہ محمود مغل جو سنڌي فلمن تي ڪتاب ۽ محمد هاشم لغاريءَ جو رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ تي ڪتاب هر وجه کان پي ايڇ. ڊيءَ جي اعزازي ڊگريءَ لائق آھن.
    محمود مغل انهيءَ صورتحال ۾ وڏو مثالي تحقيقي ڪم ڪيو آھي، جڏھن هن موضوع تي مواد ۽ معلومات جي کوٽ هئي. ٻين ٻولين وارن پنهنجي ٻولين تي تہ ڪم ڪيو آھي، پر سندن ڪتابن ۾ سنڌ ٽاڪيز کي اٽي ۾ لوڻ برابر بہ جاء ڪانہ ڏني آھي. محمود مغل هڪ نظر انداز ٿيل موضوع کي امر بڻائي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آھي. ان لاء ھن هزارين کيرون لهڻيون. محمود مغل پنهنجيءَ مڙسءَ سان ۽ پنهنجي ذريعن وسيلن سان تمام وڏو ڪم ڪيو آھي. هو جڏھن هن موضوع تي ڪم ڪري رهيو هو، ڪاش ساڻس رابطو ٿئي ها ۽ مان گل حيات ۾ انهيءَ موضوع تي گڏ ٿيل مواد سندس حوالي ڪريان ها. انگريزن جي دور ۾ “فلمستان“ نالي سنڌيءَ ۾ رسالو نڪرندو هو. گل حيات ڪيترن فلمن جي پوسٽرن کان سواءِ فلمي ۽ ناٽڪي اداڪارن جا فوٽو ۽ زندگيءَ جا احوال بہ گڏ ڪيا آھن. شايد انهيءَ مواد مان ڪي شيون کيس وڻن ها. 
    سنڌ ٽاڪيز ، محمد مغل جو هڪ دائمي تحقيقي پراجيڪٽ آھي. ههڙو لائق قلم- ڌڻي ئي انهيءَ موضوع سان ڀرپور انصاف ڪري سگهي ٿو. منهنجي کيس گذارش آھي تہ هو اسٽيج ڊرامن ۽ ٽي وي ڊرمن تي بہ ايئن قلم کڻي ۽ ڪم ڪري. ڇو تہ اها ٻئي جي وس جي ڳاله ڪانهي.
    آخر ۾ محمود مغل کي هڪ ڳاله ياد ڏياريندو هلان تہ جڏھن هو ايم بي بي ايس ڪندو هئو تہ مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندو هئس. انهيءَ دور ۾ ساڻس ملاقاتون ٿينديون ھيون ۽ اڪثر اسان شام جو ڪرڪيٽ راند کيڏندا ھئاسين ۽ عجيب ڳالھ اھا آھي تہ مان ھميشہ سندس ڪيچ پڪڙيندو ھئس ۽ پاڻ ڪاوڙ مان چوندو ھيو تہ يار ھي تہ ھميشہ منھنجي ڪئچ وٺڻ لاءِ اتي بيٺو آھي
  • انور خان ڪليريءَ جي ايم فل لاءِ لکيل مقالي “ محمد فقير کٽياڻ جي ڪلام جي لغت جي تشڪيل

    انور خان ڪليريءَ جي ايم فل لاءِ لکيل مقالي “ محمد فقير کٽياڻ جي ڪلام جي لغت جي تشڪيل

    . 20190630 133522

     


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ” انور خان ڪليريءَ جي ايم فل لاءِ لکيل مقالي “ محمد فقير کٽياڻ جي ڪلام جي لغت جي تشڪيل


     

    جو تعارف.

       ڪي ماڻھون پنهنجي ذات ۾ ادارا ٿيندا آھن تہ ڪي ماڻھون وري ادارن ۾ روح ڦوڪڻ جو سبب بڻبا آھن. سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو سرواڻ ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو اھڙن ماڻھن مان ھڪ آھي، جنهن کي پنهنجي ڊپارٽمينٽ کي ”مثالي شعبو“ بڻائڻ جو وڏو شوق آھي, ۽ ھو ان لاءِ ڏينهن رات ھڪ ڪري وڏي محنت ڪري ٿو. ھن صاحب ٿوري عرصي ۾ پنهنجي شاگردن کي جيڪي ايم فل  ۽ پي ايڇ ڊيون ڪرايون آھن انهن جي مقدار ۽ معيار کي ڏسي دل ٺري پئي ٿي ۽ ھن کي مبارڪ باد ڏيڻ کان رھي نٿو سگهجي. 
    محترم ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي ڪن ايم فل ۽ پي ايڇ. ڊي ڪندڙ شاگردن جو بابا سائين ايگزيمنر رھيو آھي. انهي ڪري انهن شاگردن جا تحقيقي مقالا گل حيات ۾ موجود آھن. انهن منجهان اڄ مان انور خان ڪليريءَ جي ايم فل واري مقالي ” محمد فقير کٽياڻ  جي ڪلام جي لغت جي تشڪيل“ جو تعارف ڪرائيندي خوشي محسوس ڪيان ٿو.
    سنڌي شاعري جو مطالعو ڪيترن زاوين کان ڪيو ويو آھي، پر انور خان ڪليريءَ پنهنجي لائق ريسرچ گائيڊ ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي جي رھنمائي ۾ ھڪ نئين زاوئي ۽ پھلو جو مطالعو ڪيو آھي. 
      سنڌ جا ڪلاسيڪل شاعر اسان جي ٻولي جا محافظ ۽ ٻولي جي جهولي ۾ نون لفظن جا گل وجهندڙ ٿين ٿا. انهن سمورن جي ڪلام جي لغت تي ڪم ڪرڻ تمام اھم ۽ ضروري آھي. ان سان ھيئن ٿيندو تہ اسان ”لھجن واريون لغتون“ جوڙي سگهنداسين ۽ اسان کي اؓھا خبر پوندي تہ ڪھڙو لفظ ڪھڙي لھجي ۾ ڪھڙي معنا ۾ ڪم اچي ٿو.
    انور خان ڪليريءَ جو ھي مقالو ٦ بابن ۾ ورھايل آھي.  جن جو مختصر تفصيل ھن ريت آھي: ۱. ھي ٽيڪنيڪل باب آھي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ ھن موضوع جي ڪھڙي اھميت آھي ۽ محمد فقير کٽياڻ جي شاعري ۾ ڪھڙو ۽ ڪيترو صوفياڻو رنگ آھي. 
    ۲. ھن باب۾ محمد فقير کٽياڻ جي زندگي جو احوال ڏنو ويو آھي. 
    ۳. ٽئين باب ۾ محمد فقير کٽياڻ,جي شاعري جو تعارف ڏنو ويو آھي ۽ خاص طور تي سندس شاعري جي صنفن جھڙوڪ بيت ۽ ڪافي وغيره تي روشني وڌي وئي آھي.
    ۴. باب چوٿين ۾ فقير محمد کٽياڻ جي شاعري ۾ استعمال ڪيل ٻولي تي روشني وڌي وئي آھي ۽ فقير محمد کٽياڻ پنهنجي شاعري جن ۴۱ سرن ۾ ڪئي آھي انهن منجهان ھر ھڪ سر کي آڏو رکي فقير محمد کٽياڻ جي استعمال ڪيل نون لفظن جي نشاندھي ڪئي وئي آھي ۽ سندن معنا ٻڌائي وئي آھي. ھي باب مقالي جو  روح آھي ۽ محقق پنهنجي استاد جي نگراني ۾ وڏي محنت ڪئي آھي ۽ ھو انهي جاکوڙ تي کيرون لھڻي. 
    ۵. مقالي جو پنجون باب چوٿين باب جو منتقي تسلسل آھي جنهن ۾ محمد فقير کٽياڻ جي ڪلام ۾ استعمال ٿيل لغت جو اڀياس ڪيو ويو آھي ۽ اھو اڀياس وري شاعر جي سنڌي ڪلام , سرائڪي ڪلام ۽ ھندي ڪلام جو الڳ الڳ ڪيو ويو آھي.
    محمد فقير کٽياڻ ۵۱۰ ڪافيون لکيون ۳۷۵ بيت چيا ۽ ۴۱ سرن ۾ شاعري ڪئي. ھن ھڪ مھان شاعر جي ھيڏي ساري ڪلام جو مطالعو ڪا معمولي ڳالھ ڪانهي پر محقق شاگرد ان تي وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪئي آھي.
    ٦. ڇھون باب بہ  ھڪ ٽيڪنيڪل باب آھي جنهن ۾ ھن پنهنجي مقالي ۽ تحقيقي مطالعي کي ڌيان ۾ رکي علمي ۽ تحقيقي نتيجا ڪڍيا آھن ۽ ڪي تجويزون ڏنيون آھن. ھن ئي باب ۾ محقق انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ جي انهن ڪتابن ۽ رسالن جي ببليو گرافي ڏني آھي جيڪي ھن تحقيق ڪرڻ وقت پنهنجي نظر مان ڪڍيا آھن.
    محمد فقير کٽياڻ جي ڪلام تي ھن کان اڳ بہ ڪم ٿيو آھي ۽ ان ۾ سندس شاعري کي مرتب ڪيو ويو آھي پر ھن مقالي ۾ ان جو نئين انداز سان مطالعو ڪيو ويو آھي. ان ڪري ھن مقالي جي ”سنڌي لغت “جي موضوع ۾ بہ ھڪ اھم ڪتاب جي جاءِ بڻجي ٿي
  • ڪراچيءَ جون ڪي واپاري برادريون ۽ سندن ڪاروبار

    ڪراچيءَ جون ڪي واپاري برادريون ۽ سندن ڪاروبار

     

    textgram 1563007935

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” ڪراچيءَ جون ڪي واپاري برادريون ۽ سندن ڪاروبار

     

    منهنجي والد صاحب ” ڪراچيءَ جو سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ جي موضوع تي ڊاڪٽري جي ڊگري ورتي ، پر پاڻ ڪراچيءَ جي  گھڻ- رخي تاريخ بابت ڏاڍو مواد گڏ ڪيائون. شايد کيس اھو اندازو ھيو تہ اڳتي ھلي ڪراچي جي وارثيءَ ۽ مالڪي  بابت گھڻا سوال اٿندا ,ان ڪري ڪراچي جي ماضي بابت گھڻي کان گھڻي معلومات ھٿ ڪجي ۽ ضرورت وقت اھا سنڌي ماڻھن آڏو رکي وڃي تہ جيئن کين ڪراچي تي حق ثابت ڪرڻ ۾ مدد ڏئي.
    اڄوڪي موضوع تي مون بابا سائين جي نوٽس مان فائدو ورتو آھي. ڪراچي جي واپاري برادرين ۽ سندن ڪاروبار بابت گھڻو مواد موجود آھي. مثال طور جيڪي بہ ڪراچيءَ تي  Year Books ڇپيا، انهن ۾ مختلف ڪمپنين ۽ واپاري ڪاروباري ڪمپنين، فرمن وغيره بابت تفصيلي لسٽيون ڇپبيون ھيون. انهن کي جيڪڏھن مختلف year books مان ڪڍي ترتيب ڏجي تہ چڱي خاصي ڊائريڪٽري ٺھي پوندي. پر انهن ۾ واپاري ڪمپنين ۽ فرمن جي تاريخ ڪونہ ھوندي. اھا معلومات  مختلف ذريعن سان منهنجي والد صاحب گڏ ڪري رکي آھي انهن ذريعن مان اھم ذريعو ھي آھي تہ باباسائينءَ ڪمپني جي مالڪن ۽ وارثن سان ملاقاتون ڪيون ۽ ان کانسواءِ مختلف ڪتابن ۽ اخبارن مان معلومات گڏ ڪئي اٿئين. 
    جن ڪمپنين ۽ فرمن جي تاريخ بابت گل حيات ۾ مواد موجود آھي انهن جو  تعداد لڳ ڀڳ ھڪ سو کان مٿي آھي، پر انهن مان فقط ويھن ڪمپنين, فرمن ۽ بئنڪن جا نالا ۽ ٿورا تفصيل هتي ڏجن آھن:
    1. Sindh Flour mills.  company, Ltd.  
    سنڌ فلور ملز ڪمپني لميٽيڊ: ھي ڪمپني ۱۸۹٦ ۾ قائم ڪئي وئي ھئي ۽ ان جي ڊائريڪٽرن مان ٿامس, ڊبليو ڊي ينگ ۽ جارج ملر ذڪر لائق آھن ۽ اھا ڪراچي جي ڌوٻي گھاٽ روڊ تي ھوندي ھئي. 
    2.k.J Sopariyala & Co.
    ڪي.جي سوپاريوالا ائنڊ ڪمپني ۱۸۵۲ ۾  قائم ٿي ۽ سورت جي رھواسي شاپر جي ھارون جي قائم ڪئي ھئي. 
    3.Ralli brothers.
    رالي برادرس ڪمپني ۱۸٦۵ ۾ قائم ٿي اناج ۽ خاص طور تي ڪڻڪ ۽ ڪپھ جو واپار ٿيندو ھو. ڪمپني جو صدر دفتر ڪراچي جي ووڊ اسٽريٽ ۾ قائم ھيو. 
    4. Nusserwanjee & co.
    نسروانجي ائنڊ ڪمپني مشھور سياستدان ۽ ڪراچي جي ميئر جمشيد نسروانجيءَ جي پيءُ ۱۸۳۸ ۾  قائم ڪئي ھئي. جنهن جو نالو خان بھادر نسروانجي آر مھتا ھيو. ان جو صدر دفتر ايلفسٽون اسٽريٽ ۾ ھيو. ھي ڪمپني رفريشمينٽ جي سامان جو واپار ڪندي ھندي. 
    5.The National Bank Of India, Ltd.
    ڪلڪتي جي ھن نئئشنل بينڪ آف انڊيا جي شاخ مارچ ۱۸۸۴ ۾ ڪراچي ۾ کولي وئي. ھن بئنڪ جون ھندستان, سيلون, رنگون, ڪولمبو, زنجبار, نيروبي, ڪمپالا ۽ آفريڪا ۾ بہ شاخون ھونديون ھيس.
    6.Naraindas & Co.
    نارائداس ائنڊ ڪمپني دراصل ۱۹۰۵ ۾ ڪوئيٽيا ۾ قائم ڪئي وئي ھئي جنهن کي ۱۹۱٦ ۾ ڪراچي ۾ آندو ويو. ھي فرم آٽوموبائل انجنيئرز ورڪس موٽر سائيڪلن جو واپار ڪندي ھئي.
    7. Mohammed Ali Alli Bhaoy Karimji &
     Sons.
    محمد علي علي ڀائي ڪريمجي ائنڊ سنز جي فرم عمارت سازي جو سامان مھيا ڪندي ھئي ۽ ان جو صدر دفتر ميڪس ڊينسو ھال جي آمھون سامھون بندر روڊ تي ھوندو ھيو.
    8 .Adam Soomar & co.
    آدم سومار ائنڊ ڪمپني جا جوڙيندڙ ڪڇ مان لڏي آيا ھئا ۽ ۱۸۹٦ ۾  ڪراچي ۾ پنهنجي بئنڪ کوليائون. اھا بئنڪ فريئراسٽريٽ ۾ قائم ڪئي وئي ۱۹۰۰ ۾ جڏھن سومار مري ويو تہ پوءِ ھن جي پٽ دادا پيءُ جو بزنس سنڀاليو.
    9. Faramjee Sorabjee & Sons.
    ھي فرامجي سورابجي ائنڊ سنسز فرم ۱۸٦۳ “ ۾  قائم ڪئي وئي ان جو صدر دفتر نيپيئر اسٽريٽ ۾ ھوندو ھيو. ھي فرم منرل واٽر ۽ شراب جو واپار ڪندي ھئي. 
    10. The Alliance Agency.
    دي الائنس ايجنسي ھڪ پرائيوٽ جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپني ھئي جيڪا ۱۹۱۵ ۾ قائم ڪئي وئي. ھن جا مالڪ پارسي ھيا جن ڪراچي ۾ وڏيون سماجي خدمتون بہ سرانجام ڏنيون.
    11. M.S Aranha & Co.
    ايم.ايس.اراهنا ائنڊ ڪمپني جو مالڪ اصلي مينگهلور جو رھواسي ھيو ۽ ھي فرم ۱۹۰۹ ۾ ڪراچي ۾  قائم ڪئي وئي ھي فرم ٽائيلس جو واپار ڪندو ھو ۽ ھند سنڌ ۾ مشھور ھيو. 
    12. Ardaseer & Co.
    آرداشير ائنڊ ڪمپني فرم ۱۹۰۸ ۾ قائم ڪئي وئي فرم ڪميشن ايجنٽ طور بہ ڪم ڪندو ھيو ۽ سرڪاري ٺيڪيداري بہ ڪندو ھيو. ھن فرم جو مالڪ ۽ جوڙيندڙ ھور مسجي رستم جي ھيو. 
    13. Beaumont & co.
    بيومائونٽ فرم ٽي. ايل. ايف بيومائونٽ ۱۹۰۳ ۾ قائم ڪيو .ھن جو مالڪ ڪراچي ميونسپالٽي جو صدر بہ رھجي چڪو ھو ۽ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر بہ ھيو . ھن فرم جو مختلف ھنڌن تي پريس ڪمپنيون, آئيس فيڪٽريون ۽ انشورنس ڪمپنيون ھونديون ھيون.
    14. P.F Billimoria & Co.
    پي ايف بليموريا ڪمپني ۱۹۰۵ ۾ قائم ٿي ھن جو مالڪ بمبئي ائنڊ پرشيا اسٽيم نيويگيشن ڪمپني جو ملازم ھيو ۽ اھو تجربو کيس ڪم آيو. ھي فرم مرڪنٽائيل , ميرين ۽ اليڪٽريڪل منصوبات جو واپار ڪندي ھو. جھاز سازي ۽ ٻين ڪيترين ڳالھين ۾ مشھور ھئو. 
    15. The Bombay Furnishing Depot.
    دي بامبي فرنشنگ ڊپارٽمينٽ فرم آنند جي ڏام جي ۱۸۹۳ ۾  ايلفنسٽون اسٽريٽ ۾ قائم ڪيو ۽ گھريلو سجاوٽن جي سامان جو واپار ڪندي ھو.
    16. Brigstone Jewanjee & Co.
    برج اسٽون جيوانجي ائنڊ ڪمپني ۱۸۷۵ ۾ برج اسٽروڪ نالي واري ماڻھو ڪياماڙي ۾ قائم ڪئي جيڪا پاڻي جي جھازن تان سامان لاھڻ يا انهن تي سامان چاڙھڻ يا فوجي سامان ٻاھر موڪلڻ جو ڪم ڪندو ھو.
    17. Byramji Dossabhoy & co.
    بيرامجي ڊوساڀائي ائنڊ ڪمپني جو مالڪ ۱۸۸۷ ۾ ڄائو ھو ۽ ڊي جي ڪاليج مان تعليم ورتائين اڳتي ھلي واپار جي دنيا ۾ آيو ھن جو آمريڪا يورپ ۽ جاپان ۾ بہ واپاري ڪوٺيون ھونديون ھيون.
    18. The Chartered Bank Of India, Australia and China.
    دي چارڊرڊ بينڪ آف انڊيا ھندستان جي قديم ترين بئنڪ ھئي جنهن جي دنيا ڀر ۾ شاخون قائم ٿيل ھيون. ھي بئنڪ ۱۸۵۳ ۾ قائم ڪئي وئي.
    19. Cowasjee & Co.
    ڪائوسجي ائنڊ ڪمپني جا جوڙيندڙ پارسي ھيا ۽ اھا ۱۸۸۷ ۾ قائم ڪئي وئي. ھن جو مالڪ ڪائوسجي  رستمجي ھيو ۽ واپاري ڪمپني ۾ وڏو نالو ھئو.
    20. Cox Shipping Agency, Ltd.
    ڪاڪس شپنگ ايجنسي ۱۷۵۸ ۾ لنڊن ۾ ٺاھي وئي ھئي ۽ ان جي پوءِ شاخ ڪراچي ۾ کولي وئي. ھيءَ ڪمپني  پاڻي  جي جھازن تي سامان چاڙھڻ ۽ لاھڻ کان سواءِ درآمدي ۽ برآمدي واپار پڻ ڪندي ھئي.
    ڪراچي جي جڏهن اسان واپاري ۽ تجارتي تاريخ لکنداسين تہ ان کي ٽن دورن ۾ ورھائڻو پوندو. پھريون ڏيھي واپارين جو دور آھي جنهن ۾ سيٺ نائون مل ۽ انهن جي ابن ڏاڏن ڪراچي کي مرڪز بڻائي ھندستان ۽ مشرق وسطى  ۾ واپاري ڪوٺيون کوليون. ڪراچي جي تجارتي تاريخ جو ٻيو دور انگريزن جي آمد سان گڏ شروع ٿيو . ھن دور ۾ ھندستان جي مختلف ھنڌن تان پارسي,کوجا,  ميمڻ, ڪرستان ۽ ٻيون واپاري برادريون ڪراچي لڏي آيون. انهن کي انگريزن ۽ فوج جي ضرورتن جي خبر ھئي ۽ جڏهن ڪراچي پورٽ ٺھيو تہ انهن وڏي پئماني تي پنهنجون وڏيون رقمون سيڙائي واپار شروع ڪيو. ٽيون دور تڏهن کان شروع ٿئي ٿو جڏهن سنڌي ماڻھن انهن ٻاھران آيل واپارين جي طور طريقن مان ڪجه سکيو ۽ واپار توڙي تجارت ۾ پنهنجا پير پختا ڪرڻ شروع ڪيا
  • بشير احمد چانڊئي عرف فياض لطيف جي پي ايڇ. ڊي جي مقالي جو تعارف

    بشير احمد چانڊئي عرف فياض لطيف جي پي ايڇ. ڊي جي مقالي جو تعارف

     20190630 133201

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”بشير احمد چانڊئي عرف فياض لطيف جي پي ايڇ. ڊي جي مقالي جو تعارف

     

       لاڙڪاڻي ضلعي جي جن محققن گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ميڙي چونڊي ۽ ان جي بانيءَ منهنجي والد ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيقي صلاحن مان لاڀ پرايو، تن مان ڊاڪٽر بشير احمد “شاد “،  ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر. ڊاڪٽر مولانا محمد ادريس سومرو. ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر فياض لطيف، اختيار علي سيال ۽ منظور علي سولنگي جا نالا ذڪر لائق آهن.
        ڊاڪٽر فياض لطيف “شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات “ جي موضوع تي ڊاڪٽري ڪئي. ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو سندس نگران ۽ بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سندس معاون نگران هئو.
       فياض لطيف پي ايڇ. ڊي ڪرڻ کان اڳ ئي ادبي حلقن ۾ پنهنجو نالو ڪمايو چڪو هئو. ان ڪري کيس تحقيقي ڪم ۾ ايڏي دشواري ڪا نہ ٿي. ڊاڪٽر فياض لطيف جڏھن پي ايڇ. ڊي ڪندو هئو تہ انهن ڏھاڙن ۾ بابا بہ گل حيات ۾ هوندو هئو، ۽ ان ڪري فياض لطيف کي  پنهنجي نگران سان ملڻ ۽ تحقيق جي حوالي سان مشوري ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف ڏسڻي ڪان پئي. 
      ڊاڪٽر فياض لطيف جو مقالو ستن بابن ۾ ورهايل آھي ۽ انهن جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو.
    1. باب پهرين ۾  ڊاڪٽر فياض لطيف “جماليات “ جي وصف بيان ڪئي آھي.
    2. هن پنهنجي مقالي جي ٻئي باب ۾ جماليات ۽ شاعريءَ جو باهمي تعلق، مشرقي ۽ مغربي شاعريءَ ۾ جمالياتي قدرن ۽ پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ جمالياتي قدرن تي بحث هيٺ آندو آھي.
    3. ٽئين باب ۾ وري مختلف ٻولين جي شاعريءَ ۾ جماليات تي روشني وڌي اٿس.
    4. چوٿين باب ۾ وڏي عالماڻي انداز سان شيخ اياز جي شاعري جي پس منظر جي نشاندهي ڪئي اٿائين.
    5. ڊاڪٽر فياض پنهنجي مقالي جي پنجين باب ۾ شيخ اياز جي شاعري جي “اساسي صنفن “ ۾ موجود جماليات کي مثالن سان کولي ٻڌايو آھي.
    6. اهڙي ريت ڇهين باب ۾ وري “ جديد صفن “ کي ذھن ۾ جماليات جي نشاندهي ڪئي.
    7،ڊاڪٽر فياض جي مقالي جو ستون باب موضوع جي کير ۾ وڌيڪ کنڊ ملائڻ برابر آھي. محقق چهين باب تائين اهو ثابت ڪري چڪو ھو تہ شيخ اياز  جي شاعري ۾ جماليات آھي. پر هن باب ۾ انهيءَ ڳاله کي وڌائيندي ، پاڻ کان سوال پڇندي پاڻ ئي پاڻ کي جواب ڏئي ٿو. سوال سندس ذھن ۾ اهو اڀري ٿو تہ شيخ اياز جي جي شاعريءَ ۾ ڀلا جمالياتي خوبيون ڪهڙيون آھن؟ پوءِ ڊاڪٽر فياض پنهنجي مطالعي شيخ اياز جي شاعريءَ جي مثالن جا واهڙ وهائي ڇڏي ٿو.
       شيخ اياز اسان جي دور جو تمام وڏو شاعر هئو. ڊاڪٽر فياض لطيف انهيءَ وڏي شاعر تي وڏو ڪم ڪيو آهي. هن جو مقالو تحقيقي لٽريچر ۾ هڪ بهترين مواد جي اضافي برابر آھي
  • بشير احمد چانڊئي عرف فياض لطيف جي پي ايڇ. ڊي جي مقالي جو تعارف

    بشير احمد چانڊئي عرف فياض لطيف جي پي ايڇ. ڊي جي مقالي جو تعارف

    20190630 133201
     

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”بشير احمد چانڊئي عرف فياض لطيف جي پي ايڇ. ڊي جي مقالي جو تعارف

     

       لاڙڪاڻي ضلعي جي جن محققن گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ميڙي چونڊي ۽ ان جي بانيءَ منهنجي والد ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيقي صلاحن مان لاڀ پرايو، تن مان ڊاڪٽر بشير احمد “شاد “،  ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر. ڊاڪٽر مولانا محمد ادريس سومرو. ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر فياض لطيف، اختيار علي سيال ۽ منظور علي سولنگي جا نالا ذڪر لائق آهن.
        ڊاڪٽر فياض لطيف “شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات “ جي موضوع تي ڊاڪٽري ڪئي. ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو سندس نگران ۽ بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سندس معاون نگران هئو.
       فياض لطيف پي ايڇ. ڊي ڪرڻ کان اڳ ئي ادبي حلقن ۾ پنهنجو نالو ڪمايو چڪو هئو. ان ڪري کيس تحقيقي ڪم ۾ ايڏي دشواري ڪا نہ ٿي. ڊاڪٽر فياض لطيف جڏھن پي ايڇ. ڊي ڪندو هئو تہ انهن ڏھاڙن ۾ بابا بہ گل حيات ۾ هوندو هئو، ۽ ان ڪري فياض لطيف کي  پنهنجي نگران سان ملڻ ۽ تحقيق جي حوالي سان مشوري ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف ڏسڻي ڪان پئي. 
      ڊاڪٽر فياض لطيف جو مقالو ستن بابن ۾ ورهايل آھي ۽ انهن جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو.
    1. باب پهرين ۾  ڊاڪٽر فياض لطيف “جماليات “ جي وصف بيان ڪئي آھي.
    2. هن پنهنجي مقالي جي ٻئي باب ۾ جماليات ۽ شاعريءَ جو باهمي تعلق، مشرقي ۽ مغربي شاعريءَ ۾ جمالياتي قدرن ۽ پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ جمالياتي قدرن تي بحث هيٺ آندو آھي.
    3. ٽئين باب ۾ وري مختلف ٻولين جي شاعريءَ ۾ جماليات تي روشني وڌي اٿس.
    4. چوٿين باب ۾ وڏي عالماڻي انداز سان شيخ اياز جي شاعري جي پس منظر جي نشاندهي ڪئي اٿائين.
    5. ڊاڪٽر فياض پنهنجي مقالي جي پنجين باب ۾ شيخ اياز جي شاعري جي “اساسي صنفن “ ۾ موجود جماليات کي مثالن سان کولي ٻڌايو آھي.
    6. اهڙي ريت ڇهين باب ۾ وري “ جديد صفن “ کي ذھن ۾ جماليات جي نشاندهي ڪئي.
    7،ڊاڪٽر فياض جي مقالي جو ستون باب موضوع جي کير ۾ وڌيڪ کنڊ ملائڻ برابر آھي. محقق چهين باب تائين اهو ثابت ڪري چڪو ھو تہ شيخ اياز  جي شاعري ۾ جماليات آھي. پر هن باب ۾ انهيءَ ڳاله کي وڌائيندي ، پاڻ کان سوال پڇندي پاڻ ئي پاڻ کي جواب ڏئي ٿو. سوال سندس ذھن ۾ اهو اڀري ٿو تہ شيخ اياز جي جي شاعريءَ ۾ ڀلا جمالياتي خوبيون ڪهڙيون آھن؟ پوءِ ڊاڪٽر فياض پنهنجي مطالعي شيخ اياز جي شاعريءَ جي مثالن جا واهڙ وهائي ڇڏي ٿو.
       شيخ اياز اسان جي دور جو تمام وڏو شاعر هئو. ڊاڪٽر فياض لطيف انهيءَ وڏي شاعر تي وڏو ڪم ڪيو آهي. هن جو مقالو تحقيقي لٽريچر ۾ هڪ بهترين مواد جي اضافي برابر آھي.
  • ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي پي ايڇ. ڊي مقالي جو تعارف

    ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي پي ايڇ. ڊي مقالي جو تعارف

     FB IMG 15627347154081
     


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ”ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي پي ايڇ. ڊي مقالي جو تعارف


     
      ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ سنڌ جي فياض, شفيق ۽ وڏي عالم علامہ غلام مصطفى ا قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي. اها علامہ قاسمي مرحوم جي انسان-شناسيءَ جي خوبي هئي جو هن بابا سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ تي ڀروسو ڪيو ۽ پنهنجي ڪيترن تحقيق ڪندڙشاگردن کي هدايت ڪئي تہ هو تحقيقي رهنمائيءَ لاءِ بابا سان رابطو ڪن. بابا انهن ڏينهين سنڌالاجيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هوندو هئو . انهن ڏينهن ۾ ڪيترا تحقيق ڪرڻ وارا بابا وٽ ايندا هئا، رهندا هئا ۽ بابا سائين  جي ڪري سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ يا يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريري مان آسانيءَ سان استفادو ڪري سگهندا هئا. بابا وس پڳي هر ڪنهن جي مدد ڪندو ھئو. مثال طور ڊاڪٽر مرحوم شاهنواز سوڍر ستن سالن جي گيپ کان پوءِ وري تحقيقي ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هن کي ايڪسٽينشن بابا جي ڪوششن سان مليو. تحقيق ڪندڙن مان ڪيترا اسان وٽ رهندا هئا. ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ بہ انهن مان هڪ هئو.
      ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ “ حضرت پير محمد راشد عرف روضي ڌڻي ۽ ان جون علمي، ادبي ۽ روحاني خدمتون“ جي موضوع تي اسلامڪ ڪلچر جي سبجيڪٽ ۾  1989 ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي. هن جو اهو مقالو شايع بہ ٿيو آھي.
    ڊاڪٽر لاڙڪ نهايت بهترين ڪم ڪيو آھي ۽ پاڳارن جي گاديءَ جي بانيءَ تي مثالي تحقيق ڪئي آھي. هن پنهنجي تحقيقي ڪم جي ورڇ ڪجه هن طرح ڪئي آھي:
      سندس مقالو ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آھي.
    ڊاڪٽر لاڙڪ ڀاڱي پهرين ۾ نهايت عالماڻي انداز سان حضرت پير روضي ڌڻيءَ  جي حسب نسب تي روشني وڌي آھي. ٻئي ڀاڱي ۾ نهايت تحقيقاڻي انداز سان حضرت پير محمد راشد جو احوال لکيو آھي. هي ڀاڱو چئن بابن ۾ ورهائيو اٿس.
    ڀاڱي ٽئين ۾ حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ جي ديني، علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتن تي مثال ڏئي تفصيل سان روشني وڌي اٿس. هن ڀاڱي کي جيڪڏهن مقالي جو روح چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو. ڇو تہ اهو ئي کوجنا جو موضوع، مقصد ۾ محور آھي. هن ڀاڱي ۾ پير روضي ڌڻيءَ جي اسلامي تبليغ ۽ روحاني تربيت تي جامع انداز ۾ لکيو ويو آھي. هي ڀاڱو ان لاء ٽن بابن ۾ ورهايو ويو آھي. پهرين باب ۾ هن بزرگ جي مکيہ خليفن جو بہ ذڪر ڪيو ويو آھي تہ ملفوظات جي علمي روحاني ۽ تاريخي اهميت تي مدلل بحث ڪيو ويو آھي.
      حضرت پير روضي ڌڻي ۽ سندس دور کي سمجهڻ لاءِ ڊاڪٽر لاڙڪ جي هيءَ ٿيسز هڪ اهم ۽ مستند ڪتاب جي حيثيت رکي ٿي. حضرت روضي ڌڻي هڪ بي بدل روحاني رهبر هجڻ سان گڏ وڏو مدبر بہ هئو. سندن خطن مان هن بزرگ جي سياسي بصيرت جا رنگ موجود آھن. حضرت پير سائين انهن روپن رنگن کان سواءِ پنهنجي دور جو وڏو عوامي شاعر بہ هئو ۽ سندس انهيءَ حيثيت تي بہ هن مقالي ۾ کوڙ مواد موجود آھي