Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON
-
ابڙو غلام هالاڻي
ابڙو غلام هالاڻي
ابڙو غلام ھالائي: غلام رسول ”غلام“ ولد لطف -الله- خان ابڙو پنھنجي والد جي نوڪريءَ دوران 4 -جولاءِ- 1920ع تي ننگر -ٺٽي- ۾ پيدا ٿيو. ”غلام“ ھالائي فائينل جو امتحان پاس ڪري 1946ع ۾ پرائمري -استاد- مقرر ٿيو. پاڻ ھڪ سٺي -استاد- سان گڏ سٺو مصور، اديب، شاعر ۽ موسيقار به ھو، کيس گھڙي وڄائڻ ۾ مھارت حاصل ھئي. -استاد- بيبي خان ۽ -استاد منظور علي خان- سان ڪيترا ڀيرا گھڙي تي سنگت ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيائين. پاڻ ھڪ بهترين ڊراما نويس پڻ ھو ۽ ڪيترائي پنھنجا ڊراما اسٽيج تي پيش ڪيائين. ”غلام“ صاحب شعر و سخن جي ھر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آھي. ”بزم رفيق“ ۽ ”بزم طالب الموليٰ“ سان خاص طور وابستگي ھيس ۽ ”الخالق ادبي اداري“ جو پڻ بنياد رکيائين. رٽائرڊ ٿيڻ بعد ”سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن“ ھالا جي زير اھتمام ”روشن تارا“ اسڪول جو آخري عمر تائين ائڊمنسٽريٽر ٿي رھيو. 27 -آگسٽ- 1984ع تي انتقال ڪيائين ۽ ھالا ۾ پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيوسنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ويب سائيڻڊ www.sindhiadabisangatsindh.com -
ساز ڪاظمي
ساز ڪاظمي
ساز ڪاظميساز ڪاظمي جو اصل نالو سيد علي احمد شاهه ۽ سندس والد جو نالو شاهنواز شاهه آهي، ساز ڪاظمي جو جنم 15 سيپٽمبر 1947ع تي ملاڪاتيار ۾ ٿيو، شروعاتي تعليم اُتان ئي حاصل ڪيائين، 1962ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين، 1973ع ۾ ٽنڊو محمد خان جي بوائز هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، 1968ع ۾ صحافتي زندگي جو آغاز ڪندي روزاني عبرت اخبار جو ملاڪاتيار ۾ رپورٽر مقرر ٿيو، ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم لکيائين، روزاني هنڱوراڻا سنڌ ۾ ” سچ ۾ مچ “ جي عنوان سان سلسليوار ڪالم لکيائين. بعد ۾ صحافت کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري شاعري طرف ڌيان ڏيڻ لڳو، مسڪين ملاڪاتياري سان گڏ علمي ، ادبي ، ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين ۾ مشعول رهيو، ” اداره حُب الوطن“ جو جنرل سيڪريٽري رهيو، ملاڪاتيار ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان گرلس اسڪول جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري اسڪول قائم ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين، سندس زندگي جو وڏو علمي ۽ ادبي عرصو ٽکڙ ۾ گذريو، جتي اسدالله شاهه ” بيخود“ حسيني ، شبير هاتف، نظير ٽکڙائي، سوز ٽکڙائي ، تاج ٽکڙائي، داغ ٽکڙائي، سعيد ٽکڙائي ۽ ٻين شاعرن جي همعصري ۾ شاعري جا سبق حاصل ڪيائين، نعتيه شاعري سان گڏ اردو شاعري سميت سنڌي شاعري جي مختلف صنفن عزل، نظم، وائي، ڪافي ، گيت تي طبع آزمائي ڪئيائين ، مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾ شروعات کان وٺي شاعري گنگنائي ڳائيندو رهيو ، ان منفرد انداز جي حوالي سان سُٺي شهرت ماڻيائين، سندس شاعري جو هڪ مجموعو ” دل دنبورو جن “ اڻڇپيل حالت ۾ موجود آهي. جيڪو اڃا تائين ڇپجي نه سگهيو آهي. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض 2013ع ۾ ثقافت کاتي سنڌ پاران کيس هڪ لک روپيا وظيفو پڻ ڏنو ويو هو. ڪجهه عرصو علالت ۾ رهڻ بعد 25 آگسٽ 2016ع بروز خميس تي لاڏاڻو ڪري ويو ، کيس سوين آلين اکين سان ملاڪاتيار ۾ سندس ابائي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ، مرحوم کي هڪ پُٽ جو اولاد سيد شاهنواز شاهه نالي آهي ، جيڪو پڻ ملاڪاتيار جو نوجوان صحافي رهيو آهي پر هن وقت صحافتي دنيا کان ڪناره ڪش آهي -
ريٽا شهاڻي
ريٽا شهاڻي
ريٽا شهاڻي✍?ڊاڪٽر سنڌيا ڪندناڻيڪهاڻيڪار مضمونگار ناول نگار ۽ شاعرا ريٽا شهاڻيءَ جو جنم هڪ تعليم يافت ڪٽنب ۾ 24 آگسٽ 1934 تي حيدراباد سنڌ ۾ ٿيو. ريٽا جو پتا عالمچند اُڌارامموسيقيءَ جو چاهڪ هو.هو ڳائيندو ۽ وڄائيندو هو.جڏهن ت سندس چاچو منگهارام ملڪاڻي جيڪو سنڌي نثر جو عالم ۽ ايڪانڪي ناٽڪن جو ابو منگهارام ملڪاڻي هو. اهڙي خوشنما ۽ ادبي ماحول ۾ ريٽا جي پرورش ٿي. هيءَ اڃا 15 سالن جي مس ٿي جو ورهاڱو ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ لکنو ۾ رهيا.1957 ۾ هن جي شادي وشنو شهاڻيءَ سان ممبئيءَ ۾ ٿي. ۽ ڪجه سالن کانپوءِ هو پوني ۾ وڃي رهيا.ريٽا شهاڻي ٻ دفعا سنڌ جو سفر ڪري آئي ۽ اُتان اچي هن “جتي منهنجا اوٺيئڙا” جو سفرنامو قلم بند ڪيو.ريٽا شهاڻي جي شخصيت ت تمام وشال آهي.جنهن جي ساهتڪ پونجي اُنجي شاندار ۽ وشال شخصيت جي گواهي ڏيندا.هت مون تمام تمام ٿوري ۾ روشني وڌي آهي.سنڌي ادبي کيتر جي ايتري مهان ليکڪا ريٽا شهاڻي15 سيپٽمبر 2013 ۾ هي سنساري سفر تياڳيو پر پوءِ هوءَ اڄ ب ساهتڪ کيتر ۾ ڇانيل آهي. ۽ ساهتڪارن جي دل ۾ وسيل آهي.ريٽا شهاڻيءَ جي ساهتڪ پونجي*پنک وڄائين شنک – شاعري 1982*منهنجي حد آڪاش – شاعري 1984*ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ – ناول1985*کٿوريءَ جي کاڻ- سفرنامو: 1986*گيت رامايڻ -مرهٽي – ترجمو 1987*سوريه ياترا – شاعري1987*منع ٿيل ميوو- ڪهاڻيون 1988*سج کان چنڊتائين -ناول 1989*سڄاڻ جون سمرتيون – منگھارام ملڪاڻيءَ جي سوانح 1990*پرهه جا پياڪ -ناول 1991*پچڻ کي پچاءِ- ڪهاڻيون: 1992* گھنڊ ڄاڻ وڳو- آتم ڪٿا: ڀاڱو پهريون: 1993*ٻپهريءَ جا ٻه پل -آتم ڪٿا ڀاڱو ٻيو: 1994*ڇُهي مُئي – ناول 1995*ارٽ جو آواز- شاعري 1996*ببليءَ جون آکاڻيون- ٻاراڻو ادب: 1996*لپ ڀر مهراڻ – مضمون: 1997*سوال ئي سوال – ڪهاڻيون: 1998*يرودا جيل جون ڪهاڻيون- سوانح: 2000*جيون ۽ ساهت – مضمون 2001* گونگي گگن سان گفتگو -ناول 2001*ميران ٻائيءَ سان وارتا لاپ- مڪالماتي گفتگو 2002*جتي منهنجا اوٺيئڙا -سفرنامو 2004*ترڪڻا ترورا-ناول 2004*رشتن جو رقص- ڪهاڻيون 2008*ست سر، سترنگ ناول 2008*اڪٿ ڪهاڻي ڪبير- سوانح: 2008*سفر در سفر- سفرنامو: 2010*روبرو -سوانح: 2012*بي زبان زبان -ناول2010*جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ -دادا جشن جي سوانح 2008*ٻيپهريءَ جا ٻه پل – آتم ڪٿا ٻئي ڀاڱا گڏ، سنڌ ۾ ڇپيل 2004کيس هيٺيانريٽا شهاڻيءَ کي مليل انعام مان سنمان*ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ – سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ- 1987*ٻپهريءَ جا ٻه پل- بيسٽ سنڌي سڀا- 1994*برک ليکڪا انعام – اکل ڀارت سنڌي ٻولي۽ ساهت سڀا – 1997* آر. جي. آڏواڻي ٽرسٽ پاران هڪ لک روپين جو انعام 1998*رنگريزوا (هندي ڪتاب ) – گديه سرجن پرسڪار –– انتر راشٽريه سنسڪرتي ڪلا پريشد- 1999*برک سنڌي ساهتڪار – مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪيڊمي- 1998*ايشوري ٻائي بخشاڻي اوارڊ -2000*نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج اوارڊ طرفان ٻ دفعا اوارڊ 2000 ۽ 2008*سنڌوسڀا ۽ جئسر ٽرسٽ پاران اوارڊ 2012*اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا اوارڊ – 2012 -
روپلو ڪولهي
روپلو ڪولهي
روپلو ڪولهيليکڪ: نظام الدين ڪاڪاننگر پارڪر کان 15 ڪلو ميٽر اوڀر طرف ڳوٺ ڪمڀاريء ۾ 1818ع ڌاري جنم ورتو. سندس پيء جو نالو شامنو ۽ ماء جو نالو ڪيثر ٻائي هو. انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ بعد ٿر ۽ پارڪر سميت سنڌ جي مختلف علائقن کي انتظامي حوالي سان حيدرآباد سان ملائي ڇڏيو پر پارڪر جي سوڍن ۽ ڪولهين انگريزي راڄ کي هرگز نہ قبوليو. انگريزن کين آڻ مڃرائڻ ۽ مٿين انتظامي حڪم نافذ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. روپلو ڪولهي ننگرپارڪر جي راڻي ڪرنجهي سان شامل ٿي انگريزن سان بهادريء سان وڙهيو ۽ پنهنجي ڌرتي ماتا تي ڌارين کي ڌڪي ڪڍڻ لاء پنهنجي جان جي بہ پرواه نہ ڪئي ۽ سر جو سودو ڪري حب الوطنيء جو ثبوت ڏنو انهيء ڪري ئي ٿر ۽ ننگر جا ڪولهي پنهنجي ٻارن تي روپلو نالو رکي سرهائي محسوس ڪندا آهن ۽ ان ٻار کي بهادريء جي علامت سمجهندا آهن. روپلي ڪولهيء جو ڪردار منهنجي نظر ۾ وڏيرن پيرن هندن جي برهمڻ پنڊتن ۽ ٻاون کان وڌيڪ بهتر رهيو آهي. ڳوٺ ڌناگام جي رهواسڻ سينيٽر ڪرشنا ڪولهي ۽ سندس ڀاء سنڌ حڪومت جو خاص معاون ويرجي ڪولهي روپلي ڪولهيء جي خاندان مان آهن -
بچاڻي فضل احمد
بچاڻي فضل احمد
بچاڻي، فضل احمد: ناليوارو اديب، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، مقالا نويس ۽ مترجم فضل احمد بچاڻي، 1934ع ڌاري ٽنڊي الهيار شهر ۾ ڄائو. جيتوڻيڪ هو تخليڪار هو. پر سندس اهم سڃاڻپ مترجم جي حيثيت ۾ آهي، هن اڪثر ترجما انگريزيءَ مان ڪيا، جيڪي آسان ٻولي، لفظن جي درست استعمال، تخليقي انداز ۽ موضوع جي لحاظ کان ڪافي مقبول آهن. هن جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيا ۽ لکيا، تن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) ”سپون“ (خليل جبران جي چونڊ افسانن جو ترجمو: 1960ع)، (2) ”نازبو“ (طبڪزاد ڪهاڻين جو مجموعو: 1962ع)، (3) ”عاشي“ (هينري رائڊر گيرڊ جي ناول ‘She’ جو ترجمو: 1961ع)، (4). ”روح جي ڳولا“ ‘Shadows in the Wall’) جو ترجمو)، (5) ”سڌارٿ“ (هرمن جي ڪتاب ‘Sitharta’ جو ترجمو: 1982ع)، (6) ”سزا جا سک“ (آسڪر وائلڊ جي خطن ‘Deprofundis’ جو ترجمو: 1983ع)، (7) ”آسيه، عاشي جي واپسي“ (رائڊر هيگرڊ جي ناول ‘Aeshe-The Return of She’ جو ترجمو: 1983)، (8) ”تصوير جو خون“ (آسڪر وائلڊ جي ناول ‘Picture Dorian Grey’ جو ترجمو: 1983ع)، (9) ”سورن سانڍياس“ (وڪٽر جي ناول ‘Lemiserable’ جو ترجمو)، (10) ”اڳي ائين هياس“ (يادگيريون: ٻه حصا).ان کانسواءِ سندس بيشمار مضمون، مقالا ۽ ترجما مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. فضل احمد بچاڻيءَ 1987ع ۾ وفات ڪئي -
ابوالفضل
ابوالفضل
اڪبر اعظم جي درٻار جو رتن، ابوالفضل، سنڌ جي شهر سيوهڻ جو ويٺل هو. 6 محرم 958هه/ 14 -جنوري- 1515ع ۾ ڄائو. پنهنجي والد شيخ مبارڪ کان -تعليم- ورتائين. مضمون جي صنف ۾ وڏو ڪمال حاصل ڪيائين. 981هه/1573ع ۾ اڪبري درٻار سان وابسته ٿيو. تحرير جي ڪمال ۽ خلوص سبب خاص صلاحڪار مقرر ٿيو، پر هن جو عهدو -ٽن- هزار سپاهين جي سالار کان اڳتي نه وڌيو. -اڪبر بادشاهه- جڏهن ’دين الاهي‘ جوڙيو ته -ان- آزاد خيال دين جي سماجي، معاشي، اقتصادي ۽ زندگيءَ جي مختلف رُخن جي قانونن جوڙڻ ۾ هن رهنما جو ڪردار ادا ڪيو. -اڪبر بادشاهه- آخري دؤر ۾ هن کي حيدرآباد دکن موڪلي ڇڏيو، جتان واپسيءَ تي، شهزادي سليم جي مرضيءَ موجب هڪ نوڪر ’ٻنڌيله رئيس‘، گواليار کان پنجن ڪوهن جي مفاصلي تي انتري وٽ ربيع الاول 1011هه/22 -آگسٽ- 1602ع ۾ کيس قتل ڪري ڇڏيو. سندس بنا منڍيءَ وارو لاش آگري ۾ دفن ٿيو. ابوالفضل جي تصنيفن مان ’اڪبر نامو‘(3جلد)، ’آئين اڪبري‘، ’انشاء ابوالفضل‘ (ٽي مجموعا) مشهور آهن. ’عيار دانش‘ به هن جي -تصنيف- ٻڌائي وڃي ٿي. فارسي تحرير ۾ اڄ به هن کي ساراهيو وڃي ٿو. هيءُ -اڪبر بادشاهه- جي نون رتنن مان هڪ هو.سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ويب سائيڻڊ ٿورن سان -
ادل سومرو
ادل سومرو
نامياري شاعر ۽ نثر نگار. ڊاڪٽر ادل سومري جو اصل نالو عبدالڪريم ولد محمد صالح سومرو آهي. 15 -آگسٽ- 1955ع تي سکر شهر ۾ -جنم- وٺندڙ ادل سومري 1971ع کان لکڻ شروع ڪيو. ٻاراڻي ادب ۾ به سندس تمام گهڻيون خدمتون رهيون آهن. 1979ع ۾ هن ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ پهرين پوزيشن ماڻي، بعد ۾ ايم. اي (اقتصاديات) ۾ پڻ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ پوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ سنڌي شعبي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين، -جتي- هن وقت پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جي چيئرمئن جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. جڏهن ته شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي شيخ -اياز- چيئر جو پروفيسر انچارج پڻ آهي. 1999ع ۾ خيرپور يونيورسٽيءَ مان ”سنڌي ادبي سنگت جي -تاريخ- ۽ ڪردار“ جي موضوع تي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي رهنمائي ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي اٿس. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو ٻه دفعا 94-1992ع ۽ 2003ع ۾ سيڪريٽري جنرل پڻ چونڊيو ويو. -ان- کانسواءِ ٻين انتظامي ۽ اعزازي ذميوارين تي پڻ رهيو آهي، -جن- ۾:
وائيس چيئرمئن ”بيدل بيڪس آرٽس ڪائونسل“ روهڙي، ميمبر- سينيٽ، شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور (2003-1994-1988ع)، چيئرمئن ”تنوير عباسي يادگار ڪاميٽي“ (2002ع)، پروفيسر انچارج ”شيخ -اياز- چيئر“ خيرپور يونيورسٽي، سيڪريٽري ”سچل سرمست يادگار ڪاميٽي“ (2002ع)، ميمبر، نصاب ڪاميٽي، -آغا خان- بورڊ، ڪراچي، ۽ علامه اقبال يونيورسٽي -اسلام- -آباد-، ميمبر، نئشنل اوارڊ ڪاميٽي، اڪيڊمي آف ليٽرس -اسلام- -آباد-، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي شعبو) شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (شعبو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، فئڪلٽي ميمبر، آرٽس فئڪلٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو.ادل سومرو، غزل، وائي، نظم ۽ -بيت- جو بهترين شاعر ليکيو وڃي ٿو، سندس شاعري ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ٽي. وي، ريڊيو ۽ ڪئسيٽ تي ڳائي مشهوري ماڻي. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”وليون وڻ ڦلاريا“ (شاعري) 1986، ”اسين مسافر پيار جا“ (نثري خاڪا ۽ مضمون) 1991، ”سمنڊ جاڳي ٿو“ (شاعري)، 1994 ]هن ڪتاب جو مهاڳ عظيم شاعر شيخ -اياز- لکيو ۽ ”وساري نه ڇڏجو“ (شاعري) 2004 شامل آهن، جڏهن ته ٻارن لاءِ سندس ڪتابن ۾ ”روز ٽڙن رابيل“ (شاعري) 1971ع، ”چنڊ پشم گولو“ (شاعري) 1979ع، ”-آچر- جا احوال“ (ڪهاڻيون)، ”-پتلين جو تماشو-“ (شاعري) 1987ع، نئين دور جا نوان سبق (نثر) 1990ع، ”مٽيءَ جا رانديڪا“ (شاعري) 2006ع اچي وڃن ٿا. سندس ترتيب ڏنل اهم ڪتابن ۾ ”تنوير عباسي فن ۽ شخصيت“ 2007ع، ”سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ“ 1981ع ”رنگبرنگي ڦوڪڻا“ (شاعري)، ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“، ”مهڪ چنبيليءَ ول جي“ ۽ ” -تون ئي منهنجي شاعري-“ شامل آهن. جڏهن ته هو ”ڀٽائي“ تحقيقي جرنل ۽ سنگت پبليڪيشن جو -ايڊيٽر- پڻ رهيو آهي، سنگت پبلڪيشن پاران ”شاعري“ ۽ ”ڪهاڻي“ خاص نمبر به ڇپائي پڌرا ڪيائين. سندس ڪجهه ڪتابن تي سنڌالاجي (ٻه دفعا) سنڌي ادبي سنگت، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۽ سگا طرفان اوارڊ، -انعام- ۽ گولڊ ميڊل پڻ مليا.مڃتا طور کيس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج طرفان گولڊ ميڊل ڏنا ويا. جڏهن ته کيس -ثقافت- ۽ سياحت کاتي سنڌ طرفان اوارڊ (1986ع) ’سنگت- هري دلگير‘ اوارڊ، سگا پاران ’عبدالله هارون‘ اوارڊ، سائوٿ -ايشيا-پبليڪيشن پاران ’اسٽار‘ اوارڊ ۽ گولڊ ميڊل، ’ڊاڪٽر محبت ٻرڙو‘ اوارڊ، بهترين سيڪريٽري جنرل س. ا.س جو ”سنڌ رويو اوارڊ“، سچل سرمست اوارڊ ۽ بهترين -استاد- جو اوارڊ (2006ع) پڻ حاصل ٿيا. (-ان- اوارڊ سان گڏ هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن طرفان کيس ”بهترين -استاد-“ تسليم ڪندي هڪ لک رپيا نقد -انعام- پڻ پيش ڪيو ويو).ڊاڪٽر ادل سومري، سنڌي ادبي سنگت کي متحرڪ ۽ متحد رکڻ ۾ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن وقت هو وارِي -تڙ-،سکر ۾ رهائش پذير آهيسنڌي ادبي سنگت مرڪز جي ويبسائيٽ تان ورتل -
آخوند محمد حسن
آخوند محمد حسن
آخوند محمد حسن ”مسڪين“: محمد حسن ”مسڪين“ ولد مولوي ڄام ولد -آخوند- محمد دائود سومرو 12 مئي 1904ع مطابق 1323 ھ تي، تعلقي خانپور (ضلعي شڪارپور) جي ڳوٺ ”حاجي خان ڪلھوڙي“ ۾ ڄائو. شروعاتي -تعليم- ۾ قرآن پاڪ ۽ عربي ۽ فارسيءَ جا ڪتاب پنھنجي والد وٽ پڙھيو. پوءِ سنڌي -تعليم- حاصل ڪرڻ لاءِ اٺن ميلن جي پنڌ تي، ڳوٺ ڪرم پور (ضلعو جيڪب آباد) ويندو ھو، جتان 1920ع ۾ امتيازي حيثيت سان فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. شڪارپور ٽريننگ ڪاليج مان ھڪ سال سکيا وٺڻ کان پوءِ -استاد- مقرر ٿيو. زندگيءَ جا 37 سال ملازمت ۾ رھي، 12 مئي 1959ع تي پينشن تي لٿو. پاڻ ھڪ پرائمري -استاد- ھو، سندس علمي وسعت عالمن کان گھٽ نه ھئي. شعر و شاعريءَ سان به سندس شغل رھيو. ”مسڪين“ تخلص سان ڪافي ڪلام چيل اٿس. نظم سان گڏ نثر ۾ به چڱو موکيائين. سندس ڇڏيل تصنيفن ۾، ”فقه“ ،”احاديث نبوي“ ۽ ”منتخب آيات ڪريمه جو -تفسير- ۽ شرح“ جا نالا ورتا وڃن ٿا. سندس وفات 72 سالن جي عمر ۾ 11 -آگسٽ- 1976ع/ 15 شعبان 1392ھ تي ٿي، سندس فرزند ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“سنڌي زبان جو سٺو شاعر، اديب ۽ -استاد- آھي.سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ويب سائيڻڊ -
دادا سنڌي
دادا سنڌي
دادا سنڌي: سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ محقق دادا سنڌيءَ جو اصل نالو ڪريم بخش ولد محمد قاسم سومرو هو. سندس جنم 5 جولاءِ 1945ع تي ڳوٺ داد لغاري تعلقي ڏهرڪي، ضلعي گھوٽڪيءَ ۾ ٿيو. سندس والد پوليس عملدار هو. دادا سنڌيءَ، ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتي ۽ انگريزي تعليم ميرپورخاص مان حاصل ڪيائين. بي. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ان کان سواءِ بي. ايڊ ۽ ايم. اي (سوشيالاجي) جي ڊگري به حاصل ڪيائين. دادا سنڌي تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان ملازمت شروع ڪئي ۽ بعد ۾ ترقي ڪندو، سترهين گريڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ٿيو. هو شاگردن کي نصابي سبقن سان گڏ تاريخ جون حقيقتون، حوالا ۽ سمجھاڻيون به ڏيندو هو. ملازمت مان 1994ع ۾ رٽائر ٿيو. دادا سنڌي ذاتي زندگيءَ ۾ نهايت ئي سادو، خوش مزاج، حساس دل ۽ کلمک ماڻهو هو. سندس پرورش علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ ٿي. سندس ڀاءُ قادر بخش ۽ چاچي الهه بخش جي لائبرري هوندي هئي، جنهن ۾ ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ سندس ادب ڏانهن لاڙو ٿيو. سندس پهريون مضمون روزاني ’مهراڻ‘ ۾ شايع ٿيو. کيس سنڌ جي تاريخ جي مطالعي جو شوق مشهور تاريخدان مولائي شيدائي ۽ رشيد ڀٽيءَ سان ملاقاتن کان پوءِ پيدا ٿيو. هن پهريون تاريخي ۽ تحقيقي مضمون ون يونٽ تحريڪ دوران لکيو ۽ ان کان پوءِ ڪيترا مقالا ۽ مضمون لکيائين، جيڪي ماهوار ’نئين زندگي‘، ’پيغام‘، ٽه ماهي ’مهراڻ‘، ’نئين سوچ‘، ’اخبار تعليم‘ ۽ مختلف روزانين اخبارن ۾ لاڳيتو ڇپجندا رهيا. هن ريڊيو پاڪستان خيرپور لاءِ مختلف موقعن تي اسڪرپٽ پڻ لکيا. سندس ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن: (1) ’ڏيئي ڏنڀ ڏڏن‘، (2) ’سنڌين جي فوجي مهارت‘، (3) ’سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون‘، (4) ’1957ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ‘، (5) ’سنڌ جي عالمن جا سونهري ڪارناما‘، (6) ’اڳوڻن سنڌين جو ڏيساور سان واپار‘، (7) ’سومرن جي دور جا سورما‘، (8) ’تاريخي ماڻهو تاريخي ڳالهيون‘، (9) ’مٺو محبوب ڌارين جي نظر ۾‘، (10) ’سنڌ جا عوامي ڪردار‘ وغيره. ان کانسواءِ سندس ڪيتريون اڻ ڇپيل تصنيفون موجود آهن.
دادا سنڌيءَ کي هڪ اديب، ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان جي حيثيت سان مڃتا طور ڪجهه اوارڊ به مليا، جن ۾: سنڌي ادبي سنگت اوارڊ (1987ع)، سنڌالاجي اوارڊ (1987ع)، آل سنڌ ٻالڪ اوارڊ (1987ع)، آءِ. سي. آءِ ڪمپني اوارڊ (1988ع)، سنگت قلم اوارڊ (1993ع) ۽ سنڌ سڀيتا سوسائٽي اوارڊ (1993ع) شامل آهن.سنڌ جو هي تاريخدان ۽ محقق، 11 جنوري 1998ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو. -
-
وحيد علي
وحيد علي
سنڌ جو ناميارو راڳيابراهيم لاشاريسونهاري سنڌ کي علم ادب جو گهر سڏيو ويندو آهي، هن خطي جي ڪنهن به حصي تي نظر ڪبي ته ڪٿي علم، ادب ته ڪٿي وري شاعر، سگهڙ ڪٿي وري عالم، فاضل ڪٿي وري هنرمند ۽ فنڪار نظر پيا ايندا هن سر سبز زمين فنڪارن کي وقت به وقت پنهنجي ڪُکِ ۾ جنم پئي ڏنو آهي، سنڌ ۾ ڪئي سر سنگيت جا ڄاڻو پيدا ٿيا ڪي انهن منجهان جئيرا ۽ ڪئي وري مرحيات پيا سڏجن، مگر سنڌي فنڪارن پنهنجي فن، ڏات ۽ آ واز سان سدائين پنهنجو پنهنجي سنڌڙي جو نالو ڏيهان ڏيهه نروار ڪرايو، اهڙن فنڪار جي موتين جي مالها ۾ هڪ سهڻو ۽ سريلو فنڪار وحيد علي جو نالو پڻ سر سنگيت جي فن ۾ هڪ وڏو نالو پڻ آهي.
سنڌ جي هن نامياري راڳي جو تعلق موسيقي جي اعلي گهراڻي سان هو جنهن ڪري کيس شروع شروع ۾ کيس سر ۽ سنگيت جي ستي پياري وئي وحيد علي 1950ع ڌاري سنڌ جي سهڻي شهر ٽنڊي آدم ۾ جنم ورتو پاڻ سنڌ جو ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل لاجواب فنڪار ٿي گذريو آهي، موسيقي جي تعليم سان هن جي روح کي راحت پئي لڳي.هن موسيقيءَ تعليم حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو. پاڻ ڏهن سالن جو مس هو ته سازن ۽ راڳن سان راند ڪندي ڪندي وڃي وڌي پروان چڙهيو. مشهور راڳي گويا استاد جمالو خان سندس نانو ۽ سنڌ جو ڏاهو، راڳ جو راڻو راڳي گويو خانصاحب استاد منظور علي خان سندس رشتي ۾ مامو ۽ استاد پڻ هو، وحيد علي شاگرديءَ جو ڳانو پنهنجي مامي خانصاحب منظورعلي خان کان ٻڌرايو هو، تنهن بعد هو ذاتي دلچسپي محنت ۽ فن سان دل لڳاءَ ۽ سچائي سبب هن پنهنجو الڳ مقام حاصل ڪيو، ٿورڙي وقت ۾ ڏسندي ڏسندي، ريڊيو، ٽي وي، اسٽيج ۽ فلم تائين ڪاميابي حاصل ڪري پوري ملڪ ۾ مشهوري ماڻي. سندس نالو سٺن فنڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، وحيد علي سنڌي موسيقي جي دنيا ۾ نواڻ آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، نيون، نيون ڌنون معتارف ڪرايائين، لطيف سائين جي وائي کي تمام نرالي ڍنگ ۾ ڳايائين، هن ڪيترن ئي جديد شاعرن کي ڳائي کين معتارف ڪرايو، نون شاعرن کان سواءِ شاهه سائين رح، سچل سرمست رح، استاد بخاري، شيخ اياز، اياز گل وغيرهه جي شاعري وڏي شوق سان ڳائي، سندس آواز ۾ الله سائين اهڙو ته ميٺاج ڏنوهيس جو جڏهن به خوبصورت شاعري جي سهڻن ۽ سندر لفظن کي سر سنگيت جي مالها ۾ پوئي سر الاپيندو هو ته سندس مڌر آواز تي ڀر ۾ ويـٺل ماڻهن کي جهومائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هو.موسيقي جا ڄاڻو چون ٿا ته؛ ”وحيد علي کي راڳ جي ڏات به هئي ته ڏانءُ به“. وحيد علي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پهريون ڀيرو پروگرام (ٻارڙن جي ٻاري) ۾ ڳائي، ريڊيو تان ڪلام رڪارڊ ، هن پنهنجي ملڪ ڪرايو، ان کان پوءِ هن سنڌ جي سمورين ريڊيو اسٽيشنن تي ڳائي پنهنجو نالو ڪڍرايو ۽ ملڪان ملڪ مشهور ٿيو، هن ريڊيو کان علاوه ٽي وي تي به خوب ڳايو، وحيدعلي فلمن لاءِ به ڳايو جنهن ۾ فلم (جانيئڙا) ۽ فلم (دريا خان) لاءِ پڻ گانا ڳاياپياري پاڪستان کان علاوه دوبئي، ممبئي (انڊيا) شارجا، مدراس ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو ۽ اتي ڳائي پاڪستان ۽ پياري سنڌ جو نالو روشن ڪيو وحيد علي هارمونيم ۽ طنبورو ساز وڄائن جو زبردست ماهر هوندو هو، هميشه ديسي ڌنون ڳائيندو هو وحيدعلي سنڌي کان علاوه سرائڪي، اردو، پنجابي، بلوچي زبان ۾ پڻ ڳائي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو هو، کيس پرستار به بيحد موٽ ڏيندا هئا هن سريلي سنڌ جي فنڪار ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ انعام پڻ حاصل ڪيا جن ۾ ٻه ٽي ڀيرا لطيف ايوارڊ، چار ڀيرا شهباز ايوارڊ، بيدل ايوارڊ، سگا ايوارڊ سان پڻ کيس ايوارڊ سان نوازيو ويو، ۽ ٻيا به ڪيترا ئي ايوارڊ مليس، هن نامياري راڳي کان گڙدن جي تڪليف زندگي جا ڏينهن کسي ورتا، گڙدن جي بيماري سبب پاڪستان جي راڄڌاني واري شهر اسلام آباد ۾ سر سنگيت جا سڀ ساز بند ڪري، 22مارچ 1999ع سومر ڏينهن 49 سال جي عمر ۾ اسان سنڌ واسين کان هميشه لاءِ موڪلائي راهه رباني وٺي ويو، سندس اڄ 22 مارچ تي 18 هين ورسي ملهائي ويندي. سندس مشهور ڪلامن ۾هن دل جون ڇا ٻڌيان، کولي مان يار ڳالهيون،چوري چوري ڪو ئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ،جي هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها.چونڊ عمران علي