Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • جڳديش لڇاڻي

    جڳديش لڇاڻي

    جڳديش لڇاڻي

    4 ڊسمبر 1939: جنم تاريخ


    IMG 20231204 WA0019ھند سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ، نقاد، ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، ناٽڪ نويس جڳديش ويڀراج لڇاڻي المعروف جڳديش لڇاڻي 4 ڊسمبر 1939ع تي پير جي ڳوٺ سنڌ ۾ جنم ورتو، ورھاڱي کان پوءِ خاندان سان گڏ انڊيا ھليو ويو، ھن سنڌي ادب ۽ ھندي ادب ۾ ماسٽرس ڪيون، ان کان پوءِ ايم فل ڪئي، جڳديش لڇاڻي وڏو عرصو ڪاليج آف آرٽس، سائنس اينڊ ڪامرس الهاس ننگر سان لاڳاپيل رهيو، جگديش لڇاڻي سنڌي ٻوليءَ سان گڏ انگریزي ۽ ھندي ٻولين ۾ لکيو آهي، سندس مختلف صنفن جي تصنیفن ۾: خاموش زندگي، ادبي شناس، سِڌا ردل جي ڪشمڪش جو چتر، هڪ تصوير ٻه پاسا (ڪهاڻيون)، سنڌي ادب جي روپ ريکا، اصول ۽ آلوچنا، نئون ساهت، ساهت سروپ، اپبياس ۽ سنڌي اپبياس، شاهه ۽ صوفي مت، ساهت جي پرک، سنڌي ڪهاڻي جي اوسر، ادبي تصويرون (ريڊيو ناٽڪ ۽ ادبي خاڪا) وغيره مشهور آهن، جڏهن ته سندس لکيل ٽيلي اسڪرپٽس ۾: جوڳي جادو لائي ويا (رام پنجواڻي جي زندگي تي ٽيلي اسڪرپٽ)، پوڦٽي- پوپٽي (پوپٽي هيراننداڻيءَ جي جيون، رچنائن ۽ خيالن جي آڌارت ٽيلي اسڪرپٽ)، کريو نه تنهن جو کير (سنت ڪنور رام، جھولي لال ۽ هيمون ڪالاڻيءَ جي حياتي تي ٽيلي اسڪرپٽ)، جل ۽ جوتين وارو (جھولي لال جو جيون چرتر)، نيڻين ننڊ حرام (شاهه لطيف جي حياتي، ڪلام ۽ تخليقي تصور جي آڌارت ٽيلي اسڪرپٽ)، هي ڪوئي کسي نه سگھندو (ريڊيو فلم ناٽڪ)، ڏات ۽ ڏانءُ (ايم ڪمل جي شخصيت ۽ ادبي ڪم جو جائزو)، ڏور به اوڏا سپرين (شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ تاجل بيوس تي وڊيو فلم اسڪرپٽ) وغيره شامل آهن، ٻارڙن لاءِ لکيل مواد ۾: جھرڪيءَ لڌو ٽڪو، روپ نگر جي راجڪماري، گلن ڦلن جي راڻي، ڪُني آندي ڪنوار، هڪڙو هو ڏاهري، گنگا گيان، ملي ڪبو مقابلو، لال هيري جي ڳولا، وگيان جون آکاڻيون وغيره شامل آهن

  • غلام علي لغاري المعروف نسيم بلوچ

    غلام علي لغاري المعروف نسيم بلوچ

    نسیم بلوچ

    3دسمبر 1969: جنم تاریخ


    IMG 20231203 WA0074سنڌ جي مشهور شاعر غلام علي لغاري المعروف نسيم بلوچ 3 ڊسمبر 1969ع تي باکڙو ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو، ھن ابتدائي تعلیم پرائمري اسڪول ڳوٺ مولوي خير محمد مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ مئٽرڪ، انٽر، شارٽ ھينڊ ۽ ٽائيپنگ جا ڪورس ڪيا، ان کان پوءِ ڪمرشل ٽريننگ سينٽر کپرو ۾ جونيئر ڪلارڪ مقرر ٿيو، ترقي ڪري سينيئر ڪلارڪ ۽ اسسٽنٽ ٿيو، نسيم بلوچ جو شمار سنڌ جي بھترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو، ھن سنجيده شاعري سان گڏ مزاحيه شاعري به ڪئي آهي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ مرڪ مھانگي نه ٿئي، خوابن جو لانگ مارچ، مان، موکي ۽ مڪلي شامل آهن.. 

  • ڪيپٽن محمد يوسف شيخ

    ڪيپٽن محمد يوسف شيخ

      ڪيپٽن محمد يوسف شيخ
     
    ۳ ڊسمبر مرحوم پروفيسر محمد يوسف شيخ جي ٽين ورسي آهي ان موقعي تی ڀيٽا


      IMG 20231203 WA0065  سنڌ جو مايه ناز فرزند، تعليمي ماهر، بهترين منتظم، منهنجو اڌ صدي کان به پراڻو دوست محترم ڪيپٽن محمد يوسف شيخ اڄوڪي ڏهاڙي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
      ڪيپٽن محمد يوسف شيخ آرمي پبلڪ اسڪول ڇوڙ، پبلڪ اسڪول سکر، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو باني۽ پرنسپال، حيدرآباد پبلڪ اسڪول، گڏاپ پبلڪ اسڪول ۽ گرلز ڪيڊٽ ڪاليج نوابشاه جو پرنسپال رهي چڪو هو. مرڪزي حڪومت ۾  نگران وزير تعليم به رهيو. هو علم وادب ۾ دلچسپي وٺندو هو. شاگردي جي زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سيرت ڪميٽي جو روح روان هو. سندس ڪيئي ترجما ڇپيل آهن. انهن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي دوران شاگردن جا مخزن، شاھ لطيف تي مقالا. سندس سيد مودودي رح جي سيرت جي ڪتاب “سيرت سرور عالمﷺ” جو سنڌي ۾ ترجمو پڻ شامل آهي. هو حيدرآباد مان نڪرندڙ ماهوار “بيداري” جي مجلس ادارت ۾ پڻ شامل هو. ۱۹۷۰ع ۾ روزاني ٫ الوحيد٫ جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو.
       هو ٽي سال اڳ  10 نومبر 2020ع کان PNS Shifa ۾ ڪورونا جي  ڪري داخل هو، هڪ هفتي کان وينٽيليٽر تي هو. اڄوڪي ڏينهن هن مرض سان جهيڙيندي پنهنجو ساه ڌڻي در حوالي ڪيو.
    ساڻس منھنجي شناسائي ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿي.ھو پروفيسر جليل صاحب جو پيارو شاگرد ھو، پوءِ الوحيد پريس ۾ ڪچهريون ۽ سکر پبلڪ اسڪول جي دوران جڏهن مان سوئي کان ايندو ھوس.ھن سان گھرائپ اڃا وڌي جڏهن منھنجو وڏو فرزند معظم علي جنيد ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پڙھڻ ويو.
      مرحوم ماڻھن کي سخت مزاج لڳندو ھو پر ھو ھڪ اعلیٰ منتظم ھو.ھڪ ڀيري ۲۰۰۱ع ۾ مان جڏهن لاڙڪاڻي ڪيڊٽ ڪاليج ملڻ ويس ته زوري پنهنجي رھائش گاھ تي لنچ لاء وٺي ويو ،ان دوران ڪراچي کان بحريه ڪاليج جي ھڪ ٽيم ساڻس ملڻ آئي .کانئس سنڌ جي ڪنھن شھر ۾ ڪاليج کولڻ جي باري ۾ مشورو وٺڻ آيا، ان دوران مرحوم يوسف کين چيو ته بلڊنگ به توهان ٺاھي ويندا
    استاد بہ چڱيرڙا ملي ويندا ،پر پرنسپال جو چرياڻ ھجڻ لازمي آهي، ورنہ انتظامي معاملا ھلائڻ ڏکيو ڪم آهي.سچ پچ ته سائين ڏاھپ جي ڳالھ ڪئي ھئي.
        سندس لاڙڪاڻي ڪيڊٽ ڪاليج ڪاليج کي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ پرنسپال جي حيثيت ۾ ھڪ اعلیٰ تعليمي مرڪز بڻايو.مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو چوڻ ھو ته اتر سنڌ ۾ ٻه تعليمي ادارا سنڌ جا معياري ادارا آهن.ھڪ آئي بي اي سکر مرحوم نثار صديقي جو ۽ ٻيو لاڙڪاڻي جو ڪيڊٽ ڪاليج ڪيپٽن محمد يوسف شيخ جو.
    ھو انگريزي،سنڌي توڙي اردو  جي ادب جو گھڻ پڙھيو شخص ھو.رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي کيس جنت الفردوس عطا فرمائي آمين.

    ڊاڪٽر محمد علي محمدي
    پنوعاقل ۳ ڊسمبر ۲۰۲۳ع 

  • ممتاز مرزا

    ممتاز مرزا

     

     ممتاز مرزا

     

    29 نومبر 1939 یوم پیدائش


    IMG 20231129 WA00371سنڌ جي مشهور ليکڪ، ماھر ثقافت، محقق، ڪمپيئر ممتاز مرزا 29 نومبر 1939ع تي سنڌ جي مشهور شاعر احسن ڪربلائي جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو، جڏهن ته 6 جنوري 1997ع تي وفات ڪيائين، ممتاز مرزا جو اصل نالو مرزا توسل حسین ھو، ھن جو تعلق سنڌ جي مشهور علمي ادبي گهراڻي سان هو، ھن ئي خاندان سنڌي ادب جي جھوليء ۾ مرزا قلیچ بیگ، مرزا اجمل بیگ، مرزا ٻڍل بيگ، مرزا نصير بيگ وغیرہ جھڙا اديب ۽ دانشور وڌا، ممتاز مرزا جو والد مرزا گل حسن المعروف احسن ڪربلائي به وڏو شاعر هو، ممتاز مرزا پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات سنڌي ادبي بورڊ کان ڪئي، جتي کيس سنڌي اردو ۽ اردو سنڌي ڊڪشنري ۽ سنڌ جي لوڪ ادب جي سھيڙڻ جو ڪم ڏنو ويو، ان کان پوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن سان به لاڳاپيل رھيو، سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي سان لاڳاپيل رهيو، ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل رھيو، سندس ڪيل ڪمن ۾ شاہ عبداللطیف ڀٽائيءَ جي رسالي جي قدیم ترین نسخي گنج شريف کي نئين سر ترتيب ڏئي ڇپائڻ به آهي، ھن ڪيترين ئي فنڪارن کي متعارف ڪرايو، سڄي دنيا ۾ سنڌ جي ثقافتي وفدن جي اڳواڻي ڪئي، گنج کان سواءِ سندس ٻين ڇپيل ڪتابن ۾ سپريان سنڌي ڳالهڙي، سدا سوئيتا ڪاپڙي، وساریان نہ وسرن وغیرہ شامل آهن، کيس حڪومت پاڪستان پاران صدارتي تمغہ برائي حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو

     

     

  • خلیفو محمد امین پلی

    خلیفو محمد امین پلی
     
    4 نومبر : تاریخ وفات


    سنڌ جو مشهور ليکڪـ، شاعر، محقق خليفو محمد امين پلي 9 سيپٽمبر 1907ع تي پيدا ٿيو، ھن جو اصل نالو محمد قابل پلي درس ھو، ھن ڪا خاص تعليم حاصل نه ڪئي ھئي، پر تمام گهڻو ذھين ۽ ھوشيار ھو، پنھنجي منھن سنڌي، اردو پڙهڻ، لکڻ سکي ورتو، ھن ادب ۾ محمد هاشم “مخلص”، “خليق” مورائي، نور محمد نظاماڻي، مولانا دين محمد “وفائي” کان رھنمائي حاصل ڪئي، ھن ڪجهه وقت سياست به ڪئي، ھن تاريخ جو به وڏو مطالعو ڪيو، ھن پنهنجي گهر ۾ زبردست لائبريري قائم ڪئي، جنھن ۾ ناياب ڪتابن جو ذخيرو گڏ ڪيائين، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ديوان درس (شاعري)، فرس نامو (گهوڙن جي شناخت ۽ علاج بابت نظم)، فتح نامو اسلام (رزميه ڪلام)، واقعات عالم (قديم دور جا عجيب واقعا)، حيات جمال الدين، سوزِ سسئي (خليفي نبي بخش جي طرز تي لکيل)، اخلاق پسنديده (نصيحت آميز نڪتا)، يادگيريون (پنهنجون ۽ تر جي نامور ماڻهن جون يادگيريون)، چوڪون ۽ چهنڊڙيون، خلفاءِ غوثيه، پلي ذات جو اصل نسل، شاهنامه اسلام (منظوم سنڌي ترجمو)، هاشمي مهاجر، انشاءِ درس (خط) وغیرہ شامل آهن، ھن 4 نومبر 1957ع تي وفات ڪئي..
     
  • دادا ٺاڪُر چاولا

    دادا ٺاڪُر چاولا
     

    Dada Thakur Chawla
    birth 18-2-1931 Karachi sindh , Last day between us 12-12-2013 Mumbai,
    Significant Literary Achievements/ Contributions :
    As Writer :
    1) ‘Shadi Ji Pahrin Raat’ (First Wedding Night), Short Stories, 1995.
    2) ‘Aj Jun Kahanyun’ (Stories today), Short Stories, 2000.
    3) ‘Tun Sind Me Rahi Pau’ (You Stay In Sind), Travelogue, 2001.

    As Journalist :
    Editor ‘Sipoon’ (Oysters), Sindhi literary quarterly magazine.
    Editor ‘Hindvasi’ Sindhi Weekly Magazine.

    Recognition By Way of Awards / Honours :
    • Gold Medal for literary contributions, 1999 (At Mumbai by Dada Jashan Vaswani).
    • Award for outstanding contributions to Sindhi literature, 2000 (At New Delhi by Sindhi Academy).

    Additional Information :
    i) Managing Trustee ‘Writers & Artists Welfare Foundation’.
    ii) Member, Maharashtra State Sindhi Sahitya Academy.
    Iii) Trustee Prof. Ram Punjwani Cultural Centre, Mumbai.

    Finale :
    Thakur Chawla is a good short story writer, having published 2 of his collections. His stories are simple, short and direct. Characters and incidents are picked up from daily life, selectively and woven beautifully to create a desired effect, sometimes with a twist in the tail, a surprise ending.

    He is a very good organiser. Two very distinct achievements are to his credit – (i) A regular fortnightly cultural gathering at Ram Panjwani Cultural Centre (Sita Sindhu Bhavan), where Sindhi singers are invited to participate. (ii) He has been editing and publishing a quarterly literary magazine titled ‘Sipoon’ for over 3decades.

  • ديوان سوڀراج فاني

    ديوان سوڀراج فاني
     

    ديوان سوڀراج فاني
    ديوان سوڀراج ’فاني‘ (ڪتاب): سنڌي ٻوليءَ جو شاعر اديب ۽ محقق ديوان سوڀراج نرملداس ’فاني‘ 27 فيبروري 1883ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس والد سنڌيءَ کان سواءِ عربي ۽ فارسيءَ جو ماهر ۽ صوفي مت جو قائل هو، ان ڪري سوڀراج نرملداس ننڍي هوندي کان صوفي ازم جو قائل ٿيو. کيس شاعريءَ جي قدرتي ڏات عطا ٿيل هئي. ان ڪري 9 سالن جي عمر کان شعر چوڻ شروع ڪيائين. هن بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پهرين پوزيشن ۾ حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سرڪاري نوڪري اختيار ڪيائين. 1937ع ڌاري ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. رٽائر ٿيڻ بعد علم ۽ ادب تي توجهه ڏيڻ لڳو. آخري وقت ۾ جڏهن نظر گهٽجي ويس ته پنهنجو مواد ٻارن کان لکرائيندو هو. شاعريءَ سان گڏ موسيقيءَ جو به ماهر هو. عربي، پارسي، سنڌي ۽ انگريزيءَ تي عبور حاصل هئس. سنڌ جي اٽڪل 80 شهرن بابت کوجنا ڪري ڪيترا تاريخي مضمون ’ڊيلي گزيٽ‘ ۾ شايع ڪرايائين. تنهن کانسواءِ غنچه، اميد، مهراڻ ۽ ڪاليج مئگزنن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون ڇپبا ۽ شاعري شايع ٿيندي رهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾: (1) ’خيالي جهلڪا‘، (2) ’چت ڦلواري‘، (3) ’روحاني تجلا‘ ۽ (4) ’ويچار وکر‘ قابلِ ذڪر آهن. ورهاڱي بعد ڀارت لڏي ويو ۽ اُتي ئي 15 مارچ 1956ع تي وفات ڪيائين.

  • مير حاجن مير

    مير حاجن مير

    مير حاجن مير
     

    ادبي نالو مير حاجن مير ـMir Hajan Panhwar poet
    اصل نالو حاجي خان پنھور ولد محمد سليمان پنھور ـ
    جنم 3ڊسمبر 1979
    ڳوٺ محمد يعقوب پنھور ـ لڳ لڪي شاھ صدر ويجھو سيوھڻ
    تعليم ايم اي سنڌي ادب
    لکڻ جي شروعات 1995,
    سڃاڻپ ـ شاعر محقق ـ نقاد ڪھاڻيڪار صحافي ـ
    سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوھڻ جو چار دفعا سيڪريٽري ضلعي ڄامشوري جو ٽي دفعا ضلعا رابطا سيڪريٽري ـ
    ايڊيٽر سيوھڻ سماچار
    جوانئٽ ايڊيٽر ٽ ماھي مڃتا
    جوائنٽ ايڊيٽر صبح
    ڊپٽي ڪنوينر قلندر لعل شھباز ادبي ڪانفرنس
    ڇپيل ڪتاب
    1 رنگ خوشبو ء گل شاعري 2008
    نيرا خواب شاعري ـ 2012
    سيوھڻ جون ادبي شخصيتون تحقيق 2014
    سڄڻن ياد ڪيوم خط 2016
    موتي ميڙيا مون تحقيق 2018
    سيوھڻ جون تاريخي درگاھو ن ـ تحقيق 2019 .
    مليل شھباز ايوارڊ ـ سگا ايوارڊ ء ٻيا ڪيئي ـ

  • مولانا عبدالله

    مولانا عبدالله

    مولانا عبدالله
     

    WhatsApp Image 2020 09 27 at 5.17.32 PMمولانا عبدالله ولد غلام حيدر چانڊيو 19 فيبروري 1902ع تي ڳوٺ ملان چانڊيي (جواب پور چانڊيي)، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سنڌي فائنل جو امتحان 1919ع ۾ پاس ڪيائين. فارسي تعليم لاءِ ڳوٺ واصل جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ڪن ٻين مدرسن مان پڙهڻ کان پوءِ وڌيڪ ديني علم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ 1921ع ۾ ’ديوبند‘ دهليءَ ويو، جتي مولانا حسيـن احـمـد مـدني، مولانا غلام رسـول پشاوري، مولانا اعزاز علي کان تحصيل عـلم ڪيائين. ان بعد واپس موٽي اچي 1933ع ۾ مولانا ڪوهاٽي صاحب وٽ دستاربند ٿيو. ان کانپوءِ تعلقي ڳڙهي ياسين جي هڪ مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا عبدالله چانڊيو پنهنجي وقت جو جيد عالم ٿي گذريو آهي، کيس زبان ۽ بيان جي حوالي سان ’سنڌ جو شاهه ولي الله‘ سڏيو ويندو هو. قرآن، حديث، فقهه، فلسفي ۽ منطق تي عبور رکندو هو. وڏا وڏا عالم سندس احترام ڪندا هئا. ديني عالم هئڻ سان گڏ وڏو دور انديش شخص هو. هو دين ۽ سياست جي ميلاپ جو مخالف هو. مولانا عبدالله چانڊيي پنهنجي ڳوٺ ملان چانڊيي ۾ مدرسو کولي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. ٻير شريف جو بزرگ مولانا عبدالڪريم قريشي سندس شاگرد هو ۽ ان مدرسي ۾ پڙهيو هو. ڳوٺ جي وڏيري جي مخالفت سبب اڳتي هلي پير جهنڊي ڳوٺ ۾ مدرسيه راشديه ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا صاحب پير جهنڊي، ملان جي ڳوٺ (شڪارپور)، ٺيڙهي، گوري پهوڙ، شڪارپور، امروٽ، گٽهڙ، وارهه، کرڙاهه ۽ ٻين مدرسن ۾ پڙهايو.
    مولوي عبدالله چانڊيو اعليٰ پايي جو شاعر به هو. شاعريءَ ۾ ’عبد‘ تخلص استعمال ڪندو هو. هن سنڌي، سرائيڪي، عربي ۽ فارسي زبانن ۾ شاعري ڪئي آهي. لوڪ شاعريءَ جي مختلف صنفن، مناجات، مولود، ٽيهه اکرين، معجزن، ڪافين ۽ معراج نامن تي طبع آزمائي ڪيائين. نعت ۽ حمد به لکيائين. هن سنڌيءَ کان سواءِ فارسي ۽ عربيءَ ۾ به شاعري ڪئي. سندس شاگردن مان: (1) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، (2) مولانا عبدالڪريم قريشي (ٻير شريف وارو)، (3) مولوي علي محمد حقاني، (4) مولوي محمد شاهه (امروٽ وارو)، (5) مولوي عبدالواحد مهر، (6) مولوي عبدالحئي چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترا مشهور عالم ٿي گذريا آهن. سندس تصنيفن ۾: (1) ’تفسير سـورة يـاسيـن‘، (2) ’حـق الاظـهـار‘، (3) ’مـعـراج نـامـه‘، (4)’افـڪـار عبيـدي‘، (5) ’خلفاءِ ثلاثه‘، (6) ’مقابلات‘، (7) ’قرآن مجيد جو تفسير‘، (8) ’حضرت علي عه ٻين اصحابن کان افضل آهن‘. (9) ’ڇا ڏٺو آهي تو‘ (تنقيد) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. کيس ٽي پٽ ٿيا: عبدالمجيد (سرڪش سنڌي)، مولوي عبدالحميد چانڊيو ۽ عبدالرشيد ماهر (طبي حڪيم).
    مولوي عبدالله چانڊيي اپريل 1984ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي قبرستان ۾ آهي.

  • ويڙھو آر. پرسواڻي

    ويڙھو آر. پرسواڻي

    ويڙھو آر. پرسواڻي
     

     WhatsApp Image 2020 09 27 at 1.34.28 PMويڙھو آر. پرسواڻي عرف “ورڙھو رفيق“ 15 نومبر 1941 تي سکر ۾ ڄائو ۽ ورهاڱي کان پوء وڏڙن سان لڏي وڃي انڊيا ۾ آباد ٿيو. سرڳواسي اتي احمدآباد ۾ رهندو هئو. هن بي. اي تائين تعليم ورتي ۽ ادبي کيتر ۾ هڪ اداڪار هدايتڪار ڪهاڻيڪار شاعر ۽ ناٽڪنگار طور پاڻ مڃرايائين. هن کي 1960 ۾ بهترين اداڪار طور انعام پڻ مليو.1962 ۾ احمدآباد ۾ “ سنڌو ڪلاڪار منڊل“ جو چندر ساوناڻئ ارجن ڀمڀاڻئ ۽ گورڌن تنواڻئ سان گڏجي پايو وڌائين. هن منڊل ڪيترائي ناٽڪ اسٽيج ڪيا.
    سرڳواسي ڪيترو وقت آل انڊيا ريڊيو احمدآباد جو سنڌئ ۽ هندئ ۾ انائوسر ٿي رهيو. هن کي گجراتي ۽ اڙدو تي بہ مهارت حاصل هئي. (ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ)