Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • مس رينوڪا

    مس رينوڪا

    مس رينوڪا
     

    WhatsApp Image 2020 09 26 at 9.31.37 AMIt is Ms Renuka Tekwani’s birthday. She was born on 27, September in Mumbai, India. She studied at H.R. College of Commerce and Economics. She is a professional Sindhi Singer and Actress, she sings all types of songs and acts in Sindhi films. She performs shows on stages and also works with Tekwani Musical Group. We all wish Renuka a very happy healthy and joyful birthday and many more to come. Jai Jhulelal Jeay Sindhiyat

    محترمه رينوڪا ٽيڪواڻي  جو جنم ڏينهن آهي. هوءَ 27 ، سيپٽمبر تي ممبئي ، ڀارت ۾ پيدا ٿي هئي. هوء ايڇ آر ڪاليج آف ڪامرس ۽ اقتصاديات ۾ تعليم ورتي. هوءَ هڪ پيشه ور سنڌي ڳائڻي ۽ اداڪاره آهي ، هو سنڌي فلمن ۾ هر قسم جا گانا ۽ اداڪاري ڪري ٿي. هوء اسٽيج تي شو ڏيکاري ٿي ۽ ٽيڪڪواني ميوزڪ گروپ سان گڏ پڻ ڪم ڪري ٿي. اسان سڀني کي رينوڪا جي تمام گهڻي صحتمند ۽ خوشگوار سالگره ۽ تمام گهڻو اچڻ ٿيڻ جي خواهش آهي. جيئي جھوليال جيئي سنڌيت.

  • پريتم قاضي – انٽرويو: ساقي ابڙو

    پريتم قاضي – انٽرويو: ساقي ابڙو

    پريتم قاضي – انٽرويو: ساقي ابڙو
     
    سلسلو: فيسبوڪ انٽرويوز

    WhatsApp Image 2020 09 25 at 6.25.26 AM(((اسين رتي جا ماڻهو)))
    سلسلو: فيسبوڪ انٽرويوز
    ڪردار: پريتم قاضي (شاعر ۽ پبلشر)
    انٽرويو: ساقي ابڙو (سيڪريٽري: س۔ا۔س رتوديرو)

    اااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا
    پريتم قاضي رتيديري جي علمي ادبي گهراڻي قاضي خاندان جو چشم و چراغ آهي قاضي عبدالحيّ قائل سرشاري جو پوٽو قاضي خضر حيات جو موڀي پٽ ۽ قاضي مقصود گل جو ڀائٽيو آهي۔ (اسين رتي جا ماڻهو) جي تاريخي سلسلي ”فيسبوڪ انٽرويوز“ ۾ پريتم جو انٽرويو شامل ڪرڻ ان ڪري به ضروري سمجهيو جو هي اسان جي رتيديري شھر جي قاضي خاندان جو نه صرف اهم رڪن ۽ ڀاتي آهي پر سندس زندگي جون گهڻيون ئي گهڙيون رتوديرو جي راهن ۾ رولاڪيون ڪندي گذريون۔ قاضي مقصود گل جي دل سان ياد ڪرڻ ۽ چانھ جي پيالي گڏ پيئڻ جي اسرار تي يا مان قاضي صاحب سان اڪير وچان ادبي قرب ڪچھري ۽ صحافي هجڻ جي ناتي انٽرويوز ڪرڻ لاء جڏهن وٽس ويندو هئس ته پريتم قاضي ۽ مرحوم ڀيڻ نائله گل کي کانئس شاعري جي سکيا وٺندي ڏسندو هيس۔ مقصود سائين مونکي تمام گهڻي عزت ۽ محبت ڏيندو هو مونکي ايندو ڏسندي ئي کين گهر وڃڻ ۽ مون لاء چانھ پاڻي جو بندوبست ڪرڻ جو چوندو هو ۽ پوء هو اخلاقي طور مودبانه انداز ۾ مونکي سلام ڪري وڃي پنهنجي ڪم سان لڳندا هئا، اها ان خاندان جي بهترين تربيت ۽ روايت هئي۔ پريتم قاضي هن وقت سنڌ جو خوبصورت اڀرندڙ ۽ صاحب ڪتاب شاعر آهي۔ سندس شاعري جو انداز ئي الڳ ۽ نرالو آهي هن نوابشاه ۾ مڪمل رهائش اختيار ڪرڻ کان پوء ناليواري شاعر سائين عبدالحڪيم ارشد کان به شاعري جي سکيا ورتي اهو ئي سبب آهي جو اڄ هو نئين ٽھي جو پختو ۽ برجستو شاعر آهي۔ پريتم پختو ۽ برجستو شاعر هجڻ سان گڏ بهترين پبلشر به آهي۔ پنهنجي امڙ امان ”خورشيد خضر“ جي نالي سان هن نوابشاه ۾ ”خورشيد خضر علمي ادبي ۽ اشاعتي ادارو“ قائم ڪيو آهي جيڪو يقينن سندس وڏو ڪارنامو آهي ۽ ان اداري پاران هن مختصر وقت ۾ ڪافي ڪتاب به ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندا آهن جن کي سڄي سنڌ ۾ گهڻي پذيرائي به ملي آهي۔ نوابشاه ۾ هاڻي اسانجي هن خاندان جا ٻه وڏا ادارا ٿي ويا آهن هڪ سندس والد قاضي خضر حيات جي قائم ٿيل ”سڪندر آرٽ گيلري“ ۽ ٻيو پريتم پاران قائم ٿيل ”خورشيد خضر اشاعتي ادارو“۔ پريتم جي اماڻيل هن انٽرويو جي آجيان ڪندي ”فيسبوڪ انٽرويوز“ سلسلي ۾ شامل ڪجي ٿو ان اميد سان ته اوهانکي پسند ايندو ۽ پڙهي پنهنجي راء کان ضرور آگاه ڪندا۔
    (سٽون: ساقي ابڙو)
    اااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا

    1-مختصر تعارف (نالو, ولديت, ذات ۽ ڄم تاريخ)
    *حاجي سڪندر آفتاب خضر (المعروف ) پريتم قاضي ولد قاضي خضر حيات انجينيئر, استاد , شاعر , پبلشر

    2-جنم ڀومي ۽ موجوده رهائش
    *نئون ديري ۾ جنم ٿيو, رهائش نواب شاه, ضلعو شهيد بينظير آباد,

    3-تعليم
    BE civil ,AMC ,B.Ed

    4-پروفيشنل ڊگري ATC & AMC *آرٽ جي حوالي سان ماسٽرز ڪيل آ,

    5-مھارت اگر آهي ته
    *بابا سائين جي جوڙيل ڪاشيء جي ڪم تي , سڪندر آرٽ گئلري ۾ ڪم سکيو خصوصن خطاطي ۾ مهارت حاصل ڪئي,

    6-ڪرت, پيشو يا ذريعه معاش
    *سال 1995ع کان ڊرائنگ ٽيچر ڀرتي ٿيس , هاڻي تقريبن 26,27 سال ٿي ويا آھن, رب سهڻي جا شڪرانا آھن,

    7-سڃاڻپ جو حوالو
    *سال 1988ع کان , شاعري ڪري رهيو آهيان چاچي مقصود گل جي بنيادي استادي ملي, ان کان پوء سائين عبدالحڪيم ارشد جا ڪتاب مرتب ڪيم , سو سڃاڻپ شاعري به آھي ته ھاڻي پبلشر به آھيان,

    8-شعبو
    *شاعري ۔ ادب

    9-وابستگي
    *سڪندرآرٽ گئلري , مهراڻ آرٽس اينڊ ويلفيئر سوسائٽي نواب شاه, سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاه , مرڪ پبليڪيشن ۽ خورشيد خضر علمي ادبي ۽ اشاعتي ادارو,

    10-ڪيريئر جي شروعات
    *1988ع ۾ شاعري ۽ 1995ع ۾ استادي پيشي جي ابتدا,

    11-شعبي جي چونڊ جو مقصد
    *قسمت , نصيب۔ پاڻ چونڊ نه ڪئي

    12-پنهنجي شعبي ۾ ڪيل ڪارگذارين جو مختصر ذڪر جيڪي ڳڻائڻ جهڙيون هجن
    *يار ڪار گذاري ڪا خاص ناهي, سال 2005ع ۾ شاعري جو پهريون مجموعو “احساسن جا عڪس” سنڌ ٻوڪ ڪلب طرفان شايع ڪيو, ان کانپوء سال 2009ع ۾, سائين عبدالحڪيم ” ارشد” ٻه ڪتاب “آجپي جي گيت جهڙي شاعري” ۽ “ٽٽل عڪس سونهن جا” مرتب ڪيم ! اهي ٻئي ڪتاب سال 2011ع ۽ 2013ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا , سائين عبدالحڪيم “ارشد” جي قربت ,ڄڻ قطري کي قلزم بنائي ڇڏيو, سال 2017 ع ۾ امڙ جيجل جي نان۽ سان ادارو قائم ڪندي سائين ارشد جي ڪتاب ” آواز اندر جو” (سنڌي اردو شاعري) پبلش ڪيم ! , هيل تائين ڇهه ڪتاب اداري طرفان پبلش ڪيا اٿم 1- آواز اندر جو شاعر عبدالحڪيم ارشد 2- روح ريجهايو رابيلن شاعر خاطي ڪيريو, 3- ڏيئا ڏات جا (ٽيون ايڊيشن ) شاعر سائين ارشد 4-عشق عجب اسرار شاعر محبوب “مصور” سومرو 5- ڳالهيون من جون , سائين ارشد جي نثر جو ڪتاب 6- جهاڳيو مون جهان آتم ڪٿا بابا سائين قاضي خضر حيات ,

