Category: NANDHAN BARAN SAAN WADAN JO GALHEYOU

  • شيخ عبدالمجيد سنڌي

    شيخ عبدالمجيد سنڌي

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    “ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون- شيخ عبدالمجيد سنڌي“


    WhatsApp Image 2020 07 17 at 7.58.34 PMگل حيات جي اڱڻ ۾ شخصيتن جي تصويرن واري بورڊ رکڻ جو وارو هو. اسڪول ۾ رسيس ٿي تہ ٻار گل حيات پهچي ويا. بورڊ تي لڳل تصويرن مان هنن شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي تصوير ڏي اشارو ڪندي چيو:“ فوٽوء هيٺان سندس نالو بہ لکيل آھي. پر شيخ عبدالمجيد سنڌي هئو ڪير؟“

    مون کين ٻڌائڻ شروع ڪيو:“ بابا هي وڏو سياستدان ۽ صحافي هو“.
    “جي ٻڌئون ٿا“. ٻار پلٿي هڻي منهنجي اڳيان ويهي رهيا ۽ مون پنهنجي بيان کي جاري رکيو:
    “شيخ عبدالمجيد ٺٽي جو ويٺل هو. هندو گهراڻي ۾ جنم ورتائين. نوجوان هئو جو پنهنجئ رضا خوشئ سان مسلمان ٿيو. ان زماني جي هڪ وڏي سياستدان رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ جو اسسٽنٽ ٿيو. سياست سکڻ ۽ ڪرڻ لڳو. ڀرڳڙئ حيدرآباد مان اخبار جاري ڪئي. هي ان جو ايڊيٽر ٿيو.“
    “جي ٻڌون ٿا. رسيس ختم ٿيڻ کان اڳ ڳالھ پوري ڪر“. ٻارن تاڪيد ڪندي چيو:“ پر اهو ٻڌاء تہ هو سنڌي ڇو سڏائيندو هو؟ ان وقت سنڌ ۾ تہ هر ڪو سنڌي ئي هو“.
    مون کين موٽ ڏني: “ بابا انگريزن جي دور ۾ ٽن ماڻھن جي نالن سان سنڌي بہ شامل ٿيو. هڪ مولانا عبيدالله سنڌي، ٻيو شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٽيون مولانا عبدالواحد سنڌي. انهئ جو سبب هو.
    مولانا عبيدالله سنڌي سک هئو ۽ سنڌ ۾ اچي مسلمان ٿيو. سنڌ جي انهئ احسان کي ياد رکڻ لاء ھن پاڻ کي سنڌي سڏايو، اصل پنجابي هو.
    مولانا عبدالواحد سنڌي ذات جو انڍهڙ ھئو. تعليم پرائڻ لاء پهريون علي ڳڙھ پوء دهلئ ويو. اتي جامعيہ مليہ ڪاليج ۾ ٻارن جي هائسٽل ۾ نوڪري ڪيائين. شادي بہ اتي ڪيائين. اتي کيس گهر وارا ۽ ھائسٽل ۾ نالي وٺڻ بدران سنڌي چوندا هئا. پاڪستان ٺھيو تہ ڪراچئ موٽي آيو. بي بي سئ تي ڪم ڪندڙ آصف جيلاني سندس پٽ آھي.“
    ٻار کلي پيا چوڻ لڳا تہ: “پئ انڍهڙ ۽ پٽ جيلاني“. مون کين مطمعن ڪيو تہ عبدالواحد انڍهڙ جي زال ذات جي جيلاني هئي. سندس اولاد ماء جي ذات سڏائي“.
    پوء ڳالھ کي اڳتي وڌايم : “1932 ۾ لاهور ۾ جلسو ٿيو. ان جي صدارت ڪندڙ سياستدان مان جلسي ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻھون خوش نہ هئا. ان ڪري هنن جلسي ۾ گوڙ ڪيو. شيخ عبدالمجيد بہ ان جلسي ۾ شريڪ ٿيو هو. هن ماڻھن جو گوڙ ختم ڪرڻ لاء وڃي مائيڪ سڀالي. ماڻھن آواز ڏيڻ شروع ڪيا تہ سنڌئ کي ٻڌو سنڌئ کي ٻڌو. جلسي ۾ ٺاپر اچي وئي. ان ڏينهن کان هو شيخ عبدالمجيد سنڌئ طور مشهور ٿيو“.
    “رسيس ختم ٿيڻ کان اڳ مان اوهان کي هن عظيم انسان جون ٻيون ڳالهيون ٻڌائي وٺان“. مون سلسلو جاري رکيو. “ شيخ عبدالمجيد سنڌي چوٽئ جو اڳواڻ ھو. خلافت تحريڪ جي زماني ۾ مولانا محمد علي جوهر مولانا شوڪت علي ۽ ٻيا سنڌ ۾ آيا. شيخ عبدالمجيد سنڌي سکر جيل ۾ ھو. اهي ٻاهريان سياستدان مهمان سکر ويا ۽ چيائون تہ اسان شيخ عبدالمجيد کي سلامي پيش ڪنداسين. هنن سکر جيل جي چوڌاري ڦيرا ڏنا ۽ زور سان الله اڪبر جا نعرا لڳايا. قيدين بہ موٽ ۾ الله اڪبر جا نعرا هنيان ۽ سکر جيل اندران ۽ ٻاهران انهن نعارن سان گونججي پيو“.
    مون سلسلو جاري رکيو: “ شيخ عبدالمجيد سنڌي قيد ۾ هو ۽ هن جي قربانين جي واکاڻ ڪرڻ لاء حيدرآباد ۾ جلسو ٿيو. شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي قومي قربانين جي ڪهاڻي ٻڌي اتي موجود هڪ مائي چيو تہ شيخ صاحب آزاد ٿي اچي تہ مان هن سان شادي ڪنديس. شيخ عبدالمجيد سنڌئ کي وني ايئن ملي“.
    ٻار جهڙوڪ تاريخ جي درئ مان شيخ عبدالمجيد سنڌئ سان ڪچهري ڪري رهيا هئا. هو کيس ڏسي تہ نہ ٿي سگهيا پر هن بابت مون کان ٻڌڻ پئي گهريا. مون سلسلو جاري رکيو: “ بابا شيخ عبدالمجيد سنڌي وڏو انسان هو. هن الوحيد اخبار کي انگريزن خلاف ڪاتي ڪهاڙو بڻائي ڏيکاريو. هن سنڌ کي ممبئ کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ کي زور وٺايو. هن 1938 ۾ هندستان جي ورهاڱي جي ڳالھ ڪئي. 1940 وارو پاڪستان ٺھراء پوء پاس ٿيو. هو آزادي جو متوالو هو. هن سياست مان ملڪيت ڪانہ ٺاهي. پر هن آدرشي ۽ اصولي سياست ڪئي. هن ايوب جي آمرانہ حڪومت خلاف فاطمه جناح سان گڏ تحريڪ هلائي.“
    مون محسوس ڪيو تہ هر ڪو ٻار ايئن پيو سوچي تہ هو بہ شيخ عبدالمجيد سنڌئ جهڙو ٿئي. رسيس ختم ٿيڻ واري هئي ۽ ٻار مون کان موڪلائي اسڪول هليا ويا.

  • حسن علي افندي

    حسن علي افندي

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    “ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون-حسن علي افندي“


    WhatsApp Image 2020 07 11 at 5.34.59 PMمون گل حيات قائم ڪري ان جي ويرانڍي ۾ فوٽن جي نمائش ڪئي ۽ ڪي فوٽو تہ ديوارن تي بہ پينٽ ڪرايم. فوٽن جا ننڍا ننڍا بورڊ ٺھرايم ۽ روزانو بدلائي نمائش لاء رکندو هئس. ڳوٺ جا ٻار اچي اهو فوٽو ڏسندا هئا ۽ انهن بابت مون کان سوال ڪندا هئا. هڪ ڏينهن حسن علي افندئ جي تصوير بابت مون کان پڇيائون: “ حسن علي تہ سمجھ ۾ آيو، پر ڇا افندي ان جي ذات هئي؟“
    کين ٻڌايم تہ : “ اها سندس ذات نہ هئي، پر ترڪي ملڪ کيس اهو لقب ڏنو. افندئ جو مطلب آھي ڌڻي يا سائين“.
    “ ترڪئ اهو لقب ڇو ڏنس؟“، ٻارن سوال ڪيو. مون وراڻيو :“ ترڪي هڪ وڏو ملڪ هو. ان ۾ عربستان، فلسطين ۽ بلقان جون رياستون شامل هيون. پهرين مهاڀاري جنگ ۾ ترڪئ کي شڪست ڏئي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪيو ويو. انهن ڏکين ڏينهن ۾ سنڌين حسن علئ جي اڳواڻئ ۾ چندا ڪري ترڪئ جي مدد ڪئي. ان لاء ترڪئ کيس افندئ جو لقب ڏنو“.
    “ جس هجيس. ڀلو ڪم ڪيائين. ڀلا ٻيو ڪهڙو وڏو ڪم ڪيائين؟“ ٻارن حسن علي افندئ بابت وڌيڪ ڄاڻڻ چاهيو.
    مون کين وڌيڪ ٻڌائڻ شروع ڪيو: “ بابا انگريزن جي حڪومت جا شروعاتي ڏينهن هئا. حسن علئ ۽ ڏيارام ڄيٺمل نالي ٻن شخصن حيدر آباد ۾ جنم ورتو. ٻنهي معمولي نوڪرين سان شروعات ڪئي. ٻئي ڪراچئ آيا. محنت ڪري وڪالت پاس ڪيائون. ٻئي ڪراچي ميونسپالٽئ جا ميمبر ٿيا ۽ ٻئي ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا ميمبر ٿيا. ٻنهي سنڌ سڀا نالي هڪ جماعت ٺاهي. ٻنهي ۾ اختلاف ٿيا. پوء حسن علي افندئ 1885 سنڌ مدرسو ٺاهيو ۽ ڏيارام ڄيٺمل 1887 ڊي. جي. ڪاليج ٺاهيو.“
    “ پاڻ ۾ ڇو نہ ٺھيا؟“ ٻارن مون کان سوال ڪيو. مون کين جواب ۾ ٻڌايو تہ : “ بابا ان جا کوڙ سبب آھن. حسن علي پڪو مسلمان هو ۽ ڏيارام ڄيٺمل هندو هو. ڏيارام ڄيٺمل انگريز وائسراء کي شاباش ڏيڻ چاهي تہ حسن علئ ان جي سخت مخالفت ڪئي. حسن علي افندي سنڌ مدرسو ٺاهڻ شروع ڪيو تہ اها ڳالھ ڏيارام ڄيٺمل کي نہ وڻي. ڏيارام چاهيو تہ گڏجي ڪاليج ٺاهجي“.
    “ڪا ٺاھ جي صورت ڪانہ هئي ڇا؟“ ٻارن کي انهئ صورتحال تي پريشاني ٿي ۽ وڌيڪ ڄاڻڻ گهريائون.
    مون کين ٻڌايو تہ :“ انگريز سرڪار اسان جي وڏڙن کي ويڙھائي، ان مان فائدو وٺي حڪومت ڪئي. سرڪار حسن علي افندئ ۽ ڏيارام ڄيٺمل جي اختلافن مان فائدو ورتو. سرڪار کي هندن ۽ مسلمانن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ڏيارام ڄيٺمل جي وهم گمان ۾ بہ نہ هو. سرڪاري ڇاڙتن حسن علي افندئ خلاف وڏي تحريڪ هلائي. ڀتن تي چاڪنگ ڪرايائون تہ حسن علي وڪيل تجهي الله ڪري ذليل. ائين اختلاف وڌندا ويا. پر اسان کي هئ ڳالھ مڃڻي پوندي تہ ٻئي وڏا ماڻھو هئا ۽ ٻنهي تعليم جي ترقئ لاء ٻہ وڏا ادارا ٺھرايا.“
    مون کين اضافي معلومات ڏني :“ ڇا اوهان کي خبر آھي تہ شاه لطيف يونيورسٽئ جي پروفيسر امداد سهتي صاحب منهنجي نگرانئ ۾ قائد اعظم يونيورسٽئ مان حسن علي افندئ تي ايم فل ڪئي؟“ “سندس اهو ڪتاب هتي گل حيات ۾ آھي. اهو اوهان کي پڙھڻ لاء ڏيندس“.
    مون محسوس ڪيو تہ ٻار جهڙوڪ صدي ڏيڍ اڳ واري دور ۾ گم هئا. هنن جي ذھنن ۾ خوشي بہ هئي تہ غم بہ هو. پوء هو موڪلائي گل حيات مان هليا ويا.

  • مولانا دين محمد وفائي

    مولانا دين محمد وفائي

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    “ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون- مولانا دين محمد وفائي“


    WhatsApp Image 2020 07 02 at 7.47.50 PMگل حيات ۾ ٻار آيا. اڄ هنن مولانا دين محمد وفائئ جي بورڊ تي لڳل تصوير ڏيکاريندي پڇيو تہ “ڇا وفائي هن جي ذات آھي؟ اوهان جي جي تصوير ڇو گل حيات ۾ رکي آھي؟ “
    مون کين ٻڌائڻ شروع ڪيو: “ بابا هي ذات جو ڀٽي هو. شاعر بہ هو. شاعرئ ۾ وفائي تخلص هيس. “
    “اهو تخلص ڇاهي؟ هڪ ٻار سوال ڪيو ۽ کيس موٽ ڏنم تہ “ شاعر پنهنجي شاعرئ ۾ پنهنجو شاعراڻو نالو رکندا آھن ۽ ان کي تخلص چئبو آھي. وفائي جنهن دور جو هو، ان دور ۾ ثنائي، فنائي ۽ فدائي جي تخلص سان ٻيا بہ شاعر هئا. ثنائي اسان جي ڳوٺ ڀرسان سهڙا ڳوٺ ۾ رهندو هو ۽ مشھور شاعر هو.“
    “ ٺيڪ. هاڻي وفائئ بابت ٻڌايو“ ٻارن جو تجسس وڌڻ لڳو. مون کين موٽ ڏني : “ بابا هو ديني عالم هو. اخبارن جو ايڊيٽر رهيو. توحيد جي نالي سان پنهنجو ماهوار رسالو ڪڍيائين. آزادئ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائين. خلافتي ليڊر هو“. ٻار ٻڌندا تہ رهيا پر جهڙوڪ هنن کي ڪجھ ڳالهيون سمجھ ۾ نہ ٿي آيون. ان ڪري مون موضوع کي اهڙو موڙ ڏنو جنهن ۾ هنن لاء دلچسپي گهڻي هئي.
    “ بابا هي اسان جي ڳوٺ واهڻ واري مولوي غلام عمر آريجي ۽ منهنجي ڏاڏي حاجي خدا بخش جو يار هو. وفائي ڪيترو وقت ٺلاه ۾ رهيو ۽ اتان جي قديم لائبرري ڏٺائين ۽ ڪتاب پڙھيائين.“
    “ اوهان جي ڏاڏي ۽ مولوي غلام عمر جو ڇو يار ٿيو؟“ هڪ ٻار سوال ڪيو.
    مون کيس جواب ڏنو تہ : “ اسان جو ڳوٺ انگريزن جي زماني ۾ خلافت تحريڪ جو مرڪز هو. ڳوٺ جو قادر بخش آريجو ۽ سيد عطل شاه ان جا عهديدار هئا. ان ۾ ڏاڏو بہ هو ۽ مولوي غلام عمر بہ ان ۾ سرگرم هئا. اسان جي ڳوٺ ۾ خلافت تحريڪ جا ڪيترا جلسا ٿيا. انهن ۾ دين محمد وفائي ايندو ۽ شريڪ ٿيندو هو.“
    “ اها خلافت تحريڪ ڇا هئي؟“هاڻي ٻار وڌيڪ ڄاڻڻ پيا گهرن. مون کين ٻڌايو تہ : “ بابا سنڌ تي انگريزن ٺڳئ سان قبضو ڪيو. سنڌي ماڻھن دل سان انگريزن جي حڪمراني نہ مڃي. کين غلامي پسند نہ هئي. انگريزن ترڪئ سان جنگ ڪري ان کي شڪست ڏني. ترڪئ جو حڪمران مسلمانن جو خليفو سمجهيو ويندو هو. ان ڪري ترڪئ جي حق ۾ هتان جي ماڻھن خلافت تحريڪ هلائي، انگريزن کي نڪ ۾ دم ڏنو“.
    ٻار جي اندر جي خوشي مان محسوس ڪري رهيو هئس. هڪ ٻار فخر سان چيو: “ جڏھن ڪلهوڙن مغلن کي ڀڃائڻ لاء ڳوٺ ھٽڙئ ۾ پنهنجن ماڻھن کي فوجي تربيت ٿي ڏني تہ اسان جا وڏا ۽ اسان جي ڳوٺ سندن مدد ڪئي. وري انگريزن جي دور ۾ انگريزن خلاف خلافت تحريڪ هلي تہ ان وقت بہ اسان جي وڏڙن ۽ ڳوٺ ان تحريڪ ۾ حصو ورتو.“
    مون وراڻيو : “ بابا اوهان آزادي پسند ماڻھن جو اولاد آھيو.“ ان وقت ٻار جهڙوڪ خوشئ ۾ ئي نہ پيا ماپن. هو پوء هليا ويا.

  • پرمانند ميوارام

    پرمانند ميوارام

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    “ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون-پرمانند ميوارام“


    WhatsApp Image 2020 06 30 at 7.24.51 AMهڪ ڏينهن ٻار فاتحانہ انداز سان پرمانند ميوارام جي تصوير ڏيکاري، مون کي چوڻ لڳا تہ “ اوهان جي غلطي پڪڙي اٿئون. هن ماڻھونء کي ڏاڙھي آھي، مطلب مسلمان آھي. اوهان وري سندس نالو پرمانند ميوارام لکيو آھي“.
    مان خوش ٿيس تہ ٻار ايتري دلسپي وٺي رهيا آھن جو کين پنهنجي راء قائم ڪرڻ ۽ ان جو اظھار ڪرڻ اچي ٿو. مون سندن جواب ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو :“ بابا پهرين ڳالھ تہ غلطي انسان کان ٿيندي آھي. ان ڪري چوندا آھن تہ انسان خطا جو پتلو آھي. غلطي مون کان ٿي سگهي ٿي، هادين ۽ حڪمرانن کان ٿي سگهي ٿي، دوست ۽ دشمن کان ٿي سگهي ٿي. ڪنهن کي غلطئ کان پاڪ سمجهڻ ئي بي وقوفي آھي.
    هي پرمانند ميوارام نہ هندو آھي ۽ نہ مسلمان. پر هي عيسائي آھي. اڳي هندو، سک ۽ عيسائي بہ ڏاڙھيون رکندا هئا.“
    منهنجي اها ڳالھ ٻارن کي عجيب لڳي. پر سندن تجسس وڌيو. پڇيائون : “ نالو تہ واڻڪو اٿس. پوء ڪيئن ٿا کيس عيسائي سڏيو“ٗ؟
    مون موٽ ڏيڻ شروع ڪئي: “بابا ! هن جو پئ ميوارام مسلمان ٿيو هو. ان تي سنڌ ۾ وڏي قانوني ويڙھ لڳي. جنهن تي انگريزئ ۾ Great Shaikh Case جي نالي سان ڪتاب بہ لکيل آھي. پرمانند هي ڪيس هلندي ڏٺو. پوء هن فيصلو ڪيو تہ نہ هندو نہ مسلمان، پر مان ڪرستان ٿو ٿيان. پرمانند عيسائي تہ ٿيو، پر پنهنجو ۽ پئ جو نالو نہ بدلايائين.“
    “ڀلا هن ڪهڙا وڏا ڪم ڪيا جو اوهان سندس فوٽو گل حيات ۾ رکيو آھي؟“ هڪ ٻار سوال ڪيو. مون کين پرمانند ميوارام بابت ٻڌائڻ شروع ڪيو:
    “بابا! هن جوت نالي هفتيوار اخبار ڪڍي. الله کيس لکڻ جو ڏانء ڏنو هو. هن جي لکڻين ۾ رس ۽ چس هوندي هئي. سولي ۽ وڻندڙ ٻولي ڪم آڻيندو هو. اخبار ذريعي عيسائيت جي اهڙئ ريت تبليغ ڪندو هو، جو پڙھندڙن کي بري نہ لڳندي هئي. اخبار ۾ ٻين ليکڪن جا ادبي، علمي ۽ سائنسي مضمون ڇپيندو هو. ان ڪري هن جي اخبار ڏاڍي مشهور هوندي هئي.“
    “ چئبو تہ هندن ۽ مسلمان کي عيسائي بڻائيندو هو“؟ هڪ ٻار سوال ڪيو. مون وراڻيو: “ نہ. هو لاهي پاهي يا زورئ ڪنهن کي عيسائي ڪونہ بڻائيندو. پر پنهنجي مذهب بابت سنڌي عيسائين کي ڄاڻ ڏيندو هو. هن جي ڪري يا هن جي جوت اخبار ڪري ڪنهن هندو يا مسلمان پنهنجو مذھب ڪونہ مٽايو.“
    “ ڀلا هن ٻيو ڪهڙو سٺو ڪم ڪيو؟“ هڪ ٻار سوال ڪيو. مون وراڻيو : “ پرمانند ميوارام ڪتاب لکيا. انهن مان سنڌي-انگريزئ واري ڊڪشنري مشهور آھي. هن پنهنجي جوت اخبار مان پنهنجا ۽ ٻين جا لکيل مضمون ڪڍي، گل ڦل جو عنوان ڏئي ڪتاب ڇپرايو.“
    ٻار پنهنجي سوالن جا جواب ٻڌي، مون کي وري سڀاڻي اچڻ جو چئي هليا ويا.

  • مخدوم جو روزو

    مخدوم جو روزو

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    “ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون-مخدوم جو روزو“


    WhatsApp Image 2020 06 20 at 10.58.19 AM 
    “ ننڍڙن ٻارن سان وڏن ماڻھن جون ڳالهيون- سائين هئ تہ اسان جي ڳوٺ جي مخدوم جو روزو آھي“
    هڪ ڏينهن جڏھن ٻار گل حيات ۾ آيا تہ عمارتن واري بورڊ کي ڏسي، هڪ عمارت تي هٿ رکي چيائون تہ :“ سائين! هي تہ مخدوم جي روضي جي تصوير آھي. اسان جو ڳوٺ هن اولياء الله تي باسون باسيندو آھي ۽ هر سال وڏئ ڌام ڌوم سان هن جو ٻارهو ملهائيندو آھي. اڄ اسان کي هن بزرگ لاء ٻڌايو“.
    مون ڳالهائڻ شروع ڪيو: “ بابا ! مخدوم جو نالو شھاب الدين آھي ۽ ذات جو مڱريو آھي. هن عظيم انسان جيڪو ڪم ڪيو، اسان ان کي وساري هن کي پير بڻائي اولاد لاء، مرادون پوريون ڪرڻ لاء باسون باسڻ شروع ڪيون.“ ڏٺم تہ ٻار جي نرڻن تي گهنج پوڻ لڳا. مون کي ۽ هڪ ٻئي کي عجيب نظرن سان ڏسڻ لڳا. مون ان جو فائدو ورتو ۽ ڳالهائڻ جاري رکيو: بابا! ڳڙھي خدابخش ۾ وڃو، اتي ذوالفقار علي ڀٽي جي مزار تي بہ اوهان کي باسون باسڻ ۽ پڙ چاڙھڻ وارن جا هجوم نظر ايندا. اوهان مخدوم بلاول جي مزار تي وڃو، اتي بہ ساڳيو رنگ ڏسندئو. اوهان شاه عنايت جي روضي تي وڃو تہ ات بہ ساڳي صورتحال ڏسندا. پر ڪير اسان کي سمجهائي تہ اهي ڇو شھيد ٿيا ۽ انهن اصلي ڪم وساري، اسان کين پٽن ڏيڻ ۽ مرادون پوريون ڪرڻ وارا پير بڻائي ڇڏيو.“ مون ڏٺو تہ ٻار ڪڇن جيئن ڀت. هو مون کان انهن درگاهن بابت عجيب ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا. مون سلسلو جاري رکيو: بابا ! مخدوم بلاول ڌارين حڪمرانن خلاف تحريڪ هلائڻ ڪري ٺڳئ سان گهاڻي ۾ پينهرايو ويو. شاه عنايت ڌارين مغلن ۽ ھارين جي دشمنن سان نہ ٺھيو ۽ کيس شھيد ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي اڃا وڌيڪ مضبوط ملڪ پيو بڻائڻ گهري، ان ڪري ڦاهي تي لٽڪايو ويو. اهي سڀ مدبر ۽ ماڻھن توڙي ملڪ جا عاشق هئا. انهن اسان کي پٽن ڏيڻ ۽ مرادون پوريون ڪرڻ لاء شھادت ڪانہ ورتي هئي. ساڳي ڳالھ مخدوم شھاب الدين جي آھي. مخدوم شھاب الدين غازي هو ۽ وڏو ديني عالم هو ۽ اسان جي ڳوٺ جي علامہ محمد آريجوئ جو پڳ مٽيو يار هو.“
    ٻار خاموش هئا ۽ مان ڳالهائيندو رهيس: “ مخدوم شھاب الدين ۽ علامہ محمد آريجوئ ملي اسان جي ڳوٺ ۾ مثالي ماحول پيدا ڪيو. ڳوٺ ۾ ٿيندڙ غير شرعي ڪم بند ڪيائون. جوا، چوري، بدڪاري ۽ مفت جو پنڻ بند ڪيائون. لنگها پنڻ لاء ڳوٺ ۾ نہ ايندا هئا ۽ انهن مان ڪنهن بيت ٺاهيو تہ
    لاهي لنگها ويه ،آريجن مان آسرو،
    پني پرائو ڏيه، اچي کاء آريجن ۾
    ٻارن وڏي اڻ تڻ ۾ سوال ڪيو: “ڀلا مخدوم شهاب الدين بابت بہ تہ ٻڌايو نہ؟“
    مون سوال جي جواب ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو: “ بابا ! مخدوم شھاب الدين مخدوم عبدالرحيم گرهوڙئ جو معتقد هو. مخدوم عبدالرحيم ٿر ۾ مهاديو نالي هڪ هندوء سان وڃي جنگ ڪئي. مهاديو ڪيترن مسلمانن کي ڀلائي ڀمڀلائي هندو ڪندو هو. مخدوم عبدالرحيم هن سان 1778 ع ۾ جنگ ڪئي. ان جنگ ۾ مخدوم شهاب الدين بہ شامل هو. جنگ ۾ مهاديو ۽ مخدوم گرهوڙي مري پيا. مخدوم شهاب الدين پوء اچي اسان جي ڳوٺ ۾ ويٺو ۽ وفات تائين دين جي خدمت ڪيائين.“
    مون ڏٺو تہ منهنجي ڳالهين ٻارن جي ذھنن ۾ ڪي مستقل سوال اڀاريا ۽ هو اهي سوال کڻي پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي ويا.

     
  • اسڪول جي عمارت

    اسڪول جي عمارت

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    “ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون- اسڪول جي عمارت“


    WhatsApp Image 2020 06 17 at 10.02.14 PM“ ننڍڙن ٻارن سان وڏن ماڻھن جون وڏيون ڳالهيون- هئ ڪهڙي اسڪول جي عمارت آھي؟“
    ھڪ ڏينهن ٻار عمارتن واري بورڊ کي کڻي آيا ۽ لاڙڪاڻي جي پائلٽ ھاء اسڪول جي عمارت بابت سوال ڪيائون. مون کين ٻڌايو تہ “ هي لاڙڪاڻي جو گورنمينٽ ھاء اسڪول آھي، جيڪو اسان جي پڙھڻ دوران ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪوششن سان پائلٽ ھاء اسڪول ٿيو. ڀٽي جڏھن ان جو افتتاح ڪيو هو تہ مان شاگرد جي حيثيت ۾ ان فنڪشن ۾ شريڪ ٿيس“.
    “هئ اسڪول ڪڏھن قائم ٿيو ۽ ان جي هئ سهڻي عمارت ڪڏھن جڙي راس ٿي؟“ هڪ ٻار سوال ڪيو.
    مون کين ٻڌايو تہ “ هئ گورنمينٽ ھاء اسڪول 1919 ۾ کوليو ويو ۽ ان جي خوبصورت عمارت 1926 ۾ ٺهي راس ٿي.“
    “ڀلا جڏھن تون شاگرد هئين تہ ان زماني جون ڪي ڳالهيون ٻڌاء؟“ هڪ ٻئي ٻار سوال ڪيو.
    مون پنهنجي يادن جا دفتر کوليا: “ هئ مون لاء تعليم وٺڻ جو آخري ادارو هو. هتان مئٽرڪ ڪيم. پوء غريب هجڻ ڪري ڪنهن اداري ۾ پڙھي نہ سگهس. نہ ڪنهن ڪاليج ۾ پڙھيس ۽ نہ ڪنهن يونيورسٽئ ۾ وڃي پڙھيس. سڄي تعليم گهر ويٺي پرايم.“
    ٻار ڪڏھن مون کي تہ ڪڏھن هڪ ٻئي کي ڏسندا ۽ سوچيندا رهيا. هڪ ٻار خاموشي ٽوڙيندي چيو:“ پوء اسڪول جون ڪجھ يادون ٻڌاء“. ۽ مان شروع ٿيس : “ اسان جي زماني ۾ شيخ واحد بخش ھيڊ ماستر هئو. هو ڏاڍو سخت ھوندو هو. مان جڏھن آريجن ۾ ماسي سڀائي جي اسڪول ۾ ٻيو درجو پڙهندو هئس تہ شيخ صاحب اسڪولن جو صاحب هو ۽ اسان جو امتحان وٺڻ آيو هو. اسان سليٽن تي پنهنجا جواب لکيا. هن منهنجي سليٽ پڙھي کلي الڳ رکي. پوء آخر ۾ چيائين تہ “ درل محمد هيڏي اچ“. مان ڊڄندو ڏڪندو هن وٽ ويس. چيائين تہ :“ تون درمحمد آھين. پوء درل محمد ڇو لکيو اٿئي؟“. مون کيس ٻڌايو تہ “مان درل آھيان. هيڪو درل سڏيندو آھي. اوهان منهنجو اڌ نالو ٿا وٺو.“ ڏاڍو کليو. سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر مان ضد تان نہ لٿس. پوء هن ٻيا ڪجھ سوال ڪيا ۽ مون جواب ڏنا. شيخ صاحب ماسي سڀائئ کي چيو تہ “ هن ٻار نظرانداز نہ ڪجو. هن ۾ ڪي عجيب داڻا آھن“. هو منهنجي اسڪالرشپ منظور ڪري ويو“
    مون شيخ صاحب لاء وڌيڪ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ٻار غور ۽ دلچسپئ سان ٻڌندا رهيا. هاء اسڪول ۾ داخلا لاء ٽيسٽ ڏيڻي پوندي هئي. ٽيسٽ ۾ ويٺس ۽ اڳيان ويٺل مون کان ڪاپي ڪئي. ٽيسٽ جو نتيجو آيو تہ مان ناپاس ڪيو ويس. شيخ صاحب جوابي ڪاپيون پاڻ ڏٺيون هيون ۽ سمجهيائين تہ مون ڪاپي ڪئي آھي. داخلا جو شرط اهو طئي ٿيو تہ ڪچي امتحان ۾ ويهبو. ان ۾ سٺا نمبر کنيم تہ داخلا ملندي. ماسي سڀائي منهنجي داخلا لاء ساڻس ملڻ آئي ۽ کيس ياد ڏياريائين تہ “ هي اهو درل محمد آھي، جنهنجي اوهان پارت ڪئي هئي ۽ هن کي اسڪالرشپ ڏني هئي.“ پر شيخ صاحب هن جي سفارش بہ نہ ٻڌي. ڪچا امتحان ٿيا. مان سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيس تہ پوء مون کي داخلا ڏنائين. شيخ صاحب تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر ٿيو. منهنجو ساڻس سندس وفات تائين ادب ۽ نيازمندئ جو واسطو رهيو. جڏھن بہ ساڻس ملندو هئس تہ مون کي “ درل محمد“ ڪري سڏيندو هو. هن مون کي وڏن عهدن رتبن تي ڏٺو. ليکڪ ۽ محقق جي حيثيت ۾ ڏٺو ۽ چوندو هو “ تہ استاد جي نظر ۽ دعا جو رنگ ئي نرالو آھي. مون توکي ان وقت سڃاتو هو جڏھن ٻيو درجو پڙهندين هئين.“
    ٻار وڏي دلچسپئ سان ٻڌي رهيا هئا. مون کين چيو: “ بابا مان بدنصيب آھيان جو مئٽرڪ کان پوء ڪو استاد نصيب نہ ٿيو. الله ڪندو اوهان يونيورسٽئ تائين استاد ڏسندا. استادن جو قدر ۽ احترام ڪجو. هنن جون دعائون ۽ تربيت اوهان کي ڌرتئ تان کڻي آسمان تي پهچائينديون.“

  • سوڀو گيانچنداڻي

    سوڀو گيانچنداڻي

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    “ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون- سوڀو گيانچنداڻي“


    WhatsApp Image 2020 06 12 at 8.08.45 PM“ ننڍڙن ٻارن سان وڏن ماڻھن جون ڳالهيون- سوڀو گيانچنداڻي ڪير آھئ؟“
    گل حيات انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ کان ستت پوء ڳوٺ جي ٻارن جي اداري ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاء مون تصويري نمائش مان فائدو ورتو. روزانو مختلف تصويري بورڊ اڱڻ ۾ رکندو هيس. شخصيتن وارين تصويرن جو ڏينهن هوندو هئو تہ ٻار انهن بابت پڇندا هئا. هڪ ڏينهن ٻارن سوڀي گيانچنداڻئ بابت پڇيو. مون کين ٻڌايو تہ سوڀو ٻنڊي ڳوٺ جو ويٺل آھي. ٽئگور وٽ پڙھيو ۽ هن دور جو ناميارو ڪامريڊ آھي. پوء ٻارن وڌيڪ پڇڻ شروع ڪيو.
    “ٽئگور ڪير هو؟“ هڪڙي ٻار سوال ڪيو. مون وراڻيو: “ ٽئگور وڏو شاعر ۽ اديب هئو. هو پهريون هندستاني هئو جنهن کي نوبل پرائيز مليو. هن شانتينڪيتن نالي ادارو ٺاهيو، جنهن ۾ ٻار پڙهائيندو هو. سوڀي گيانچنداڻئ ۽ ٻين ڪيترن سنڌين اتي بنگال ۾ وڃي وٽس تعليم ورتي. ٽئگور جي سنڌ ۽ سنڌين سان محبت هئي. هو سنڌ بہ آھيو هو. سنڌين هن جي نالي پٺيان هڪ ناٽڪ منڊلي بہ قائم ڪئي هئي. ان جو ٽئگور پاڻ افتتاح ڪرڻ آيو هو.“
    “شانتينڪيتن ڇا هئي؟“ هڪ ٻار سوال ڪيو. مون وراڻيو: “بابا اهو سندس ادارو هو. وڏا انسان ادارا يا اهڙيون بيٺڪون ٺاهي، ماڻهن کي عقل ۽ ڏاهپ سيکاريندا آھن. مثال شاه لطيف ڀٽ کي جهڙوڪ ادارو ٺاهيو. “
    “ سائين اوهان بہ تہ گل حيات ادارو ٺاهيو آھي نہ“. هڪڙي ٻار تبصرو ڪيو. مان ان کي جواب ڏيڻ بدران سوڀي گيانچنداڻئ تي ڳالهائڻ شروع ڪيو: “ سوڀو ڪميونسٽ ليڊر آھي ۽ اڪثر ڪري ڪميونسٽن کي ڪامريڊ چئبو آھي“. هڪ ٻار سوال ڪيو:“ ڪميونسٽ ڇا آھي؟“ مون کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي: “ بابا لينن ۽ مارڪس هن نظريئي جا باني آھن. ڪميونسٽن روس ۾ انقلاب آندو ۽ حڪومت قائم ڪئي“. اها سمجهاڻي ٻارن جي سمجه کان مٿي هئي. ان ڪري هو وري سوڀي گيانچنداڻئ بابت پڇڻ لڳا. مون کين ٻڌايو:“ سوڀي اخبارن ۾ ڪم ڪيو.تحريڪن ۾ اڳواڻي ڪئي، مزدورن ۽ ھارين جي حقن لاء آواز اٿاريو. جيل ويو. هو هڪ وڏو اڳواڻ آهي.“ محسوس ڪيم تہ ٻار سوڀي جي ڪم ۡ۽ خدمتن مان متآثر ٿيا. هڪ ٻار آخري سوال ڪيو تہ:“ جيڪڏھن سوڀي وانگر اسان بہ غريبن، مزدورن ۽ ھارين سان پيار ڪريون ۽ سندن خدمت ڪريون تہ اسان جا ڦوٽو بہ هتي رکندين ۽ ھڻندين ؟“

  • مهتاب اڪبر راشدي

    مهتاب اڪبر راشدي

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    “ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون-مهتاب اڪبر راشدي“


    WhatsApp Image 2020 06 06 at 1.58.48 PM“ٻارن سان وڏيون ۽ وڏن جون ڳالهيون- مهتاب اڪبر راشدي ڪير آھي؟“
    اڄ مون صبح انهن تصويري بورڊن جي ڳالھ ڪئي، جيڪي مون ٺهرائي گل حيات جي اڱڻ تي رکيا هئا ۽ ٻار انهن تصويرن منجهان ڪنهن نہ ڪنهن تصوير بابت پڇندا هئا ۽ مان انهن جا جواب ڏيندو هئس. اهڙيون تصويرون مون الڳ ڪري رکيون آھن تہ جيئن مان ٻارن سان ٿيل وڏن جون ڳالهيون اوهان سان ونڊي سگهان.
    هر ڪنهن تصوير هيٺان نالو لکيل هوندو هو. عورتن جي تصويرن واري بورڊ مان مون کان ٻار مادام مهتاب اڪبر راشدئ جو گهڻو پڇندا هئا. ٻھراڙئ جا ٻار “صاحب يا صاحبياڻئ“ جو مطلب امتحان وٺندڙ عملدار سمجهندا هئا. ڇو تہ هنن ٻيو ڪو صاحب ڏٺو ٻڌو ئي ڪونہ هو.
    جڏھن ٻارن پڇيو تہ “هئ مهتاب اڪبر راشدي ڪير آھي؟“ تہ مون کين ٻڌايو تہ“ سنڌالاجئ ۾ منهنجي صاحبياڻي هئي. ڊائريڪٽر هئي“. ٻارن وات ۾ آنڱر وجهي چيو تہ “هن تنهنجو امتحان ورتو هو؟“. مون چيو منهنجي ڊائريڪٽر هئي. کين سمجهايم تہ جيئن اسڪول ۾ هيڊ ماسٽر ٿيندو آھي تيئن وڏن ادارن ۾ ڊائريڪٽر ٿيندا آھن. هنن سان پوء سنڌالاجئ، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻين ادارن بابت کين سمجھ ۾ اچڻ جهڙي ڳالھ ڪندو هيم.
    ٻار پڇندا هئا: “ ڀلا مهتاب اڪبر راشدي ٻيو ڇا ڪندي آھي ۽ هن جي تصوير ڇو هنئي اٿئي؟“
    مان کين ٻڌائيندو هئس تہ “ مادام مهتاب اڪبر راشدي هڪ استاد جي گهر ۾ ڄائي. وڏي محنت سان تعليم حاصل ڪري وڏا رتبا ماڻيائين ۽ سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري بہ ٿي. ريڊيو ۽ ٽي.وي تي نالو ڪمايائين. اميراڻي گهراڻي مان ڪانہ هئي. تعليم ۽ محنت کيس وڏئ منزل تي پهچايو.“ پوء ٻار چوندا هئا تہ “ان جو مطلب هي ٿيو تہ اسان غريبن جا ٻار بہ وڏا عملدار ٿي سگهون ٿا“. “پر تعليم پرائڻ ۽ محنت ڪرڻ سان“، مان کين سمجهائيندو هئس. نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ هئ آھي تہ منهنجي ڳوٺ جي غريب خاندانن جي ٻارن محنت ۽ تعليم سان وڏن عهدن ۽ رتبن تي پهتا.
    ٻار پڇندا هئا تہ “ مهتاب اڪبر راشدئ بابت وڌيڪ ٻڌاء“. مان کين ٻڌائيندو هئس تہ “ غريب گهراڻي مان اڀري. ان ڪري غريبن جو اونو رکندي آهي. محنت ۽ ڪشالا ڪڍي منزل ماڻيائين. ان ڪري محنتي ۽ لائق ماڻھن جو قدر ڪندي آھي ۽ سندن همت افزائي ڪندي آھي. منهنجي همت افزائي ڪري سنڌالاجئ ۾ مون کي ڊپٽي ڊائريڪٽر بڻايائين.“ پوء ٻار مون کي ڏسندي ۽ هڪ ٻئي ڏسندي دل ۾ ڪجھ سوچي هليا ويندا هئا.

  • ساڌو هيرانند

    ساڌو هيرانند

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    “ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون- ساڌو هيرانند“


    WhatsApp Image 2020 06 06 at 9.56.12 AMهڪ دفعي ٻار اهو بورڊ کڻي مون وٽ آيا جنهن تي ساڌو هيرانند واري تصوير لڳل هئي. مان تصويرن هيٺان سندن نالا لکي ڇڏيندو هئس. هڪ ٻار فاتحانہ انداز سان چيو :“ اوهان جي غلطي پڪڙي آھي. اوهان علامہ اقبال جي جوانئ واري تصوير هيٺان ساڌو هيرانند لکي ڇڏيو آھي. علامہ اقبال جي تصوير جيڪا اسان ڏٺي آھي، ان ۾ ايئن هٿ ڳٽي تي رکيل هوندو اٿس.“ مون کلندي کين ٻڌايو تہ هي ساڌو هيرانند آھي ۽ علامہ اقبال ناهي.“
    “ڀلا ٻڌاء تہ هي ساڌو هيرانند ڪير هو؟“ ٻارن سوال ڪيو ۽ مون تفصيل ڏيڻ شروع ڪيا. “ بابا هي وڏو سماجي سڌارڪ هو. سنڌ سڌار اخبار جو ايڊيٽر هو“.
    “ بيھ سائين بيھ“ هڪڙو ٻار اهو چوندو ٻيو بورڊ کڻڻ ويو، جنهن تي اخبارن جون تصويرون لڳل هيون. هن انهئ بورڊ ۾ “سنڌ سڌار“ جي تصوير ڏيکاريندي چيو تہ :“ هئ اخبار؟“. مون ها ۾ جواب ڏنو. سمورن ٻارن اها تصوير ڏٺي ۽ هڪ ٻار سوال ڪيو: “ سائين هئ تصوير تہ ڪاوش يا عوامي آواز اخبار جهڙي ناهي.“
    جواب ڏنم : “ بابا اڄوڪيون اخبارون ڪمپيوٽر تي لکبيون آھن. سنڌ سڌار ليٿو پريس ۾ ڇپبي هئي. ليٿو پريس کان پو۽ پرنٽنگ پريسن جو دور آيو.“ مان اٿي ڪجھ پراڻيون اخبارون ٻئي ڪمري مان کڻي آيس. پوء هنن کي ليٿو پريس، پرنٽنگ پريس ۽ ڪمپيٽر جو فرق سيکاريم تہ نہ مگر ڏيکاريم. ٻار سمجهي ويا. هڪ ٻار پڇيو : “ ڇا سنڌ سڌار ساڌو هيرانند ڪڍي هئي؟ ڀلا ان جا پرچا هتي گل حيات ۾ آھن؟“
    مون کي تفصيلي ڳالھ ڪرڻي پئي: “ بابا هئ اخبار تعليم کاتي جاري ڪئي. پوء سنڌ سڀا نالي تنظيم حوالي ڪيائين. ساڌو هيرانند انهئ تنظيم جو سرگرم ڪارڪن هو.“ وچ تي هڪ ڇوڪري مون کي ڪاٽيندي پڇيو : “ ڇا اها تنظيم جلوس بہ ڪڍندي هئي ۽ روڊ بہ بند ڪرائيندي هئي؟“. منجهائيندڙ سوال هو. مون کيس موٽ ڏني تہ “نہ.“. منهنجي جواب تي ٻار هڪ ٻئي کي سواليہ انداز سان ڏسندا رهيا. مون موضوع مٽايو ۽ چيو “ بابا اوهان ساڌو هيرانند بابت تہ ڪو سوال نہ ڪيو“. “سائين ٻڌاء ٻڌاء“، ٻارن با جماعت مطالبو ڪيو.
    مون ڳالهائڻ شروع ڪيو : “ ساڌو هيرانند تي هڪ ڪتاب هتي گل حيات ۾ پيو آھي. اهو کڻي پڙھجو. پر سندس هڪ ڳالھ اوهان سان ڪريان ٿو. هو پنهنجي ڌئ کي پڙهائڻ لاء ڪلڪتي وٺي ٿي ويو . سفر دوران بيمار ٿي پيو ۽ مري ويو. کيس نياڻئ پڙهائڻ جو ايڏو اونو هو.“ مون ڏٺو تہ ٻار مون کان وڌيڪ ساڌو هيرانند جي تصوير ڏسڻ لڳا.