Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • بهتر روايتون قائم ڪرڻ لاءِ گل حيات ۽ ان جي بانيءَ جون نماڻيون ڪوششون

    بهتر روايتون قائم ڪرڻ لاءِ گل حيات ۽ ان جي بانيءَ جون نماڻيون ڪوششون

     


    ممتاز پٺاڻtextgram 1566032746


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ” بهتر روايتون قائم ڪرڻ لاءِ گل حيات ۽ ان جي بانيءَ جون نماڻيون ڪوششون


     

    “ بهتر روايتون قائم ڪرڻ لاءِ گل حيات ۽ ان جي بانيءَ جون نماڻيون ڪوششون “
        اسان جي خاندان گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجي نالي روشن ڪرڻ ۽ جس ڪمائڻ لاءِ ڪونہ قائم ڪيو آھي. منهنجو والد پنهنجي ڀائرن ۽ اولاد سميت آگسٽ 1990 کان وٺي بي لوثيءَ سان تعليم ۽ تحقيق جي عام ڪرڻ ۽ سنڌ جي تاريخي اهميت واري مواد جي ڊاڪيومينٽيشن ڪري رهيو آھي. هن ڪم ڪندي اسان جي ڪنهن مالي يا اخلاقي مدد تہ ڪانہ ڪئي آھي، البتہ منافقيتن ۽ مخالفتن جا پنهنجي مٿان چوماسي جا نہ کٽندڙ  مينهن وسندي ڏٺا آھن.
       پاڻ کي “ ميان مٺو “ چوڻ لاءِ مان اڄ ھيءَ پوسٽ لکي نہ رهيو آھيان. پر، قومي خدمت ۽ سنڌ-دوستيءَ جي حوالي سان اسان جيڪا حڪمت عملي جوڙي آھي ۽ جنهن تي ڏينهن رات بي لوثيءَ سان ڪم ڪري رهيا آھيون، ان بابت دوستن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ هي ٻہ اکر لکي رهيو آھيان. 
          اسان هڪ ڳالھ عملي طور تي ثابت ڪري چڪا آھيون تہ “ محدود وسيلن سان لا محدود نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا ۽ مثالي ڪم ڪري سگهجي ٿو“. ڪا بہ حڪومت ، ڪو بہ اين جي او ۽ ڪو بہ فرد اها ڳالھ چئي ۽ ثابت نہ ڪري سگهندو تہ ڪنهن اسان جي مالي يا اخلاقي مدد ڪئي آهي. بابا هڪ غريب لوهر جو پٽ آھي ۽ سڄي ڄمار استاد تي رهيو. هن محدود مالي آمدنيءَ باوجود شاندار ادارو ٺاهيو. هن ڪنهن اداري کي ڏاڪڻ بڻائي پنهنجو قد بت نہ وڌايو ۽ نہ وري ان مان پنهنجا ڪتاب ڇپرائي عالم ۽ محقق جي حيثيت سان نالو ڪمايو. غريب جو ٻار هئو، ان ڪري مئٽرڪ کان پوءِ ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ تعليم وٺي نہ سگهيو. ان ڪري غريبن ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ گل حيات ٺاهيائين. تحقيق ڪرڻ وقت تڪليفون ڏٺائين، ان ڪري محققن کي انهن تڪليفن کان بچائڻ لاءِ گل حيات انسٽيٽيوٽ قائم ڪيائين. ڳوٺ ۾ اهڙا سماجي ڪم ڪيائين، جن ڪري مثبت سماجي تبديلي کي ڪيترن ڳوٺاڻن محسوس ڪيو. 
       اسان جي سهڪار ۽ قربانين سان بابا گل حيات کي سنڌ جي تاريخ تي “ ڄاڻ جي کاڻ“ بنائي ڏيکاريو ۽ گل حيات جي اها حيثيت دنيا کان مڃرائي ڏيکاري. گل حيات طرفان ڪتابن ڇپرائڻ جو تجربو ڪيو، پر جڏھن محسوس ڪيائين تہ گل حيات جي سموري ميڙي چونڊي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ ناممڪن آھي تہ گل حيات جي ويب سائيٽ ٺھرائي، ان تي سنڌ جي  تاريخ تي هزارين صفحا اپلوڊ ڪرايا اٿس ۽ اهو سلسلو جاري آھي ۽ انشاءَ الله جاري رهندو.
         گل حيات ڪا عام لائبرري نہ آھي. هن اداري ۾ اسان تاريخي تحقيق جي تقاضائن مطابق مواد گڏ ڪندا آھيون. مواد جو مقدار ۽ معيار ايترو تہ گهڻو آھي ، جو اهو هڪ ويب سائيٽ ۾ ڏيڻ ناممڪن لڳي ٿو. ان ڪري هاڻي اسان “ذيلي ويب سائيٽس “ ٺاهڻ شروع ڪيون آھن ۽ جن ادارن ۽ افراد جو گل حيات ۾ گهڻو مواد آھي، انهن کي الڳ ويب سائيٽ جي حيثيت سان رکڻ شروع ڪيو آھي. هن ۾ اسان پنهنجي رغبتن، نسبتن، دوستين ۽ دشمنين کي اثرانداز ٿيڻ نہ ٿا ڏيون.  
        ادارن بابت اسان جي معاشري ۾ هڪ مخصوص سوچ موجود آھي. اسان جا ماڻھون ادارن تي ڇتي تنقيد ڪرڻ کي پنهنجو جهڙوڪ “قومي فرض“سمجهندا آھن. صلاحون بہ هرڪو کوڙ ساريون ڏيندو آھي. پر ادارن جي عملي خدمت گهٽ ئي ڪئي ويندي آھي. بابا انهيءَ بدعت جي خاتمي لاءِ هڪ نئين روايت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا ميمبر آھن. هن اداري جي هڪ “آن لائين لائبرري“ اڳ ئي موجود آھي ۽ ان مان ڪيترا شاگرد ۽ محقق لاڀ پرائي رهيا آھن. پر سنڌي ادبي بورڊ کي پنهنجي بي مثال خدمتن کان عوام کي با خبر رکڻ ۽ ان سان رابطي قائم رکڻ لاءِ هڪ الڳ ويب سائيٽ جي ضرورت هئي. ان ڳالھ کي  ڳڻيندي بابا اسان جي سهڪار سان هڪ نئين ويب سائيٽ ٺاهي، بورڊ جي چيئرمن مخدوم سعيدالزمان “ عاطف“  کي بورڊ لاءِ تحفي طور ڏني آھي. انهيءَ ويب جي لنڪ آھي:
       انهيءَ ويب تي هڪ نظر ڦيرائيندي  اهو ذھن ۾ رکجي تہ سنڌ جي ادارن سان هن طرح بہ محبتون ۽ نسبتون قائم ڪري سگهجن ٿيون. اسان کي انهن ۽ اهڙين روايتن قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي پنهنجن ادارن جي اجائي مخالفت  ڪرڻ بدران خدمت ڪرڻ گهرجي
  • آزاديءَ جا سپاھي ۽ اڳواڻ

    آزاديءَ جا سپاھي ۽ اڳواڻ

     FB IMG 1565863997168

     


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ” آزاديءَ جا سپاھي ۽ اڳواڻ

     مون پئي سدائين چيو ۽ لکيو آھي تہ منهنجي والد  اھڙن موضوعن تي ڪم ڪيو آھي ۽ مواد گڏ ڪيو آھي جيڪي ڪيترن جي وھم گمان ۾ڪو نہ آھن.مثال طور مون ڪيترائي اھڙا عنوان اوھان سان پئي شيئر ڪيا آھن.اڄ مان تحريڪ آزادي سان لاڳاپيل سنڌ جي سپاھين واري موضوع تي ٻہ اکر لکي رھيو آھيان. 
    پاڪستان جي موجوده سياسي پس منظر ۾ سنڌ سان پنهنجن توڙي پراون گھڻيون زيادتيون ڪيون آھن . ڪي  اسان جا دين- ڀائي چون ٿا تہ ملڪ انهن ٺاھيو هنن کي ڪن سنڌي حلقن طرفان سٺو جواب تہ ملي ٿو پر اھو ڪيس جي حيثيت ۾ ڪنهن محقق دنيا آڏو شاھدين سميت پيش نہ ڪيو آھي. 
    اوھان جيڪڏھن اسان جي ويب سائيٽ تي ويندا تہ  اتي اوھان کي فريڊم فائيٽرز جي لسٽ ملندي جيڪا ھزارن نالن تي مشتمل آھي.انھيءَ  لسٽ  ۾ تحريڪ آزادي جي سپاھيءَ جو نالو سندس ڳوٺ جي نشاندهي جنهن پارٽي ۾ ھيو ان جو نالو وغيره ڏنل ملندو. انھي لسٽ تي نظر وجهندڙ ھر ماڻھون کي پنهنجي ڳوٺ يا تر جي ڪنهن نہ ڪنهن آزادي جي سپاھي جو نالو پڙھڻ لاءِ ضرور ملندو.بابا جو اھو ڪم ڪيترن ئي اخبارن رسالن جي ورق گرداني جو نتيجو آھي. مان عرض ڪري چڪو آھيان تہ انگريزن جي دور ۾ 45 سياسي پارٽيون ۽ پريشر گروپ ھيا جن سڌي ۽ اڻ سڌي طرح آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو انهن سمورن جي عھديدارن ۽ ميمبرن جا نالا اوھان کي ھن لسٽ ۾ ملندا. بابا سائين جو ڪم سنڌ جي وڏي وڪالت ڪرڻ برابر آھي ۽ انھن ماڻھن لاءِ جواب آھي تہ سنڌين تحريڪ آزادي ۾ نالي ماتر حصو ورتو جڏھن تہ حقيقت ان جي برعڪس آھي.سنڌ تي 1843 ۾ قبضو ٿيو .ٿورن سالن کانپوءِ 1857 ۾ جيڪا عوام طرفان ٻين پرڳڻن ۽ صوبن ۾ آزاديءَ جي جنگ وڙھي وئي تہ سنڌ ان ۾ لاجواب حصو ورتو ۽ ھتان جي ماڻھن کي ڪاري پاڻي جي سزا ملي. انھي آزادي جي تحريڪ کان اڳ سنڌ ۾ ڪيترن ھنڌن  تي انگريز حڪومت جي آفيسن تي ماڻھن مصلح حملا پڻ ڪيا.1905 ۾ ھندستان جي مسلمانن جو جيڪو وفد ھندستان جي وائسراءِ سان مليو ان جي اڳواڻي سر آغا خان ڪئي جيڪو ڪراچي ۾ ڄائو ۽ ولادت جي حساب سان سنڌي ھيو. ان کان پوءِ1906 ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ٺھي تہ ان جو باني صدر بہ ساڳو ئي سر آغا خان ٿيو. تنهن کان پوءِ مسلم ليگ جي اڳواڻي قائداعظم ڪئي جيڪو سنڌي ھيو ۽ جھرڪن ۾ ڄائو.ان کان پوءِ 1938 ۾ جڏھن سنڌ ۾ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس ٿي تہ شيخ عبدالمجيد سنڌي آزادي جي ٺھراءَ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وقتي طور تي مھمل ڪيو ويو پر 1940 ۾ ان کي لاھور واري ٺھراءَ جي صورت ڏني وئي. 1943 ۾ سائين جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ کان پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ ۽ آزادي حاصل ڪرڻ وارو ٺھراءُ پاس ڪرايو. اھي شاھديون ڪافي آھن تہ  اسان دنيا کي ٻڌائي سگھون تہ سنڌ آزادي جا سپاھي نہ پر آزديءَ جا اڳواڻ پئدا ڪيا آھن. تحريڪ آزادي جي انهن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي جيڪا بابا سائين لسٽ ٺاھي آھي اھا پڻ ھڪ وڏي شاھدي برابر آھي. بابا فقط لسٽ ڪانہ ٺاھي آھي پر انهن جا احوال ۽ فوٽو پڻ گڏ ڪرڻ شروع ڪيا آھن، جيڪي گل حيات ۾ موجود آھن
  • گل حيات ۾ موجود پراڻا اردو رسالا.

    گل حيات ۾ موجود پراڻا اردو رسالا.

     

    textgram 1565926716

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


       ”گل حيات ۾ موجود پراڻا اردو رسالا.


     
    ”گل حيات ۾ موجود پراڻا اردو رسالا.“
    ” جيئري لاءِ ٻڪري ڪيئن ڪھجي“؟ اھو مثال تہ اسان پڙھيو ۽ ٻڌو آھي پر جيڪڏهن  ڪو ڏسڻ چاھي تہ ان کي گل حيات ۾ قرب جا قدم ڀري اچڻان پوندا. سنڌ جي تاريخ ۽ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ بابا سائين پنهنجي وقت, صحت ۽ محنت جي ڪيتري قرباني ڏني آھي اھا ڏسڻ وٽان آھي. اسان ”شخصيت پرستيءَ“ ۽ ” مرده پرستيءَ“ جي دور مان گذري رھيا آھيون ۽ ان ۾ محنتن, محبتن ۽ خلوص جو قدر گهٽ ٿيندو آھي. وڏي ڳالھ اھا آھي تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ ” مڃتا سان مطلب“ واري منتق کي ڪڏھن قبول ئي ڪون ڪيو آھي.
    گل حيات ۾ اسان جيڪي ناياب ۽ اھم رسالا گڏ ڪيا آھن انهن منجهان  رسالو ” آج ڪل“  بہ  هڪ آھي. ھي رسالو ۱۹۴۲ ۾ دھليءَ مان نڪرندو ھيو. گل حيات ۾ انهي جا ۱۹۴۷ جا پرچا موجود آھن ھي رسالو اردو زبان ۾ نڪرندو ھيو ۽ ھر پندرھين ڏينهن تي ان جو پرچو جاري ڪيو ويندو ھيو. پرچي جي سائيز ” سنڌي رسالي“ نئين زندگي“ ۽ ” پيغام“ جيتري ھوندي ھئي ۽ انهي ۾ تاريخي اھميت واريون ڪيتريون تصويرون پڻ ڏنيون وينديون ھيون. ۱۹۴۷ ۾  سيد وقار عظيم رسالي جو ايڊيٽر ھوندو ھيو ۽ ھن رسالي  جو ساليانو چندو ۹ روپيا ۽ في ڪاپي ٦ آنا ھوندي ھئي. رسالو ”آج ڪل“ پنهنجي دور جو ھڪ اھم ۽ معياري رسالو ھوندو ھيو. انهي جي مقبوليت جو اندازو ھن ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ بابا سائين ھن رسالي جا پرچا ڪي دھلي مان ڪونہ گھرايا ھيا پر سنڌ مان ئي ھٿ ڪيائين. مطلب هي رسالو تنهن دور ۾ سنڌ ۾ بہ مقبول هئو.
    سنڌ ڪڏھن بہ لساني تعصب ۾ يقين ڪونہ رکيو آھي. سنڌين جي صدين کان وٺي ” لساني رواداري“ جڳ مشھور رھي آھي. سنڌين ڪڏھن بہ ڪنهن ٻوليءَ سان نفرت ڪان ڪئي. سچل سرمست ڪيترين ٻولين ۾ شاعري ڪئي جن مان اردو بہ ھڪ ھئي. جڳ مشھور محقق۽ عالم پير حسام الدين شاھ راشديءَ تہ ايئن بہ لکيو تہ ” اردو ٻوليءَ سنڌ ۾ جنم ورتو“ . سنڌ اردو زبان ۾ مھارت تڏھن ورتي جڏھن ۱۸۴۷ ۾ سنڌ کي ممبئي سان ملايو ويو ۽ ۱۹۳٦ تائين سنڌي ماڻھون ممبئي, ڪلڪتي,دھلي ۽ ٻين ھنڌن تي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ تجارت ڪرڻ ويا. 
    مزي جي ڳالھ ھي آھي تہ حسن علي آفندي جڏھن سنڌ مدرسي جي قائم ڪرڻ جون ڪوششون ورتيون تہ ھن جي مخالفن ڪراچيءَ جي ديوارن تي جيڪو ھن جي خلاف لکيو, ان ۾ ھڪ نعرو اردو زبان ۾ بہ ھيو, جيڪو ھيو : ”  حسن علي وڪيل, تجهي الله ڪري ذليل“. ھن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ اردو ٻولي سنڌ ۾ پنهنجا پير ۱۸۸۲ ڌاري يا ان کان بہ اڳ پختا ڪري چڪي ھئي.
    شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ کان وٺي پير حسام الدين شاھ راشديءَ تائين سنڌ جي مکيه ليکڪن ۽ عالمن اردو ٻولي کي اکين تي رکيو. تمام آڳاٽي زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ ” اردو ڪانفرنسون“ ٿيون جن مان ھڪ ڪانفرنس جي صدارت مرزا قليچ بيگ ڪئي.ان کان پوءِ ستت ” انجمن ترقي اردو“ نالي جماعت قائم ٿي جنهن ۾ پير حسام الدين راشديءَ جو مکيه ڪردار رھيو. ۱۹۴۷ تائين سنڌي شاعرن اردو زبان ۾ گھڻي شاعري ڪئي, ۽ اھا گل حيات ۾ موجود آھي. انهي کي ترتيب ڏئي ڇپرائجي تہ ھڪ اڌ ٿلھو ڪتاب جڙي سگهي ٿو.
    ھي اھو دور آھي جڏھن سنڌ جي شاعرن اديبن ۽ لکيل پڙھيل ماڻھن لاھور, دھلي ۽ ٻين ھنڌن تان نڪرندڙ اردو رسالا خريد ڪرڻ شروع ڪيا ” پندرھن روزا  آج ڪل“ با تصوير رسالو بہ انهن منجهان ھڪ ھيو ھن رسالي ۾ شاعريءَ ۽ افسانن کان سواءِ سوانح توڙي تنقيد تي ڏاڍو معياري مواد شايع ٿيندو ھيو. رسالي جي ايڊيٽوريلس ۾ سنڌ کي بہ مناسب جڳھ ڏني ويندي ھئي. مثال طور پندرھين جنوري ۱۹۴۷ واري ايڊيٽوريل  ۾ لکيو ويو آھي تہ
     ” سنڌ حڪومت پنهنجي صوبي جي ترقي ۽ بھتري لاءِ ٽي بجلي گھر ٺھرائي رھي آھي. پھريون بجلي گھر سنڌو ندي جي ڪناري تي روھڙي ۽ سکر جي ويجهو ٺاھيو ويندو جيڪو ۱۰ ھزار ڪلو واٽ بجلي ٺاھيندو. پاڻيءَ جي زور مان ٺھندڙ بجلي سکر ۽ روھڙيءَ کان علاوه شڪارپور, جيڪب آباد, لاڙڪاڻي, خير پور, شھداد ڪوٽ ۽ ڏوڪري کي مھيا ڪئي ويندي. ٻيو بجلي گھر حيدرآباد کان علاوه نواب شاھ, ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو الله يار کي بجلي مھيا ڪندو“ .
    ھاڻي انهي خبر پوڻ کان پوءِ اسان کي پتو پوي ٿي تہ نديءَ ڪناري سکر وارو بجلي گھر ايوبي حڪومت جو ڪارنامو نہ ھيو پر انهي جي پلاننگ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۾ سنڌ حڪومت ٺاھي ھئي. 
    ھن ” آج ڪل“ رسالي ۾ تمام وڏين ۽ قد آور شخصيتن جا سوانحي خاڪا ڏنا ويا آھن جيڪي وڏي اھميت رکن ٿا. انهن منجهان علامه سر عبدالقادر, حافظ محمود خان شيراني, پنڊت نارائڻ ملا, ظريف لکنوي, مرزا محمد عسڪري, رضي بدايوني, سر اڪبر حيدري, نواب سر امين جنگ ۽ سرفرازالملڪ بھادر جا نالا ذڪر لائق آھن.  ھن رسالي ۾ شاعري ۽ افساني جي موضوع تي جيڪو تخليقي ادب شايع ٿيو اھو معياري بہ آھي تہ مثالي بہ آھي. رسالي ۾ تنهن دور جي اداڪارائن ۽ تاريخي اھميت وارن تصويرن کي بہ مناسب جڳھ ڏني ويندي ھئي. جيڪي مختلف  ملڪن جون  ھونديون ھيون .
    گل حيات ۾ ھن آج ڪل رسالي کان سواءِ ٻيا بہ کوڙ سارا رسالا موجود آھن جن تي بہ آئون وقت ب وقت لکندو رھندس
  • آريا سماجين جي ستيارت پرڪاش بابت تحريڪ

    آريا سماجين جي ستيارت پرڪاش بابت تحريڪ

     textgram 1565425712

     


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      آريا سماجين جي ستيارت پرڪاش بابت تحريڪ“


     
    ۱۹۳٦ ۾ سنڌ جي مسلم اپر ڪلاس سنڌ کي ممبئي پرڳڻي کان الڳ ڪرائي صوبائي خود مختياري ورتي تہ اسان جو اھو مٿيون طبقو ھڪ ئي وقت تي انگريزن ۽ ھندن جي نظرن ۾ اچي ويو. ھندن کي اھو جائز شڪ ھيو تہ سنڌ ۾ مسلمانن جي اڪثريت آھي, ان ڪري ھميشه ھو حڪومت ۾ رھندا ۽ اسان اقليت ٿي رھنداسين ۽ اقليت ھئڻ جي ناتي سان اسان گھڻو غير محفوظ رھنداسين. اڳتي ھلي ايئن ئي ٿيو ”مسجد منزل گاھ تحريڪ“ ھندو- مسلم جو رت وھايو, ڀڳت ڪنوررام ۽ ھاسارام پمناڻي شھيد ٿيا ۽ سنڌ، ھندو- مسلم ڪئمپن ۾ ورھائجي وئي.
    انگريزن جي وري انهي مقصد خاطر سنڌ جي مسلم اقتدار- ڌڻين تي نظر ھئي تہ جيئن اھي آپي کان نڪري انگريزن جي لاءِ آزار نہ بڻجن ۽ ڪو اھڙو اتحاد نہ ٺاھن جو جيئن اھي سنڌ کي الڳ ۽ آزاد ملڪ جي منزل طرف وٺي وڃن. سورھيه بادشاھ جي تحريڪ خلاف تڪڙي ۽ سخت قدم کڻڻ جي پٺيان انگريزن جي اھا ئي سوچ ھئي تہ متان سندن حڪمرانيءَ ۾ سنڌي ڏنڊي جي زور تي باقي ھندستان کان اڳ ۾ سنڌ کي الڳ ۽ آزاد ملڪ نہ بڻائي وڃن . انگريزن ان ڪري ھندو مسلم خدشن ۽ اختلافن مان ڀرپور فائدو ورتو ۽ ھو سنڌي ھندو توڙي مسلمان کي پاڻ ۾ ويڙھائيندا ۽ حڪومت ڪندا آيا.
         ستيارت پرڪاش جي چوڏھين  چيپٽر ۾ اسلام جي خلاف مواد موجود ھيو. انڪري جڏھن ھن ڪتاب جي انهي دور ۾ ٻيھر ڇپائي ٿي تہ انهن صوبن ۾  گوڙ وڳوڙ ٿيا جن ۾ مسلمان اڪثريت ۾ ھئا.  پنجاب ۾ ستيارت پرڪاش جون ڪاپيون ساڙيون ويون ۽ لاھور ۾ پرمانند کي قتل ڪيو ويو .جج Mr.Khosla مسلمان قاتلن کي بري ڪيو. ھو سيشنس جج ھيو ۽ ان کي پروموشن ڏئي لاھور ھاءِ ڪورٽ جو جج بڻايو ويو.
        سنڌ سرڪار ۱۱ نومبر ۱۹۴۴ تي ستيارت پرڪاش جي چوڏھين چيپٽر تي بندش لڳائي. ان کان پوءِ آريا سماجي ميدان ۾ ڪاھي پيا ۽ سنڌ جي طول و عرض ۾ وڳوڙي حالتون پيدا ڪري ڇڏيائون.ٻين صوبن جي آريا سماجي اڳواڻن سنڌ ۾ احتجاج ڪرڻ لاءِ پنهنجا جٿا ڏياري موڪلڻ شروع ڪيا. سنڌ جي آريا سماجين جو اھو موقف ھيو تہ سنڌ سرڪار انگريزن جي ھٿن ۾ کيڏي چڪي آھي. انهن انهي ڪري سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان خلاف احتجاج ڪرڻ جو آغاز ڪيو ۽ کين ٻين صوبن منجهان مالي امداد ملڻ شروع ٿي. جنهن جا انگ اکر گل حيات ۾ موجود آھن. آرياسماجين انفرادي طور تي ڪتاب تي لڳل بندش جي ڀڃڪڙي ڪرڻ شروع ڪئي. وڏن شھرن ۾ ڪو ھڪ آرياسماجي ڪارڪن ڪنهن چونڪ تي بيھي ستيارت پرڪاش جو بندش پيل چوڏھون چيپٽر زور سان پڙھندو ھيو ۽ حڪومت ان کي پڪڙي وڃي جيل ۾ وجهندي ھئي ۽ جڏھن اھو “معافي نامو“ لکي ڏيندو ھيو تہ ان کي آزاد ڪيو ويندو ھيو.
         سنڌ حڪومت کي خطرو ھيو تہ اھا انفرادي تحريڪ متان ڪنهن وڏي گڏيل تحريڪ جو روپ وٺي ۽ ڪانگريس توڙي ٻيون ھندو پارٽيون انهي منجهان فائدو وٺي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بگاڙن ۽ پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪن. ان ڪري سنڌ جي سمورن تعلقن جي مختيارڪارن کي ھدايتون جاري ڪيون ويون تہ اھي ھن صورتحال تي نظر رکن  ۽ ھفتيوار مخفي رپورٽون لکي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ ڏانهن ڏياري موڪلن, جيڪو انهن کي ترتيب ڏئي سنڌ سرڪار جي ھوم ڊپارٽمينٽ کي ڏياري موڪليندو. مختيارڪارن کي سختيءَ سان اھو تاڪيد ڪيو ويو ھيو تہ انهن کي فقط حالتن تي نظر رکڻي آھي ۽ جڏھن جتي ڪا گڏجاڻي ٿئي تہ انجي جاسوسي ڪري شرڪت ڪندڙن ۽ سندن تقريرن  جا متن نوٽ ڪري مٿي ڏياري موڪلن.
    ھيءُ تہ ۱۹۴۴ جو زمانو آھي پر انهي کان ڏھ پندرھن سال اڳي سنڌ جي سياسي تنظيمن ۽ اڳواڻن تي اھڙي ريت  سرڪار نظر رکندي ھئي. نہ فقط ايترو پر ضلعي جا ماجسٽريٽ قلم ۱۴۴ لاڳو ڪرڻ جا اعلان اڳواٽ ڪڍي مختيارڪارن ڏي موڪليندا ھئا تہ جيئن اھي انهن ۾ تاريخون ھڻي اھڙن ھنڌن تي قلم ۱۴۴ ھڻي سگهن جتي وڳوڙ جو وڌيڪ خطرو ۽ انديشو ھوندو ھجي. ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ اھڙا حڪم ناما سنڌي ۾ جاري ڪندو ھيو ۽ جن جون ڪاپيون تعلقي جي اھڙن شھرن ۾ لڳايون ۽ ورھايون وينديون ھيون جتي امن امان جو مسئلو پيدا ٿيڻ جو انديشو ھوندو ھيو.
    گھڻا سال اڳ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڊپٽي ڪليڪٽر بابا سائين کان ھڪ ليڪچر ڪرايو ھيو تہ “ اسان جي مختيار ڪارين ۾ تاريخي اھميت وارو ڪھڙو مواد موجود آھي“. ھن ليڪچر ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي تپيدارن,مختيارڪارن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي ھئي ۽ اھو ليڪچر پوءِ مضمون جي صورت ۾ اخبارن ۾ بہ ڇپيو ھيو. مون ھيءَ ڳالھ انهي ڪري ڪئي تہ جيئن ھڪ طرف اھو ٻڌائي سگهان تہ اسان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۽ انگريزن جي دور جي سياسي سرگرمين جو کوڙ سارو رڪارڊ اسان جي مختيارڪارين ۾ موجود آھي. ٻيو ڳالھ ڪرڻ جو مقصد ھيءُ آھي تہ مان پڙھندڙن کي بانور ڪرائي سگهان تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ اھڙي مواد کي ڳولھي محفوظ ڪرڻ جي ساڃھ شروع کان رکي آھي. اڄ مون آريا سماجين ۽ ستيارت پرڪاش بابت جيڪو پڙھندڙن سان حال احوال اوريو آھي, اھو مون ڪتابن ۾ ڪون پڙھيو آھي پر گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان مستفيد ٿي لکيو آھي. ھن موضوع تي اسان وٽ فقط اھو مواد ڪونھي جيڪو مان ھن پوسٽ ۾ لکي چڪو آھيان. پر اسان وٽ ان دور جي اخبارن جا انهي مسئلي تي لکيل ڪالم ۽ ايڊيٽوريل ۽ سياسي پارٽيون ۽ انهن جا بحال ٿيل ٺھراءَ پڻ هل حيات ۾ موجود آھن. ستيارت پرڪاش تي ايترو مواد موجود آھي جنهن مان چڱو خاصو ٿلھو ڪتاب لکي سگهجي ٿو
  • انجمن فروغ ادب ھالا بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    انجمن فروغ ادب ھالا بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     20190522 133421

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”انجمن فروغ ادب ھالا بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     
    گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ويب سائيٽ تي “ لٽريچر “ واري بٽڻ کي کولي ڏسندا تہ اتي اوھان کي ڪيترن ئي ادبي تنظيمن جو تعارف لکيل نظر ايندو، جن ۾ “انجمن  فروغ ادب، ھالا“ بہ شامل ھوندو. مان اڄ انهي ئي ادبي تنظيم تي دوستن سان ويچار ونڊيندس. پر، انهي کان اڳ مان ساٿين کي ياد ڏياريان تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ “فردن“،“تنظيمن“ ۽ “واقعن“ کي ڌيان ۾ رکي مواد ۽ معلومات گڏ ڪندو آھي ، پوءِ انهن جو واسطو سياست سان ھجي يا ثقافت سان ھجي، علم ادب سان ھجي يا سماجي خدمتن سان ھجي،مذھب سان ھجي يا معيشيت سان ھجي. گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجو فرض ڄاڻي ٿو تہ جيترو ممڪن ٿي سگهي اسان شخصيتن، تنظيمن ۽ واقعن بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪيون. پوءَ ڇونہ پنهنجي دور جي گھڻن ماڻھن جي بيحسي ۽ لاتعلقي اسان جي جھولي ۾ پئي يا ڪو اسان جي مثالي خدمتن کي مڃي يا نہ مڃي، پر اسان پنهنجو فرض نڀائيندا رھنداسين. روين جا تاريخي انداز اسان کان ڪڏھن ڪونہ وسرندا. مثال طور “ سنڌي ادبي سنگت“ بابت اسان سوين صفحا ڪمپوز ڪرائي ان جي “ ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري“ ٺاھي ويب سائيٽ تي رکي آھي. روزانو سنڌي ادبي سنگت جي ڪرسئ واري مامري تي اخبارن ۾ اڻ ڳڻيا بيان ۽ خبرون ڇپجن ٿيون. پر سنڌي ادبي سنگت جي ڪنهن بہ موجوده يا سابق ڪارڪن اسان جي ويب سائيٽ تي موجود انهي مواد پڙھڻ جي زحمت گوارا نہ ڪئي آھي. اھڙا رويا اسان جي سماج جا اڻ ٻڌايل ھزارين داستان کولي ٻڌائن ٿا. اسان کي نہ مڃتا سان مطلب آھي نہ مايوس ٿيڻ جي ضرورت آھي پنهنجو ڪم ڪيون ٿا ۽ ڪندا رھنداسين.
    “انجمن فروغ ادب ھالا“ جو سمورو رڪارڊ، جيڪو وٽن موجود ھيو، اھو اصلي صورت ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ بابا سائين کي ڏنو ھيو جيڪو اسان وٽ محفوظ آھي. پر جيڪڏھن ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي دل چوي ۽ اھو اسان کان واپس وٺي تہ اسان کيس سندس امانت واپس ڪرڻ لاءِ تيار ۽ ٻڌل آھيون. اھڙي ريت جڏھن کان اسان گل حيات قائم ڪيو آھي ۽ ڪنهن جيڪڏھن ڪو ڪتاب، فائيل يا ڪو ڊاڪيو مينٽ گل حيات کي امانت طور ڏنو آھي تہ ان کي سموريون امانتون اسان ساڍي رکيو آھي. ٻين ملڪن ۾ جڏھن اھڙي قسم جو مواد ڪو ادارو سانڍيندو آھي تہ مالڪ کان بہ سانڍڻ جي مسواڙ اڳاڙيندو آھي ۽ جڏھن ڪو محقق انهي مواد مان استفادو ڪندو آھي تہ ان کان بہ مالي معاوضو ورتو ويندو آھي. پر اسان “ ھڏئون ڏئي امانتون سانڍيون آھن“ ۽ ان جي موٽ ۾ ٺاھوڪيون دشمنيون ۽ نفرتون پرايون آھن.
    “انجمن فروغ ادب ھالا“ جو مرڪزي ڪرتا ڌرتا ۽ سيڪريٽري ناميارو سماجي سڌارڪ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ھيو. انجمن جي منٽ بوڪ پڙھڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ ھالا ۾ “ فرينڊس ويلفيئر سوسائٽي“ نالي ھڪ تنظيم ھوندي ھئي جنهن جي 25 مئي 1960 تي ھالا جي سروري ڪاليج ۾ محبوب علي چنا جي صدارت ھيٺ ھڪ گڏجاڻي ٿي. جنهن ۾ انهي سوسائٽي جو نالو بدلائي “انجمن فروغ ادب، ھالا“ رکيو ويو. جنهن جو مستقل نگران محبوب علي چنا کي بڻايو ويو. جڏھن تہ ان جو سيڪريٽري محمد سليمان شيخ کي بڻايو ويو. ھن گڏجاڻي ۾ باقي ٻين شرڪت ڪندڙن جا نالا آھن: پروفيسر احمد خان، عبدالرحمان قريشي، عبدالغفار ابڙو، محمد يوسف ابڙو، محمد الياس پيرزادو، عبدالحميد ميمڻ، محمد عمر ميمڻ، عبدالحڪيم شيخ ۽ شفيق الرحمان چنو.   ھن بزم جون مختلف وقتن تي ادبي گڏجاڻيون ٿينديون ھيون ۽ انهن جا باقاعدي منٽس رکيا ويندا ھئا .گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ھن ادبي تنظيم جو ڊسمبر 1967 تائين رڪارڊ موجود آھي جنهن ۾ ھن تنظيم جي تاريخ کان لاڳاپيل سمورو مواد موجود آھي. مثال طور انجمن طرفان خط و ڪتابت جو اندراج، ادبي گڏجاڻين جو احوال،مختلف مشاعرن ۽ ادبي گڏجاڻين لاء ڇپيل ڪارڊ ۽ اخبارن ۾ تنظيم بابت ڇپيل خبرون، ھالا جي ادبي تنظيمن جو تعارف ڪن ليکڪن ۽ انجمن جي ميمبرن جا خط وغيره. 
    1967 جي ورقن پڙھڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ “انجمن فروغ ادب، ھالا“جا عھديدار ھن ريت ھئا: پروفيسر محبوب علي چنا( نگران)، پروفيسر احمد خان ميمڻ( معاون)، پروفيسر شفيع انور  (معاون)، عبدالطيف ساقي ابڙو( معاون)، عبد الرحمان قريشي( معاون)، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ( جنرل سيڪريٽري)، عبد الغفار ابڙو( پبليڪيشن بورڊ جو ميمبر)، محمد يوسف ابڙو ( بورڊ جو ميمبر)، عبد الحميد شھيد( ميمبر)، احمد علي قريشي( ميمبر). محمد عمر ميمڻ( ميمبر)، ھدايت ميمڻ( ميمبر)، ڪيڊٽ ڪئپٽن الطاف شيخ( ميمبر)، عبد القادر ابڙو( ميمبر)، شفيق الرحمان چنو( ميمبر) ۽ عبد القيوم شيخ ( ميمبر) شامل ھئا. 
    “انجمن فروغ ادب“ جي ادبي ڪارگزاري جو پنهنجو طريقو ۽ سليقو ھوندو ھيو. اڪثر ڪري ڪيترن ئي پروگرامن جو شيڊيول ٺاھي ميمبرن کي ڏنو ويندو ھيو ۽ مکيه پروگرامن جي لاءِ ( پروگرام ڪميٽيون ٺاھيون وينديون ھيون). انجمن جي گڏجاڻين جو تہ منٽ بوڪ رکيو ويندو ھيو، پر سب ڪاميٽين جي ڪاروائين جا بہ منٽس رکيا ويندا ھئا. ھن انجمن جي ادبي پروگرامن ۽ گڏجاڻين  جو جيڪڏھن  نموني طور وچور ٺاھبو تہ اھو ھن ريت ٿيندو: 
    پھرين جولاءِ 1960 ( ادبي گڏجاڻي)، 20 جولاء 1960 ( عيد قرباني جي حوالي سان “ قرباني جي موضوع تي مقالا نويسي“)، 5 جولاء 1960 تي( 10 محرم جي حوالي سان يوم شھادت)، 18 جولاء 1960 تي ( افسانن جي نشست)، 4 سيپٽمبر 1960 تي ( مجلس ميلاد)، 29 جولاء 1961 تي ( جشن ڪاميابي)، 11 جنوري 1963 تي جشن عيد برات)، 12 جنوري 1967 تي ( منصور ويراڳي سان شام) وغيره. 
    اسان جي ادارن ۾ بہ ڪم ٿئي ٿو ۽ انفرادي طور تي بہ ڪم ٿئي ٿو پر سنڌ جي “شخصيتن“،تنظيمن“ ۽ “واقعن“  تي منظم نموني سان تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ اسان اھا ضرورت محسوس ڪندي پئي مواد گڏ ڪيو آھي ۽ معلومات گڏ ڪندا رھنداسين
  • وڏيءَ تقسيم کان اڳ سنڌ ۾ دلين جي تقسيم

    وڏيءَ تقسيم کان اڳ سنڌ ۾ دلين جي تقسيم

     

    textgram 1564981700

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”وڏيءَ تقسيم کان اڳ سنڌ ۾ دلين جي تقسيم

     

          ذھن بدلبا آھن تہ دليون تقسيم ٿينديون آھن. پوءِ جڏھن دليون تقسيم ٿينديون آھن تہ نتيجي ۾ ڌرتي تقسيم ٿيندي آھي. انگريزن اسان جي ابن ڏاڏن کي ويڙهايو ۽ پوءِ آسانيءَ سان حڪومت ڪئي. اهي گورا ٿورا هئا، پر اسان جا ڇورا انهن کي ڪم آيا. انگريزن انهن جي ڪلهن تي بندوقون رکي هلايون. اسان جي وڏڙن جا ذهن ايئن تقسيم ٿيا، سندن دليون انهيءَ ڪري تقسيم ٿيا ۽ حالتن انهيءَ ڪري “ تقسيم “ “ تقسيم “ جا گيت ڳائڻ شروع ڪيا. پوءِ گڏيل هندستان تقسيم ٿيو. انهيءَ تقسيم آزاديءَ جي ڪهاڻي ۾ رنگ ڀريا.
         پاڪستان ۽ انڊيا کي 1947 ۾  آزادي ملي. آزايءَ جي انهيءَ تحريڪ جو پيون ڏيڍ سال ۾  سنڌ جي عجيب ۽ انوکي تاريخ لکي وئي. 1940 کان اتر سنڌ ۾ مسلمانن اره زورايون ڪيون . اهڙيءَ طرح ڏکڻ سنڌ ۾ وري هندن پوئين ٻن سالن ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو. ايئن هندن توڙي مسلمانن دلين تقسيم ڪرڻ ۽ وڏيءَ تقسيم لاءِ ماحول ٺاهڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
         ڏکڻ سنڌ ،خاص طور تي ٿرپارڪر ۽ حيدر آباد ضلعن جي ڪيترن هندن کي پڪ ٿي چڪي هئي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن کي باقي سنڌ کان ڌار ڪري. ان کي “ هندو سنڌ “ بڻايو ويندو. انهيءَ خوشفهميءَ ۽ غلطفهميءَ ڏکڻ سنڌ ۾ ھندو-مسلم لاڳاپن کي وڏو ڇيهو رسايو.
         ڪانگريسي ليڊر بابو راجيندر پرساد پهريون سياستدان هئو جنهن ڳاله چوري هئي تہ پنجاب ۽ بنگال جي ورهاڱي وانگر سنڌ جي ورهاڱي تي بہ غور ڪري سگهجي ٿو. سندس انهيءَ بيان سنڌ جي ڪن ڪانگريسي اڳواڻن جي ذھن ۾ ڀونچال پيدا ڪيو ۽ انهن گانڌيءَ سميت ٻين ڪانگريسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ مطالبا ڪيا تہ ڏکڻ سنڌ کي باقي سنڌ کان الڳ ڪري “هندو سنڌ“ بڻائي وڃي. اهڙين ڪوششن ڏکڻ سنڌ جي ڪيترن هندن کي خوش فهميءَ ۾ مبتلا ڪيو ۽ ان جي نتيجي ۾ سندن رويئي ۾ سختگيري پيدا ٿيڻ لڳي.  اھڙن روين ڪري ڪن هندن “ هندو سنڌ “ جي قيام کان وٺي لڏ پلاڻ جي آپشنس تي سوچڻ تي آماده ڪيو. اهڙن روين ۽ اهڙن واقعن سان سنڌ جي تاريخ ڀري پئي آھي.
        ڊسمبر 1946 ۾ ڪراچيءَ ۾ “هندي ساهتيہ سميلن ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٺھراءُ ٿو پاس ٿئي تہ “ هندو عربي-سنڌي لپي اخبارون ڪڍڻ بند ڪن ۽ ديوناگري هندي لپيءَ ۾ سنڌي لکي وڃي “.  سنڌ اهي ڏينهن ڏسڻ لڳي ٿي تہ  حيدرآباد جون ڪيتريو هندو ڇوڪريون ان ڪي سک مذهب اختيار ڪن ٿيون جيئن اهي هر وقت پاڻ سان ڪرپان رکي سگهن. هي اهي ڏينهن آھن جڏهن “ مسلم سنڌي اخبارن“  ۾ خبرون شايع ٿين ٿيون تہ “ حيدرآبادي هندن پنجاب مان هڪ سو ويڙهاڪ سک گهرايا آھن جيڪي سندن سنڀال بہ ڪندا ۽ نئين نسل کي ويڙھاند واري ٽريننگ بہ ڏيندا“. تنهن زماني ۾ “شيوڪ سنگه “ ۽ ڪيترون ٻيون هندو تنظيمون پنهنجي ڪارڪنن کي کلم کلا  عسڪري تربيت بہ ڏينديون هيون. ڪجھ هندو وزير اهڙين تنظيمن جي حاضري بہ ڀريندا هئا.
        سياست ۾ ئي فقط منفي رويا ۽ طريقا پيدا نہ ٿيا، پر سماجي حوالي سان بہ گهڻو بگاڙ آيو. اتر سنڌ ۾ مسلمان ب هندن خلاف مارشل لا لڳايون ويٺا هوندا هئا ۽ ڏکڻ سنڌ وري ڪيترا هندو وڻن تان جهيڙا لاهي مسلمانن جي ڳچيءَ.۾ وجهندا هئا. اتر سنڌ ۾ چور-پستي ۽ پاٿاريداري مسلمان ڪندا هئا تہ ڏکڻ سنڌ، خاص طور تي ٿرپارڪر ۾ وري ڪيترا هندو ڏوهارين جي پالنا ڪندا هئا ۽  مسلمانن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندا هئا. اتر سنڌ ۾ مسلمانن ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ ڪيترن هندن سنڌ جي وحدت ، اتحاد ۽ امن کي نقصان رسايو.
       گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ڏکڻ سنڌ ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگرس جي ڪارڪردگيءَ جو ناياب مواد موجود آهي، جنهن کي پڙهڻ کان
    مان پتو پئي ٿوت سياسي مفادن خاطر هندو توڙي سنڌي مسلمان سنڌ کي ڏاڍو نقصان پهچايو آھي. انهن ذهن بدلايا ۽ دليون تقسيم ڪيو. هنن پنهنجو اتحاد مجروح ڪيو ۽ سنڌ جي اتحاد کي نقصان پهچايو
  • جاکوڙيندي جيجل سنڌ لاءِ ٿيا اڻٽيھ سال.

    جاکوڙيندي جيجل سنڌ لاءِ ٿيا اڻٽيھ سال.

     

    textgram 1564981700

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ڪهاڻي، اسان جي بي لوث خدمتن جي زباني)


      ”جاکوڙيندي جيجل سنڌ لاءِ ٿيا اڻٽيھ سال.


     
    سال ڏيڍ کان وٺي روزانو لکندو پيو اچان ۽ سنڌ جي شاندار ماضيءَ جا گيت ڳائيندو پيو اچان. منهنجي لکڻين جو مرڪزي خيال اهو رهيو آھي تہ “تاريخي تحقيق“ کي مانوس ڪرايو وڃي،  تاريخ ۽ نئين نسل جي پاڻ ۾ ياري ڪرائي وڃي ۽ سنڌ شناسيءَ جي شعور ۾ سنڌ جي محبت واري کير ۾ خدمت جي ماکي ملائي وڃي. ڇو تہ اڪثر ماڻهون سنڌ سان “محبت“ جو مظاهرو تہ ڪن ٿا،  پر سنڌ جي “خدمت“ کان کوڙ سارا ذھن ۽ ھٿ خالي آھن.
         سنڌ سان سچي محبت ان ۾ آھي تہ ان جي بي لوث خدمت ڪئي وڃي. گل حيات انسٽيٽيوٽ اهڙي ھڪ سچي خدمت جي ڪهاڻي آھي. ان ڪري اڄ دل گهريو تہ هن اداري بابت ڪجھ لکان. آگسٽ 1990 ۾ بابا گل حيات انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو، مٿان آگسٽ 2019 اچي چڪو آھي. انهيءَ حساب سان گل حيات ٽيهن سالن ۾ پير پائڻ وارو آھي. ٻار ٽيهن سالن جو ٿيندو آھي تہ ڦوه جوان ٿي ويندو آھي. برابر هنن ٽيهن سالن ۾ گل حيات  جوان ٿي جڳ ۾ نالو ڪمائي چڪو آھي، پر اسان جو بابا سائين پنهنجي حياتيءَجا ٽيھ سال گل حيات جي پليٽ فارم تان سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪندي گهڻو پوڙھو ٿي چڪو آھي.
       بابا والدين جي غربت سبب مئٽرڪ کان پوءِ ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ مان تعليم وٺي نہ سگهيو. هن گهر ويٺي پڙهيو ۽ پوزيشنس کڻي وڏيون ڊگريون ورتائين. ان زماني ۾  لائيٽ ڪانہ هوندي هئي ۽ لائبرريون ڪو نہ هونديون هيون. پڙھڻ دوران ڏاڍيون تڪليفون ڏٺائين. پي ايڇ. ڊي ڪرڻ دوران ماڻھن جي بخل ۽ بي فياضيءَ جا رنگ ڏٺائين. تحقيقي ادارن ۾ اونده جا راڪاس گهمندي ڏٺائين. ان ڪري هن فيصلو ڪيو تہ پڙھندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ، بي فياضي ۽ بخل کي خوار ڪرڻ لاءِ گل حيات انسٽيٽيوٽ ٺاهڻ گهرجي. باباسائينءَ ادارن جي نفي ڪئي، گل حيات سندس اثبات آھي. مطلب هي آھي تہ باباسائين  چڱن ڀلن ادارن کي قبول نہ ڪيو ۽ گل حيات ٺاهي وڏي واڪ چيائين تہ ادارا هينئن ٺاهبا ۽ ھلائبا آھن. 
         غريب لوهر جي غريب ٻار بابا گل حيات ٺاهيو تہ ڪا سرڪاري يا درٻاري مدد ڪانہ ورتائين. ڪنهن کي خوش ڪرڻ يا ڪنهنجي چاپلوسي ڪرڻ لاءِ اداري جو نالو انهن جي نالي پٺيان نہ رکيائين. پر پنهنجي والد ( گل محمد) ۽ امڙ ( حيات خاتون) جي نالن مان اداري کي نالو ڏنائين.
        اڻٽيھ سال محنت ڪئي اٿس. نفرتون ۽ دشمنيون برداشت ڪيون اٿائين. پر مستقل مزاجي ۽ پڪي ارادي سان پنهنجو ڪم ڪندو رهيو آھي. کيس الله ڏنو آھي ۽ ماڻھن ڏکوئيو آھي. گل حيات سندس ڏک سک جي ڪهاڻي آھي ۽ سندس زندگيءَ جي مقصد سان سچائيءَ جو داستان آھي.
          گل حيات انسٽيٽيوٽ مسهائپ ۽ منافقيءَ جي ڪلچر ڪارڻ پنهنجي ڏيھ ۾ ايترو نالو نہ ڪمايو آھي، جيترو باقي جڳ جهان ۾ ڪمايو اٿس. هالينڊ ۾ قائم  ٿيل دنيا جي وڏي کان وڏي آرڪائيوز ( انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ فار سوشل هسٽري) جو نمائندو اتان ڪهي اچي آريجن ۾ گل حيات ڏسڻ اچي ٿو. اڄ بہ ڪيترا ٻاهرين ملڪن جا پي ايڇ.ڊي ڪندڙ گل حيات جي ميڙيءَ چونڊيءَ ۽ بابا جي فيض مان فائدو وٺن ٿا. هن اداري مان سنڌ جي ڪيترن شاگردن کي پي ايڇ.ڊي ڪرڻ لاءِ فيض ۽ فائدو مليو آھي، جنهن جا تفصيل مان پنهنجي لکڻين ۾ ڏيندو رهيو آھيان.
         گل حيات انسٽيٽيوٽ قائم ٿيو تہ ڳوٺ جي ٻارن کي مفت ۾ ٽيوشن ڏيڻ جو آغاز ڪيو. جيڪڏھن بابا چاهي ها تہ هڪ سٺو اسڪول ٺاهي، ٺاهوڪا پئسا ڪمائي ها. پر اهو سندس نصب العين ڪو نہ هئو. هو غريب ٿي ادارن ۽ سٺن استادن کان تعليم وٺي نہ سگهيو. هن نہ چاهيو تہ غريبن کان ڏوڪڙ وٺي تعليم ڏئي. هن پرائمريءَ کان پي ايڇ.ڊي تائين مفت ۾َ پڙھايو ۽ 1982 کان ٿوري وقفي کان سواءِ لڳاتار  اخبارن رسالن لاءِ  مفت ۾ لکندو اچي ٿو. بابا ڪڏھن بہ پنهنجي علم ۽ قلم جو معاوضو ڪونہ ورتو آهي.
         ننڍڙي ڳوٺ ۾ قائم ٿيل گل حيات گهڻا سٺا ڪم ڪيا آهن. ان جو هڪ روپ پبلشر جو بہ آھي. گل حيات انسٽيٽيوٽ علي گل سانگيءَ ، سائين محمد بچل تنيي ۽ ڊاڪٽر بدر اڄڻ جا ڪتاب ڇپرايا آھن. 
        گل حيات انسٽيٽوٽ سنڌ جي تايخ تي تمام اهم خزانو گڏ ڪيو آھي. ان کي دنيا جهان تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجي ويب سائيٽ ٺاهي آھي، جنهن تي سنڌ جي تاريخ تي هزارين صفحا موجود آھن. 
    هاڻي گل حيات هڪ انوکي، مگر ڪامياب روايت هيءَ شروع ڪئي آھي تہ گل حيات ۾ گڏ ٿيل اهم مواد ۽ معلومات تي مشتمل الڳ ويب سائٽس ٺاهڻ شروع ڪيون آھن. مثال طور تازو “ مخدوم طالب المولا ويب سائيٽ “ ٺاهي آھي ۽ انشاءَ الله جلد سائين جي.ايم.سيد ، رسول بخش پليجي، ادبي تنظيمن ۽ صحافت تي بہ ويب سائيٽيون ٺاهيون وينديون.
         اهم ۽ ڪارائتي ڳالھ هيءَ آھي تہ هي سڄو مانڊاڻ ھڪ فرد بابا سائين مچايو آھي. ڪڏھن ڪڏھن اسان مان ڪو سندس ٻانهن ٻيلي ٿئي ٿو ، ليڪن پاڻ دائمي طور تي ڏينهن رات گل حيات ۾ ڪم ڪندا رهن ٿا
  • مخدوم طالب المولا ويب سائيٽ-گل حيات جو تاريخي تحقيق ۾ انوکو تجربو

    مخدوم طالب المولا ويب سائيٽ-گل حيات جو تاريخي تحقيق ۾ انوکو تجربو

     IMG 20190804 WA0042
     

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”مخدوم طالب المولا ويب سائيٽ-گل حيات جو تاريخي تحقيق ۾ انوکو تجربو

     

       اڄ 4 آگسٽ آھي ۽ اها مخدوم محمد امين “فهيم“ جو جنم ڏينهن آھي. انهيءَ موقعي تي گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجي طرفان “ مخدوم طالب المولا ويب سائيٽ” لانچ ڪئي آھي تہ جيئن گل حيات انسٽٽيوٽ ۾ ھالا جي مخدومن بابت گڏ ڪيل مواد ۽ معلومات کي محققن تائين پهچائڻ جو جديد طريقو استعمال ڪيو وڃي. “ تاريخي تحقيق“ کي پروان چاڙهڻ ۽ مقبول عام بنائڻ جو هي نت نئون تجربو آھي. ابتدا حالن جي مخدومن کان ڪئي وئي آھي. ان کان پوءِ انشاءَ الله علم ادب، صحافت، شخصيتن ۽ ادارن تي بہ ويب سائيٽس ٺاهي دلچسپي رکندڙ افراد ۽ ادارن جي حوالي ڪيون وينديون ۽ ان سان گڏ گل حيات جي ويب سائيٽ تي انهن جو لنڪس رکيون وينديون. هن مان وڏو فائدو گل حيات انسٽيٽيوٽ کي اهو ملندو تہ تحقيقي ادارن ۽ محققن کي اها خبر پوندي تہ گل حيات محدود وسيلن مان ڪيڏو نہ لامحدو ڪم ڪيو آھي. اسان نفرتن ، دشمنين ۽ منافقين جي پلصراط تان گذرندي، پنهنجي وت ۽ وس آھر سنڌ جي شاندار ماضيءَ کي سنڀالڻ ۽ قوم تائين پهچائڻ جي بي لوث خدمت ڪئي آھي.
           “مخدوم طالب المولا ويب سائيٽ “ اسان هن دور جي هڪ ڏاهي سٻاجهي صوفي منش انسان جي نالي پٺيان ٺاهي آھي، جنهن جا اسان مريد تہ ناهيون، پر هو ڏاھو انسان دوستن خواه دشمنن ۾ هر دل عزيز هئو. هو هڪ اهڙو شفاف ۽ صاف آئينو هئو، جنهن ۾ حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليہ رحمت کان وٺي پاڻ تائين تصوف جي تصوير نظر اچي ٿي. هو پنهنجي وجود ۾ هالن جي مخدومي ڪلچر جي جاڳندي جهلڪ هئو. هو فقط پنهنجي وجود ۾ هڪ انجمن هئو، پر الائي ڪيترين انجمنن جي جان هئو. 
      “مخدوم طالب المولا ويب سائيٽ“ تي اوهان کي حضرت غوث الحق، سندن گادينشينن ۽ خاندان جي مکيہ شخصيتن جا مستند احوال پڙھڻ لاءِ ملندا. هن ويب سائيٽ تي اوهان کي “ بزم طالب المولا“ ، “ طالب المولا اڪيڊمي“ ۽ “ سروري تنظيم “ جي تاريخ ۽ ڪارڪردگيءَ جا تفصيل پڙهڻ لاءِ ملندا. هالا جي مخدومن علم ادب ۽ سياست ۾ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن، انهن جي مستند معلومات هن ويب سائيٽ تي مليندي. هالا جي مخدومن جيڪي ڪتاب لکيا آھن ۽ انهن تي جيڪي ڪتاب لکيا ويا آھن، انهن ڪتابن جون ڪاپيون يا تبصرا هن ويب سائيٽ تي موجود ڪيا ويندا. مخدوم طالب المولا ۽ سندس فرزند مخدوم محمد امين “فهيم“ کي ڪيترن گلوڪارن ڳاتو آھي. اهڙا آڊيوز ۽ وڊيوز اوهان کي هن ويب سائيٽ تي ٻڌڻ لاءِ ملندا. هيءَ ويب سائيٽ ھالا جي مخدومن جي ڪا “ آفيشل ويب سائيٽ“ ڪانهي، پر گل حيات جي ويب سائيٽ آھي. ان کي اسان اڄ لانچ ڪيو آھي ۽ ان تي مواد خواه معلومات اپلوڊ ڪندا رهنداسين. انهيءَ ويب جي لنڪ شيئر ڪجي تہ جيئن هر ڪو اها کولي ڏسي پڙهي سگهي. لنڪ اٿس:
  • “ ڊاڪٽر سيد محمود شاھ بخاريءَ جي پي ايڇ ڊي جي مقالي حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي- علمي ۽ قومي خدمتون جو تعارف

    “ ڊاڪٽر سيد محمود شاھ بخاريءَ جي پي ايڇ ڊي جي مقالي حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي- علمي ۽ قومي خدمتون جو تعارف

     

    20190803 134708

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” ڊاڪٽر سيد محمود شاھ بخاريءَ جي پي ايڇ ڊي جي مقالي حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي- علمي ۽ قومي خدمتون جو تعارف

     

    “  

    گل حيات جي لائبريريءَ ۾ جيڪي پي ايڇ ڊي جا مقالا موجود آھن انهن مان ڊاڪٽر پروفيسر سيد محمود شاھ بخاريءَ جو مقالو بہ موجود آھي. ھن علامه غلام مصطفا قاسمي جي نگراني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي. سندس ھي تحقيقي مقالو ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپجي چڪو آھي.
        لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جن آڳاٽي پي ايڇ ڊي ڪئي, انهن منجهان ھيءُ ھڪ آھي,باقي ٻين جا نالا ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي آھن. 
       سيد مولانا تاج محمود شاھ امروٽي سنڌ جي انهن نامور سياسي مدبرن مان ھڪ آھي، جن تحريڪ آزادي ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو. ھن بزرگ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي وڏي مدد ڪئي ۽ کيس افغانستان ڏانهن نڪري وڃڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. سيد تاج محمود شاھ امروٽي ھيو تہ اتر سنڌ جو پر ان جي سياسي ۽ مذھبي حيثيت سنڌ توڙي ھند ۾ مڃي ويندي ھئي.  ھو سيڪيولر سياستدان ڪونہ ھيو پر پڪو مسلمان ۽ مذھبي مدبر ھيو. جڏھن سنڌ ۾ ” شڌي تحريڪ“ شروع ٿي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪن ڪٽر ھندن خاص طور تي سنجوڳي شيخن کي وري ھندو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ سنڌ ۾  مذھبي متڀيد وڌيو ۽ ھندو- مسلم لاڳاپا مجروح ٿيا. مولانا تاج محمود امروٽيءَ شڌي تحريڪ کي ايڏي ڇوٽ نہ ڏني تہ اھا مسلمانن جو مذھب مٽائي. ھن انهيءَ جي ردعمل ۾  انهن ھندو ماڻھن جي رھبري ۽ سرپرستي ڪئي جيڪي اسلام کي دين طور قبول ڪرڻ لاءِ آماده ھئا . انھي تحريڪ کي ھٿي ڏيڻ لاءِ تاج محمود امروٽيءَ کي ھندن جي ھنگامن سان بہ منهن ڏيڻو پيو ۽ ڪيسن سان بہ منهن ڏيڻو پيو. ھو ھڪ روحاني رھبر ۽ ھادي مرشد ھيو ان ڪري بدعتن خلاف وڏو ڪم ڪيائين ۽ اتر سنڌ ۾ اسلامي ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.
       مولانا تاج محمودامروٽي با اثر روحاني شخصيت ۽ سياسي اڳواڻ ھيو .ان ڪري اتر سنڌ جي مکيه ٽن ضلعن : سکر, شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ “خلافت تحريڪ“ ۽ ان کان پوءِ ”جميعت العلماءُ “ وڏي مقبوليت ماڻي. سندس سياسي قد بت جو اندازو ھن ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ مولانا تاج محمود امروٽي آل انڊيا سطح جي اجلاسن جي صدارت ڪئي ۽ خلافت تحريڪ خواه جميعت العلماءُ جيڪي بہ فتوائون جاري ڪيون آھن انهن تي ھن دستخطون ڪيون ۽ انهن جي توثيق بہ ڪئي. ھن مثالي مذھبي اڳواڻ ۽ سياسي مدبر 5 نومبر  1929 تي وفات ڪئي ۽ سندس وفات وقت سنڌ جديد سياست ۾ پنهنجو سياسي تشخص بڻائي چڪي ھئي.
        ڊاڪٽر محمود شاھ بخاريءَ جو تحقيقي مقالو پنجن بابن ۾ ورھايل آھي . ھن  پھرئين باب ۾ حضرت تاج محمود امروٽيءَ جي زندگيءَ جو احوال ڏنو آھي ۽ ان ۾ ولادت کان وٺي وفات تائين سندن تفصيل ڏنا آھن . مقالي جي ٻئي باب ۾ سيد محمود شاه امروٽي بزرگ جي تبليغي خدمتن تي ڀرپور روشني وجهندي ڪن انهن واقعن جو ذڪر ڪيو آھي جيڪي هندو- مسلم اختلافن واري تاريخ ۾ وڏي شد مد سان ذڪر ڪيا ويندا آھن. 
       مولانا تاج محمد امروٽي هڪ مشهور ۽ مڃيل روحاني شخص هئو، ان ڪري هن جي مکيہ خليفن جي احوال ۽ ذڪر لاءِ هڪ الڳ  ٽيون نمبر باب رکيو ويو آھي. چوٿين باب ۾ ھن بزرگ جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو اپٽار ڪيو آھي. جنهنجي پڙھڻ کان پوءِ پتو پئي ٿو تہ مولانا تاج محمود جو کوڙ سارو قلمي پورهيو اڃا اڻ ڇپيل آھي ۽ سندس لائق پونئيرن کي اهو شايع ڪرائڻ گهرجي. مقالي جي پنجين باب ۾ حضرت امروٽيءَ جي قومي خدمتن جا تفصيل ڏنا ويا آھن.
    مولانا تاج محمود امروٽي پهرين صف جي تحريڪ آزاديءَ جي اڳواڻن مان هڪ هئو. ٿيڻ تہ ايئن گهربو هو تہ سندس نالي پٺيان ڪنهن يونورسٽيءَ ۾ چيئر قائم ڪئي وڃي ها. سندس پونئير “مولانا تاج محمد امرٽي انسٽيٽيوٽ“ ٺاهي پاڻ بہ هن عظيم انسان تي تحقيق ڪري سگهن ٿا. ان حوالي سان اهي جيڪڏھن چاهيندا ۽ گهرندا تہ گل حيات ساڻن ڀرپور سهڪار ڪندو
  • سنڌ جي تاريخ ۾ موجود متضاد بيان ختم ٿيڻ گهرجن

    سنڌ جي تاريخ ۾ موجود متضاد بيان ختم ٿيڻ گهرجن

     

    textgram 1564741712

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ”سنڌ جي تاريخ ۾ موجود متضاد بيان ختم ٿيڻ گهرجن


     
         سنڌ جي تاريخ پڙھڻ کان ماڻھن جي دل کٽي ٿيڻ جو وڏو ڪارڻ اهو آھي تہ تاريخ نويسن پنهنجي قلم کي ڪڏهن مذھبي ڪٽرپڻي جي مس مان ٻوڙي لکيو آھي تہ ڪڏھن اڌوري ۽ اڻ پوري معلومات تي ڳنڍ ٻڌي سڀ ڪجھ ڄاڻي لکيو آھي. ان ڪري سنڌ جي ڪيترن واقعن، ماڳن مڪانن ۽ ادارن بابت متضاد تشريحون ڪر کڻي بيهي رهيون آھن. اهي ماڻھن کي ماضيءَ جي ڳالهين ٻڌائڻ بدران ڪن مامرن تي منجهائي ڇڏن ٿيون. ماڻھون ڪنهن کي ڪوڙ سمجهن ۽ ڪنهن کي کوڙ سمجهن؟ ان ڪري عافيت ان ۾ ٿا سمجهن تہ تاريخ پڙھڻ تان ئي ارواح پلي ڇڏجي.
          مان اڄ مثال طور سکر روهڙيءَ ويجهو “ ستين جو آستان“ جو ذڪر ڪريان ٿو. جنهن کي هندن توڙي مسلمان ليکڪن پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ اھڙي نموني پيش ڪيو آھي، جنهن مان تضاد تہ اڀري سگهن ٿا، ليڪن سچي حقيقت اڳيان نہ ٿي اچي. پر مايوس ٿيڻ جي ڳالھ ڪانهي. ان تي سائنٽيفڪ تحقيق جي ضرورت آھي.
       چيو ٿو وڃي تہ عرب حڪمرانن جي اره زورائي ڪارڻ ڪيترين هندو عورتن ۽ ڇوڪرين پنهنجي عزت ۽ مذهب بچائڻ لاءِ اجتماعي آپگهات ڪيو ۽ “ستين جو آستان“ انهن جي اجتماعي آپگهات واري جاءِ آھي. 
         هاڻي هن بيان جو ٻيو رک ڏسو: ڪي مسلمان ليکڪ لکن ٿا تہ ڪن بي نڪاحين مسلمان عورتن جو اهو آستان هئو. هنن شادي نہ ڪئي ۽ اتي ستيون ٿي رهيون. ان ڪري هن جاءِ کي ستين جو آستان چيو ويندو آھي. 
             هندو ڇوڪرين ۽ عورتن جيڪڏهن پاڻ ماريو هجي ها تہ ان جاءِ کي “آستان“ ڇو چيو ويو؟ ان کي تہ “مساڻ“ سڏيو وڃي ها. آستان لفظ مان ان جي نسبت تہ مسلمانڪي مڪان سان ثابت ٿئي ٿي. 
         ٻي اهم ڳالھ هي بہ آھي تہ بلاشڪ هندو غلام بڻجي ويا. پر ڪاڪو ڀيرومل هينري ڪزنس جي ڪتاب “ائنٽيڪيوٽيز آف سنڌ “ ۽ جنرل هيگ جي ڪتاب “انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ جا حوالا ڏئي لکي ٿو تہ بيشڪ حڪمران عرب هئا. پر سنڌ جي طول عرض ۾ اختيار ۽ ڪنٽرول هندن جو هئو. هن لکڻيءَ جي روشنيءَ ۾ سوال ٿو اڀري تہ هندو ڇوڪرين کي اجتماعي آپگهات ڪرڻ جي مجبوري ڪيئن پيش آئي؟ رچرڊ برٽن بہ اهڙي ڳالھ کي قبول نہ ڪيو آھي تہ ڪو هندو ڇوڪرين اجتماعي آپگهات ڪيو هو.
         “ تذڪره مشاهير سنڌ “ ۾ مولانا وفائيءَ بکر جي گورنر مير ابو القاسم نمڪين جو ذڪر ڪيو آھي.  پير حسام الدين راشدي پڻ ابوالقاسم جي سوانح تي تفصيلي مقالو لکيو آھي. چون ٿا هن در اصل “ ستين جي آستان “  واري هنڌ  کي هن صاف ڪرائي اهو مانڊاڻ مچايو هو. هن جاءِ کي “ ستين جو آستان “ پوءِ سڏيو ويو.
        سنڌ جي تاريخ ۾ کوڙ اهڙا واقعا ۽ بيان موجود آھن جيڪي هندن هڪ طرح لکيا آھن تہ مسلمانن ٻئي طرح لکيا آھن. محققن کي “ ٿرڊ پارٽيءَ“ جو ڪردار ادا ڪري  اهڙو منجهيل سٽ سلجهائڻ گهرجي. سنڌ جي تاريخ تي هندو يا مسلمان ٿي ڪم ڪرڻ بدران اسان کي  سچو سنڌي ۽ غير جانبدار محقق ٿي ڪم ڪرڻو پوندو تہ جيئن اسان کي سنڌ جي سچي تاريخ پڙھڻ نصيب ٿئي ۽ اسان مفروضاتي، اڌوري ۽ جانبدار تاريخ مان جند ڇڏائي سگهون