Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • شوڪت حسين شورو

    شوڪت حسين شورو

    شوڪت حسين شورو

    [2:13 AM, 7/4/2020] Baba Dur Mohammed: Wish you happy birthday respectable Shoukat Hussain Shoro
    WhatsApp Image 2020 07 04 at 2.13.05 AM

    شوڪت حسين شورو

    شوڪت حسين شورو: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري جو جنم 4 جولاءِ 1947ع تي ٺٽي ضلعي جي تعلقي سجاول جي ڳوٺ حاجي نور محمد شوري ۾ ٿيو.

    سندس پيءُ عبدالڪريم شورو زميندار هئڻ سان گڏ ناليوارو وڪيل هو، جيڪو پوءِ جج به ٿي رهيو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان چار درجا سنڌيءَ جا پڙهي پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ سجاول جي چانڊيا هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1966ع ڌاري سچل آرٽس ڪاليج، حيدرآباد مان بي. اي (پاس) ۽ 1968ع ۾ سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي.

    هن لکڻ جي شروعات شاگردي واري دور 1964ع ۾ ڪئي، سندس پهرين ڪهاڻي ‘اکيون روئي پيون’ جي عنوان سان 1964ع ۾ ماهوار روح رهاڻ رسالي ۾ شايع ٿي.
    سندس ڪهاڻين جا چار مجموعا
    (1) ‘گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس’ (1981ع)،
    (2) ‘اکين ۾ ٽنگيل سپنا’ (1983ع)،
    (3) ‘گم ٿيل پاڇو’ (1989ع) ۽
    (4) ‘رات جو رنگ’ (2011ع) ڇپجي چڪا آهن.

    هي پهرين سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ‘گل ڦل’ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، بعد ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي بطور اسڪرپٽ پروڊيوسر پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو، تنهن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ٿيو، جتي 2006ع تائين خدمت ڪيائين.

    شوڪت حسين 1984ع کان 2013ع تائين سنڌي اديبن جي وفدن سان گڏ هندستان جا دورا ڪيا آهن ۽ هتان لڏي ويل هندو سنڌي اديبن سان سندس ادبي ناتا اٿس. سندس ڪيترائي ڊراما مختلف سنڌي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن. کيس خدمتن جي مڃتا طور بهترين ڪهاڻيڪار سارنگا پبليڪيشن 2001ع سميت ڪيترائي اوارڊ ۽ اعزاز قابل ذڪر آهن.

    نوٽ : پاڻ هن وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ آهي.
    [7:20 AM, 7/4/2020] Baba Dur Mohammed: ابڙو غلام ھالائي
    ابڙو غلام ھالائي: غلام رسول ”غلام“ ولد لطف الله خان ابڙو پنھنجي والد جي نوڪريءَ دوران 4 جولاءِ 1920ع تي ننگر ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. ”غلام“ ھالائي فائينل جو امتحان پاس ڪري 1946ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. پاڻ ھڪ سٺي استاد سان گڏ سٺو مصور، اديب، شاعر ۽ موسيقار به ھو، کيس گھڙي وڄائڻ ۾ مھارت حاصل ھئي. استاد بيبي خان ۽ استاد منظور علي خان سان ڪيترا ڀيرا گھڙي تي سنگت ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيائين. پاڻ ھڪ بهترين ڊراما نويس پڻ ھو ۽ ڪيترائي پنھنجا ڊراما اسٽيج تي پيش ڪيائين. ”غلام“ صاحب شعر و سخن جي ھر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آھي. ”بزم رفيق“ ۽ ”بزم طالب الموليٰ“ سان خاص طور وابستگي ھيس ۽ ”الخالق ادبي اداري“ جو پڻ بنياد رکيائين. رٽائرڊ ٿيڻ بعد ”سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن“ ھالا جي زير اھتمام ”روشن تارا“ اسڪول جو آخري عمر تائين ائڊمنسٽريٽر ٿي رھيو. 27 آگسٽ 1984ع تي انتقال ڪيائين ۽ ھالا ۾ پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيو.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان

  • انور ابڙو ترتيب: آصف رضا موريو

    انور ابڙو ترتيب: آصف رضا موريو

    سنڌ جو ڏاهو دانشور انور ابڙو
    هڪ شخص هزار عڪس
    آصف رضا موريو
    انورابڙو سنڌ جو ناماچاري ليکڪ، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مورخ، تعليمدان، ايڊيٽر، سوانح نگار ۽ ڊرامه نگار آهي جيڪو ڪجهه سالن کان پنهنجي آتم ڪٿا پڻ لکي رهيو آهي. باقي هاڻي لڳي ٿو ته ادبي صنفن ۾ سندس لاءِ سفرنامو لکڻ رهجي ويو آهي. دنيا ۾ لکئي ۽ پڙهئي ويندڙ هر موضوع کي انور ابڙو پنهنجي قلمي جادوگري سان سينگاريندو رهيو آهي. جيڪڏهن ائين کڻي چئجي ته سندس نالو ٻڌي فنون لطيفه جون جمله صنفون شرم ٻوٽي جيان سڪڻڻ لڳنديون آهن ته غلط ڪونه ٿيندو. خوش مزاج، خوش لباس، خوش اندام، خوش گفتار، نرم خو ۽ آڌرڀائي طبيعت جو مالڪ هي بردبار انسان جيترو ظاهر ۽ ملنسار آهي اوترو ئي پنهنجي ادبي لڏي ۾ پراسرار، گهرو ۽ لڪل پڻ ڀانئيوويندو آهي.
    انورابڙو جديد سنڌي ادب جي انهن لکارين منجهان آهي جن جي سوچ جي لکڻ لکائڻ جو انداز ڪليتن مختلف ۽ صاف هوندو آهي. هو هڪ حساس دل رکندڙ لکاري آهي جيڪو سماجن ۽ انسانن جي چڱ ڀلائي آهرِ پنهنجي قلمي ساڃاهه سميت سدائين جاڳرتائي ڪردار رهندو آيو آهي. ڪنهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي بيچيني کيس مشاهدي تي اڀاريندي رهندي آهي ۽ جڏهن هو مشاهدو ڪندو آهي ته معاملن ۽ مسئلن جي پاڙ وڃي لهندو آهي. ڪٿي ڪٿي سندس افڪار ۽ نظريات سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر ان ڳالهه ۾اختلاف جي ڪابه گنجائش موجود ڪونه آهي ته سندس دل ۾ مخلوق لاءِ خلوص، پيڙا ۽ درد مندي جا جذبه اتم موجود آهن.
    سنڌ جي ادبي، نظرياتي ۽ انقلابي آجپي جي واٽ وٺندڙ ننڍڙي ڳوٺ جي هن واهرو پنهنجو جنم سجايو ڪرڻ لاءِ سموري عمرسماج جي گهڻن پاسن ڏانهن هڪ متحرڪ ڪردار رهندي انسانن جي ازلي آزادي لاءِ قلمي مورچي تان هڙئون وڙئون ويڙهاند ڪندو رهيو آهي. سندس لکڻين ۾ سنهري ۽ نڪور موضوعن جي چونڊ انتهائي شاندار هوندي آهي. هي آدرش وادي انسان پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪيڙن ماڪوڙن جيان چرندڙ پرندڙ بي پهچ ماڻهن جي گهپ اونداهي رستن ۾ پنهنجي لفظن آڌار نظرين جا ديپ ٻاري روشني ڪندو رهيو آهي ته من ڪو انڌيري واٽ جو مسافر سندس لڪيرن جي لاٽ پسي پنهنجي منزل جو گس ماڻي.
    انور ابڙو جو جنم
    انورابڙو جوجنم 1 جنوري 1965ع ڌاري باقراڻي تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ لالي جا ڀاڻ ۾ ٿيو. وڏ وڙن جي گهر ۾ ڄمندڙ هن نومولود جا جوان ٿيڻ تي اهڙا هنر ظاهر ٿيا جن سان نه رڳوسندس شخصيت ۾ نکار آيو پر هن پنهنجي قلمي پورهئي سان سنڌ جي ادبي دنيا کي امير بڻائي لکين سيکڙاٽ اديبن قريبن جي ٻيڙي پڻ ڪنڌي لائي کين پنهنجي پير تي بيهاري شهرت جي آسمان تي به پهچايو. انور ابڙو جو تعلق کاڌي پيتي واري گهراڻي سان رهيو آهي پر پنهنجي لکڻين ۾ هو ڪنهن هاريءَ جو دل رکندڙ اهڙو آديسي ڀانئبو آهي جنهن جي سوچن پٺيان سندس وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جا ڀنڊار جهاتيون پائيندا آهن.
    ڳوٺ لالي جا ڀاڻ
    انور ابڙو جي ڳوٺ جو نالو لالي جا ڀاڻ آهي. سنڌ جي اڪثر ڳوٺن تي اهڙا عجيب و غريب نالا پيل ملندا آهن جن جو ڪو تهذيبي، شخصي يا سماجي پسمنظر ضرور هوندو آهي. لالي جا ڀاڻ مان لڳي ٿو ته هن وستي کي جوڙن واري پهرئين ماڻهو يا ويڙهي جي چڱي مڙس کي يقينن ڍور ڍنگر رهيا هوندا. ڳاهئي، ٻاڪري يا ماهيي مال جي ڇيڻن يا ڦولڙين جي ڍڳ کي واهڻن ۾ ڀاڻ ڪوٺبو آهي جو ان مان زمينن لاءِ ڀاڻ جوڪم ورتو ويندو آهي. ائين لڳي ٿو ته ڪنهن لال محمد، لالو يا لال واري نالي جي ماڻهو جي اهڙي ڀاڻ جي ڍڳ سبب جيڪو ڪنهن جاءِ تي ڪٺو ٿيل هوندو تنهن ڪري هن ڳوٺ تي اهو نالو (ممڪن آ) پيو هجي. اهڙو ئي هڪڙو ڳوٺ لالي جا ڀاڻ جي ڀرسان ميهر جا مننهن جي نالي سان به آهي ميهر پڻ ذات جو ابڙو هيو.
    ڏوڪري شهر کان ڳجهڙ وارو رستو وٺي ڳجهڙ پائي اڳتي وڌي واهوچا ڳوٺ اڪربو ته ٿورڙواڳيان لالي جا ڀاڻ جون زرعي زمينون آڌرڀاءُ ڪندي ملنديون جتي ڳوٺ جي اولاهين پاسي اوڀر منهون هڪ گهر موجود آهي جتي سنڌ جي هن سهڻو اديب انور ابڙو جنم ورتو هيو. ترائي ۽ بکر ڪارڙا به هن ڳوٺ جون پاڙيسري وسنديون آهن. اوسي پاسي ۾ پنهورن، چنن، ڪٽپرن، راهوجن ۽ ابڙن وغيره جون ٻيون به ڳچ آباديون آهن. لالي جا ڀاڻ جي ڀرسان ويجهڙو آبي وهڪرو رئيس ڪينال ڳوٺ کان قريبن اڍائي ڪلوميٽر اوڀر پاسي نانگ جي لڪير ٺاهيندي ڏکڻ طرف وهي ٿو. لالي جا ڀاڻ کي تر پاسي ۾ “جنگياڻي” به ڪوٺيو ويندو آهي جيڪوڳيريلي شهر کان قريبن ٻارنهن ڪلوميٽر ۽ لاڙڪاڻو شهر کان چاليهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ ڏانهن هڪ رستو مهين جو دڙو ريلوي اسٽيشن وٽان به وڃي ٿو. ڏوڪري کان جهنگياڻي تائين پراڻو ڌوڌڙيو رستو موجود آهن جنهن کي گاڏر چارو چئي سگهجي ٿو پر ان جي حالت زار سدائين سڪراتي رهي آهي جو جيڪڏهن اهو ڪڏهن پڪو به ڪيو ويو هوندو ته اهڙو …

  • پرمانند ميوارام

    پرمانند ميوارام

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    “ ننڍن ٻارن سان وڏن ماڻھن جو ڳالهيون-پرمانند ميوارام“


    WhatsApp Image 2020 06 30 at 7.24.51 AMهڪ ڏينهن ٻار فاتحانہ انداز سان پرمانند ميوارام جي تصوير ڏيکاري، مون کي چوڻ لڳا تہ “ اوهان جي غلطي پڪڙي اٿئون. هن ماڻھونء کي ڏاڙھي آھي، مطلب مسلمان آھي. اوهان وري سندس نالو پرمانند ميوارام لکيو آھي“.
    مان خوش ٿيس تہ ٻار ايتري دلسپي وٺي رهيا آھن جو کين پنهنجي راء قائم ڪرڻ ۽ ان جو اظھار ڪرڻ اچي ٿو. مون سندن جواب ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو :“ بابا پهرين ڳالھ تہ غلطي انسان کان ٿيندي آھي. ان ڪري چوندا آھن تہ انسان خطا جو پتلو آھي. غلطي مون کان ٿي سگهي ٿي، هادين ۽ حڪمرانن کان ٿي سگهي ٿي، دوست ۽ دشمن کان ٿي سگهي ٿي. ڪنهن کي غلطئ کان پاڪ سمجهڻ ئي بي وقوفي آھي.
    هي پرمانند ميوارام نہ هندو آھي ۽ نہ مسلمان. پر هي عيسائي آھي. اڳي هندو، سک ۽ عيسائي بہ ڏاڙھيون رکندا هئا.“
    منهنجي اها ڳالھ ٻارن کي عجيب لڳي. پر سندن تجسس وڌيو. پڇيائون : “ نالو تہ واڻڪو اٿس. پوء ڪيئن ٿا کيس عيسائي سڏيو“ٗ؟
    مون موٽ ڏيڻ شروع ڪئي: “بابا ! هن جو پئ ميوارام مسلمان ٿيو هو. ان تي سنڌ ۾ وڏي قانوني ويڙھ لڳي. جنهن تي انگريزئ ۾ Great Shaikh Case جي نالي سان ڪتاب بہ لکيل آھي. پرمانند هي ڪيس هلندي ڏٺو. پوء هن فيصلو ڪيو تہ نہ هندو نہ مسلمان، پر مان ڪرستان ٿو ٿيان. پرمانند عيسائي تہ ٿيو، پر پنهنجو ۽ پئ جو نالو نہ بدلايائين.“
    “ڀلا هن ڪهڙا وڏا ڪم ڪيا جو اوهان سندس فوٽو گل حيات ۾ رکيو آھي؟“ هڪ ٻار سوال ڪيو. مون کين پرمانند ميوارام بابت ٻڌائڻ شروع ڪيو:
    “بابا! هن جوت نالي هفتيوار اخبار ڪڍي. الله کيس لکڻ جو ڏانء ڏنو هو. هن جي لکڻين ۾ رس ۽ چس هوندي هئي. سولي ۽ وڻندڙ ٻولي ڪم آڻيندو هو. اخبار ذريعي عيسائيت جي اهڙئ ريت تبليغ ڪندو هو، جو پڙھندڙن کي بري نہ لڳندي هئي. اخبار ۾ ٻين ليکڪن جا ادبي، علمي ۽ سائنسي مضمون ڇپيندو هو. ان ڪري هن جي اخبار ڏاڍي مشهور هوندي هئي.“
    “ چئبو تہ هندن ۽ مسلمان کي عيسائي بڻائيندو هو“؟ هڪ ٻار سوال ڪيو. مون وراڻيو: “ نہ. هو لاهي پاهي يا زورئ ڪنهن کي عيسائي ڪونہ بڻائيندو. پر پنهنجي مذهب بابت سنڌي عيسائين کي ڄاڻ ڏيندو هو. هن جي ڪري يا هن جي جوت اخبار ڪري ڪنهن هندو يا مسلمان پنهنجو مذھب ڪونہ مٽايو.“
    “ ڀلا هن ٻيو ڪهڙو سٺو ڪم ڪيو؟“ هڪ ٻار سوال ڪيو. مون وراڻيو : “ پرمانند ميوارام ڪتاب لکيا. انهن مان سنڌي-انگريزئ واري ڊڪشنري مشهور آھي. هن پنهنجي جوت اخبار مان پنهنجا ۽ ٻين جا لکيل مضمون ڪڍي، گل ڦل جو عنوان ڏئي ڪتاب ڇپرايو.“
    ٻار پنهنجي سوالن جا جواب ٻڌي، مون کي وري سڀاڻي اچڻ جو چئي هليا ويا.

  • حافظ محمد بخش خاصخيلي

    حافظ محمد بخش خاصخيلي

    حافظ محمد بخش خاصخيلي

    WhatsApp Image 2020 06 23 at 3.16.34 AM1
    ’حافظ‘ محمد بخش خاصخيلي: تعلقي موري جو نامور استاد، شاعر، اديب ۽ سگهڙ محمد بخش ولد سائين بخش خاصخيلي 1932ع ڌاري نوان جتوئي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم مسلم اسڪول لونگ ڪوريجي مان ورتي. سنڌي فائنل ٻي پوزيشن سان پاس ڪري استاد مقرر ٿيو. هيءُ ان کان اڳ ۾ ڍڪ منشي به رهيو. 1962ع ۾ ايس. وي جو ڪورس ڪيائين ۽ سنڌ ۾ ٻيو نمبر آيو. هن اديب فاضل جو امتحان به پاس ڪيو. تعليم کاتي ۾ 41 سال سروس ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ جو شاعر، سگهڙ، اديب، مقرر ۽ استاد هو. هيءُ تعلقي موري ۾ اٽينڊنس اسسٽنٽ به رهيو. 1992ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو. حافظ محمد بخش خاصخيليءَ جي شاعريءَ ۾ مزاحمت جي جهلڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. حافظ محمد بخش جي سنڌ جي پاڻيءَ واري مسئلي تي مشهور مزاحمتي نظم ’تو سان پاڻيءَ تي پاڻي ٿيندو، پاڻيءَ خاطر پاڻي ٿيندو‘ ڪافي مقبوليت ماڻي. سندس اهو نظم اڄ به سالن پڄاڻان قومي پروگرامن ۾ پڙهيو وڃي ٿو. حافظ محمد بخش اڪثر قومي پروگرامن ۾ شامل ٿيندو هو. هن ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ رهندي به قومي جدوجهد ۾ پير پوئتي نه رکيو. سندس شاعريءَ جو محور ئي انسانيت رهيو، جيئن چيو اٿائين ته:
    ماڻهوءَ کي ٿو کائي ماڻهو
    آهي ڪو! سمجهائي ماڻهو؟
    پنهنجو کيڙي پنهنجو کائي،
    ڪنهن جو ڪين سڏائي ماڻهو.
    حافظ محمد بخش خاصخيلي، 25 ڊسمبر 2004ع تي وفات ڪئي.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان

  • محترم صديق ڪاڪا تحرير : خالد حسين چنا

    محترم صديق ڪاڪا تحرير : خالد حسين چنا

    محترم صديق ڪاڪا تحرير : خالد حسين چنا

    WhatsApp Image 2020 06 22 at 7.23.57 AMسگا جي سابق سيڪريٽري جنرل محترم صديق ڪاڪا جي زندگي جو احوال

    تحرير : خالد حسين چنا

    سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) 5 جون 1972 ع ۾ قائم ٿئي. سگا جو مقصد پرامن خوشحال سنڌ لاءِ ڪوششون ڪرڻ آهي. سگا سنڌ جي پڙهيل باشعور ماڻهن جو هڪ رضاڪار گروهه آهي جنهن جو مقصد بنا ڪنهن مذهبي يا سياسي مت ڀيد جي غريب مسڪين بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي. سگا جي ڪم ڪار ۽ اڀرڻ کي اڃان پهريون ڏهاڪو مس گذريو هو ته ان وقت جي سرڪار سگا جي رضاڪارن کي جيڪي حڪومت جي نوڪري ۾ هئا ڪم ڪرڻ تي 1983 ۾ ٻين لڳائي ڇڏيو. سگا جهڙي خالص رضاڪار ۽ پنهنجن رضاڪارن تي هلندڙ سماجي تنظيم لاءِ پنهنجي جياپي کي برقرار رکڻ وڏو امتحان هو. ڪافي ساٿي آمر جي حڪم بعد خاموش ٿئي ويا. استعيفا ڏئي ڇڏيائون. پر ان جي باوجود سگا جي اڪثر رضاڪارن عبادت سمجهي غريبن جي مدد لاءِ سگا ۾ ڪم ڪندا رهيا. رب پاڪ جو ڪرم ۽ ساٿين جي نيڪ مقصد سان سچائي ڪري سگا جي علم واري سجاڳي ۽ روشني جي لاٽ ڪيترن ئي طوفانن باوجود ٻرندي رهي. اهڙن مانجھي مردن ۽ بهادر سگا ساٿين منجهان صديق ڪاڪا به هڪ آهي جنهن پنهنجن پراون جي هزارين تڪليفن باوجود پنهنجو وارو وڄايو. سگا سان اهڙين گھڙين ۾ ساٿ ڏيندڙ ساٿي سڀ عظيم ۽ معتبر آهن. انهن جي سچائي، خلوص ۽ حوصلو ڪري سگا پنهنجو جياپو برقرار رکي سگهي. صديق ڪاڪا پنهنجن رضاڪار ساٿين کي غريبن جي مدد خاطر تڪليفون برداشت ڪرڻ تي حوصلو ڏيندي سگا جي اٺون ساليانو ڪنوينشن ۾ تاريخ 20اپريل 1984 جي رپورٽ پيش ڪندي شيخ اياز جون سٽون چوڻ ٿا ته ” هو توکي لوئي رهيا آهن ۽ تون چپ آهين. پٿر کي به چوٽي تان هيٺ ڌڪبو آهي ته ان ۾ جان اچي ويندي آهي”.

    سگا جي سابق سيڪريٽري جنرل محمد صديق ڪاڪا جو جنم 5 فيبروري 1954 هالا جي ويجهو ڳوٺ سيراچون ڪاڪا جو آهي پاڻ پرائمري جا 2 درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهيا ته وري ٽيون درجو سونڊا ننگر ٺٽو ۾ پڙهيا جتي سندس وڏو ڀاء ٽيليفون کاتي جو ملازم هئو وري چوٿون درجو ننگر ٺٽي شهر ۾ پڙهيا جتي سندن وڏو ڀاء پوليس کاتي جو ملازم هئو وري پنجون درجو پنهنجي ڳوٺ ۾ واپس اچي پڙهيا وري ڇھون ستون اٺون درجو سندس ڳوٺ کان ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود هائي اسڪول بکر جمالي ۾ پڙهيا جتي پڻ الاهي وڏا عالم اديب سندس ڪلاس فيلو هئا تنهن بعد نائون ڏهون درجو ٽنڊو جان محمد ۾ پڙهيا ۽ اتان ميٽرڪ پاس ڪري اچي هالا جي ڪاليج مان انٽر ڪيائون.

    صديق ڪاڪا سن 1972 کان ڪراچي شهر کي پنهنجو مسڪن بڻايو. هتي پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري جي ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ پنج سال مڪينيڪل انسٽرڪٽر طور ڪم ڪيائون اتي پڻ الاهي سنڌي ڇوڪرن کي اتي نوڪري ڏيارڻ ۾ مددگار ٿي رهيا ان دوران سويڊش پوليٽينڪ ڪاليج لانڍي مان ٽن سالن جو اليڪٽرڪ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيائين ته وري ڪراچي يونيورسٽي مان پرائيويٽ بي اي به پاس ڪيائين مشين ٽول فيڪٽري جي فوجي جنتا سان ناچاڪي ٿيڻ سبب اتان 77 جي مارشلا ۾ استعفا ڏئي هڪ پرائيويٽ اداري ۾ اليڪٽريڪل سپروائزر طور ڪم شروع ڪيائين ان دوران سنڌي رسالي ماهناما اديون ڪراچي جو بزنيس مئنيجر طور به ڪم ڪندا رهيا ان دوران ڪراچي جي الاهي نامور شخصيتن جي انٽرويوز جي اديون جي ايڊيٽر عمرالدين بيدار صاحب سان گڏجي سيريز شروع ڪيائون جن ۾ 30 مشهور شخصيتن جا انٽرويو ڪري ڇاپيا ويا سن 1981 ۾ سنڌي ساهت سال جي ٽن ڏينهن واري سنڌ مدرسي ۾ ڪرايل مرڪزي پروگرام جا انچارج به هئا پاڻ پروفيسر غلام مصطفا شاھ جا ڪجھ عرصو بنا پگهار جي اسسٽنٽ ٿي رهيا. سن 1982 ۾ شاھ لطيف اسڪول سنڌي مسلم سوسائٽي ڪراچي ۾ ڪرايل عورتن جي ٽن ڏينهن جي پروگرام جا نگران به ٿي رهيا، تنهن بعد انگريزي رسالي منٿلي ما ئننگ انجنيئر جا بزنيس مئنيجر ٿي رهيا. سن 1980 ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جا ميمبر ٿي رهيا جتي سندن اداري سنڌ ڪلچرل ائنڊ ايجوڪيشنل ويلفيئر سوسائٽي پاران اتي الاهي علمي ادبي پروگرام ڪرائيندا رهيا مشهور ڳائڻي حميره چنا کي سندن والد غلام محمد چنا جي مدد سان لانچ ڪرڻ ۾ سهڪاري رهيا . پاڻ ڪجھ علمي ادبي ڪتابن جا پبلشر ٿي رهيا آهن جتي پاڻ سنڌ ڪتاب گهر پاران 5 ڪتاب ڇپايا هئائون.

    سگا جي ميمبر سرڪاري ملازمن تي آمر حڪومت سن 1983 ۾ پابندي لڳائي ته پهرين سگا جا سيڪريٽري جنرل جمال دائوپوٽو ٿيا ۽ ڪاڪا صاحب ڪراچي برانچ جا جنرل سيڪريٽري هئا وري سگا جا چيئرمين اسداللہ کيڙو صاحب ٿيا ٿوري عرصي ۾ جمال دائودپوٽو صاحب جي استعفا ڏيڻ تي جماعت کين سن 1984 ۽ 1985 لاء سيڪريٽري جنرل نامزد ڪيو جنهن دوران پاڻ سگا کي منظم ڪرڻ لاء اسداللہ کيڙو صاحب سان گڏ سڄي سنڌ جو دورو ڪري جماعت کي منظم ۽ مستحڪم بڻائڻ جي ڪوشش ڪيائون ان دوران جماعت جا 2 ساليانا ڪنوينشن به پاڻ پنهنجي نگراني ۾ ڪرايائون ان دوران سگا جي روشن تارا اسڪولن جا دورا ڪري انهن جي سار سنڀال لهندا هئا ان دوران روشن تارا اسڪول پراڻي گوليمار به سندس ڪوششن سان قائم ٿيو ان دوران ليڊي نصرت هارون سينٽر کڏه مارڪيٽ ۾ سگا طرفان ٽن ڏينهن جي اکين جي مريضن جي ڪيمپ به سندن نگراني ۾ لڳائي وئي جتي چار سو مريضن جي اکين جا آپريشن ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ ٿيا.

    سال 1983 دوران ائسوسيئيشن تي سرڪاري احڪامن ڪري سڀني شاخن اندر صرف عهديدارن جي ردوبدل ٿيندي رهي. سماجي ڪم ڪار ٿورو يا گهڻو هلندو رهيو. ڪيتريون ئي صحت جو طبي ڪئمپون لڳايون ويون جن ۾ نئون ديرو، ڳوٺ الهڏنو ساند، ڳاڙهي واري راهوجا، ناٺو ملاح، مجيد ڪيريو، ڀٽ شاهه، نور محمد شجراع، ٽنڊو عالم خان، مئوٺڪر، بگوديرو شهدادڪوٽ ۽ ٽنڊو باگو شامل آهن. درساڻو ڇنو ۽ سيوهڻ ۾ اکين جو ڪئمپون لڳايون ويون.
    ثقافتي پروگرامن ۾ سال 1983 ع ۾ آغا سليم سان شام شڪارپور شاخ طرفان ملهائي وئي ۽ سگا ڪراچي شاخ طرفان مولانا دين محمد وفائي جي ورسي ملهائي وئي.

    سگا جي رضاڪارن لاءِ حڪومت جي پابندين سبب خوف ۽ ڏهڪاءُ واري صورتحال باوجود تنظيم جون گڏجاڻيون جاري رکڻ لاءِ سگا جي قيادت ۽ بي لوث ساٿين کي سلام پيش ڪجي ٿو. ڪيترا ساٿي پس پردا ڪم ڪري نه صرف غريبن جي مدد پئي ڪئي پر تنظيم کي سگهه پئي بخشي. سگا جي ان وقت جي چيئرمين جناب اسد الله کيڙو ۽ سيڪريٽري جنرل جناب صديق ڪاڪا نائون ساليانو ڪنوينشن تاريخ 10 مئي 1985 ع هاليڊي ان هوٽل ڪراچي ۾ ڪيو. ڪنوينشن ۾ رپورٽ پيش ڪندي مرڪزي سيڪريٽري جنرل صديق ڪاڪا مرشد لطيف جو شعر پڙهندي
    ” ويٺي ور پوڻ سٽي ملن نه سپرين،
    جي مٿي رندن رئن ساجن ملي تن کي.”

    ساٿين کي ٻڌايو ته هن چيئرمين سگا محترم اسد الله کيڙو سان گڏجي سگا شاخن جا دورا ڪيا ۽ روشن تارا اسڪولن جو معائنو ڪيو. سگا جا ساٿي هماليه جو حوصلو رکڻ ٿا جيڪي رضاڪار طور سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهن. صديق ڪاڪا ڪنوينشن ۾ ساٿين کي ٻڌايو ته سال 1985 دوران اکين جي هڪ ڪئمپ سيوهڻ شريف ۾ لڳائي وئي. سيوهڻ شاخ 9 طبي ڪئمپون لڳايون ۽ ٽنڊو محمد خان شاخ 5 طبي ڪئمپون لڳايون. ان کان علاوه ڪراچي شاخ ايمبولينس سروس شروع ڪئي. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي يارهين سالگره 28 جولائي تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي جنهن جي صدارت محترم محمد ابراهيم جويو ڪئي. جنهن ۾ ڪيترين شخصيتن ۽ سگا رضاڪارن کي بهترين ڪارڪرگي تي ايوارڊ، سگا نشان ۽ سندون ڏنيون ويون.

    ان وقت مارشلا سرڪار جي پابندين باوجود پاڻ ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافي ساٿين جي مدد سان سگا جي سالگره جو پروگرام ڪايائون تنهن بعد سگا پاران ابراهيم علي ڀائي آڊيٽوريم ۾ موسيقي جي پروگرام منعقد ڪرائڻ تي سرڪار سندن خلاف هڪ ڪيس به داخل ڪرايو هئو تنهن کي منهن ڏنائون سن 1987ع ۾ ڪاروبار خاطر پنهنجي ڳوٺ منتقل ٿيا ته سگا کي وقت نه ڏئي سگهيا. پاڻ ڪراچي ۾ 40 سال رهي هاڻي 9 سال پهرين حيدرآباد جي قاسم آباد جي علائقي ۾ رهائش پذير آهن جتي پاڻ ظاهري طور تي پراپرٽي جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن پر هن جي جياپي جو محرڪ ۽ مقصد سنڌ جي خوشحالي آهي جنهن سبب هو اڃان تائين ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان متحرڪ رهي پيو. هو سنڌ جو يگانو عاشق، کرو ۽ سڌو ماڻهو آهي.
    سگا جي وال تان کنيل

  • مير اعجاز علي خان ٽالپر

    مير اعجاز علي خان ٽالپر

    مير اعجاز علي خان ٽالپر

    ” اعظم ڀٽي “

    WhatsApp Image 2020 06 19 at 12.29.55 PMسنڌ جي برک بزرگ سياستدان مير اعجاز علي خان ٽالپر 10 فيبروري 1932ع تي جنم ورتو ، سندس والد جو نالو مير غلام علي خان ٽالپر هو ، هن شروعاتي تعليم ٽنڊو محمد خان ۽ بعد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي . زين پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچي ۽ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي مان انگريزي تعليم حاصل ڪيائين . لنڊن يونيورسٽي مان زراعت ۾ ڊپلوما ڪيائين . 1956ع ۾ عملي سياست جي دنيا پير پائي پهريون ڀيرو حيدرآباد لوڪل بورڊ جو ميمبر چونڊيو ، بعد ۾ ٻيهر 1960ع ۾ ان جو ميمبر چونڊيو . 1963ع ۾ مير غلام علي ٽالپر کي نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ کيس سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊرايو ويو . جنهن بعد 1965ع ، 1970ع ،1977ع ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ 1985ع ۾ ٻيهر غير جماعتي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو . 1970ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو نائب صدر مقرر ٿيو . 1972ع ۾ پهرين ايريگيشن کاتي جو صوبائي صلاحڪار ۽ پوءِ ايريگيشن کاتي، ڪميونيڪيشن ورڪس ، روڊس ۽ بلڊنگس کاتي جو صوبائي وزير رهيو . 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جيڪو پاڪستان جو آئين پاس ڪرايو, ان تي قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت ۾ سندس صحيح پڻ ٿيل آهي . 1977ع ۾ جڏهن جنرل ضياءَ الحق ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ته ان جي ڪجهه عرصي بعد ايم.آر .ڊي تحريڪ شروع ٿي, جنهن دوران کيس پهريائين ٻه مهينا حيدرآباد سينٽرل جيل ۽ بعد ۾ ٽي مهينا بلوچستان جي مچ جيل ۾ قيد ڪيو ويو . 1984ع ۾ کيس پلاننگ ۽ ڊويلپمينٽ کاتي جو صوبائي وزير بنايو ويو. 1985ع ۾ کيس فاريسٽ ، روڊس ، بلڊنگ کاتي سميت سنڌ جو سينيئر صوبائي وزير بنايو ويو . جنهن دوران هي سنڌ جي وڏي وزير غوث علي شاهه جي بيروني دوري سبب ڪجهه عرصو سنڌ جو قائم مقام وزير اعليٰ پڻ رهيو . 1987ع ۾ لوڪل گورنمينٽ ۽ وائيلڊ لائيف کاتي جو وزير ٿيو . 1987ع ۾ جڏهن جنرل ضياءِ اسيمبليون ٽوڙي ، محمد خان جوڻيجو جي حڪومت کي برطرف ڪيو ته ان کان پوءِ کيس ٻيهر روينيو ۽ سوشل ويلفيئر کاتي جو وزير ، بڻايو ويو . 1988ع ۾ جنرل ضياءَ جي موت بعد جوڙيل نگران سيٽ اپ ۾ سنڌ حڪومت ۾ نگران صوبائي وزير مقرر ٿيو. سياست جي دنيا ۾ مسلسل متحرڪ رھڻ ۽ وڏي اثر رسوخ سبب کيس “لاڙ جو شينهن ” سڏيو ويندو هو , عمر جي تقاضا کي نظر ۾ رکندي هن پنهنجي وڏي فرزند مير عنايت علي خان ٽالپر کي پنهنجي سياسي جانشين طور اڳتي آندو , ائين ئي جيئن مير غلام علي ٽالپر کيس پنهنجي سياسي وارث طور اڳڀرو ڪيو , مير اعجاز علي خان ٽالپر جيئن مير غلام علي ٽالپر جو حقيقي, عملي ۽ متحرڪ سياسي جانشين ثابت ٿيو , اها ئي روايت مير عنايت علي خان ٽالپر به خۡوب نڀائي, ڀلي کڻي مير اعجاز ٽالپر سان ڪن حلقن کي اختلاف رهيا هجن , پر هۡن جي بۡردباري , دليري , خودداري ۽ پنهنجي علائقي ۽ ان جي ماڻهن سان انفرادي توڙي اجتماعي ڀلائي جي ڀيرن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي, 2008ع جي چونڊن تائين هو مسلسل سياست جي ميدان ۾ نه رڳو متحرڪ رهيو پر پنهنجي سياسي جانشينن جي رهنمائي به ڪندو رهيو ته سندن مٿي تي شفقت جو هٿ به رکندو رهيو, ڇاڪاڻ جو سندس سياسي تجربو انهن لاء سياسي سکيا جو بهترين رستو هو , هن وقت هۡو پيرسنيء جي پهاڙ تي بيٺل آهي , سندس طبعيت متحرڪ سياست جي مزاج جهڙي ناهي رهي پر پوء به سندس چپر ۽ ڇانو´ سندس خاندان جي سياسي فردن لاء وڏي وٿ آهي . 88 سالن جو هي بزرگ سياستدان ڪيترائي گهاءۡ سيني ۾ سانڍيندي به سنڌ جي مۡني صدي جي سياسي تاريخ جو اکين ڏٺو گواهه به آهي ته پنهنجي وجود ۾ هڪ تاريخ به آهي.

  • اسحاق فقير ڪارو مڱڻهار

    اسحاق فقير ڪارو مڱڻهار

    اسحاق فقير ڪارو مڱڻهار

    WhatsApp Image 2020 06 15 at 8.34.28 PMاسحاق فقير ڪارو مڱڻهار
    اسحاق فقير ”ڪارو“ مڱڻهار: اسحاق فقير ”ڪارو“ 1932ع ۾ بدين جي ڳوٺ ”ماچوري“ ۾ ڄائو. هن 10 سالن جي عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. هن سيد سليمان شاهه جي وڏي ڀاءُ، سيد قاسم علي شاهه کان راڳ جي سکيا ورتي. بعد ۾ ٽولين سان گڏجي شادين مرادين ۽ ميلن ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين. ان دور ۾ بغير لائوڊ اسپيڪر جي ڳائڻ جو رواج هوندو هو. اسحاق فقير جو گلو صاف، آواز جاندار ۽ سريلو هوندو هو. کيس 1978ع ڌاري مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهيءَ ريڊيو تي متعارف ڪرايو، جتي هن پهريون ڪلام به مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهيءَ جو پيش ڪيو. جنهن جا ٻول هئا ”تو نه لوئيءَ کي لڄايو، راڄ راڻي مارئي، سنڌ کي آ ناز توتي، سنڌياڻي مارئي“ ۽ اهو ڪلام بيحد مقبول ٿيو. اسحاق فقير لاڙ جي انهن ڪجهه مقبول ڳائڻن منجهان هو، جن جو پنهنجو انداز هوندو هو. هن ڪڏهن به نقل نه ڪيو. هميشه پنهنجون ڌُنون پاڻ ڪمپوز ڪندو هو. غزل کي سنڌي رنگ ۾ ڳائڻ جو سندس پنهنجو انوکو ۽ وڻندڙ انداز هو، سائين جي. ايم. سيد ۽ ڪريم بخش خان نظاماڻي سندس قدر ڪندا هئا. رئيس ڪريم بخش هن جو ذڪر پنهنجي مشهور آتم ڪٿا جي ڪتاب ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ پڻ ڪيو آهي. سائين جي. ايم. سيد کي اسحاق فقير جي ڳايل، مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي هن ڪلام تي اشڪبار ڏٺو ويو، جيڪو سائينءَ جي پسند جو ڪلام به هو: غمن ۾ به کلندي گذاري ڇڏيوسين، وهيو واپريو ڇا، وساري ڇڏيوسين، وساريان سي دوکا سڀئي دوستن جا، نه دشمن ٿياسين، ڪڏهن دشمنن جا، اڱڻ آيو جيڪو کيڪاري ڇڏيوسين. اسحاق فقير وڏي عرصي کان تعلقي ڊگهڙي جي ڳوٺ چيئو ڪلوئيءَ ۾ ڪٽنب سان رهندو هو. بيماري ۽ پيرسنيءَ سبب، ڳچ عرصي کان ڳائڻ ڇڏي ڏنو هئائين. اعليٰ اختيارين تائين پهچ نه هئڻ سبب سندس ڪنهن به طرح جو علاج يا مدد نه ٿي سگهي. ائين هن انتهائي غربت ۽ لاچاريءَ جي حالت ۾ 16 جون 2009ع تي پنهنجي ڳوٺ چيئو ڪلوئيءَ ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪيا.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان

  • سترام روهڙا

    سترام روهڙا

    سترام روهڙا

    سترام روهڙا
    WhatsApp Image 2020 06 10 at 7.06.11 AMسترام روهڙا (راڳي): ڀارت ۾ رهندڙ ناميارو سنڌي گائڪ، ڪلاڪار ۽ فلم ڊائريڪٽر سترامداس روهڙا، 16 جون 1939ع تي سکر ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ کان اسٽيج تي اداڪاريءَ جو شوق رهيو. هي سٺو گائڪ به آهي. هن ڀارت ۽ پرڏيهه ۾ ڪافي سنگيت پروگرام ڏنا آهن.
    هن ڪيترين سنڌي فلمن ۾ ڊائريڪشن ڏني، تن ۾ ’هل ته ڀڄي هلون‘ (1984ع)، ’شيرا ڊاڪو‘، ’جئه سنتوشي ما‘ وغيره شامل آهن.
    سترام روهڙا ’جهوليلال‘ ، ’تن کي ساگر ٻوڙيندڙ‘، لاڏلي‘، ’هل ماريا گهوٽ پيءُ‘، ’سنڌؤَ جي ڪناري‘، ’سس منهنجي ساڙيلي‘، ’پئسي تي زمانو‘، ’هو جمالو‘ (فلم)، ’گهوٽ جو پيءُ نچي ڙي‘ ۽ همٽي ٽمٽي‘، ’شل ڌيئر نه ڄمن‘ (فلم)، ’جي تون جوان آهين‘، ’پهريون پيار‘، ’آيو بيهن وارو‘، ’کيل تماشو‘ ۽ آئي آئي رات مستاني‘ فلمن ۽ ناٽڪن ۾ گانا ڳاتا اٿس.
    هن ’ڪلاڪار منڊل‘ جي بينر هيٺ ڀڳونتي ناواڻيءَ سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ سنڌي ڀڳت جا البم به ٺاهيا.
    سترام روهڙا جون ڳايل گيتن جون 3 ڪئسيٽون پڻ TIPS ڪمپنيءَ رليز ڪيون آهن.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان

  • سيد منور سلطان بخاري

    سيد منور سلطان بخاري

    سيد منور سلطان بخاري

    SYED MUNAWWAR SULTAN BUKHARISYED MUNAWWAR  SULTAN  BUKHARI

                          Chairman, “LARKANIANS”

               N.I.C. No. 42000-5154419-7.   Passport No. AM 3344192 

       Mobile # 0333-2236116   E-mail: munawwar_sultan@yahoo.com

                   Present Address: House No. C-20, Block-4, Gulshan-e-Iqbal, Karachi

           Permanent Address: House No. C/1536, Bukhari Manzil,

                Near Qayem Shah Bukhari, Qaid-e-Awam Road, Larkana(Sindh)

     

     

    Career Objective:

    Being a former Civil Servant & Corporate Professional having high caliber with track record of exceptional performance and having a lot of experience of public and private sector services, represented Civil Service, Commerce / Trade, Industry and Business Community, aiming to provide better services in accordance with the best practices of Human Resource Management, Corporate Affairs, Industrial Relations and General Administration.

     

    Career Summary:

    A capable, results orientated and professionally competent & dynamic personality with experience of leading high performance teams and successfully increasing efficiency whilst reducing costs and inefficiencies. Ability to keep a level head at all times, evaluate opportunities & risks and also deliver innovative new solutions of challenges.

    Highly skilled and well-trained in handling the general and special aspects of the organization; vast experience in the field of Pharmaceuticals’ Life Saving & Health Care Drugs’ Manufacturing & Marketing. Capable of dealing with various administrative operations, projects management and skilled in maintaining relations with the Government Agencies, Associates, Corporate Clients, Venders, Managers, Staff & Workers of the organization.

     

    Educational Qualifications:

     

    1. A. (Mass Communication) from University of Karachi in the year 1993.

     

    1. A. (Journalism) from University of Sindh in the year 1983.

     

    1. A. (English) from University of Sindh in the year 1979.

     

    1. A. (Economics) from University of Sindh in the year 1974.

     

    LL.B. (University of Sindh) passed as Regular Student of Law College, Larkana Sindh, in the year 1975.

     

    B.Com (University of Sindh) passed as Regular Student of College of Commerce & Economics, Larkana Sindh, in the year 1972.

     

    INTERMEDIATE (Higher Secondary Certificate Part I & II Examination from Board of Intermediate & Secondary Education, Hyderabad Region) passed as Regular Student of College of Commerce & Economics, Larkana Sindh, in the year 1970.

     

    MATRIC (Secondary School Certificate Part I & II Examination from Board of Intermediate & Secondary Education, Hyderabad Region) passed with distinction in “Geometrical & Technical Drawing” in Science Group, as Regular Student of Municipal High School, Larkana Sindh, in the year 1968.

    ADDITIONAL EXPERIENCE:

    • Also worked in the following capacities:-
    1. Assistant Resident Director (Class-I Gazetted Officer), Pakistan National Centres, Ministry of Information & Broadcasting, Government of Pakistan, for about 6 years and stablished new PNC’s Branches in Sindh Province.
    1. Public Relations Officer (PRO), District Council, Karachi.
    • Administrative Officer, Sindh Local Govt. Board, Govt. of Sindh, Karachi.
    1. Manager (Personnel, Administration, Security & Transport ), Cotton Export Corporation of Pakistan (Private) Limited, Head Office, Karachi.
    1. Also served as Private Secretary to Minister for Revenue & Cultural Affairs, Minister for Excise, Taxation & Fisheries, Minister for Fisheries, Live Stock & Mineral Development, Minister for Transport and Minister for Labour in Sindh Government from 1981 to 1989.
    1. Also served as Secretary General / Executive Director, Pakistan Pharmaceoticals Manufacturer Association (PPMA) Islamabad / Karachi.
    • Deputy Director (Education) Head Office & In-charge Southern Region, Institute of Cost & Management Accountants of Pakistan (ICMAP), Karachi.

    JOURNALISTIC EXPERIENCE:

    1. Have served as “Correspondent” of Associated Press of  Pakistan (APP); National News Agency, at Larkana.
    1. Served as “Correspondent” of Pakistan Press International (PPI) at Larkana.
    • Served as “Stringer” of Daily DAWN, Karachi, at Larkana.
    1. Remained “Assistant Editor” of Weekly “INSAF” (Sindhi) and “NEW ERA” (English).
    2. Remained “Sub Editor” of College Magazine; “WANJARA”.

    SCOUTING:

    1. Trained & qualified “Scouts Master” and ”High School Teacher” at  Municipal High School, Larkana.
    1. Founder Member & Group Leader of “Shah Abdul Latif Bhittai” and “Al-Islah” Scouts Open Groups, Larkana.
    • Remained “Tender Foot”, “Second Class”, “First Class” and “Quaid-e-Azam” Scout.

    SPORTS:                                              i.              Played Hockey in School and College level. Remained playing              member of                                                                                 District and Divisional Hockey teams of Larkana and Khairpur  Division.

    1. Qualified Hockey Umpire of National Grade-“A”.

    EXTRA  CURRICULAR ACTIVITES:

    1. During student’s life, I remained twice elected President of Students Union, Larkana College of Commerce & Economics, a Debater, Drama and Make-up Artist.

    COURSES / TRAINING / WORKSHOPS / CONFERENCES:-

                   

    1. Human Resource Management Course from Pakistan Institute of Management (PIM) at Karachi.
    1. “ Labour Laws & Policies” and “Managerial Skills” training Courses from Pakistan Institute of Management (PIM) at Karachi.
    • Attended International Human Resource Conference / Workshop held at Hotel Marriott and Hotel Regent Plaza, Karachi.
    1. “Human Resource Management System” Course conducted by “Qualitas” Training Division at Hotel Sheraton, Karachi.
    1. Attended 10-day Workshop on “Current Good Manufacturing Practices” as Group Leader of Group-”A”, held under the auspices of Ministry of Health, Government of Pakistan, PPMA & DIA-USA at Islamabad.
    1. Hospitality Industry (Hotel) Management Course from Pakistan Institute of Tourism and Hotel Management (PITHM), Ministry of Production, Government of Pakistan, in collaboration with UNDP & ILO at Karachi.
    • Food & Beverage Production and its Service Course from Pakistan Institute of Tourism & Hotel Management (PITHM), Ministry of Production, Government of Pakistan in collaboration with UNDP & ILO at Karachi.
    • Scout Master’s Course conducted by Sindh Boy Scouts Association at Khairpur (Sindh).

    SKILLS SUMMARY:

    Having excellent communication skills and experience for independently interact with Government and Private organizations and Officials as well as able to prepare effective representations on Policy matters and Pharmaceutical Industry issues.

    • Being an experienced former Civil Servant and self-motivated professional having good physique & personality to run an organization / company of National & International repute.
    • Maintained close co-ordination with the Ministry of Health (M.O.H.), Drug Regulatory Authority of Pakistan (D.R.A.P.), Federal Board of Revenue (F.B.R.), Trade Development Authority of Pakistan (T.D.A.P.), Ministry of Commerce (M.O.C.), Ministry of Interior (M.O.I.), Directorate General of Trade Organization (D.G.T.O.), Securities & Exchange Commission of Pakistan (S.E.C.P.), Provincial Ministry of Health, other related departments / agencies, etc..
    • Handled responsibilities & activities, being a skilled, dynamic, excellence driven and vision oriented professional, having experience and knowledge of controlling overall operations with exposure of handling Administration & HR Management, as “Executive Director” of a Pharmaceutical Manufacturing & Marketing Company situated in S.I.T.E., Karachi, for more than 13 years. Moreover, I have experience of administration & operational responsibilities / activities as “Consultant / Director” in a Private Limited Company of Surveillance and Facilities Management Services at Karachi, for about 14 years.
    • Served the Federal & Provincial Governments and its attached departments / divisions / organizations, for about 13 years.
    • Having high level Management & Administrative skills and exceptional leadership qualities as a team. Rich experience of heading & managing professional organizations.
    • Ability to communicate & coordinate with High Government Functionaries, Departments and Ministries plus interaction at National & International Trade Organizations.
    • Possesses outstanding communication, interpersonal and administrative skills and abilities.
    • Vast experience in the field of Administration, Human Resource Management, Projects & Facilities Management, Security & Surveillance, House Keeping & Janitorial Services.
    • Competent in developing and maintaining good relationships with the top management, employees, clients and related Government Departments / Personalities.
    • Capable of making quick decisions and skilled in solving the administrative problems.

                                                                                                                                                                         

    Technical and Professional Skills:

    • Different Courses, Training & Workshops of Human Resource Management, Administration, Corporate Affairs, Industrial Relations, Labour Laws & Policies, Factory & Plant Management, Public Relations & Protocol, Security & Surveillance, Hospitality Management, Interior Decoration, Food & Beverages Production and its Service are also at my credit.
    • Experienced in handling the complex applications, conducting business plans in accordance with the strategic policy of the organization, providing administrative leadership, advanced equipment & Project Management.
    • Qualified & experienced in Human Resource Management, compliance of regulatory requirements and produce integrated, high quality and cost effective health care outcomes.
    • Qualified and skilled in handling different kinds of Microsoft packages such as MS Office software, etc. and to work efficiently on varied operating system such as Windows etc.
    • Expert in making and handling the strategic plans, programs, ceremonies, conferences, training and workshops
    • Sufficient understanding regarding necessary Rules and associated Regulations of Drug Act-1976, Trade Rules of Pakistan, SECP’s Memorandum & Articles of Association, etc..

    Work Experience:

    Current Employer:            Supreme Surveillance & Services (Private) Limited, Karachi

                    (From:  August, 2003 till date).

     

    Designation:                       DIRECTOR  / CEO

                                                    (Corporate Affairs, HR Management, Administration & Event Management).
    Job Responsibilities:

    • Handling the entire Operations and Management of the Organization.
    • Deal with the major and minor conflicts of the organization and looked after the execution of reliable and proper services.
    • Deal with the major administrative & corporate functions, evaluated the necessary policy issues, and documented the important budget plans.
    • Monitor the general activities of the Organization’s Managers, Staff & Workers etc.

     

    Previous Employer:         Macter International (Private) Limited (A Progressive & ISO Certified                                                                                     Pharmaceutical Manufacturing Company), F-216, S.I.T.E., Karachi

    (From: October,1989 to July, 2003).

     

    Designation:                       EXECUTIVE DIRECTOR

                                                    (Human Resources, Administration & Corporate Affairs).

    Job Responsibilities:

    • Deal with all responsibilities of Human Resource Management, Administration, Factory Affairs and Corporate Affairs.
    • Registration of Drugs matters and deal with Drug Regulatory Authorities.
    • Deal with Labour Department, E.O.B.I., Sindh Social Security Institution, State Life Insurance Corporation of Pakistan and other related departments / agencies.
    • Cooperate with the top management, senior staff members and administrators in handling the process of interviewing, recruitment, disciplinary matters and process of training the new employees.
    • Dealing with Legal and Labour matters of the organization.
    • Assist in monitoring and skillfully handling the programs and daily activities.
    • Prepared and maintained systematic daily, monthly, quarterly and yearly reports for general and special programs.
    • Analyze and review necessary financial and associated budget programs as per the requirements.
    • Assist in performing additional administrative functions and activities, Public Relations & Protocol.

     

    Achievements and Awards:

    • Won several awards for planning and implementing special programs, etc.
    • Appreciated for skillfully and regularly supervising the necessary requirements and associated supplies, etc.
    • Awarded for handling the necessary financial situations, looking after the daily administrative, production, inventory control, human resource management, deal with regulatory authorities on Federal & Provincial level and other tasks, etc.
    • Awarded for supervising the organization morale and enhancing its performance.
    • Hockey Umpire of National Grade-“A”. Awarded Certificates & Prizes for holding sports & recreational activities.
    • Awarded the ‘Best Administrator’ award for handling the administrative matters in a befitting manner, contract/agreements, supervising the necessary security & surveillance systems, office management and monitoring the financial accounts, etc.

     

    Further Experience / Qualifications / Competencies:

    • Manage all HR Management, Administration, Industrial Relations, Training, Performance Management, Employee Recognition, Compensation & Benefits, Corporate Affairs, Holding of Ceremonies, Conferences & Functions, Hospitality & Protocol arrangements, Operation of House-keeping, Janitorial Services, Fumigation, Transport, and deal with employees’ relations and related Legal issues of the organization.
    • Facilitate in Strategic Planning & Development, providing professional and comprehensive facilities management services. Developing & implementing all related Support Services’ Strategies of Projects, Staff supervision, Budget management, responsible to oversee the support services functions including training & career planning of the staff.
    • Provide leadership and direction to the Staff ensuring that operational, professional and technical activities are performed consistently in the light of Organization’s Policy, Vision, Mission & Values.
    • Serve as a role model; provide leadership, problem solving and decision making support to peers and customers.

    Languages:

    • SPEAKING: Sindhi, Urdu, Punjabi, Siraiki & English.
    • READING: Sindhi, Urdu, Punjabi, Arabic & English.
    • WRITING: Sindhi, Urdu, Punjabi, Arabic & English.

    Computer Literacy:                                          WINDOWS’ MS OFFICE, E-MAILING & INTERNET.

     

    Special Interests:                              i.              Human Resource Management, Administration & Training.

    1. Corporate Affairs, Public Relations & Protocol.

    iii.            Events Management & Interior Decoration.

    Personal Data:

    My great father:    Comrade Syed Jamaluddin Bukhari, remained Freedom Fighter, Social & Political Reformer, prominent trade unionist, Pre-Partition  Accredited Journalist; also served Al-Waheed and different Newspapers, after independence he remained founding Editor of two Weeklies “INSAF” (Sindhi) and “NEW ERA” (English) Larkana, President  Union of Journalists Larkana, President  Larkana  Press Club,  Correspondent  of  Associated Press of Pakistan (APP) at Larkana for more than 25 years, President  Halqa-e-Adab  Larkana, General Secretary T. B. Association Larkana and Patron of various social welfare and  literary organizations.

     
  • امتياز دانش ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    امتياز دانش ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    امتياز دانش ترتيب: مٺل جسڪاڻي

     86932282 538949610058055 4105992119410229248 nاوهان جو نالو؟

    منهنجو نالو امتياز علي آهي. ادبي نالو امتياز دانش آهي.

    والد جو نالو؟

    والد جو نالو فيض محمد پٺاڻ

    رهائشي پتو_ ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ؟

    هونئن ته مان ضلعي لاڙڪاڻي ۽ تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ سيهڙ وليج ۾ 19 فيبروري 1985 ع ڌاري ڄائو هيس پر منهنجو ننڍپڻ دادو ضلعي جي شهر سيتا ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر باڊهه ۾ گذريو آهي. اسان جي خاندان جا فرد انهن ٽنهي شهرن ۾ رهندا هئا ۽ اڃا به رهن ٿا. تنهنڪري منهنجو ننڍپڻ انهن ٽنهي شهرن ۾ گذريو ۽ لڳندو ائين آهي ڄڻ اهي ٽئي شهر منهنجي جنم ڀومي هجن. مون پرائمريءَ واري دور ۾ لکڻ جي شروعات به باڊهه کان ڪئي. ڇو ته باڊهه ۾ خاندان جا ڪجهه فرد صحافت ۽ ادب سان لاڳاپيل هئا ۽ انهن جي ئي اُتساهه سان مان مئٽرڪ واري دور ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊهه جون گڏجاڻيون اٽينڊ ڪرڻ لڳس، جتان مون گهڻو ڪجهه پرايو.

    تعليم؟

    مون پرائمري گورنمينٽ پرائمري اسڪول سيهڙ وليج، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيهڙ وليج ، انٽر حيدر بخش جتوئي ڪاليج ڏوڪري، ايم اي ڪراچي يونيورسٽي ۽ ايم فل وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ مان ڪئي.

    ڪرت (پيشو)؟

    پيشي جي لحاظ کان مان ليڪچرر آهيان پر ليڪچررشپ کان پهرئين مان مختلف سنڌي ۽ اردو اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز تي سب ايڊيٽر _ اسڪرپٽ رائيٽر ۽ ايڊيٽوريل پيج انچارج طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهيان ۽ مختلف خانگي تعليمي ادارن ۾ به پڙهائي چڪو آهيان.

    ترجيحاتي مصروفيتون (وندر)؟

    بس پڙهڻ ۽ لکڻ ئي ترجيحاتي مصروفيتن ۾ شامل آهي.

    ڇاڇا لکندا آهيون؟

    هونئن ته مان بنيادي طور تي شاعر آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڻيون ۽ سماج ۾ پاڻ ارپيندڙ شخصيتن تي خاڪا لکندو آهيان ۽ مختلف اشوز تي اخبارن ۾ مضمون لکندو آهيان.

    مطالعي ۾ ڇا پڙهڻ کي اوليت ڏيندا آهيو؟

    هونئن ته تاريخ ۽ سياست منهنجا پسنديده موضوع آهن پر ڪوشش هوندي آهي ته هر موضوع تي ڪتاب پڙهجن. ڇاڪاڻ ته هڪ ليکڪ جي سماج جي هر شيءِ تي نظر هجڻ گهرجي ۽ اها به گهري. لڪير جو فقير نه ٿيڻ گهرجي.

    سير سفر اوهان جي نظر ۾؟

    منهنجي نظر ۾ سير سفر هڪ سٺي ڳالهه آهي. ماڳن _ مڪانن تي پڙهڻ ۽ انهن کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ ۾ وڏو فرق آهي. سير سفر سان ڏسڻ لاءِ نيون شيون ملن ٿيون ۽ تجربا ٿين ٿا. مون وٽ جڏهن به وقت هوندو آهي ته تاريخ ماڳ _ مڪان ڏسڻ لاءِ نڪري پوندو آهيان.

    ڪچهريون اوهان جي نظر ۾؟

    اوهان جي سوال ته مون کي اداس ڪري ڇڏيو. هاءِ…..ڪو ڏور هوندو هو اسان وٽ ڪچهريون ٿينديون هيون. اوتارن تي راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون هيون. راتيون جاڳي ڪچهريون ڪبيون هيون. هڪٻئي سان حال اوربا هئا. جڳ جهان تي بحث ٿيندا هئا. مسئلن جا حال ڳولبا هئا. چاهه ۽ چانهه جا دور هلندا هئا. هاڻي اسان وٽان ڪچهريون ختم ٿينديون پيون وڃن. ميڙ ۾ ماڻهو اڪيلو ٿي ويو آهي. جڏهن به ۽ جتي به چار ماڻهو پاڻ ۾ ملن ٿا ته اهي هڪٻئي سان ڳالهائڻ بدران موبائل ۾ گم نظر اچن ٿا ۽ ڪچهري اتي ڇُٽي.

    ادبي تقريبون اوهان جي نظر ۾؟

    هاڻي جڏهن اسان ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي تڏهن اهڙي صورتحال ۾ ادبي تقريبون هڪ معنيٰ رکن ٿيون. انهن تقريبن ۾ وڃڻ سان ۽ مقررن کي ٻڌڻ سان نيون ڳالهيون ملن ٿيون، جن مان ماڻهو مستعفيض ٿئي ٿو.

    سماجي تقريبون اوهان جي نظر ۾؟

    اسان وٽ مسئلن جو حل سياست آهي پر بدقسمتيءَ سان سياست ۾ اهڙن ماڻهن کي آڻي ان کي گدلو ڪيو ويو آهي. ان کي بدنام ڪيو ويو آهي. سياست ۾ هڏڏوکي، همدرد ۽ آدرشي سياستدانن کي پوئتي رکي ڪرپٽ، خوشامدي ۽ ٺلهن سياستدانن کي اڳيان آندو ويو آهي بلڪه ملڪ جون واڳون انهن حوالي ڪيون ويون آهن. اسان وٽ سياست بي مقصد ٿي وئي آهي. ان جو نالو ٻڌندي ئي ماڻهو ڇرڪن ٿا. جڏهن سياست ۾ اهڙي صورتحال هجي ته پوءِ سماجي تقريبون پنهنجي هڪ معنيٰ رکن ٿيون. اسان وٽ ماڻهن ۾ ڏينهون ڏينهن سماجي جذبو وڌندو پيو وڃي ۽ اها هڪ سٺي ڳالهه آهي پر ان ڳالهه کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي ته اسان وٽ گهڻي ڀاڱي سماجي تقريبون هڪ ڌنڌو ۽ ڏيکاءُ ٿي ويون آهن. مان ان خيال جو آهيان ته اوهان ڪنهن جي به اهڙي طريقي سان مدد ڪيو جو اوهان پنهنجي هڪ هٿ سان ڪنهن کي ڏيو ته اوهان جي ٻئي هٿ کي ان جي خبر نه پوي. ڇو ته ڏيکاءَ سان لاچار ماڻهن جا جذبا مجروح ٿين ٿا ۽ ڪنهن جا جذبا مجروح ڪرڻ کان پاسو ڪجي.

    اوهان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا ڪيئن آهن؟

    هڪ شاعر حساس هوندو آهي ۽ هو ڪڏهن به ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ کان پاسو ڪندو آهي. هونئن ته منهنجا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا بهتر هوندا آهن پر جي ڪير منهنجي ذات سان ڪنهن کي جوڙي، غلط بياني ڪري ڪنهن جي دل آزاري ڪندو آهي ته ان تي ڪاوڙ ايندي آهي. پوءِ ڪاوڙ تي ضابطو آڻڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي پر گهڻي ڀاڱي پنهنجي ڪاوڙ کي پي خاموشي اختيار ڪندو آهيان.

    سنگت سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا ڪيئن آهن؟

    سچ پڇو ته ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ جي ڪا اهم ۽ عزيز شيءِ آهي ته اها سنگت آهي. ڇو ته دوستي خلوص _ محبت _ ويساهه ۽ هم خياليءَ جي بنياد تي جُڙندي آهي. جيڪڏهن کڻي ائين چئجي ته دوستي، زندگيءَ جو ٻيو نانءُ آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. دوستيءَ جي معاملي ۾ مان اڪثر استاد بخاريءَ جو هي شعر چوندو آهيان ته  

    هڪ ته ڪنهن سان دل نه لائجي

    لائجي ته پوءِ نڀائجي

    جي نڀائجي ته ٿي جوان  

    دوستيءَ جي معاملي ۾ ڏاڍو حساس ۽ حساب ڪرڻ وارو ماڻهو نه آهيان. هر وقت دوستن جي لاءِ دل جا دروازا کليل هوندا آهن پر گهڻي ڀاڱي منهنجا دوست چالاڪ آهن ۽ هو مون کي سادو سمجهي پنهنجا مفاد حاصل ڪري ويندا آهن. انهن جي هر چالاڪي ۽ سازش جي خبر هوندي آهي. جيئن ته مان اهو چئي آهيان ته مان دوستيءَ ۾ حساب نه ڪندو آهيان. ان جو اهو مطلب نه آهي ته مون کي حساب ڪرڻ نه ايندو آهي. ايندو آهي پر استاد بخاريءَ جي بقول ته

    ٻَڌوُ نه ٿا ته هي استاد ڳالهه ٻي آهي

    ڪريون ته يار سمورو حساب ايندو آ

    سنگت جي چالاڪين تي خاموش رهندو آهيان ۽ انهن کي ڪنهن به ريت اهو محسوس ٿيڻ نه ڏيندو آهيان ته مان ڪو ڄاڻان ٿو.ان تي منهنجي خاموشي منهنجي سچائي چئجي؟ وڏائي چئجي؟ يا ٻيو ڪجهه؟ بهرحال مون کي مناسب نه لڳندو آهي ته مان به انهن سان اهڙو رويو رکان. ڇو ته اها شيءِ نه منهنجي ضمير ۾ آهي ۽ نه وري خمير ۾ آهي. هر حال ۾ پاڻ کي تڪليف ۾ رکان دوستيءَ جي ڏيئي کان اُجهڻ کان بچائي رکندو آهيان.  

    پسند جو رنگ ۽ خوشبو ڪهڙي آهي؟

    منهنجي پسند جو رنگ ڪارو آهي ۽ ان جو به هڪ پس منظر آهي. مان گهڻي ڀاڱي پائيندو به ڪارو وڳو آهيان. اسان جو سماج طبقاتي سماج آهي. ڏاڍو هيڻي تي حاوي آهي. اهڙي سماج ۾ ڪارو رنگ ان سماج جي ڦورو طبقي خلاف هڪ احتجاج آهي. جي اسين ظالم _ جابر ۽ ڦورو سان وڙهي نه ٿا سگهون ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ان کان نفرت ته ڪري سگهون ٿا نه….باقي منهنجي پسند جي ڪا به خوشبو نه آهي. اصل خوشبو جي ته ماڻهوءَ جي ڪردار ۽ رويي جي آهي. هڪ سٺي ڪردار ۽ سٺي رويي سان سڄو جڳ واسجي وڃي ٿو. بس ماڻهو جو ڪردار ۽ رويو سٺو هجڻ گهرجي.

    اوهان جي پسند جي سواري ڪهڙي آهي؟

    منهنجي پسند جي سواري ڪار آهي پر اها به ان شرط تي ته ان ۾ ميوزڪ هجي. ميوزڪ هوندي آهي ته سٺو ۽ آسان سفر گذري ويندو آهي ۽ جي نه هوندي آهي ته اهو سفر ڪنهن اذيت کان گهٽ نه هوندو آهي.

    اوهان جي اهڙي ڪا خواهش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪندا هجو؟

    اهڙي ته ڪا به خواهش نه آهي. بس اها خواهش آهي ته ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۾ اسڪول ۽ اسپتالون کولي اتان جي ماڻهن کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏجن ۽ ٻيو عورتن لاءِ هنري ادارا کولجن ته جيئن اهي هنر سکي، پنهنجي پيرن تي بيهي، مرد جون ڳيجهو نه ٿي، پنهنجي زندگي سٺي نموني گذاري سگهن.

    مائٽن متعلق ڇا ٿا چاهيو؟

    نيڪ نيتي _ خير خواهي

    اوهان جي نظر ۾ عام ماڻهو ڪيئن هجڻ گهرجن؟

    سڌا ۽ سادا _ سچا _ باخلوص_ باڪردار _ باهمت _ باضمير

    اوهان پڙهندڙن کي ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندو؟

    جي ها…بلڪل به….مان پڙهندڙن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيندس ته سماج ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن سان پنهنجا رويا بهتر رکو. نفرت، ڪوڙ، ڪيني، حسد، ساڙ ۽ وڙهڻ کان پاسو ڪيو. محبتون ڏيو ۽ وٺو. پاڻ ۾ پيار، محبت ۽ ٻڌيءَ سان رهو. ڏکئي وقت ۾ هڪٻئي جي ڪم اچون. امن ۽ شانتيءَ سان رهو…!