    13-تعليم اوهانجي نظر۾
    *تعليم جانور کي انسان بنائي ٿي,

    14-سياست اوهانجي نظر ۾
    *اڄ ڪلهه جي سياست الامان , گزشته وقت جا شھيد ليڊر هجن ها اسان جي ڌرتي ننڌڙڪي نه هجي ها,

    15-سماجيات اوهانجي نظر ۾
    *سماج جي پاڙن سان اسين سڀ ڳنڍيل آھيون, سماج جون چڱايون ۽ برايون ٻئي اثر ڪن ٿيون,

    16-صحافت اوهانجي نظر
    *صحافي سماج جو صحيح عڪس پيش ڪرڻ جا زميوار آھن پر ضمير فروش ۽ ويڪائو نه هجن,

    17-ادب اوهانجي نظر ۾
    *ادب نسلن جي تعمير ڪري ٿو جيڪر مثبت انداز ۾ ادبي حلقا هڪ ٻئي جي تذليل نه ڪن ته نوان نوجوان گهڻو پرائي سگهن ٿا,

    18-شاگرد سياست اوهانجي نظر ۾
    *اڄڪلهه بي معني آھي,

    19-ڪتاب ۽ مطالعو اوهانجي نظر ۾ *پراڻي چوڻي آ “Books.are your Friends” اها چوڻي واقعي سچ ۽ صحيح , جيڪرڪتابن کي

    20-ڪھڙي قسم جا ڪتاب پڙهڻ پسند ڪندا آهيو *هر قسم جا شاعري ,ڪهاڻي, ناول , آتم ڪٿائون به پڙھندو آھيان,

    21-اڄ جي نوجوان مان ڪيترو مطمعن آهيو *جيڪر سچ پڇو ته اڄ جي نوجوان کي گرو ,استاد ۽ سمجهائڻ وارا اهي ناهن مليا جيڪي اسان کي مليا , (اها منهنجي ذاتي راءآ,) سو مطمئين ناهيان

    22-پسنديده شخصيت
    *ڏاڏا سائين قاضي عبدالحئي” قائل” سرشاري

    23-پسنديده سياستدان
    *شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو, شھيد بي نظير ڀٽو

    24-پسنديده اديب ۽ شاعر
    *سائين مقصودگل , سائين عبدالحڪيم” ارشد”

    25-رتوديرو شھر جو ماضي, حال ۽ مستقبل اوهانجي نظر ۾ *رتيديري جو ماضي ته شاندار هيو, جاندار هيو, ڏاڏا سائين قاضي عبدالحئي قائل, سائين سيد وريل شاه صاحب , سائين عبدالرزاق سومري, جسٽس سيد ديدار حسين شاه جهڙين شخصيتن رتي جي سينڌ کي سنواريو ,

    26-پنهنجي شھر رتوديرو لاء ڇا ٿا چاهيو
    *ماضي جيان علم وادب جو گل دستو بڻجي ,

    27-اوهانجي نظر ۾ رتوديرو جو وڏي ۾ وڏو مسئلو *علم کان دوري ,

    28-رتيديري شھر جي اجتمائي مسئلن جي حل لاء ڪا تجويز
    *الله سڻاڻي ڪري

    29-جيڪڏهن شھر جا چيئرمين ٿيو ته ڇا ڪندئو *Sorry

    30-ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندا
    *محبت, ايڪو , وفا ,سچائي
    ااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا

  • ڀٽي مخدوم محمد صالح

    ڀٽي مخدوم محمد صالح

    ڀٽي مخدوم محمد صالح
     

    WhatsApp Image 2020 09 25 at 4.46.19 AMڀٽي مخدوم محمد صالح: مخدوم محمد صالح پٽ مخدوم ميان محمد ابراهيم بزرگ -ڀٽي- ’صوفي‘ 8 محرم الحرام 1305ھه مطابق 25 سيپٽمبر 1887ع ۾ هالن پراڻن ۾ ڄائو، سندس نسب سترهين پيڙهيءَ ۾ مخدوم عبدالله سان لڳي ٿو، مخدوم عبدالله جو اصلوڪو نالو -ارجن- -بن- وريه (وريو) هو ۽ هو جيسلمير جو حڪمران هو، جنهن کي مخدوم بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ مسلمان ڪيو ۽ سندس اسلامي نالو مخدوم عبدالله رکي سنڌ ۾ -اسلام- جي تبليغ لاءِ مقرر ڪيو. هي واقعو سوا ڇهه سؤ هجريءَ ڌاري جو آهي. سندس عالي نسب اڳتي وڌي، شري رامچندر پٽ راجا دسرت سان وڃي لڳي ٿو، جنهن کي هندو -اوتار- ڪري مڃين ٿا.
    مخدوم عبدالله مسلمان ٿيڻ کان پوءِ -اول- ڳاهوٽ ويجھو هڪ ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، پر پوءِ ڳوٺ ماڙي محمد خان لڳ -ڀاڻوٺ- ويجھو اچي رهيو، -جتي- سندس آخري آرامگاهه آهي. سندس پڙ پوٽا مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد اسحاق 900 هه /1494ع ڌاري -اسلام پور- (هالا ڪنڊي) ۾ اچي رهيا، جو ڳوٺ 1779ع ۾ درياهه جي -ٻوڏ- سبب ٻُڏي ويو، پوءِ بزرگن جا نعش اتان کڻائي هاڻوڪي هالن پراڻن ۾ آندا ويا. انهيءَ وقت حضرت مخدوم نوح رح جي نعش مبارڪ پڻ -اسلام پور- مان کڻائي هاڻوڪن هالن نون ۾ آندي وئي. هن خاندان جا ڪيترا بزرگ -ٿر-، ڪڇ ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ڏانهن لڏي ويا. -اسلام پور- کان لڏيندي 1779ع ڌاري -ڀٽي- بزرگن جا باقي ڪي وڃي گھر هالن پراڻن ۾ بچيا هئا. مخدوم محمد صالح جي والد مخدوم محمد ابراهيم ٽي شاديون ڪيون، جنهنڪري خانداني تنازعن سبب مخدومن ۽ خليفن جا قبيلا ڇڄي ڌار ٿي پيا. اهڙيءَ طرح ننڍپڻ کان وٺي مخدوم محمد صالح جي سنڀال سندس مامن هر هڪ خليفي عبدالرحمان، خليفي محمد ڪبير ۽ خليفي محمد جعفر ڀٽيءَ جي زير نظر ٿي. سنڌي چار درجا پنهنجي ڳوٺ هالن پراڻن ۾ پاس ڪري -انگريزي- -تعليم- لاءِ سنڌ مدرسة -الاسلام- ڪراچيءَ مان 1902ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. شاگرديءَ جي وقت کان وٺي کيس مضمون نويسي ۽ ڪلام گوئيءَ جو شوق هو. نوڪريءَ واري عرصي دوران پاڻ هيٺيان ڪتاب لکيائين:
    (1) سيدة النساء (2) بي بي رابعه بصري، (3) منصور حلاج، (4) صديق اڪبر، (5) عروس ڪربلا ، (6) سقراط، (7) -اخلاقي جواهر-، (8) منهاج المومنين.
    1944ع ۾ پينشن تي لهڻ بعد هيٺيان ڪتاب لکي پاڻ ئي شايع ڪرايائين: (1) -اسان جو پيارو آقا-، (2) فاروق اعظم، (3) واندڪائي جي وندر، (4) فتوحات -اسلام-. -ان- کان پوءِ سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيا: (1) ڪيڏارو احسان فقير ، (2) ڪلام مخدوم عبدالرؤف -ڀٽي-، جڏهن ته هيٺيان قلمي نسخا اڻ ڇپيل صورت ۾ سندن پونئيرن وٽ محفوظ آهن. (1) -المرتضيٰ- (2) حيات سعدي (3) مضامين متفرقه (4) ڪلام صالح.
    مخدوم صاحب جيڪي به ڪتاب لکيا، سي پنهنجي خرچ سان ڇپايائين انهن جو نفعو بزرگن جي -جامع مسجد- لاءِ وقف ڪيائين ۽ -الله- پاڪ -ان- مسجد جي تعمير جي تمنا سندس حياتيءَ ۾ ئي پوري ڪئي. سندس ڪتاب سنڌ ۾ وري وري شايع ٿيا آهن ۽ گھڻي قدر مقبول آهن. -ان- کانسواءِ پاڻ درسي ڪتاب پڻ لکيائين، جي سنڌ جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پڙهايا ويا.
    جيتوڻيڪ شعر گوئيءَ جو شوق شاگرديءَ جي وقت کان هئس، پر 1935ع ڌاري -ان- فن ۾ پنهنجو -استاد- محترم محمد صديق ’مسافر‘ کي مڃيائين، جنهن لاءِ کيس نهايت عزت هئي. سندس اڪثر ڪلام رسول پاڪ، اهلبيتن ۽ اصحابن جي شان ۾ چيل آهي.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان

  • شري ڪشنچند “بيوس”

    شري ڪشنچند “بيوس”

    شري ڪشنچند “بيوس”

    WhatsApp Image 2020 09 23 at 9.56.45 PMشري ڪشنچند “بيوس” جي 73 ورسي….

    سنڌي شاعري جو تمام وڏي ناءُ ۽ ڏات ڌڻي مھاڪوي شري ڪشچند “بيوس” جو جنم ٢٥ فيبروري ١٨٨٥ ۾ ٿيو ۽ وڇوڙو ٢٣ سيپٽمبر ١٩٤٧ ۾ ٿيو. اڄ اُن مھان ڪوي جي ٧٣ ورسي آھي. نماڻي طبيت سادي رھڻي ۽ پھڻي جي مالڪ مونھ ۾ مٺاس رکندڙ عظيم پيشي ماستري سان وسطو رکندڙ بيوس تمام اعلئّ انداز جا مالڪ پڻ ھئا. انھن جي شخصيت تي ٽيگور جي ساھتيه تمام گھيري ڇاپ ڇڏي. شاعري کي ھُنن ڪڏھن به ٻنڌن ۾ رکڻ پسند ڪونه ڪيو. ان ڏس ۾ سندن سٺن ۽ ويجهن شاگردن مان شري ھوندارج “دکايل” ھڪ دفعي جو ذڪر ڪندي ٻڌائين ٿا ته ھڪ ڏينھن مون علم عروض جي باري ۾ سائين کان سوال ڪيو, ته انھي مھل مون کي ٻرندڙ بتي آڏو بيھاري پڇيائون ته تنھنجو پاڇو ڪٿي آھي, مون کين چيو پٺيان آھي, ٿورو ھل ۽ ڏس ته اھو پاڇو ڪيڏانھن ٿو وڃي? مون ٺھ ڦھ چيومان ته پٺيان ٿو اچي. وري بتي وٽ پٺيرو بيھاري ڊُڪ پائڻ لاء چيائون مون ڏٺو ته پاڇو اڳيان آھي ۽ آءُ پاڇي پٺيان ڊوڪان پيو. تڏھن سمجھايائون ته شعر چوڻ جو شوق زنده اٿئي ته علم عروض پاڇي وانگر پٺيان پيو ڊوڙيندئي , پر جي شعر جي شوق کي ئي پٺي ڏنئي ۽ علم عروض جي ھُنر پٺيان پئين ته پوء پاڇي پٺيان ڊڪڻ کان سواء ڪجھ ھڙ حاصل ڪونه ٿيندئي, انھي ڪري جيترو شعر چوڻ جو شوق وڌائيندي اوتري اندر اونھ پيدا ٿيندئي ۽ سرسوتي جي ڪرپا سان شاعريء جي ڏات عطا ٿي ويندئي.
    ڪشنچند تيرٿ داس کتري پاڻ جڏھن ماستر ھئا ته انھن جي علم ورھائڻ جي طور طريقن سبب سڀئي کين سمان ڏيندا ھئا. بيوس شاگردن کي سزا ڏيڻ بجاء پنھنجي اک جي اشارن سان ئي کين غلطيء جو احساس ڏياري ڇڏيندا ھئا. ھنن جي خاصيت ھوندي ھئي ته ھو شاگردن جي ذھن تي ٻوجھ وجھ بجاء عملي طور اک ڇنڀ ۾ ڄاڻ ڏئي مونجھارو ختم ڪري ڇڏيندا ھئا. شايد اھو ئي سبب ھو جو بيوس جنھن به اسڪول ۾ پڙھائيندا ھئا ته اتان بدلي (ٽرانسفر) ٿيڻ تي اسڪول جي اسٽاف سميت ڳوٺ جي سماجي ۽ اخلاقي ماڻھو پڻ پاڻمرادون ڪوششون وٺڻ لڳي ويندا ھئا ته ڪجھ به ڪري بيوس جي بدلي روڪرائجي, بيوس جي اوچي اخلاق جو روپ ان ڳالھ مان پڌور ٿي پوي ٿو ته ھو عظيم ماستر,اونچو شاعر ھوندي به ھر ملڻ جُلڻ ويرن وڏن ,ننڍن توڙي پاڻ جيترن کي ھميشه “سائين” چئي مخاطب ٿيندو ھو. ١٩٤٧ مارچ ۾ ھڪ سنڌي ساھتيڪ سميلن ڪراچي ۾ ٿيو جنھن صدارت لاء ڪشنچند بيوس کي گھرايو ويو ھو.اتي ھن ڳالھائيندي چيو ته ھُو نه ڪو علم عروض جو وڏو شاعر ۽ ڄاڻو آھي, نه ئي ڪو زميندار آھي, نه ڪو وڏو عالم پر مونکي صدارت جو موقعو ڪئين ڏنو اٿوء سو انھن کي خبر.. بيوس انھن ڏينھن ۾ ھلندڙ تعليمي پاٺن کي مذھبي رنگ ۾ ورھائڻ کي نه فقط ننديو پر انعمل جي کُلي مخالفت ڪندي ادارن جي پاليسين تي اعتراض ڪيو. ھُن جو چوڻ ھو ته ھن وقت مسجد منزل گاھ جي واقعي سموري سامجڪ ڀائپيء کي نقصان پھچايو آھي. ان نقصان کان اڀرڻ لاء اُپاء ورتا وڃن جئين ڀائيچارو قائم رھي.
    بيوس ٻال ساھتيه ۾ سرتاج ھئا. انھن جي ڪيل خدمتن کي ڪنھن به صورت ۾ ٽئگور جي بال ساھتيه کان گھٽ ڪونھي. بيوس اھو ئي دڳ ورتو,جنھن تان شاھ سائين لنگھيا. سچائي ۽ سنڌيت جو رستو.. ڪيوتا بيوس جي دل جي راڻي ھئي. ھُن نه فقط عشق تي شاعري ڪئي پر قدرت جي ھر ڏات جي واکاڻ ڪئي آھي, ھُن مذھبن ۾ به انسانيت جي ڳالھ کي ڳولھي اھا سمجھائي آھي. ھُن ديس ڌڻين, ڌرتي سان محبت, آزادي جي اھميت ۽ شھيدن سان گڏ اوتارن ۽ نيشنل ڪردارن تي به شاعري ڪئي آھي. ھُن ڌڻي جي ساراھ ڪئي آھي ته ھُن کان سوال به ڪيا آھن. ھُن پنھنجي شاعري جو ھڪ حصو مزدورن,ھارين, محنت ڪشن لاء به وقف ڪيو آھي. بيوس ناري شڪتي سان گڏ گڏ ھمٿ وڌائڻ, حوصلو بلند رکڻ لاء پڻ پنھنجي رچنائن سان ھمٿايو آھي. ھُن ڏُک کي پاسيرو ڪري جئيڻ جي راھ ڏيکاري آھي. ھُن جي انھن لائنن مان سمجھڻ گھرجي..
    درد جي دل تي ڌڄا پنھنجي ڌري, تون ٽھڪ ڏي.
    روڄ راڙي جي مٿان ٻيڻي ٻري, تون ٽھڪ ڏي.
    سال سالن تي سُري ويا, تن سواء سنسار ۾,
    ھوند مشڪل جن سوا, ساعت ٻري,تون ٽھڪ ڏي.
    توکي قسمت تي نه قبضو, آھ قدرت کان مليو,
    نيٺ ٿيڻو آھ جو, سوڪئين ٽري? تون ٽھڪ ڏي..
    اھڙي شاعري تمام گھٽ ملي ٿي. بيوس وڻ ٽڻ, گلن ڪنڊن, جبلن سحرائن, ندي ۽ جنگلن, ڏينھن رات, آسمان زمين, چنڊ تارن, سبزين ۽ ميوون لاء به زبردست لکيو آھي. انھن جون لکيل نظم, حمد اڄ به سنڌ جي اسڪولن ۾ پڙھايون وڃن ٿيون. بيوس جو ڌڻي کي ٻاڏائڻ ان جي رضا ۾ راضي رھڻ ۽ ڌڻي کي پنھنجو ڪندي دل جو ھر حال ان سان ونڊڻ جو انداز پڻ انوکو آھي. شري ڪشنچند بيوس جي ويجھي شاگردن ۾ شري شري ھوندراج “دکايل”, ھري درياڻي “دلگير”,روپ ڪمل ۽ ٻيا گھڻائي وڏا نالي وارا ادب جي دنيا ۾ پنھنجو نالو چمڪائي سائين بيوس جي آتما کي خوش ڪري ڇڏيو اٿائون. پر سائين جا بيت اڄ به نصابي ڪتابن ۾ پڙھايا وڃن ٿا ان زمري موجوب آءُ به سائين جو شاگرد ٿيس..انھن جي دنيا مان لاڏڻو ڪري وڃڻ کان پوء سائين جي سوين ١۰۰ ھين جنم تي “سڏ پڙاڏو ساڳيو” جي نالي سان مھاڪوي ڪشنچند بيوس شتابدي گرنٿ اٽڪل ١٩٨٥ ۾ چپرائي پڌرو ڪيو ويو. جيڪو مونکي ٢۰٢۰ ۾ منھنجي سڄڻ دادا ايشور جھامناڻي جي مھرباني سان مليو. ھوئين ته ھي گرنٿ تمام بھترين لکڻين سان مالامال آھي. پر ھن ۾ موجود ھڪ کان ھڪ سھڻي ۽ مطلب ڀريل سبقن سان سينگاريل اکرن ڀريون رچنائون آھن. تنھن مان مون ھڪ ڪويتا بار بار پڙھي آھي سا توھان سان به ونڊيان ٿو..

    سدا مشھو عالم ۾……………..

    سدا مشھور عالم ۾ جفا تنھنجي وفا منھنجي..
    حقيقت ۾ مگر آھي وفا تنھنجي جفا منھنجي..

    ھزارن چشم روشن سان, اچين تارن ستارن سان.
    تڏھن به دل ڪدوءرت کان نه ٿي آھي صفا منھنجي..

    نمڪ تنھنجو سدا کائي, نمت تنھنجي نه ڏيان پائي.
    جڳت ۾ آه ھيء جائي, سخا تنھنجي خطا منھنجي.

    ڪريو سينگار سوء سائين, ملڻ لاء ھوت ھرکائين.
    نه پيرو پر اندر پائين, ڏسي گھٽ چاھنا منھنجي..

    شڪاري شوق ٿيو پيدا لٿا سر بي زبانن جا .
    اُپايا تو ته مون ماريا, ديا تنھنجي ھچا منھنجي..

    سُکن ۾ صاف وسري وئين, دکن ۾ ياد مس مس پئين.
    تڏھن ڀي ڏات ڏاتر ڏئين, طبع جو بي حيا منھنجي..

    ڪھان ڪھڻي گھڻي سھڻي, رھان رھڻي مگر سکڻي.
    وڏائي وھم جي وھڻي ٿي, ‘بيوس’ واسنا منھنجي..

    ننڍپڻ ۾ پڙھيل
    ڏسي دنيا جا عجب نظارا,,
    سائين جي سگھ سمجھ پيارا..

    اڄ به ياد اٿم. ان مان ائين به لڳندو آھي ته ٻال ساھتيه لکڻ وقت “بيوس” سائين پاڻ کي معصوميت جي دريا ۾ ويھي لکندا ھوندا.
    آءُ انھن کي اڄ سندن جي ورسي جي موقعي تي نمن ڪندي شرڌانجلي ٿو پيش ڪيان..

    نموش تلريجا انڊور.

  • شيخ محمد اسماعيل

    شيخ محمد اسماعيل

    شيخ محمد اسماعيل
    تحرير:طارق عزيز شيخ

    WhatsApp Image 2020 09 20 at 5.23.52 PMروزاني سوڀ ڪراچي
    اربع، 22 جنوري 2020ع

    عالم اديب ۽ تعليمي ماهر “شيخ محمد اسماعيل “
    طارق عزيز شيخ

    سنڌي ادب ۾ اھڙا ماڻھو تمام ٿورا ھوندا جيڪي بغيرڪنهن غرض ۽ لالچ جي خدمت ڪندڙ ھجن. اھڙن ئي خدمت گذارن مان شيخ محمد اسماعيل به ھڪ ھو، جنھن اھم موضوعن تي ڊ گھي عرصي تائين علمي پورهيو ڪري سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيو. سندس علمي پورهيو لوڪ ادب، لغات، لطيفيات، تاريخ، تحقيق ۽ انسائيڪلوپيڊيا جي ضخيم پروجيڪٽس ۾ ڪيل آهي.
    شيخ محمد اسماعيل جو جنم حيدرآباد جي گاڏي کاتي واري علائقي ۾ 21جنوري 1926ع تي احمد شيخ جي گھر ۾ ٿيو. سندن والد پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هو جنهن ڪري سندن گھر ۾ به تعليمي رجحان رھيو. انگريزن جي دور ۾ تعليم کاتي کي ٻين کاتن جي ڀيٽ ۾ پھرئين ترجيح مليل هئي، انھيءَ ڪري انگريزن جي دور جو تعليمي معيار به تمام بھترين ھو. مسلمانن کي علمي اھليت تي نوڪري حاصل ڪرڻ به ڄڻ شينهن جي وات مان شڪار ڇڏائڻ برابر ھوندو ھو. احمد شيخ اهڙي زماني ۾ نه فقط تعليم کاتي جو مڃيل استاد رهيو پر خلافت تحريڪ ۾ به سرگرم رھيو. شيخ محمد اسماعيل جي تربيت به اھڙي والد جي نگرانيءَ ۾ ٿي، جنھن ڪري سندس مزاج ۾ به ساڳيا والد وارا گڻ شامل ٿيا. ھن پنھنجي والد جي صلاح سان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ 1948ع ڌاري تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. شيخ محمد اسماعيل ڀائرن ۾ سڀ کان وڏو ھو، جڏھن ته سندس ننڍن ڀائرن ۾ محمد يوسف شيخ، محمد ابراهيم شيخ ۽ شيخ عزيز هئا. والد صاحب جي سٺي تربيت سبب اڳتي ھلي سڀئي پنھنجن پنهنجن شعبن ۾ نالو ڪڍيو ۽ ڪامياب ٿيا. محمد يوسف شيخ ايريگيشن آفيسر ھو. ابراهيم شيخ ريڊيو پاڪستان جو مشھور ڊراما پروڊيوسر رھيو جڏهن ته شيخ عزيز صحافت جي ميدان ۾ پھرئين صف جي صحافين ۾ اچي بيٺو.

    شيخ محمد اسماعيل جيئن ته درس تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل ھو تنھنڪري ھن پنھنجي استاد برادري جي فلاح لاءِ پڻ ساراھ جوڳو ڪم ڪيو. شيخ صاحب پرائمري اسڪول ٽيچرس ايسوسيئيشن جو باني اڳواڻ ھو. سندس استادن لاءِ ڪيل جدوجهد جي نتيجي ۾ ڪيترائي اهم ۽ پراڻا مطالبا منظور ڪيا ويا. شيخ محمد اسماعيل لاتعداد لائق نوجوانن کي ٽيچنگ توڙي نان ٽيچنگ عملي طور ڀرتي ڪرايو.
    اهڙي ريت هن ڪجھ يادگار ۽ اهم ڪارناما ڪيا. ڏسڻ ۾ سادو پر استادن جي حقن لاءِ سخت ويڙهه ڪندڙ اڳواڻ ثابت ٿيو، هن استادن جي ڀلائي واري تنظيم پ ٽ الف جي بنياد کان وٺي ان جي وڌڻ ويجهڻ واري زماني تائين رهنمائي ڪئي. استادن جي پگهار وڌائڻ، وڌيڪ اسڪول کولڻ، استادن جي ٽريننگ، تعليم کاتي ۾ استادن مان اسٽاف کڻڻ ۽ تدريسي سرشتو وڌائڻ لاءِ يادگار جدوجهد ڪئي.
    گورنر نور خان جي ڏينهن ۾ استادن کي وٺي گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻي، تعليمي پاليسي موجب سنڌ جي پرائمري استان کي اعلانيل حق ڏياريا، هي 1969ع جي پڇاڙي ۽ 1970ع جي شروع وارن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن تڏهوڪي حڪومت جولاءِ ۾ تعليمي پاليسي جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ استادن جون پگهارون وڌائڻ، تعليم بالغان جو پروگرام ۽ مفت تعليم ڏيڻ جو حڪومت اعلان ڪيو هو پر ان تي ڪو عمل درآمد نه ڪيو ويو هو، اهو ئي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي پرائمري استادن کي گڏ ڪري شيخ محمد اسماعيل اڳواڻي ڪندي ڌرڻو هنيو هو، جيڪو مطالبن جي منظوري تائين ڌرڻو قائم رهيو. پوليس ۽ فوج ويجهو ايندي هئي ته پاڻ اڳتي وڌي چوندو هو ته ”بابا استاد آهيون، تعليمي اداري سان واسطو آهي، وڳوڙ ڪرڻ نه آيا آهيون، ڇهن مهينن کان سرڪاري اعلان باوجود حق نه مليو آهي ته ياد ڏيارڻ آيا آهيون، توهان پنهنجن استادن جو احترام ڪندا ته توهان جو احترام ٿيندو“ اهڙا گفتا ٻڌي چيڙاڪ يا سخت طبيعت وارا اهلڪار به ٿڌا ٿي واپس مڙي ويندا هئا، مرحوم شيخ اسماعيل تعليم کاتي ۾ ڀرتي به لاتعداد نوجوان ڪرايا، تعليم جي بنياد تي ٽيچر، ڪلارڪ ۽ پٽيوالا کاتي ۾ لڳرايائين، طبيعت ۾ ٿڌو مزاج ۽ ملنسار هو. ڪنهن به ضرورتمند کي نااميد نه ڪندو هو، پاڻ قرض کڻي ٻئي جي گهرج پوري ڪري ڏيندو هو پوءِ اڳلو پئسا موٽائي نه ڏئي ته اهي به پاڻ لاهيندو هو. استادن کي سنڌ جي صوفي بزرگن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست وغيره جي ادبي پروگرامن ۾ وٺي ويندو ھو. ٽيچرز برادريءَ کي هر سال موڪلن واري مدي ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن تي وٺي وڃڻ، اسٽيڊي ٽوئر ڪرائڻ به هن جي عادت ۾ شامل هو، اهڙي ريت عمرڪوٽ، مڪلي، ڪينجهر ڍنڍ، منڇر ڍنڍ، موهن جو دڙو، ڀنڀور، ڀٽ شاهه، ٺٽو ۽ تاريخي مقام ڏيکاريندي انهن بابت ڄاڻ ڏيندو رهندو هو، شيخ اسماعيل پنهنجي اسٽاف لاءِ آئيڊيل هيڊ ماستر هو، سنڌ ۾ شل ئي ڪو اهڙو هيڊ ماستر هوندو جنهن ۾ ايتريون خوبيون هجن.
    شيخ محمد اسماعيل پاڻ علمي ادبي ذوق شوق رکڻ سبب اديبن ۽ عالمن جي صحبت ۾ رھندو آيو ھو. انھيءَ ڪري سنڌ جي نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان سنڌي ادبي بورڊ جي اهم اسڪيمن ۾ ٻانهن ٻيلي بڻيو ۽ پوءِ اھو ساٿ پنجن ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصي تائين ھلندو رھيو.
    شيخ محمد اسماعيل مرحوم سنڌي ادب جي خاموشيءَ سان بي لوث خدمت ڪئي، هن جيڪي جيڪي پروجيڪٽ هٿ ۾ کنيا، انهن کي نهايت سچائي سان نڀايائين. جيڪڏهن انهن اهم ۽ تاريخي ڪمن بابت ٿورو به ذڪر ڪبو ته سنڌ جي قداور شخصيتن بابت تڪراري بحث شروع ٿي ويندا ۽ انهن جي ڪريڊٽ جي آيل ڪم تي شڪ شبو پيدا ٿي ويندو، انهيءَ ڪري هتي نامياري اديب آفتاب ابڙي جي طرفان مرحوم شيخ محمد اسماعيل بابت هي لکيل سٽون درج ڪندس.

    ”شيخ اسماعيل، سنڌ جي انهن خاموش عملي ڪارڪنن منجهان هڪ آهي، جن جي محنت کي ڪڍي ڇڏجي ته هوند موجوده سنڌي علم ادب جي عمارت کي لوڏو اچي وڃي“ (ڪتاب: شاه لطيف بحيثيت مفڪر، سھيڙيندڙ: آفتاب ابڙو)
    مرحوم شيخ صاحب سنڌي لوڪ ادب اسڪيم جي سمورن واليمن جي تياريءَ لاءِ علمي توڙي سياحتي کوجنا ڪئي ۽ وڏي محنت سان ڪتاب جوڙيائين. سنڌي ادبي بورڊ جي ناياب ڪتابن ۾ اهي ئي ڪتاب سنڌي ادب جو اهم سرمايو آهن، جامع سنڌي لغت لاءِ ڪيترن ئي ڳوٺن، وستين ۽ برادرين سان ملي، لفظن کي ڪٺو ڪرڻ ۽ پوءِ انهن جون معنائون لکڻ وارو ڏکيو ڪم هن ڏاڍي دل لگي ۽ جفا ڪشيءَ سان ڪيو.
    سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن جو ڪورس بهتر ڪرڻ ۽ هر درجي جي نصاب کي سولو توڙي معلوماتي ڪرڻ لاءِ به هن جي معاونت رهندي آئي ھئي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي پرائمري سطح تائين ڪورس جي ڪميٽي ۾ رھيو. هن ٻارڙن جي دلچسپي پٽاندڙ ڪورس ڏانهن وڌيڪ زور ڀريو هر سال نصاب ۾ وقت آهر ترقي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو.
    شيخ اسماعيل جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمت تي هڪ نظر وجهون ته حيرت ٿيندي ته هن اڪيلي شخص هڪ اداري جيان ضخيم ۾ پورهيو ڪيو، سنڌي ادبي بورڊ پاران لوڪ ادب جا چاليهه واليم جنهن ۾ لوڪ داستان لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ شاعري، تاريخي، واقعا، عشقيه قصا، ڳجهارتون، پروليون ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن، انهن جي مواد لاءِ سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ وڃي سينه به سينه هلندڙ ڳالهين، ڪهاڻين ۽ ڏاڍي دلجوئي سان ڪم ڪيو پر شرط اهو هوندو هو ته اهڙي محنت ۾ سندس نالو فقط معاون هجڻ ۾ لکجي ايندو هو، اهڙي ريت سوين ڪتاب تيار ٿيا.
    سنڌي لينگويج اٿارٽي ۾ جڏهن ٻوليءَ جو ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا چيئرمين بڻجي آيو تڏهن شيخ اسماعيل کي هڪڙي پروجيڪٽ ”سنڌ يا نا انسائيڪلو پيڊيا“ جي آڇ ڪيائين، جيڪا هن قبولي، سندس زندگيءَ جا آخري ڇهه ست ورهيه هئا، جنهن ۾ هن انسائيڪلو پيڊيا جهڙو ڏکيو ۽ ڊگهو پروجيڪٽ شروع ڪيو، پهريون واليم تيار ٿيو ته ڊاڪٽر الانا صاحب جي چيئرمين شپ ختم ٿي ۽ بعد ۾ اچڻ واري چيئرمين سمورن ڪتابن جي ڇپائي روڪائي ڇڏي، الانا صاحب جي زماني وارا ڪتاب سنڌي ادب جي نامياري دانشور ۽ ماهر تعليم ڊاڪٽر فهميده حسين ڇپرايا، ميڊم فهميده ايمانداري کان ڪم وٺندي شيخ اسماعيل جو نالو پهرين واليم ۾ نگران طور ڏنو، ان کان علاوه جڏهن شاهه لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر هئي، تڏهن به ”سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت“ شيخ اسماعيل کان نظرثاني ڪرائي هئائين ته انهي پروجيڪٽ ۾ به سندس نالو مٿان ڏنو اٿس. اھا ديانتداري چئبي آھي.
    مٿئين ڳالهه سان گڏ ھتي افسوس ان جي ابتڙ ڳالهه جو به ڪجي ٿو ته پنهنجي حياتيءَ جو وڏو عرصو جنهن شخصيت لاءِ تحقيقي ڪم ڪيائين، وستيون واهڻ ڀڄ ڊڪ ڪيائين، انهيءَ سندس قدر نه ڪيو ۽ شيخ اسماعيل جي محنت پنهنجي نالي ۾ شايع ڪرائيندو رهيو ۽ نالو ڪمائيندو رهيو.
    شيخ اسماعيل لطيفيات تي تمام گهڻو ڪم ڪيو جنهن جي اعتراف ۾ سندس وفات واري سال ثقافت کاتي پاران لطيف ايوارڊ کيس مليو جيڪو سندس ويجھي دوست، نامياري عالم ممتاز مرزا جي پٽ سجاد مرزا وصول ڪيو هو. مرحوم شيخ محمد اسماعيل جي زندگيءَ ۾ ڪجهه شخصيتون نهايت قريب رهيون. ممتاز مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ حميد آخوند انهن ۾ خاص ھئا، جڏهن ته محمد حسين ڪاشف، محمد يعقوب ميمڻ، عبدالڪريم سنديلو، ولي محمد طاهر زادو، حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقيوم صائب سميت هڪ ڊگهو حلقو آهي قلمڪارن جو جيڪو کيس قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسندو هو. شيخ اسماعيل مرحوم جي پنهنجي ڪم سان مخلص ۽ ديانتدار رهڻ هن جي خوبي هئي ۽ اهو ئي هن جي ڪاميابي جو راز هو.
    مطالعي ۾ تمام گهڻو شوق رکندو هو، اسٽالن تي نوان ڪتاب ڏسندو رهندو هو ته ڪيتري به ڳري قيمت وارا هجن هو خريد ڪندو هو، پاڻ پڙهندو هو ۽ ٻين کي به پڙهائيندو هو. ڪيترائي قيمتي ڪتاب پاڻ پڙهڻ بعد مطالعي جي دلچسپي رکندڙ دوستن ۽ واسطيدارن کي ڏئي ڇڏيندو هو. شيخ صاحب مرحوم تمام مصروف ماڻهو هوندو هو، صبح اٺين وڳي کان رات نوين وڳي تائين اسڪول ۽ پوءِ سنڌي ڊڪشنري آفيس يا ڪنهن تحقيقي ڪم سانگي سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ هليو ويندو هو. 1986ع ۾ ريٽائرمينٽ کانپوءِ پورو وقت ئي سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ پروجيڪٽ ۾ رڌل رهندو هو. مطالعو اڪثر رات جو ڪندو هو، پڙهندي پڙهندي مرحوم کي آڌي رات ٿي ويندي هئي. هو هر علمي ۽ ادبي موضوع جا ڪتاب پڙهندو هو، سياسي ڪتابن جو پڻ وڏو ذخيرو گڏ ڪيل هئس، ادبي ذوق رکندڙن کي خوشيءَ سان ڪتاب ڏئي ڇڏيندو هو. مزاج ۾ ڪو ورلي چڙ ايندي هئس نه ته کل مذاق ۾ وقت گذارڻ جو عادي هو. ڪچهري ۾ ڳجهارتون، تاريخ جون ڳالهيون، علمي ڄاڻ، سياسي تجزيه اهڙي دلچسپي سان ڪندو هو جو ٻڌندڙ کي ڪچهري ختم ڪرڻ لاءِ جيءُ نه چاهيندو هو. ننڍي توڙي وڏي ڄمار واري کي برابر عزت ڏيندو هو. جهڙو پٽيوالي يا مالهيءَ سان قربائتو ٿي ڳالهائيندو هو تهڙو ڪنهن امير وزير سان به رويو رهندو هئس. پنهنجي خاندان جو وڏو هو ۽ وڏو ٿي ڏيکاريائين.

    سندس وفات کانپوءِ اهڙي رهبري ڪنهن ڪونه ڪئي، خاندان جي سڀني گهرن جي حالتن کان باخبر رهڻ ۽ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي وڏي خوبي هوندي هئس. ڪيترن گهرن جي خاموشيءَ سان ڪفالت به ڪيائين جيڪا خبر سندس وفات تي پئي ته ڏکي وقت ۾ راشن ۽ خرچ پکو مرحوم ڏئي دعائون وٺندو هو. ائين نه صرف پنهنجن پر ڌارين سان به سلسلو رهيس. شيخ صاحب جي مزاج ۽ طبيعت ۾ ايثار ۽ قرباني جو عنصر نمايان هو، هن پنهنجي سڄي زندگي ٻين جي ڪتب اچڻ ۾ گذاريائين. والدين جي انتقال کانپوءِ پنهنجي گهر جي ذميواري کنيائين، هر هڪ گهر ڀاتيءَ کي پڙهائي نوڪرين تائين لڳائڻ جو بار به سندس ڪلهن تي هو، اهڙي ريت سڀني جون شاديون ڪرايائين ۽ پاڻ سڀني کان بعد ۾ ريٽائرمينٽ جي قريب اچي پهتو، تڏهن شادي ڪيائين. هن کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ شيخ ابراهيم، جيڪو ريڊيو پاڪستان جو پروگرام مئنيجر هو، جي انتقال تي تمام گهڻو ڏک پهتو هو. سندس دوست ممتاز مرزا جي وڇوڙي تي پڻ شديد رنج مليو ھئس. اهي ٻئي وفاتون هڪڙي ئي سال 1996ع ۾ ٿيون ۽ ان کانپوءِ ٻنهي دل جي قريب ماڻهن جي جدائي وارو خال هن کي به اندر ۾ کائيندو رهيو جيتوڻيڪ ملندڙ ماڻهو ان جو اندازو نه لڳائي سگهندا هئا.

    2003ع ۾ شيخ اسماعيل جي طبيعت خراب رھڻ لڳي. جگر تي سوڄ ۽ لڳاتار بخار هن کي ڪمزور بڻائيندو ويو، اهڙي حالت ۾ سندس نياڻي ۽ مهراڻ اسڪول حيدرآباد جي اڳوڻي هيڊ مسٽريس جنهن کي حيدرآباد جون نياڻيون آپا زمرد جي نالي سان سڃاڻين، اها ۽ سندس اولاد کيس ڪم آيو. پنهنجي ڏوهٽي جنيد ڏاهريءَ کي تمام گهڻو ڀائيندو هو، ڪٿي به وڃڻو هوندو هئس ته جنيد ڏاهري کي ساڻ ڪندو هو، سندس ننڍي ڀيڻ زيد اي شيخ پڻ ڀاءُ جي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ دم دم گڏ رهي. وقت سان گڏ طبيعت وڌيڪ بگڙجندي رهيس ۽ هو پنهنجي سالگرهه جي ٻئي ڏينهن 22 جنوري 2004ع تي انتقال ڪري ويو، سندس قبر ٽنڊي آغا جي قديم قبرستان ۾ گهر کان ٿورو فاصلي تي ۽ ممتاز مرزا جي قبر جي ويجهي آهي.

  • عبدالله ڪڇي گائڪ

    عبدالله ڪڇي گائڪ

    عبدالله ڪڇي گائڪ

    WhatsApp Image 2020 09 20 at 4.07.11 PM عبد ﷲ پنهور، فيبروري 1937ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو. سندس پيءُ حاجي سليمان يڪتاري ۽ گهڙي تي ڳائيندو هو. ننڍپڻ ۾ ڪراچيءَ جي وسندي لياريءَ ۾ اچي رهيا. عبدﷲ پنهور کڏي مدرسي جامعه مظهرالعلوم مان مئٽرڪ پاس ڪري استاد پيشي سان وابسته رهيو. ڳائڻ جي شوق ڪري ماستريءَ جي نوڪري ڇڏي ڏنائين، پوءِ مختلف خانگي ادارن ۾ مزدوري ڪندو رهيو.
    عبدالله پنهور سنڌيءَ کان سواءِ بلوچي، اردو، سرائيڪي ۽ گجراتي ٻولين ۾ به ڪلام ڳايا آهن. سندس ڳايل نغمن ۽ ڪلامن جو انگ هزارن ۾ آهي. ڪو وقت هو جڏهن ماڻهو شاديءَ جون تاريخون عبدﷲ پنهور کان پڇي پوءِ ٻڌندا هئا، ڇو ته هو ايترو ته مصروف رهندو هو، جو هن وٽ ٻن ٻن مهينن تائين محفلون بڪ هونديون هيون.
    هن مشهور گائڪ 19 سيپٽمبر 2020 تي وفات ڪئي

  • نور محمد لاکير

    نور محمد لاکير

    نور محمد هاء اسڪول حيدرآباد جي باني نور محمد لاکير جو جنم ڏينهن آهي
    نور محمد لاکير (1845ﻉ – 1937ﻉ) ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺳﭽﻮ ﺳﭙﻮﺕ ۽ ﻫﻤﺪﺭﺩ، ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻭﻟﺪ ﻣﻴﺎﻥ ﻣﺤﻤﺪ ﺳﺠﺎﻭﻝ ﻻﮐﻴﺮ، ﺗﻌﻠﻘﻲ ڏﻭڪرﻱ, ﻻڙڪاﮢﻮ ﺟﻲ ﮘﻮﭞ چڪرو ۾ 21 ﺷﻌﺒﺎﻥ 1261 ﻫﻪ ﻣﻄﺎﺑﻖ 16 سيپٽمبر 1845ع ﺗﻲ ﺗﻮﻟﺪ پيدا ﭤﻴﻮ. ﺳﻨﺪﺱ ﻭﺍﻟﺪ ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﻫﻮ؛ جيڪو نوڪري ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺗﻌﻠﻘﻲ ڪڪڙ ﺟﻲ ﮘﻮﭞ ”ﺟﻤﻌﻮ ﻻﮐﻴﺮ “ ۾ ﻟڏﻭ ﻻﻫﻲ ﻭﭸﻲ ﻭﻳﭡﻮ. ﻧﻬﺎﻳﺖ ﺑﺎﻭﻗﺎﺭ ۽ ﺳﭽﻮ ﺳﻨﮅﻱ ﻣﺴﻠﻤﺎﻥ ﻫﻮ. ﭘﻴﻨﺸﻦ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﺑﻌﺪ کانپوءِ، ﺯﻣﻴﻦ ﺟﻮ ٽڪرو ﻭﭠﻲ، ﺑﺎﻗﻲ ﺣﻴﺎﺗﻲ ﺍﺗﻲ ﺋﻲ ﮔﺬﺍﺭﻳﺎﺋﻴﻦ. ﮐﻴﺲ ٽي ﭘٽ ﻫﺌﺎ، ﺟﻦ ﻣﺎﻥ ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﺫﻫﻴﻦ ﻫﻮ؛ ﺟﻨﻬﻦ ڪري ﮐﻴﺲ ﭘڙﻫﮡ ﻻﺀِ ﭘﻬﺮﻳﺎﺋﻴﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻈﺮ ﻫﻴﭟ ﺁﻧﺪﺍﺋﻴﻦ. ﺟﺘﺎﻥ ﭼﺎﺭ ﺩﺭﺟﺎ ﺳﻨﮅﻱ ﭘﺎﺱ ڪرائي، ﺳﻨﮅ ﻣﺪﺭﺳﺔ ﺍﻻﺳﻼﻡ ڪراچيﺀَ ۾ مئٽرڪ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘڙﻫﺎﻳﺎﺋﻴﻨﺲ. ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻳﻌﻘﻮﺏ ﺟﻲ ﺫﺍﺗﻲ ﺩﻟﭽﺴﭙﻲﺀَ ﺳﺎﻥ، ” ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﻣﺮﺍﺩ اسڪالرﺷﭗ “ ﻭﭠﻲ ﻋﻠﻴﮙڙﻫﻪ ﻣﺎﻥ ﺑﻲ – ﺍﻱ ۽ پوءِ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺟﻲ ﺳﻨد (LL.B) ﻭﭠﻲ، ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺩﮐﻦ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻭﺳﺖ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﻋﻠﻲ ﺑﻴﮓ ﺳﺎﻥ ﮔڏﺟﻲ وڪالت ﺷﺮﻭﻉ ڪياﺋﻴﻦ. ﭔﻪ ﺷﺎﺩﻳﻮﻥ ڪياﺋﻴﻦ، ﭘﺮ ﭘﮁﺎڙﻱﺀَ ﺗﺎﺋﻴﻦ پٽيلو ﺍﻭﻻﺩ ڪو ﻧﻪ ﭤﻴﺲ. ﮐﻴﺲ ﺩﮐﻨﻲ ﺁﺏ ﻫﻮﺍ ﭜﺎﻥﺀِ ﻧﻪ ﭘﺌﻲ؛ ﺟﻨﻬﻦ ڪري ڪجه ﻭﻗﺖ کانپوءِ ﻭﺍﭘﺲ ﻭﻃﻦ ﻭﺭﻳﻮ؛ ۽ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﺭﻳﺎﺳﺖ ۾ ﺟﺞ ﻣﻘﺮﺭ ﭤﻴﻮ. ﻋﻬﺪﻭ ﺗﻪ ﻭڏﻭ ﻣﻠﻴﺲ، پر ﺳﻨﺪﺱ ﻃﺒﻴﻌﺖ سرڪاري ﻣﻼﺯﻣﺖ ۾ ﻧﻪ ﻟﮙﻲ. ﭘﻮﺀِ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ وڪالت ﮐﻲ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪي ﭘﻴﺸﻮ ﺑﮣﺎﻳﺎﺋﻴﻦ. ﻣﺤﻨﺖ ۽ ﺍﻭﺭﭼﺎﺋﻲﺀَ ﺳﺎﻥ ﺧﻮﺏ ﻧﺎﻟﻮ ڪڍﻳﺎﺋﻴﻦ. ﺳﻨﺪﺱ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﻏﺮﻳﺒﻦ ﺟﻲ ﻭﺍﻫﺮ ڪرڻ ۽ ﻣﺴﻠﻤﺎﻥ ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻻﺀِ ﺁﺗﻲ ﻫﺌﻲ. ﻭﻳﺘﺮ ﺁﻧﺮﺑﻞ ﺭﺋﻴﺲ ﻏﻼﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ ﭜﺮﮘڙﻱ (1878 ﻉ – 1924 ﻉ ) ﺟﻬڙﻱ ﻣﺨﻠﺺ ﺟﻮ ﺳﺎﭢ ﻣﻠﻴﻮ؛ ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﺧﺪﻣﺘﻦ ۾ ﻧﻤﺎﻳﺎﻥ ڪاﻣﻴﺎﺑﻲ ﺣﺎﺻﻞ ڪياﺋﻴﻦ. ﻧﺘﻴﺠﻮ ﺍﻫﻮ نڪتو، ﺟﻮ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ, ﺳﻨﮅ ﺟﻬڙﻱ ﻣﺮڪزﻱ ﺷﻬﺮ ۾، 1924 ﻉ ۾ ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻫﺎﺀِ اسڪوﻝ ۽ 1925 ﻉ ۾ هاسٽل ﻗﺎﺋﻢ ڪرﻱ ﻭﺭﺗﺎﺋﻴﻦ. ﭘﻮﺀِ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺫﺍﺗﻲ ﻣﻔﺎﺩﻥ ﮐﻲ ﭘﺎﺳﻴﺮﻭ ﺭﮐﻲ ﻫﻦ ﺧﻴﺮ ﺟﻲ ڪم ۾ ﺭﺍت ڏينهن ﺭﮄﻝ ﺭﻫﻴﻮ. ﻣﺴﻠﻤﺎﻥ ﺷﺎﮔﺮﺩﻥ ﮐﻲ، ﺳﺮﻧﺪﻱﺀَ ﻭﺍﺭﻥ ﮐﺎﻥ اسڪاﻟﺮﺷﭙﻮﻥ ﺑﻪ ﻭﭠﻲ ڏﻧﺎﺋﻴﻦ. ﭘﺎﮠ ﺟﺘﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﻲ ﻣﻴﺪﺍﻥ ۾ ﺍﻳﺘﺮﻱ ﻗﺪﺭﺳﺮﮔﺮﻡ ﭘﺌﻲ ﻧﻈﺮ ﺁﻳﻮ، ﺍﺗﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﮐﺎﻥ ﻗﻮﻣﻲ ﺧﺪﻣﺘﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ اوليت ڏﻳﻨﺪﻭ ﺁﻳﻮ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾، 1923 ﻉ ۾ ﺑﻤﺒﺌﻲ ڪاﺋﻮﻧﺴﻞ ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﺑﻪ چونڊيو ويو. ﺳﻨﺪﺱ ﺍﻫﺎ ﺁﺧﺮﻱ اِڇا يا مرضي ﻫﺌﻲ، ﺗﻪ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺷﻬﺮ ۾ ”ﻣﺴﻠﻢ يونيورسٽي“ ﻗﺎﺋﻢ ڪرﺍﻳﺎﻥ. پر ﺍﻓﺴﻮﺱ ﺟﻮ ﺣﻴﺎﺗﻲﺀَ ﺑﻘﺎﺀُ ﻧﻪ ڏﻧﺲ؛ ﺟﻨﻬﻦ ڪرﻱ 3 ﺫﻭﺍﻟﻘﻌﺪ 1356 ﻫﻪ ﻣﻄﺎﺑﻖ 22 ﺁﮔﺴﺖ 1937ﻉ ﺗﻲ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ ﺋﻲ ﻭﻓﺎﺕ ڪياﺋﻴﻦ. ﻭﺻﻴﺖ ﻣﻮﺟﺐ ﮐﻴﺲ ﻣﺴﻠﻢ هاسٽل ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

  • پير بخش پياسي

    پير بخش پياسي

    پير بخش پياسي

    WhatsApp Image 2020 09 15 at 5.14.20 PM1پير بخش پياسي ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ حسين خان لغاري ۾ 1942ع ۾ جنم ورتو. 1948ع ۾ سندس خاندان لڏي اچي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن ابتدائي تعليم ٽنڊو محمد خان شهر ۾ حاصل ڪئي ، سنڌي فائنل پاس ڪري 1959ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو.ڪتابن جي مطالعي واري شوق کيس ادبي دنيا ۾ پير پائڻ تي مجبور ڪيو ۽ سندس تخليقون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳيون . 1964ع ۾ ميرپور بٺورو ٽريننگ اسڪول مان ايس . وي جو امتحان پاس ڪري ، 1966ع ۾ پرائيويٽ شاگرد طور مئٽرڪ ڪيائين.جنهن کان پوءِ هن 1970ع ۾ بي .اي ، 1971ع ۾ بي .ايڊ ۽ 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم . اي سنڌي جو امتحان پاس ڪيو. سنڌي فائنل کانپوءِ هن سمورا امتحان پرائيويٽ شاگرد طور ڏنا. ڪجهه عرصي لاءِ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر مقرر ٿيو ، جنهن بعد ۾ 1976ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وسيلي ليڪچرار جو امتحان پاس ڪري سنڌي جو ليڪچرار مقرر ٿيو ، سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي ، ترقي ڪري ايسوسيئيٽ پروفيسر بڻيو ، جنهن عهدي تان 2002ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. سنڌي ادبي سنگت ، اداره سنڌي ترقي، اداره روشن ادب ، اداره گلشن ادب سميت ڪيترن ئي ادبي، ثقافتي، سماجي ۽ علمي ادارن سان سلهاڙيل رهيو. سندس ڪوششن سان آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ادبي لائبريريون قائم ٿيون. شاعري ۾ سندس استاد پروانو ڀٽي هو . پير بخش پياسي جا بيت، غزل ، وايون ۽ آزاد نظم فطرت جا حقيقي رنگ چٽين ٿا. هو فطرتي حُسن ۽ خوبصورتي جو قائل شاعر رهيو , 2018ع ۾ سندس شاعري جو مجموعو “ڪڪر منجهه ڪپار ” ڇپجي پڌرو ٿيو.
    سنڌي ٻولي , علم ۽ ادب جو هي جاکوڙي ڪردار 15 سيپٽمبر 2020ع بروز اڱاري تي اسان کان هميشه لاء وڇڙي ويو .

  • ھيري دلگير

    ھيري دلگير

    ھيري دلگير

    HARI DILGIRWhatsApp Image 2020 09 15 at 7.29.02 AM
    AN EMINENT AND ACCOMPLISHED POET
    and founder principal Of Tolani Foundation Gandhidham PolytechnicLate Shri Hari DaryaniHARI DILGIR AN EMINENT AND ACCOMPLISHED POET (6 photos)
    Hari Gurdinomal Daryani
    ‘Hari Dilgir’

    Hari Gurdinomal Daryani ‘Hari Dilgir’ date of Birth 15-6-1916 Place of Birth Larkana, Sind (Pakistan) He was an eminent and accomplished poet. He was the master of poetic technique and prosody, which he picked up from NawazAli Jaffery ‘Niyaz’. He came under the influence of Kavi Kishinchand ‘Bewas’, and learnt the sweetness and beauty of Sindhi language. He had a positive attitude. He was a poet of hope and staunch optimist. The essential aspects of his poetry are : naturalness, spontaneous flow of expression, flight of thought & depth of meaning in simple and sweet words.
    As Founder principal Shri Hari Daryani
    Maitri Mandal’s Gandhidham Civil Engineering Institute, offering three year diploma course in civil engineering, this was under the guidance and leader ship of founder principa

  • غلام شبير سمون (گلوڪار ۽ موسيقار)

    غلام شبير سمون (گلوڪار ۽ موسيقار)

     غلام شبير سمون (گلوڪار ۽ موسيقار)
    انٽرويو: ساقي ابڙو

    WhatsApp Image 2020 09 11 at 1.19.25 PM(((اسين رتي جا ماڻهو)))
    سلسلو: فيسبوڪ انٽرويوز
    ڪردار: خانصاحب غلام شبير سمون (گلوڪار ۽ موسيقار)
    انٽرويو: ساقي ابڙو (سيڪريٽري: س۔ا۔س رتوديرو)
    ااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا

    خانصاحب غلام شبير سمون ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي۔ هو خوبصورت ۽ سريلو فنڪار ۽ زبردست موسيقار آهي فن موسيقي جي حوالي سان سنڌ ۽ پاڪستان سميت ڏيساور ملڪن ۾ به معروف ۽ مقبول آهي۔ غلام شبير سمون خانصاحب استاد خان محمد سمون جي گهر ۾ پهرين جنوري 1967ع ۾ ڳوٺ ڇَتو منگي ۾ جنم ورتو جيڪو تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ واقع آهي۔ غلام شبير سمون جو والد صاحب خان محمد سمون پڻ ”شھنائي“ جو ”خانصاب“ استاد هو جيڪو پڻ سڄي سنڌ ۾ خانصاب شھنائي نواز طور مشھور هو۔ غلام شبير سمون ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ شروع ڪيو ۽ موسيقي جي باقائده سکيا ”خانصاحب“ گلزار علي خان کان ورتي ۽ ايتري محنت۔ جاکوڙ ۽ جفاڪشي ڪئي جو سندس استاد ئي کيس ”خانصاحب“ جو خطاب ۽ لقب عطا ڪيو يقينن غلام شبير سمون واحد گلوڪار آهي جنهنکي مڃتا طور پنهنجي ئي استاد ”خانصاحب“ جو لقب عطا ڪيو جيڪو سندس لاء وڏو اعزاز پڻ آهي۔ خانصاحب غلام شبير سمون پنهنجي استاد خانصاحب گلزار علي خان جي نالي سان رتوديرو ۾ هڪ آرٽ ۽ ميوزڪ ڪلب جو بنياد وڌو ۽ 30 سالن کان وٺي فن جي خدمت ڪندو پيو اچي ان عرصي دوران هن ڪيترائي اهڙا ڀلوڙ شاگرد پيدا ڪيا جن وڏو نالو ڪمايو ۽ پنهنجي استاد جو به نانءُ به روشن ڪيو جن ۾ مرحوم مريد عباس۔ طاهر عباس۔ سعيد حيدر۔ محسن عباس۔ عرفان حيدر ۽ ٻيا شامل آهن۔ خانصاحب غلام شبير سمون سون جي تعداد ۾ البم رڪارڊ ڪريا ۽ هزارن جي تعداد ۾ ڪلام ڳايا جن جون ”فوڪ ڌنون“ پاڻ ئي ٺاهيندو هو۔ هن رومانوي شاعري توڙي ڌرتي جا قومي گيت ته غضب جا ڳايا پر پنهنجي درديلي آواز ۾ هو ڪربلا جي قضئي تي سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ رعقت آميز نوحه خواني ڪري هڪ يگاني نوحه خوان طور به اڀريو ۽ محرم الحرام جو سڄو عشرو رتيديري جي مرڪزي امام بارگاه وڏو علم ميدان تي نوحه خواني ڪندو رهيو آهي جيڪو سلسلو اڃان به جاري آهي اڄ به عزادارانِ حسين کي سندس البم جو شدت سان انتظار رهندو آهي۔ خانصاحب غلام شبير سمون جن ڇتو منگي مان هجرت ڪري ڪافي عرصو منهنجي اباڻي ڳوٺ علي بيگ خان ڪوڏراڻي ۾ اچي آباد ٿيا جتان پوء رتوديرو شھر لڏي ويا۔ توڙي جو هن وقت هو لاڙڪاڻي جي رحمت پور محلي ۾ مقيم آهي پر ان جي باوجود به هن رتوديرو واسين سان ناتو ناهي ٽوڙيو ۽ نه ئي نوحه خواني جو سلسلو بند ڪيو آهي۔ يقينن الاهي ساريون ڳالهيون هن مختصر تعارفي سٽن ۾ رهجي ويون آهن جيڪي ايندڙ مقالي ۽ مضمون ۾ ضرور شامل ڪندس۔ ”اسين رتي جا ماڻهو“ جي تاريخي سلسلي ”فيسبوڪ انٽرويوز“ ۾ سندس انٽرويو سندس پرستارن ۽ پڙهن لاء حاضر آهي اميد ته پسند ايندو ۽ پڙهي پنهنجي راء کان ضرور آگاه ڪندا۔
    (سٽون: ساقي ابڙو)
    اااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا

    1-مختصر تعارف (نالو, ولديت, ذات ۽ ڄم تاريخ)
    *بابا سائين منهنجو نالو غلام شبير سمون ولد خان محمد سمون آهي ذات سمون ۽ ڄمڻ جي تاريخ 1 جنوري 1967ع آهي

    2-جنم ڀومي ۽ موجوده رهائش
    *منهنجي جنم ڀومي ڳوٺ ڇَتو منگي تعلقو ڳڙهي ياسين ضلعو شڪارپور آهي جيڪا تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي

    3-تعليم
    *سائين منهنجي تعليم بي۔اي آهي

    4-پروفيشنل ڊگري
    *پروفيشنل ڊگري نه آهي

    5-مھارت اگر آهي ته
    *گلوڪار آهيان ته ظاهر آهي ڳائڻ وڄائڻ ۾ ئي مهارت آهي ٻيو موسيقار جي حيثيت ۾ فوڪ ڌنون ٺاهڻ ۾ مهارت رکان ٿو

    6-ڪرت, پيشو يا ذريعه معاش
    *پيارا ڪرت پيشو ۽ ذريعه معاش صرف گلوڪاري ئي آهي ٻيو ته اسان کي نه ٻني ٻارو آ نه ئي ڌنڌو ڪاروبار

    7-سڃاڻپ جو حوالو
    گلوڪار ۽ موسيقار

    8-شعبو
    موسيقي

    9-وابستگي
    *آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو سان وابسته آهيان

    10-ڪيريئر جي شروعات
    *تمام ننڍي عمر کان وٺي ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ خانصاحب استاد گلزار علي خان کان راڳ جي مڪمل سکيا ورتي

    11-شعبي جي چونڊ جو مقصد
    *بس تمام گهڻو شوق هو ڳائڻ جو اڄ به عشق آهي موسيقي سان

    12-پنهنجي شعبي ۾ ڪيل ڪارگذارين جو مختصر ذڪر جيڪي ڳڻائڻ جهڙيون هجن
    *سوين البم رڪارڊ ڪرايا ۽ ھزارين ڪلام ڳايا اٿم جن ۾ عشقيه شاعري۔ نوحه ۽ قصيده شامل آهن۔ منهنجا نوحه ته سنڌ ۽ پاڪستان کان علاوه ٻاهرين ملڪن ۾ به ٻُڌا ويندا آهن

    13-تعليم اوهانجي نظر ۾
    *سائين تعليم سڃاڻپ آهي ماڻهو جي پوء اها دنياوي هجي ديني هجي يا اسان جي موسيقي

    14-سياست اوهانجي نظر ۾
    *يار سياست جي باري ۾ ته نه پُڇ۔ اڄ جي سياستدانن ايڏو ته سياست کي بدنام ڪيو آهي جو سياست هاڻي دوکو بڻجي وئي آھي اها خدمت واري سياست ته رهي ناهي

    15-سماجيات اوهانجي نظر ۾
    *انسانن جي ڀلائي۔ سماج جي بهتري

    16-صحافت اوهانجي نظر
    *صحافت بي آوازن جو آواز آهي پر اڄڪلھ جي صحافت ته اوهان پاڻ ڏسو ٿا

    17-ادب اوهانجي نظر ۾
    *ادب ئي ته ماڻهو کي انسان ٿو ڪري ادب زندگي آهي سائين

    18-شاگرد سياست اوهانجي نظر ۾
    *سياست به ضروري آهي پر شاگردن کي تعليم طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي

    19-ڪتاب ۽ مطالعو اوهانجي نظر ۾
    *اڄ جي دور ۾ جتي ماڻهو ماڻهو جو دشمن لڳو پيو آهي اتي ڪتاب ئي سٺا دوست آهن انهن جو مطالعو ظرف عطا ڪري ٿو

    20-ڪھڙي قسم جا ڪتاب پڙهڻ پسند ڪندا آهيو
    *گهڻو وقت موسيقي کي ڏيندو رهيو آهيان پر سٺا ڪتاب به ڪڏهن ڪڏهن پڙهندو آهيان جن ۾ شاعري موسيقي اسلامي تاريخ جا ڪتاب شامل آهن

    21-اڄ جي نوجوان مان ڪيترو مطمعن آهيو
    *ٿورن نوجوانن کانسواء گهڻي قدر نوجوان سست ۽ ڪاهل آهن اڄ جو نوجوان محنت گهٽ ٿو ڪري

    22-پسنديده شخصيت
    *امڙ۔ امڙ جي شخصيت پسند آهي جيڪا خدا جو ٻيو روپ آهي

    23-پسنديده سياستدان
    *شھيد ڀٽو۔ شھيد راڻي ۽ شھيد بشير خان قريشي

    24-پسنديده اديب ۽ شاعر
    *شاعرن ۾ لطيف سرڪار۔ استاد بخاري۔ تبسم صاحب۔ مدهوش ڀٽو ۽ ساقي ابڙو اديبن ۾ ڊاڪٽر بلوچ ۽ سائين ابراهيم جويو

    25-رتوديرو شھر جو ماضي, *حال ۽ مستقبل اوهانجي نظر ۾
    رتوديرو ماضي ۾ ته ڏاڍو سهڻو ۽ صاف سٿرو هوندو هو ماڻهن جي پاڻ ۾ محبت ۽ ٻڌي هوندي هئي پر هاڻي اهي رونقون ناهن ۽ نه ني امن آهي رڳو جهيڙا ئي جهيڙا آهن مولا ڪري هن شھر مستقبل ڀلو ٿئي

    26-پنهنجي شھر رتوديرو لاء ڇا ٿا چاهيو
    *منهنجي دل چوندي آ ته شھر صاف سٿرو هجي شھرين جي پاڻ ۾ ٻڌي هجي جهيڙا جهٽا نه هجن ۽ امن هجي باقي ٻين مسئلن کي منهن ڏئي وڃبو

    27-اوهانجي نظر ۾ رتوديرو جو وڏي ۾ وڏو مسئلو
    *ساقي صاحب مسئلا ته گهڻا آهن پر وڏو مسئلو بدامني جو آ۔ امن هوندو ته سڪون هوندو نه

    28-رتيديري شھر جي اجتمائي *مسئلن جي حل لاء ڪا تجويز
    هر مسئلي جو حل شھرين جي ٻڌي ۾ آهي

    29-جيڪڏهن شھر جا چيئرمين ٿيو ته ڇا ڪندئو
    *چيئرمين ٿيس ته ٻيو ڪجھ ڪيان نه ڪيان شھر کي صاف سٿرو ضرور رکندس ۽ ٻيو ته فنڪارن ۽ سازندن لاء هڪ ادارو به جوڙيندس

    30-ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندا
    *پيغام ساقي سائين اسان فنڪار ماڻهو سدائين پيار محبت جو پيغام ڏينداسين ته نفرتون ختم ڪيو پاڻ ۾ محبت سان رهو ۽ هڪٻئي جي مدد ڪيو ان ۾ الله به راضي ته پنجتن پاڪ به راضي۔