Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • ذوالفقار علي خاصخيلي

    ذوالفقار علي خاصخيلي

    ذوالفقار علي خاصخيلي
     

    WhatsApp Image 2020 09 08 at 11.37.43 AMخاصخيلي ذوالفقار علي خاصخيلي، ذوالفقار علي (راڳي): ذوالفقار علي ولد فقير الهڏنو خاصخيلي، ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ پاڪ سنگهار ۾، 5 آگسٽ 1974ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ ڳوٺ مبارڪ جروار هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر ايس. ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان پاس ڪيائين. ذوالفقار جو والد فقير الهڏنو مشهور صوفي راڳي آهي. سندس اوطاقي ماحول ۾ رهندي ذوالفقار عليءَ کي به اهو شوق جاڳيو، نيٺ پنهنجي والد کان راڳ جي سکيا ورتائين. ذوالفقار علي پهريان پي ٽي وي تان نعت شريف پڙهڻ سان شروعات ڪئي ۽ پوءِ پروڊيوسر نعيم بلوچ پروگرام ’سنڌ سڀيتا‘ ۾ ۽ پروڊيوسر قربان چنا کيس پروگرام ’لوڪ رنگ‘ ۾ متعارف ڪرايو. ذوالفقار عليءَ جا ٻه آڊيو البم مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن، جيڪي ٿر پروڊڪشن ڪمپنيءَ رڪارڊ ڪيا آهن. کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏائي ۽ نصير مرزا متعارف ڪرايو. هيءُ مختلف پروگرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو. هن فنڪار مختصر ڄمار ۾ جشن لطيف اوارڊ، مصري شاهه امام اوارڊ ۽ گاجيلي شريف جي درگاهه جو اوارڊ ۽ ڪيترائي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آهن. شاهه لطيف، سچل سرمست، مصري فقير، نواب ولي محمد لغاري، احمد فقير کٽياڻ، منٺار راڄڙ ۽ ٻڍل فقير کان سواءِ جديد شاعرن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، مرتضيٰ ڏاڏاهي، حليم باغي، مانجهي ۽ ٻين شاعرن کي ڳائي داد ماڻي چڪو آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان

  • مير عنايت علي خان ٽالپر

    مير عنايت علي خان ٽالپر

    مير عنايت علي خان ٽالپر
    تحرير: اعظم ڀٽي

    WhatsApp Image 2020 09 07 at 5.20.59 PM

    7 سيپٽمبر ورسي جي مناسبت سان

    مير عنايت علي خان ٽالپر- وڇڙيو يا وسريو به ……..!!

    تحرير: اعظم ڀٽي

    وڇڙڻ ۽ وسرڻ فطري روايت آهي پر فرد جڏهن عوامي ڀلائي وارن ڪمن کي خدمت جي سچي جذبي ۽ نيڪ نيتي سان سرانجام ڏيندا آهن ته اهي پنهنجي ان عمل، ڪم ، محنت ۽ جدوجهد وسيلي ملڪن، قومن ۽ تاريخ جو سرمايو بڻجي ويندا آهن، اهي اهڙي اداري جي حيثيت وٺي ويندا آهن جو سندن ڪردار تاريخ جي غير جانبدار صفحن ۾ سنهري لفظن سان ياد ڪيا ويندا آهن . ملڪ جي مجموعي سياسي، سماجي ، علمي ، ادبي ، مذهبي ، ثقافتي تاريخ ۾ ٽنڊو محمد خان جي املهه ڪردارن پنهنجي پنهنجي شعبي جي حوالي سان هڪ شاندار تاريخ رقم ڪئي آهي، جنهن جي آثارن کي وقت جي دز ميرانجهڙو نه ڪري سگهي آهي, سترهين صدي ۾ ٽکڙ جي علمي ۽ ادبي شخصيتن جون خدمتون محققن جي قلم جي مس مان مُرڪي تاريخ جي دڳ تي نروار ٿيل آهن ، جيڪو سلسلو اڄ به ان ئي تسلسل سان روان دوان آهي، وقت جا وهڪرا ڀلي کڻي خاموش يا لِڪل هجن ، ڀلي کڻي تاريخ جي کوڙ سارن ورقن تي جمود جي دز چڙهيل هجي، ڀلي کڻي محققن جون سوچون ۽ قلم تصديق جي تشبيهه جي لحاظ کان ماٺ هجن، پر خدمتن جي تاريخ جا اکين ڏٺا شاهد پُشت به پُشت موجود آهن ، جيڪي منفي ۽ مثبت سوچ رکندڙ ڪردارن کي هميشه ياد ڪندا آيا آهن، يادن جو اهو سلسلو خدمتن جا مينار جوڙيندڙ ڪردارن جي عظمتن جي محراب آڏو سر بسجود آهي، جدوجهدن ۽ خدمتن جي تاريخ ۾ عوامي پذيرائي جا گُل ڪڏهن به منفي ڪردارن جي وجودن مٿان پيار جا پها نه رکي سگهيا آهن، عظمتن جي اهڙي پذيرائي صرف انهن ئي ماڻهن جي حصي ۾ آئي آهي، جن عوامي ڀلائي لاءِ راتين جون ننڊون ڦٽائي، اکين تي اوجاڳن جون ڳاڙهيون پٽيون ٻڌي ، صبح جي سج نڪرڻ واري لمحي جيان جوانمردي جهڙا مقابلا ڪيا آهن، اهي ڪردار جن بنا ڪنهن خوف جي جدوجهد جا ميدان ماري مڃايا آهن ، انهن کي اڄ به موتئي جي خوشبو جهڙن لفظن سان ياد ڪرڻ جي روايت برقرار آهي، اڄ به انهن کي ياد ڪرڻ سان گُلابن جهڙي خوشبوء من ۾ واسو ڪري ويهي رهي ٿي ، يادن جي روايتن ۾ هميشه زنده رهندڙ اهڙن کوڙ سارن ڪردارن ۾ ٽنڊو محمد خان جي مير خاندان جي چشم و چراغ محبتي انسان مير عنايت علي خان ٽالپر کي وسارڻ واري ڳالهه ان ڳجهارت جيان آهي ، جنهن جي ڀڃڻي جو ڪو به ڏس پتو ناهي، مير محمد خان ٽالپر اول کان وٺي مير غلام شاهه شهيد تائين ، مير الهه بخش خان ٽالپر ، مير سردار حاجي حسين بخش خان ٽالپر ، مير بنده علي خان ٽالپر کان وٺي مير غلام علي خان ٽالپر تائين ، مير غلام علي خان ٽالپر کان وٺي مير اعجاز علي خان ٽالپر تائين شهواڻي ٽالپرن جي جانشيني واري تاج کي چار چنڊ لڳائيندڙ مير عنايت علي خان ٽالپر جو ڪردار الاءِ ڇو مونکي مير خاندان جو اهو چنڊ محسوس ٿيندو آهي جنهن کي وقت کان اڳ گرهڻ لڳي ويو، وڇوڙو فطري عمل آهي ته وسارڻ به فطري روايتن جو حصو آهي , ڪي ماڻهو وڇڙي , وسري به ويندا آهن ته ڪي ماڻهو وڇڙڻ باوجود هڪ ناياب ياد بڻجي ويندا آهن , جيڪا دل جي دفتر تي هميشه دستڪ ڏيندي رهندي آهي, شاهواڻي ٽالپرن جي مجموعي طور مثبت روايتن جو امين ، ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن سان بي انتها پيار ڪندڙ ، محبت واري جذبي سان هميشه سرشار رهندڙ مير عنايت علي خان ٽالپر 14 جولاءِ 1952ع تي جنم ورتو ، سندس والد جو نالو مير اعجاز علي خان ٽالپر آهي. جيڪو نه صرف لاڙ جي شينهن جو لقب رکندڙ پر سنڌ جو سينيئر ترين سياستدان پڻ رهيو آهي، جنهن جي پاڇي ۾ سياست جي ميدان ۾ پانبڙا پائيندڙ ڪيترائي سياستدان اڄ به سنڌ جي سياست واري آسمان جا ستارا بڻيل آهن، مير عنايت ٽالپر مئٽرڪ سينٽ بونا وينچر مان ۽ انٽر پيٽارو ڪاليج مان پاس ڪري، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ايم بي بي ايس ڪئي . خانداني سياسي ورثي سبب پنهنجي ڏاڏي ۽ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ، ون يونٽ جي سخت ترين مخالف سياستدان مير غلام علي خان ٽالپر جي سياست کان متاثر ٿي, پنهنجي والد مير اعجاز ٽالپر جي تربيت هيٺ 1978ع ۾ سياست جي دنيا ۾ عشق ۽ ايمان جو وچن ۽ خدمت جو جذبو کڻي داخل ٿيو ، مير عنايت ٽالپر سڀ کان پهريائين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر چونڊيو ويو، 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سندس والد مير اعجاز علي خان ٽالپر ، سندس چاچن مير ممتاز علي خان ٽالپر ۽ مير مشتاق علي خان ٽالپر جي گرفتارين ، ملڪ جي مختلف جيلن ۾ قيدو بند جي عقوبتن واري پريشان ڪُن ماحول سندس سياسي بصيرت ۽ قابليت کي وڌيڪ نکاري پُختو ڪيو ۽ هو جلد ئي 1985ع ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو ، جنهن دوران 1986ع ۾ قومي اسيمبلي جي فلور تان ٽوڙهي ڦاٽڪ جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سنڌ جي ڳڀروئن ۽ باندي بڻايل قومپرست ڪارڪنن ۽ اڳواڻن لاءِ اُٿاريل سندس آواز اڄ به تاريخ جي للڪار بڻيل آهي، سندس اهو تاريخي آواز سندس ڏاڏي مير غلام علي خان ٽالپر پاران ون يونٽ جي مخالفت واري عمل جو تاريخي تسلسل ئي هو ، جيڪو اڄ به سنڌ جي اتهاس جي گهٽين ۾ تاريخي حوالي طور ذهن نشين ٿيل آهي ته ڪيئن نه مير غلام علي خان ٽالپر کي ون يونٽ جي مخالفت سبب بيرحماڻي طريقي سان گرفتار ڪري مٺي جي جيل ۾ قيد ڪيو ويو هو، مير عنايت ٽالپر 1987ع ۾ وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي ڪابينه ۾ وفاقي صلاحڪار مقرر ٿيو ته ان دور ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ ترقياتي رٿائن جو اهڙو ڄار وڇايائين جيڪو اڄ به افتتاحي تختين جي رُوپ ۾ شاهدين جا ڳاٽ اُوچا ڪري ٽنڊو محمد خان جي لاتعداد ڳوٺن ۽ آسپاس جي ننڍڙن علائقن ۾ براجمان آهن، هن آزاد حيثيت کان وٺي نون ليگ , نون ليگ کان وٺي پي پي پي شهيد ڀٽو گروپ , شهيد ڀٽو گروپ کان وٺي ايس ڊي اي تائين سميت مقامي سطح تي راڄوڻي اتحاد تائين سياسي شطرنج جا انيڪ پتا سياسي پاليسين طور اپنايا, مير عنايت ٽالپر 2005ع ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ٿيل مڪاني نظام وارين چونڊن ۾ سڄي ضلعي مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ٽنڊو محمد خان ضلعي جو پهريون ضلعي ناظم چونڊيو ويو ۽ چار سالن جي ضلعي ناظمي واري دور ۾ ضلعي اندر ماضي جي تاريخ کان وڌي چڙهي ريڪارڊ تاريخي ۽ ترقياتي ڪم ڪرايائين . جنهن ۾ سوڪ سينٽر ، مير غلام علي پارڪ ، شهيد راڻي بينظير ڀٽو پبلڪ پارڪ ، پبلڪ اسڪول ، ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال، ڊي سي ڪمپليڪس، جامع مسجد بي اينڊ آر ڪالوني، بوائز ڪاليج جي نئين سِر مرمت ، بوائز هاءِ اسڪول جي نئين سِر مرمت، پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جي نئين بلڊنگ جي قيام ، زيبيسٽ، لاتعداد ڪميونٽي سينٽرن، سميت روڊن ، رستن ۽ اسڪولن جا ڪيترائي ميگا پروجيڪٽ شامل آهن ، مير عنايت ٽالپر جي ناظمي واري دور ۾ هڪڙو منفرد ڪم اهو به هو جو هن شهر جي ڪجهه اهم قبرستانن کي تحفظ جي چوديوارن سان محفوظ ڪيو، سي سي بي اسڪيمن وسيلي ٽنڊو محمد خان جي ڪجهه اهم ۽ وڏن قبرستانن کي چوديواريون ڏيارڻ واري ڪم جو بنياد ۽ روايت ئي مير عنايت ٽالپر جي شاندار ڪوششن جو ثمر آهي، جنهن سندس سياسي ڪردار کي وڌيڪ عوامي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو. سندس دور ۾ ضلعي جا سوين مقامي نوجوان بيروزگاري واري ڏانئڻ مان جان آجي ڪرائي روزگار سان لڳا، جن جي گهرن جا آباد چلها اڄ به سندس مغفرت لاءِ شعلا بڻجي دعائن جي صورت ۾ قدرت جي آڏو ٻاڏائيندا نظر اچن ٿا . مير صاحب پنهنجي بزرگن جي خانداني روايتن ۽ تهذيبي حيثيت جو امين ۽ وارث هو. سندس طبعيت ۾ انڪساريءَ سان گڏ بلندي جهڙا آثار موجود هئا. هو نه فقط هڪ اعليٰ خانداني ۽ تهذيبي روايتن جو مجسمو هو پر ان سان گڏ هڪ مخلص ۽ ايماندار، اڻٿڪ، پختي واعدي جو مالڪ ۽ سماج سڌارڪ به هو ، سياست کان هٽي ڪري کيس علم و ادب سان به گهري دلچسپي هئي. ان سلسلي ۾ سندس مثبت روايتن جي پوئيواري جو مثال هي آهي ته سندس ڏاڏي مير غلام علي خان ٽالپر، سنڌ جي نامور اديب غلام محمد شاهواڻي جي همت افزائي ڪندي کانئس ڪتاب “علمي خزانو” لکرايو هو . جيڪو ڪتاب مثنوي روم جو نثر ۾ ترجمو آهي ۽ ان جا ٽي جلد تيار ڪيا ويا هئا، ان ادبي روايت جي پيروي ڪندي مير عنايت ٽالپر “ ٽنڊو محمد خان جي تاريخي ۽ ترقياتي سفر” نالي ڪتاب سينيئر صحافي ۽ شاعر مخمور مهيري کان تحرير ڪرايو هو، اها الڳ ڳالهه آهي ته ليکڪ موضوع سان نڀاءَ نه ڪري سگهيو پر اها ڪوشش ۽ همت مير عنايت ٽالپر جي بهترين ادبي خدمت ۽ مرهون منٿ جي ڪڙي ضرور آهي، جنهن ٽنڊو محمد خان جي تاريخ کي سهيڙڻ جو عملي طور شروعاتي پٿر اڇليو, جنهن مان سندس علمي ۽ ادبي بصيرت جو خوب اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هو موسيقي سان گڏوگڏ ثقافت سان به انتهائي پيار ڪندڙ شخص هو، اهو ئي سبب هو جو 2009ع ۾ پنهنجي ناظمي واري دور ۾ هن ٽنڊو محمد خان ۾ “سنڌ فيسٽيول” جو انعقاد ڪرايو، جنهن ۾ سنڌ جي تمام گهڻن ضلعن ، ضلعي حڪومت واري سرشتي جي حوالي سان ڀرپور موٽ ڏيندي پنهنجا ثقافتي اسٽال لڳايا ، ان سان گڏوگڏ ان فيسٽيول ۾ موسيقي جا پڻ بهترين پروگرام ٿيا. کيس موسيقي سان پڻ دلي لڳاءُ هو، مختلف وقتن تي فنڪارن جي پرگهور لهڻ لاءِ هو پنهنجي تلاءُ واري بنگلي تي موسيقي جون محفلون پڻ سجائيندو رهندو هو، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا فنڪار اچي فن جو مظاهرو ڪندا هئا ۽ پنهنجي قدرداني جا موتي پسيندا هئا. مير عنايت ٽالپر جو دسترخوان هميشه ڪشادو رهيو. سنڌ جي وڏن ماڻهن مان ڪي اهڙا ٿورا ماڻهو ملندا، جن جا دسترخوان پنهنجن توڙي پراون لاءِ هميشه ائين ڪشادا رهيا هجن، جيئن مير غلام علي خان ٽالپر جيان سندس هن پوٽي جا هئا . مير صاحب شڪار جو به شوقين هو. شڪار جو شوق سندس خاندان جي دائمي روايتن ۾ شامل هو، جنهن کي پڻ هن ان ئي شان سان برقرار رکيو. ان سلسلي ۾ وٽس ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهران مهمانن جا جٿا ايندا ويندا هئا. جيڪي مير صاحب جي مهمان نوازيءَ کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ واپس وڃي نه سگهندا هئا. هو سون جي چمچن ۾ کير پي محلاتن جي آسائش جا مزا ماڻي ، لاڏ ۽ ڪوڏ سان پلجي وڏو ضرور ٿيو هو پر سندس مزاج ۾ وڏائي، هٺ ، غرور ۽ تڪبر جو ڪڏهن به ڪو ننڍي ۾ ننڍو عنصر به ڏسڻ ۾ نه آيو، هو شاهي روايتن واري ماحول مان نڪري هميشه عوام جي دلين ۾ راڄ ڪرڻ جا سپنا کڻي روڊن ۽ رستن تي عوام سان گڏ سخت گرمي ۽ نٽهڻ اُس ۾ پيش پيش رهيو، ٽنڊو محمد خان ضلعي جي بحالي واري تحريڪ ۾ کيس لکين ماڻهن ائين پگهر ۾ شل ڏٺو هو, ان دوران هو هر وقت جدوجهد جي پاڻي سان وهنتل نظر ايندو هو، 2013ع ۾ ضمني چونڊن جي ٿڪاوٽ ۽ شايد قدرت جي لکيي واري فطرت کيس وڏي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو , اهو امتحان سندس زندگيء لاء ڄڻ ته ناسۡور بڻجي پيو , حياتي جي بقا خاطر وڙهندي وڙهندي مير عنايت ٽالپر 7 سيپٽمبر 2014ع تي آچر جي ڏينهن گلي ۾ ڪينسر جي موذي مرض سبب 62 سالن جي ڄمار ۾ سنگاپور جي هڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس لاڏاڻي جي دکدائڪ خبر ٽنڊو محمد خان جي هر شهري مٿان وڄ جيان ڪِري پئي، هر اک آلي نظر اچي رهي هئي، ڇو ته مير خاندان جو هي باصلاحيت فرد ، هڪ منفرد شخصيت جو مالڪ ۽ عوام دوست انسان هو ، جنهن جي نفيس من ۾ هميشه احساسن جو سمندر ڇوليون هڻندي نظر ايندو هو ، 9 سيپٽمبر 2014ع تي سندس مڙهه سنگاپور مان آڻي ٽنڊو محمد خان ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي ۾ عوامي شرڪت جي ايڏي وڏي تعداد ثابت ڪيو هو ته هن عظيم شخص جو آخري سفر ٽنڊو محمد خان جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو آخري سفر هو. جيڪو عظمت جو رُتبو شايد ئي هتان جي ڪنهن سياستدان کي نصيب ٿيو هُجي. لکن جي مجموعي ۾ هر اک آلي نظر اچي رهي هئي, سندس سياسي مخالف به اهڙي مڃتا تي حيرت جي درياءَ ۾ ٻڏل هئا. کيس صرف هڪ نِياڻي جو اولاد ٿيو. ڏک ان ڳالهه جو ضرور آهي ته سندس ڪو جانشين اولاد نه هو جيڪو سندس خدمتن جي ڇڏيل تاريخ کي تڪميل جي ڪنهن لاڀائتي دڳ تي پهچائي پر مايوسي جي انهن لمحن کي مات ڏيڻ لاءِ سندس ڀاءُ مير سجاد علي خان ٽالپر وڏي جوانمردي سان مير عنايت ٽالپر جي مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سپهه سالاري جو تاج پنهنجي سر تي ٻڌو، مير عنايت ٽالپر جي نقش قدم تي هلندي هن مختصر وقت ۾ پنهنجي محنت جو محل جوڙڻ جي تمام گهڻي ڪوشش پر ان جي تڪميل اڃا تائين اڌوري بڻيل آهي ، اها اڌوري محنت عوامي ڀلائي لاءِ ڪيتري لاڀائتي ۽ فائديمند ثابت ٿيندي ، اهو ته ايندڙ وقت ئي بهتر ٻڌائيندو پر مير عنايت سان محبت ڪندڙ ماڻهن جو حلقو ساڻس اهو ئي پيار ڪندي ،انهن سپنن جي ساڀيان جي انتظار ۾ اکيون ضرور وجهيو ويٺو آهي ، جيڪي اميدون کين مير عنايت ٽالپر جي ڪردار مان وابسته هيون. .

     

  • پروفيسر مانيڪ بيجنجي پٿاوالا  – انٽرويو: ساقي ابڙو

    پروفيسر مانيڪ بيجنجي پٿاوالا – انٽرويو: ساقي ابڙو

    پروفيسر مانيڪ بيجنجي پٿاوالا  – انٽرويو: ساقي ابڙو
     
    سلسلو: فيسبوڪ انٽرويوز

    WhatsApp Image 2020 09 06 at 8.04.34 PM(((اسين رتي جا ماڻهو)))
    سلسلو: فيسبوڪ انٽرويوز
    ڪردار: قاضي خضر حيات (انجنيئر۔آرٽسٽ۔ليکڪ۔ڪاشيگر)
    انٽرويو: ساقي ابڙو (سيڪريٽري:س۔ا۔س رتوديرو)

    ”اسين رتي جا ماڻهو“ فيسبوڪ انٽرويوز جي سلسلي ۾ اڄ جنهن ڪردار جو انٽرويو پيش ڪجي ٿو اهو ڪردار گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي پر افسوس جو اهڙي شخصيت هن وقت اسان جي شھر ۾ نٿي رهي۔ جي ها اها شخصيت آهي قاضي خضر حيات صاحب جي جيڪو هڪ ئي وقت انجنيئر به آهي ته آرٽسٽ به ۽ ليکڪ به آهي ته وري هن دور جو وڏو ڪاشيگر به۔ قاضي خضر حيات رتيديري جي علمي ادبي ۽ آرٽسٽڪ خاندان جي سربراه قاضي عبدالحيّ قائل سرشاري جنهن کي سڄو شھر ”سائين قاضي“ چوندو هو جي گهر جنم ورتو ۽ سندس وڏو فرزند آهي۔ سندس ٻالڪپڻ رتيديري ۾ گذريو، هو هتي ئي پڙهيو ڪڙهيو ۽ وڏن عهدن تي پهتو پر نوڪري ۽ ٻين سببن جي ڪري هن وقت نوابشاه سٽي ۾ رهائش پذير آهي ان جي باوجود به هن پنهنجي شھر ۽ پنهنجن ماڻهن کان ناتو ناهي ٽوڙيو اڄ به هو مرڻي پرڻي توڙي ڏکي سکي ۾ پهچندي دير ناهي ڪندو۔ قاضي صاحب زبردست انجنيئر خوبصورت آرٽسٽ برجستو ليکڪ ۽ ڪاشي جي ڪم جو وڏو ماهر ڪاشيگر آهي سندس جي نوابشاه ۾ ”سڪندر آرٽ گئلري“ جي نالي سان زبردست آرٽ گئلري قائم ڪيل آهي جيڪا سنڌ توڙي سڄي ملڪ ۾ مشھور آهي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاڙڪاڻي واري رهائشگاه ”المرتضيٰ هائوس“ ۾ جيڪا ٽائلز لڳل آهي اها ڊزائين به قاضي خضر حيات صاحب جي تيار ٿيل آهي جڏهن ته ”سڪندر آرٽ گئلري“ ۾ سندس فن جا اعليٰ ۽ ناياب نمونا پڻ موجود آهن۔ سندس فن۔ شخصيت ۽ زندگي تي جهجهو مواد لکي سگهجي ٿو پر مون هتي سندس مختصر تعارف طور هي سٽون لکيون آهن جيڪي يقينن سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهن۔ سندس انٽرويو جيئن جو تيئن پيش ڪجي ٿو اميد ته پڙهي پنهنجي راء کان ضرور آگاه ڪندا۔
    (سٽون: ساقي ابڙو)
    اااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا
    1-مختصر تعارف (نالو, ولديت, ذات ۽ ڄم تاريخ) *قاضي خضر حيات ولد قاضي عبدالحئي قائل سرشاري – جنم 12 اپريل 1945ع – بابا سائين جي زير تربيت ميٽرڪ تائين رتيديري هاء اسڪول ۾ تعليم پرائي – انٽر لاڙڪاڻي مان ڪئي- انجينيئرنگ ڪاليج ڄامشوري مان انجينيئرنگ جي ڊگري 1st class ۾ پاس ڪري ميدان عمل ۾ آيم,

    2-جنم ڀومي ۽ موجوده رهائش
    *رتوديرو / موجوده رهائش سڪندر آرٽ گئلري نوابشاه,

    تعليم
    انٽر ڊرائنگ , آرڪيٽيڪچر ۾ ڊپلوما ۽ بي اِي (سول)

    4-پروفيشنل ڊگري
    *بي اِي سول

    5-مھارت اگر آهي ته
    *ننڍپڻ کان آرٽ سان لڳاء , انجيينئرنگ ۾ چڱي خاصي ڄاڻ , ڪاشيء جي فن ۾ دسترس حاصل ڪري سڪندر آرٽ گئلري جو بنياد وڌم,

    6-ڪرت, پيشو يا ذريعه معاش
    *سول انجينئرنگ جي حوالي سان وڏن وڏن منصوبن تي PD جي عهدي تائين پهچي ,جانفشاني سان منصوبا مڪمل ڪرائي سٺي ڪاميابي ماڻي,

    7-سڃاڻپ جو حوالو
    *انجينيئر -آرٽسٽ – ليکڪ – ڪاشيگر,

    8-شعبو
    *تعميراتي منصوبن ۾ پراجيڪٽ انجينيئر يا سول انجينيئر طورنگراني ڪرڻ جو وسيع تجربو,

    9-وابستگي
    *سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن( سگا) , مهراڻ آرٽس اينڊ ويلفيئر سوسائٽي نواب شاه, سڪندر آرٽ گئلري نواب شاه,

    10-ڪيريئر جي شروعات
    *انجينيئرنگ پاس ڪرڻ کانپوء , رتو ديرو جي ايريگيشن کاتي ۾ سپروائيزر جي حيثيت سان ڀرتي ٿي,

    11-شعبي جي چونڊ جو مقصد
    *ارتقائي عمل طور انجينيئدنگ فيلڊ جي چونڊ قسمت ۾ ھئي ,۽ ڄاڻ آهر هر هنڌ سرخرو ٿيندو رهيس,

    12-پنهنجي شعبي ۾ ڪيل ڪارگذارين جو مختصر ذڪر جيڪي ڳڻائڻ جهڙيون هجن
    *سنڌ يونيورسٽي جي انجينيئرنگ ڪاليج ۾ انجينئرن کي پڙھايو- 3 سال NED ۾ پڙھايو – لاڙڪاڻو شگر مل به چينين سان گڏ ٺھرايم – اسٽيل مل ڪراچي جو شروعاتي ڪم ڪرايم – پاڪ سعودي فيڪٽري مير پور ماٿيلو تي 6 سال ڪم ڪري فيڪٽري شروع ڪرايم, مهراڻ انجينيئرنگ يونيورسٽي جوڙايم , قائد عوام يونيورسٽي , شاه لطيف يونيورسٽي , ٽنڊو ڄام يونيورسٽي , بري امام جي درگاه تي تعميراتي ڪم ڪرايم , آخر ۾ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي مڪمل ڪرائي هاڻي مڪمل آرام ۾ آھيان, سال 2013 ع ۾ پنهنجي استاد ,عبدالقدير خان افغان تي ڪتاب سنڌجي جان ; ڊاڪٽر افغان لکيم به سهيڙيم به – منهنجي آتم ڪٿا ڪتاب “جهاڳيو مون جهان ” لکيواٿم جيڪو پريتم ڇپرائي پڌرو ڪيو آھي, هن سال,

    13-تعليم اوهانجي نظر ۾
    *تعليم قيمتي زيور آھي هر مرد توڙي عورت کي حاصل ڪرڻ گهرجي,

    14-سياست اوهانجي نظر ۾
    *سياسي سمجهه ۽ ڄاڻ رکڻ کپي,ته جيئن ملڪ لاء ڪارآمد فرد ٿي سگهجي,

    15-سماجيات اوهانجي نظر ۾
    *سماجي سوجهه بوجهه ۽ قدرن جي ڄاڻ به ضروري آھي,

    16-صحافت اوهانجي نظر
    *صحافت هڪ عزت لائق پورهيو آ, جنهن جي عزت ڪجي,

    17-ادب اوهانجي نظر ۾
    *علم وادب جي سمجهه ذھني صلاحيت لاء لازمي آ,

    18-شاگرد سياست اوهانجي نظر ۾
    *شاگردن کي سياست بابت ڄاڻ ھجڻ کپي,ته جيئن عمر جي لحاذ کان مثبت انداز ۾ ڪردار ادا ڪن,

    19-ڪتاب ۽ مطالعو اوهانجي نظر ۾
    *ذھني واڌ ويجهه لاء ڪتابن کي دوست رکجي,

    20-ڪھڙي قسم جا ڪتاب پڙهڻ پسند ڪندا آهيو *روزاني اخبار ,حالات حاضره جون خبرون ۽ خاص طور تي آرٽ جا ڪتاب پسند آھن,

    21-اڄ جي نوجوان مان ڪيترو مطمعن آهيو *اڄ جو پڙھيل نوجوان قائدانه صلاحيتن سان ڀرپور اهي, هر چئليينج کي منهن ڏيڻ لاء تيار

    22-پسنديده شخصيت
    *هڪڙي پسنديده شخصيت جو انتخاب ڏاڍو مشڪل آھي, والدين کان وڌيڪ ڪير هوندو ,انکان پوء استاد

    23-پسنديده سياستدان
    *ڀٽو خاندان ۽ شھيد بابا ذوالفقار علي ڀٽي کان سوا ڪو ٻيو ٿي نه ٿو سگهي,

    24-پسنديده اديب ۽ شاعر
    *استاد بخاري – مقصودگل

    25-رتوديرو شھر جو ماضي, حال ۽ مستقبل اوهانجي نظر ۾ *رتيديري جو ماضي وشال هيو حال جي خبر نه پڇو باقي مستقبل لاء دعاگو آهيان

    26-پنهنجي شھر رتوديرو لاء ڇا ٿا چاهيو *جنم ڀومي لاء هر شئي جيڪا سندس مان مٿانهون ڪري,

    27-اوهانجي نظر ۾ رتوديرو جو وڏي ۾ وڏو مسئلو *مسئلا ئي مسئلا آھن ڪهڙو بيان ڪري ڪهڙو ڪجي,

    28-رتيديري شھر جي اجتمائي مسئلن جي حل لاء ڪا تجويز
    *ڌڻي در دعا

    29-جيڪڏهن شھر جا چيئرمين ٿيو ته ڇا ڪندئو *الله نه ڪري,

    30-ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندا
    *نوجوانو پڙھو , پڙھو بس پڙھو,
    ااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا

  • نثار شاهين : آصف رضا موريو

    نثار شاهين : آصف رضا موريو

    نثار شاهين : آصف رضا موريو

    WhatsApp Image 2020 07 16 at 9.25.10 AMخوبصورت شخصيت نثار شاهين (سالگرھہ مبارڪ)
    آصف رضا موريو
    سائين نثار خوبصورت شخصيت جو ماڻيٺو ۽ باوقار انسان آهي جيڪو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ به فياض لطيف وانگي اديب لڳندو آهي سندس اڳيان ڪو گٿو لفظ يا مذاق ڪرڻ جي همت ڪونه ٿيندي آهي. قد ڪاٺ به شاهه بهارو جيان ٺاهوڪو اٿس جو مون جهڙي ماڻهو منهن ڏي نهاري ته ٽوپي به ڪري پئيس. پاڻ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ پٺاڻن ۾ 15 جولاءِ 1963ع ڌاري جيون ورتائين. پنج درجا ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پرايائين جڏهن ته ميٽرڪ باقراڻي هاءِ اسڪول مان 1979ع ۾، انٽر لاڙڪاڻو ڪمرشيل انسٽيٽيوٽ مان 1982 ڌاري (جيڪو هن وقت ٽائن ٿاڻي لڳ آهي پر ان وقت کهڙو هائوس امپائر روڊ ۾ هوندو هيو)، بي ڪام گورنمنٽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان ۽ ايم اي (1987ع) شاهه لطيف يونيورسٽي مان ڪيائين.
    کيس پهرين نوڪري 1987ع ۾ آڊٽ ڊيپارٽمنٽ ۾ سينيئر آڊيٽر جي ملي ۽ پهرين پوسٽنگ ڪراچي صدر واري آفيس ۾ ٿي. 1990غ ڪامرس جي ليڪچرار ٿيو ۽ کيس گورنمنٽ لياري ڪاليج ۾ مقرر ڪيو ويو. 1997ع ۾ بدلي ٿي لاڙڪاڻو آيو جڏهن ته 2009ع ۾ سندس اسٽنٽ پروفيسر جو پروموشن ٿيو هن وقت لاڙڪاڻو ڪامرس ڪاليج ۾ تدريسي فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    انٽر پاس ڪري هڪ فلاحي ادارو مخدوم بلاول سماجي تنظيم رجسٽر ڪرائي پنهنجي ڳوٺ ۽ علائقي ۾ خير ۽ ڀلائي جي ڪمن ڪرڻ جي شروعات ڪيائين. 1990ع کان سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر آهين جڏهن ته لاڙڪاڻو شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. ننڍي هوندي کان پنهنجي ڌرتي سان پيار ۽ پاٻوهه سبب سندس نظرياتي لاڙو ادبي دنيا ڏانهن رهيو. ڌرتي ئي سندس لاءِ لکڻ جو پهريون سبب بڻي. پاڻ لکڻ جي ابتدا 1985ع ۾ ٻاراڻي تنظيمن ۽ رسالن جي ٻاراڻي صفحن پان ڪيائين. اڳتي هلي آفتاب حيدرآباد، هلالِ پاڪستان ڪراچي ۽ پوءِ روزاني عبرت جي ميگزين ۾ لکندو رهيو.
    نثار شاهين لاڙڪاڻو جي تاريخ کي پورب نالي هڪ بهترين رسالو ڏنو جيڪو آڪٽوبر 1993ع کان آڪٽوبر1997ع تائين مسلسل 25 کن شمارا ڪڍيائين جنهن ۾ سندس ساٿي سارنگ ماڇي، اياز سولنگي ۽ سليم ڀٽو لطيفي به گڏ هوندا هيا. ان ئي ميگزين ۾ مختلف ماڻهن کان ڪيل انٽرويو ۽ لکيل ڪالمن کي ڪتابن جي شڪل ڏئي پورب پچارون ۽ سر سنيهو ان سين جي نالي سان 2 ڪتاب ڇپرائي چڪو آهي.

  • سيد غضنفر علي راجا انٽرويو: آخوند ساقي ابڙو

    سيد غضنفر علي راجا انٽرويو: آخوند ساقي ابڙو

    سيد غضنفر علي راجا انٽرويو: آخوند ساقي ابڙو

    WhatsApp Image 2020 07 20 at 8.01.15 PM[[[[[اسين رتي جا ماڻهو]]]]]
    سلسلو: فيس بوڪ انٽرويو
    ڪردار: سيد غضنفر علي راجا (شاعر)
    انٽرويو: آخوند ساقي ابڙو (سيڪريٽري س-ا-س رتوديرو)
    ااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا

    سيد غضنفر علي راجا ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي, هو رتيديري جي وڏي سياسي گهراڻي جي ادبي شخصيت آهي, سندس والد صاحب سيد وريل شاه ملڪ جي قدآور سياسي شخصيت هو تحريڪ آزادي ۾ سندس وڏو ڪردار هو, سيد غضنفر علي راجا پنهنجي والد سميت وڏي ڀاءُ سيد بچل شاه تابش نقوي (جيڪو پڻ شعلا بيان مقرر ۽ سياستدان هو) ۽ جسٽس ر سيد ديدار حسين شاه مرحوم (اڳوڻو چيف جسٽس آف سنڌ هاء ڪورٽ) سان گڏ سياست ۾ به تمام گهڻو سرگرم رهيو پر سنڌ ۾ سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي, شاه صاحب وڏي تعداد ۾ شاعري سرجي آهي جنهن ۾ وڏو انگ غزلن جو آهي جنهنڪري ئي کيس غزل جو بادشاه شاعر سڏيو ويندو آهي سندس انٽرويو پڙهندڙ لاء حاضر آهي پڙهي پنهنجي راء کان ضرور آگاه ڪندا- (ساقي ابڙو)

    1-مختصر تعارف (نالو, ولديت, ذات ۽ ڄم تاريخ)
    **منهنجو نالو سيد غضنفر علي ولد سيد وريل شاه آهي جڏهن ته شاعري ۾ تخلص “راجا” آهي.

    2-جنم ڀومي ۽ موجوده رهائش
    **منهنجي جنم ڀومي رتوديرو شھر آهي

    3-تعليم
    **منهنجي تعليم سنڌي پنج درجا آهي

    4-پروفيشنل ڊگري
    **ڪا به نه

    5-مھارت اگر آهي ته
    **جهونا ماڻهو آهيون هاڻي مهارت ڪهڙي

    6-ڪرت, پيشو يا ذريعه معاش
    **سنڌ حڪومت جو ريٽائرڊ ملازم آهيان

    7-سڃاڻپ جو حوالو
    **هونء ته منهنجون سياسي ۽ سماجي خدمتون به آهن پر سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي

    8-شعبو
    **ادب, شاعري

    9-وابستگي
    **سنڌي ادبي سنگت رتوديرو سان وابستگي آهي جنهن جو فائونڊر ميمبر آهيان ۽ ڪافي سال شاخ رتوديرو جو ڪائونسلر رهيو آهيان

    10-ڪيريئر جي شروعات
    **تمام ننڍي عمر کان, ڇو جو منهنجو والد صاحب ملڪ جو هڪ مدبر سياستدان ۽ وڏو شاعر جنهنجي جي ٻالڪپڻ کان ئي بهترين تربيت ملي

    11-شعبي جي چونڊ جو مقصد
    **مون شاعري واري شعبي جي چونڊ ان ڪري ڪئي جو مان پنهنجن داخلي ۽ خارجي احساسن جو اظھار بهتر انداز سان ڪري سگهان ٿو, شاعري ۾ منهنجي اظهار جو انداز به پنهنجو آهي

    12-پنهنجي شعبي ۾ ڪيل ڪارگذارين جو مختصر ذڪر جيڪي ڳڻائڻ جهڙيون هجن
    **پنهنجا ڳڻ پاڻ ڪيئن ڳايان, سياسي سماجي ۽ ادبي حوالي سان منهنجو ڪردار سڄي سنڌ اڳيان آهي

    13-تعليم اوهانجي نظر ۾
    **تعليم قومن جي بقا, ترقي ۽ خوشحالي جي ضامن

    14-سياست اوهانجي نظر ۾
    **عوام جي بي لوث خدمت جو نالو سياست آهي

    15-سماجيات اوهانجي نظر ۾
    **سماجيات مان مراد جيڪڏهن سماجي خدمت آهي ته اها وڏي عبادت آهي

    16-صحافت اوهانجي نظر
    **صحافت هڪ مقدس پيشو آهي

    17-ادب اوهانجي نظر ۾
    **ادب انسان جي شعوري ۽ فڪري آبياري ڪري ٿو

    18-شاگرد سياست اوهانجي نظر ۾
    **شعوري سياست ۽انقلاب جو پهريون ڏاڪو

    19-ڪتاب ۽ مطالعو اوهانجي نظر ۾
    **ڪتاب جهڙو بهترين دوست ۽ مطالعي جهڙو آگھي ۽ ادراڪ جو ڪو ذريعو ناهي

    20-ڪھڙي قسم جا ڪتاب پڙهڻ پسند ڪندا آهيو
    **ادب, سياست, شاعري ۽ جا ڪتاب پڙهڻ پسند آهن

    21-اڄ جي نوجوان مان ڪيترو مطمعن آهيو
    **اڄ جي نوجوان مان نه صرف مطمعن پر الاهي پر اميد به آهيان

    22-پسنديده شخصيت
    **پنهنجي والد صاحب سيد وريل شاه جي شخصيت, جيڪو ليجنڊ پرسنالٽي هيو

    23-پسنديده سياستدان
    **شھيد ذوالفقار علي ڀٽو

    24-پسنديده اديب ۽ شاعر
    **هر گل جي پنهنجي خوشبوء آهي, سڀئي پاڻ ملهائين پيا

    25-رتوديرو شھر جو ماضي, حال ۽ مستقبل اوهانجي نظر ۾
    **رتيديري جو ماضي ته شاندار رهيو آهي, حال ۾ ڪجھ جهول آهن البته مستقبل لاء ضرور پر اميد آهيان

    26-پنهنجي شھر رتوديرو لاء ڇا ٿا چاهيو
    **چاهيان ٿو پنهنجو شھر پر امن ۽ خوبصورت هجي

    27-اوهانجي نظر ۾ رتوديرو جو وڏي ۾ وڏو مسئلو
    **رتيديري جو وڏي ۾ وڏو مسئلو امن امان آهي الله ڪري قبيلائي جهيڙا ۽ بدامني ختم ٿئي

    28-رتيديري شھر جي اجتمائي مسئلن جي حل لاء ڪا تجويز
    **شهرين جو ايڪو ۽ اتحاد هر مسئلي جو حل آهي

    29-جيڪڏهن شھر جا چيئرمين ٿيو ته ڇا ڪندئو
    **منهنجو والد صاحب به رتوديرو ميونسپل جو چيئرمين رهيو آهي جنهنجي دور ۾ سمورو شھر گندگي کان پاڪ صاف ۽ خوبصورت هوندو هو, جيڪڏهن مان چيئرمين ٿيان ته والد صاحب جي نقش قدمت تي هلي شھرين جي ڀرپور خدمت ڪندس

    30-ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندا
    **پيغام اهو ڏيڻ چاهيندس ته هر شهري کي جيڪو جتي به آهي اهو پنهنجي شھر جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري.

  • چاچا حفيظ قريشي

    چاچا حفيظ قريشي

    جولاءِ 1997ع قومپرست سياستدان
    ۽ وڪيل(چاچو) حفيظ قريشي وفات ڪري ويو
    ناليوارو سياستدان، عرف چاچا حفيظ قريشي (Chacha Hafeez Qureshi)، هالا پراڻا جي مشهور قاضي خاندان مان، قاضي شفيع محمد جي گهر ۾ 26 جولاءِ 1920ع تي جنم ورتو. اڃا هڪ سال جو مس هو ته سندس والد گذاري ويو. کيس ٻه وڏا ڀيئيتا ڀائر قاضي محمد بچل ۽ قاضي فضل الله هئا. والد جي لاڏاڻي سبب سندس سموري پرورش ۽ تربيت وڏي ڀاءُ قاضي محمد بچل ڪئي
    هن روايتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول مان ورتائين، جتي سندس هم سبق حاڪم علي زرداري، قاضي ڀليڏني جو فرزند عبدالرحيم جوڻيجو ۽ قاضي عبدالرحمان قريشي، هالائي رهيا. حفيظ قريشيءَ ميٽرڪ جو امتحان ممبئي يونيورسٽيءَ مان ڏنو. ان دور ۾ ميٽرڪ جو امتحان ممبئي يونيورسٽي وٺندي هئي. ان بعد بي. اي پڙهڻ لاءِ ممبئي ويو،
    ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ سندس ملاقات برک دانشور پروفيسر ڪرار حسين سان ٿي، جنهن جي اثر هيٺ غالب ۽ اقبال جي فڪري اُڏام ۽ شاعرانه رمزن کان آگاهه ٿيو. پروفيسر ڪرار حسين جي صحبت ۾ علامه عنايت الله مشرقيءَ جي خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. انهيءَ زماني ۾ پڙهيل لکيل ۽ متحرڪ ماڻهو ٻن مڪتبهء فڪرن کان متاثر رهندا هئا، هڪ ٿياسافيڪل سوسائٽي ۽ ٻي علامه مشرقيءَ جي خاڪسار تحريڪ. ممبئيءَ مان بي. اي ڪري اچڻ کان پوءِ ڪراچي لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي ڪرڻ سان گڏ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ استاد طور پڙهائڻ شروع ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ ڪراچي نيويءَ ۾ بغاوت ٿي ۽ ماڻهن جا انبوهه ٽاور ڏانهن وڌڻ لڳا ته انهن ۾ حفيظ قريشي ۽ جمال ابڙو به شامل هئا. جڏهن سرڪاري اهلڪارن شيلنگ ڪئي ۽ گوليون هلايون ته هن جمال ابڙي کي پُٺي ڏئي ڀڄڻ بدران پٺئين پير ڀڄڻ جي صلاح ڏني ته جيئن گولي لڳي ته پٺيءَ ۾ نه پر ڇاتيءَ ۾ لڳي.
    حفيظ قريشي ايل. ايل. بي جي تعليم مڪمل ڪري، ماستري ڇڏي، آرام باغ وٽ آفيس قائم ڪري وڪالت ڪرڻ لڳو. 1958ع ۾ کيس لطيف سان شناسائي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪرائي. فيلڊ مارشل ايوب خان جي مارشل لا جو زمانو هو، ڪراچيءَ کان حيدرآباد سفر دوران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان ٽرين ۾ ملاقات ٿي، جنهن غالب ۽ علامه اقبال سان سندس چاهه ڏسي کيس لطيف شناسيءَ کان آگاهي ڏني. اڳتي هلي جي ايم سيد کان به لطيف شناسي حاصل ڪيائين ۽ سڄي زندگيءَ لطيفي رنگ مٿس چڙهيل رهيو. هن جي گفتگو ۽ تقرير ۾ منطق، استدلال، لطيفي لات ۽ قرآن جون آيتون، گڏجي هڪ مؤثر رنگ پيدا ڪنديون هيون. جي. ايم. سيد کيس ’سنڌ جو ابوالڪلام‘ لقب ڏنو، جڏهن ته هو قومي تحريڪ ۾ چاچا حفيظ قريشيءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
    هو قومي تحريڪ ۾ بهري وٺڻ سبب ڪيترا ڀيرا جيل ويو. بينظير ڀٽو جي پهرئين دور (90-1988ع) ۾ هُو جي. ايم. سيد جي سنڌ جي دوري دوران سکر مان گرفتار ٿيو ۽ سنڌ جي مختلف جيلن ۾ رهيو. حفيظ قريشيءَ جي جدوجهد اڌ صديءَ تي ٻَڌل آهي، زمينداري ۽ وڪالت سندس ڪاڄ هئا، پر سنڌ جو روشن آئيندو سندس نصب الدين هو. هُو سائين جي. ايم. سيد سان بزم صوفياءِ سنڌ، ائنٽي ونيونٽ فرنٽ، سنڌ متحده محاذ ۾ گڏ رهيو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ رسول بخش پليجي سان گڏجي ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ ٺاهيائين، جنهن جو پاڻ صدر ۽ رسول بخش پليجو سيڪريٽري هو، پر پليجي جا جي ايم سيد سان اختلاف ڏسي کانئس ڌار ٿي ويو. هن جا شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان به واسطا هئا، ساڻس گڏجي سنڌ جو دورو ڪيو هئائين، پر سندس سياست سان اختلاف رکيائين. جڏهن ڀُٽو صاحب اقتدار ۾ آيو ته حفيظ قريشيءَ کي وفاقي وزارت جي آڇ ڪئي ۽ چيو ويو ته کيس سنڌ جي ڪنهن تڪ تان چونڊرايو ويندو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو. حفيظ قريشي ڪامياب وڪيل هو. انگريزي، اردو، سنڌيءَ تي عبور رکندو هو، پر عربي ۽ فارسيءَ جي به سٺي ڄاڻ هيس. هو ڪمال جو حافظو رکندڙ، حاضر جواب، مدبر ۽ معنيٰ خيز گفتگو جو ماهر هو. هو جي. ايم. سيد جو وڏو احترام رکندو هو، پر ساڻس حجتي به ڏاڍو هو. ڪڏهن ڪڏهن ذاتي معاملن ۾ کيس به سڀ ڪجهه چئي ويندو هو. هو سنڌ جي ڪميونسٽن، خاص ڪري اردودان ڪميونسٽن جو سخت مخالف هو، جيڪي ’انڪارِ وطن‘ جي فلسفي ۾ يقين رکندا هئا.
    هُن ناناڻن ۽ ڏاڏاڻن مان ٻه شاديون ڪيون، پهرين گهر واريءَ خديجه قريشيءَ مان کيس 7 پٽ ٿيا ۽ هن جي وفات کانپوءِ ٻي گهر واريءَ سيما قريشيءَ مان کيس هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي. سندس نياڻي ۽ اٺ پٽ پڙهيل ڳڙهيل آهن، جن مان ٻه گذاري ويا آهن. حفيظ قريشيءَ کي قدرت اولاد ۽ جائداد سان خوب نوازيو هو، پر هو انهن ٻنهي نعمتن کان انتهائي حد تائين لاپرواهه رهيو. هي سچار انسان پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت جو سڄو ڪريڊٽ پنهنجي ٻي گهر واريءَ سيما قريشيءَ کي ڏيندو هو. هو قرآن ۽ حديث مان حوالا ڏيئي زمينداريءَ کي قدرت ۽ مذهب جي تعليم جي خلاف ۽ زمين تي فساد ۽ استحصال جو ڪارڻ ثابت ڪندو هو. ان ريت هو سنڌ جي قديم ۽ فطري زرعي پيشي ’جو کيڙي سو کائي‘ واري اصول جو حامي ۽ حمايتي رهيو.
    هن 29 جولاءِ 1997ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس وصيت هئي ته کيس سن ۾ جي ايم سيد جي پيرانديءَ کان دفنايو وڃي، پر پونيرن کيس مخدوم عربي ڏياني عرف شاهه دياني جي قبرستان ۾ دفن ڪيو، جتي ابدي آرامي آهي
    (ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، )

  • پروفيسر مانيڪ بيجنجي پٿاوالا

    پروفيسر مانيڪ بيجنجي پٿاوالا

    پروفيسر مانيڪ بيجنجي پٿاوالا

    WhatsApp Image 2020 07 12 at 2.33.02 PMسنڌ جي تاريخ ۾ جاگرافيءَ جو وڏو محقق، مؤرخ ۽ جاگرافيدان ڊاڪٽر پروفيسر مانيڪ بيجنجي پٿاوالا جو تعلق پارسي خاندان سان هو. سندس جنم 20 نومبر 1886ع ۾ بيجنجي پٿاوالا ۽ سونا ٻائي جي گهر ۾ ڳوٺ ناوساري، پونا (هندستان) ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم سي.جي.اين زيد مدرسه ناوساري ۾ حاصل ڪيائين. ولسن ڪاليج بمبئي مان بي. اي ڪيائين. 1909ع ۽ 1910ع ۾ بي. ايس. سي ڪيائين. سندس ڪيترائي رشتيدار ڪراچي ۾ رهندا هئا، گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ هو 1926ع ۾ ڪراچي هليو آيو. ”1920ع ۾ کيس پارسين جي مشهور اسڪول بائي وير جي سوپاري والا (BVS) جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. 1932ع ۾ هو لنڊن هليو ويو، جتي برڪيڪ ڪاليج لنڊن يونيورسٽي مان پروفيسر اِي جي ٽيلر (E G Tylor)جي نگرانيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪيائين، سندس مقالي جو موضوع هو:

    A Geographical Analysis of the Lower Indus Basin (Sindh) Climatic Conditions in Sindh.


    هن عنوان سان پي .يڇ.ڊي جي ڊگري وٺي ، وري اچي وري BVS اسڪول ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو، ۽ اتي 1946ع تائين ڪم ڪيائين. اسڪول جي پرنسپالي واري زماني ۾ سائيڪل تي اسڪول ايندو هو. هو ”سنڌ جاگرافيڪل سوسائٽيءَ“ جو صدر هو ۽ ان سوسائٽي طرفان نڪرندڙ ”جاگرافيڪل جنرل“ جو ايڊيٽر به هوندو هو. هو پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل جاگرافي دان هو. قيام پاڪستان کان پوءِ مختلف عهدن تي رهيو. هن اين. اي. ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ جاگرافي ۽ جيالاجي جي پروفيسر طور ڪم ڪيو. 1948ع کان 1950ع تائين اسلاميه ڪاليج ۾ جاگرافي ۽ جيالاجي جي پروفيسر طور ڪم ڪيائين. جيئن ئي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ جاگرافي ۽ جيالاجي جا شعبا کليا، ته ڊاڪٽر پٿاوالا انهن جو پهريون چيئرمين مقرر ٿيو. هو سنڌ يونيورسٽي سائنس فيڪلٽي جو ڊين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي جيالاجي ۽ جاگرافي شعبن جو ريسرچ جو ڊائريڪٽر به رهيو. 1953ع ۾ حڪومت پاڪستان کيس وزارت اقتصاديات ۾ صلاحڪار به مقرر ڪيو. ان کان علاوه هو ڪيترن ئي پارسي ۽ سماجي تنظيمن سان پڻ واڳيل هو. 1956ع تائين ڪراچي ۾ رهيو، ان کان پوءِ هو سنڌ کي خير آباد چئي بمبئيءَ هليو ويو، جتي پوءِ 16 جون 1969ع ۾ سندس وفات ٿي.
    ڊاڪٽر پٿاوالا سڄي عمر لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاري. جاگرافيءَ جي مضمون سان سندس عشق هو ۽ جاگرافي ۾ سندس تحقيق جو محور ”سنڌ“ هو، ان کان سواٰءِ هن سڄي هندستان جي مختلف علائقن ۾ جاگرافي تي ڪم ڪيو هو. جاگرافيڪل سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ گهڻي ۾ گهڻا مضمون هن جا هوندا هئا، سندس ڪتابن جو تعداد به تمام گهڻو آهي، جڏهن ته تحقيقي مضمونن جو تعداد جو اندازو نه ٿو ڪري سگهجي. هن کي سنڌ سان تمام گهڻي محبت هئي. سنڌ جي باري ۾ هن جي لکيل ڪتابن ۽ مقالن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

    1. A Geographical Analysis of Khairpur State – A Post Barrage Investigation
    2. An Introduction to Pakistan its Resources and Personalities
    3. Geography and Culture with example of Sindh
    4. Greater Karachi
    5. Historical Geography of Sindh
    6. New Site for Pakistan Capital
    7. Survey of Dominion’s Mineral Resources
    8. Physiographic Division of India , Burma and Ceylon
    9. A Geographical Analysis of the Lower Indus Basin (Sindh) Climatic Conditions in Sindh
    10. Settlement in the Lower Indus Basin (Sindh)
    11. An Introduction to Kashmir : Its Geography and Geology
    12. A Physical and Economic Geography of Sindh
    13. Identification and Description of some old Sites in Sindh and their relations with the Physical Geography of the Region
    14. Sacred Spark
    15. Rock Record of Darious the Great
    16. Historical maps of Sindh

  • نثار بزمي  قلندر بخش

    نثار بزمي قلندر بخش

    نثار بزمي قلندر بخش

    WhatsApp Image 2020 07 07 at 9.54.35 AMسنڌ جي عوامي شاعر نثار بزمي (جنهن جو اصل نالو قلندر بخش هو) 13 جون 1924ع ڌاري ڳوٺ مرزاپورتعلقي ڳڙھي ياسين ضلعي شڪارپور جنم ورتو. مرحوم نثار بزمي 1938ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ڀرتي ٿيو ۽ 1954ع ۾ تپيداري جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ تپيدار ٿيو. پر اندر ۾ جيڪو شاعر لڪو ويٺو هوس، تنهن هٿان مجبور ٿي سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏنائين، نثار بزمي يارنهن سالن جي عمر ۾ شاعري جي شروعات ڳوٺ جي هڪ دوست ڀڳوانداس کان متاثر ٿي ڪئي، وري جو ان وقت جي سدا بهار راڳي ماسٽر چندر سان ملاقات ٿيس، جنهن ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڏنو، پهريون ڀيرو سندس شاعري ان وقت جي فلمي رسالي ”فلم نيوز“ ۾ شايع ٿي، ورهاڱي وقت سندس دوست ڀڳوانداس سنڌ مان لڏي وڃي هندوستان وسايو، تڏهن هن جي جدائي ۾ پاڻ اهو ڪلام چيائين ته، ”ڀڳا ڏار، ڳيرا اڏاڻا، هليا ويا“ جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو. نثار بزمي شاعري جي هر صنف تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي، سندس عوامي گيت گهڻو مشهور آهن. سنڌي فلم ”البيلي“ ۽ ”سنڌڙي تان صدقي“ لاءِ به گيت لکيائين، سندس ڪلام ريڊيو پاڪستان تان هاڻ به نشر ٿيندا رهن ٿا. مرحوم نثار بزمي شاعري سان گڏو گڏ ڊراما، افسانا ۽ مضمون به لکيا، سندس ٻه ڪتاب ”بيداري“ ۽ ”غريبن جي آهه“ ڇپيل آهن. عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ هي البيلو شاعر فالج جي حملي کانپوءِ 7 جولاءِ 2000ع ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

  • دادا سنڌي

    دادا سنڌي

    دادا سنڌي

    WhatsApp Image 2020 07 05 at 7.22.26 PM

    دادا سنڌي: سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ محقق دادا سنڌيءَ جو اصل نالو ڪريم بخش ولد محمد قاسم سومرو هو. سندس جنم 5 جولاءِ 1945ع تي ڳوٺ داد لغاري تعلقي ڏهرڪي، ضلعي گھوٽڪيءَ ۾ ٿيو.

    سندس والد پوليس عملدار هو. دادا سنڌيءَ، ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتي ۽ انگريزي تعليم ميرپورخاص مان حاصل ڪيائين. بي. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ان کان سواءِ بي. ايڊ ۽ ايم. اي (سوشيالاجي) جي ڊگري به حاصل ڪيائين.

    دادا سنڌي تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان ملازمت شروع ڪئي ۽ بعد ۾ ترقي ڪندو، سترهين گريڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ٿيو. هو شاگردن کي نصابي سبقن سان گڏ تاريخ جون حقيقتون، حوالا ۽ سمجھاڻيون به ڏيندو هو. ملازمت مان 1994ع ۾ رٽائر ٿيو. دادا سنڌي ذاتي زندگيءَ ۾ نهايت ئي سادو، خوش مزاج، حساس دل ۽ کلمک ماڻهو هو. سندس پرورش علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ ٿي.

    سندس ڀاءُ قادر بخش ۽ چاچي الهه بخش جي لائبرري هوندي هئي، جنهن ۾ ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ سندس ادب ڏانهن لاڙو ٿيو. سندس پهريون مضمون روزاني ’مهراڻ‘ ۾ شايع ٿيو. کيس سنڌ جي تاريخ جي مطالعي جو شوق مشهور تاريخدان مولائي شيدائي ۽ رشيد ڀٽيءَ سان ملاقاتن کان پوءِ پيدا ٿيو.

    هن پهريون تاريخي ۽ تحقيقي مضمون ون يونٽ تحريڪ دوران لکيو ۽ ان کان پوءِ ڪيترا مقالا ۽ مضمون لکيائين، جيڪي ماهوار ’نئين زندگي‘، ’پيغام‘، ٽه ماهي ’مهراڻ‘، ’نئين سوچ‘، ’اخبار تعليم‘ ۽ مختلف روزانين اخبارن ۾ لاڳيتو ڇپجندا رهيا. هن ريڊيو پاڪستان خيرپور لاءِ مختلف موقعن تي اسڪرپٽ پڻ لکيا.

    سندس ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن:
    (1) ’ڏيئي ڏنڀ ڏڏن‘،
    (2) ’سنڌين جي فوجي مهارت‘،
    (3) ’سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون‘،
    (4) ’1957ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ‘،
    (5) ’سنڌ جي عالمن جا سونهري ڪارناما‘،
    (6) ’اڳوڻن سنڌين جو ڏيساور سان واپار‘،
    (7) ’سومرن جي دور جا سورما‘،
    (8) ’تاريخي ماڻهو تاريخي ڳالهيون‘،
    (9) ’مٺو محبوب ڌارين جي نظر ۾‘،
    (10) ’سنڌ جا عوامي ڪردار‘ وغيره.
    ان کانسواءِ سندس ڪيتريون اڻ ڇپيل تصنيفون موجود آهن.

    دادا سنڌيءَ کي هڪ اديب، ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان جي حيثيت سان مڃتا طور ڪجهه اوارڊ به مليا، جن ۾: سنڌي ادبي سنگت اوارڊ (1987ع)، سنڌالاجي اوارڊ (1987ع)، آل سنڌ ٻالڪ اوارڊ (1987ع)، آءِ. سي. آءِ ڪمپني اوارڊ (1988ع)، سنگت قلم اوارڊ (1993ع) ۽ سنڌ سڀيتا سوسائٽي اوارڊ (1993ع) شامل آهن.

    سنڌ جو هي تاريخدان ۽ محقق، 11 جنوري 1998ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو.

    #آصفجمالسومرو

  • ابڙو غلام ھالائي

    ابڙو غلام ھالائي

    ابڙو غلام ھالائي
    ابڙو غلام ھالائي: غلام رسول ”غلام“ ولد لطف الله خان ابڙو پنھنجي والد جي نوڪريءَ دوران 4 جولاءِ 1920ع تي ننگر ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. ”غلام“ ھالائي فائينل جو امتحان پاس ڪري 1946ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. پاڻ ھڪ سٺي استاد سان گڏ سٺو مصور، اديب، شاعر ۽ موسيقار به ھو، کيس گھڙي وڄائڻ ۾ مھارت حاصل ھئي. استاد بيبي خان ۽ استاد منظور علي خان سان ڪيترا ڀيرا گھڙي تي سنگت ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيائين. پاڻ ھڪ بهترين ڊراما نويس پڻ ھو ۽ ڪيترائي پنھنجا ڊراما اسٽيج تي پيش ڪيائين. ”غلام“ صاحب شعر و سخن جي ھر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آھي. ”بزم رفيق“ ۽ ”بزم طالب الموليٰ“ سان خاص طور وابستگي ھيس ۽ ”الخالق ادبي اداري“ جو پڻ بنياد رکيائين. رٽائرڊ ٿيڻ بعد ”سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن“ ھالا جي زير اھتمام ”روشن تارا“ اسڪول جو آخري عمر تائين ائڊمنسٽريٽر ٿي رھيو. 27 آگسٽ 1984ع تي انتقال ڪيائين ۽ ھالا ۾ پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيو.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان