Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • عبدالواحد،  مجروح ڀٽ شاھي

    عبدالواحد، مجروح ڀٽ شاھي

    عبدالواحد، مجروح ڀٽ شاھي: مٺل جسڪاڻي

    IMG 20200217 115037فيس بوڪ انٽرويو (چوئيتاليهين ڪڙي)
    عبدالواحد،  مجروح ڀٽ شاھي: مختصر تعارف ۽ ويچار
    ترتيب: مٺل جسڪاڻي
    عبدالواحد،  مجروح ڀٽ شاھي، پنهنجي تخلص جي برعڪس، روح وارو آهي. سندس مختصر تعارف ۽ ويچار اوهان جي نظر، اسان کي اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو.
    1. اوھان جو نالو؟
    عبدالواحد،  مجروح ڀٽ شاھي.
    2. ولديت ذات سميت؟
     مرحوم عبدالرحمن سومرو.
    3. رھائشي پتو، ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت؟
    02  مارچ 1973ع، جمن شاھ پاڙو، ٽنڊو آدم. هاڻي رهائش ھنرمند ڪالوني، ڀٽ شاھ.
    4. تعليم؟
    سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلومه،  بي اي.
    5. ڪرت (پيشو)؟
     سرڪاري ملازم، اباڻو ڌنڌو (پيشو) اجرڪ سازي آهي.
    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    ڪتاب پڙهڻ، گھمڻ ۽ انٽرنيٽ ھلائڻ.
    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
    شاعر ڪونه آھيون، پر ڪڏھن ڪڏھن شاعري ڪندا آھيون. غزل ۽ نظم… شاعري جي گڏيل مجموعي ”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ 2016ع ۾ منهنجي شاعري شامل آهي.
    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
     انگريزي اخبار.
    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سفر مونکي وڻندو آھي. سفر سان ڄاڻ ۽ سکيا ملي ٿي.
    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچهريون محبت وڌائين ٿيون، ويڇا ختم ڪن ٿيون. ڪچهريون قائم ھجڻ کپن.
    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي تقريبون ضروري آھن، پزيرائي ملي ٿي، ڄاڻ ۽ سکيا ملي ٿي. ڄاڻ سڃاڻپ وڌي ٿي
    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
     سماجي ڪم زندگي ۾ ضروري آھن.
    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    مٽ مائٽ ته سرمايو ھوندا آھن. انھن سان تمام گھڻي ويجھڙائپ رکڻي ٿي پوي. انسان جڏهن آخري ڏکئي وقت ۾ ھوندو آھي، ته اھي ئي ويجھا مائٽ ھوندا آھن، جيڪي گھر کان آخري آرامگاھ تائين پھچائيندا آھن.
    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    تمام ويجھا ۽ گھاٽا لاڳاپا رھن ٿا. اھي سنگت وارا ته اصل ملڪيت ۽ سرمايو ھوندا آھن. ڏکئي وقت جا ساٿي ھوندا آھن.
    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    نيوي بليو،  بارش کان پوءِ مٽي جي خوشبو.
    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    ڪابه، جاپاني آٽو ميٽڪ ڪار، گھٽ ۾ گھٽ 13000 سي سي.
    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    يورپ گھمڻ. اسپين ۾ پوسٽنگ ٿي وئي آھي. وڃڻ جو پراسس روان دوان آھي.
    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    مٽ مائٽ ته سر جا سائين آھن.
    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    الله ڪري خوش ھجي سلامت ھجي.
    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
     ساده، دل ۽ نيت جا صاف.
    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، تہ ضرور لکو؟
    محبت ڏئي محبت وٺ، محبت ۾ مزو آھي
  • مرحوم ميان جان محمد عباسي “شاد” ٻورڙائي

    مرحوم ميان جان محمد عباسي “شاد” ٻورڙائي

    ميان جان محمد عباسي (شاد)

    مرحوم ميان جان محمد عباسي شاد ٻورڙائي 

    ميان جان محمد عباسي “شاد”

    مرحوم ميان جان محمد عباسي “شاد” ٻورڙائي جن ڳوٺ ٻورڙي شريف تعلقہ خير پور ناٿن شاھ ضلع دادو ۾ تاريخ ۲۵.۰۷.۱۸۹۳۴ تي ميان حسن علي عباسي جي گهر ۾ پيدا ٿيا. پاڻ اڃان ننڍڙا ئي ھئا تہ سندن والد صاحب گذاري ويو. سندن تعليم و تربيت جو سڄو بار سندن چاچي مرحوم ميان فيض محمد عباسي کنيو. ڇاڪاڻ تہ پاڻ پرائمري اسڪول ٻورڙي ۾ استاد ھئا.

                مرحوم ميان جان محمد “شاد” عباسي سال 1950 يا 51 ۾ پرائمري اسڪول ٻورڙي شريف مان سنڌي فائينل امتحان پاس ڪري. سرڪاري ملازمت ۾ پرائمري استاد ٿي ڳوٺ جي ڀرپاسي وارن اسڪولن ۾ قوم جي ٻڄن  کي پڙھائڻ لڳو اھو سلسلو سندن وفات تائين جاري رھيو.

                سال ۱۹۵۷ ع ۾ جيئن تہ ان وقت دادو ضلع جي عوام لاءِ صرف ٻہ ڳالھيون ھيون جيڪي تفريح جو باعث بڻيون ھڪ والي بال راند ٻيو سنڌي مشاعرا. جنھن ڳوٺ ۾ 10 يا 12 گهر ھوندا ھئا اتي بہ والي بال راند ۽ بزم ضرور ھوندي ھئي جنھن ڪري پاڻ بہ پنھنجي وڏن جي نقش قدم تي ھلڻ لاءِ استاد الشعراءِ الحاج حافظ محمد احسن چنہ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي. استاد اصلاح وٺندا رھيا ميان جان محمد عباسي “شاد” جو ڏاڏو ميان جان محمد عباسي “فدا” پنھنجي وقت جو تمام مشھور قابل احترام استاد شاعر اديب عالم ھو. جنھن لاءِ سائين جي ايم سيد جن لکيو آھي تہ سنڌي پرائمري جي ٻئي ڪلاس ۾ منھنجو استاد ميان جان محمد عباسي “فدا” ھوندو ھو جيڪو تمام ھوشيار استاد ھو.

    paigham19851ان ڪري فطرتن بہ ميان جان محمد عباسي جن تي سندن ڏاڏي جي اسم مبارڪ جو بہ اثر ھيو. جنھن ڪري شاعري ڏي سندن لاڙو ھو. شھر ٻورڙي شريف ۾ 1957ع ۾ بزم فدا قائم ڪئي وئي. جنھن جو جنرل سيڪريٽري اڪرم ٻورڙائي(حڪيم دين محمد “اڪرم” ٻورڙائي) يعني فقير قادري طاھري کي چنڊيو ويو. ٻئي پاسي ساڳـئي ڳوٺ ۾ بزم طالب المولىٰ سيد غلام النبي شاہ جن کولي. جنھن ڪري ٻورڙي شريف مشاعري وارن ڏينھن کانسواءِ بہ ھر ھنڌ ھر اوطاق تي علم و ادب جون ڳالھيون ھلنديون ھيون. مھمان شاعر جناب محسن ڪڪڙائي، جناب آصف ميراڻي، آثم ناٿن شاھي، جناب پير اظھر ريلائي صديقي، نشتر ناٿن شاھي، وفا ناٿن شاھي، استاد بخاري، مولوي عبداللھ اثر چانڊيو، راز ناٿن شاھي، راز سومرو ٽنڊي رحيم خان وارو، استاد قبلئہ الحاج حافظ محمد احسن چنہ صاحب ۽ مقامي شاعرن سان علم و ادب جون محفلون سرگرم ھونديون ھيون.

    مشاعرا طرحي ھوندا ھئا غير طرھي پڙھڻ تي بہ بندش ڪانہ ھوندي ھئي.

    ميان جان محمد عباسي “شاد” ٻورڙائي پھرئين گهر واري جي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ ٻي شادي لاڙڪاڻي مان ڪيائون پھرئين شادي مان ميان مشتاق احمد عباسي ۽ ٻي مان ميان اشفاق احمد عباسي ٻہ فرزند ٿين. فقط نرينو اولاد ٿين. ميان مشتاق احمد استاد آھن. مرحوم ميان جان محمد عباسي “شاد” صاحب جن تمام مشفق ۽ شفيق عارف ۽ فقير، تھجد گذار بزرگ نيڪ صورت نيڪ سيرت قادرالڪلام شاعر ھئا. گفتگو ۾ پروقار طبعيت ۾ تمام نازڪ مزاج سڄو وقت صوم و صلوات  پڙھندا رھندا ھئا. پاڻ سفر ۽ ڪچھري جا ڪوڏيا ھوندا ھئا. جڏ آءُ موڪل تي ڳوٺ ويندو ھئس اھو وقت علم و ادب مشائق ۽ مشاھير ۽ والي بال جي رانديگرن تي گفتگو ٿيندي ھئي. ڇاڪاڻ تہ پاڻ والي بال راند جا بہ بھترين رانديگر ھئا. پاڻ تاريخ 29.09.1981ع تي اسانکي ھميشہ ھميشہ لاءِ ڇڏي ويا.

    آخر ۾ پڙھندڙ دوستن لاءِ سندس چند اشعار ھيٺ ڏجن ٿا.       

         ڪافي

    ٿلھ:        تنھنجي شمع حُسن جا ٿيا بيشڪ سڀ شاھ گدا پروانہ

    تنھنجي درد ۾ ٿيا ڪي ديوانہ ڪي مستانہ ۽ بيگانہ

    1. تنھنجو چھرو آھي چنڊ مثل ، تنھنجا وار تہ آھن مار اصل

    تنھنجيون اکيون ھائي رب رکيون، جيڪي آھن ٻئي پئمانہ  

                                        تنھنجي شمع حُسن …….

    1. تنھنجا موتيءَ جهڙا ڏند الا جن ۾ تنھنجا ماکي کان وڌ چپڙا مٺا

                تنھنجي مرڪ مٺي الا جن بہ ڏٺي سي بدن کان ٿيا بيگانہ

                                                    تنھنجي شمع حُسن…….

    1. تنھنجو ريشم جهڙو جسم الا، تنھنجا ھٿ آھن پشم الا

                تنھنجو آھي سڄڻ ڊيل جهڙو ھلڻ جنھن مور ڪيا مستانہ

                                                    تنھنجي شمع حُسن…….

    1. تنھنجي مونکي ٿي وڻي ماٺ سڄڻ ڪنڌ ھيٺ ڪري تنھنجو يار ويھڻ

                کڻي نيڻ ڏسڻ ٿڌا ساھ کڻڻ، تنھنجا شوق اھي آھن شاھانہ !

                                                    تنھنجي شمع حُسن …….

    1. سڪ سيني ۾ آھ وڌي تنھنجيون مٺيون مٺيون ڳالھيون ٻڌي

                ملي ديد جڏھن ٿئي عيد تڏھن ڪيون “شاد” پوءِ گڏ شڪرانہ

                                                    تنھنجي شمع حُسن ……  

    ڪافي

    ٿلھ ـــ                  رٺائي رھن پر ھجين شل حياتي،

                            اچن نہ اچن آھہ تن جي ئي مرضي.

    1. نہ ھر گز حسن ٿي تون اھڙو نازان

     جواني آ کنڀيءَ جو چٽڪو اي جانان

    ھتي نيٺ ھر چيز ٿي ويندي فاني!

                            رٺائي رھن…..

    1. نہ مسجد ۽ مندر جي ڪا آرزو آ،

                            نہ محلات و ماڙيءَ جي حسرت بہ آ،

                            اسان لاءِ ڪافي آ دلبر جو دو ئي!

                                                    رٺائي رھن ……

    1. حياتيءَ ۾ ھڪ ڀيرو ان کي ڏسان مان،

                            اھا آس دل ٿو ھر دم رکان مان،

    پرين جي پسڻ سان وڃي ڀل پو دم ھي،

                            رٺائي رھن ……

    1. نہ آھي خوشي بس رڳو غم ئي غم آ،

                            نہ دلبر جي درشن جي اميد آ ڪا،

                            حياتي اھڙي “شاد” آ ڪھڙي ڪم جي!

                                                    رٺائي رھن ……..

    بيت

    1. 1. ساجن تنھنجي سڪ ۾ ٿي دانھون دل ڪري

    دلبر تنهنجي عشق جي ٿي اندر آگ ٻري

    پرين توکان پري دلڙي ديواني ٿي رهي

    1. ساجن تنهنجي سڪ ۾ منهنجو من آهي مستان

            اکيون تنهنجي آسري ۽ هنيون آهي حيران

            ڪر اڄڻ جو احسان سڪ ۾ ڪين سڪاءِ تون!

    1. ساجن تنهنجي سڪ ۾ ٿو جاڳان ساري رات

    اڻ تڻ تنهنجي اندر۾ ۽ وائي هر دم وات

            تنهنجي طلب ۽ تات اٿم اٺ ئي پهر اندر ۾

    1. پرين پير ڀري تون اڱڻ اسانجي آءُ

            سڪڙي لهي سالن جي اچي کلي اسان سان کاءُتون!

            ڪونهي سک ۽ ساءُ “شاد” جان ريءَ جڳ ۾!

    1. حسن تنهنجي جي هاڪ آ جڳ ۾ !

            ڳالهيون ڳائن ڳوٺن ۾ تنهنجو ڏيھ سڄو ڏاني

            تنهنجو مٽ ۽ ساني محب ڪونهي ملڪ ۾!

    1. عجيبن جي اچڻ جون ويٺي واٽون واجھايان

            ڪانگ اڏايان قرب جا ۽ پل پل ڀڄايان

            ڳالهيون ڳڻ ڳايان ”شاد” پرديسيءَ پرينءَ جون

    1. سهسين ڪرين سينگار محب ملڻ اڄ آيو

            خوشيون آيون کلنديون ۽ غمن موڪلايو

    1. رهي رهندا ڪيترو جيڪي وڃان وڃان ڪن

            سنڀري اٿن ساعت ۾ ۽ منٿ نہ مور مڃن

            ٿا دم دلا سا ڏين “شاد” سڄڻ وري اچڻ جا! 

             

           
    غزل

    1. خستہ جان ۽ خستہ دل، خستہ جگر،

                تنھنجي فرقت جو مٺا آھي اثرا

    1. عشق اڄ اھڙو تہ سستو ٿي پيو،

                جو وفا جو آھ، ٿيو ڏاڍو ڏڪر!

    1. جو ڪيو سڀ عشق تنھنجي ئي ڪيو.

                دربدر خاڪ بسر ۽ چشم تر !

    1. دل ڪڍي ان کي وڃي ڏيکاريان،

                ڪاش!! منھنجي وس ھجي ھا ھي اگر

    1. ڪير نياپو منھنجو نيندو يا خدا،

                جت ھوا جو ڀي نہ آھي گذر!

    1. “شاد” سان ايڏو ستم ناھي چڱو،

                اي ستمگر! ڪجه خدا جو خوف ڪر!

    غزل

    1. نيھن لائڻ آھ سڀ ڪنھن لئہ سکيو

                پر نڀائڻ ٿي پيو ڏاڍو ڏکيو!

    1. ڀل ھڳون ڏکيا اسين ڏکيا سھي،

                پر ھجي ھردم سڄڻ سائين سکيو!

    1. دل جو ماڻڪ مون ڏنو توکي مٺا

                ان کان وڌ ٻيو آھ ڇا مون وٽ رکيو!

    1. دلربا سان گڏ ڏسي مون کي رقيب،

                آ ڀڄڻ لئہ تيل پيرن کي مکيو!

    1. ڪير ڪنھن کي ڪين ڏيندو آ کڻي،

                قرب جو انسان ھوندو آ بکيو!

    1. “شاد” کي ڀلجي ڪيو تو ياد ڪين،

                ۽ نھ ڪاوڙ مان ئي تو خطڙو لکيو!

    گيت

                او وطن جا سپاھي

    1. تنھنجو رب آھي او وطن جا سپاھي!

                ڪڇ ۾ کڻ قرآن، ھٿ ۾ کڻ پيڪان،

    1. تنھنجو جهاد آھ ڏات، ڪر عدو کي ماري مات

                ڪين کڻ ڪٿ ساھي او وطن جا سپاھي!

                ڄاڻي ٿو ھڪ اللھ دشمن توکان آگاھ

    1. کڻ دشمن جو پيرو ڪر وڃي ات گهيرو،

                توسان مدد الاھي او وطن جا سپاھي!

    1. ڄاڻي ٿو ھڪ اللھ دشمن توکان آگاھ.

    مٺڙا من جا ماھي، او وطن جا سپاھي!

    1. تون “شاد” نت ھوندين، جتي بہ تو ن ويندين،

                تنھنجو رب آھي واھي، او وطن جا سپاھي!

    وائي

    ٿلھ ــ      نيھن ڪيو نروار ميان!

    نہ تہ ڪير اسان کي سڃاڻي!

    1. عشق ڇڏيا سڀ اولا لاھي،

                برھ جي باھ ۾ پياسين ڪاھي،

                ڪري الفت جو اظھار ميان!

    1. سورن جا پڙھي سبق سمورا،

                پاس ٿياسين پرت ۾ پورا،

                ڏات ڏني ڏاتار ميان!

    1. سڪ ۾ صاف ڪيوسين سينو،

                ڪڍي ڪدورت ڪلفت، ڪينو،

                ڪڍي تن مان سڀ تڪرار ميان!

    1. عشق جي دنيا آھي نرالي،

                خوشين کان جا آھي خالي،

                “شاد” نھ آھي ڪٿ قرار ميان!

    وائي

    1. ڏينھن گذاريم ڏسندي، ڏسندي رات گذاريم روئي.

                                                    منھنجو ڏوھ نھ ڪوئي!

                  

    1. جنھن جي ھٿ ۾ ڏوٿي الا جنت وڃي سوئي،

                                                    منھنجو ڏوھ نھ ڪوئي!

    1. ڪنھن سان حال ڪيان، ڪنھن کي دانھن ڏيان سورن ۾ سڀ ڪوئي.

                                                    منھنجو ڏوھ نھ ڪوئي!

    1. ڪنھن بہ مڃتا ڪانہ ڪئي، توڙي گهريوسين گهڻوئي  

                                                    منھنجو ڏوھ نھ ڪوئي!

    1. حرف نہ ڪوئي من تي آيو، چوي مونکي سڀڪوئي،

                                                    منھنجو ڏوھ نھ ڪوئي!

    1. مون سان ڀال، ڀلايون ڪيون “شاد” ساجن سڀوئي.

                                                    منھنجو ڏوھ نھ ڪوئي! 

  • زاهد سنڌي

    زاهد سنڌي

    زاهد سنڌي

    1588940557962منهنجو نالو زاهد سنڌي آھي۔ منهنجو اڇڙو ٿر جي تعلقي کپرو ضلع سانگهڙ سان آھي مون پنهنجي ابتدائي تعليم  پنهنجي اباڻي ڳوٺ غازي خان هنڱورجو مان پرائي ۔ هائر سيڪينڊري هٿونگو مان ۽ قاسم آباد ڊگري ڪاليج ۽ بعد سنڌ  يونيورسٽي مان بي اي ڪئي۔ زرعي تربيتي اداري سڪرنڊ مان لائيو اسٽاڪ ۾ ڪورس ڪئي۔ پر ادب صحافت ۽ ادب سان محبت هئڻ پنهنجو پيشو جرنلزم بڻائيم ننڊي لاڪون شاعرن۔ فنڪارن ۽ اديبن جا انٽرويو ڪرڻ ۽ انهن تي لکڻ جو شوق هيو۔ منهنجا روزاني سنڌ۔ روزاني ڪلياڻ روزاني سنڌ ايڪپسريس روزاني عوامي آواز ۔ ڪاوش ۽ ٻين اخبارن ۾ ڪالم پڻ شايع ٿيا جيڪي اڇڙو ٿر جي مسئلن تي هئا۔ ۽ جرڳن تي لکيم۔ هن وقت روزاني سنڌ سنوار لاڙڪاڻو ۾ نيوز ايڊيٽر جا فرض سرانجام ڏيڻ جو موقعو مليو آھي۔ ۽ منهنجي شاعري سنڌ ڀلوڙ فنڪار ڳائي جنهن ۾ مهتاب ڪنول۔ راحيل جوکيو۔ منظور مورائي ۔ شمع سحر ۔ علي سمون لياقت جتوئي ۽ ٻين ڪيترن فنڪارن گيت ڳايا۔ مهتاب ڪنول جي گيتن مونکي زاهد سنڌي طور سڃاڻپ ڏني۔
  • عبد اللہ جروار

    عبد اللہ جروار

    عبد اللہ جروار

    IMG20191107144849تعارف
    عبد اللہ جروار
    جنم.:ڳوٺ صاحب خان جروار تعلقه ضلع ٽنڊي الهيار ۾
    تعليم : ايم اي. ايم ايڊ
    ملازمت : 10 سال پرائمري استاد مختلف اسڪولن ۾.
    1992 کان جنوري 2018 تائين ايڇ ايس ٽي.
    جنوري 2018ع کان 1 آگسٽ هيڊماستر هاء اسڪول مسو بوزدار ۽ تعلقه ايڊيوڪيشن آفيسر سيڪنڊري چمبڙ رهيس. 01 آگسٽ 2019 ع ملازمت تان رٽائرمينٽ ٿي. 
    ملازمت دوران جيترو ٿي سگهيو سچائي سان ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. ان ۾ ڪيتري ڪاميابي حاصل ٿي. ان جا شاهد منهنجا شاگرد آهن  ٻا آهي جن  دوستن سان  گڏ ڊيوٽي ڪئي اهي آهن. ڪيترائي ايوارڊ حصي ۾ آيا . بيسٽ ٽيچر سرٽيفڪيٽ ۽  مڃتا سرٽيفڪيٽ  ڪافي دفعا مليا. پر هن سال 14 آگسٽ 1019ع  تي ڊپٽي ڪمشنر محترم رشيد احمد زرداري صاحب مون کي بيسٽ ٽيچر ايوارڊ شيلڊ جي صورت سان نوازيو.  
    هيستائين سمورو عرصو منهجي حوصلي مندي جو وڏو سبب بابا سائين آهي. اهو سڀ ڪجهه الله پاڪ جو انعام آهي. جنهن اسان جهڙن نالائقن کي نوازيو آهي. 
    ادبي ڪم 
    يادگيريون ڪافي لکيون اٿم جن کي سهيڙي ڪتاب ڇپائڻ جو ارادو آهي. 
    پراڻ فنڪارن جا وساريل ڪلام گڏ ڪرڻ وري منظر تي آڻڻ جي ڪوشش ڪريان پيو. جيئن نئون نسل انهن فنڪارن کان واقف ٿي سگهي. 
    ڪتاب پڙهڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو شوق به پراڻو آهي. منهنجي لائبرري ۾ ڪافي ڪتاب موجود آهن. منهنجو پسند جو مضمون تاريخ ۽ تاريخي شخصيتون آهن. جن پنهنجي زندگي کي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان لاڀائتو بڻايو آهي. 
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جن جي شخصيت منهنجي لاء آئيڊيل رهي آهي. جن سان پراڻو تعلق هو جيڪو نيٽ دنيا برپا ٿيڻ سان ٻيهر جڙيو آهي. 
    منهجي به ڪوشش آهي ته وساري ڇڏيل ماضي جي دز ۾ گم ٿيل موسيقي کي ٻيهر منظر عام تي آڻجي اها ڪوشش جاري آهي. ڪافي دوستن حوصله افزائي ڪئي آهي.
    پيغام
    وقت جو قدر ڪجي. اجايو وقت وڃائڻ  بجاء ڪنهن چڱي ڪم ۾ ڪتب آڻيو. زندگي نعمت آهي  جيڪا غنيمت آهي هڪ دفعو ملي آهي. وري ملڻي ناهي.
     شاھ سائين جو بيت دوستن لاء
    جڏهانڪر ٿيام، ساڃاه سپيرين جي،
    تڏهانڪر تر جيترو، ويل نه وسريام،
    اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاق ڪري
  • رئيس محمد صالح خان شر(ثاني)

    رئيس محمد صالح خان شر(ثاني)

    رئيس محمد صالح خان شر(ثاني)

    FB IMG 1589625138424رئيس محمد صالح خان شر(ثاني) ولد 
    رئيس سردار بلاول خان شر  جي گھر ۾ 1954ع ۾ جنم ورتو پاڻ سردار رئيس علي بخش خان شر ۽ حضرت سخي جنگو خان جرنيل جو اٺون نمبر سجاده نشين ھيو پاڻ پنھنجي والد جي وفات بعد پڳدار بڻيو..
    شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان.
    مڊل جي تعليم رسول پور مان ۽ ميٽرڪ ھاء اسڪول ٺري ميرواهه مان. ھم ڪلاسي شاگرد دوستن ۾ نمايان شخصيتون فقير سڪندر علي شر سجاده نشين درگاه غلام حيدر گودڙيو صوفي القادري وفا نواز علي شر رٽائر جج ،مرحوم استاد حاڪم علي، استاد معشوق علي جوگي رٽائرڊ ھيڊ ماستر،وڏيرو استاد محبت علي شر، ۽ ٻيا..پاڻ والد جي وفات کان پوءِ پنھنجي برادريءَ مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪوشان ٿيو،پاڻ سياست جي شروعات 1979ع ۾ ڪيائين، پير صاحب پاڳاري شاهه مردان شاهه ثاني جي پارٽي۾ شموليت اختيار ڪئي، پاڻ مريد خاص وڏن کان وٺي درگاهه راڻي پور شريف جي سيد عباس علي شاھ عرف حاجي جيئل شاهه جو ھيو پاڻ سياسي طور تي پنھنجي تعلقي ۾ تمام گھڻو ايڪٽو ھيو ،سچائي ۽ مخلصي سان ڪم ڪرڻ تي پير سيد صدر الدين شاهه راشدي جو تمام گهڻو اعتماد ھوندو ھو جنھنڪري پارٽيءَ جي معاملن ۾ ھن جي راءِ کي اھميت ڏني ويندي هئي ۽ پاڻ پارٽيءَ جي اھم عھدن تي به فائز رهيو ۽ سخت مخالفتن جي باوجود ڪيترائي دفعا اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ کيس سياسي مخالف بہ عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ بنا لالچ جي شر برادري ۽ ٻين برادرين جا ڪيترائي مسئلا ۽ ڪم ڪرايائين، برادريءَ جي مسئلن۾ ھميشه اڳرو ھوندو ھو، پنھنجي برادريءَ توڙي ٻين برادرين جي خوني تقرارن کي حل ڪيائين ۽ پنھنجي خرچ تي ڪيترن ئي ماڻهن جون ضمانتون ڪرائيندو هو، جنھن ڪري مخالفت بہ وڌندي ھئي پر ڪڏهن بہ انھن کي ڏوراپو بہ نہ ڏنائين اھڙن انمول ماڻھن لاءِ ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو..
    (ڪڏھن ڪوسا م ٿيا ڏوراپا ڏيئي
    وساري ويھي تن ڪيچن کان آء ڪيئن رھان )
    پاڻ ھڪ وڏو سخي مرد،نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت ۽ شريف طبيعت جو مالڪ ھو جنھن ڪري سندس اوطاق تي غريبن مسڪينن لاچار بيپھچ ماڻھن جا اوطاق تي ميڙ ھوندا ھئا..
    پاڻ ھر ڪنھن جي ڏک سک ۾ شامل ھوندو ھو پاڻ ھر فيصلي ۽ ميڙاڪي۾ سندس  جي موجودگي ڪشش جو باعث ھوندي ھئي سندس چھري تي ھميشه مرڪ ڏسي سندس دوست۽ دشمن بہ ملڻ لاءِ مشتاق ھوندا ھئا ۽ سڄي سنڌ ۽بلوچستان تائين فيصلن جي امين طور سڃاتو ويندو هو…
    پاڻ 14اپريل 2017 ۾ ھي فاني جھان ڇڏي ويو سندس جنازي نماز ۾ پوري سنڌ جا ناميارا اڳواڻ شريڪ ٿيا..
    ھن انمول ھيري  جي وڇوڙي غريبن جو جيُ جھوري وڌو سندس جو خال ڀرڻ ڏاڍو مشڪل نظر پيو اچي سندس جي وڇوڙي کانپوءِ سندس جي وڏي فرزند رئيس پرويز احمد شر کي پڳ ٻڌرائي وئي جنھن کي پھريون ور فقير سڪندر علي شر ڏنو ان کان علاوه سڄي شر برادريءَ جي سڄن پاڙن کان علاوه جسڪاڻي برادريءَ،خاصخيلي سومرا،بوزدار بلوچ، ملاح،سيال،جوڳي،چنا،جوڻيجا،شاھاڻي،ورياھ،سيد برادريءَ جي معززين بہ پڳ کي ور ڏنا..
    ڌڻي در دعا آهي ته الله پاڪ سندس جي درجات کي بلند عطا فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي…
    وسري سارو لوڪ شال نہ وسرين تون، 
    توکي ڪيڏو سانڍيو آھي مون ساھ ۾
  • ڊاڪٽر غلام حسين جعفري

    ڊاڪٽر غلام حسين جعفري

    ڊاڪٽر غلام حسين جعفري

    WhatsApp Image 2020 06 05 at 4.39.23 AMجعفري، غلام حسين، ڊاڪٽر: مشهور ڊاڪٽر غلام حسين جعفريءَ ڀان سعيد -آباد-، ضلعي دادوءَ ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ هن -جنم- ورتو. چئن درجن تائين سنڌيءَ جي -تعليم- ڀان جي پرائمري اسڪول ۾ ورتائين. پوءِ سرڪاري اسڪالر شپ تي پڙهيو. خيرپور جي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين. بي. اي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ -تعليم- کاتي ۾ اسسٽنٽ ماستر مقرر ٿيو.
    بمبئيءَ مان بي. ٽي امتحان پاس ڪري لاڙڪاڻي جي مدرسه هاءِ اسڪول جو پرنسپال ٿيو. سندس شادي نور محمد هاءِ اسڪول جي باني نور محمد وڪيل جي نياڻيءَ سان ٿي. هي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ -آمريڪا- به ويو، جتان ڪامياب ٿي واپس موٽيو ۽ اچي نواب شاهه ۾ ڊپٽي ايجوڪيشن انسپيڪٽر طور مقرر ٿيو. اهڙيءَ طرح پنهنجي محنت سان اڳتي وڌندو. -ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد- جو پرنسپال ٿيو. ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ هن کي بدلي ڪري اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن طور لاهور ۾ رکيو ويو. -جتي- هن جي محنت ڏسي کيس سنڌ ۾ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن مقرر ڪيو ويو، بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن جو پهريون چيئرمئن پڻ ڊاڪٽر غلام حسين -جعفري- بڻيو، هن ئي منصب -تان- رٽائر ڪيائين ۽ حيدرآباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. جلد ئي کيس -پبلڪ اسڪول حيدرآباد- جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو ۽ -ان- بعد ڪجهه وقت نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال به رهيو. ڊاڪٽر غلام حسين سموري زندگي علم جي خدمت ۽ خلق خدا جي بهبود لاءِ گذاري ڇڏي. هن 28 جون 1977ع تي وفات ڪئي
    انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان

  • ﺟﻴﻮﮢﻲ ﭔﺎﺋﻲ

    ﺟﻴﻮﮢﻲ ﭔﺎﺋﻲ

    ﺟﻴﻮﮢﻲ ﭔﺎﺋﻲ

    WhatsApp Image 2020 06 05 at 2.29.52 AMﺟﻴﻮﮢﻲ ﭔﺎﺋﻲ
    ﺟـﻴـﻮﮢﻲ ﭔﺎﺋﻲ ﮄﻱﺀَ ﭰڪـﻮ ﮔـﺮﮔﻠـﻮ، 22 ﺟﻨﻮﺭﻱ 1901 ﻉ ۾ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﺭﺍﺟﭙﻮﺗﺎﻧﺎ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻲ ’ ﭜﻴﻠﻮﺍڙ ‘ ﺭﻳﺎﺳﺖ ۾ ﭴﺎﺋﻲ . ﺳﻨﺪﺱ ﺍﺻﻞ ﻧﺎﻟﻮ ﺟﻴﺪﻱ ﻫﻮ، ﭘﺮ ﺟﻴﻮﮢﻲ ﭔﺎﺋﻲﺀَ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﺳﻨﮅ ﻫﻨﺪ ۾ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﭤﻲ . ﻫﻮﺀَ ﺍﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫﺎڪﺎﺭﻱ ﮘﺎﺋﮣﻲ ﺛﺎﺑﺖ ﭤﻲ . ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ۾ ﺍﻫڙﻭ ﺗﻪ ﺟﺎﺩُﻭ ﻫﻮ ﺟﻮ ﭔﮅﮠ ﻭﺍﺭﻥ ﺟﻮﻥ ﺩﻟﻴﻮﻥ ﻣﻮﻫﺠﻲ ﻭﻳـﻨـﺪﻳـﻮﻥ ﻫـﻴـﻮﻥ .
    ﺷﺮﻭﻋﺎﺗﻲ ﺩﻭﺭ
    ﺟﻴـﻮﮢﻲﺀَ ﺟﺎ ﻭﺍﻟﺪﻳﻦ ﭘﻦ ﺗﻲ ﮔﺬﺭﺍﻥ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ ۽ ﮐﻴﺲ ﺑﻪ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺗﺮﺑﻴﺖ ڏﻧﻲ ﻭﺋﻲ . ﻫﻮﺀَ ﺟڏﻫﻦ ﺳﺘﻦ ﺍﭠﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﭘﺎﮠ ۽ ﭘﻨﺞ ﭔﻴﻮﻥ ﮀﻮڪﺮﻳﻮﻥ ﮔڏﺟﻲ ﺩﺭ ﺩﺭ ﺗﻲ ﺳﺌﻦ ﺑﻪ ﻫﮣﻨﺪﻳﻮﻥ ﻫﻴﻮﻥ ۽ ﮘﻴﭻ ﺑﻪ ﮘﺎﺋﻴﻨﺪﻳﻮﻥ ﻫﻴﻮﻥ . 1918 ﻉ ۾ ﭰڪﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻭﻃﻦ ﮐﻲ ﮀڏﻱ ﻣﻠﺘﺎﻥ ﻭﭸﻲ ﻭﻳﭡﻮ، ﺟﺘﻲ ﺟﻴﻮﮢﻲﺀَ ﺟﻲ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺭﺍﮘﻲ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺍﻣﻴﺮ ﺧﺎﻥ ﺳﺎﻥ ﭤﻲ، ﺟﻴڪﻮ ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ۽ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﮐﺎﻥ ﺍﻳﺘﺮﻭ ﺗﻪ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﭤﻴﻮ، ﺟﻮ ﺟﻴﻮﮢﻲ ﭔﺎﺋﻲﺀَ ﮐﻲ ﺭﺋﻮ ﭘﺎﺭﺍﺋﻲ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮄﻱﺀَ ﺑﻨﺎﺋﻲ، ﮐﻴﺲ ﺭﺍﮖ ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ڏﻳﮡ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﭰڪﻲ ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﺧﺎﻧﺪﺍﻥ ﺍﻣﻴﺮ ﺧﺎﻥ ﺟﻲ ﻗﺮﺏ ۽ ﺻﺤﺒﺖ ۾ ﻫڪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺳﺎﮢﺲ ﮔڏﺟﻲ ﺣﻀﺮﺕ ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺟﻲ ﻣﺘﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﻫﭣ ﺗﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻥ ﭤﻴﻮ . ﺍﻥ ﺑﻌﺪ ﭰڪﻮ ﻓﺘﺢ ﻣﺤﻤﺪ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ ۽ ﺟﻴﻮﮢﻲ ﺩﺭ ﺩﺭ ﺗﻲ ﻭﭸﻲ ﺧﻴﺮﺍﺕ ﻭﭠﮡ ﺑﻨﺪ ڪﺌﻲ ۽ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺍﻣﻴﺮ ﺧﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﻌﺮﻓﺖ ﻣﻴﻠﻦ ﻣﻼﮐڙﻥ ۽ ﻣﺤﻔﻠﻦ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻦ ﺟﻮ ﻣﻈﺎﻫﺮﻭ ڪﻨﺪﻱ، ﻓﻨﻲ ﻣﻨﺰﻟﻮﻥ ﻃﺌﻲ ڪﻨﺪﻱ ﺭﻫﻲ . ﻣﻠﺘﺎﻥ ﮐﺎﻥ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﮐﻴﺲ ﺭﺍﮖ ﺟﻮﻥ ﺩﻋﻮﺗﻮﻥ ﻣﻠﮡ ﻟﮙﻴﻮﻥ .
    ﺟﻴﻮﮢﻲ ﺳﻨﮅ ۾
    ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﻴﺲ ﮔﻬﮣﻮ ﭼﺎﻫﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺤﻔﻠﻦ ۾ ﮐﻴﺲ ﮔﻬﺮﺍﺋﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ . ﻫڪ ﺩﻓﻌﻲ ﺷﺎﻫﻪ ڪﺮﻳﻢ ﺑﻠڙﻱﺀَ ﻭﺍﺭﻱ ﺟﻲ ﻣﻴﻠﻲ ﺗﻲ ﺟﻴﻮﮢﻲ ﺁﻳﻞ ﻫﺌﻲ، ﺍﺗﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺭﺍﮘﻲ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺧﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ ﺳﺎﻥ ﭤﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺟﻴﻮﮢﻲﺀَ ﺟﻲ ﺭﺍﮖ ڏﺍﮂﻭ ﻣﺘﺎﺛﺮ ڪﻴﻮ ۽ ﺟﻴﻮﮢﻲ ﺑﻪ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﮐﺎﻥ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﭤﻲ . ﺁﺧﺮ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺧﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ ﺟﻲ ﺻﺤﺒﺖ ۾ ﺟﻴﻮﮢﻲ ﻣﻠﺘﺎﻥ ﮀڏﻱ ﺍﭼﻲ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ ﺭﻫﺎﺋﺶ ﭘﺬﻳﺮ ﭤﻲ ۽ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺧﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ ﮐﺎﻥ ﺭﺍﮖ ﺟﺎ ﺳﺒﻖ ﺳﮑﻴﺎﺋﻴﻦ . ﺧﺎﺹ ڪﺮﻱ ﺳﻨﮅﻱ ڪﺎﻓﻲ ﮘﺎﺋﮡ ﺟﻲ ﺳﮑﻴﺎ ﻭﺭﺗﺎﺋﻴﻦ . ﭘﻮﺀِ ﺗﻪ ﺳﭵﻲﺀَ ﺳﻨﮅ ۾ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ﮔﻮﻧﺠﮡ ﻟﮙﻮ، ﻫﻮﺀَ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫﺮ ﻣﻴﻠﻲ ۾ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺧﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﻫﺌﻲ . ﻫڪ ﭜﻴﺮﻱ ﺷﺎﻫﻪ ﻗﺎﺩﺭﻱﺀَ ﺟﻲ ﻣﻴﻠﻲ ﺗﻲ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺑﻴﺒﻮ ﺧﺎﻥ، ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺧﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ، ﺳﻴﺪ ﻗﺎﺳﻢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ، ﭜﻮﺭﻭ ﺳﮏ، ﻣﺎﺳٽﺮ ﭼﻨﺪﺭ ۽ ﭔﻴﺎ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﻓﻨڪﺎﺭ ﺍﭼﻲ ﺷﺎﻣﻞ ﭤﻴﺎ، ﭘﺮ ﻣﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﻣﺤﻔﻞ ﻣﻮﺳﻴﻘﻲ ﺟﻴﻮﮢﻲﺀَ ﮐٽﻲ ﻭﺭﺗﻲ . ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ﭔﮅﻱ ﻣﺎﺳٽﺮ ﭼﻨﺪﺭ ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﭤﻴﻮ ۽ ﻣﻬﺎﺭﺍﺝ ﺗﺮﺳﻲ ﺩﺍﺱ ﮐﻲ ﭼﻴﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﺟﻴﻮﮢﻲﺀَ ﮐﻲ ڪﺮﺍﭼﻲ ﻭﭠﻲ ﺍﭺ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ﺭڪﺎﺭڊ ڪﺮﺍﻳﻮﻥ . ﻣﻬﺎﺭﺍﺝ ﺗﺮﺳﻲ ﺩﺍﺱ ﺟﻴﻮﮢﻲﺀَ ﮐﻲ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﻭﭠﻲ ﻭﻳﻮ، ﻣﺎﺳٽﺮ ﭼﻨﺪﺭ ﮐﻴﺲ ﺭڪﺎﺭڊﻧﮓ ﺑﺎﺑﺖ ﺳﮑﻴﺎ ڏﻧﻲ . ڪﻤﺎﺭ ﺧﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻴﻘﻲﺀَ ۾ ﺟﻴﻮﮢﻲ ﭔﺎﺋﻲﺀَ ﺟﻲ ﺁﻭﺍﺯ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﺭڪﺎﺭڊ ﺍﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﻻﻝ ﭼﻨﺪ ﺭڪﺎﺭڊ ڪﻴﻮ . ﺳﭵﻲ ﺳﻨﮅ ۾ ﻫﺮ ﻃﺮﻑ ﺟﻴﻮﮢﻲﺀَ ﺟﻲ ﺳﺮﻳﻠﻲ ﺁﻭﺍﺯ ﺟﻲ ﻭﺍﻫﻪ ﻭﺍﻫﻪ ﭤﻲ ﻭﻳﺌﻲ . ﺟﻴﻮﮢﻲ ﭘﺎﮠ ﺑﻪ ﺷﺎﻋﺮﻩ ﻫﺌﻲ، ﺗﻨﻬﻨڪﺮﻱ ﭔﻪ ٽﻲ ﺭڪﺎﺭڊ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ڪﻼﻣﻦ ﺟﺎ ﺑﻪ ﺭڪﺎﺭڊ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ﻫﻮﺀَ ﺣﺎﺟﻲ ﺷﺎﻫﻪ ۽ ﭘﺮﺳﺮﺍﻡ ﺿﻴﺎﺀَ ﺟﺎ ڪﻼﻡ ﮘﺎﺋﻴﻨﺪﻱ ﻫﺌﻲ . ﺟﻴﻮﮢﻲ ﭔﺎﺋﻲ ﺳﻨﮅ ۾ 1928 ﻉ ۾ ﺭﺍﮢﻴﭙﻮﺭ ﺟﻲ ﺑﺰﺭﮒ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺻﺎﻟﺢ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﺮﻳﺪﻳﺎﮢﻲ ﭤﻲ . ﻫﻦ ﺋﻲ ﺑﺰﺭﮒ ﺳﻨﺪﺱ ﻧﺎﻟﻮ ﺟﻴﺪﻱ ﻣﺎﻥ ﺑﺪﻻﺋﻲ ’ ﺟﻴﻮﮢﻲ ﭔﺎﺋﻲ ‘ ﺭﮐﻴﻮ ﻫﻮ . ﺟﻴﻮﮢﻲ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺟﻲ ﻫڪ ﻋﺎﻟﻢ ﺍﻟﻠﻪ ﺑﺨﺶ ﻧﻮﻧﺎﺭﻱﺀَ ﮐﺎﻥ ﻗﺮﺁﻥ ﺷﺮﻳﻒ ۽ ﺩﻳﻨﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺌﻲ .
    ﺷﺎﺩﻱ
    1932 ﻉ ۾ ﻫﻦ ﻫڪ ﺷﺨﺺ ﻧﻮﺍﺏ ﻣﺎڪﺎ ﺳﺎﻥ ﺷﺎﺩﻱ ڪﺌﻲ، ﭘﺮ ﻫﻦ ﮐﻲ ڪﻮ ﺑﻪ ﺍﻭﻻﺩ ﻧﻪ ﭤﻴﻮ . ﺟﻴﻮﮢﻲ ﭔﺎﺋﻲ ﻭڏﻱ ﺳﺮﻳﻠﻲ ﻓﻨڪﺎﺭﻩ ﻫﺌﻲ . ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻭﻗﺖ ۾ ﺍﻳﺘﺮﻭ ﺗﻪ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﻴﺪﺍ ڪﻴﻮ، ﺟﻮ ﺁﻝ ﺍﻧڊﻳﺎ ڪﺎﻧﻔﺮﻧﺲ ۾ ﭘﻮﺭﻥ ﺗﻴﺮﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪﮔﻲ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ڪﺎﺭﻱ ﺭﻧﮓ ﻭڏﻳﻦ ﺍﮐﻴﻦ، ﭜﺮﻳﻞ ﺟﺴﻢ، ڊﮔﮭﻲ ﻗﺪ، ﮔﻮﻝ ۽ ﺳﻮﻧﻬﻨﺪڙ ﭼﻬﺮﻱ ﻭﺍﺭﻱ ﺟﻴﻮﮢﻲ ﭔﺎﺋﻲ ﭘُﺮﻭﻗﺎﺭ ۽ ﺑﺎﻋﺰﺕ ﻋﻮﺭﺕ ﻫﺌﻲ . ﭘﺎﮠ ﺭﻭﺯﻱ ﻧﻤﺎﺯ ﺟﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪ ﻫﺌﻲ، ﮐﻴﺲ ﭘﻨﺠﻦ ﺗﻨﻦ ﺳﺎﻥ ﻭڏﻱ ﻋﻘﻴﺪﺕ ﻫﺌﻲ . ﻫﭣ ﺟﻲ ﮀﻮٽ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﻫﺌﻲ .
    ﻣﭹﺘﺎ
    ﺟﻴﻮﮢﻲ ﭔﺎﺋﻲ ﻫﺰ ﻣﺎﺳٽﺮﺱ ﻭﺍﺋﺲ ﮔﺮﺍﻣﻮﻓﻮﻥ ﺭڪﺎﺭڊ ڪﻤﭙﻨﻲﺀَ ۾ ﺳﺌﻮ ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﮔﺮﺍﻣﻮﻓﻮﻥ ﺭڪﺎﺭڊ ﭜﺮﺍﻳﺎ، ﺟﻴڪﻲ ﺳﭛ ﺟﺎ ﺳﭛ ﻣﻘﺒﻮﻝ ﭤﻴﺎ . ﺍﻫﻮ ﺋﻲ ﺳﺒﺐ ﻫﻮ، ﺟﻮ ﻫﻦ ڪﻤﭙﻨﻲﺀَ ﻭﺍﺭﻥ ﺳﺎﮢﺲ ﻫڪ ﺷﺎﻧﺪﺍﺭ ﺟﺸﻦ ﻣﻠﻬﺎﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ڪﻤﭙﻨﻲﺀَ ﺟﻮ ﺳﺎﮂﻥ ڏﻫﻦ ﺗﻮﻟﻦ ﺟﻮ ﺳﻮﻧﻮ ﻣﻮﻧﻮﮔﺮﺍﻡ ﮐﻴﺲ ﺍﻭﺍﺭڊ ﻃﻮﺭ ڏﻧﻮ ﻭﻳﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ۾ ﺭﻳڊﻳﻲ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺗﺎﻥ ﺭڪﺎﺭڊ ﺍﭲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻧﺸﺮ ﭤﻴﻨﺪﺍ ﺭﻫﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ، ﺟﻦ ۾ ’ ﻗﺎﺑﻮ ڪﻮٽﻦ ۾ ‘ ۽ ’ ﺑﻲ ﺩﺭﺩ ﺟﻲ ﺍﻗﺮﺍﺭ ۾ ﻫﺮ ﮔﺰ ﻧﻪ ﺳﭽﺎﺋﻲ ﺁ ‘ ﺟﻬڙﺍ ڪﻼﻡ ﭔﮅﻱ، ﺟﻴﻮﮢﻲﺀَ ﺟﻲ ﻳﺎﺩ ﺗﺎﺯﻱ ﭤﻴﻮ ﻭﭸﻲ .
    ﻭﻓﺎﺕ
    ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫﻲ ﺳﺪﺍ ﺑﻬﺎﺭ ﮘﺎﺋﮣﻲ 1942 ﻉ ۾ ﻻڏﺍﮢﻮ ڪﺮﻱ ﻭﺋﻲ
    وڪيپيڊيا جي ٿورن سان

  • مولوي علامه ھدايت الله

    مولوي علامه ھدايت الله

    مولوي علامه ھدايت الله

    WhatsApp Image 2020 06 03 at 11.38.41 AMمولوي علامه ھدايت الله ولد مولوي عبداللھ آريجو تاريخ ١٧ ربيع الاول ١٣۵٧ ھ١٧ مءي ١٩٣٨ م ڳوٺ ٺارو واھڻ لڳ خير محمد آريجو ضلعي لاڙڪاڻي م تولد ٿيا ۔ ابتداءي ۔ تعليم پنهنجي والد وٽ پڙھيو پوءمختلف مدرسن م پڙھيو جيءن جامع راشديھ پير جو ڳوٺ مدرسا نعيمي آگاڻي پٺاڻ ڳوٺ نزد ڏوڪري احسن البرڪات حيدرآباد انوارالعلوم ملتان ء جامع رضوي مظھرالعلوم فيصل آباد ۔ مولوي صاحب علمي تحصيل کان پوءپنھنجي والد بزرگ جي قائم ڪيل مدرسي مدرسا حسينيھ رضوي خير محمد آريجا م درس تدريس جو ڪم زور شور سان شروع ڪيو ء مدرسي کي اوج تي پھچايو پاڻ سالانا دستاربندي جي موقعن تي تمام وڏا شاندار سينگاريل جلسا ڪرائيندو ھو گھڻا مشاءخ ء علماء دعوت تي آڻاءيندو ھو ۔ مولوي صاحب وڏي ڄاڻ سڃاڻ وارو سخي ھمدرد ء علم دوست ھو ھي روشن ستارو اسان ٿ۵ ربيع الاخر ١۴٢٦ ھ١۴ مءي ٢٠٠۵ تي وفات ٿي ڳوٺ جي قبرستان م دفن ٿيو ساء کي اولاد ٻن فرزندن جو اولاد آهي

  • مٺل جسڪاڻي: مختصر تعارف ۽ ويچار

    مٺل جسڪاڻي: مختصر تعارف ۽ ويچار

    مٺل جسڪاڻي: مختصر تعارف ۽ ويچار

    فيس بوڪ انٽرويو WhatsApp Image 2020 06 01 at 3.22.37 AM

    مٺل جسڪاڻي: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ”جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن“…
    ڪجهه مهربانن جو خيال هو ته هن سلسلي جي شروعات منهنجي ئي مختصر تعارف ۽ ويچار سان ڪريان! اهو مون کي مناسب نه لڳو. آخر ۾ ان ڪري ضروري سمجهيم، متان ڪو دل ۾ چوندو وتي، ٻين کي ته ڪٽهڙي ۾ بيهاريائين، پاڻ، پنهنجن ئي سوالن جو جواب ڇو نه ڏنائين؟ صرف ان هڪ سوال جي جواب ۾، ٻين کان پڇيل سوالن جا جواب حاضر آهن. اوهان سڀني مهربان پڙهندڙن کان مثبت موٽ جي اميد رهندي.

    1. اوھان جو نالو؟
    مون تي منھنجي ڏاڏي جو نالو ”محمد مٺل جسڪاڻي“ رکيو ويو. ڏاڏا کي ٻھراڙي جي اڻ پڙھئي ماحول سبب ”مِٺُو“ چوندا ھئا، ان ڪري مون کي به منھنجا مٽ مائٽ ”مِٺُو“ سڏين. لکڻ جي شروعات ”مجبور“ تخلص سان ٿي، پوءِ ڪي ٻيا تخلص به رھيا، پر اڪثر ”مٺل جسڪاڻي“ يا سڄو نالو به لکندو آھيان. انگريزي مواد M. Mithal Jiskani يا وري M. M. Jiskani جي نالي سان شايع ٿيندو رھيو آھي.

    2. ولديت ذات سميت؟
    منھنجي والد جو سڄو نالو محمد عمر جسڪاڻي، سدائين ”عمر“ سڏبو رھيو، پر بابا پنھنجي طبيعت جو، ھڪ منفرد ڪردار ھو، ان ڪري سندس ٻيا نالا به ھئا. بابا اسان جي پسگردائي ۾ اھڙو واحد شخص ٿي رھيو، جنھن کي علائقي جا وڌ ۾ وڌ ماڻھو سڃاڻين. ٽنڊوڄام شھر جا ته سڀ مرد توڙي عورتون، ھر عمر وارو، کيس سڃاڻندو ھو، سندس عزت ڪندو هو. سندس سڃاڻو، اسان ڀائرن کي جيڪڏھن وڌيڪ نه به سڃاڻن، پر بابا جي حوالي سان نه صرف سڃاڻندا آھن، پر اسان ڀائرن جي عزت به ڪندا آھن ۽ اسان جي روبرو توڙي پرپٺ پڻ، ٻين سان اسان جو تعارف به ڪرائيندا آھن.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)؟
    15 جنوري 1961ع منهنجي ڄمڻ جي تاريخ آهي. منهنجو جنم ڳوٺ ٽئونر خان جسڪاڻي ۾ ٿيو. اسان جي تر ۾ جسڪاڻين جو اهو ھڪ ئي ڳوٺ آهي، پر مختلف نالن سان سڏبو آھي. هي ڳوٺ ٽنڊوڄام کان اوڀر ڏکڻ ڪُنڊ تي، ديھه پساھڪي، تعلقه ۽ ضلع حيدرآباد ۾ آهي. ڳوٺ ۾ به گهرڙو آھي. ھن وقت لياقت ٽائون، ٽنڊوڄام ۾ رھائش اٿم.

    4. تعليم؟
    ايم. ايس. سي. ايگريڪلچر آنرس پلانٽ پيٿالاجي ۽ ٽيھارو کن ننڍا وڏا تربيتي ٽريننگ ڪورسز.

    5. ڪرت (پيشو)؟
    استاد، محقق، توسيعڪار، سکياڪار، سهوليتڪار، ٻھراڙي ۾ ٻني ٻاري جو ھر ڪم عملي طور ڪيل اٿم. معاوضو ڏياريندڙ ڪجهه هنر به ڄاڻان ٿو.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    واندڪائي ڪانه وڻي. ڪم نه ھوندو آھي، ته ڳولي وٺبو آھي. ڪم ئي منھنجي وندر آھي.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ ڪو/ڪتاب به ڇپيا آھن يا؟
    لکندو ته آھيان، الئه ڇا ڇا لکندو آھيان، پر ’ڪليم‘ ڪرڻ جي ’پوزيشن‘ ۾ نه آھيان. پاڻمرادو، ڪٿان ڪنھن وٽان ڪھاڻيڪار، مضمون نگار يا شاعر جي مستند سَنَد نه ملي اٿم، نه اميدوار آھيان، نه ئي ضرورت محسوس ٿو ڪريان. جھڙو آھيان، جيڪو آھيان، پڙھندڙن جي اڳيان آھيان.
    سنڌي ۾ ڏيڍ ٻه ھزار يا ٿي سگهي ٿو ته اڃان به وڌيڪ، انگريزي ۾ ھڪ سئو کان وڌيڪ ۽ اردو ۾ ھڪ سئو جي لڳ ڀڳ لکڻيون مختلف ڏيھي ۽ پرڏيھي جرنلس، ميگزينس، رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آھن. منھنجون ڪيتريون ئي تحريرون، مون ڇپجڻ جي لاءِ جيڏانھن موڪليون، اتي ته ڇپيون، پر اتان وري ٻين کڻي پاڻ به پئي ڇپيون آھن.
    منھنجا ننڍا وڏا، سنھا ٿلھا، ٻه درجن ڪتاب ڇپيل آھن، جن مان ھڪ انگريزي ۾ آھي. ٻن ڪتابن کي ڇپجڻ واري سال جي بھترين ڪتابن طور انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ چيپٽر پاران ايوارڊ مليل آھن. نظم ۽ نثر جي ڪجهه ڪتابن ۾ مهاڳ، پيش لفظ، ٻه لفظ، راءِ طور مواد به لاڳاپيل مجموعن ۾ ڇپيل آهي ۽ ڪي ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن. مختلف ڪتابن تي تبصرا، مختلف شاعرن جي شاعري، يا شاعري جي ڪنهن اسم تي اڀياس به لکيل آهن. پروفائيل انٽرويوز ۽ شخصيتن تي خاڪا به ڳچ تعداد ۾ ڇپيل آهن. مختلف سماجي مسئلن ۽ تعليم جي حوالي سان ڳچ سارو لکيو اٿم، جيڪو پڻ وقت به وقت شايع ٿيندو رهيو آهي.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    شاعري شوق ۽ ڌيان سان پڙھندو ۽ ٻڌندو آھيان. عنوان مان پڙھڻ نه پڙھڻ جو اندازو ڪري، مضمون به پڙھندو آھيان. ڪھاڻيون به پڙھندو آھيان. ھڪ ٻه ناول، زور ڀرڻ تي پڙھيا اٿم. ڪجهه سفرناما ۽ ڪجهه آتم ڪٿائون، ڪي ڊائريون (ڇپيل) به پڙھيون اٿم. مختلف ڪتاب پڙهندو رهندو آهيان.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    موقعو ملندو آھي، ته وڃڻ جا وس ڪندو آھيان. ڇاڪاڻ ته جيترو گهمبو، ڏسبو، اوترو ڄاڻبو، سکبو آهي. عام طور، ڪم ڪار سان نڪرڻ ٿيندو آهي، ته سفر دوران منهنجي نگاهه ٻاهر هوندي آهي ۽ آئون سدائين مختلف منظر پسندي سفر ڪندو آهيان. پنهنجي سواري هوندي آهي، ته ڪٿي ڪٿي بيهي به رهندو آهيان. سنڌ جي وچولي جو واسي آهيان. لاڙ طرف پنڌ سرس ٿيل آهن. ٿر سڪار توڙي ڏڪار ۾ به ڏٺل آهي. ڪاڇي جي ڪڇ به هڪ دفعو ڏسي آيس. ڪوهستان جي ديهه ڪوهستان مان لائون لهي آيل آهيان، ان ڪري سمجهي سگهو ٿا، ته جبل به جهاڳيل آهي. ڏاکڻو دنگ ڪراچي سي ويو ته سڀ ڏسي آيا هوندا، ڪيٽي بندر به ڏسي آيو آهيان، ته بدين کان به سمنڊ ڏٺل آهي. اتر طرف دادو، لاڙڪاڻو اتان سکر، شڪارپور به هڪ ٻه دفعو ڏٺم. حيدرآباد کان پنو عاقل ۽ سرحد تائين روڊ وسيلي ويل آهيان. ريل جي پٽڙي پنڊي تائين پئي پنڌ ڪرايا آهن. ڪوهه مري، نٿيا گلي تائين ۽ مظفر آباد، ڪشمير تائين به گهميو آهيان. ڪراچي، لسٻيلي کان خُضدار ۾ ٻه ٽي ڏينهن گهمڻ بهاني رهي آيو آهيان. هڪ سفرنامو ڇپيل آهي ۽ هڪ ٻِٽو سفرنامو، ٻن اڍائي سالن کان ڇپجڻ جو انتظار پيو ڪري.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچهريون ته منهنجي ننڍپڻ واري عمر ۾ ٿينديون هيون. جيڪي اسڪول کان وڌيڪ تربيت ڪنديون هيون. ننڍا وڏا ويهندا هئا، ته ان ڏينهن جون سڀ ڳالهيون ٿينديون هيون. هڪ ٻئي جي سٺي خراب عمل ۽ ارادن جي خبر پوندي هئي، ته پاڻ مُرادو هدايتون به ۽ صلاحون به ملنديون هيون. هڪ ٻئي جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائبو هو. مردن جون الڳ ته عورتن جون ڌار رهاڻيون ٿينديون هيون. پٽن ۽ نياڻين جي تربيت ورهايل به هوندي هئي، ته اڻ ورهايل به ٿيندي هئي. ڳوٺ جو هر وڏو، ڳوٺ جي هر ننڍي جو وڏو هوندو هو. ڪچهرين ۾ حال احوال به ٿيندا هئا، خيالن جي ڏي وٺ به ٿيندي هئي، ڏور، بيت، ڳجهارتون، ڳائڻ، کل ڀوڳ، گهڻو ڪجهه هوندو هو، سڀ ڪجهه ”لائِيو“ هوندو هو. اهي ڪچهريون، معلومات جو به ته تربيت جو به بھترين ذريعو هيون، جيڪڏهن اڃان به ڪٿي ٿين ٿيون، ته ساڳيو ڪم ڪنديون هونديون.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادب جي اوثر ۾ مثبت هجڻ لاءِ، ادبي تقريبون وڏي اهميت رکن ٿيون، پر پاڻ وٽ اهي تقريبون اديب منعقد ڪندا آھن. ھر ڪنھن جا پنھنجا حدف ھوندا آھن. اڳي سکڻ جي نيت سان ويندو ھئس. ھاڻ وقت پاس ڪرڻ يا دعوت ڏئي گهرائيندڙ جي دل خوش ڪرڻ لاءِ ويندو آھيان. اڳي به ڏاڍا مزا ٿيندا هئا، هاڻي به گهڻا مزا ٿيندا آھن. سوين ميل سفر ڪري پھتل ڪنھن اديب جي، پاڻ مرادو من ۾ رکيل ڪا آس، اميد پوري ٿي ته واهه، نه ٿيندي، ته اهو اديب، ان تقريب ۾ ئي ڦاٽي پوندو آھي! آئون سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾، اصلاح جي اميد سان، پنھنجون تحريرون پڙھندو رھيو آھيان. ٽنڊو ڄام، ٽنڊو الهيار، اڏيرو لال اسٽيشن، ٽنڊو محمد خان گهڻو ويندو رهيو آهيان. حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ۾ ٿيندڙ ادبي تقريبن ۾ به وڃڻ پيو ٿيندو آهي. هڪ هنڌ ويهي ڏسبو ۽ ٻڌبو آهي. ڪجهه مشاعرن ۾، صرف ٻڌڻ لاءِ ۽ مزو ڏسڻ لاءِ به شريڪ ٿيو آھيان، پر شاعرن جو حق نه مارڻ جي ڪري، مون ڪنھن به مشاعري ۾ شاعر طور شرڪت نه ڪئي آھي. ھڪ دفعي غلام مصطفيٰ سولنگي، المنظر ڄامشورو تي، سنڌ راڻي مشاعرو ڪرايو ھو. ان ۾ شريڪ ٿيس ته الئه ڪيئن، صدارت احمد سولنگي، خصوصي مھمان عزيز گوپانگ ۽ اعزازي مھمانن ۾ مون کي به مدعو ڪيو ويو! ان ھڪ دفعي، مون کي ٻين زوري ويھاريو، ان ڪري شاعرن سان معذرت نه ڪرڻ گهرجي، پر معذرت ڪريان ٿو. سيتا اسٽيشن تي به ھڪ تقريب ۾ شريڪ ٿيو ھئس، ان ۾ به مون کي الئه ڇو اسٽيج تي زوري ويھاريو ويو هو. ان صدمي جا شڪار، اڃان بيمار آھن، آئون سندن صحت لاءِ دعاڳو آھيان.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماجي ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. نيڪ نيتي جي بنياد تي، خلوص دل سان ٿيندڙ، سموريون سماجي سرگرميون ۽ سڀ سماجي ڪم وڻندا آھن. پنهنجي وس آهر ڪيا به آهن، وس پڄندو، ته ڪبو به رهبو. اهي مسلسل ٿيندا رهڻ گهرجن. پيٽ گذر لاءِ ٿيندڙ تقريبون، پيٽ گذر جو ذريعو بڻبيون آھن.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    عزيزپ رت جي رشتن تائين محدود هوندي آهي. رت جي رشتن وارن مان پيءَ کي پيءَ، ماءُ کي ماءُ، اولاد کي اولاد، جنهن جو، جيڪو به رشتو آهي، هر رشتي جون پنهنجون ذميواريون آهن، کين ان نسبت سان نڀائڻ جي سمجهه هجڻ گهرجي. هر رشتي ۽ مائٽي جون پنهنجون گهرجون، تقاضائون، سماجي ۽ اخلاقي ذميواريون آهن. آئون ڀلي ڇا به ڪريان، عزيز مطمعن ٿيا، ته واہ واہ، نه ٿيا ته بخش نه ڪندا. پاڻ سڀني کي پنهنجي ذميواري جي خبر ۽ احساس هجڻ گهرجي. ان سان نڀائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    ٻئي کي سٺو سمجهي، ان جي سنگت ۾ اچبو، وڃبو آهي. جيڪي پاڻ جهڙا هوندا آهن يا پاڻ کان وڌيڪ ڏاها هوندا آهن، انهن جي ڇا ڳالهه ڪجي. پاڻ کان وڌيڪ ڏاهي سنگت ڀاڳ وارن جي نصيب ۾ ايندي آهي. ننڍپڻ جا دوست اڃان به دوست آهن ۽ هاڻ اسان جو اولاد به، هڪ ٻئي جي دوستي ۾ آهي ۽ هڪ ٻئي سان نڀائين به پيا. ڪجهه دوست، دوستيءَ جي پهرئين ڏينهن کان، جيستائين حياتي رهيا، هڪ ٻئي سان نڀاءُ رهيو.
    مون جهڙن جي نصيب ۾، الئه ته ڪير ڪير به پيو دوستي ۾ ايندو آهي ۽ الئه ته ڪهڙين ڪهڙين اميدن ۽ آسرن تي، الئه ته ڪيئن ڪيئن پيو ناتو رڙهندو آهي… آئون پاڻ ته عام معمول کان ھٽي، نڀائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪندو به آھيان… ڪڏھن ڪڏھن بيوس اٺن جيان بار کڄي نه سگهندو آھي. سنگت ساٿ مان، ڪن جي اميدن تي پورو لٿو هوندس، ڪن جي آس جهڙو ثابت نه ٿي سگهيو هوندس. مون کان وڌيڪ، منهنجي سنگت ئي ٻُڌائي، ته منهنجا ساڻن لڳ لاڳاپا ۽ رويا ڪهڙا آهن؟ ڪهڙا هجڻ گهرجن؟

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    ڪڏھن ڇا ٿو وڻي، ته ڪڏھن ڇا… ھُن کان پڇيو نه اٿم، پر ھوءَ جيڪا خوشبو استعمال ڪندي آھي، اھا وڻندي اٿم. هُن کي فيروزي رنگ وڻندو آهي، مون پهريون دفعو جيڪا خريداري ڪئي هئي، ان ۾ هڪ وڳو فيروزي هو ۽ هُن کي ئي پهچايو هئم. پاتو به هئائين.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    گهڻو ڪري سامونڊي جھاز کانسواءِ سڀ سواريون ڪيل آھن. سواري جيڪا به ھجي، آرام سان منزل تي رسائي، ته اھا ئي پسند جي ھوندي.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    خواھشون بدلبيون رھنديون آھن. خواھشن جو قتل ڪم عمري کان شروع آھي. کل ڀوڳ يا خاص حدف جي ٻي ڳالھه آھي، پر ٻي شادي جي خواھش نه آھي. جيئن ٻڌو ۽ پڙھيو آھي، جيڪڏھن نئون جنم ٿيڻو آھي، ته آئون چاھيندس، ته اسان جو جوڙ ساڳيو ھجڻ گهرجي.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    مٽ مائٽ يعني ڪڙم، قبيلي، ذات وارا سڀ… انھن سان ڪھڙا ليکا؟… سڀني کي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري، پاڻ ۾ ٺھي هلڻ ۽ هڪ ٻئي سان نڀائڻ گھرجي. اھي ئي اوير سوير ھڪ ٻئي کي ڪم اچڻا آھن. ان ڪري سڀني کي، هڪ ٻئي جي ڪم اچڻ جهڙو ٿيڻ ۽ رهڻ گهرجي.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    سنگت ساٿ ته آهي محبت ۽ خلوص سان… بي لوث سنگت، بنا لالچ سنگت، خلوص واري سنگت قائم دائم رھندي آھي. حدف سان ٿيندڙ سنگت ”ڪم لٿو ڪاڳر ڦاٽو“ ٿيندي آھي. ائين نه ٿيڻ گهرجي. ”پنهنجي جو لک به سهي، ٻئي جو ڪک به نه سهي.“ سٺو ناهي.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    پاڻ سڀ به عام ماڻھو ئي ته آھيون. عام ماڻھو ئي، هر عام ماڻهو لاءِ مسئلو بڻيل آهي. جيڪڏهن عام ماڻهو نيڪ نيت ھجن، سچا ھجن، لالچ ۽ هٻڇ کان آجا هجن، ته سڀ ويڇا، اختلاف، نفرتون، دشمنيون ختم ٿي وڃن.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    جيڪو به، جيئن به پنھنجي ذات لاءِ چاھي ٿو، ٻئي لاءِ به تيئن چاھڻ گهرجي. ’آئون عقل ڪل ٻيو بي وقوف‘ جھڙي سوچ نقصانڪار آھي. جنهن سان نه لڳي، جيڪو سمجهه ۾ نه اچي، صرف ان کي ڏوهه ڏيڻ بدران، پنهنجي علم ۽ عقل تي پڻ ويچارجي. پيار ۽ محبت سان گهڻو ڪجهه ممڪن آهي. دڙڪي دهمان ۽ لٺ ڌُڪي سان مسئلا ۽ مونجهارا وڌندا، گهٽبا ڪونه. آئون ايترو ضرور چوندس ته:
    مُفتي منجھ وِهار، ته قاضيءَ ڪانيارو نه ٿِين…
    دم نه سڃاڻن، دانهُون ڪن مُٺن جيئن…
    منجهان صبر سِک، جي سنواريا سمجهين…
    ڪمُ کمندن کٽيو، هارايو هُوَندَن…
    وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي…
    ٻِيائيءَ کي ٻَک، جن وڌو سي ورسيا…
    اِي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائينِ سون تي…
    پيرين پنڌ وسار، هل هنئين سين ھوت ڏي…
    ڏات نه آھي ذات تي، جو وھي سو لھي. ..
    اهو ڪِي ڪجي، جو آئيءَ ويل ڪم اچي…
    پدم وڃائجي پر پريت نه وڃائجي…
    وڃائجي ڪک سان به نه، جو اڏامي اک ۾ پوي…

    آخري عرض اهو ته:
    منهنجي وَسِ واڪا، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو…

  • اندرا شبنم اندو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    اندرا شبنم اندو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    اندرا شبنم اندو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 24 at 7.13.46 AMعيدالفطر جون مبارڪون
    .
    فيس بوڪ انٽرويو (چاليهين ڪڙي)

    اندرا شبنم اندو: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    اندرا شبنم اندو منهنجي خيال ۾ عالمي سطح جي علمي ادبي شخصيت آهي. سندس سماجي سرگرميون پڻ ساراهڻ جوڳيون آهن. اسان ٻنهي کي، هڪ ٻئي سان هڪ ئي شڪايت آهي، ته اسان ٻنهي وٽ هڪ ٻئي جا ڪتاب نه آهن! جڏهن ته اسان ٻنهي هڪ ٻئي کي پڙهيو به آهي! اها سڄي فيس بوڪ جي مهرباني آهي، جو ”ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ آهن. اسان ڪيترا ئي هڪ ٻئي سان نه ملڻ باوجود هڪ ٻئي سان گڏ آهيون ۽ هڪ ٻئي کان واقف آهيون. واقفيت هوندي به، واقفيت جي ضرورت کان انڪار نه آهي. ان ڪري پهرين ته اندرا شبنم اندو جي مهرباني، جنهن منهنجي هن فيس بوڪ انٽرويو سلسلي کي درست سمجهي پنهنجو مختصر تعارف ۽ ويچار ونڊيا آهن. ۽ پڙهندڙن جا به قرب، جيڪي هر ڪڙي جو مطالعو ڪري رهيا آهن. انهن جا ججها قرب ۽ ٿورا، جيڪي پنهنجا رايا به ڏيندا رهيا آهن، ته سهڻيون صلاحون به ڏيندا رهيا آهن. هن ڪڙي جي موٽ به مثبت ملڻ جي اميد اٿم.

    1. اوھان جو نالو؟
    منهجو نالو اندرا پوناوالا شهدادپوري، قلمي نالو اندرا شبنم اندو.

    2. ولديت ذات سميت؟
    اندرا ٽيڪچند شهدادپوري.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):
    جنم 24 نومبر 1956 ڪراچي سنڌ. سنڌ ڄائي انڊيا نپائي، 9 ب ميوربن اپارٽمينٽ، شواجي نگر ماڊل ڪالوني، پونا 411016، انڊيا.

    4. تعليم؟
    بي اي، ايم اي، بي ايڊ.

    5. ڪرت (پيشو)؟
    ٽيچر، پروفيسر، پرنسيپال، ليڊيز جيل جي وارڊن، يروڊا پوني ڪرمنل انويسٽيگيٽر، ڳوٺاڻي ايراضي پونا جي آسپاس.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    سنگيت، ڪلاسيڪل ناچ، راڳ، پنهنجون رچنائون، پاڻ وڊيو ٺاهي پڙهڻ. سماج سيوا، Lion club pune kirkee member bhartiya sindhu sabha pune جي 20 سالن کان ميمبر، ٻه ٽي دفعا پريزيڊنٽ ٿي رهڻ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
    شاعرا، ليکڪ، پنجن ٻولين ۾، سڀني ٻولين ۾ 28 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سنڌي ۾ 1 ”شبنمي قطرا“ غزل، 2 ”جاڳيل ضمير“ نظم، 3 ”سلڻ جو سک“ نظم، 4 ”حقيقتون“ نظم، 5 ”ضمير پنهنجو“ ڪهاڻيون، 6 ”عبادت“ ٽي ڇاپا ڪهاڻيون، 7 ”عشق عبادت“ ڪهاڻين جو مجموعو (سنڌ ۾ ڇپيو، ويجهڙائي ۾)، 8 گڏيل شاعري جا 6 ڪتاب، 8 شاعري، ڪهاڻيون ۽ ناول.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير سفر نهايت ضروري آهن. خاص ڪري اديب لاءِ الڳ الڳ ماڻهن سان گڏجڻ، انهن جي ريت رسم کان واقف ٿيڻ نهايت ضروري آهي. لکڻ لاء مواد ملي ٿو. مونتي ته نالو پئجي ويو آهي ”هند سنڌ جي سفير“.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچهريون نهايت اهم آهن.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي تقريبون ته ضروري آهن اديب لاءِ. مونکي بيحد وڻنديون آهن.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماجي تقريبن ۾ مان تمام گهڻو شامل ٿيندي آهيان.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    رشتيدارن سان نڀائيندي آهيان.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    سنگت سان بهترين، پيارا، مٺا رشتا آهن، ماکيءَ جهڙا.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    سڀ رنگ وڻندا آهن. خوبصورت آهن. خوشبو موگري جي گلن جي بيحد وڻندي آهي. اڇو رنگ گلن جو.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    ماڊرن هوائي جهاز ٽرين بس باقي اٺ گاڏي، ڏاندن جي گاڏي خوب وڻندي آهي، اڃان تائين.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    دنيا ۾ امن امان، پيار، محبت، صحت هجي. محبت هر عمر ۾ ڪري سگهجي ٿي، ڪندو رهجي. نفرتون ڪونه کپن.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    مٽن مائٽن مان پيسن ۽ ساٿ جي اميد نه رکندي آهيان، پيار، محبت رکن.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    سنگت ساٿ ته هجي، پر پنهنجي ڏانو پسندي وارا ڀيڙ ميڙ نه.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    عام ماڻهو پنهنجي سمجهه وڌائين، سوچ پنهنجي رکن، ٻڌن سڀني کي.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    سکڻ لاءِ پنهنجي من کي ڪشادو رکن فيسبڪ جي دوستن کان تمام گهڻو سکي سگهون ٿا. سٺيون ڳالهيون سکجن. عيبن جي پچار نه ڪن. قرب ڏين قرب وٺن. محبت، امن قائم ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکو.