Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • پروفيسر فدا احمد سرهيو

    پروفيسر فدا احمد سرهيو

     پروفيسر فدا احمد سرهيو:

    facebook 1705937326620 7155219752793441067 سنڌي ٻولي جي ناليواري اديب, دانشور ۽ شاعر پروفيسر فدا احمد سرهيو جي والد جو نالو  آخوند حافظ محمد سرهيو آهي، سندس جنم 8 جون 1932ع تي سعيد پور ۡٽڪر ضلع ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو، بعد ۾ لڏي اچي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ رهائش اختيار ڪيائون، تعليم ايم اي (سنڌي)، بي ايڊ، اديب فاضل ۽ ڊرائنگ ايليمينٽري فرسٽ ڪلاس اٿس، شاعري، نثر نويسي، ٻاراڻو ادب سندس پسنديده سبجيڪٽ هئڻ ڪري ئي اڪثر طبع آزمائي به انهن تي ڪيائين. سندس تخليقن ۾ شيرين (افسانا) جهومڪ(ناول) اڻ ڇپيل آهن . ان کان علاوه جواهرات ( افسانا)، ڪرڻا (افسانا) ۽  عورت (افسانن، مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو)  مرتب ڪري اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين  جڏهن ته هيٺ ڄاڻايل ڪتابن کي ترتيب ڏئي اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين. جن ۾ داستانِ غم (ناول)، چلولي (ناول) مصنف:حافظ شاهه حسيني، آئين زندگي نفسيات  مترجم : حافظ شاهه حسيني. نئون سفر(ناول) ، نادره (ناول) مصنف: غلام علي کوکر، اديون ڏيوم صلاح (ناول) مصنف: شوق سنڌي، ڏوهاري ڪير؟ ( ناولٽ) مصنف: وڪٽر هيوگو/ مترجم ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، چور ( افسانا) مصنف: غلام علي الانا،  قلوپطره (ڊرامون) مصنف: شيڪسپيئر ، سفرنامه ابن بطوطه: مصنف ابن بطوطه ٻنهي جو ترجمون ڪندڙ :حبيب بخاري،  سجاڳيءَ جو سڏ (ڊرامون) مصنف: دائود سولنگي،  ٻاراڻي ادب ۾ هيٺيون لوڪ ڪهاڻيون لکي اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين، جن ۾  هڪ ڏينهن جو بادشاهه ، گامون سچار ، غيبي خزانو، ڏهه شهزاديون شامل آهن. ٻاراڻي ادب جي حوالي سان جيڪي ڪتاب مرتب ڪري اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين، انهن ۾ ٽڙيل گل، گلشن جا گل، هٻڪار،  پنکڙيون،  هيرا موتي، هيرا لعل هزار،  روشن تارا،  موتئي جون مکڙيون، چمڪندڙ ستارا، کڙيا کٽڻهار،  روشن ڏيئا شامل آهن. ان سان گڏوگڏ “ پاڻ وهيڻي پري” مصنف: محمد ابراهيم جويو،  حيرت انگيز هيرو، معصوم محموده،  مغرور بادشاهه، ڪنول شهزادي، ڪرامتي تختي، ڇٽيهه لکڻو نالي ڪتاب  ترتيب ڏئي، اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين. ٻاراڻي ادب جا ٻه ڪتاب “ هڪ ڏينهن جو بادشاهه” (ٻيو ڇاپو) ۽ “ روشن ڏيئا”،  ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان طرفان شايع ڪرايائين. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان پندرنهن ڪتاب، اداره گلشن ادب طرفان ايڪويهه ڪتاب ۽ ٻالڪ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان طرفان ٻه ڪتاب يعني ڪُل 38 ڪتاب شايع ڪرايائين، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد، گورنمينٽ ڪاليج سعيد پور  ضلع بدين ۽ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان جي سالياني ميگزينس جي سنڌي سيڪشنز جو انچارج ۽ ايڊيٽر پڻ رهيو، سال 1948 کان 1991ع تائين، اخبار تعليم، ماهنامه بادل، ماهنامه گلستان، گل ڦل حيدرآباد، ماهوار فردوس هالا، ماهوار نئين زندگي ڪراچي، ماهنامه راج فلمستان بامبي، پندره روزه “ميراث”  ۽ “ روشني”  ٽنڊو محمد خان ، گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو جان محمد ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان جي ڪاليج ميگزينس، اداره فروغ ادب ڪراچي جي ڪتاب ” جديد شعراءِ  سنڌي“ ۽ سرهاڻ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان جي ڪتاب “ ٽڙندڙ مکڙيون “ ۾ مسلسل سندس مضمون، مقالا، افسانا، گيت، غزل ، ڪافيون ۽ ٻاراڻو ادب شايع ٿيندو رهيو. 1954ع ۾  سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ميمبر ٿيو، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ٽي ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهيو، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا)  ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري ، بزم بسمل ٽنڊو محمد خان، انجمن ترقي سنڌي ٽنڊو محمد خان ۽ يونائيٽڊ فورم ٽنڊو محمدخان جو جنرل سيڪريٽري رهيو، پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو، انجمن خادم الاسلام ٽنڊو محمد خان (جنهن جي زير اهتمام دارالعلوم هاءِ اسڪول ۽ مخدوم بلاول انٽرميڊئيٽ سائنس ڪاليج هلندڙ آهن) جو بنيادي جنرل سيڪريٽري رهيو. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان جو پهريون جنرل سيڪريٽري هو، جنهن جو بنياد حافظ شاهه حسيني سان گڏجي 1954ع ۾ رکيائين، جنهن جو چيئرمين حافظ شاهه حسيني هو، ان بعد ان اداري جو ئي پبليڪيشن سيڪريٽري، ايجوڪيشن سيڪريٽري، لائبريري سيڪريٽري ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر رهيو. ان کان علاوه اداره سنڌي ادب طرفان “مرڪز تعليم بالغان” قائم ڪرائي، ان ۾ درس ۽ تدريس جون خدمتون سرانجام ڏنائين. بزم گلشن سنڌ ۽ ٻالڪ سنگت سنڌ جو باني صدر رهيو، جن ٻنهي بزمن جون سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ شاخون قائم ٿيون، جن ۾ ٻارڙا هفتيوار ۽ پندرهن روزه ادبي گڏجاڻيون ڪري انهن ۾ پنهنجون لکڻيون پڙهي، اصلاح ڪرائيندا  هئا. انهن ٻارڙن مان ڪيترائي فرد سنڌ جا وڏا نالا ٿي اُڀريا, جن ۾ خاص طور ڊاڪٽر تنوير عباسي، خان محمد پنهور،  آڪاش انصاري،  پير مظهرالحق ۽ ٻيا شامل آهن. اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان طرفان سال 1958 کان 1970 تائين ڪيترائي عظيم الشان آل سنڌ، سنڌي اردو يادگار مشاعره ڪرايا ويا. جن جون صدارتون مخدوم طالب المولى، فيض احمد فيض، غلام محمد گرامي، ابراهيم خليل، جوش مليح آبادي، حمايت علي شاعر، رشيد احمد لاشاري، محسن ڀوپالي ۽ ٻين ناميارن اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن  ڪيون. انهن سرگرمين ۾ فدا سرهيو جو متحرڪ ڪردار رهيو،  زندگيءَ جا چاليهه سال تعليم کاتي سان وابستگي رهيس. 1948ع ۾ فائنل پاس ڪرڻ جي ڇهن مهينن بعد پرائمري استاد مقرر ٿيو، ان وقت کان ئي افسانه نگاري جو شوق جاڳيس،  پهريون افسانو ماهنامه ”فردوس“ هالا ۾ شايع ٿيس، ان کانپوءِ ماهوار ”بادل“ حيدرآباد ۾ سندس ٻيو افسانو شايع ٿيو. 1952 ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ ٽيچنگ ٽريننگ جي سلسلي ۾ داخلا ٿي اتي قابل استادن غلام محمد گرامي، رشيد احمد لاشاري، ع ق شيخ، محمد امين صديقي، پناهه علي شاهه، ابن الياس، غلام حسين جعفري، غلام علي الانا ۽ رحيم بخش ميمڻ ۽ ٻين جي رهنمائي ۾ لکڻ جون صلاحيتون وڌيس ۽ شاعري جو شوق جاڳيس. 1953ع ۾ ٽريننگ اسڪول خيرپور ميرس جي ناز هاءِ اسڪول ۾ آل سنڌ تعليمي ڪانفرنس ۾ ڪاليج طرفان شرڪت ڪري، شاعري جي مقابلي ۾ پهريون ايوارڊ حاصل ڪيائين. ساڳئي سال ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي يادگار ڊرامي ”مومل راڻو“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري بهترين اداڪار طور پڻ پاڻ کي مڃرايائين، ٻئي سال 1954ع ۾ “ ليلا چنيسر”  ڊرامي ۾ پڻ مرڪزي ڪردار ادا ڪري, خوب مڃتا ماڻيائين. ان وقت ٽريننگ ڪاليج مان نڪرندڙ اخبار تعليم ۾ پڻ سندس کوڙ ساريون تخليقون شايع ٿيون. 1954ع ۾ ٽريننگ ڪاليج مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ اداره سنڌي ادب جي نالي سان قائم ڪيل ادبي اداري طرفان اشاعتي سلسلو ۽ لائبريري قائم ڪرائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيائين، جن جو لائبريري سيڪريٽري ۽ پبليڪيشن سيڪريٽري پڻ رهيو ان کان پوءِ 1958 کان 1961 تائين بزم گلشن ادب ۽ 1964 جو ٻالڪ سنگت سنڌ جو بانيڪار صدر رهيو. شاعري ۾ پهرين “فدا عامري” ۽ بعد ۾ “فدا سرهيو” جو تخلص ڪتب آندائين.  شاعري ۾ پنهنجو شعر هميشه ترنم سان پڙهندو رهيو. گلي ۾ مٺاس ۽ منفرد انداز سندس اهم سڃاڻپ بڻيل رهيا. 1973ع ۾ تعليم کاتي ۾ ليڪچرار بڻيو،  1992ع ۾ پروفيسر طور تعليم کاتي مان رٽائر ڪيائين، ڪيتري ئي وقت  کان نظر جي ڪمزوري ، معذوري سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل، گهر تائين محدود هئڻ  باوجود به سندس حوصلا هماليه جبل جيان مضبوط رهيا، ٿورو ئي سهي پر مطالعي سان چاهه ڪڏهن به نه گهٽايائين. گهڻي وقت کان طبعيت جي ناسازي ۽ گهر تائين محدود هئڻ سبب 22 جنوري 2024ع بمطابق 10 رجب 1445 هجري تي وفات ڪيائين. کيس يارهن نياڻين ۽ ٽن پۡٽن جو اولاد ٿيو. سندس پۡٽن ۾ ڊاڪٽر سجاد احمد سرهيو, ڊاڪٽر نجيب احمد سرهيو ۽ حبيب احمد سرهيو شامل آهن. 
  • انيتا شاھ لڪياري

    انيتا شاھ لڪياري

    انيتا شاھ لڪياري 
    ھن جھان مان لاڏاڻو ڪري وئي

    انيتا شاھ جي زندگي جو مختصر خاڪو 
     facebook 1704639918268 7149778027754455224
    انيتا شاھ لڪياري، نوجوان اسڪالر، ليکڪا ۽ ڪالم نگار آهي. هوءَ 15 نومبر 1974ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. سندس وڏا اصل خدا آباد ضلعي دادوءَ جا آهن. سندس تعليم ايم.بي.اي (مارڪيٽنگ: 1998ع) ۽ ايم.اي (سوشيالاجي: 2002ع) آهي. ان کان سواءِ انسٽيٽيوٽ آف وومين اسٽڊيز لاهور مان پوسٽ گريجوئيٽ سرٽيفڪيٽ (2000ع) ۽ يونيورسٽي آف ميري لئنڊ ڪاليج پارڪ، آمريڪا مان هيوبرٽ همفيري فيلوشپ (07-2006ع) دوران عورت ۽ سياست، عورت ۽ ميڊيا، فلم ميڪنگ، ويب سائيٽ ڊولپمينٽ ۽ پراڊڪشن، ڪهاڻي ۽ تخليقي لکڻين جي موضوعن تي مختلف ڪورس ڪيل اٿس. سينٽر آف جينڊر اسٽڊيز اسٽريٿ ڪلائيڊ يونيورسٽي گلاسڪو (انگلنڊ) طرفان آڪٽوبر 2005ع کان جنوري 2006ع تائين مختلف موضوعن تي ڪرايل سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ ريسرچ اسڪالر طور شرڪت ڪيائين. ان کان سواءِ غيرت جي نالي تي سنڌ ۾ ٿيندڙ عورتن جي قتلام بابت مونوگراف به لکيل اٿس.
    هن لکڻ جي شروعات 1994ع کان روزاني ”ڪاوش“ ۾ ڪالمن ذريعي ڪئي. سندس لکڻين جا موضوع خاص طور تي سنڌ جي ڳوٺاڻي عورت جي حوالي سان سماجي ۽ معاشي ترقيءَ بابت آهن. هن سنڌيءَ ۾ 100 کن ڪالم لکيا آهن. انيتا شاهه 1997ع کان1999ع تائين بي.بي.سي انگلش لئنگئيج سينٽر حيدرآباد ۾ لئنگئيج ٽيچر طور پڙهايو آهي. 1998ع ۾ ايم.بي.اي ڪرڻ کان پوءِ ساڳئي انسٽيٽيوٽ ۾ (آڪٽوبر 1999ع کان جنوري 2000ع تائين) ريسرچ ايسوسيئيٽ ۽ انسٽرڪٽر رهي. ساڳئي سال انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنس اينڊ آرٽس حيدرآباد ۾ به انسٽرڪٽر رهي. ان بعد مختلف پرڏيهي يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ فيلوشپ حاصل ڪيائين. مارچ کان جون 2007ع تائين وائيس آف آمريڪا جي پروگرام”بيانڊ دي هيڊلائينز“ جي رپورٽر ۽پروڊيوسر به رهي.ڪمپيئر جي حيثيت ۾ سندس ڪي. ٽي. اين تان مختلف سياسي ۽ سماجي موضوعن تي 50 کان وڌيڪ ٽاڪ شو نشر ٿي چڪا آهن. پي. ٽي. ويءَ تي به ڪم ڪيو اٿس. روزاني ”ڪاوش“ اخبار ۾ ڪالم لکڻ جو سلسلو اڃا به جاري رکيو ھو
    هوءَ عورتن جي حقن لاءِ عملي طرح پاڻ پتوڙيندي رهي ـ سرڪاري نوڪريءَ دوران ثقافت کاتي ۾ سيڪشن آفيسر رهي.مئي 2001ع کان ڪجهه عرصي تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊپٽي سيڪريٽري رهي. 2004ع ۾ CARE نالي سان هڪ غير سرڪاري سماجي تنظيم جو بنياد وڌائين، جنهن کي پوءِ 2006 ع ۾ ٽرسٽ فار رورل اپ لفٽ ، ڪلچر اينڊ انوائرمينٽ (TRUCE) جي نالي سان رجسٽر ڪرايائين، جنهن جي پاڻ باني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو رھي . سندس تنظيم، يو. اين. ڊي. پي جي ننڍي گرانٽ واري پروگرام سان گڏجي، مٽياريءَ ۾ هڪ پراجيڪٽ هلائيندي رهي 2001ع ۾ عورتن جي مسئلن بابت ڀرپور نموني سان لکڻ تي کيس خيرالنساءَ جعفري ادبي اوارڊ ۽ خان محمد پنهور اوارڊ ملي چڪا آهن. هن وقت سنڌ گورنمينٽ ۾ ڊي. ڊي. او روينيو حيدرآباد طور (شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾) خدمتون سر انجام ڏئي رهي ھئي.
    پاڻ ڪجھ وقت کان الزائمر جي موذي مرض ۾ مبتلا ھئي ء عليل ھئي اڄ پنھنجي زندگي جي جنگ ھارائي ويئي ۽ مالڪ حقيقي سان وڃي ملي.
    (الله پاڪ پنجتن پاڪ جي محابي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي آمين)
  • ایاز قادري

    ایاز قادري

    ایاز قادري


    IMG 20231215 WA0134سنڌ جي مشهور ڪھاڻيڪار، شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر پروفيسر اياز قادريءَ 19 جنوري 1927ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، سندس والد فقير غلام سرور قادري به پنهنجي وقت جو سٺو شاعر هو،  اياز قادريءَ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ مان بي. اي آنرس، ايم. اي (فارسي)، ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل ايل بي ڪئي، ان کان پوءِ هن علامہ غلام مصطفئ قاسمي جي نگراني ۾ (سنڌي غزل جي اوسر) جي عنوان سان ٿيسز لکي پي ايڇ ڊي ڪئي، ڪجهه عرصو ايس ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار رهيو، 1971ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پهريون چيئرمين مقرر ٿيو، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ئي قائم ٿيل ”شاھ لطيف چيئر“ جو باني ڊائريڪٽر رهيو، ان دوران پروفيسر سيد وقار رضويءَ جي سان ملي شاھ لطيف  جي شاعريءَ جو نثري اردو ترجمو ڪيو، جيڪو پوءِ اڪادمي ادبيات چئن جلدن ۾ ڇپرايو، ڊاڪٽر اياز قادري جي شاعريءَ جو مجموعو ”زلف اياز” جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، ڊاڪٽر اياز قادري ڪنهن دور ۾ ھڪ ھفتيوار اخبار “الحقیقت” به ڪڍي، ھو  سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ء  جمعيت الشعراءِ سنڌ جو باني ميمبر رهيو، سندس ڪھاڻين جو مجموعو ”بِلو دادا“ پھريون دفعو 1956ع ۾ ڇپيو، جنھن جا پوء ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن، ھن مئڪسم گورڪيءَ جي مشهور ڪتاب آتم ڪهاڻي کي به سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، سندس ٻين ڪتابن ۾ پرين جون ڪھاڻيون، مٽيءَ لڌو مان، عشقيہ داستان وغيره شامل آهن، ڊاڪٽر اياز قادريءَ 15 ڊسمبر 1997ع تي ھي جھان ڇڏيو.. 

  • ضیاء الدین ضیاء

    ضیاء الدین ضیاء

    ضیاء الدین ضیاء

    IMG 20231215 WA0136سنڌ جي مشهور شاعر، ليکڪ، صحافي ضياءَ الدين ضياء 15 ڊسمبر 1910ع تي سنڌ جي ناليواري شاعر، ليکڪ، صحافي شمس الدين “بلبل” جي گهر ۾ ميهڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو، ھن مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم اي، ايل ايل بي ڪئي، ان کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين، ھن پنھنجي والد صاحب جي نقش قدم تي هلندي ننڍي ھوندي کان ئي لکڻ ۽ شاعري شروع ڪئي، ھن پنھنجي والد صاحب جي ياد ۾ “بزم بلبل” جي عنوان سان ادبي فورم جو بنياد وڌو، ھن مختلف نوڪريون ڪيون، سنڌ مدرسته الاسلام ۾ ليڪچرار رهيو، اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر، ضلعي پبلڪ پراسيڪيوٽر رهيو، وڪالت ڪيائين، ھن شاعري ڪئي، ڪالم لکيا، مضمون، مقالا لکيا، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (تحفه ميهڙ، خطبه ضياءَ، ضياءُ القلندر، قرب قلندر) وغيره شامل آهن، هفتيوار اخبار “تنظيم عوام” جو باني ايڊيٽر، ماهوار “اديب سنڌ” جو ايڊيٽر رهيو، ھن 14 ڊسمبر 1966ع تي وفات ڪئي.. 

  • پرڀو وفا

    پرڀو وفا

    پرڀو وفا


    IMG 20231218 WA0142سنڌ ۽ ھنڌ جي مشهور سنڌي شاعر پرڀو جوتو مل ڇڳاڻي المعروف پرڀو وفا 19 سيپٽمبر 1915ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، ھن بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ۽ گريجوئيشن بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪئي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ آل انڊيا ريڊيو سان لاڳاپجي ويو، ورھاڱي کان پوءِ انڊيا ھليو ويو، آخر تائين آل انڊيا ريڊيو سان ئي رهيو، ھن شاعري ۾ ورھاڱي کان ئي وڏو نالو ڪڍيو، شروعاتي طور تي نواز علي نياز کان رھنمائي حاصل ڪئي پر مٿس رنگ ڪشنچند بيوس جو رھيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ جهنڪار، پرواز، سرخ گلاب، سرها خواب، مان ازل جي اُڃ آهيان، تون ساگر مان لهر، آئينا ۽ عڪس، سج لهڻ تي آ وغيره شامل آهن، ھن 17 ڊسمبر 2012ع تي وفات ڪئي

  • ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ


    IMG 20231218 WA0147سنڌ جي مشهور علمي ادبي شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 16 ڊسمبر 1917ع تي جنم ورتو، جڏهن ته 6 اپريل 2011ع تي وفات ڪئي، ھن مختلف اسڪولن مان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ بھاالدين ڪاليج جھوناڳڙہ مان بي اي آنرز ڪئي، ان کان پوءِ هن ايل ايل بي، عربي ۾ ماسٽرس ڪئي، ان دوران هن عربي شعبي جي چيئرمين پروفیسر علامہ عبدالعزیز میمڻ جي رھنمائي ۾ (اُموي دور جي آخر جي ھڪ باغي اڳواڻ منصور بن جمھور جو سنڌ تي تسلط ٿيڻ) جي عنوان تي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ ڪئي، جيڪو پوءِ مختلف رسالن ۾ شايع ٿيو، ان کان پوءِ هن ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان به A Programme of Teacher Education for the New State of Pakistan جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪئي، نوڪرين جي شروعات ھن سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار طور ڪئي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پاڪستان جي وزارت اطلاعات و نشریات ۾ (Officer on Spacial Duty) مقرر ٿيو، ان کان پوءِ قدرت ﷲ شھاب سان گڏ ٻاهرين نشريات جي شعبي ۾ رھيو، دمشق ۾ پاڪستان جي سفارت خاني جو ترجمان رهيو، جلد علامہ آئي آئي قاضي جي آڇ تي سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپجي ويو 1973ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر ٿي ويو، کيس (National Merit Professor) جو اعزاز ڏنو ويو، ھن ئي سنڌالاجي جو بنياد رکيو، مختلف ڊپارٽمينٽس قائم ڪيا، 1976ع ڌاري کيس وفاقي وزارت تعلیم ۾ رکيو ويو، ان کان پوءِ قومي ڪميشن برائي تحقیق تاریخ و ثقافت جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، ھن ئي Journal of Historic and Culture جي اشاعت شروع ڪئي، ھن اتي وڏو ڪم ڪيو، مختلف موضوعن تي 25 ڇپرايائين، 1980ع ۾ اسلام آباد ۾ نئين قائم ٿيندڙ بین الاقوامي اسلامي يونيورسٽي جو پهريون وائس چانسلر مقرر ٿيو، ان کان پوءِ قومي ھجره ڪائونسل جو صلاحڪار مقرر ٿيو، 1991ع ڌاري سنڌ ۾ قائم ٿيل نئين اداري سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو پهريون چيئرمين مقرر ڪيو ويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تمام گھڻو، علمي، ادبي، تحقیقي ڪم ٿيل آهي، جنھن کي ھتي بيان ڪرڻ تمام ڏکيو آهي

  • درِشهوار سيد ڊاڪٽر

    درِشهوار سيد ڊاڪٽر

    درِشهوار سيد ڊاڪٽر

    facebook 1703600750478 7145419442137444254درِشهوار سيد، ڊاڪٽر: نامور اديب ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر درشهوار سيد، سنڌ جي قومي سياستدان جي. ايم. سيد جي ڌيءُ جو جنم 21 مارچ 1942ع تي اباڻي ڳوٺ سن،  ضلعي ڄام شوري ۾ ٿيو. جيئن ئي پڙهڻ جيڏي ٿي ته ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ۽ 1947ع ۾ هندن لڏپلاڻ ڪئي. ان ڪري سن جي  گرلز پرائمري اسڪول ۾ پڙهائيندڙ ماسترياڻيون پڻ لڏي ويون، جنهنڪري ابتدائي طور کيس حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ ڀائرن سان گڏ رهايو ويو ۽ ابتدا کان مئٽرڪ تائين ۽ بعد ۾ بي. اي 1967ع ۾ سينٽ جوزف اسڪول ۽ پوءِ ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. 1969ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي فلاسافيءَ ۾ ڪيائين، جڏهن ته فارسي زبان جو سرٽيفڪيٽ ڪورس سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان 1972ع ۾ ڪيائين. ان دوران ئي سندس والد جي. ايم. سيد کيس  پي. ايڇ. ڊي ڪرائڻ جو خيال ظاهر ڪيو. 1974ع ڌاري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن وئي. پهرين 1978ع ۾ سسيڪس يونيورسٽي (Sussex University) ۾ داخل ٿي ۽ پوءِ لنڊن جي ايشين سائوٿ اسٽڊيز مان 1984ع ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 
    هيءَ پهرين سنڌي عورت آهي، جنهن شاهه لطيف تي انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي. سندس پڙهائيءَ جي معاملي تان ’آل سنڌ سيد سادات‘ جماعت سميت گھر جي ڪجهه  فردن مخالفت ڪئي، پر سندس والد جي. ايم. سيد هر ڳالهه کي پوئتي رکي کيس پڙهايو، جنهن جو احوال جي. ايم. سيد ۽ درشهوار جي وچ ۾ ٿيل خط و ڪتابت جي ڪتاب ’ڏونگر سي ڏورينديون‘ ۾ پڻ موجود آهي، جنهن ۾ کيس مخاطب ٿي جي. ايم. سيد هڪ هنڌ لکيو هو ته:  ”تنهنجي علم جي حصول جي ڪاميابي، منهنجي مشن جي تڪميل جو واڌارو آهي.“ پيءُ جي ان خواب کي سنڌ جي هن  لائق نياڻي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو. سندس شمار سنڌ جي تعليمي ماهرن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر درشهوار سيد کي سنڌي، انگريزي، اردو ۽ فارسي ٻولين تي عبور حاصل هو. کيس پيار ۽ احترام مان ’جيجي‘ به سڏيو ويندو هو. هن 1985ع کان 1991ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر جوائن ڪيو ۽ اتي لڳاتار تاريخ جو مضمون پڙهايائين.  ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي فائز رهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ درس تدريس جا فـرض سـرانجـام ڏيـڻ سـان گـڏ، 1991ع ۾ ڪـراچـي يـونيـورسـٽـيءَ جـي ’شاهه عبداللطيف چيئر‘ جي ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز ٿي. سندس انگريزي ڪتاب ‘‘Universal Message of Shah Abdul Latif’ 1986ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. ’لطيفي ڪهانيان‘ (اردوءَ ۾) 1993ع ۾ شايع ٿيو. ’شاهه عبداللطيف جي موسيقي‘ عنوان سان سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ’شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر‘ 1992ع ۾ شايع ڪيو. سندس سنڌي، اردو، انگريزي ٻولين  ۾ لکيل کوڙ سارا مقالا مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هن ڪيترن قومي ۽ عالمي سطح جي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي مقالا پڙهيا. کيس ڪافي تعداد ۾ اوارڊ به مليا، جن ۾ 1985ع ۾ ’ارنسٽ ٽرمپ اوارڊ‘، 1988ع ۾ ’لطيف گولڊ ميڊل اوارڊ‘. ساڳئي سال ’گورنمينٽ آف سنڌ ڪيش اوارڊ‘، 1990ع ۾ ’سچل سرمست اوارڊ‘ شامل آهن.  هن آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن جو بنياد رکي، سنڌي عورتن ۾ جاڳرتا آڻڻ لاءِ ۽ انهن جي حقن لاءِ پتوڙيو ۽ ڪيترن شهرن جا دورا پڻ ڪيائين. 
    ان کانسواءِ شاهه لطيف چيئر ۾ رهڻ دوران هن (1) ’تحقيق جو طريقيڪار‘، (2) ’شاهه لطيف تي تحقيق‘، (3) ’ببليوگرافي آف شاهه لطيف‘، (4) ’شاهه جو رسالو‘ (چئن ٻولين ۾) لکيا ۽ سهيڙي ڇپايا. 
    ڊاڪٽر درشهوار سيد 26 ڊسمبر 1997ع ۾ وفات ڪئي
  • شيخ اياز

    شيخ اياز

    اڙي چنڊ اڙي چنڊ پرين تو تہ ڏٺو ناھي
    سـندس روپ سـندس رنگ ايئن آھي جيئن تون

    شيخ اياز


    IMG 20231228 WA0032لطيف ثاني جي لقب سان مشھور سـنڌ جي عظيم شاعر، نثر نويس، ۽ دانشور شيخ مبارڪ المعروف شيخ اياز 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو، ھن قانون جي تعليم حاصل ڪئي ۽ وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو، ھن ڪھاڻيون به لکيون، ترجما به ڪيا ۽ ٻيو نثر به لکيو پر سندس سڃاڻپ ھڪ وڏي شاعر جي آهي، سندس مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو  1946ع ۾ ڇپيو،  جڏهن ته سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ’’ڀنور ڀري آڪاس‘‘ 1962ع ۾ شايع ٿيو، جنھن تي 1964ع ۾ حڪومت پابندي لڳائي ڇڏي، سندس شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ’’ڪلھي پاتم ڪينرو‘‘ 1963ع ۾ ڇپيو، ھن مجموعي تي به 1968ع ۾ پابندي لڳي، شیخ ایاز اردو ۾ به شاعري ڪئي، سندس اردو شاعري جي مجموعن ۾ (بوئے گل نالۂ دل، کف گلفروش اورنیل کنٹھ، نیم کے پتے ۽ حلقہ مری زنجیر کا) شامل آهن، شیخ ایاز شاهه لطيف جي رسالي جو اردو ترجمو به ڪيو، شیخ ایاز جي نثري مواد ۾ سندس خطن جو مجموعو، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، مضمونن جو مجموعو، ڀڳت سنگهه کي ڦاسي، يادن جو مجموعو، ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون ۽ ساھيوال جیل جي ڊائري ۽ آتم ڪٿا ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر قابل ذڪر آهن، کيس شھيد ذوالفقار علي ڀٽي 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر مقرر ڪيو، شيخ اياز 28 ڊسمبر 1997ع ۾ ان جي وفات ٿي ـ

  • اختر ھالائی

    اختر ھالائی

    اختر ھالائی


    IMG 20231228 WA0033سنڌ جي مشهور شاعر محمد عمر ميمڻ المعروف اختر ھالائي 27 ڊسمبر 1917ع تي هالا ۾ جنم ورتو، ھن پھرين ”مجرم“ تخلص اختيار ڪيو ھو، ان کان پوءِ ”اختر هالائي“ تخلص اختيار ڪيو، ھن سنڌي، اردو، عربي، فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي، ھن پھرين گربيون ۽ سوسيون اڻيون، پوءِ خانداني پيشو يوناني حڪمت جو ڪم شروع ڪيو، سٺو هوميوپئٿڪ ڊاڪٽر به رهيو، ھن ٻه پنھنجيون هفتيوار اخبارون ”تعمير“ ۽ “ڪوثر” به جاري ڪيون، سندس شاعري ان دور ۾ نئين زندگي ۽ مھراڻ سميت مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهي، اختر هالائيءَ 27 آڪٽوبر 1959ع تي وفات ڪئي

  • مولانا غلام محمد گرامي

    مولانا غلام محمد گرامي

    مولانا غلام محمد گرامي


    IMG 20240101 WA00701سنڌ جي ھڪ وڏي اديب، صحافي ۽ دانشور مولانا غلام محمد گرامي 30 ڊسمبر 1920ع تي جاڙو خان لغاري جي گهر ۾ ميھڙ ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو ، ھن پرائمري تعليم ميھڙ مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ هن باقاعدہ ڪا تعليم حاصل نه ڪئي، پر پنھنجي ذھانت جي ڪري کيس عربي ۽ فارسيءَ تي دسترس حاصل ھئي، مولانا غلام محمد گرامي پنهنجي شوق سان سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ عربي، فارسي ۽ اردو زبانن ۾ ايتري ته مھارت حاصل ڪئي جو کيس مختلف تعليمي ادارن ۾ لئنگئيج ٽيچر مقرر ڪيو ويو، ھي ڪيترين اخبارن، رسالن سان لاڳاپيل رهيو، انھن ۾ ھلال پاڪستان، روزنامہ عبرت، آفتاب، عرفان لطیف، پاسبان، الزمان ۽ ترجمان شامل آهن، 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي مھراڻ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، غلام محمد گرامي لاتعداد ڪتابن جو مصنف ھو، جن مان ‘اللہ جو وجود’، ‘رفیق حیات’، ‘ڪليات بلبل’ (ترتیب)، ‘دیوان بلبل’ (ترتیب)، ‘اساں جو پیارو دین’، ‘پاڪ جمھوريت’، اسلامي تاریخي ڪھاڻيون’، ‘مزاحیات’، ‘مشرقي شاعري جا فنی قَدر ۽ رجحانات’ ۽ ‘مسلمان ۽ سائنس’ قابل ذڪر آهن، مولانا غلام محمد گرامي موسيقي جو به وڏو ڄاڻو هو، ھن موسيقي جي باري ۾ به تمام گهڻو لکيو، سندس پسند جو فنڪار استاد منظور علي خان ھو، گرامي صاحب ڪيترن ئي ادبي ۽ اشاعتي ادارن جو ميمبر رهيو، جن ۾ صوفياء سنڌ، سنڌي ادبي انجمن، بزم طالب المولیٰ، سنڌ ادبي سنگت، سنڌي ٻوليءَ سوسائٽي وغیرہ شامل آهن، مختلف بزرگن جي عرس تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جو رواج به گرامي وڌو، ھن ڪيترائي نالا سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرايا، جن ۾ تنویر عباسي، استاد بخاري، ظفر حسن، تاج بلوچ، نفیس احمد ناشاد، اسحاق راهي، وغیرہ شامل آهن، ھن 15 سيپٽمبر 1976ع تي وفات ڪئي..