Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • ڪلياڻ آڏواڻي

    ڪلياڻ آڏواڻي

    شاهه لطيف جو شارح
    ارشاد ڪاغذي
    اڄوڪي ڏينهن 17 مارچ 1994ع تي مشهور اديب، عالم، شاهه لطيف جو شارح ۽ عاشق، ڪلياڻ آڏواڻي پرلوڪ پڌاري ويو. ڪلياڻ آڏواڻي علم و ادب تحقيق ۽ تپسيا جي سمنڊ جي عميق ۾ ٽٻي هڻي، اهڙا شاهڪار شهپارا تخليق ڪيا، جيڪي سنڌي ادب جو خزانو ۽ ورثو بڻجي ويا. ڪلياڻ آڏواڻي جو ”شاهه جو رسالو“ تنقيدي شرح جو شاندار ڪارنامو آهي، جيڪو ادب جي اُفقَ جي آفتاب مثل آهي. سنڌي اديبن، محققن، مفڪرن، شاعرن ۽ فنڪارن سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۾ ڏينهن رات نور نچوئي تحقيقي، تنقيدي ۽ فڪرانگيز مواد کي سهيڙي سولو بڻائي عام فهم ٻوليءَ ۾ هر عام ۽ خاص آڏو پيش ڪري ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. ڪلياڻ آڏواڻي پنهنجي علم، عقل، فهم، ادراڪ ۽ دانش جي ٻل تي شاهه لطيف جي لڪيل پهلوئن کي جهڙي نموني ظاهر ۽ نروار ڪيو ۽ شاهه جي خيال، ويچار ڌارا، موضوع، اسلوب، ٻولي، فن ۽ فڪر کي جديد تنقيدي انداز سان اُجارڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو آهي. ان ڪارڻ شاهه لطيف جي شاعري کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي پئي آهي.
    جي تو بيتَ ڀانيا، سي آيتُون آهِينِ؛
    نِيو مَنُ لائِينِ، پِرِيان سَندي پارَ ڏي.
    ”آڏواڻي، ڪلياڻ بولچند (جنم: 1911ع) انگريزي ۽ فارسي ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد، 1942ع ۾ ڊي جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد سنڌ ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جو سربراه مقرر ٿيو، ان سال ڄيٺمل پرسرام ريٽائرڊ ٿيو هو. هن تعليمدان ۽ اديب جي حيثيت ۾ گھڻي مشهوري ماڻي ورتي. ساڳئي ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران هن ڪاليج مئگزين ڦليلي ۾ ڪيئي مضمون لکيا ۽ ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيڻ سان عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف جي نسبت ۽ نالي سان لطيف ٻاري مئگزين جاري ڪئي، جيڪا گھڻي مشهور ٿي هئي.
    ورهاڱي بعد آڏواڻي هندوستان هليو ويو، اتي جئه هند ڪاليج بمبئي ۾ ملازمت شروع ڪئي. 1948ع ۾ هن کي ڪاليداس جي جڳ مشهور تصنيف شڪنتلا جي سنڌي ترجمي تي ادبي انعام سان نوازيو ويو. ان کان اول هن، مشهور رسالن سنڌو ۽ لطيف ٻاري ۾، شاهه عبداللطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن تي تنقيدي مضمون لکيا هئا. 1951ع ۾ هن جو تنقيدي ڪتاب شاهه شايع ٿيو، جنهن ۾ هن شاهه لطيف جي مختلف پھلوئن تي ڀرپور ادبي ڪم ڪيو هو. ان کانپوءِ 1953ع ۽ 1954ع ۾ سچل ۽ سامي تي ڪتاب لکيا. 1958ع ۾ آڏواڻي شاهه جو رسالو مڪمل ڪيو. جيڪو هن جي علمي ۽ ادبي جُهدُ جي جهان جو ڪارنامو هو. هن کي 1968ع ۾ شاهه جو رسالو تي ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ  ڏنو ويو. 1960ع ۾ مصنف جو شاعري جو ڪتاب راز و نياز ڇپي پڌرو ڪيو ويو. ساهتيه اڪيڊمي پاران 1963ع ۾ سچل جي چونڊ شاعري شايع ٿيو، ۽ هن جا انگريزيءَ ۾ ٻه مونوگراف، ميڪرس آف انڊين لٽريچر جي سيريز سلسلي ۾ شاهه لطيف ۽ سچل سرمست ترتيبوار 1970ع ۽ 1971ع ۾ شايع ڪيا ويا.“ (انسائيڪلو پيڊيا آف انڊين لٽريچر – مرتب: امريش دتا)
    ڪلياڻ آڏواڻي سنڌي ادب جي اوائلي اديبن، محققن ۽ تنقيدنگارن ۽ مضمون نويسن ۾ سرفهرست ليکيو وڃي ٿو، جن سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام ۽ زندگي جي مختلف پھلوئن ۽ رخن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ جديد بنيادن تي کوجنا ڪئي. سنڌ جي اساسي ٽمورتي شاعرن شاهه، سچل ۽ سامي جي فن ۽ فڪر تي تفصيل سان لکيو آهي، جنهن جي ڪري تحقيق ۽ تنقيد جي شعبي ۾ نواڻ پيدا ٿي، پر ان وقت جي علمي اوکَ ڊوکَ ۽ پنهنجي ذهني ترجيح ۽ رغبت جي لاڙي جي ڪري سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن کي صوفيت، ويدانيت ۽ مذهبي دائري ۾ بند ڪري سندن گھڻ-پاسائن پهلوئن کي محدود رکيو ويو، جنهن کي اڳتي هلي ٻين مورخن ۽ محققن ڇنڊي ڇاڻي صاف ڪري نئون نياپو ۽ پيغام ڏنو، ۽ هڪ نئين لاٽ ۽ روشنيءَ سان جڳ روشن ٿي ويو.
    نئون نياپو آئيو، راڻي ملان رات،
    لڌيسون لطيف چئي، ڪنان ڏاتر ڏات،
    ڪهڙي پڇين ذات، جي آيا سي اگھيا.
    (شاهه لطيف)
    پروفيسر آڏواڻي صاحب انگريزي ۽ فارسي جو ڄاڻو هو پر هن گھڻي ڀاڱي سنڌي زبان ۾ ادبي ڪم ڪيو آهي. شاهه جو رسالو جيڪو ڪلياڻ آڏواڻي جي محنت جو نچوڙ آهي، ان رسالي تي هن کي ساهتيه اڪيڊمي انعام سان نوازيو ويو.
    موهن لال لکي ٿو: ”ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي مڪمل ڪلام جي تشريح کان علاوه ٽيهن صفحن جو تعارف يا مهاڳ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ وقت جي عظيم صوفي سنت جي زندگي، شخصيت، ڪردار ۽ سندس شاعري کي چٽي طرح کولي پڌرو ڪيو ويو آهي. ٽيهن سرن تي مشتمل 467 صفحن جي متن ۾ سڀني سرن جو مختصر تعارف ۽ ڏيٺ ويٺ ڪرائي وئي آهي، جيڪا هندوستاني موسيقي تي آڌاريل ۽ مبني آهي. هر هڪ داستان ۾ شامل ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ تشريح ڏني وئي آهي. سرن ۾ جيڪي لوڪ ڪهاڻيون آهن تن جي مصنف چٽائي سان چڱي نموني تمثيل ۽ تشبيهه پڻ ڏني آهي. ڪيترا ئي ڪتاب صوفي شاعر شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۽ زندگي تي لکيا ويا آهن، پر شاهه جو رسالو جيڪو ڪلياڻ آڏواڻي مرتب ڪيو آهي اهو قابل ذڪر اضافو ليکيو ويندو. ڪلياڻ آڏواڻي جو شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن تي ٿيل هي ادبي ڪم ۽ پورهيو آئنده جي مورخن ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو ۽ ان مان هو گھڻو ڪجهه حاصل ڪري سگھن ٿا. ڪلياڻ آڏواڻي جا لکيل ڪتاب؛ شاهه  (1951ع)، شاهه جو رسالو (1958ع)، سچل جو چونڊ ڪلام (1963ع)، شاهه لطيف (مونوگراف، 1970ع) ۽ هن جي پنهنجي شاعري راز و نياز.“ (انسائيڪلوپيڊيا آف انڊين لٽريچر)
    ڪلياڻ آڏواڻي جو ”شاهه جو رسالو“ جامع ۽ سولو آهي، هن وڏي تياري ۽ ترتيب سان ڏکين لفظن جي معنيٰ، هر هڪ سر ۽ داستان جي تشريح، تت ۽ مفهوم عام فهم زبان ۾ ڪيو آهي ۽ ان کان علاوه اهم ڪم هي ڪيو آهي جو رسالي ۾ هاڻوڪو تلفظ ڪم آندو اٿس. ڪيترن عالمن، اديبن ۽ محققن ڪشالا ڪڍي ۽ سخت محنت ڪري شاهه جو رسالو مرتب ڪيو آهي، انهن مان پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي جو شاهه جو رسالو سڀني کان وڌيڪ پسند ڪيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. هن سنڌي اساسي ادب جي تدوين، تحقيق ۽ ترويج ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو وسارڻ جوڳو ناهي! ڪلياڻ آڏواڻي جو هي ادبي پورهيو سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ هي هڪ يادگار تحفو پڻ آهي، جيڪو سنڌي پنهنجي سيني سان سانڍي رکن ٿا ۽ ڪلياڻ آڏواڻي هميشه زندگي ڀر کين ياد رهندو. بقول هيرو ٺڪر؛ ”مطلب ته آڏواڻي صاحب پنهنجي هن شاهه جي رسالي کي منفرد ۽ ڪارائتو بڻائڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان کي جيڪڏهن ورهاڱي بعد سنڌي ادبي ميدان جو هڪ حد نشان (Land Mark)  ڪري سڏجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه سمجهڻ گھرجي.“
    سچ پچ سنڌ ماضيءَ ۾ خوش نصيب رهي آهي، جنهن اهڙا سڀاڳا پٽ ڄڻيا آهن، جن جي لڇڻن تي اڄ سنڌي قوم فخر ڪري ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ سنڌ پنهنجي ئي پيٽ-ڄڻين جي عملن کان شرمساري محسوس ڪري رهي آهي، پر يقين آهي، مستقبل ۾ ائين نه هوندو. اهڙي نيڪ خواهش انسان ذات کي ڪرڻ گهرجي ۽ ائين اسان سنڌين کي به.
    پر سنڌ گهڻي ڀاڳن ڀري ڌرتي به آهي، جنهن اهڙن پٽن کي جنم ڏنو جن سندس شان کي اوچو ڪيو ۽ زندگيءَ جي آخري ساهه کڻڻ تائين هو اهڙي ڪوشش ڪندا رهيا.
    سنڌ جي اهڙن سڀاڳن پٽن مان سنڌي ٻوليءَ جو اهو صدورو پٽ به آهي، جنهن سنڌ کان ڏور وڃي به سنڌ کي گهڙي نه وساريو. هو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهيو. هن هند ۾ رهي اتي رهندڙ سنڌين کي پنهنجي پاڙُن جي سڃاڻپ ڏيڻ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ، ۽ ان کي وڌائڻ ويجهائڻ لاءِ، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي امين شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو سولي سنڌيءَ ۾ مرتب ڪيو. ائين ڪري هن هند جي سنڌين کي هڪ ڀيرو وري نئين سري سان سنڌ ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ سان جوڙيو. هن نه رڳو شاهه سائين کي سنڌين جي روح جي ويجهو آندو پر ساڳئي وقت هن سچل سائين تي ۽ ويدانتي شاعر ساميءَ تي تفصيل سان ڪتاب لکي، سنڌي ماڻهن کي اهو سمجهايو ته جيستائين اسان پنهنجي هن سنڌي شاعريءَ‎ جي ٽمورتيءَ کي ڌيان سان نه پڙهنداسين تيستائين سنڌ جي روح کي، پنهنجي اندر کي، ۽ ائين ڪائنات جي سچ کي نه سمجهي سگهنداسين. سنڌي ٻوليءَ جي هن برک عالم، اديب ۽ تعليمدان جو جنم سنڌ جي علمي ۽ ادبي شهر حيدرآباد ۾ ڏهين فيبروري اوڻيهه سؤ يارنهن ۾، بولچند اجومل آڏواڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. هي اهڙو گهر هو، جيڪو نج صوفي گهر هو. جنهن ۾ ڪلياڻ آڏواڻي کي نه رڳو هندو مذهب جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا پر انهن سان گڏ بائيبل، قرآن شريف ۽ صوفي شاعرن جا رسالا به پڙهڻ لاءِ مليا، جن منجهس هڪ صوفيءَ وارو روح ڦوڪيو ۽ هو سڄي ڄمار صوفي ئي رهيو. سنڌي موسيقي ۽ ڪرڪيٽ راند جو عاشق، ڪلياڻ آڏواڻي صاحب، اڳتي هلي ڪتابن جو اهڙو عاشق بڻيو جو باقي سڄي ڄمار هو ڪتابن جي وچ ۾ ئي رهيو.
    ڪلياڻ آڏواڻي، سنڌ ۾ ئي هڪ قابل اديب طور سڃاپجڻ لڳو هو. سندس ڪي مضمون ”سنڌو“ رسالي، ”ڦليلي“ ۽ ڪاليج جي مئگزين ”لطيف ٻاريءَ“ ۾ ڇپجي چڪا هئا. سندس پهريون ڪتاب اوڻيهه سؤ ڇائيتاليهن ۾ شايع ٿيو جيڪو اڄ جي دنيا ۾ مشهور ناٽڪ طور سڃاتو ٿو وڃي. اهو آهي مهاڪوي ڪاليداس جو ناٽڪ ”شڪنتلا“، جنهن تي سنڌ حڪومت کيس انعام به ڏنو. ڪلياڻ آڏواڻي جو شاهه سائينءَ تي پهريون ڪتاب اوڻيهه سؤ ايڪونجاهه ۾ ڇپيو جنهن کان اڳ سنڌي تنقيد ۾ فقط گر بخشاڻي صاحب جو لکيل ڪتاب ”مقدمي لطيفي“ ڇپيل هو.
    شاهه سائينءَ تي لکيل ڪتاب کان پوءِ اوڻيهه سؤ چوونجاهه، ۾ سندس سچل تي ڪتاب ڇپيو، جنهن کان اڳ سندس ”سامي“ صاحب تي لکيل ڪتاب به گهڻي مڃتا ماڻي چڪو هو.
    ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جهڙو برک عالم به اوڻيهه سؤ اٺيتاليهن ۾ سنڌ ڇڏي هند لڏي ويو، جتي پهرئين ڪلياڻ ڪئمپ ۾، پوءِ هڪ هوٽل ۾ رهيو، پوءِ سيان ڪالوني ممبئي ۽ آخر سنڌ واڙي ممبئيءَ ۾ اچي رهيو. هند ۾ هو شروع کان ئي جئه هند ڪاليج سان جڙيل رهيو ۽ اتان اوڻيهه سؤ ڇاهتر ۾ رٽائر ٿيو. هند ۾ ڪلياڻ آڏواڻي صاحب کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن جو ترتيب ڏنل ”سچل جو چونڊ ڪلام“ نالي ڪتاب مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ شايع ڪيو. پر سچ اهو آهي ته هن عالم جي کاتي ۾ اهم ترين ڪم اهو آهي، جيڪو ”شاهه جو رسالو“ جي صورت ۾ معنيٰ ۽ تفسير سان هندستان ڪتاب گهر ڇپايو جنهن جو پهريون ڇاپو اوڻيهه سؤ اٺونجاهه ۾ ڇپيو، جنهن سندس نالي کي پر لڳائي ڇڏيا ۽ ان ئي ڪم تي کيس مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي اوڻيهه سؤ اٺهٺ ۾ پنهنجي اعليٰ ادبي انعام سان نوازيو. سنڌي پڙهندڙن مان شايد گهٽ پڙهندڙن کي اها خبر هوندي ته هن شاعري به ڪئي آهي، جنهن جو مجموعو اوڻيهه سؤ سٺ ۾ ”راز و نياز“ جي نالي سان ڇپيو آهي. پر آڏواڻي صاحب جا ٻيا سڀ پهلو شاهه سائين واري ڪم جي ڪري لڪيل ئي رهجي ويا آهن. ٻي طرح هن سنڌي عالم کي نه رڳو سنڌي شعر جي باريڪين جي ڄاڻ هئي پر هو فارسي ڄاڻندڙ هڪ اهڙو عالم هو جنهن کي علم عروض جي به ڄاڻ هئي ته اسلامي فلسفي تي به هو اٿارٽي ڄاتو ويندو هو.
    شاهه، سچل ۽ ساميءَ تي لکيل سندس ڪتاب انهيءَ علم بابت مثال آهن، جن ۾ عربي، فارسي سان گڏ هتان جي ٻين ٻولين جي شعر جا حوالا پڻ گهڻا اچي وڃن ٿا، جن مان هن عالم جي علم ۽ ساڳئي وقت ٻين ٻولين، ادب ۽ شاعريءَ بابت پڻ ڄاڻ پوي ٿي.
    ڪلياڻ آڏواڻي صاحب کي ٻن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، جن سان گڏ هو ممبئيءَ ۾ آخر تائين رهيو ۽ آخري ساهه کڻڻ تائين هو لکڻ پڙهڻ سان جڙيل رهيو. سترهين مارچ اهو اڀاڳو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن هن سنڌي، اردو، فارسي ۽ سنسڪرت جي عالم اسان کان موڪلايو.
    اڄ هو پاڻ موجود نه آهي پر سنڌي اساسي/ ڪلاسڪي شاعرن تي جڏهن به ڪجهه حوالي طور ڏسڻ جي گهرج پوي ٿي ته ٻن شخصن جا نالا ئي پهرين پهرين اکين اڳيان ايندا، جن کي لکڻ لاءِ به هڪ احترام گهرجي ۽ اهي احترام لائق نالا آهن؛ ڊاڪٽر هوتچند، مولچند گربخشاڻي ۽ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي. هيءُ سنڌي عالم سنڌ کان ڪڏهن به نه وسرندا، ٻنهي مان هڪ گربخشاڻي صاحب ته سنڌ ۾ هوندي ئي وفات ڪئي پر هڪ عالم ڪلياڻ آڏواڻي صاحب کي هڪ ڊگهي جلاوطني ڏسڻي پئي پر هو جلاوطن هوندي به پنهنجي ڌرتيءَ کان روحاني طور ڌار نه ٿيو. اڄ کيس ياد ڪندي سندس پورهئي ۽ شخصيت کي ڏسندي ڀٽائي سائينءَ جو اهو ئي بيت ياد ٿو اچي، جيڪو آڏواڻي صاحب جي پسند جو بيت آهي، جيڪو هن بار بار استعمال ڪيو آهي ته:
    دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس.
    چونڊ عمران
  • جمع خان غريب

    جمع خان غريب

    جمعو خان ’غريب ‘:شاعر جمعو خان ’غريب‘، 15 -جنوري- 1885ع تي ڳوٺ مريد خان لاکير، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. پرائمري -تعليم- مقامي اسڪول مان حاصل ڪيائين. سنڌي فائنل پاس ڪرڻ بعد عملي زندگيءَ جي شروعات هڪ -استاد- جي حيثيت ۾ ڪيائين ۽ هڪ مثالي -استاد- ٿي رهيو. جمعي خان جي تربيت علمي ماحول ۾ ٿي، اسڪولي -تعليم- توڙي ملازمت دؤران پنهنجي خداداد ذهني صلاحيتن سان فارسي، -اردو- ۽ سنڌيءَ جي ادبي ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو. شمس الدين ’بلبل‘ جي صحبت جي ڪري علم ادب ۽ شاعريءَ ڏانهن راغب ٿيو. سندس ڪلام پڪو پختو ۽ دلنشين آهي. ڪيترن مشاعرن ۾ حصو ورتائين. محمد صديق مسافر کان شعر ۾ -اصلاح- ورتائين، ’انجمن آفتاب ادب‘ دادو، ’جمعيت الشعرا سنڌ‘ ۽ ’مجلس علم و ادب هالا‘ جي سرگرم ڪارڪنن مان هو. هن جي ڪلام جو معياري -انتخاب- ’گل نوبهار‘ جي نالي سان ڇپيل آهي، جيڪو اڳ ۾هاءِ اسڪول جي شاگردن کي ڪورس طور پڙهائڻ لاءِ به منظور ڪيل هو. 1940ع ۾ ماستري -تان- رٽائر ٿيو ۽ باقي سمورو وقت ادب ۽ حڪمت جي خدمت ڪندي گذاريائين. جمعو خان ’غريب‘ ڪيترن رسالن جو -ايڊيٽر- به رهيو، -جن- ۾: ’اديب سنڌ‘، ’مسلمان‘ ۽ ’طالب الموليٰ‘ مخزن شامل آهن. -جمعو خان غريب- ’قطع تاريخ‘ ڪڍڻ جو ماهر هو ۽ هزارين تاريخي مادا ڪڍيائين. سندس ٻارن لاءِ شاعريءَ جو ڪتاب ’گلِ نؤبهار‘ 1933ع ۾ ڇپيو هو. هن 7 -آگسٽ- 1953ع ۾ وفات ڪئي
    سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ويب سائيڻڊ ٿورن سان
  • نسيم احمد کرل

    نسيم احمد کرل

    نسيم احمد کرل 

     facebook 1564794828541
    سنڌي ادب جو هيءُ ناميارو افسانه نويس ۽ ڪهاڻيڪار ڳوٺ کرل خيرپور جو پڙهيل زميندار هو، سندس پيدائش 29  جون 1939ع ۾ ٿي ۽ زمينداريءَ ۾ جهڳڙي جي سبب سان سندن قتل 14 جولاء 1978ع ۾ ٿيو.
        سندس پهريون مجموعو ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“ اداره ادب جي طرفان 1966ع ۾ ڇپيو جنهن ۾ سندس جڳ مشهور ڪهاڻي ڪافر کان سواءِ گردش زماني جي، گذريل واردات، ڳڻ گٽس، ڪچو رنگ ۽ ڪجهه ٻيا افسانا شامل آهن. 
    چوٽيهون در جي مجموعي ۾ جيڪو 1977ع ۾ سهڻي
     پبليڪيشن وارن ڇپايو، ڪل 11 ڪهاڻيون آهن، جن ۾ مڪسڊ گرل، پهريون پهر، آخري ڪرنٽ، اٽالو پڊنگ، اسلام عليڪم، دارالفلاح، چوٽيهون در، پهرين مراد وغيره شامل آهن.
    افسانو پهريون پهر، ڊمي ۽ اٽالو پڊنگ Upper Class جي عورتن جي نمائندگي ڪن ٿا، هن ڪلاس جون عورتون فيشن ايبل ۽ هڪٻئي جي ريس ۾ Status جي نمائش ۾ پوريون آهن، جن جو مذهب ۽ مسلماني بقول کرل صاحب جي آهي”چلڪو“. اهي ڪهاڻيون ڪنهن خاص طبقي جي نمائندگي ڪن ٿيون، منجهس سماجي مسئلن جي گهرائي نه آهي. ”گٽس“ ڪهاڻي ۾ اڄڪلهه جي هڪ عام مسئلي جي نشاندهي آهي، جيڪو هر طبقي وٽ اهم مسئلو آهي، يعني سٺي رشتي جي ڳولها، هن ڪهاڻيءَ ۾ بيگم برنيءَ جو آخري ڊائيلاگ متاثر ڪن آهي. 
    ”پر افسوس جو نيلي ڊارلنگ تو ۾ اهڙا گٽس ڪونهن“
    شبنم شبنم ڪنول ڪنول عورت جي مجبوري ۽ مرد جي هوس جي لازوال داستان آهي، هڪ نرس جي ڪهاڻي جنهن مريض جي زندگي بچائڻ لاءِ فرض ۽ عزت جو سودو ڪيو. 
     ٻوليءَ ۽ ڪردار نگاريءَ کان سندس افسانا پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
    نسيم کرل جي لاءِ رسول بخش پليجو صاحب جن چون ٿا ته “ ”نسيم مذهبي رجعت خلاف لکيو”ڪافر“ ان جو بهترين مثال آهي“، پر وٽس سنڌي وڏيرو هيرو آهي، چوٽيهون در ۾ پوليس کي قابل نفرت جي بجاءِ صرف فرض کان لهرائيندڙ پيش ڪيو اٿن، سنڌي هارين جي ظلم خلاف ڪوبه آواز نه اٿاريو اٿن، بلڪه سنڌي هاري کيس چور جي روپ ۾ وڻي ٿو، پر ان سان گڏ هن سنڌي ادب کي عوامي ڳوٺاڻي ٻولي ۽ محاورا ۽ سنڌي زبان جو سهڻو استعمال ڏنو آهي. کيس بردباري ۽ قابليت سان ڳالهه ڪرڻ جو فن آهي، هو سنڌ جو برک فنڪار هوندي عوامي فنڪار نه آهي. هو پنهنجي ڪردارن سان مري جيئي نٿو”، ”ڪافر“ ڪهاڻي غير مسلم جي اسلام قبول ڪرڻ ۽ واپس وري هندوئن وٽ موٽي وڃڻ تي آهي، هن ڪهاڻيءَ جو موضوع اڇوتو ۽ ڊائيلاگ ڇرڪائيندر آهن، محاورا ۽ پهاڪا سهڻا ۽ بروقت آهن، مثال طور ”ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري“،”گڏهن کي پنج سنجيون پارائي گهوڙن سان بيهاربو ته ڪو گهوڙا ڪونه ٿي پوندا.“ يا مولوي اميد عليءَ جو ڊائيلاگ ”ابا سچ ٿا چئو ڪافر نيٺ ڪافر“ تمام پر اثر آهن.
    ”چوٽيهون در“ ڪهاڻي هڪ اخبار جي خبر تان متاثر ٿيل ڪهاڻي آهي. سپر هاءِ وي تي پيل لاش کي دادو ٿاڻي وارا نه کڻن ۽ حيدرآباد ٿاڻي وارا چون ته اسان جي حد ڪونهي. هيءَ ڪهاڻي به بهترين تاثر واري ڪهاڻي آهي. جڏهن انسپيڪٽر ٻڌائيندو آهي ته سکر بئراج جي 66 دروازن مان ڪجهه هڪڙي ٿاڻي سان لڳندا آهن ۽ ڪجهه ٻئي ٿاڻي سان ايئن لاش ڦاسندو ۽ رلندو آهي، آخر ۾ لاش کي دريا جي حوالي ڪرڻ مهل جو ڊائيلاگ تمام اثرائتو آهي.
    ”بابل ٻنهي صوبيدارن لاش ڪو نه ورتو، سو ان کي ان بادشاهه جي حوالي ڪيم جنهن جون حدون تمام وڏيون آهن. هيڏانهن سکر بئراج ته هوڏانهن عربي سمنڊ“ انهيءَ افساني پڙهڻ سان پوليس جو رويو جيڪو زنده ماڻهن سان ته هونئن ئي ناقابل برداشت آهي ۽ فرض کان غفلت وارو آهي پر هو مُردن جي لاءِ به دل ۾ رحم نٿا رکن، محسوس ٿئي ٿو. نسيم کرل جي ڪهاڻيءَ ۾ فني خوبيون بي حساب آهن. سندس افسانن جي ٻولي لاجواب آهي. واقعاتي پلاٽ هئڻ جي ڪري افسانن ۾ تسلسل آهي. ڪردار نگاري سندس افسانن جو روح آهي.
    حسين شاهه راشديءَ مطابق ته ”نسيم کرل کي قدرت ڳوڙهي مشاهدي جي عجيب ڏات ڏني آهي ۽ ان کي بيان ڪرڻ جي اهڙي سگهه بخشي آهي جو ڪنهن به ماحول جي ڳالهه ڪندو ته ڀائنبو ته پڙهندڙ پاڻ اُتي موجود آهي. مجموعي طور نسيم افسانه نويسيءَ ۾ هڪ اهم ۽ فني لحاظ کان برک ڪهاڻيڪار آهي. سنڌي ادب جو نفيس ڪهاڻيڪار آهي“، بقول سندس ته (مان نفيس پين ۽ نفيس پني تي سهڻن اکرن سان لکندو آهيان) (سهڻي مئگزين ۾ ڇپيل انٽرويو) هن مهان افسانا نويس سنڌي ادب کي گرانقدر افسانوي ادب ڏنو. سندس اوچتي قتل جي ڪري سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو. مٿن سهڻي پبليڪيشن طرفان سهڻي خاص نمبر ”نسيم کرل نمبر“ ڪڍيو ويو، جنهن ۾ مختلف اديبن ۽ ليکڪن جا تاثر ۽ رايا ۽ سندس انٽرويو ۽ ڪجهه ڪهاڻيون آهن
  • محمد عثمان ميمڻ

    محمد عثمان ميمڻ

    12494772 1549987825300731 7909336205645925280 n

    محمد عثمان ميمڻ


    سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب، محقق، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس محمد عثمان ميمڻ ولد محمد بچل جو جنم پهرين اپريل 1952ع تي منڇر ڪنڌيءَ تي واقع تاريخي شهر بوبڪ ۾ جنم ورتو. سندس ناناڻا ٿيٻا آهن. هن جو ڏاڏو ورهاڱي کان اڳ لڏي اچي دادوءَ ۾ ويٺو، جنهنڪري سندس ذهني اوسر دادوءَ ۾ ٿي. هن پرائمريءَ کان فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم مدرسه دارالفيوض دادوءَ مان محمد سليمان صدائي ۽ محمد مصطفيٰ ملڪاڻيءَ کان، قرآن پاڪ ۽ قراءت جي تعليم قاري محمد قاسم چانڊئي کان حاصل ڪئي. ٽي درجا انهيءَ مدرسي ۾ قائم پرائمري اسڪول مان پڙهي، پرائمري مين اسڪول دادوءَ مان ماستر عبدالله ميمڻ ۽ ڌڻي بخش ميمڻ جي شاگرديءَ ۾ پنجون درجو پاس ڪيائين، بعد ۾ ڇهون ڪلاس پرمانند هرداس پائلٽ هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ داخل ٿي مئٽرڪ تائين پڙهيو، جتي کيس عبيدالله آخوند ۽ بقا محمد قريشيءَ جهڙا لائق استاد مليا. انٽر سائنس جامعه مليه ڪاليج ملير ڪراچي مان ڪيائين، جتي کيس وقت جي وڏن عالمن مودودي ۽ سبط حسن جي صحبت نصيب ٿي ۽ ڪامريڊ نازش سان ويجهڙائيءَ ڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ به حصو ورتائين بعد ۾ پي. ٽي. ويءَ لاءِ نامور براڊ ڪاسٽر عبدالڪريم بلوچ ۽ هارون رند آڊيشن ورتو، ڪيترا ئي سال ٽي. وي تي سنڌي پروگرام ۽ ڊراما اسڪرپٽ لکيائين. سندس والد سنڌ جي جيلن جو وڏو مودي هو، جنهنڪري پاڻ ڪراچيءَ مان موٽي اچي پيءُ جو ٻانهن ٻيلي ٿيو. اتي قيدين کي کاڌ خوراڪ پهچائيندو هو. ان دوران ان وقت جي وڏن اسيرن خان ولي خان، جنرل شيروف ۽ نعپ جي ٻين اسيرن سان سندس لاڳاپا جڙيا ۽ دوستاڻا تعلقات وڌيا.
    شاعريءَ ۾ سندس استاد، استاد بخاري هو جنهن سان 1970ع کان وٺي 1992ع تائين شاگردي واري سلسلي سان دوستي ۽ محبت جي مانڊاڻ ۾ منڊيو رهيو. شاعريءَ جي اصلاح سان گڏ استاد بخاريءَ سندس زندگيءَ جو به اصلاح ڪيو. حيدرآباد رهڻ دوران مدد علي سنڌي، شوڪت شورو، عبدالحق عالماڻي، منير ماڻڪ، فتاح هاليپوٽو، ڄام ساقي، عبدالواحد آريسر، طارق اشرف، عبدالفتاح بٺورائي، غلام حسين رنگريز، علي بابا، هارون رند، عبدالڪريم بلوچ، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا کوڙ اديب سندس ساٿ ۽ دوستيءَ ۾ رهيا. سليم سولنگي، محمد بخش سميجو، اطهر منگي، نور گهلو، تاج صحرائي، اسحاق راهي، محسن ڪڪڙائي، احمد مجتبيٰ، وفا ناٿن شاهي، شوڪت ڪيهر، سومرو سودائي استاد بخاري ۽ حاڪم ساڻس گڏ هئا. غالب ملڪاڻي کان سواءِ سيد حاڪم علي شاهه بخاري سان به گهڻو گهاٽو رهيو. حاڪم علي شاهه جڏهن به قديم آثارن جي پڙتال تي ويندو هو ته پاڻ ساڻس گڏ هوندو هو. حاڪم علي شاهه بخاريءَ سان رهي هن قديم آثارن بابت گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ آرڪيالاجيءَ تي لکڻ شروع ڪيائين. دادوءَ ۾ 1980ع ۾ ئي دادو ’آرٽس ڪلب‘ قائم ڪيائين جنهن ۾ استاد محمد صالح ساند، استاد بيبي خان جو شاگرد ۽ ڪلاسيڪل راڳ تي وڏي دسترس رکندو هو ان کي استاد مقرر ڪري سڀ ساز خريد ڪري ڏنائين. اتي خادم سخيراڻي، اڪبر بروهي ۽ ٻيا سکڻ ايندا هئا. استاد نظر محمد بئنجي نواز جيڪو استاد محمد صالح جو شاگرد هو اهو به اتي ئي سکيو. استاد صالح ساند کان ڪلاسيڪي موسيقيءَ بابت گهڻو سکيائين. پاڻ ڪجهه وقت صحافت کي به ڏنائين. روشن طب هفتيوار اخبار جو ڪيترائي سال ايڊيٽر رهيو. 15 سال دادو چيمبرس آف ڪامرس جو اعزازي سيڪريٽري به رهيو.
    هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1975ع ۾ والد جي وفات بعد ڪئي، روڊن، عمارتن وغيره جي ٺيڪيداريءَ جو ڪم شروع ڪيائين، پر اتي به دل نه لڳس ۽ ٻيا مختلف روزگار ڪرڻ لڳو، جن ۾ ميڊيڪل اسٽور، لوهه جو ڪم، ڪاغذ جو ڪم، ڪمپيوٽر ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ شامل آهن، پر ڊراما ۽ ڳائڻ سندس ورونهه رهيا. ڊرامي لکڻ جي شروعات 1975ع کان ڪئي. سندس پهريون ڊرامو ’پسي ڳاڙها گُل‘ آهي ۽ ٻيو ڊرامو ’چريو‘ آهي. اهڙيءَ طرح هن وقت تائين سندس 30 کن ڊراما پي. ٽي. وي تي نشر ٿي چڪا آهن، جڏهن ڪي. ٽي. اين ۽ سنڌ ٽي. وي پنهنجي نشريات شروع ڪئي ته 2005ع کان هن اتي لکڻ شروع ڪيو. سندس ڊرامو ’پاڻيءَ مٿي جهوپڙا‘ مشهور ٿيو. جيڪو ڪي. ٽي. اين طرفان منان عباسيءَ جي ڊائريڪشن ۾ منڇر جي پسمنظر ۾ رڪارڊ ٿيو، جيڪو ٿيم توڙي ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪي. ٽي. اين جي مک سيريل ۾ شمار ٿئي ٿو. ان کان سواءِ هن ڪي. ٽي. اين تي ’حوا‘، ’آئينو‘ نالي سيريل، ’غريب آباد جي عذرا ۽ شمي‘ ۽ ڪيترائي فائيو ڊيز لکيا آهن. هن وقت به سندس 80 قسطن تي مشتمل سيريل روپ راڻي جيڪا سنڌ جي محبتي ڪردار سونيتي ۽ ان مير باغي تي آهي جنهن ڪلهوڙن جو پويون دور ۽ ميرن جو شروعاتي دور ڏيکاريل آهي. ساڳئي وقت هن سنڌ ٽي. ويءَ لاءِ به ڪافي لکيو آهي، جن ۾ گهڻو ڪري سيريل ۽ فائيو ڊيز آهن. سيريل ۾ وارث , شانتي ۽ دشمن سندس بهترين سيريل ۾ شمار ڪيون وڃن ٿيون. فائيو ڊيز ۾ سندس ڊرامو ’اڄ جي نوران‘ گهڻو پسند ڪيو ويو. انهن ڊرامن کي مشهور هدايتڪار منظور دانش جي ڊائريڪريڪشن ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.
    2014ع ڪي. ٽي. اين تان سليم شاهه راشدي جي هدايتڪاري ۾ لکيل سندس هڪ ڊرامو ’غريب آباد جي عذرا ۽ شمي‘ ڏسندڙن ۾ بيحد مقبول ٿيو جيڪو 200 قسطن تي مشتمل هو. عثمان ميمڻ جو 2014ع ۾ سنڌ ٽي. وي تان ڊرامو ’دشمن‘ نشر ٿيو. جنهن جو ڊائريڪٽر منظور دانش هو. ڊرامون دعا 91 قسطون به 2016 ۾ هلي چڪو آهي. سندس هڪ ڊرامو ’جيون ڪٿا‘ مهراڻ ٽي. وي 2009ع تان نشر ٿيو. محمد عثمان ميمڻ جون سنڌي ڊرامي کي هٿي ڏيارڻ ۾ ڪيتريون ئي اڻ ٿڪ محنتون آهن هن سنڌي ڊرامي کي ڪيترائي نوان موڙ ۽ نوان لاڙا ڏئي سنڌي ڊرامي ۾ پنهنجي هڪ علحده سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي. سنڌي ڊرامن ۾ هميشه ٻوليءَ جو ڪو خيال ناهي رکيو ويندو پر هڪ سنڌي ڊرامي ۾ وڌ کان وڌ ٻوليءَ ۽ اسلوب طرف ڌيان ڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس ٿيل ڊراما گهرن ۾ پڻ ڏٺا ۽ ساراهيا وڃن ٿا. سندس ڊرامن جا پلاٽ سياسي، سماجي ۽ کهرو مسئلا هجن ٿا. هن جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته سنڌي ڊرامي کي قبيلائي دهشتگردي ۽ هٿيار ڪلچر کان ٻاهر ڪڍي سگهي پر ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ان سماج کي ان گند مان ٻاهر ڪڍڻ ڪافي ڏکيو مرحلو آهي. جنهن لاءِ هُو هميشه ڪوشان رهي ٿو.
    محمد عثمان ميمڻ ستر، اسي واري ڏهاڪي ۾ دادو شهر ۾ ٿيندڙ ناٽڪ منڊلن ۽ اسٽيج ڊرامن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪيترن اسٽيج ڊرامن ۽ ناٽڪ منڊلن جون ڪهاڻيون پڻ لکيائين.
    ان کانسواءِ هن نسيم کرل، اياز قادري، ڪرشن چندر ۽ هندستان جي مرهٽي ۽ تيليگو زبانن جي ڪهاڻين کي سنڌي ويس پارائي ڊراماٽائيز ڪيو آهي. ان کانسواءِ آرڪيالاجي، قديم آثارن توڙي سنگيت وغيره تي تحقيق پڻ ڪري چڪو آهي ۽ سندس تحقيق جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپيل) ڏکڻ ايشيا جي ٻولين جي ڊائريڪٽري (سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپيل) سنگيت سنسار (سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپيل) تعميرات جي لغت (سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپيل) ڏيهي پرڏيهي ساز (سنڌالاجيءَ پاران ڇپيل) بئنڪاري ۽ واپار جي لغت (سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپيل) بلوچستان جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپيل) وغيره شامل آهن. ان کانسواءِ ڏکڻ ايشيا جا ناچ، منڇر جي آبي جيوت، سنڌو سلطنت، سنڌي گائڪن ۽ وڄوتن جي ڊائريڪٽر، قديم آثارن جي ماهرن جي ڊائريڪٽري ۽ سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ڀاڱو ٻيو) پڻ ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي. پاڻ 2009ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سيل ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر طور ذميواريون نڀائي رهيو آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي 10 جلد جي تياري ۾ مشغول آهي. هن سنڌ جي انهن فنڪارن جا پروفائيل به لکيا آهن جن جون موسيقي جي دنيان ۾خدمتون وساري نٿييو سگھجن

  • استاد بيبو خان

    استاد بيبو خان

     
    facebook 1585106753564
    استاد بيبو خان

    استاد بيبو خان: استاد بيبو خان، نامياري ڪلاڪار استاد شادي خان جو پوٽو، استاد گامڻ خان جو پٽ ۽ استاد مبارڪ علي خان، استاد مراد علي خان ۽ استاد علي محمد خان جو ننڍو ڀاءُ هو. استاد بيبي خان جو اصل نالو محمد ابراهيم هو. استاد بيبو خان 1904ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن فن موسيقيءَ جي سکيا والد ۽ ڀائرن کان پرائي ۽ پنهنجي خانداني ورثي يعني ڌرپڌ ۾ ڪمال حاصل ڪيو. ڌرپڌ کان علاوه ٺمريءَ، دادري توڙي خيال جي گائڪيءَ ۾ ماهر هو. سندس ساٿاري، گوالياري گائڪي جو مشهور موسيقار استاد غلام رسول خان هو، پر استاد عاشق علي خان، استاد پيارو خان، استاد اميد علي خان ۽ استاد الهڏنو نوناري به ساڻس گڏ سنگت ڪندا هئا. استاد بيبي خان جو آواز ڏاڍو مٺو، لچڪيدار ۽ سُريلو هو. هو اڪثر سنڌي ڪافيون ڪلاسيڪي رنگ ۾ ڳائيندو هو. پنهنجي وقت جو هي ناميارو موسيقار 25 مارچ 1952ع تي حيدرآباد شهر ۾ وفات ڪري ويو ۽ ٽنڊي يوسف جي قبرستان ۾ مدفون آهي. سندس ڳايل مشهور ڪلامن مان هيٺيان آهن: 
    دلبر پرينءَ جو مون سان، منهن تي نقاب آهي 
    ريڌو وتين ٻين سان، مون سان حجاب آهي.
     
    ”نه منهنجي وات مان سهڻا ٿو اهڙو ڪو قسم نڪري، 
    الاهي عشق ۾ تنهنجي يا غم نڪري يا دم نڪري.“ 
    هن جي سڃاڻپ راڳ سهڻي ۾ خيال ”سخي ڪيوڙا“ ۽ راڳ سُگهُرئي جو ترانو هو. خانصاحب جي شاگردن ۾ استاد قدرت الله خان، استاد نياز حسين، استاد فدا حسين خان، مٺو ڪڇي، محمد هاشم ڪڇي، هادي بخش خان، مائي الهوسائي، محمد صالح ساند ۽ الهڏنو نوناري خاص هئا.
     
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سانa