Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • اختر بلوچ

    اختر بلوچ

    اختر بلوچ


    IMG 20231218 WA0148سنڌ جي مشهور ليکڪـا، سياسي سماجي شخصيت اختر بلوچ 16 ڊسمبر 1951ع تي سنڌ جي مشهور فنڪارا، ڪھاڻيڪاره جيجي زرينه بلوچ جي ڪک مان حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو، اختر بلوچ شروعاتي تعليم حيدرآباد ۽ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي، شاگردي واري زماني ۾ ھن سياست ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، خاص ڪري “ون يونٽ مخالف تحريڪ” ۽ “ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو تحريڪ” ۾ سندس ادا ڪيل ڪردار ڪنهن به صورت ۾ وساري نه ٿو سگھجي، ان دوران گرفتار ٿي ۽ جيل جون سختيون به سٺائين، جنهن جي سڄي روئداد ھن پنھنجي ڪتاب “قيدياڻي جي ڊائري” ۾ بيان ڪئي آهي، اختر بلوچ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ استاد به رهي، قيدياڻي جي ڊائري کان سواءِ سندس ٻيا به ٻه ڪتاب “اميد سحر” ۽ “سنڌياڻي ماسڪو ۾” ڇپيل آهن، اختر بلوچ ننڍي کنڊ جي مشهور سياسي، ادبي شخصيت رسول بخش پليجي جي اڳ ڄائي ڌيءَ، پارليمنٽيرين ۽ ٺٽي ضلعي ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين غلام قادر پليجو جي گهر واري، سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير برائي سياحت و ثقافت ۽ سينيٽر سسئي پليجو جي ماءُ آهي.. 

  • ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو


    IMG 20231218 WA01491سنڌ جو مشهور ليکڪ، محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو پهرين آگسٽ 1972ع تي راڻي پور ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو، ھن سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي، ان کان پوءِ لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچ آفيسر ٿيو، جلدي اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿيو، ان دوران ڪراچي يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ ڪيائين، ان دوران ڊاڪٽر ڪمال مختلف اخبارن ۽ رسالن، ريڊيو پاڪستان، پاڪستان ٽيليويزن لاءِ لکندو رهيو، ماهوار رسالي “ماهه روز” جو ايڊيٽر ۽ اسلاميه ڪاليج جي ترجمان رسالي جو چيف ايڊيٽر رهيو، ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن جي مختلف پروگرامن جي ميزباني ۽ ڪمپيئرنگ ڪئي، سندس ڇپيل مواد ۾ گھڻي ڀاڱي تحقيقي ڪم آهي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر، سنڌي ثقافت جا امر آواز، ڪراچيءَ جا اديب ۽ شاعر، لطيف ذهني چٽاڀيٽي، رسالو ڳجهارت، ڪتيم ڪينڪي، پاکستانی زبانوں کا لوک ادب، سندھی ثقافت کا نیا دور، ڀٽائي ۽ ڀونءِ، سيد پير علي شاھ درازي جو ڪلام، بهادر ڇوڪري، اسان جو ڀٽائي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سگهڙائپ، سنڌي مادري ٻولي وغيره شامل آهن، ھن جي 16 ڊسمبر 2020ع تي وفات ٿي ، ان وقت وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر ۽ ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ ھو.. ڊاڪٽر عابدا گھانگزھرو سندس بيواھ آھي 

  • مولچند منگهارام ملڪاڻي

    مولچند منگهارام ملڪاڻي

    ايم ڪمل

    facebook 1703168616194 7143606939580502277 

    نالو؛ مولچند منگهارام ملڪاڻي
    ادبي نالو: ايم ڪمل
    جنم؛ 8 آگسٽ 1925ع
    ڪنڊيارو
    ڪلام
    جيڪا گذري سا ڀلائيون جو اڃا جيئڻو آ
    ڪو نئون ورق ورايون جو اڃا جيئڻو آ
    ڇو ڇنڊي پلئه اٿيون آس جي پڙ مان هاڻي
    اڄ نئون داءُ لڳايون جو اڃا جيئڻو آ.
  • منور ابڙو

    منور ابڙو

    منور ابڙو

    facebook 1703322427018 7144252068934891212منور ابڙو 24 ڊسمبر 1968ع تي لاڙڪاڻي شهر جي تعلقي ڏوڪري سان متصل ڳوٺ پيارو واهڻ ۾ پيدا ٿيو.بنيادي طور تي منور هڪ سول انجنيئر، شاعر ۽ چترڪار آهي پر سندس شهرت جو سبب سندس ٺاهيل خوبصورت ڪارٽون آهن. جيڪي شايع ٿيندڙ مختلف اخبارن، رسالن ۽ جريدن جي زينت بڻيا رهن ٿا. منور مهراڻ يونيورسٽي نواب شاه مان 88 بيج مان سول انجنيئرنگ جي ڊگري 1993ع ۾ حاصل ڪئي. 96/1995 جا ٻه سال نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۾ بطور ڪنسلٽنٽ ڪم ڪيو جتان دنيائي آرٽ ۾ قدم رکڻ لاءِ استعيفى ڏني .
    منور ابڙو جي هڪ شاعري جي ڪتاب ” آءٌ، پريميڪا ۽ مهراڻ “ منظر عام تي اچي چڪو آهي. جڏهن ته هڪ ٻيو ڪتاب ”ڪيمپس جا ڏينهن ۽ هاسٽل جون راتيون“ پرنٽنگ جي مرحلن ۾ آهي. هن وقت منور ابڙو پاڪستان ميڊيا ۾ ڪارٽونسٽ جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ ڇپجندڙ چترڪار آهي، جنهن جا شهپاره وڏي ذوق ۽ شوق سان ڏٺا ويندا آهن . پنهنجي ان حسين ڪارڪردگي جي مڃتا طور کيس بهترين ڪارٽونسٽ ايوارڊ به ملي چڪو آهي.APNSجو
    پينٽر، شاعر، انجنيئر، ڪيلي گرافر ۽ ڪارٽونسٽ کان پوءِ منور هاڻي اداڪار به بڻجي چڪو آهي ڇو ته هن ڪارٽون نالي ڪرشن چندر جي لکيل ڊرامي ۾ به ڪم ڪيو آهي جنهن کي امانت مغل پروڊيوس ڪيو هيو ۽ ڊائريڪٽر صنم بلوچ هئي.
    منور هن وقت هو هڪ غيرمعمولي انساني گڻن جو مجموعو، انساني سادگين جو بي تڪلف امتزاج، انتهائي ساده دل، بي تعصب، منافقت ۽ رياڪاري کان پاڪ معصوم فطرت ۽ بکنوي انداز وارو وصفدار انسان آ جيڪو پنهنجي املهه فن جي بي مثاليءَ کان بي نياز پنهنجو پاڻ کي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ وارو مزدور سمجهندو آهي. هو عبادات ۽ اعتقادن جي دنيا جو ماڻهو نه سهي پر هن سان ملي انساني روحانيت جو قائل ٿيڻو پوي ٿو. سندس انداز سدائين کان دلربائي ۽ مرحبا نه رهيو آهي، هو اسان دوستن جي حلقي ۾ اهڙو دوست رهيو آهي جنهن جا جذبات ميڊيا جي رنگين دنيا ۾ رهندي به ڪنهن باقره عورت جيان ٿڌا رهيا آهن. اهو آهي منور ابڙو جنهن جي متعلق ٻيو ڪو مڃي يا نه مڃي پر هو طبيعتاً درويشن ۽ ولين جي سلسلي جي ڪا گم شده ڪڙي ئي آهي جو شهرت ۽ عزت جي اونچي مينارن تي بيهي ڪري به هو نماڻائي ۽ منڪسر مزاجي مٽي ڳوهيندو نظر ايندو آهي. ان سانوري آرٽسٽ جي ڌيمي لهجي ۽ گھَرِي نيڻن ۾ سندس فن وانگر سمنڊ جهڙي گھرائي ۽ سڪون ڏٺو وڃي ٿو.
    مثبت انساني قدرن جي کوٽ واري هن دور ۾ ايترن گُڻن ۽ صفتن جو ڪنهن هڪ انسان ۾ هجڻ جو تصور ممڪن نظر نه ٿو اچي پر اهو سچ آهي ۽ جيڪو به شخص منور ابڙي کي سڃاڻيندو هوندو اهو پڇڻ تي اها راءِ مان هن مضمون لکڻ ۾ گھڻي احتياط کان ڪم ورتو آهي نه ته هن جي ورسٽائل شخصيت منهنجي لفظن ۽ مطلبن کان گھڻي مٿاهين آهي.
    منور اڄ جنهن عزت ڀريئي مرتبي تي بيٺو آهي جيڪڏهن ان کان ڪنڌ جھڪائي هيٺ ڏٺو وڃي ته هڪ ڏکي مگر پرعزم زندگيءَ جو تمام ڊگھو سلسلو نظر ايندو جيڪو سندس ڳوٺ پيارو واهڻ ۽ اتي پپر جي سٺ ستر ساله وشال وڻ جي ڇانو واري اوطاق، دادو ڪينال جي ڪچي پڪي رستن ۽ چنا پل کان شروع ٿي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب شاهه تائين ڪنهن منبر آزما امتحان جيان پکڙيل آهي.
    فنِ مصوري هڪ الڳ قسم، تخليق ۽ مختلف نوعيت جي قوت گويا ٿيندي آهي جيڪا رنگين پاڇن ۽ لڪيرن جي ترڪيب سان زندگي جا سٺا برا رخ جماليات ۽ احساسن جا الڳ چهرا نشر ڪندي آهي. منور ابڙو اهو قوتِ گويا جو هڪ معتبر نالو آهي جنهن پنهنجي ذات جي سڃاڻپ لاءِ هڪ اهڙو اسلوب اختيار ڪيو آهي، جنهن سندس تخليقي صلاحيتن کي دنياء آرٽ جا نئين کان نوان افق تلاش ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي.
    منور ابڙي جو اهو اسلوب انساني حقن جي تذليل ۽ تقير خلاف خاموش پر تمام سگھارو هٿيار آهي سندس فن ۾ لفظن، جملن ۽ گرامر جي جاءِ تي لڪيرون، پاڇا، ڇانورا ۽ حاشيا، شعور جي پکيڙ جو ڪم سرانجام ڏئي معاشري جي رسندڙ ناسورن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ سياست ۽ سماجيت جي ٺڳي پڻي ۽ اجائي مذهبيت جي خرابين جي ظريفاڻي انداز ۾ قلعي لاهيندو نظر اچي ٿو.
    پنج هزار سال پراڻي ۽ دنيا جي پهرين ترقي يافته تهذيب جي تباهه ٿيل شهر مهين جو دڙو جي آثارن جي اولهندي پاسي واقع هڪ ننڍڙي ڳوٺ پيارو واهڻ جي هن ڳوٺاڻي پر انجنيئر گريجوئيٽ نوجوان جي جھدوجھد ننڍپڻ کان ئي گھڻي سخت ۽ تلخ هئي، جڏهن اڃان ڏهن ٻارهن سالن جو مس هيو ته سندس والد جو انتقال ٿي ويو. احساس يتيمي جي هنيانءَ ڏار احساس جي باوجود ماءُ جھڙي معتبر هستيءَ جو هٿ سندس مٿي تي هيو، جنهن محبت ۽ مدد سان منور پنهنجي شروعاتي تعليم ڳوٺ ۾ پوري ڪري مهراڻ يونيورسٽي نواب شاهه ۾ داخلا ورتي جتي تعليمي سرگرمين تي اصلاحي معاملن کي فوقيت ڏيندي منور ۽ دوستن جي چهرن جي ڪارٽوني مشق جاري رکي.ان وقت اخبارن ۽ رسالن ۾ ٻين استاد مصورن کي ڇپندو ڏسي منور به انهن وانگر چپجڻ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ جا خواب ڏسندو هيو. جن کي هو ان ڊوڙ ۾ کوڙ ساترو پوئتي ڇڏي آيو آهي.
    منور ٻارهين جماعت پاس ڪرڻ کانپوءِ (NED) يونيورسٽي ڪراچي ۾ پڻ داخلا لاءِ فارم ڀرايو هيو جيئن ته ان يونيورسٽي ۽ ڪراچي جھڙي راڪاس شهر جو خرچ برداشت ڪرڻ سندس وس کان چڙهيل هيو ان لاءِ هن مهراڻ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ بهتر سمجھيو. اتي داخلا وٺڻ پٺيان به هڪ ڪهاڻي شامل هئي، جيڪا هيئن آ ته، نواب شاهه ۾ واقع سڪندر آرٽ گيلري جو مالڪ قاضي خضر حيات منور جي والد جو شاگرد هو جنهن جو ان ڳوٺ ۾ اچڻ وڃڻ استاد جي وفات کان پوءِ به ٿيندو رهيو، قاضي صاحب منور جي شوق مان چڱي طرح واقف هيو. ان لاءِ کيس نواب شاهه وٺي ويو، جتي هو منور کان سيرامڪس ۽ تصويرون ٺاهڻ واري ڪم ۾ مدد وٺندو هو.
    نواب شاهه مان ان دور ۾ هڪ چار صفحن جي هفته وار اخبار نڪرندي هئي جيڪا سموري شروع کان آخر تائين منور هٿ سان لکندو هيو.سالن تائين اها اخبار ماڻهو پڙهندا رهندا رهيا پر منور جي ڪتابت ايتري ته خوبصورت هئي جو ڪڏهن به ڪنهن محسوس نه ڪيو ته اها هٿ سان لکيل آهي، ڇو جو هو وڏي ڪمال سان لفظ، سٽون هڪ ڪالم ٻه ڪالم ٽي ۽ چار ڪالم ٺاهيندو تصويرون ۽ ڪارٽون ٺاهيندو ۽ پيسٽنگ ڪندو هيو. ان کانسواءِ منور پريس ڪارڊ، بينر، پوسٽر وغيره به ٺاهيندو هيو. جنهن مان مليل رقم مان هو پنهنجي پڙهائي جو خرچ پورو ڪرڻ سان گڏ ڪجھ خرچ بچائي ڳوٺ موڪليندو هيو. پڙهائيءَ جي دوران به يونيورسٽي جي ”اي“ سيڪٽر ۾ منور جي تصوير جي نمائش ڪئي وئي هئي. جنهن ۾ وائس چانسلر کان علاوه شهر جي معتبر شخصيتن شرڪت ڪئي هئي. هاسٽل ۾ به سندس ڪمري کان ڇت تائين ان جون ٺاهيل تصويرون اهڙي طرح رکيل هونديون هيون جو ڪمري جون ڀتيون نظر نه اينديون هيون.
    مهراڻ جي شروعاتي ڏينهن ۾ منور تمام سادو ۽ ڳوٺاڻو هيو ڪلاس ۾ چپ چپ ڪري ويهندو هيو. ليڪچر سمجھ ۾ اچي يا نه پر ٻڌندو ضرور غور سان هيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس آڱرين ۾ پڪڙيل پينسل محورِ رقص رهندي هئي ۽ هو استادن جي حرڪتن، ڳالهائڻ جي انداز ۽ چهري جي نقش کي ڪاغذن تي چٽيندو رهندو هيو. منور اڄ به دوستن منجھ ڪچهري ڪندي ان ڳالهه جو اعتراف ڪندو آ ته ڪلاس جو آخري پيرڊ جيڪو ورڪشاپ جو هوندو هيو ان کي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ جڏهن سمورا شاگرد ڪلاس روم ڇڏي ويندا هئا ته منور اهو سمجھي هاسٽل ڏانهن پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويندو هيو ته شايد موڪل ٿي وئي .
    ان دوران هڪ ٻيو قصو به منور سان ائين ٿيو، جو سندن داخلا سردين جي موسم ۾ ٿي ته اهو سمورو عرصو منور ٿڌي يخ پاڻي سان وهنجندو رهيو حالانڪ سڀني هاسٽلن ۾ گرم پاڻيءَ جا گيزر لڳل هوندا هئا. هڪ ڏينهن منور ڏٺو ته هڪ ڇوڪري پاڻي ڀريو ته ان مان گرم گرم ٻاڦ نڪري رهي هئي. ان ڇوڪري کان جڏهن هن سبب پڇيو تڏهن کيس خبر پئي ته باٿ روم جي ڀت تي ٽنگيل ڊگھي بالٽي جھڙي شيءِ کي گيزر چئجي ٿو.
    مهراڻ يونيورسٽي ۾ اڄ تائين به انتهائي متحرڪ ۽ مصلح سماجي تنظيمون شاگردن، غريبن ۽ مريضن جي ڀلائي لاءِ سرگردان آهن. جن مان هڪ آهي “مبڊا” مهراڻ بلڊ ڊونرز ايسوسيئشن ان تنظيم جو مقصد آهي ته ضرورت جي وقت شهرن ۾ جي اسپتالن ۾ ايندڙ مريض کي يونيورسٽي جي شاگردن کان خون جو عطيو ڏيارڻ ان مقصد لاءِ منور ۽ ان جي دوستن جن ۾ حزب الله ڪيهر، جميل سومرو، عثمان عباسي، افتخار تنيو، وغيره خاص هئا. جن وٽ يونيورسٽي جي تمام شاگردن جي رت جي گروپن جي فهرست موجود هئي. ان کانسواءِ هي سڀ نواب شاهه شهر جي تمام اسپتالن ۽ طبي مرڪزن سان رابطي ۾ هوندا هئا.
    مهراڻ ۾ ٻئي تنظيم هئي انجنيرنگ انٽيليڪچوئل فورم جنهن جو مقصد هو شاگردن لاءِ تعليم جي فروغ، تفريحي ڪوئز مقابله منعقد ڪرائڻ، ڪاليج جو مئگزين ڪڍرائڻ، هاسٽل ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ، ڪتابي ميلا وغيره شامل هيو. انهن ٻنهي تنظيمن جو منور نه رڳو باني ميمبر هو پر روح روان پڻ هيو. اڄ به منور جي ملاقات جڏهن ڪنهن استاد، جونيئر شاگرد يا مهراڻ جي ملازم سان ٿيندي آ ته انهن ٻنهي تنظيمن جي پارت ڪندو آ.
    دوران تعليم مهراڻ يونيورسٽِي جي خوبصورت منظرن معاملات، دوستن، مخالفن، ڪامريڊن کان علاوه ڪيمپس جي ڏينهن ۽ هاسٽل جي راتين کي پنهنجي شاعري ۾ ساراهيندڙ منور اتان ڊگري حاصل ڪري ڪجھ عرصو ته پنهنجي ڳوٺ ۾ هيو. پر آخرڪار اسان جي قومي الميي بيروزگاري کان تنگ ٿي حصولِ رزق لاءِ ڪراچي جھڙي سفاڪ پر غريب پرور شهر ۾ قدم رکيو جتي پنهنجي خوابن جي تعمير لاءِ ذهن تيار ڪرڻ ان لاءِ ۽ سڀ کان پهريون مقصد هيو سندس خوابن ۾ ڪو شخصي خواب نه هيو بلڪه ساڻس وابسته شين جا خواب هئا جيئن ڀاءُ جي تعليم، ڀيڻ جي گھرداري ۽ والدهه جي ڀلي ۽ سک جا خواب، پنهنجي ذميدارين کي نڀائڻ چاهيندڙن کي پورا ڪرڻ جا خواب هئا جن کي تعمير جي ڇانوَ ڏيڻ لاءِ منور نٽهڻ اس جو سفر پنهنجو مقصد بڻائي ڇڏيو. سچائي جي هن سفر ۾ قهر جو سج پنهنجي پوري حشر سامانن جي باوجود سندس مستحڪم ارادا پگھيري نه سگھيو ۽ گذرندڙ وقت سان سندس عزم گھاڻي ڇانورا ڪڪرن جو روپ ڌاريندو ڏينهون ڏينهن گھاٽي کان گھاٽو ٿيندو رهيو. منور جو ڪاميابي جو راز ذاتي خواهشن جي نفي ۽ ٻين ماڻهن مان سندس محبت ۾ پوشيده آهي. سندس ماحول جي محرومين ان جي اندر ۾ خلوص، همدردي ۽ قرباني کي جنم ڏنو. هن ڄاڻي ڇڏيو هو ته هن ۾ تخليق جون عظيم صلاحيتون ستل آهن جن کي جاڳائڻ جي ڌن جو حوصلو همزاد جيان هميشه هن سان گڏ رهيو.
    ڪراچي ۾ منور گمنام جزيري وانگر پاڻ کي کوجڻ جو عمل گلاس ٽاور جي هڪ عام اڌاري دڪان تان شروع ڪيو، جتي هو ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي حسبِ فرمائش ويهه پنجويهه روپين ۾ انهن جون تصويرون، عيد ڪارڊ، نظارو يا ڪارٽون وغيره ٺاهي ڏيندو هيو. ان دوران هو رهندو به اڌاري گھر ۾ هيو. پنهنجي ماني پاڻ پچائيندو هيو. ڪپڙا پاڻ ڌوئيندو هيو. ۽ بسين جو ڪرايو بچائڻ لاءِ ڪيئي ميل پيرين پنڌ سفر ڪندو هيو. هلندي هلندي آخرڪار هڪ اهڙو ڏينهن آيو جو سندس محنت رنگ لاتو جنهن هزارين ٻين رنگن کي جنم ڏنو اڄ اهي رنگ پنهنجي خوبصورت زاوين سان علاقائي، قومي، بين الاقوامي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جي پرنٽ ميڊيا کان سفر ڪندا اليڪٽرونڪ ميڊيا ۾ به پنهنجا پر پکيڙيندا نظر اچن ٿا.
    سنڌ ۾ گھڻي کان گھڻي وڪجندڙ اخبار ڪاوش جيڪا شهرت ۽ فن حوالي سان منور جي مڌر انسٽيٽيوشن رهي آ، ان ۾ سندس ٺاهيل ڪارٽون ان اخبار جي مٿي جو جھومر نظر ايندو هيو. اخبار پڙهندڙن جو بيان آ ته هڪ دور ۾ ڪاوش جي وڌندڙ سرڪيوليشن ۾ منور ابڙي جي ڪارٽون جو وڏو هٿ هوندو هيو ۽ 80 فيصد ماڻهو سڀ کان پهريون سروق بجاءِ پٺين صفحي تي ڇپيل منور ابڙي جو ڪارٽون ڏسڻ پسند ڪندا هئا. ڇو جو منور جو ٺاهيل ڪارٽون ڏسڻ سان ئي چهري تي مسڪراهٽ پکيڙي ڇڏيندو هيو. يا ائين کڻي چئجي ته سندس ڪارٽون اخبار پڙهڻ واري جي قباحت ختم ڪري بري خبرن پڙهڻ سان پيدا ٿيندڙ بد ذائقه تاثر کي بيلنس ڪندو هيو.
    منور ڪيري ڪيچنگ جي فن کي جديد خطوط تي استوار ڪري کيس نئون اسلوب ڏنو. سندس ٺاهيل ڪارٽون اسانجي سماج جي انهن بدبودار پاسن، ڀيانڪ چهرن ڏکوئيندڙ سچائين کي بي نقاب ڪندا رهن ٿا، جيڪي عام طور تي نظر نه ٿا اچن انهن کي هي هڪ امانتدار جيان عادلانه طريقي سان اسان جي سامهون آڻي ٿو ته ٻئي طرف ان جا ڪارٽون ۽ تصويرون اسان جي مڪروه رسمن ۽ رواجن جي بي پردگي به نهايت احسن طريقي سان ڪندا نظر اچن ٿا. سندس تصويرن ۽ ڪارٽونن ۾ هڪ نئين دنيا جي سڃاڻپ ۽ الڳ نوعيت جو سبق پڙهڻ لاءِ ملندو آهي، جنهن ۾ عام سان خاص جي رابطي جي سچي طريقي واري سڃاڻ ملندي آهي.
    سندس فنُ پارا نه هوندي به طاقتِ پرواز رکن ٿا، ڇو ته سندن فن پارن ۾ زندگي جو پرعزم ۽ غير معمولي اڀياس ملي ٿو جتي رعنائي، رنگن ۽ نواڻ جا تمام زاويا هڪ جاءِ تي ملن ٿا. سندس تصويرن ۾ حسن جي ڳالهه ڪجي ته پري پري پکڙجي وڃي. جيئن ڪائنات ۾ زندگي ۽ جماليات جون تمام رعنائيون سندس لڪيرن ۾ آرس ڀڃندي نظر اچن ٿيون. منور قلم جي چهنب سان معاشري جي المناڪ سچائين کي چوسي سچائين جي ماکي جي اهڙي لار وهائي ٿو جيڪا ڏسڻ وارن جي اکين ۾ ٿڌاڻ ڀري گمراهه صحافت جي هن دور ۾ لذت سان واسطو ڪرائي ٿي.
    منور جو فن: ڪيلي گرافي، ڪارٽون، پينٽنگ ۽ ڪيري ڪيچنگ جي جديد ۽ قديم فن جو اهڙو سنگم آ جنهن جيڪڏهن موسيقي جي زبان ملي وڃي ته اها موسيقي يقيناَ بيٿووين جي سرن جيان رسيلي ۽ مٺي ٿيندي، پنهنجي تخليقي ذهن جي مظهرن، زندگي ۽ سماج جا جي مختلف عوامل ترتيب ڏئي ٿو جيڪي سندس نالي کي دنيا فن ۾ هميشگي، دوام ۽ امرتا بخشيندي نظر ايندي.
  • لائق سنڌي

    لائق سنڌي

    لائق سنڌي


    IMG 20231223 WA0049نامياري استاد، اديب ۽ صحافي لائق سنڌيءَ جو پورو نالو لائق ڏنو ولد حاجي محمد اسماعيل ٿيٻو هو. هن 19 ڊسمبر 1943ع تي تعلقي حيدرآباد جي ڳوٺ موري منگر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول موري منگر مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1961ع ڌاري حيدرآباد مان ڪئي. عالم، اديب فاضل جو امتحان ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان پاس ڪيائين. 1961ع ۾ پرائمري استاد ٿيو ۽ سندس مقرري گورنمينٽ پرائمري اسڪول توڪل ميرجت ۾ ٿي. ان کانپوءِ جهنڊو کوسو پرائمري اسڪول ڀينڊو شريف، پرائمري اسڪول موري منگر ۽ پوءِ ڊيپوٽيشن تي هاءِ اسڪول ٽنڊو ڄام ۽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهايائين. ادب ۽ صحافت سان چاهه هئڻ ڪري روزاني ‘آفتاب’ اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم جي شروعات ڪيائين ۽ پوءِ ‘آفتاب’ اخبار ۾ نڪرندڙ نوجوانن جي صفحي ‘سرجڻهار’ جو انچارج مقرر ٿيو. ان کانپوءِ روزاني ‘عبرت’، ‘مهراڻ’، ‘سنڌ نيوز’، ‘سنڌ’، ‘خادم وطن’، ‘شام’، ‘ڪاوش’ ۽ ‘ڪوشش’ اخبارن ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. ان کان سواءِ ‘اخبار تعليم’ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيو ۽ ‘هاڪڙو پبليڪيشن’ ٽنڊي ڄام مان نڪرندڙ رسالي جو مرتب رهيو. لائق سنڌيءَ جون سماجي حوالي سان به ڪيتريون ئي خدمتون آهن، جن تنظيمن ۾ هن ڪم ڪيو، انهن ۾ ڳوٺ سڌار سنگت، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻيون شامل آهن. هو پريس ڪلب حيدرآباد جو سينيئر ميمبر هجڻ سان گڏ عهديدار به رهيو. پاڻ جڏهن استاد جي حيثيت سان 1986ع ۾ رٽائر ٿيو ته رٽائرمينٽ جي اڌ پيسن جا ڪتاب خريد ڪري ڳوٺ واري لائبرريءَ ۾ رکيائين. کيس روزاني ‘سنڌ’ اخبار طرفان صحافت ايوارڊ مليو. ان کان سواءِ 1995ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام طرفان بهترين صحافيءَ جو گولڊ ميڊل مليو، جيڪو کيس مهتاب اڪبر راشديءَ ڏنو. پاڻ پرائمري استاد طور 1986ع ڌاري رٽائر ٿيو. لائق سنڌيءَ 16 جنوري 2014ع تي وفات ڪئي. کيس ٻن پٽن جو اولاد آهي.

  • معمور يوسفاڻي

    معمور يوسفاڻي

    معمور يوسفاڻي


    IMG 20231224 WA0045سنڌ جي مشهور ليکڪـ، محقق، سگھڙ، شاعر، تعليمي ماهر محمد عمر پلي المعروف “معمور” يوسفاڻي 28 جنوري 1929ع تي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ۾ جنم ورتو، ھن سنڌ يونيورسٽيءَ مان پھرين پوزيشن سان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي، ان کان پھرين اديب فاضل سنڌي، منشي فاضل فارسيءَ، اديب فاضل اردوءَ جا امتحان به پاس ڪيائين، ھن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات پرائمري استاد طور ڪئي، پوءِ ترقي ڪري ھائي اسڪول ٽيچر، ايجوڪيشن سپروائيزر، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿيو، مدرسه دارالعلوم اورينٽل ڪاليج حاجي محمد عالم پليءَ ۾ سنڌي شعبي جو اعزازي پروفيسر ۽ انچارج رهيو، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، ٽماهي مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر رهيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (آڏي ڍال مَ ڍار (شاعري)، پکن منجهه پساھ (شاعري)، ستا اُٿي جاڳ (شاعري)، ڏاهر (مثنوي)، مذهب ۽ تخليقِ ڪائنات (ترجمو)، ست سورھيه ڏهه ڏاتار (تحقيقي مقالا)، لطيف جا ٿر تان ڀيرا (لطيفيات)، ڍوليو ڍٽ ڌڻي (لطيفيات)، سنڌ ۾ شاهه ولي الله جا همعصر بزرگ (نثر)، ڀٽائي جو مطالعو (لطيفيات)، ڪائو ڪمايوم (تحقيقي مقالا)، مهراڻي جا مور (عمرڪوٽ جي ادبي تاريخ)، مهراڻي جو مير (راضي شاهه لڪياريءَ جي سوانح ڪلام)، ديوان معمور (شاعري)، ٿر جو مطالعو (تحقيقي مقالا)، شاهه لطيف جي رسالي جو گرامر) وغیرہ شامل آهن، ان کان سواءِ سندس ڪيترو ئي مواد اڻ ڇپيل آهي، ھن 24 ڊسمبر 1993ع تي عمرڪوٽ ۾ وفات ڪئي.. نالي وارو ليکڪ شاعر ء محقق ڊاڪٽر اسد جمال پلي ان جافرزند آھن ـ 

  • تاجل بیوس

    تاجل بیوس

    تاجل بیوس


    سنڌ جي مشهور شاعر، ليکڪ، ڪھاڻيڪار تاجل بيوس  22 سيپٽمبر 1938ع تي سوڀي ديري ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو،IMG 20231213 WA0042 ھن جو اصل نالو تاج محمد سمون ھو، ھن اڪنامڪس ۾ ماسٽرس ڪئي ھئي، تاجل بيوس تمام سٺيون نوڪريون ڪيون، ناڻي کاتي ۾ وفاقي جوائنٽ سيڪريٽري رهيو، رجسٽرار ڪمپنيز، ايڊوائزر ٽو وائس چانسلر رهيو، وغيره، پر طبيعت جو صفا سادو رهيو، تاجل بيوس جو شمار سنڌ جي چوٽيء جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو، سندس تمام گهڻي شاعري سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي آهي، ھن نثر به لکيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: جڏهن ڀونءِ بڻي (شاعري)، انبن جهليو ٻور (شاعري)، سرجيندڙ ساڻيهه جا (شاعري)، سنڌ منهنجي امان (شاعري)،  ڪاڇي مٿان ڪونج (شاعري)، ڪنڌيءَ ڪونئر ترن (شاعري)، ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا (شاعري)، ڏور به اوڏا سپرين (هند جو سفرنامو)، سرخ گلابون ڪئ موسم مين (اردو شاعري)، صحرا ستر جن (شاعري)، تنهنجا نيڻ غزل (شاعري)، وڏا وڻ وڻڪار جا (شيخ اياز سان گڏ شاعري)، انداز بيان اور (اردو شاعري)، ڏوريان ڏوريان مَ لهان (شاعري: 9 مجموعا گڏ)، آريجن کان الهاس نگر (هند ۽ سنڌ جي اديبن جا خط)، اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو! (هند جو سفرنامو)، ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو پهريون)، ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٻيو، ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٽيون)، چپ انجيل جي حاشين جهڙا (شاعري)، جهڄان پسي جهوڪ (ڪهاڻيون)، سج چنڊ تارا ڪتيون (شخصيتن جا خاڪا)، سامي سودو پريم جو (ساميءَ جي بيتن جي واين ۾ تبديلي)، انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ، پکي ساڳي پار جا (شاعري)، سون سريکا چار سين (شخصيات)، گل ڇنو گرنار جو (ڪافيون)، تاجل بيوس جو رسالو (شاعري)، ملير جي مارئي (شهيد بينظير ڀٽو کي منظوم خراج) وغیرہ شامل آهن، کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ ميڊل مليا، تاجل بيوس موسيقي جو به وڏو ڄاڻو هو، بھترين ڊانسر به ھو، مون کيس موسيقي جي ھر محفل ۾ نچندي ڏٺو، تاجل بيوس 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي، کيس وصيت مطابق چوڪنڊي جي تاريخي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.. 

  • ڊاڪٽر غلام علي الانا

    ڊاڪٽر غلام علي الانا 

    ڊاڪٽر غلام علي الانا، 15 مارچ 1930ع تي، ڳوٺ تڙ خواجا، تعلقي جاتيءَ ۾ هڪ غريب هاريءَ الهڏني جي گهر ۾ ڄائو. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڊاڪٽر ھو، جنهن ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي موضوع تي علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهبريءَ ۾، سال 1971ع ۾ پي. يڇ. ڊيءَ لاءِ مقالو مڪمل ڪيو. سندس رهبريءَ ۾ ڪيترن محققن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي آهي. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ’تڙ خواجا‘ ۾ ورتي. ثانوي تعليم ميرپور بٺوري مڊل اسڪول ۾، ۽ پوءِ اي- وي اسڪول ٽنڊومحمد خان ۽ پوءِ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ڪيائين. بي.ا ي آنرس سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب ۾، 1953ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ايم. اي سنڌي علم و ادب 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڊاڪٽر الانا پاڪستان ۾ پهريون شخص آهي، جنهن علم لسانيات ۽ علم صوتيات ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان 1963ع ۾ ايم. اي ڪئي. ڊاڪٽر الانا پنهنجي سڄي زندگي درس ۽ تدريس لاءِ تعليمي ادارن ۾ گذاري ھئي. تعليمي ميدان ۾ الانا صاحب پنهنجي خدمت جو آغاز ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو هڪ استاد جي حيثيت سان ڪئي . 1952ع ۾ اُتي استاد مقرر ٿيو، ۽ پوءِ اتان 1954ع ۾ پهرين گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي ۽ پوءِ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتي 26 جنوري 1958ع تائين رهيو، تنهن کانپوءِ ڊاڪٽر الانا صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار طور چونڊيو ويو. جتان ترقي ڪندو، 1976ع ۾ ساڳئي شعبي ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. ڊاڪٽر الانا صاحب جولاءِ 1963ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ پوءِ پروفيسر انچارج ٿي رهيو. 6 جنوري 1981ع کان 9 سيپٽمبر 1981ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽي جو ڊين ٿي رهيو. ڊاڪٽر الانا سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان سينئر پروفيسر جي حيثيت ۾ 14 مارچ 1990ع ۾ رٽائر ٿيو. 21 جون 1993ع کان وٺي 28 جولاءِ 1995ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر ٿي رهيو. جتان 25 جولاءِ 1995ع ۾ استعيفا ڏنائين. کيس سال 1996ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پروفيسر ايمريٽس مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر الانا 9 آگسٽ 1983ع کان وٺي 4 سيپٽمبر 1989ع تائين علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ اسلام آباد جو وائيس چانسلر پڻ رهيو.22 جولاءِ 1998ع کان وٺي آگسٽ 2001ع تائين سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن رهيو. سندس تصنيفن جو مختصر وچور هن ريت آهن: ”چور“ (1954ع،”لاش“(1954ع)، ”ناصر خسرو، ايراني“ (1961ع)، ”منتخب ديوان فاضل“ (1964ع)، ”سنڌي صورتخطي“ (1964ع)، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (1966ع)، ”ادبي اوسر“، (1967ع)، ”سنڌي صوتيات“ (1967ع)، ”سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ“ (1971ع)،”علمي آئينو“ (1971ع)، ”سنڌي زبان جي بنيادي لغت“ (1973ع)، ”سنڌي زبان جي وڌايل بنيادي لغت“ (1973ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بُنياد“ (1974ع)، ”سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري“ (1974ع)، ”سنڌي پهريون ڪتاب“ (1974ع)، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ (1977ع)، ”سنڌ جي لساني جاگرافي“، (1979ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، (1987ع)، ”زبان اور ثقافت“ (1987ع. ”سنڌي معلم“ (1991ع)، Introduction of Sindhi literature (1991), Papers on Sindhi Language & Linguistics (1999)، ”ثقافتي ورثو“ (1999ع)، ”سنڌي لنگئافون پئڪيج“ (2001ع)، ”استادن لاءِ هدايتون-2 جلد“، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“(2007ع)، ”سنڌي صوتيات“، ”History of Sindhi Language and Literature at a Glance”“ جڏهن ته سندس ڪتاب ”سنڌيءَ جو عملي گرامر “ ڇپائي هيٺ آهي. ڊاڪٽر الانا ڪيترين ئي تنظيمن ۾ ميمبر طور پڻ ڪم ڪيو . هن دنيا جا اڪثر ملڪ گهميا ۽ بين الاقوامي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ مقالا پڙهيا . ڊاڪٽر الانا صاحب ڪيترائي قومي ۽ صوبائي اوارڊ حاصل ڪيا . برک عالم، ماهر لسانيات، ناليواري تعليم دان ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا 28 نومبر 2020ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
  • فرزانہ شاھین

    فرزانہ شاھین
    28 نومبر 1967 جنم تاریخ

    سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪا، شاعره، ڪھاڻيڪاره فرزانہ شاھين 28 نومبر 1967ع تي سکر ۾ جنم ورتو، ھن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان گريجوئيشن ۽ ماسٽرس ڪئي، ان کان پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ليڪچرار مقرر ٿي، ترقي ڪري پروفيسر جي عھدي تي پھتي آهي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ وجود جي ڳولا (ڪھاڻيون)، پھڻ پير پٿون (شاعري)، نيڻ آسائتا (شاعري)، مٽي ماٿي لايان (ڪھاڻيون)، نينھن جو نوحو (شاعري) وغیرہ شامل آهن..

  • پروانو ڀٽي

    پروانو ڀٽي

    پروانو ڀٽي: 


    facebook 1701433673765 71363300636085346381سنڌي ٻولي  جو ناليوارو اديب، شاعر ، ڪمپيئر ۽ جهونو صحافي
    پروانو ڀٽي  16 فيبروري 1934ع ۾ دادو ضلعي جي ڦلجي اسٽيشن لڳ ڳوٺ پيارو آرائين ۾ پيدا ٿيو. سندس  اصل نالو ميوو خان ڀٽي هو ، سندس  والد جو نالوگل محمد خان ڀٽي هو جيڪو پوليس کاتي ۾ ملازم هو. پرواني ڀٽي جو خاندان سندس والد جي بدلي سبب 1950ع ۾ لڏي اچي ٽنڊو محمد خان  ۾ رهائش پذير ٿيو. ٻالڪپڻ کان لکڻ پڙهڻ جي چاهه منجهس لاتعداد صلاحيتون پيدا ڪيون. 1947ع کان صحافت جي شروعات ڪيائين ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ عبرت جو نمائندو مقرر ٿيو ، 1950ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي باقاعده ادبي سفر جي شروعات ڪيائين. گيت، غزل ، نظم ۽ لاتعداد قطعه لکي پنهنجي حيثيت مڃرايائين، 1954ع کان هفتيوار عبرت ۾ سندس قطعه ڇپجڻ لڳا. ان وقت اردو زبان جو بهترين شاعر  رئيس امروهي ”جنگ“ اخبار ۾ قطعه لکندو هو، اهو پڻ پرواني ڀٽي جي قطعن جي تعريف ڪندو هو، جنهن بعد هلال پاڪستان ۽ آفتاب اخبار ۾ به سندس قطعه شايع ٿيا. شاعري ۾ سندس استاد غلام محمد گرامي ۽ شيخ ابراهيم خليل هئا .پروانو ڀٽي 1957ع ۾ تپيداري جو امتحان پاس ڪري سرڪاري نوڪري ۾ لڳو پر ادب سان دلي لڳاءَ کيس نوڪري طرف مائل نه ڪري سگهيو ۽ هڪ سال بعد نوڪري ڇڏي وري اچي ادبي دنيا وسايائين . پروانو ڀٽي ڀلوڙ شاعر ، اديب ، صحافي ، ليکڪ ۽ ڪمپيئر  هئڻ سان گڏ بهرين اداڪار پڻ رهيو.  1953ع ۾ ميٺارام هاسٽل ۾ ” مجرم ڪون“ نالي سان ٿيل اسٽيج ڊرامي ۾ اداڪاري کانپوءِ شوبز جي دنيا سان به واڳيل رهيو. 1963ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو.  1970ع ۾ اي ڪيو پيرزاده جي سنڌي فلم ” محبوب مٺا “ ۾ سنڌي وڏيري جو ڪردار نڀايائين.ان بعد ” مارو “ ۽ ” مومل راڻو “ فلمن ۾ به اداڪاري ڪيائين جيڪي رليز ٿيڻ کان پهرين اڌ ۾ رهجي ويون . پرواني ڀٽي جا  ٻه ڪتاب پڻ ترتيب ڏنل آهن ، جيڪي 1968ع ۾ شايع ٿيا ، جن جا نالا  ” ٽڙندڙ مُکڙيون ۽ ”سرهاڻ“ آهن.   سياسي ، سماجي ، ادبي محفلن ۽ ريڊيو پاڪستان تي ڪمپيئرنگ جا بهترين فرائض سرانجام ڏنائين. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي قيام کان وٺي ان سان لاڳاپيل رهيو.  حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان پريس ڪلبن جي بانيڪارن ۾ شامل رهيو. پريس ڪلب حيدرآباد ، پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان ، سنڌي ادبي سنگت مرڪز سميت ڪيترن ئي ادارن جي ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ڪميٽين جو سربراهه ۽ سنڌي ادبي بورڊ  جي بورڊ آف گورنرس ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي نصاب ڪميٽي جو ميمبر پڻ  رهيو.سياسي ، سماجي ، علمي ،ادبي  ۽ ثقافتي ادارن پاران کيس لاتعداد مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. پرواني ڀٽي کي ٽن پُٽن ۽ چار  نياڻين جو اولاد ٿيو ، سندس  پُٽن ۾ انعام ڀٽي ، گل محمد ڀٽي ۽ اسد ڀٽي شامل آهن ، جن مان سندس وڏي نياڻي وفات ڪري وئي ۽ سندس هڪ پُٽ گل محمد ڀٽي ، 2003ع ۾ شهيد ٿي ويو هو، پرواني ڀٽي کي اڄ مغرب کان پوءِ ٽنڊو محمد خان جي پير شارفو قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويندو. 
    پرواني ڀٽي جي وفات تي سنڌ جي علمي ، ادبي حلقن ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ضلعي رابطه سيڪريٽري  اعظم ڀٽي ، پرواني ڀٽي جي لاڏاڻي تي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي . ۽ سندس وڇوڙي کي سنڌي ٻولي ، علم ، ادب لاءِ هڪ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي .