Category: LETTERS FROM FOREIGN SCHOLARS

  • مون سي ڏٺا ماءُ قسط -3

    مون سي ڏٺا ماءُ
    قسط -3
    (عبدالله عباسي)
    عبدالله محمد قاسم عباسي جي ولادت 21- جولاءِ 1903 ع تي ڳوٺ مجھبت ديرو جتوئي ، ضلعي نوابشاھ ۾ تي . هي صاحب 1922 ع کان وٺي ڪراچي ۾ آباد آهي . تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ئي ملازمت جو آغاز ڪيائين ، ۽ لڳ ڀڳ 38 سال تعليم کاتي ۾ خدمت سرانجام ڏيئي 1958 ع ۾ رٽائير ڪيائين . ملازمت دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾  ڊيپوٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي رهيو . جناب عبدالله عباسي علم ، ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ جوڳا ڪرناما سرانجام ڏنا آهن . هن صاحب 1925 ع ۾ ماهوار “گلشن’’ رسالو جاري ڪيو ۽ ان کانسواءِ 1930 ع کان 1932 ع تائين “ سند آبزرور’’ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ، ۽ ساڳي عرصي دوران روزاني سنڌي اخبار “سنڌ شيوڪ’’ جو سب ايڊيٽر ٿي رهيو . ملازمت دوران کيس سنڌ سرڪار ڪيترن ئي تعليمي ڪميٽين تي ميمبر ڪري کنيو .ا هڙين ڪميٽين مان “مسلم اسڪولن جي لاءِ ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽي ’’ ۽ “قبائلي ماڻهن لاءِ تعليمي ترقي لاءِ ڪميٽي’’ جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن . عباسي صاحب سنڌ ۾ تعليم جي اوسر لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون . هڪ تعليمي ماهر ۽ تعليمدان جي حيثيت ۾ ڪجهه اسڪول به قائم ڪيائين . جيئن 1930 ع ۾ “ماڊرن اڪيڊمي’’، 1932 ع ۾ “هوپ فل انگلش اسڪول’’ ۽ 1960 ع  ۾ “شائننگ اسٽار اسڪول’’ . عباسي صاحب صحافت ۽ تعليم کان سواءِ سنڌي علم ادب جا به گهڙا ڀريا آهن . سندس ڏيڍ ڊزن کن ڪتاب به لکيل آهن . سندس لکيل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو.
    (1)    “ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ’’ (سوانح) (2) “ قائد اعظم محمد علي جناح’’ (سوانح) (3)“رئيس الا حرار مولانا محمد علي’’ (سوانح) (4) “حيڪم الامت علام اقبال’’ (سوانح) (5) “ شمس العماء علام دائود دپوٽه’’ (سوانح) (6 ) “ تاريخ اسلام’’ (سوانح) (7) “ حالات ضلع ٺٽه’’ (تاريخ) (8) “حالات صوبه سنڌ’’ (تاريخ) (9) “ تاريخ صوبه سنڌ’’ (تاريخ) (10) “حالات پاڪستان ’’ (تاريخ) (11) “ سنڌ صرف ونحو’’ (لسانيات) (12) “اردو استاد’’ (لسانيات) (13) “سر آغا خان ’’ (سوانح) (14) “ محمد ايوب کهڙو’’ (سوانح) . عباسي صاحب پنهنجي ٻڍاپي جا ڏينهن هن وقت ڪراچيءَ ۾ گذاري رهيو آهي . ساڻس پنهنجي ڏيٺ به عجيب اتفاق سان ٿي ، ۽ ڌڻي جي فضل سان آئون ساڻس نيازمنديءَ جو  رشتو ڳنڍيندو پيو اچان . تحقيقي ڪم ڪرڻ دوران مون کي اهڙن  قدر دانن ۽  مهربانن جي مدد جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي ، جيڪي پاڻ انگريزي دور جا عيني شاهد هجن ، يا وري انهيءَ دور جي ڪا جوڳي معلومات مهيا ڪري سگهن . مون کي پنهنجي ننڍيءِ  ڄمار ڪيترا ڏک به ڏنا ته سک به ڏنا . يا د ٿو پوي ته هڪ دفعي آءُ ڪراچيءَ جي هڪڙي سنڌي صاحب ڏي ويس . ان وقت هو پاڙي جي غير سنڌين کي ٽيوشن پڙهائي رهيو هو . آئون انهيءَ خوشي فهميءَ ۾ هئس ته منهنجي ڀرپور همت افزائي ٿيندي . پر ٿيو ائين ، جو ويس ڪن ٽوپائڻ پر موٽيس ڪن وڍرائي . اهو وقت به واقعي نازڪ هو . سڄي سنڌ لساني هنگامن جو ڌڪ کائي پاڻ سنڀالي رهي هئي . ماڻهن جا جذبا اڃا تاءُ ۾ هئا ، هو صاحب به انهن حالتن کان متاثر هو . سندس روز  گار جو مسئلو هو . ان ڪري  پهريون ته هو سنڌيءَ ۾  ڳالهائڻ کان نابري واري بهي رهيو . پوءِ جيئن جيئن گفتگو ٿيندو رهيو ، تيئن ڄڻ باھ تي گاسليٽ هاربو  ويو . جڏهن کيس ٻڌايم ته ائون سنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽري ڪري رهيو آهيان ،   تڏهن همراھ ڳاڙهي ٿي ويو . چوندا آهن ته “اڳ ئي ويٺي هيئ رٺي ، وري جو  آيس پيڪن جو نياپو ته روئي ويٺي’’ . سو مون کي ڪهڙي خبر  ته آئون ککر ۾ کڙو هڻي رهيو آهيان . هن ويچاري به ٻه ٽي سال اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ  ۾ ڊاڪٽري  ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي . اختاريءَ وارن معمول مطابق سندس قدر داني ڪرڻ بدران دلشڪني ڪئي هئي. سو همراھ نه ڪئي هم نه تم ، اچي ڇٽڪيو  گارين ۾ ! سنڌي ٻوليءَ کان وٺي لاکيڻي لطيف تائين . پراڻن ڊاڪٽرن کان وٺي ويندي ٿيندڙ ڊاڪٽرن تائين ڪنهن کي به ڪونه بخشيائين . آئون سن کائي هليو آيس . ليڪن جواني جا جذبا ڪٿي ٿا صبر ڪرڻ ڇڏين ؟
    ساري رات ننڊ ڪانه آئي . نيٺ پڪو پهه ڪيم ته صبح سان وڃي همراھ سان صفائي ڪبي ، صبح ٿيو ، اکيون مهٽيندو وڃي همراھ جو در کڙڪايم ، در کوليائين ، مون تي نظر پيس ته تپي لال ٿي ويو . چيائين : “ٽٽونءَ  لاءِ ٽاور، تازيءَ لاءِ اشارو’’ رات ئي توکي جواب ڏنم . پوءَ تون وري ڇو آيو آهين ؟ چيو مانس ته آئون نه ٽٽون آهيان ۽  نه وري تازي  . آئون در محمد آهيان . ويهه توسان ڳالهائڻو آهي’’. همراھ وٺ ڪرڻ نه ڏي  . پر پوءِ سندس  گهر واري وچ ۾ پئي ۽ مون کي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي . مون چانهه پيئڻ جو مطالبو ڪيو . جيڪو همراھ “ مان نه مان مين تيرا مهمان ’’ چئي قبول ڪئي . چانهه آئي ۽ همراھ صبر ڪري ويٺو . هاڻي منهنجو وارو هو ، ۽ پوءِ ته مون کيس ڪاري پائي پائي ڪري موٽائي ڏني . همراھ هو ڪراڙو سو سمجهيائين ته جيڪو گهران ئي جهيڙي ڪرڻ لاءِ آيو آهي ، تنهن سان پڄي ڪون سگهبو ، هن صبر ڪيو ۽ آئون بي صبريءَ جو مظاهرو ڪري گهر موٽي آيس .
    ڳالهه نڪتي هئي “ ننڍي ڄمار ’’ کان ، وڃي پهتاسين جهيڙي ۾ ! انهيءَ ڏکوئيندڙ واقعي کان پوءِ مون هڪ نئون رستو اختيار ڪيو . ڪوشش ڪري مضمون وغيره لکي اخبار ۾ شايع ڪرائڻ لڳس ته جيئن پنهنجو غائبانه طور تي ماڻهن سان تعارف ٿي وڃي ، ۽ ڪن هنڌن تي تون ڇا تون ڇا جو معاملو پيش نه اڇي . انهيءَ سلسلي ۾ مون کي “آزاد’’ ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپجي چڪا هئا ، ۽ اهي عباسي صاح جي نظر کان به گذريا هئا .

  • مون سي ڏٺا ماءُ قسط-4

    مون سي ڏٺا ماءُ قسط-4
    جڏهن هن هيڏيءَ ساري ماڻهن سان ڀريل دنيا ۾ انسانن جي تلاش ڪندي ، آئون عباسي صاحب تائين پهتس ته اسان ٻئي وائڙا ٿي وياسيڻ، عباسي صاحب کي يقين نه ٿي آيو ته آئون ئي اهو درمحمد آهيان . مون کي پنهنجي “ننڍي ڄمار’’ تي ڏک ٿيڻ لڳو . پر جڏهن عباسي صاحب چيو ته : “ يار مون ته سمجهو هو ته درمحمد اسان وانگر ڪراڙو هوندو  . پر تنهنجي وات مان ته اڃا کير جي خوشبوءِ ٿي اچي’’ . ته اهو جملو ٻڌي منهنجو غم خوشيءَ ۾ تبديل ٿي ويو . پوءِ عباسي صاحب ٻڌايو ته : تنهنجي ڄمار ۽ تنهنجي لکڻين ۾ وڏو فرق آهي . تون ٻار  هوندي وڏن جهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين ، پو ءِ ڪيئن نه ماڻهن ۾ غلط فهمي پيدا ٿئي’’ ؟
    بهر حال انهيءَ عجيب حادثي کان پوءِ مون عباسي صاحب جي قرب ۽ همدردين مان فائدو وٺندو رهيس ، سندس نادر لائبرري ڏٺم . ۽ ان کان سواءِ کانئس انٽرويو ورتم . پنهنجي عقيدت منديءَ جو اڄ به اهوئي حال آهي . شال ڌڻي تعاليٰ کيس وڏي ڄمار ڏئي . عباسي صاحب عملي طور تي 1925 ع کان اڳ علم ادب جي  ميدان ۾ پير پاتو . انهيءَ عرصي کان وٺي هن صاحب پنهنجي ميڙيءَ چونڊيءَ مان نادر ڪتابن تي مشتمل هڪ لائبرري ٺاهي آهي . جيڪا اڄ ڪڏهن بارش ته ڪڏهن جيتن ۽ ڪيڙن جو شڪار ٿيندي رهي آهي . ڪاش ڪوئي ادارو کانئس اها لائبرري خريد ڪري ، يا وري کيس انهيءَ نادر ڪتابن سانڍڻ ۾ مدد ڏئي . جيڪڏهن ڪنهن وقت لاءِ  اهي حالتون رهيون ته پوءِ اسان رڳو  ايترو چئي سگهنداسين ته “ جناب عباسي صاحب وٽ سٺن ڪتابن جي هڪ سٺي لائبرري هوندي هئي . جيڪا بارش ، ڪيڙن ۽ اسان جي سستيءَ جو ٻل ٿي وئي’’ .
    (محمد ابراهيم جويو )
    جناب محمد ابراهيم ولد محمد خان جويو 12 آگسٽ 1915 ع تي ڳوٺ آباد ۾ ڄائو ر ابتدائي چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ لڪيءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ اتي ڇهين درجي سنڌيءَ تائين تعليم ورتائين .انگريزي تعليم “اي- وي-  اسڪول’’ سن ۽ “سنڌ مدرسي’’ مان ورتائين . 1934 ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ جويو صاحب “ڊي – جي سنڌ ڪاليج’’، ڪراچي ۾ داخل ٿيو ، جتان 1938 ع ۾ بي- اي ڪيائين . گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ جويئي صاحب “سنڌ مدرسي’’ ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجي ملازمت جو آغاز ڪيو . انهي ئي ملازمت دوران 1940 ع ۾ بمبئي مان بي – ٽي جو امتحان پاس ڪري  آيو . ورهاڱي کان ڪجهه وقت “سنڌ کي بچايو ، ننڍي کنڊ کي بچايو’’ نالي انگريزي ۾ ڪتاب لکيائين . وطن دوستيءَ جي انهيءَ جذبي پنهنجي ملازمت تان هٿ کڻايا . ورهاڱي کان پوءِ 1948 ع ۾ جويو صاحب “ميونسپل هاءِ اسڪول’’، ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيو .جڏهن وقت جي سرڪار انهيءَ اسڪول کي تحويل ۾ ورتو کيس “ٽرينگ ڪاليج فارمين’’، حيدرآباد ڏانهن بدلي ڪيو ويو ، جتي 1951 ع تائين ڪم ڪيائين . انهيءَ کان پوءِ مارچ 1954 کان وٺي فيبروري 1961 ع تائين “سنڌي ادبي بورڊ’’ جو سيڪريٽري ٿي رهيو . فيبروري 1961 ع ۾ کيس حيدرآباد ريجن جي تعليمي ڊائريڪوٽريٽ ۾ پبليڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو . جنهن کان پوءِ نومبر 1962 ع ۾ “اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ٿيو . 1963 ع کان آگسٽ 1967 ع تائين انهيءَ بورڊ جي حيدرآباد، ڪراچي ۽ ڪوئٽيا ريجن جو انچارج ٿي رهيو ، ۽ ساڳي ئي وقت “ سنڌي ادبي بورڊ ’’ جي اعزازي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان به ڪم ڪيائين . ان کان پوءِ “گورنمنٽ هاءِ اسڪول ’’ جيڪب آباد جو هيڊ ماستر ۽ مارچ 1968 ع کان نومبتر تائين “گورنمينٽ ٽرينگ ڪاليج’’ ڪوهاٽ جو پرنسپال ٿي ڪم ڪيائين. تنهن بعد سيپٽمبر 1970 ع تائين حيدرآباد ريجن جي تعليمي ڊائريڪٽريٽ ۾ “ کاتي جي امتحانن’’ جو رجسٽار مقرر ٿيو . ان کان پوءِ جنوري 1971 ع تائين تعليم کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ، آگسٽ 1971 ع تائين “سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ’’ جو سيڪريٽري ، سيپٽمبر 1971  کان جولاءِ 1972 ع تائين خيرپور ڊويزن ۾ اسڪولن جو  انسپيڪٽر ۽ ان کان پوءِ ٻن مهينن لاءِ “ايڊيوڪيشن ايڪسٽيشن’’ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي رهيو . آخر ۾ 21 آگسٽ 1973 ع تي “ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ’’ جي آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي جي عهدي تان رٽائر ڪيائين.
    جويئي صاحب سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا دل تي  گهڙا ڀريا آهن . کين هڪ “استاد – اديب’’ جي حيثيت حاصل آهي ، هن دور جا ڪتيرائي نامور اديب ۽  شاعر سندس نظرياتي تربيت جي رنگ ۾ ورتل آهن . هن صاحب ڀريا پندرهن سال “سنڌي ادبي بورڊ’’ جي خدمت ڪئي آهي ، ۽ سندس دور جي “سنڌي ادبي بورڊ’’ جي  ڪارڪردگي  اڄ به مثال جي حيثيت رکي ٿي . سندس ئي ڪوشش سان “سنڌي ادبي بورڊ’’ ٻارڙن لاءِ’’  گل ڦل’’ رسالو جاري ٿيو . ان کان سواءِ پاڻ 1955 ع کان 1956 ع تائين ٽه ماهي “مهراڻ’’ جو ايڊيٽر به ٿي رهيو . جويئي صاحب جي ڪوششن سان 1964 ع ۾ “سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي’’ قائم ٿي ، جنهن طرفان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تعريف جوڳي خدمت ٿي رهي  آهي . جويو صاحب نه رڳو تعليم جو ماهر ۽ اشاعتي مسئلن جي ڄاڻو جي حيثيت رکي ٿو ، بلڪ سنڌي علم ادب جي دنيا ۾ اديب جي روپ ۾ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو .
    پاڻ ڪجهه شاعري به ڪئي اٿس ، ليڪن شاعر کان وڌيڪ مترجم ۽ ليکڪ جي حيثيت سان مشهور آهن . سندس لکيل توڙي ترجمو ٿيل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو . “ايملي عرف تعليم ’’ (تعليم – 1950)، “گل’’ (تربيت -1956)، “سنڌي پهريون ڪتاب ’’ (نصابي ڪتاب -1960)، “آسان سنڌي پهريون ڪتاب’’ (نصابي ڪتاب -1961)، “تاريخ پاڪستان’’ (تاريخ- 1962) ، 

     
  • مون سي ڏٺا ماءُ قسط-5

    25- جنوري 1982 ع
    قسط-5
    (“اياز ’’ قادري )
    جناب اياز حسين ولد غلام سرور قادري 19، جنوري 1924 ع تي لاڙڪاڻي ۾  ڄائو . ابتدائي تعليم “شاھ محمد اسڪول’’ ۾ “مين اسڪول” لاڙڪاڻي ۾ ورتائين . ان کان پوءِ “مدرسه هاءِ اسڪول” لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ڪيائين . مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ آيو جتي بي- اي  (آنرز ) ، ايم – اي (فارسي )، ايم- اي (سنڌي ) ۽ ايل- ايل- بي ڪيائين . ڪيتري وقت کان وٺي “سنڌي غزل جي ارتقا” تي ڊاڪٽريءَ لاءِ مقالي لکڻ ۾ مصروف آهن . اياز  صاحب ڪيترو وقت “سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج” ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿي رهيو ، هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ  ۾ سنڌيءَ جو ائسوشئيٽ پروفيسر آهي . کيس علم ۽ ادبي ذوق ورثي توڙي ماحول مان مليو . جيئن سندس وڏا مختلف علمي ۽ ادبي جماعتن جا سر گرم ڪارڪن ٿي رهيا . تيئن هي صاحب به مختلف ادبي جماعتن سان وابسته رهيو آهي، اهڙين جماعتن ۾ “سنڌي سڌار سوسائٽي” (ڪراچي ) ، “سنڌي ادبي سنگت” (ڪراچي )، “سنڌي ادبي سوسائٽي” (ڪراچي ) ۽ “سنڌي ادبي بورڊ” جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن.
    اياز صاحب 1954 ع ڌاري هفتيوار “نجوان” ۽ “سنڌي مسلم ڪاليج” جي مخزن جو ايڊيٽر به ٿي رهيو . هن وقت سيد غلام مصطفيٰ شاھ جي انگريزي رسال “سنڌي ڪوارٽرلي” جي ڪم ۾ به ساڻس هٿ ونڊائي رهيو آهي . پاڻ ناميارن شاعرن ۽ ليکڪن مان هڪ آهن . سندس لکيل ڪتابن مان “بلو دادا” (ڪهاڻيون ) ، الحاج پروفيسر غلام مصطفيٰ شاھ ” (سوانح )، “گور ڪئي جي آتم ڪهاڻي” (ترجمو)، “آزاديءَ جا اڳواڻ” (جي – الانا صاحب جي ڪتاب جو اڌ ترجمو ) ذڪر ڪرڻ لائق آهن . اياز صاحب جو نالو مون ڪراچي اچڻ کان اڳ ٻڌو هو . پاڻ جيڪڏهن منهنجي ڳوٺ جا نه ٿين ، پر ٻنهي جو  واسطو هڪ ضلعي سان آهي ، هڪ خطي سان آهي ، هڪ زبان سان آهي ۽ هڪ ذريع معاش سان آهي . باقي کوپري کوپري مت نيازيءَ جيان ڌڻي تعاليٰ هرهڪ انسان ۾ ڪو نه ڪو فرق ضرور رکيو  آهي . آئون اياز صاحب جي خاندان لاءِ رڳو اها ڄاڻ رکندو هوس ته هن خاندان علم ادب ۽ صحافت جي تعريف جوڳي خدمت ڪئي آهي . “اديب سنڌ” جهڙي نامياري رسالي کي سندس ئي خاندان جو سهارو حاصل هوندو هو ، ۽ لاڙڪاڻي ۾ شاعرن جا ابا ڏاڏا ئي سندس ئي خاندان وارا ٿين . پر اها معلومات اڻپوري ۽ اڌوري هئي ، حقيقت ۾ سندس خاندان جو سنڌ جي سياست ۾  به وڏو عمل دخل رهيو  آهي .مون انگريزي راڄ جي دور واري سنڌ جي سياست تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي ، جنهن ۾ هرهڪ پارٽيءَ جو تفصيل سان احوال ڏنو اٿم . اها مون کي خبر آهي ته جڏهن “خلافت تحريڪ ۽ امن سڀائن جي اڻبڻت جو احوال” ٻڌايو ويندو ته اياز صاحب جي خاندان کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه سگهيو . مون پنهنجي ڪتاب ۾ هن خاندان کي به جوڳي جاءِ ڏني آهي . مون جڏهن “ڪراچيءَ جي ادبي تاريخ” تي پي-ايڇ- ڊي لاءِ مقالي لکڻ لاءِِ جاکوڙ شروع ڪئي هئي ته اياز صاحب جي تعاون ۽ سرپرستيءَ جي به ضرورت محسوس ٿي . پاڻ ڪيتري وقت کان وٺي ڪراچي ۾  رهڻ ڪري هتان جي ادبي ماحول کان باخبر هئا ، ۽ عملي طور تي ڪيترين ادبي ٽريڪن توڙي جماعتن جا مکيه ڪردار به ٿي رهيا هئا . منو جڏهن ڏانهن هڪ اڌ پنڌ ڪيو ته مون سان وڏا وڙ ڪيائون ، جن کي آئون ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهان جيتوڻيڪ پاڻ به مون کان اڳ پي- ايڇ-  ڊي لاءِ رجسٽريشن ڪرائي چڪا هئا ، پر پوءِ به “روايتي ساڙ ” نه ڏيکاريائين ۽ سنڌ دل توڙي دماغ ۾ ڪڏهن به اهو خيال پيدا نه ٿيو ته متان درمحمد نه اڳ ۾  ڊاڪٽر بڻجي وڃي . مون کي ياد ٿو پوي ته پاڻ پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي به مون سان گڏجي هلندا هئا ۽ ڪيترن ئي ڪم جي ماڻهن ، عالمن ۽ اديبن سان ڏيٺ ڪرايائون . ان کان سواءِ مون پهريون کانئن ئي ڀارتي اديبن ۽ عالمن جون ايڊريسون ورتيون هيون . جنهن کان پوءِ مون پنهنجي ڪم جي معلومات ڀارتي اديبن کان حاصل ڪئي .اتان جي ڪن دوستن سان لکپڙھ ڪرڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن آل انڊيا ريڊيو تان سنڌي پروگرام ٻڌڻ کان پوءِ اهو يقين ٿي ويم ته اياز صاحب جي جيتري عزت سنڌ ۾ ڪئي وڃي ٿي ، اوترو احترام وري ڀارت ۾ به ڪيو وڃي ٿو. سندس ڪيترائي هم ڪلاسي ، اهل ادب ۽ ڳوٺائي اڃا اتي زندھ سلامت آهن ، اهائي ساڳي اڪير ۽ سڪ سان سندس عزت ۽ احترام ڪن ٿا . سنڌ ۾ سندس عقيدتمندن ۽ شاعرن جو هڪ وسيع حلقو آهي. پاڻ پنهنجيءَ جاءِ تي اسان جي علم ادب ۽ تعليم جو هڪ باب آهن .
    اياز صاحب سنڌ جي پهرين ترقي پسند ادبي جماعت “سنڌي ادبي سنگت”  جو پهريون جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو آهي ، پوءِ ڪن اختلافن سبب انهيءَ عهدي کان پري ٿي ويو . پر پوءِ سندس ڪهاڻين جو مجموعو “بلو دادا”  سنڌ جي سمورن نظرياتي ڌڙن ۾ نه رڳو  پسند ڪيو وڃي ٿو پر ساراهيو به وڃي ٿو . اياز صاحب جن اڄ به سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادبي ڪانفرنس ، مجلسن ۽ مذاڪرن جي مورن مان هڪ مور آهي . پاڻ جيتريون ڪانفرنسون ڏٺيون اٿس ۽ جن ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيو آهي ، انهن کي جيڪڏهن ڪتابي صورت ڏئي ته هوند هڪ هيڏو سارو ڪتاب بڻجي پوي . پاڻ جيڪڏهن قلم کڻن ته هڪ طرف “سنڌي ادبي سنگت” ۽ ٻئي طرف “جميعت الشعراء سنڌ”، هڪ طرف “سنڌي سڌار سوسائٽي“ ۽ ٻئي  طرف “سنڌي ادبي سوسائٽي” جي تاريخ جي مکيه بابن کي هميشھ هميشھ جي لاءِ محفوظ ڪري سگهن ٿا . پاڻ “سنڌي ادبي بورڊ” جا ميمبر ۽ “ڪراچي يونيورسٽي ” جا مکيه استاد آهن.      

  • مون سي ڏٺا ماءُ قسط6

    مون سي ڏٺا ماءُ  قسط 6
    در محمد پٺاڻ
    ڪيترن دوستن جو خيال آهي صفحو رڳو سڌي جي سگهڙن لاءِ  وقف ٿيل آهي . انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ، ليڪن جيڪڏهن سنڌ جا ٻئي شاعر سگهڙن جي فن ۽ فڪر جي ترجماني ڪندر شاعري موڪليندا ته انهيءَ کي به اوس ئي شايع ڪيو ويندو .
    منهنجي خيال ۾ “سگهڙ سنگت” هڪ اهڙي تحريڪ جو نالو آهي ، جنهن وسلي سنڌ جي سمورن سگهڙن کي منظم ڪرڻ کانسواءِ سندس  فن توڙي فڪر جي ترقي ، اوسر ۽ حفاظت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي . ان ڪري سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي فلاح ۽ بهبود جا خواهشمند ڪنهن روڪ ٽوڪ کان سواءِ هن صفحي لاءِ لکي سگهن ٿا . آئون کين خوش آمديد چوان ٿو . حقيقت اها آهي ته کين ضرور رکڻ ئي گهرجي ، ڇو ته اسان جي ڪم جي نوعيت ذاتي نه پر قومي آهي . ملڪ ، ملت ، قوم ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ جو فرض هڪ تي نه پر هر هڪ تي عائد ٿئي ٿو . آئون سنڌ جي عالمن ، اديبن ، شاعرن ۽ دانشورن ۾ اها اميد رکان ٿو ته هو هر ممڪن ڪوشش ڪري هن علمي ۽ ادبي تحريڪ ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏيندا . جيڪڏهن اسان کي ڪا ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي ته ان ۾ سڀني جو گڏيل  فائدو آهي .

  • مون سي ڏٺا ماءُ قسط-7

    23- مارچ 1981 ع
    قسط 7  
    اسان جي  “وسيع تر انفراديت جي دور’’ کي ڪيترن ئي سببن جنم ڏنو . انهن مان هڪڙا آهن تاريخي سبب ۽ ٻيا آهن سماجي سبب . تاريخي طور تي هن قوم  يا ته پاڻ کي لٽرايو آهي يا کيس لٽايو ويو آهي ، سنڌ جي سر سبز ۽ شاداب سر زمين ڪيترن ئي جابرن کي فاتح جي حيثيت ڏئي ڇڏي . ان کان پوءِ اسان جي صوفياڻي ۽ سماجي طبيعت ۽ مهمان نوازيءَ جي ريتن رسمن اسان  کي ڪيترن دورن ۾ نانگ پلرايا . جن ئي اسان کي ڏنگيو ۽ ماريو . تاريخي طور تي ڏٺو ويندو ته هن ڌرتيءَ تي عربن جي آمد کان وٺي انگريزن جي رواني تائين آزادي کي برقرار رکڻ جي جدو جهد ڪئي وئي . انهن سمورن دورن “سومرن جو دور’’ ئي مڪمل آزادي ۽ خود مختاريءَ جو دور رهيو . باقي ٻئي دور غلامي يا غلاميءَ گاڏڙ آزاديءَ جا دور هئا. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته “ڪلهوڙن جو دور ڏيهي حاڪمن جو دور هو. پر حقيقت ۾ انهيءَ جو ڳچ عرصو به پيئرن کي  قيد ڪندڙن   “الله جي پاڇن ’’ بادشاهن جي زير دستيءَ ۾  رهيو . جڏهن ملڪ جي وحدانيت جي واءُ گهلي ته فوجي جرنيلن – ميرن ملڪي معاملن ۾ مداخلت  شروع ڪئي ، ۽ ملڪ کي فوجي ڇانوڻي بڻائي ڇڏيو . پوءِ نتيجو اهو نڪتو ته هو ملڪ جي آزاديءَ کي اڌ صدي تائين به برقرار رکي نه سگهيا.
    “سومرن جي دور’’ کان پوءِ عوام جي اثر رسوخ رکندڙ طبقي سياست بدران سازشن کي ئي پنهنجو شيوھ بڻائي ڇڏيو . انهيءَ وٺ پڪڙ جي دور ۾ ماڻهن پنهنجي انفرادي عزت ۽ ذاتي مفاد بچائڻ خاطر اجتماعي غلطيون ڪيون ، اها “تاريخي نفسيات’’ اڄ به اسان جو جز آهي . سماجي ميدان طرف نگاھ ڦيرائڻ سان به “انفراديت’’ جي پئدائش جا سبب ڏسڻ ۾ اچن ٿا، اسان وٽ مصيبت هن ڳالهه جي آهي ته اسان “فرد’’ کي ڪڏهن تسليم ڪيوئي ڪونه آهي . ان ڪري رد عمل طور هر هڪ انفراديت جو شڪار آهي . اچو ته ڳالهه کي شروع کان کڻون . ٻار اسان جي مڇ جو وار آهي . هن کي اسان اڳيان ڪا به حيثيت ڪانه آهي . ٻيون قومون پنهنجن ٻارن کي “آئندي جو ابو’’ ڄاڻينديون آهن . پر اسان اولاد کي اولاد ته ڇا پر انسان جي حيثيت ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونه آهيون . ٻار جڏهن والدين جي اڻ ڄاڻائي جو شڪار ٿي اسڪول ۾  اچي ٿو ته اتي به سندس حيثيت کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو . کيس بنهه خالي توٻرو ڄاڻي استاد ، سندس ذهن ۾ علم ۽ عقل جو بوسو ڀريندا رهن ٿا . اسان جو استاد جو پنهنجي جاءِ تي پاڻ هڪ پورو “مسئلستان’’ لڳو پيو آهي . اهو اڃا پريشانين ۾ به قوم سان پيار ڪرڻ نه  سکيو آهي . ڇو ته هو  پاڻ به وسيع تر انفراديت جي دور ۾ رهي ٿو ۽ نتيجي طور کيس رڳو پنهنجا مفاد ئي عزيز آهن ، پوءِ اهي تنخواھ بابت هجن يا ترقيءَ متعلق.
    استاد سان گڏ اسان جو  “تعليمي نصاب’’ به هڪ هيڏي ساري عذاب کان گهٽ ڪونهي . ٻار گڏھ ڪتابن جا ڍوئي ڍوئي  پاڻ گڏھ بڻبا وڃڻ ٿا. آئون ٻين سبجيڪٽس جا مثال نه ڏيندس ، پر رڳو ٻولين وارا سبجيڪٽس ئي ڏسو . اسان جي ٻار “مادري زبان’’ پڙهي آهي ، اها سندس فطرتي تقاضا آهي . ويچاري کي “قومي زبان’’ به سکڻي آهي ، ڇو ته اڳتي هلي کيس يڪجهتي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي . شريف کي “مذهبي ٻولي’’ سکڻي آهي ، ڇو ته کيس آخرت سنوارڻي آهي . کيس “انگريزي زبان” سکڻي آهي ، ڇو ته کيس دنيا ۾ سروخروء ٿيڻو آهي . ڪاش! اسان جا تعليمي ماهر ٻيهر ڄاپي ٻار جي مسئلن کان باخبر ٿين . اٺ ڪتابن پڙهڻ کان پوءِ به ٻار کي ڇا ٿو ملي ؟ ڪاگر جون ڊگريون ، نرسائيءَ ۽ مايوسيون !
    پوءِ نراسائين جي دنيا ۾ رڳو انفراديت کي ئي هو غلطي ۾ پنهنجي مسئلن جو  حل ڄاڻي ٿو. کانئسن اجتماعيت وسري ٿي وڃي . ٻار کان وٺي ويندي ٻڌاپي تائين سندس شخصيت کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو . اسان پنهنجي معاشري جي منزل ئي اهڙي ٺا هي آهي جو ڏاڪي ڏاڪي تي پير رکڻ سان پاڻ ڊهندو نظر اچي ٿو.
    پيءُ کان وٺي ويندي استاد تائين ، وڏيري ننڍيري  کان وٺي ويندي آفيسر تائين ڪنهن به فرد کي تلاش ڪرڻ جي باوجود پنهنجو مقام نه ٿو ملي . ان ڪري هو پنهنجو مقام ئي تلاش ڪندو رهي ٿو ۽ ٻين تي سندس نظر ئي نه ٿي پئي . اهوئي سبب آهي جو اڄڪلهه اسان جي ڳچين ۾ “انفراديت جا صليب’’ پيا آهن ۽ “ اجتماعيت جي پوشاڪ’’ پائڻ تي ارواح ئي نه ٿو ٿئي .
    مون ڳالهه ٿي ڪئي پنهنجي “تنظيمي تجربن’’ جي ۽ وڃي نڪتاسين فلسفي ۾ . سو مون جڏهن سگهڙن جي لاءِ تنظيمي ڪم جو آغاز ڪيو ته ڪيترن نام نهاد روشن خيال دوستن کي ناگوار گذريو  . مصيبت اها آهي ته اسان ۾ ايتري “اخلاقي جرئت’’ ڪانه ٿيندي آهي ته کليءُ طرح پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريون ۽ بري کي برو يا ڀلي کي ڀلو چئون . منهنجي انهن دوستن به ائين ئي ڪيو . مون سان ملندا هئا ته ڪم جي تعريف ڪندا هئا . پر پرپٺ پيا پير ڪڍندا هئا . هڪڙي الله جي بندي ته ٻهراڙين ۾ سگهڙن سان به لاڳاپو قائم ڪيو ، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سندس مخالفت جو ته ڪوئي بڻ بڻيادئي ڪونه هو . هن جو اهو اثر ٿيو جو سنڌ جا سگهڙ ، جيڪي اڳ ئي ڪن عالمن ۽ اڳواڻن جي عنايتن جو نشانو بڻجي چڪا هئا ، سي هاڻي ڇنڊي ڦوڪي پير کڻڻ لڳا . ليڪن مرحوم محمد مريد جت غير مشروط طور تي اسان جو ساٿ ڏنو. هو ڪيترن سگهڙن جو استاد هو . ۽ سگهڙن جي نفسيات کان چڱي طرح باخبر هو .  جنهن ڪري مون کي هي فائدو مليو جو پنهنجي تنظيمي ڪم ۾  آساني پيدا ٿي پئي . تنظيمي ڪمن ۾ “اميدن’’ ۽  “نتيجن’’ جي تانگهه کي وڏو اثر

  • مون سي ڏٺا ماءُ قسط-8

    6- اپريل 1981 ع
    مون سي ڏٺا ماءُ قسط-8  
    عبدالڪريم “سعدي’’
    جناب  عبدالڪريم “سعدي’’ ولد محمدپريل 8، جولاءِ 1924 ع تي ٽنڊي الهيار ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين . ان کان پوءِ 1932 ع ۾ “ڪامارو شريف اسڪول’’ مان فائينل پاس ڪيائين . بعد ۾ “مظهر العلوم مدرسه’’ ڪراچيءَ ۾ عربي ۽ فارسي پڙهڻ ويٺو ۽ 1943 ع ۾ دستاربندي  ڪيائين . “سعدي’’ صاحب هن ئي عرصي دوران “ سنڌ مدرسته السلام’’ مان انگريزي تعليم ورتي ۽ آخر ۾  “پنجاب يونيورسٽي’’ مان 1942 ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين . “سعدي’’ صاحب 1945 ع ۾ هفتيوار “مسلمان’’ (حيدرآباد) ۾ ڪم  ڪرڻ سان صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو . انهيءَ کان پوءِ 9 مهينا کن “پيغام صلح’’ (ڳڙهي ياسين ) جو ايڊيٽر ٿي رهيو . تنهن کان پوءِ ذري گهٽ سال ، روزانه “قرباني’’ (ڪراچي) ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ 1946 کان روزانه “هلال پاڪستان’’ (حيدرآباد) ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو . 1950 تائين اتي ڪم ڪيائين ، جنهن کان پوءِ “ريڊيو پاڪستان’’ ڪراچي ۾ ملازمت ڪيائين . 1952 ع ۾ پنهنجي سوٽ محمد عمر بلوچ سان گڏجي ٽنڊوالهيار مان روانه “تاج پاڪستان’’ اخبار جاري ڪيائين . جيڪا پنج مهينا کن هلي . 1953 ۾ ساڳي ئي هنڌ تان حاجي محمد صادق ميمڻ سان گڏجي هفتيوار “الهلال’’ اخبار ڪڍيائين ، جيڪا 1968 ع تائين هلي . انهيءِ کان پوءِ “سعدي’’ صاحب مڊل ايسٽ هليو ويو ، جتان 1972 ع ۾  موٽي اچي “هلال پاڪستان’’ (ڪراچي ) ۾ ڪم ڪري رهيو آهي . جناب “سعدي’’ صاحب جهوني صحافي ۽ عالم هئڻ سان گڏ اديب ۽ شاعر به آهي . شاعريءَ ۾ “سعدي’’ تخلص استعمال ڪندو آهي . پاڻ ڪي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا اٿس ، جن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

    “مرزا غلام احمد قادياني’’، “ بوستان جو منظوم اردو ترجمو’’
    (جيڪو ڪجهه وقت بي. اي جي ڪورس تي به رکيل هوندو هو)، “عبدالڪريم گروهڙي’’ ۽ “رد مسيحت.’’ هن صاحب مختلف وقتن تي مختلف اخبارن ۾ “مستقل ڪالم’’ به پئي لکيا آهن . جيئن ته اخبار “مسلمان’’ (حيدرآباد) ۾ “وتايو فقير’’، اخبار “پيغام صلح’’ (ڳڙهي ياسين) ۾ “چرچن جي چٽڻي’’، اخبار “هلال پاڪستان’’ (حيدرآباد) ۾  “تفريحات’’، اخبار “هلال پاڪستان’’ (ڪراچي ) ۾ “جهاتيون’’. اڄڪلهه “سعدي’’ صاحب “جهاتيو’’ ڪالم ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ، ۽ اسان مان ڪيترا کيس “جهوني صحافي’’ جي حيثيت سان به سڃاڻن ٿا . مگر ٿورن کي معلوم هوندو ته پاڻ دفعا دستاربندي ڪري چڪا آهن . انهيءَ ڪري سندن شمار عالمن ۾ به ٿئي ٿو . جيتوڻيڪ “سعدي’’ صاحب جن 1972 ع کان وٺي ڪراچيءَ ۾ هئا ۽ آءُ به 1973 ع ۾ ڪراچيءَ ۾ آيو هئس . پر پنهنجي پي. ايڇ. ڊي . جي ڪم جو ايترو ته جنون هو ، جو گهڻي وقت تائين ساڻن لاڳاپا قائم ٿي نه سگهيا. پر پوءِ جڏهن مٿي کنهڻ جي فرصت ملي ۽ جن مٺڙن ماڻهن جو قرب حاصل ٿيو ، “سعدي’’ صاحب انهن مان اڳرو هو . جيتوڻيڪ “سعدي’’ صاحب جن به “آزاد’’ اخبار جي آفيس ۾ ايندا رهندا هئا ، پر ڪڏهن اتي اسان جي ملاقات ٿي نه سگهي، آئون “آزاد’’ اخبار ۾ گهڻي وقت کان وٺي لکندو پيو اچان ، ان ڪري پاڻ غائبانه طور تي مون کي ڄاڻندا هئا ، ۽ آئون وري هر روز “جهاتيون’’ ڪالم پڙهي سندن لياقتن ۽ صلاحيتن جي ساک ڀريندو رهندو هوس . هي زمانو لياقتن ۽ صلاحيتن جو نه پر لڳ لاڳاپن جو زمانو آهي ، انسان مفادن جي بنيادن تي معاشري کي ڌڙن ۽ گروهن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي . ان ڪري اقربانوازي جي آب هوا کان سواءِ اسان کي ٻي آب هوا وڻي ئي ڪين ! آئون آفيسن ۽ ٻين ادارن جي ته ڳالهه ڪونه ڪندس پر ادبي دنيا جو احوال ضرور ڏيندس ، ڇو ته آئون به انهيءَ  آستان جو پاڻي ڀريندڙ آهيان . جيئن پروڊيسر پنهنجي ادارن ۾ اڇي ڪاري جا مالڪ هوندا آهن ، تيئن اخبارن ۽ رسالن ۾ وري ايڊيٽر ۽ انچارج هر شيءَ جا مالڪ ٿيندا آهن . ان ڪري اهي “خاص پروگرام’’ رڳو اهي “خاص اديب’’ ئي لکي سگهندا آهن . اهڙي نموني سان ڪيترين اخبارن ۾ رڳو “خاص ليکڪ’’ ئي لکي سگهندا آهن .ڪن ايڊيٽرن ، انچارجن يا پروڊيوسرن کي ڪن اديبن ، شاعرن ۽ ناٽڪ نگارن سان پئي ئي ڪانه ، ۽ وري ڪن کي پاڻ کان پري ئي ڪونه ڪن . پاڻ سان مصيبت اها آهي جو هن وقت تائين پاڻ کي ڌڙي بندي کان الڳ ۽ آزاد پئي رکيو آهي . ان ڪري ڪيترن جي عنايتن کان دور آهيون : بلڪل اهڙي ئي ماحول ۾ مون “سنڌ سگهڙ سنگت’’ جي ڪم جو آغاز ڪيو . اسان جون ڳوٺن ۾ ڪچهريون ٿيڻ لڳيون ۽ مختلف هنڌن تي سنگت جون شاخون کلڻ لڳيون . ڪجهه وقت کان پوءِ مون “آزاد’’ (ڪراچي ) ۾ “سگهڙ سنگت) جو مستقل ڪالم شروع ڪيو ۽ سنڌ جي سگهڙن کي دعوت ڏني ته هو پنهنجو فن ۽ فڪر موڪلي ڏين .
    جنهن مان سٺي فڪر ۽ فن تي انعام ڏنا ويندا . سٺي موٽ به ملي ، پر گهربل پبلسٽيءَ جي اڻاٺ جو احساس ٿيڻ لڳو . انهيءَ کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ مون پنهنجي سنگت جي سگهڙن کي صلاح ڏني ته پنهنجي  ڪچهرين ٿيڻ ۽ شاخن قائم ٿيڻ جون ڪارروايون لکي اخبار ۾ موڪلين . نتيجو اهو نڪتو جو حيدرآباد جي ڪن اخبارن هي خبرو کنيون . پر هتي ٻوٽو ڪونه ڀريو . پر جس هجي “سعدي’’ صاحب کي ، جنهن بنا ڪنهن ڄاڻ ۽ لڳ لاڳاپي جي ، محض صحافتي ديانتداري ۽ خدمت جو ثبوت ڏيندي ، اسان جي سنگت کي پنهنجي مشهور ۽ مقبول ڪالم “جهاتيون’’ ۾ جاءِ ڏني .

    (بقايا: مون سي ڏٺا ماءُ)
    حاصل آهي . ڪارڪن ڇو مايوس ٿيندا آهن ؟ ۽ اڳواڻ ڪڏهن نراس ٿيندا آهن ؟ انهيءَ جو دارو مدار “اميدن’’ ۽  “نتيجن’’ بابت راءِ تي ٿئي ٿو . ڪيترا سگهڙ تريءَ تي بهشت ڪري ڏيکارڻ جو مطالبو ڪندا هئا . سندن نيت هوندي هئي ته آئون کين ريڊيو ۽ ٽي. وي جا پروگرام  وٺي ڏيان . انهيءَ ڪري جڏهن هو مون ۾ اجايون اميدون رکي ايندا هئا ته کين مايوس ٿيڻو پوندو هو . آئون انهيءُ راءِ جو هوندو هئس ته ريڊيو ۽ ٽي- وي تي سگهڙن کي پروگرام ملڻ گهرجن . اهو سندن حق آهي ، پر منزل ڪانهي . ان ڪري اسانکي “مفادن’’ بدران “منزل’’ اڳيان رکڻ گهرجي . ان ڪري ڪجهه سگهڙ پنهنجون “اميدون’’ پوريون ٿيندي نه ڏسي اسان کان پري ٿيندا ويا . جيڪڏهن هڪ اڳواڻ جي حيثيت ۾ آئون وري “نتيجن’’ ڏسڻ جي تانگهه رکان ها ته مايوس ٿيڻو پوي ها ، ليڪن مون ائين نه ڪيو . جيتوڻيڪ سڄي واڳ منهنجي هٿ ۾ هوندي هئي ، پر پوءِ  به مون ڪڏهن به پاڻ کي اڳيان نه آندو . قيادت سگهڙن جي حوالي ڪيم ، ۽ سڀئي عهديدار انهن مان ئي چونڊرايم ته جيئن انهن ۾ پاڻ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي عادت پئدا ٿئي. اهو منهنجو ايمان هو ته هر هڪ شاندار عمارت پيڙھ تي ٻڌل ٿئي ٿي . عمارت جا ٻاهريان ڏيک ته نظر ايندا آهن ، پر پيڙھ گمنام هوندي آهي .انڪري مون پيڙھ بڻجڻ لاءِ پاڻ کي گمنام رکيو ليڪن قوم جي ڳچ حصي جيان سگهڙ به هڪ ٻئي کان قيادت تسليم ڪرڻ کان ڪيٻائڻ لڳا . سگهڙن ۾ ايتريون ته ڌڙي بنڊيون هونديون هيون ، جو هڪڙن کي پرچائبو هو ته ٻيا رسي ويندا هئا . پنهنجو ڳچ وقت رڳو فيصلن ڪرڻ ۾ گذري ويندو هو . پر پوءِ به مون کي هو مايوس ڏسي ڪڏهن ڪڏهن وائڙا ٿي ويندا هئا .۽ چوندا هئا ته اوهان جي تريءَ کي تيل به نه ٿو لڳي پوءِ رشتو ڇو جوڙيون ويٺا آهيو ؟ آئون کين سمجهائيندو هوس ته اسان وٽ تحريڪون ان  ڪري ڪامياب نه ٿيون ٿين جو اڳواڻ اهڙا نه مليا آهن . اسان کي اڳواڻ اهڙا ملندا آهن ، جيڪي نه ته پاڻ کي سڃاڻيندا آهن ، ۽ نه وري قوم کي سڃاڻيندا آهن ،گهڻن اڳواڻن کي ته “ذاتي مفاد’’ اڳيان هوندا آهن . ان ڪري “ڪم لٿو ڊکڻ وسريو’’ جي مصداق تحريڪ نڌڻڪيون ٿي وينديون آهن . جيڪي اڳواڻ وري بي لوث هوندا آهن ، انهن مان ڪي وري هيءَ غلطي ڪري ويهندا ، جو هو “نتيجن’’ کي عزيز رکندا آهن ، وڏي محنت ۽ جدو جهد کان پوءِ به جڏهن هو پاڻ جهڙا ڪارڪن پئدا ڪري نه سگهندا آهن ته قوم تي ميارون رکي ويهندا آهن . حالانڪ قوم ڏانهن قرآن کڻي ڪانه آئي هئي ته سندن قيادت ڪئي وڃي ، قوم جي خدمت جو جذبو يا مارن جي محبت قائد کي ئي هئي . اهو جذبو ته بي لوث ٿيندو آهي ۽ غير مشروط ٿيندو آهي . اهو اڳواڻ، جو خدمت ۽ قيادت جي معاوضي ۾ عزت ، نالو يا ڪا ٻي مدد طلبي ٿو ، اهو قوم سان پيار نه ٿو ڪري ، پر واپار ٿو ڪري . اهو واپاري جڏهن پنهنجي مفادن جي تارازي کڻي پنهنجي خدمت جي تور ڪري ٿو ته پاڻ کي خساري ۾ ڄاڻي ٿو . ان ڪري پيار بدران تڪرار جون ڳالهيون ڪرڻ لڳي ٿو . ڀلا اهي ماڻهو جن عزت ڏٺي ئي ڪانهي سي ويچار اڳواڻن جي ڪهڙي عزت ڪن . بکيا مارون رهبرن جا ڀڀ ڪٿان ڀرن ؟
    مرحوم سگهڙ محمد مريد جت هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان ڪڏهن به مون ۾ لالچ نه رکي ، ڪيترا سگهڙ ملڻ ايندا هئا ته ڀاڙي ڀتي جي طلب ڪندا هئا ، پر هي جڏهن به آيو قرب جي ڪچهري ڪرڻ لاءِ . ڪيترن سگهڙن چيو ته اسان جي نالي روشن ڪرڻ لاءِ انعام ڏي . ليڪن هن فقير ڪڏهن به نالي لاءِ مرڻ جي ڪانه ڪئي . مرحوم مون کي ڏاڍيون دعائون ڏيندو هو . چوند ته: “ابا! تو اسان اٻوجهن  کي سجاڳ ڪرڻ جي جا تحريڪ هلائي آهي . اها اڳتي هلي رنگ لائيندي ، توکان اڳ ۾ ڪيترن مري ويل سگهڙن کي ته هٿ ۾ کنيو . پر تو جيئرن جاڳندن سگهڙن کي پنهنجو ڪيو آهي . جيڪڏهن اسان ۾ ساڃهه هوندي ته توکي به سڃاڻينداسين ۽ پاڻ کي سڃاڻينداسين !’’ هو فقير ته اها ساڃهه سيني  ۾ رکيون وڃي قبر ڀيڙو ٿيو . پر اسان اڃا زندھ آهيون . هو جي حسرتون کڻي اسان کان جدا ٿي ويو ، شل اسان انهن کي پورو ڪيون . من اهڙو واءُ وري جو سندس شاگردن ۽ دوستن کي انهيءَ ساڃهه  جي سوکڙي نصيب ٿئي .

     (بقايا مون ڏٺا ماءُ)
    جي مقابلي ۾ اسان کي قومي اخبارن جو اجراغ  ڪرڻو پوندو . اهڙي قسم جون اخبارون گڏيل سيڙايل موڙي يا ڪنهن ٻئي امداد باهمي جي اصول تي ڪڍي سگهجن ٿيون . پر ياد رکڻ گهرجي ته اهو اشتراڪ به هڏ ڏوکي طبقي جو هئڻ گهرجي ، ۽ نه اهڙن پيرن يا وڏيرن جو ، جن جي هٿن رکڻ سان هر هڪ اخبار “الوحيد” جيان سرعام نيلام ٿئي .
    جيئن اسانجي معاشري پنهنجو ۽ پنهنجي صحافت جو عجيب حال بڻائي ڇڏيو آهي ، تيئن ڪيترن لائق ۽ فاصل صحافين کي به نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي . حال وڃي هي رهيو آهي جو بقول مرزا قليچ بيگ ڪک ۽ ڪانا مٿي تري رهيا آهن ، ۽ موتي پاتال ۾ پيا آهن . سنڌي صحافت جا ڪيترا جهونا جوڳي اڃا زندھ آهن .
    جن مان هالائي صاحب به هڪ آهي ، هنن پنهنجو رت ست ڏئي سنڌي صحافت کي زندھ رکيوآهي پر اهي جڏهن اڃ زندگيءَ جون آخري گهڙيون گهاري رهيا آهن ته انهن جي ڪوبه سار سنڀال لهڻ لاءِ تيار ڪونه آهي .مالي ۽ اخلاقي مدد ته رهي پنهنجي ماڳ پر ڪوئي قلم کڻي سندن ٿوري قدرداني به نه ٿو ڪري . آئون پاڻ کي خوشنصيب سمجهندو آهيان ، جو ايترو وقت ڪڍي سگهيو آهيان جو اڄ سمورن صحافين ۽ سندن ڪارنامن تي به ڪتاب لکي چڪو آهيان . انهن مان پهريون ڪتاب آهي “ايڊيٽر نامو” جنهن ۾ هند توڙي سنڌ جي لڳ ڀڳ 300 کن ايڊيٽرن جو احوال ڏنو اٿم . ٻيو ڪتاب آهي “اخبار نامو” جنهن ۾ لڳ ڀڳ ايترن اخبارن ۽ رسالن جو احوال لکيو اٿم . انهي ئي ڪتابن جي تياري لاءِ جهوني ۽ بزرگ صحافي جناب محمود هالائي سان لکپڙ . ڪرڻي پئي . پهريون اسان خطن وسلي رابطي ۾ رهياسين ، ۽ پوءِ هڪ ڏينهن “آزاد” جي آفيس وفائي پريس ۾ کيس ڏسڻ جي حسرت به پوري ٿي . آئون جڏهن سوال نامون کڻي هن صاحب جي اڳيان ويٺس ته هو مون کي سراپا هڪ سوال نظر  آيو . تڏهن مونکي اهو تاثر مليو ته هالائي صاحب جن تعجب وچان مون کان پڇي رهيو هجي ته آئون معاشري جي ريتن ۽ رسمن ۽ نظر اندازيءَ وارين عادتن جي خلاف سنڌي صحافت تي ڪيئن ڪم ڪري رهيو آهيان . جڏهن سندس تعجب يقين ۾ بدلجي ويو ته سندس نوازشون ۽ عنايتون مون تي بارش جيان وسڻ لڳيون . هالائي صاحب پنهنجي وجود ۾ صحافت جي چڙندڙ پرندڙ تاريخ آهي . ميرپورخاص ۽ ان جي تر وارن ڪيترن ئي اهڙن ايڊيٽرن جو احوال وٽائنس مليو ، جيڪو  ٻئي هنڌان ملڻ جو شايد سوال ئي پيدا نه پيو ٿئي . ان کان سواءِ هن صاحب مون کي پراڻين  اخبارن جا پرچا به عنايت ڪيا ، جنهن لاءِ آئون هميشھ سندس ٿورائتو رهندس ، هالائي صاحب قرب ڪري پنهنجي اخبار “همدرد” به موڪليندو  رهندو آهي .
    شل ڌڻي تعاليٰ کيس وڏي عطا ڪري ، ۽ پاڻ ساڳئي ئي جوش جذبي سان سنڌي صحافت جي خدمت ڪندو رهي.

    22-  ڊسمبر 1980 ع
     (بقايا مون سي ڏٺا ماءُ)
    موت برحق آهي . اجل جي چنبي کان ڪنڌ ڪڍائڻ ڪنهنجي وس جي ڳالهه ناهي . پر موت کي مارڻ انسان جي هٿ وس آهي . انسان چاهي ته موت کي ماري سگهي ٿو . سندس جسم مٽيءَ ۾ ملي فنا ٿي ويو ته ڇا ٿيو ؟ اهو معمول آهي . ليڪن اهڙا انسان به آهن جي فنا هوندي بقا جي منزل کي پهچي وڃن ٿا . عالمن ۽ اديبن ، شاعرن  ۽ مفڪرن کي اهڙي ڏات عطا ٿيل آهي ، سندس جسم فاني آهن ، ليڪن سندن ڪارناما باقي آهن ۽ باقي رهندا . مرحوم حبيب الله ، جو ڪجهه ڪيو آهي ، علم ادب سنڌي ٻوليءَ جا جي گهڙا ڀريا آهن ، انهن کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي . هو پنهنجي خدمتن ڪري امر آهي . مرحوم ته پنهنجو وارو وڄائي ويو . هاڻي اسان جو وارو آهي . ليڪن افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي معاشري ۽ اسان جيئن ٻين عالمن ، اديبن ، شاعرن ، مفڪرن ۽ دانشورن جو قدر نه ڪيو آهي ، تيئن هن بي لوث انسان جو به قدر نه  ڪيو . مرحوم ويندي ويندي ڪجهه سور کڻي ويو ، ۽ شايد سندس روح اسان جي بي قدريءَ تي اڃا بي چين هوندو . مرحوم “سنڌي ساهت ۽ مشهور مشتشرقين” ڪتاب لکڻ کان پوءِ ڪوشش ڪئي ته ڪي ادارا سندس همت افزائي ڪن . ليڪن وريس ڪي به ڪين . سندس خواهش هئي ته من انهيءَ ڪتاب کي “ لائبرري جي ڪتاب” طور منظور ڪيو وڃي . پر ڪنن ۾ ڪپهه پيل ڪامورن سندس درد جي دانهن ڪانه ٻڌي . نئين موضوع تي ليکل هي بي بها تحقيقي ڪتاب سندس حياتيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين هن اڳيان ڍڳ جي صورت ۾ رهيو . مفت ۾  ڪاپيون ورهائڻ بعد به وٽس ڪيترائي ڪتاب بچي پيا ، ليڪن سندس زندگي کٽي پئي .
    وس وارو ماڻهو بي وس ٿي پيو . پر سندس عزيز ۽ دوست ته اڃا وس وارا آهن . شل ڌڻي اسان کي همت ڏئي ۽ اسان اهو ڪجهه ڪري سگهون جنهن سان مرحوم جي روح کي تسڪين ملي .

    “سگهڙ سنگت”

  • ايم. آر. مائيداساڻي( 4 جون 1976)

    ناگپور، 4 جون 1976 ع
    پريه متر جناب در محمد صاحب
    مون توهان کي سوالنامو ڀري موڪليو، تنهن کان پوءِ مون کي دل جي تڪليف ٿي ۽ 8 مئي کان 15 مئي تائين “ميئو اسپتال’’ ۾ انڊور پيشنٽ طور ڀرتي ٿيو هوس. پورو هفتو اسپتال ۾ رهيس، مگر خاص فائدو ڪونه ٿيو، ڇاڪاڻ ته نه پوري تپاس ٿَي ٿِي ۽ نه پورو علاج. ائين ته 16 سالن کان هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جي تڪليف اٿم، سو دوائون ته هڪيون تڪيون رکيون هونديون آهن. ڪڏهن ڪاگوري يا ڪڏهن ڪا هڪ دوست جي آيرويدڪ دوا وٺندو رهندو آهيان. بدقسمتيءَ سان ڪٽنب ٻن اڌن ۾ (اڃا به ٽن حصن ۾) وراهجي ويو آهي. سنڌ ۾ هئاسين ته گهر هڪ هنڌ هوندو هو. هتي ناگپور ۾ مان اڪيلو ۽ منهنجي وچئين ڀاءُ جا ٻار آهيون. منهنجي زال، پٽ، ننهن ۽ سندن پنج ٻار دهليءَ جي هڪ نگر ۾، منهنجو ننڍو ڀاءُ ٻارن سميت ٻئي نگر (دهليءَ ۾) ۾ رهندا آهن. سوا ٽن سالن کان مون پنهنجي اسپتال بند ڪري ڇڏي آهي. گهر ۾ دوائون رکيون اٿم. ڇٺ- ڇهه ماهين ڪو مريض ايندو آهي ته انڪار ڪري نه سگهندو آهيانس. اجهو هن هفتي مان ٻن ميلن تان شهر مان (جنهن علائقي ۾ منهنجي اسپتال هئي) ٽن مريضن کي سيون به هڻي آيس ۽ دوائون به ڏيڻ آيس، پر سڀ اوڌر تي. منهنجا پريمي گراهڪ مون سان حجائتا هئا. اوڌر گهڻي هلندي هئي، جڏهن اپراسو گهٽ هو. ڪو الله لڳ ڪونه ڏيندو هو سان، پر ڪاساين وانگر ڪهندڙ ڊاڪٽرن وارو منهنجو ڪٺور هردو ڪونه هو. تنهنڪري مون ڪو محل ته ٺهيو، پر جهوپڙي به ڪونه اڏي. ها! وري به لک شڪرانا سائين جا، جو منهنجي ڀائٽين جي بازن ۾ برڪت وڌي اٿس، ۽ هنن مڙسي ڪري مٿي لڪائڻ جيترو اجهو هٿ ڪيو آهي. سو نه ته آسمان ڇت ۽ پراين جاين جون ڀتيون منهنجي رهڻ جو آستان آهي. هڪ سال ٿيو آهي جو مسواڙيءَ مان مالڪ مڪان بڻيا آهيون. خير ڳالهه ٻي هئي. توهان جو  ڪارڊ 14 مئي وارو 25 مئي تي مليو هو. هن وقت هتي وئل جي گرمي ۽ تپت آهي، سو ڪجهه لکي نه سگهيس. هاڻي چوماسو ويجهو آهي. بعضي بادل ۽ بعضي ڪو وسڪارو ٿئي ٿو. شاه صاحب جي بيت وانگر اڃا: “ اڄ به منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا’’ ڪو نه ٿيو آهي (جيئن سر سارنگ ۾ سهڻي شاعر چيو هو). سنڌ جون ڳالهيون ٻيون هيون. هتي ٻيون آهن. سنڌ ۾ مون جهونن رسالن- “سندر ساهيته’’، “رتن’’، “آشا’’، “ڀارت جيون’’ کي شهه ڏئي پنهنجي “ڪهاڻي’’ رسالي کي اڳرو بڻايو هو. هتي ناگپور ۾ نه ڪو ساهتڪار آهي ۽ ساهتيڪ کيتر، بٺ ملڪ آهي. بمبئي ساهيته ۽ ساهتيڪارن لاءِ ڀلي زمين. ٻج پيو ناهي ۽ سلو نڪتو ناهي. پوءِ ان جا به انبار ۽ ميون جا به ٽوڪرا ميڙي ٿا وڃن. پڙهندڙ به ججها ۽ اشتهار به جام. ان  ڪارڻ ته ويچارو بولچند راجپال (سر ڳواسي) آگري، دهلي ۽ انت ۾ احمد آباد ۾ خاڪ ڇاڻي راھ رباني وٺي ويو ، مگر هن جو سنڌ وارو ناميارو “سنڌو’’ رسالو زور وٺي ڪونه سگهيو. هن جي احمد آباد مان جاري ڪيل “سنڌو’’ ۾ منهنجو هڪ لنبو ليک “سنڌي ساهتيڪارن سان منهنجي واقفيت’’، قسطن ۾ ڇپيو هو. مگر آخري قسط جنهن ۾ پرنسپال لعل سنگهه اجواڻي، ڪيرت، اتم، گوبند، موهن ڪلپنا، سڳن، ڪرشن راهي، سندري اتم چنداڻي، موتي پرڪاش، ۽ ڪلان پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي وغيره اچي ٿي ويا، سو پريس ۾ ئي هو ته ملڪ الموت هن (بولچند راجپال) کي لقمو بڻائي ڇڏيو. ليک جو به ساڳيو حال ٿيو. ڪيڏانهن ويو اهو مسودو تنهنجي خبر خاوند کي. سنڌ ۾ اسان جن شروعات کان وٺي نڪتل ڪتابن ۽ اخبارن جو جملي خزانو اڄ به سنڌ جي . Oriental Translator of the  Sind Govt. وٽ موجود هوندو. اتان توهان کي جيڪو خزانو ملندو، سو پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جو ڪتاب “سنڌي نثر جي تواريخ’’ به ڪونه ڏئي سگهندو.
    مان اڃا ننڍو هوس، جڏهن ڪراچيءَ مان مهراج تيجو رام روچيرام شرما جو “سنساتن ڌرم’’ رسالو ۽ ڪتاب نڪرندا هئا. ساڳئي وقت سکر  مان “هر سينگهه سنس’’ ۽ شڪارپور مان “پوڪرداس ائنڊ سنس’’ خواھ ٻيا پرڪاشڪ ڪتاب ڪڍندا هئا. ڄيٺمل پرسرام جي بلئوٽسڪي پريس به انيڪ ننڍا وڏا پستڪ ڇپي ظاهر ڪيا. ڀائينڊ پريس (شاهي بازار) مان سردار سمير سنگهه جو “سک ٽرئڪٽ’’ ۽ ساڳئي وقت حيدرآباد ۽  پوءِ ڪراچيءَ مان ميلهارام واسواڻي جو “سندر ساهتيه’’ ڪافي وڏي انداز ۾ ڪتاب ڪڍي سگهيا. حيدرآباد جي قلعي ڀرسان هوش محمد جي قبر ڀرسان جوتشي ٺاڪر داس جي پريس مان به ڪيترائي ناول نڪتا، جهڙوڪ “راجا ڏاهرسين’’. مکڪي گهٽيءَ ۾ به هڪ پبلشر هو. اڀرندي ڪچي ۾ (کاهي روڊ جي ڇيڙي وٽ- دومڻ واھ جي مٿان) هري سندر جو “ڪوڙومل ساهتيه مندل’’ ڪتاب ڪڍڻ ۾ ڪنهن کان به پوئتي ڪونه هو. ٻيا به ڪيترائي پبلشر هئا. سکر چاهي حيدرآباد ۽ ڪراچي مان جاسوسي ناول (“چندر ڪانتا’’، “ممتاز دمساز’’ ۽ “چار يار’’ وغيره) به جام نڪتا هئا. اسان جو محترم دوست عثمان ڏيپلائي به گهڻو پوءِ ميدان ۾ آيو. پرمانند ميوا رام، خانچند درياني، ليلا رام ٺارومل ماکيجاڻي، ڌرمداس ميرچندراڻي، “گرسنگت’’ جي ماستر مينگهراج آڏواڻي ۽ ڪرمچند کان سواءِ ٻين به ڪيترن پنهنجي طرفان ڪتاب ڪڍي ڇپايا هئا. ليکراج “عزيز’’ به پوئتي ڪونه پيو هو. خود “اين. ايڇ. ائڪڊميءَ (حيدرآباد) جي سامهون جيڪا نئشنل پريس هئي، تنهن مان به ڪيترا شايع ٿيا. هڪ نوجوان ڀڳوان تولاڻيءَ به ڪيترا ڪتاب ڇپايا هئا، ۽ پڻ ٻيو نوجوان هو موهن پنجابي، جنهن به ڪي ڪتاب ڪڍيا. “حيدرآباد گزيٽ’’ جي ايڊيٽر ۽ مالڪ دليپ سنگهه چتر سنگهه ماڻڪاڻيءَ جي نه رڳو “حيدرآباد گزيٽ’’ يا “ صوفي ڪلام’’ اخبارون نڪرنديون هيون، پر ڪجهه وقت هڪ رسالو “محبت’’ نالي به ڪڍيو هئائين. ڪيترا ڪتاب به ڇپيا هئائين. اتر سنڌ جي مشهور شاعر لطف الله “جوڳي’’ رويندر ناٿ ٽاگور جي گيتا نجلي سنڌيءَ ۾ سڀ کان اڳ ڪڍي ظاهر ڪئي هئي. ان بعد ڪراچيءَ جي “رتن’’ رسالي وارن پروفيسر ايم. يو ملڪاڻيءَ جو نثراڻي نظم ۾ ترجمو ڪيل “گيتا نجلي’’ ڇپيو ۽ هاڻي هتي بمبئي جي “سنڌي ٽائيمس’’ وارن گوبند رام سلامتراءِ رائسنگهاڻي “سائل’’ جو “گيتا نجلي’’ جو نظم ۾ ترجمو ڇپيو آهي. حيدرآباد مان جشنمل جوتشيءَ جو  جوتش تي لکيل ڪتاب “ڪوڙيمل منڊل’’ وارن ڇپايو هو.
    توهان کي ته سنڌ جي ليکڪن ۽ ساهتيڪارن ، اخبار نويسن ۽ بلشرن خواھ پريس وارن جو ذخيرو کپي. مان ڪن ٿورن جو مختصر اجوال ڏيان ٿو:
    منهنجي ڳوٺ “ابجي’’ ۾ ٻه شاعر هئا، جن جا نظم جا ڪتاب “نئشنل پريس،’’ حيدرآباد مان ڇپيا هئا. هڪ منهنجي بزرگ سوٽ گاگنداس گهنشيامداس مائيداساڻيءَ بتخلص “نهوڙيل’’ جو ڪتاب هو. هو صاحب سنجهوري ۾ سپروائيزنگ تپيدار هو. شعر بحر وزن تي پورو ۽ مائيدار هوس. هن جي شعر جا ٻه يا ٽي دستخط ڪتاب موجود هئا، جي سندس ناٺيءَ وٽان ڪو پوني جو صاحب وٺي ويو ته ڇپائيندس. مگر نه ڇپايائين ۽ نه واپس ڪيائين. ٻيو ڪتاب هو “ڄيٺمل جو ڪلام’’ “ننڍي ابجي’’ جو ڀڳت ڄيٺانند به حيدرآباد جي مشهور سيٺ وشنداس مانجهوءَ واري وانگر (جنهن جو “ڦليليءَ’’ تي سندس جيئري ميلو لڳندو هو) هر سال ميلو لڳائيندو هو. هو گلاب داسي هو. اهو ميلو ڀڳت صاحب باغ اندر لڳندو هو. هونءَ ته گلاب داسين جي درٻار “ابجيءَ’’ جي ويجهو “سونهن’’ ۾  هئي، جتي پڻ هر سال ميلو لڳندو هو. حيدرآباد جي “سک ٽرئڪٽ’’ وارن مهراج هوند راج شرما جا به ڪي ڪتاب (ترجمو ٿيل) ڇپايا هئا. خود “سنسار سماچار’’ اخبار وارن به “خوني سماج’’ ۽ ٻيا ڪتاب (اول “سنسار سماچار’’ ۾ قسطن ۾ ڇپي) ڪڍيا هئا. مشهور ڪتاب “بندي جيون’’ جو صحيح معنيٰ ۾ ترجمان ٺاڪرداس اگناڻي مالڪ “سنسار سماچار’’ هو، پر هن ڪتاب تي نالو پنهنجي سوٽ ريجهومل اگناڻيءَ جو ڏنو هئائين.
    حيدرآباد جي ڇوٽڪي گهٽي خواھ مولي ٻٻر واري گهٽيءَ جي پريسن جي مالڪ چيتن ديو ورما “يمراج’’ به ڪئين ڪتاب لکيا ۽ ڇپايا هئا. ڪجهه هن جي “آرين’’ پريس مان ڇپيا هئا. اها پريس تلڪ چاڙهي تي هئي. پوءِ کيساڻي بلڊنگ جي ڀرسان آئي، ۽ پاڪستان ٿيڻ بعد “مهراڻ’’ وارن جي هٿن ۾ آئي هئي.
    پنهنجي باري ۾ ڇا چوان؟ ڪراچيءَ ۾ “الوحيد’’ جي ايڊيٽر مولوي دين محمد “وفائي’’ ۽ مئنيجر دين محمد “عليگ’’ سان السلام عليڪم جو رسنو هو. هنن وٽ هڪ سب ايڊيٽر ڌڻي بخش هو تنهن سان ته چرچي ڀوڳ جو به رستو هو. جڏهن ”آزاد’’ اخبار نڪتي ته ٻوڏ سبب اخبار جو ايڊيٽر مولوي عبدالڪريم چشتي وقت سر پهچي نه سگهيو. پهرين پرچي جو ايڊيٽوريل وغيره مونکي لکڻو پيو، جيتوڻيڪ مان مئنيجر هوس ۽ قيمت ڇڳاڻي جنرل مئنيجر ٻه ٻيا ساٿي ڪم ڪندڙ سب ايڊيٽر هئا: گوبند ڀاٽيا (جو هن وقت ڪلياڻ، بمبئي ۾ وڪيل آهي) ۽ ٻيو مولائي شيدائي، هو ٻئي صاحب روزاني اخبار ۾ بلڪل نوان هئا. جڏهن قيمت ڇڳاڻيءَ اخبار جي مالڪ خانبهادر الله بخش سان غداري ڪري پريس ۾ اندر پير الاهي بخش ۽ خانبهادر کهڙي وغيره سان منصوبو پئي سٽيو ته ڪيئن خانبهادر الله بخش کي عهدي تان موقوف ڪرائجي يا اسيمبليءَ ۾ کيس شڪست ڏجي تڏهن مون پنهنجو فرض سمجهي وڃي خانبهادر الله بخش کي سموري تحقيقات ڏني، مگر هو هڪ ڪمزور انسان هو، سو انجام ڪري به ته توکي انصاف پلئه وجهندس، تنهن تان ڦري ويو ۽ قيمت جي هٿن ۾ منهنجي قسمت وڌائين ته مان استعيفا ڏئي ويس، خانبهادر جي پئسي سان برپا ٿيل اخبار جا نمڪ کائيندڙ ملازم ئي هن جي ٽنگن کي پٺيان ڇڪي کيس ڪيرائڻ ۾ فخر سان پارٽ ادا ڪندا رهيا،  ۽ اهڙيون حرڪتون هنن کي ڦٻي ويون. مان جڏهن 1943 ع ۾ ڪشمير ويندي لاهور ويو هوس ته “پرتاب’’ اخبار جو هڪ ملازم اوم پرڪاش ٽنڊي جو منهنجو دوست هو، سو  مون کي مشهور ليکڪ، ڪهاڻي نويس، شاعر ۽ اخبار نويس نانڪ چند “ناز’’ وٽ وٺي ويو. ياد رهي ته نانڪ چند “ناز’’ اول’’ پرتاب’’ اخبار جو ايڊيٽر هو. اتان ڪنهن ڪارڻ استعيفا ڏئي وڃي روزاني “ميلاپ’’ جو ايڊيٽر ٿيو، ۽ رڻيبر سان گڏ ڪهاڻيون لکندو هو. وري اتان “وير ڀارت’’ ۾ وڃي ايڊيٽر ٿيو، پر ان ۾ به گهڻو وقت ڪونه رهيو، ۽ ان اخبار جي مينيجرپنڊت درگا پرساد شرما سان گڏجي نئين اڙدو روزاني اخبار “پرڀات’’ ڪڍي هئائين. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات “پرڀات’’جي آفيس ۾ ٿي. هن مون کان جيڪو پهريون سوال پڇيو هو، سو هو خانبهادر الله بخش جي باري ۾. مون کيس چيو ته هو ته بي دپو انسان  آهي ۽ اها بي ڊپائي هن جي جان وڃائي ڇڏيندي. مان لاهور مان ڄمون ويس ۽ هڪ رات رهڻ بعد سرينگر ويس. مان ميرا قدل (پهرين پل) وٽ هائوس بوٽ ۾ وڃي لٿس. جيئن ئي ڪچن ۾ ماني کائڻ لاِءِ گهڙيس ته فقط ٻه ياتري ويٺل ڏٺم، جي گورا هئا. ان وقت ريڊيو تان انگريزيءَ ۾ خبر ملي ته اڄ شام جو شڪارپور- سکر روڊ تي ٽانگي ۾ ويندي خانبهادر الله بخش ڪنهن قاتل جي گوليءَ جو شڪار ٿي قتل ٿي ويو. مان حيران ته ڪونه ٿيس پر ڍپ ٿيم ته متان نانڪ چند پنهنجي اخبار ۾ منهنجي ظاهر ڪيل شڪ کي خبر جي صورت ۾ ڇپي.
    منهنجي آزاد خيالن سبب ڪيترائي منهنجا دوست به مون مان ناراض هوندا هئا. ڪانگريس جي ميمبر هوندي به  مان خود ضرورت وقت ڪانگريسين يا ڪانگريس جي پاليسيءَ تي ٽيڪا ڪندو هوس، تنهنڪري مان هنن لاءِ اختلافي ماڻهو سمجهيو ويندو هوس. ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ جيرامداس دولترام به مون کي پسند ڪونه ڪندا هئا. ٻيو ڪارڻ اهو به هو ته مان سوامي گووندانند جي ڌڙي جو هوس، ۽ جڏهن سنه 1937ع جي اسيمبليءَ جي چونڊن لاءِ ڪانگريس ڪراچي تڪ لاءِ سوامي گووندانند جي بجاءِ رستم خورشيد سڌوا کي ٽڪيٽ ڏني وئي ته سوامي گوندانند کي اهڙو ته صدمون پهتو هو جو هن کي دماغ جو اڌ رنگ ٿي پيو
    جڏهن هن جي حالت ڪجهه سڌري هئي، تڌهن مان کيس پنهنجي خرچ تي حيدرآباد، ٽنڊي آدم، شهدادپور، نوابشاه، سکر، روهڙي، پني عاقل، گهوٽڪي، شڪارپور، سلطان ڪوٽ، ميان جي ڳوٺ ۽ جيڪب آباد وٺي وڃڻ بعد ميرپورخاص، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي ڄام ۽ بدين به وٺي ويو هوس. خود سوامي گووندانند به هڪ قابل ليکڪ هو. هن جا به سنڌيءَ ۾ ڪي ڪتاب (دستخط) لکيل آهن: جي مائي پاروتي آڏواڻيءَ وٽ هئا. پتو ناهي ته انهن جو ڇا ٿيو. سنڌ ۾ ڪو وقت هو، جو ٻه فصيح زبان شخص مڃيا ويندا هئا، اڄ ته پرنسپال اجواڻيءَ کي اهميت ملي رهي آهي. پر ان وقت هڪڙو ساڌو واسواڻي هو ۽ ٻيو سوامي گووندانند. سوامي گووندانند جي سنڌي ۾ “ڪيسري” هفتيوار اخبار ۽ انگريزيءَ ۾ “وائيس آف انڊيا’’ هفتيوار اخبارون مشهور هيون.
    شڪارپور ۾ پروفيسر ڦيرواڻي ته مشهور ليکڪ هو. پر گهٽ سندس ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻي به ڪونه هو. هن جو ناٽڪ “هڪڙي رات’’ ڪافي پسند پيو هو.
    مان مٿي چئي چڪو آهيان ته سنڌ سرڪار جا مشرقي ٻولين جي مترجمن وٽان توهان کي سموري گهربل ساهتيڪ معلومات ملي ويندي، تنهنڪري هندستان مان جيڪي سڄڻ توهان کي پنهنجو احوال ڏين تنهن  کان سواءِ اتي ئي سولائيءَ سان ان آفيس سان لهه وچڙ ۾ اچي معلومات حاصل ڪريو.
    هتي جي منهنجي اشاعتن ۾ “شاھ جو رسالو ۽ ان جا سر’’ اچڻ گهرجن. هي مضمون “هند واسيءَ’’ ۾ قسطن ۾ ڇپيو هو. ان ۾ مون شاھ صاحب جي شعر کي سندس ڪيل سفر جي روشنيءَ ۾ ظاهر ڪيو آهي ته رسالي ۾ ڏنل سر ترتيب سان ڪونه ڏنا ويا آهن. سر ڪلياڻ کان وٺي آخري سر تائين مون پنهنجي سمجهه موجب سمجهايو آهي. آخر ۾ جيڪو سر ڏنو اٿم سو امامن جي عاشورن واري نينڍ جو آهي سفر نامو ته ڀيرومل  مهر چند جي “لطيفي سير’’ جي آڌار تي ڏنو اٿم ۽ ترتيب سان هر هڪ سر ۽ ان جا چونڊ بيت ڏنا اٿم. هڪ بيت جي شاهدي ڏيندي چيو اٿم ته شاھ صاحب لکي پڙهي ڄاڻندو هو، نه ته اهڙو بيت ڪونه لکي ها ته: مس منهنجي هٿ ۾ ڪاغذ ڪين آڻيڻ، لڙڪ لکڻ نه ڏين ڪريو پون قلم تي.’’
    هڪ ٻيو ليک، هڪ بيت جي آڌار تي هو: “ جي تو بيت ڀانيا، سي آيتون آهين، نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.’’ مون ان ۾ چيو آهي ته شاھ صاحب ٿو چوي ته قرآن شريف کي بيت به سمجهو، اهو الله جو ڪلام آهي. عام طرح ٻيا ليکڪ چوندا آهن ته شاھ صاح ٿو چوي ته “منهنجي بيتن کي رڳو بيت ڪري نه سمجهه پر اهي آيتون آهن.’’ منهنجو اهو ليک ڪراچيءَ جي “نئين زندگي’’ وارن ڪونه ڇپيو هو، پر پوءِ جڏهن جبلپور جي “نئين زندگي’’ کي موڪليم ته ان جي ايڊيٽر پروفيسر راڌا ڪرشن گرناڻي بروقت ڇپي ظاهر ڪيو. خير! هتي مون گهٽ ۾ گهٽ چاليهه ڪهاڻيون، ڊزن کان مٿي ناٽڪ، هڪ مڪمل (8-9 سئو صفحن جو) ناول لکيا آهن. ناول اڃا ڇپجي ڪونه سگهيو آهي. ليک، ڪهاڻيون، ناٽڪ ۽ شعر ته ڌار ڌار اخبارن ۾ پئي ڇپيا آهن.
    شڪارپور جي پروفيسر تاراچند  گاجرا جو نالو ته ٻڌو هوندو. هن جو شڪارپور مان هڪ ماسڪ رسالو نڪرندو هو، جنهن ۾ اٿهاسڪ مضمون هوندا هئا. سندس پٽ ٻلديو گاجرا بمبئي مان “ڀارت واسي’’ هفتيوار اخبار جڏهن ڪڍندو هو تڏهن، هن بي- اي جي سنڌي ڪتابن تي نهايت عمدي تنقيد ڪئي هئي، مگر ليکراج جو زبردست مخالف لکيو ويندو آهي. ليکراج وري “ گل خار’’ ڪتاب ۾ گهڻو ڪري سڀني سنڌي شاعرن تي نڪته چيني ڪئي آهي. هن “بيوس’’ کي به ڪونه ڇڏيو هو. برابر ليکراج هڪ قابل شاعر هو. مگر ٻلديو هن تي خوب جهليو ڪيون هيون. ليکراج جي وري (هيرآباد ۾) هڪ تاراچند روچيرام واڌواڻيءَ سان دشمني هوندي هئي. تاراچند (ڦٽيل) به هڪ شاعر هو ۽ آزاديءَ کان  اڳ وفات ڪري ويو. حيدرآباد ۾ ٻه شخص ساڳي ئي نالي وارا هئا. ڏيارام وسڻ مل ميرچندراڻي، جو ماستر هو. هو به سنڌيءَ جو گوهر هو ۽ صحيح صورتخطي ۽ صحيح وياڪرڻ جي لکڻ تي ڏاڍو زور ڏيندو هو. هن جا به ٻين سان گڏ نثر جي چونڊ ليکڪن جي ليکن جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا هئا. مثال طور “جوهر نٽر’’. ٻيو هو ڏيارام  پرسرام ميرچنداڻي. هو اخبار نويس ۽ ليکڪ هو، هن جا اٿهاسڪ ليک مشهور آهن. خاص ڪري جوڌور ۽ جيسلمير جي درٻارين سان گهاٽي سنٻڌ سبب هو اتي جي اتهاس جو خاص ڄاڻو هو. هن “سنڌ  جا جيسلمير سان ناتا’’ واري ليک ۾ سلاوٽن جو ذڪر ڪيو هو . مون ان ليک لاءِ اضافي مواد (Rejoinder) لکيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايو هوم ته حيدرآباد جي “گاھ  مارڪيٽ’’ وارا سلاوٽا جيسلمير جي سلاوٽن جا مائٽ هئا ۽ هندن مان مسلمان ٿيا هئا. ميان گذدر (سنڌ جو سياستدان) به سلاوٽو هو. اجمير ۾ “کاري کوهيءَ’’ ۾ سلاوٽن جو محلو آهي. مگر اجمير ۾ مسلمانن وارا خاص محلا  “کاري کوهي’’، “ڊگهي بازار’’، “نواب ڪا ٻيڙا’’ ، آشا گنج’’، “موچي محله’’، ۽ “تلا بزار’’ ته اڄ خاص سنڌين جا محلا آهن. پر “در گاھ بزار’’ ۽ “دهلي گيٽ’’ ۽ ان جو ٻاهريون حصو به سنڌين جو وسيل هنڌ آهي.
    نواب شاھ ۾ دوست پرڀداس برهمچاري ۽ ديپچندر تلو ڪچند به ڪيترائي ڪتاب ڪڍيا هئا. هن اچي اجمير ۾ ٿاڻو ٺڪاڻو ڪيو ۽ اڄ به اتان ڪتاب پيا ڪڍن . “سندر ساهتيه’’ جو ايڊيٽر ميلهارام پاڻ ته ليکڪ ڪونه هو. سندس وڏو ڀاءُ فتح چند لکندو هو. مگر ڇاڪاڻ ته هو سرڪاري ملازم هو (قلعي ۾ “رڪارڊ آفيس’’ ۾ هو) تنهن ڪري پنهنجي ڀاءُ جو نالو ڏيندو هو. اجمير ۾ پريس کولڻ بعد ميلهارام هڪ ڪتاب “سوامي رام ڪرشن جي امبرت ڪٿا) ، هڪ انگريزي ڪتاب تان ترجمو ڪيو هو، جو خوب پرچلت ٿيو. ان ۾ هن ٻولي به سٺي ڪتب آندي آهي. برابر صحيح معنيٰ ۾ ميلهارام ان ڪتاب کان پوءِ ليکڪ سمجڻ گهرجي.
    ڪراچيءَ مان پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻي به ڪي ناول لکي مشهور ٿيو هو. هن “شاھ جون سورميون’’ ڪتاب به لکيو هو. اجمير ۾ اچي فتح چند واسواڻيءَ “مناجات شاھ’’ ڪتاب به ڇپايو هو. جنهن ۾ شاھ جا اهي بيت آهن، جن ۾ خاص بندگيءَ جو ذڪر آهي. بمبئي مان پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي “شاھ جو رسالو’’ شرح سان لکيو، جو “هندستان ڪتاب گهر’’ وارن چپايو هو. تنهن کان سواءِ “شاھ’’، “سچل’’ ۽ “سامي’’ الڳ ننڍا ڪتاب به ڇپايائين. پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻي وري “ساميءَ جا سلوڪ’’ ارٿ سان ڇپايا آهن. پر مان سمجهان ٿو ته ٻه يا ٽي ڀاڱا ڪڍيا اٿائين ۽ نه سمورا بيت. ائين ته شاھ جي بيتن ۽ ڪبير جي دوهن کي کڻي سرڳواسي مهراج ديودت شرما ڪيتريون قسطون “هندواسي اخبار’’ ۾ ڏنيون هيون ۽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش هئي ته شاھ جا ڪيترا بيت ڪبير جي دوهن تان ورتل آهن. سنڌ جي ڪهڙن ليکڪن لاءِ توهان کي احوال يا ذخيرو کپي. سو بلاشڪ لکي موڪليوم، جيتري ڄاڻ هوندم اوترو احوال ڏيندس. مگر 65 ورهين جي عمر ۾ هاڻي حافظو ڪجهه ڪمزور ٿي ويو اٿم. تنهن هوندي به مان پنهنجي خدمتن پيش ڪرڻ لاءِ حاضر آهيان. منهنجون ڪي ڪهاڻيون ۽ ليک ڪراچيءَ جي “نئين زندگي’’ ۽ حيدرآباد جي “روح رهاڻ’’ ۾ ڇپيا هئا. پوءِ ته مخزنون اچڻ بند ٿي ويون. اها به خبر نه پوي ته ڪهڙا محبوب دوست زنده آهن ۽ ڪهڙا رباني راھ وٺي ويا. ڪجهه اتي سنڌ ۾ مصالح گڏ ڪيو ۽ ڪجهه بمبئي وارن کان ڇڪي وٺو ۽ ڪجهه مون کي به معلوم هوندو ته حاضر، پڇا ڪرڻ تي لکي موڪليندس.
    ٻيو ڪو مون لاءِ ڪم ڪار هجي ته حاضر آهيان.
    هيءَ چٺي اڄ 11، جون جي ختم ٿو ڪريان. هي آخري ٻه صفحا اڄ لکيا اٿم. ڪوشش ڪندي لفافي ۾ چٺي وجهي سڀاڻي ٽپال ۾ موڪليندس سومر کان اڄ جمع آهي.
    نوٽ:  منهنجي ڪتابن جي لسٽ ۾ هڪ ڪتاب وڌيڪ لکجو “ماتا ڪستورا’’ جو 1943 ع ۾ ڇپيو هوم . حيدرآباد مان ٻه ڀائر ڀيرو مل ۽ وشن جڳتاڻيءَ به ڪيترا ڪتاب ڇپايا هئا، پنڊت جواهر لعل جي “جيوني’’ جو ترجمو تيرٿ وسنت ڪيو هو. هي ڪتاب چڱو مشهور ٿيو. ڪتاب جو سمورو خرچ ڀائي پرتاب ڏيئل مل  ڪيو هو، مگر پوءِ ان کي غلط ٺهرائي ٻيو ڪتاب “جواهر جيوني’’ ڇپايو.
    توهانجو خير خواھ ايم. آر. مائيداساڻي…

  • ايم. آر. مائيداساڻي( 18 ڊسمبر 1980)

    پرڏيهي عالمن جا خط (18 ڊسمبر 1980)
    ڊاڪٽر ايم. آر مائيداساڻي
    ميلهارام رنگو مل مائيداساڻي 13، آڪٽوبر 1911 ع تي 1 بجي ، تعلقي نوشهرو فيروز، ضلعي نواب شاھ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ وٺڻ کان پوءِ انگريزي تعليم لاءِ “اي. وي اسڪول مٺياڻي’’ ۾ داخل ٿيو. ليڪن تعليم جي پورائي ڪرڻ لاءِ کيس “اين. ايڇ ائڪيڊمي” حيدرآباد، “ڪوڙو مل چندن مل ائڪيڊمي’’ ڀريا، ۽ “هاءِ اسڪول’’ ٺارو شاھ ۾ به پڙهڻو پيو. ان کان پوءِ ميڊيڪل ايڊيوڪيشن وري “ميڊيڪل اسڪول’’ حيدرآباد مان ورتائين.
    هن صاحب طالب العلميءَ جي زماني ۾ ادبي دنيا ۾ قدم رکيو. سندس رچنائون پهريون پهريون “حيدرآباد گزيٽ’’، ۽ “ميڊيڪل اسڪول’’ جي مخزن “محبت’’ ۾ شايع ٿيون. ميڊيڪل اسڪول کي ڇڏڻ کان پوءِ صحافت جي دنيا وسايائين. 1936 ع ۾ “حيدرآباد گزيٽ’’ جو سب ايڊيٽر ۽ ان سان گڏ ڪراچيءَ جي “سنسار سماچار’’ جو خاطو ٿيو. 1937 ع ۾ جڏهن حيدرآباد مان “ڊيلي گزيٽ’’ جاري ٿي ته ان جو ايڊيٽر ٿيو. 1938 ع  ۾ ڪراچيءَ مان ورزانه “سنسار پتريڪ’’ ڪڍيائين، جيڪا ٿوري عرصي کان پوءِ بند ڪرڻي پيس. پوءِ وري هفتيوار “هندستان’’ جاري ڪيائين. 1939 ع ۾ “قرباني’’ ڪراچي، ۽ 1940 ع ۾ “سنسار سماچار’’ ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪيائين. 1943 ع  ۾ حيدرآباد مان (جڳت آڏواڻي وارو) “ڪهاڻي’’ رسالو جاري ڪيائين، جيڪو 1947 ع تائين جاري رهيو. انهي عرصي دوران ڪيترائي مهينا روزاني “ديش متر’’ اخبار به هلائيندو رهيو.
    هن صاحب شاعر، ايڊيٽر، ليکڪ، پرنٽر، پبلشر ۽ مترجم جي حيثيت سان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي آهي. سندس لکيل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو:
    “ڪانگريس گولڊن جوبلي بڪ’’ (1935)، “بغاوت’’ (ناول ترجمو 1943)، “ماتا ڪستورا’’ (1943)، “سج ٻه پاڇا’’ (ناول 1944) “ارملا’’ (ترجمو ناول 1945)، “بکايل’’ (ترجمو ڪهاڻيون 1945)، “خوشبوءِ’’ (ترجمو ٿيل ڪهاڻيون 1944)، “مائيداساڻيءَ جون آکاڻيون’’ (1945)، “ڪلنگيڌر مهراج’’ (سوانح 1945)، “سوامي ديانند’’ (1945)، “ننڍي ڀيڻ’’ (ترجمو ناول 1945)، “نبتاجي’’ (1946)، “راجسٿان’’ (ترجمو ناٽڪ 1945)، “ ٻُچي رمضان’’ (ڪهاڻيون ترجمو 1946)، “ ست سورما’’ (1946)، “مظلوم سنڌ’’ (سياست ۽ تاريخ 1947).
    ڊاڪٽر ايم. آر مائيداساڻي ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، انهيءَ جي جهلڪ سندس خطن مان نظر ايندي.
    ڀيڻ پوپٽي هيراننداڻي منهنجي علمي مدد ڪرڻ لاءِ ڀارت ۾ مختلف عالمن، اديبن، شاعرن، ايڊيٽرن ۽ پبلشرن ڏانهن سوالناما موڪليا هئا. ڊاڪٽر ايم. آر مائيداساڻي انهي تحرڪ جي موٽ ۾ مون سان رابطو قائم ڪيو، ۽ ائين اسان ٻنهي جي وچ ۾ خط و ڪتابت ٿي . هن هيٺ سندس لکيل خط هيٺ ڏجن ٿا:
    ناگپور، 28 اپريل 1976 ع
    سدا شال خوش هجو
    پريه متر مسٽر در محمد صاحب
    ٿورا ڏينهن اڳ، بمبئي مان، ڪماري پوپٽي هيراننداڻي وٽان هڪ سوالنامو ۽ تنهن سان گڏ هڪ چٺي (Forwarding letter)  آئي آهي. توهان سنڌي سڄڻن، اسان ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڪونه وساريو آهي. توهان جي ان قرب لاءِ مان ڪهڙن اکرن ۾ تعريف ڪريان. مطلب جي ڳالهه تي اچان: سوالنامو، ڪوشش ڪري سمورو ضرورت موجب ڀريو اٿم. فوٽي لاءِ معذرت ظاهر ڪئي اٿم،  جا حقيقت آهي. ڪتابن جي ڇپائڻ جا سال ٺيڪ طرح ياد ڪونه اٿم. ڇاڪاڻ ته مون وٽ انهن جي فقط هڪ ڪاپي به ڪونهي. ان هوندي به پروفيسر منگهارام اڌارام ملڪاڻيءَ جي ڪتاب “سنڌي نثر جي تاريخ’’ ۾  ضرور لکيل هوندا. اهو ڪتاب ته توهان وٽ موجود هوندو.
    زياده خير. دعا سلام سڀني سڃاتل خواه اڻ سڃاتل سنڌي ساهتيڪارن ۽ ٻين لاءِ.
    توهان جو خير خواھ
    ايم. آر مائيداساڻي
    سدا شال باغ بهار هجو

  • پوپٽي هيراننداڻي (25، فيبروري 1976)

    51، سنگيتا بلڊنگ، ٽيليفون ڀون پٺيان بمبئي
    25، فيبروري 1976 ع
    پيارا ڀاءُ دعا سلام
    اوهانجو خط مليو. اوهانجي فارم کي اسان هتي سائڪلو اسٽائيل ڪرائي، پنجاه- سٺ ساهتڪارن، ايڊيٽرن، ۽ سنٿا هلائيندڙن ڏانهن پوست ڪري ڏياري موڪليو آهي. انهن کي عرض ڪيل آهي ته انهن مان هڪ هڪ اوهان ڏانهن جدا جدا پنهنجي سر تفصيل ڏياري موڪلي. جسونت ڪمار ۽ مان ساڳي سنٿا جا سيڪريٽري، ۽ جنرل سيڪريٽري (مان جنرل سيڪريٽري) آهيون، انڪري ڪم سانگي گڏجڻ پيو ٿيندو آهي. اوهانکي تسلي ڏيان ٿي ته اوهانجو ڪم وسريو ناهي، ياد آهي. اوهانجي خط بابت خبر ڪيرت ٻاٻاڻيءَ کي پئي ته هن به اوهانجو خط ڪڍي ڏيکاريو. ٻاٻاڻي صاحب اسانجي سڀا جو پريزيڊنٽ آهي. ٻاٻاڻي ۽ مان روزانو هڪ آفيس ۾ ٽي ڪلاڪ گڏجي، سنڌي ۽ سنڌين لاءِ ڪم ڪندا آهيون. انڪري جدا جدا خطن لکڻ جي ضرورت ناهي. ٻاٻاڻي کي لکو يا مونکي يا جسونت کي، ڳالهه ساڳي آهي.
    اوهين ٻي ڪا خبر چار ڏيو. تازو منهنجا ٽي ڪتاب ڇپيا آهن: ٻه مضمونن جا ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڳٽڪو. هڪ مضمونن جو ڪتاب ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب تيار رکيا آهن، ڏينهن ٻن ۾ پريس ۾ ويندا. اتي جي خبر چار ڏيو. ڪهڙا ڪتاب پيا ڇپجن؟ اوهانکي ڪهڙا ڪتاب پسند آيا آهن؟ تازو اسان “سنڌو ڌارا’’ نالي هفتيوار اخبار چالو ڪئي آهي، جنهنجي ايڊيٽر مان آهيان. ان ۾ جسونت جي ڏنل اوهانجي ننڍي ڪوتا ڇپيسين. مان اوهان ڏانهن پنهنجون ڪوتائون (شعر) موڪليان ته ڇپائيندا؟ نئين ڪوتا جي طرز تي لکيل آهن. اوهانجو يا اوهانجا پيارا ليکڪ ڪهڙا آهن؟ هڪ لعل جوڻيجو خيرپور نواسي هو انکي سڃاڻو؟ ڪهڙن ليکڪن سان واقفيت اٿو؟ خبر ڏيو.
    پوپٽي هيراننداڻي

  • پوپٽي هيراننداڻي (24 ، ڊسمبر 1975)

    24، ڊسمبر 1975 ع
    پيارا ڀاءُ دعا سلام
    جسونت ڪمار معرفت پتو پيو ته اوهين مادر زبان جي خدمت ڪندڙن بابت ڪجهه احوال ڄاڻڻ چاهيو ٿا. پهرين شري ڪيرت جو احوال ڏيان ٿي:
    پتو:  41/3، آدرش نگر، ورلي، بمبئي-25
    ڪيرت ٻاٻاڻي- جنم نوابشاه- ننڍي هوندي اسٽوڊنٽس تحريڪ ۾ سرگرم  بهرو  وٺندڙ- سوڀي گيانچندڻيءَ جو شيش ۽ دوست- ترقي پسند ليکڪ- هن وقت “آل انڊيا سنڌي ٻولي ساهيته سڀا’’ جو  پريزيڊنٽ- جنهن ۾ 78 سنٿائون شامل آهن- ۽ جنهنجي سرپرستيءَ هيٺ آل انڊيا سطح تي ناٽڪ چٽاڀيٽيون، تعليمي ڪانفرنسون ۽ ليکڪ سيمينار ٿيندا رهندا آهن. “سنڌو ڌارا’’ اخبار جو ايڊيٽر پڻ آهي- سندس ڪتاب ڇپيل:-
    (1)    “هوءَ’’ (آکاڻيون) (2) “درد جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو’’ (آکاڻيون) (3) “سوريءَ سڏ ڪيو’’  (ناٽڪ) (4) “ساهت ۾ قدرن جو سوال’’ (تنقيدي مضمون)
    هتي سنڌي ٻولي کي بچائيندڙن جو روح روان آهي.
    پوپٽي رامچند هيراننداڻي:- جنم حيدرآباد سنڌ ۾ – هن وقت ڪي- سي ڪاليج ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي سرڪرده- “آل انڊيا سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا’’ جي جنرل سيڪريٽري- پريزيڊنٽ “سنڌي ساهت منڊل’’، بمبئي- “ساهت اڪاڊمي’’ دهلي جي “ائڊوائيزري بورڊ ’’ جي ميمبر. سندس ڇپيل ڪتاب:-
    آکاڻين جا مجموعا
    (1)    “ رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون’’ (2) “پڪار’’ (3) “ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو’’ (4) “مون توکي پيار ڪيو’’ (5) “خزان جو دور پورو ٿيو’’- (هيل تائين سترکن ڪهاڻيون ڇپيل)
    ناول   
    (1)    “منجو’’ (2) “ حسرتن جي تربت’’ (3) “ جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات’’
    مضمونن جا ڳٽڪا
    (1)    “هڪ پشپ پنڌرهن پنکڙيون’’ (سوراشٽر يونيورسٽيءَ پاران بي. اي ڪلاس تي رکيل) (2) “چرن چڻڪن چت ۾’’ (پوني يونيورسٽيءَ طرفان بي. اي آنرس لاءَ رکيل) (3) “ڀارت جي استري’’ (پوني يونيورسٽيءَ پاران بي. اي ڪلاس تي رکيل) (4) “ڀاشا شاستر’’ (Philology)  (ايم لاءِ، بمبئي پوني ۽ گجرات يونيورسٽيءَ پاران رکيل)   (5) “زنده سا قوم رهندي’’ (سياست تي) (6) “سنڌي ساهت جي جهلڪ’’ (7) “روح سندي رڃ’’ (ادب لطيف) (8) “وويڪانند جي جيوني’’ (سوانح) (9) “شريمد ڀاڳوت’’ (مذهبي) (10) “ڪير’’ (سوانح) (11) “مان ڇا آهيان’’ (ويدانت).
    ائين ڪل 19 ڪتاب ڇپيل اٿم، انهن ۾ مضمونن مان 10،9،8 نمبر ترجمو ڪيل ڪتاب آهن، باقي ٻيا سڀ اصلي ڪتاب لکيل آهن. هتي هند ۾ اچڻ بعد سنڌي ۽ سنڌيت سان ڇا ڇا وهيو واپريو آهي، سچ پچ ڪير ڪير ساهت پيا پئدا ڪن، خير کپيو ته مون کان سواءِ ٻيو ڪو ٺيڪ طرح ٻڌائي نه سهگندو. ائين ته مٿاڇري تي ڪئين ڪک تري آيا آهن، جي پري کان اڻ ڄاڻائي جهلڪ ۾ سونهري پيا ڀاسن! خير ادا، هرڪو پنهنجو نباهي. ساڻيهه جي ساٿين لاءِ سلام!
    پوپٽي هيراننداڻي
    51 سنگيتا بلڊنگ، ٽيليفون ڀون پٺيان ڪولابا، بمبئي 5