Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • يوسف شاھين

    يوسف شاھين

    يوسف شاھين

    جنم تاريخ : 3 اپريل 1939


    IMG 20240404 WA0033
    سنڌ جي مشهور ليکڪـ، شاعر، دانشور، صحافي، اڳوڻي سينيٽر يوسف شاهين 3 اپريل 1939ع تي سنڌ جي تاريخي وسندي نصرپور ۾ جنم ورتو، ھن مختلف تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪئي، ھن جا مختلف موضوعن تي، سنڌي، انگريزي ۽ اردو زبانن ۾ چاليهه جي لڳ ڀڳ ڪتاب ڇپيل آهن، سندس شاعري عابده پروين سميت سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي آهي، ھن پھرين “برسات” جي عنوان سان ماھوار رسالو جاري ڪيو، وري ساڳي عنوان “برسات” سان روزاني اخبار جاري ڪئي، جنھن جو جڳ مشهور شاعر شيخ اياز ايڊيٽر رهيو، يوسف شاهين پاڪستان جي اپر ھائوس سينيٽ جو به ميمبر رهيو آهي، کيس حڪومت پاڪستان پاران صدارتي تمغہ برائي حسن ڪارڪردگي ۽ ستاره امتياز سميت مختلف ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي

  • غلام رسول سھتو

    غلام رسول سھتو

    غلام رسول سھتو

    وفات: 3 اپریل 2021


    IMG 20240404 WA0034سنڌ جو مشهور ليکڪ، صحافي، کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ سياستدان، پورھيت / ھاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سھتو 8 آگسٽ 1948ع تي ڳوٺ علي نواز سھتو، محراب پور ۾ ڄائو، ھن جي سڄي زندگي جدوجهد ڪندي گذري، ھن پنھنجي سياسي، سماجي زندگيءَ جي شروعات ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان ڪئي، ھن ون يونٽ مخالف، ايم آر ڊي تحريڪن سميت مختلف تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو، جيل ۾ به رهيو، سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين، سنڌ قومي اتحاد جي پليٽ فارم تان اليڪشن به وڙهيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو، ھن مختلف موضوعن تي لکيو، صحافي رھيو، روزاني اخبار “سنڌ” جاري ڪيائين، ھن 3 اپريل 2021ع تي وفات ڪئي..

  • رستم سنڌ ، شير ميربحر

    رستم سنڌ ، شير ميربحر

    رستم سنڌ ، شير ميربحر 

    facebook 1711610656617 7179015423493843883

    شير ميربحر – رستم سنڌ ۽ پهرين درجي جو ملھ پهلوان
    محمد سليمان وساڻ
    اڄ 28 مارچ سنڌ جي عظيم شخصيت ۽ پنهنجي وقت جي رستم سنڌ شير ميربحر جي ورسي جو ڏينهن آهي۔ سنڌ جي قومي ملهه جو سدا حيات پهلوان رستم سنڌ شير ميربحر 21 جون 1924ع ۾ فاريسٽ آفيسر علي محمد مير بحر جي گهر ڳوٺ موسو ديرو تعلقي ڪنڊيارو، ضلعي نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتو۔ شروع ۾ ئي سندس لاڙو ملھ طرف هو ۽ سندس والدين به کيس کير مکڻ کارائي اصل پهلوان ڪري ڇڏيو۔ هن ملھ جي شروعات ته پنهنجي تر کان ڪئي پر باقائده نالو ان وقت نئون ديرو ضلع لاڙڪاڻو ۾ ٿيل ملاکڙي کانپوء ڪڍرايوجنهن ۾ هن پهرين جوڙ جي مشهور ملهه پهلوانن اقبال جوڳي، پنڃل مهر ۽ هنڊال مڪراني کي شڪت ڏئي پهريون انعام کٽيو۔
    شير ميربحر ٽن ڏهاڪن تائين ملاکڙي جي ميدان ۾ ناقابل شڪست رهيو ۽ ان عرصي ۾ هن ملڪي ۽ غير ملڪي پهلوانن کي زير ڪري رستمِ سنڌ جو اعزاز پاڻ وٽ رکيو۔ هن ملڪي پهلوانن کي ته ملاکڙي جي ميدان ۾ زير ڪيو پر 1962ع ۾ هالا ۾ ٿيندڙ دنگل ۾ چيڪو سيلواڪيه جي پهلوان جارج زيبسڪو کي شڪست ڏئي ملڪ جو مان مٿانهون ڪيو ۽ شير سنڌ جو لقب حاصل ڪيو، هن ملاکڙي جو اهتمام مخدوم محمد الزمان طالب المولى ڪيو . ٻيو مقابلو هندوستان جي گرنام سنگهه سان نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيو جنهن کي پڻ شڪست ڏنائين. ان کانپوءِ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ انگلينڊ جي پهلوان آسٽن جيري کي شڪست ڏئي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو. هڪ ٻيو يادگار مقابلو خيرپور ميرس ۾ ٿيو جيڪو صدر ايوب خان ۽ والي رياست مير مراد علي خان پڻ ڏٺو. ان ملاکڙي ۾ پهلوان شير ميربحر افغانستان جي پهلوان قطب خان سميت ٽن پهلوانن کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن تي ايوب خان کي مجبور ٿي چوڻو پيو ته شير واقعي شير آهي. 
    شهيد ذوالفقار ڀٽو سندس خدمتن کي مدنظر رکندي 1974ع ۾ کيس ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو هو. پر 1977ع ۾ عوامي حڪومتن کي ختم ڪندڙ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق سندس قومي ڪوچ وارو عهدو ختم ڪري ڇڏيو، جيڪو بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل جي بحال ڪيو ويو.
    سڄي عمر پهلوانن سان مقابلو ڪندڙ هي شير آخرڪار 1984 ۾ بڪين جي بيماري سبب اسپتال ۾ داخل ٿيو. 28 ماچ 1985ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ پهلوان شير ميربحر ۾ آهي.
    حواله:
    وڪي پيڊيه ويب
    شيعه دوست ڊاٽ ڪام
    سنڌ ساگر آف جوکيو ويب
  • سروپ چند شاد

    سروپ چند شاد

    سروپ چند شاد


    IMG 20240329 WA0059
    سنڌ جي بھترين شاعر، ليکڪ، محقق سروپ چند شاد 2 جنوري 1937ع تي مٺيء ۾ جنم ورتو، ھن مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ انگریزي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ماسٽرس ڪئي، ان کان پوءِ درس تدريس سان لاڳاپيل رهيو، مختلف ڪاليجن ۾ انگريزي جو ليڪچرار ۽ پروفيسر رهيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: سون سريکا دوھا (شاعري)، مٺڙو ٻولين مور (شاعري)، مٽي ٿي مھڪي (شاعري)، ڳولينداسين ڳليءَ ڳليءَ (شاعري)، چوڏھينءَ چنڊ اڀريو (شاعري)، رڻ ڀوميءَ ۾ راند (روپلي ڪولهي تي لکيل)، مٺيءَ جي تاريخ (تاريخ)، ڀوڏيسر جون ڪھاڻيون (لوڪ ادب)، مضمون موتين جھڙا (مضمون) وغيره شامل آهن، ھن 28 مارچ 2021ع تي وفات ڪئي

  • شاعر بلاول پرديسي

    شاعر بلاول پرديسي

    بلاول پردیسی


    پیدائش: 29 مارچ 1931

    IMG 20240329 WA0062سنڌ جي مشهور شاعر بلاول پرديسيءَ 29 مارچ 1931ع تي ھالا ۾ جنم ورتو، ھن تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ درس تدريس جو ڪم شروع ڪيو، جتي پرنسپال ٿيو، سچل سرمست آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ پروفيسر ۽ پرنسپال رهيو، سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ دلسوز ڪافيون (شاعري)، ڪليات پرديسي، پڪار (شاعري)، سوني صندوق (ٻاراڻو ادب)، زندگي ۽ حادثا (افسانا)،  جادوءَ جو گلاب (ٻاراڻو ادب)، رهبر دوستي (مضمونن جو مجموعو)، سچل جي شاعري، جماليات وغيره شامل آهن، سندس شاعري محمد يوسف، وحيد علي، عابده پروين سميت سنڌ جي وڏن فنڪارن ڳائي آهي, ھن 23 ڊسمبر 1999ع تي وفات ڪئي.. 

  • موسيقار استاد غلام علي

    موسيقار استاد غلام علي

    سنڌ جو ناليوارو موسيقار استاد غلام علي مرحوم 
    تحرير : عبدالله جروار


       facebook 1710429214158 7174060094667155312اڄ سنڌ جي ناليواري موسيقار غلام علي کي ياد ڪريون. جنهن وڌ کان وڌ سنڌي فلمن ۾ موسيقي ڏئي پنهنجو نالو ڪمايو. موسيقار غلام علي شيخ جو جنم بروز ڇنڇر 23 نومبر 1933 ع تي حيدرآباد شهر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو عبدالواحد شيخ هو. پاڻ مئٽرڪ جو امتحان نور محمد هاء اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيو. سندن وڌيڪ تعليم ڏانهن دلچسپي نه رهي. ننڍپڻ کان ئي فن جي دنيا ۾ آيا. جو سال 1945ع ڌاري پنهنجي والد صاحب سان گڏ جوڌپور جي مهاراجا جستونت سنگھ جي ڀاء جي شادي ۾ فرمارمنس ڪئي. ننڍپڻ کان اداڪاري ڏانهن شوق رکندڙ غلام علي” آسي عرف لوفر” نالي اسٽيج ڊرامي ۾ ڪم ڪري مقبوليت ماڻي 1953ع ڌاري سندس ملاقات شيخ حسن سان ٿي جنهن فلم عمر مارئي ۾ “کيت” جو ڪردار ڏنو. شيخ حسن صاحب جي تعلق سان سندن ملاقات اسماعيل ٻن واصف سان ٿي.  جنهن سان غلام علي موسيقي ڪمپوز ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. موسيقي ۾ گهڻي شوق جو اظهار ڪيو. جنهن تي شيخ حسن صاحب کيس ڪجھ ڌنون ٻڌڻ جي فرمائش ڪئي. جيڪي شيخ حسن صاحب کي پسند آيون. جنهن بعد غلام علي کي نذير بيگم جي آواز رشيد احمد لاشاري جا ٻول ” دل منهنجي ڌڙڪي، اک منهنجي ڦڙڪي”   جنهن کي پاڻ بهترين نموني ڪمپوز ڪيائون. جو نگهت سلطانه کي بيحد پسند آيو. جنهن بعد اهو فيصلو ٿيو   غلام علي فلم ۾ “کيت” جي ادا ڪرڻ بجاء ڪمپوزر طور ڪم ڪري. ان بعد غلام علي ڪپوزر طور شاندار موسيقي ڏئي نالو ڪمايو. ان کان علاوه پاڻ پاڪستان ٽيليويزن تي پروگرام پرک ۾ موسيقي ڏنائون. پروگرام پرک جا ڪيترن ئي گيتن جي موسيقي استاد غلام علي مرحوم ڏني هئي. سنڌي فلمن جي موسيقار طور تاريخ ۾ مٿاهون مقام ماڻيندر استاد غلام علي ڪيترن ئي فلمن لاء موسيقي ڏئي شهرت جي آسمان تي پهچي ويا.  استاد غلام علي 6 آگسٽ 1996ع تي وفات ڪئي پاڻ حيدرآباد ۾ آسوده خاڪ آهن. 
    سندن موسيقي ڏنل سنڌي فلمن ۾ عمر مارئي، پرديسي، شهرو فيروز، چانڊوڪي، نوري ڄام تماچي، پنو عاقل، محبوب مٺا، مٺڙا شال ملن، جيجل ماء، البيلي، پيار ڪيو سينگار، پيار تان صدقي، منهنجو پيار پڪاري، رت جا رشتا، سنڌڙي تان صدقي، رت ۽ اجرڪ، ڌرتي ۽ آڪاش، اميد، ممتا، سورمي سنڌ جي، هو جمالو، دشمن، علي گوهر، بيوس، جيئي لطيف، محب شيدي، آئي مند بهار (اڻ رليز)  قسمت ڪئي جدائي (اڻ رليز ٿيل) شامل آهن..
    مددي ڪتاب : سنڌ ٽاڪيز
    ليکڪ : ڊاڪٽر محمود مغل صاحب
    ڪتاب: آئينا ۽ عڪس
    ليکڪ: ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب
  • ڪمار شاهاڻي

    ڪمار شاهاڻي

     ڪمار شاهاڻي
      (7 ڊسمبر 1940 – 24 فبروري 2024)


    لاڙڪاڻي ۾ جنم وٺندڙ ڀارتي فلم انڊسٽري جو مشهور فلمساز ڪمار شاهاڻي 83 ورهين جي ڄمار ۾ ڪلڪتي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڪمار شاهاڻي هندستاني متوازي سئنيما جي بانيڪارن مان هڪ هو. 
    facebook 1708934426852 71677905022841056712ڪمار شاهاڻي جو ڪيريئر 6 ڏهاڪن تي پکڙيل رهيو، جنهن ۾ هن 1972ع جي فلم ’مايا درپن‘ سميت ڪيترين ئي فلمن جي هدايتڪاري ڪئي. ڪمار شاهاڻي جي فلم ’مايا درپن‘ کي 1973ع ۾ انڊيا جي بهترين فيچر فلم جو نيشنل فلم ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي.
    7 ڊسمبر 1940ع تي پاڪستان جي شهر لاڙڪاڻي ۾ جنم وٺندڙ ڪمار شاهاڻي فلم اينڊ ٽيليويزن انسٽيٽيوٽ آف انڊيا ۾ تعليم حاصل ڪئي. شاهاڻي 1958ع کان 1962ع تائين پوليٽيڪل سائنس ۽ تاريخ جو اڀياس پڻ ڪيو. هن فرانس ۾ پڻ فلمسازي جي اعلا تعليم حاصل ڪئي، جتي هن کي جڳ مشهور فرينج فلم ساز رابرٽ برينسن ۽ اٽالين فلم ساز رابرٽو روسيليني سان ڪم ڪرڻ جا موقعا مليا. جن هن جي پروفيشنل مهارتن تي وڏا اثر ڇڏيا.  
    مشهور فلمساز ڪمار شاهاڻي به بالي ووڊ ۾ هڪ استاد ۽ سئنيما نظريه نگار جي حيثيت سان هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي آهي. فلمسازي سان گڏوگڏ هن جي ھڪ دانشور واري حيثيت به ڄاتل، سڃاتل ۽ مڃيل آهي. 
    شاهاڻي پوىنرن ۾ پنهنجي گهر واري روشن شاهاڻي سوڳوار ڇڏي آهي. کين ٻن نياڻين جي اولاد آهي. سندن هڪ ڌيء  ڊاڪٽر اترا شاهاڻي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي. ڏکڻ ايشيا، ورهاڱي وقت ٿيل لڏپلاڻ، بيٺڪي راڄ ۽ انکانپوء جون تبديل ٿيندڙ سرحدون ۽ سنڌي ڊائسپورا ڪميونٽي هن جي تحقيقي ڪم جا موضوع آهن. هن جا ڪيئي ريسرچ آرٽيڪل دنيا جي معتبر جرنلن ۾ ڇپبا رهن ٿا. ساڳي وقت ڊاڪٽر اترا عالمي سطح جي ڪانفرنسن ۾ پڻ شريڪ ٿي پنهنجو علمي ۽ تحقيقي ڪم پيش ڪندي رهندي آهي. سندن ٻي نياڻي رويتا شاهاڻي آرٽسٽ آهي، جنهن جي فن پارن جون نمائشون  عالمي طور تي ٿينديون رهن ٿيون. 
  • قائم الدين پيرزادو

    قائم الدين پيرزادو

    ساھتي جا شاعر
    قائم الدين پيرزادو


    facebook 1708742929562 7166987304435979828

    نالو؛ قائم الدين پيرزادو
    والد؛ حاجي محمد يوسف
    سڃاڻپ: سياسي ڪارڪن ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ اھم ڪردار 
    جنم؛ 1935ع
    وفات: 
    ڇپيل ڪتاب؛ 
     رھائش: نوشهروفيروز
    شاعري 
    عمر ڏيهه ڏاڏاڻين وينديس مان
    وڃي سرتين سان ملنديس مان
    ٻَنِ پيا تنهنجا بنگلا ماڙيون
    اسين ڇپرن ۾ گڏجي گهاريون
    ڇيلا صبح وڃي ڇوڙينديس مان
    اهي سيج پلنگ ٿا سيلهه لڳن
    شل ايندا اباڻا سويل اچن
    پڪا پوءِ پسيون گهر پائينديس مان
    تو وٽ طرحين طرحين طعام پچن
    هُتِ موٺ ميها چڀڙ چڙهن
    اُهي ٻوڙ چکا وڃي کائينديس مان
    قائم آس اندر ۾ سانڍي اٿم
    دل مارن لاءِ ماندي اٿم
    ڪري آنهن سان ڪوٽ ڪيرينديس مان
  • شيخ ڀرڪيو آچاري

    شيخ ڀرڪيو آچاري

     شيخ ڀرڪيو آچاري: 

     سورهين صديءّ عيسوي جي سهروردي سلسلي جي صوفي بزرگ شيخ ڀرڪيو آچاري, سنڌ جي قديم سماواتي پرڳڻي جي ڳوٺ ڪاتيار جو رهاڪو هو. سندس مقبرو ٽنڊي محمد خان ضلعي جي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ شيخ ڀرڪيو ۾ واقع آهي. جنهنکي يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي. جيڪو علائقو ٽنڊي محمد خان کان لڳ ڀڳ ويهن پنجويهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. شيخ ڀرڪئي جي والد جو نالو شاهو ڪاتيار ۽ والده جو نالو facebook 1708743244706 7166988626246684482مائي ساران هو. سندس جنم 1471ع مطابق 891 هجري ڌاري ٿيو. هن زهد ۽ تقوي’، رياضت ۽ عبادت ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. هيءُ محب وطن عالم, فاضل, سالڪ مجذوب هو. سندس مانۡ ۽ مرتبي جي ڪري کيس “شيخ” سڏيو ويندو آهي. هندو کيس “راجا وير” ڪري مڃيندا آهن. شيخ ڀرڪيو سندس وقت ۾ آچار وارن جا فيصلا نبيري, حق وارن کي حق ڏياريندو هو, تنهنڪري کيس ان نسبت سان “آچاري” به سڏيو وڃي ٿو. ساڻس ڪيتريون ئي روايتون ۽ ڏند ڪٿائون پڻ منسوب آهن. هن جي ڪرامتن جا احوال حديقة الاولياءَ ۽ تحفة الڪرام ۾ ڪافي آيل آهن. حديقة الاولياءَ جي مؤلف کيس هن طرح ياد ڪيو آهي ته: ”هي حق جو ڄاڻو ۽ مجذوب ولايت جي ملڪ جو والي، حقيقت جي واٽ جو پانڌيئڙو، ترڪ ۽ فنا جي راهه جي مجاهدن جو سرموڙ، نفس ۽ هوا جي مخالفن جي واديءَ ۾ سڀني صاف باطن سالڪن جو سالار، صاحب حال ۽ اهل دل، زماني جي نيڪو ڪارن جو پيشوا، نامدار آزاد انسانن جو خلاصو، يعني شيخ ڀرڪيو ولد شاهو ڪاتيار، ان زماني جي سڀني نامدار بزرگن ۽ ڪبار مشائخن مان سالڪ ۽ مجذوب هو.“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڪتاب ”رهاڻ هيرن کاڻ“ موجب شيخ ڀرڪيو، مخدوم نوح ۽ مخدوم محمد اسماعيل سومرو ساڳئي وقت جا يعني ڏهين صدي هجريءَ جا ڀلارا بزرگ آهن ۽ پُراڻن هالن جا ڀٽي بزرگ مخدوم احمد ۽ محمد, ۽ جرڪس ڌناڻي به ساڳئي وقت جا هئا. هن بزرگ جا مسلمان توڙي هندو عقيدتمند وڏي انگ ۾ آهن. مغلن جي سنڌ تي ڪاهه وقت, سنڌ جي بچاءۡ واري مخدوم بلاول جي بلاولي تحريڪ ۾ هي مخدوم بلاول جو ساٿاري هو. شيخ ڀرڪيو هڪ بهترين شاعر پڻ هو، شيخ ڀرڪيي سنڌيءَ ۾ بيت چيا، جيڪي قاضي قادن جي بيتن سان گڏ ”ڀرڪڻ“ جي نالي سان ملن ٿا، سندس شاعري جو ڪو گهڻو انگ نه ملي سگهيو آهي. شيخ ڀرڪيي جا ست بيت مشهور محقق هيري ٺڪر 1980-1979 ڌاري انڊيا جي راجستان رياست مان اجمير جي پاسي هڪ ڳوٺ ” نارائڻا وهار“ مان هٿ ڪيا. عالمن وٽ شيخ ڀرڪيي لاءِ وڏي محبت ۽ عزت هئي. هن بزرگ 87 سالن جي ڄمار ۾ 1558ع مطابق 978 هجري ۾ وفات ڪئي.  سندس ڏهاڙا ٻن حوالن سان ملهايا وڃن ٿا, هڪ  5 ربيع الاول تي ۽ ٻيو وري سندس عرس 9, 10 ۽ 11 شعبان تي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو وڃي ٿو. شيخ ڀرڪئي جا جيڪي ست بيت مشهور محقق هيري ٺڪر هٿ ڪيا هئا. انهن مان ٻه بيت نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:

    هليا سي ”نڪنج“ ڏي، ’ڀرڪڻ‘ چوي ڀري،
    لوڪان اوري آسرو، اسان پنڌ پري.
    **************************************
    **************************************
    ”ڀرڪڻ“ سندي مڪڙي، نه اورار نه پرار،
    نه لائو لهرن سين، نه تر، نه پاتار
  • جيوڻي ٻاٸي

    جيوڻي ٻاٸي

    جيوڻي ٻاٸي


    IMG 20240122 WA0065سنڌ جي ماضيءَ جي مشھور فنڪاره جيوڻي ٻائي 22 جنوري 1901ع تي ڦڪو گرگلو جي گهر ۾ راجستان ۾ جنم ورتو، سندس اصل نالو جيوي گرگلي ھو، ھن ننڍي عمر ۾ ئي راڄ جي ٻين ڇوڪرين سان گڏ ڳائڻ شروع ڪيو، سندس خاندان 1918ع ۾ لڏي اچي ملتان ڀيڙو ٿيو، جتي جيوڻيءَ جي ملاقات مشهور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جنھن کيس پوتي پارائي ڌيءَ بڻايو ۽ کيس راڳ جي سکيا ڏيڻ ب شروع ڪيائين، استاد امير خان جي حوالي سان ئي جيوڻي ھنڌ سنڌ ۾ مشهور ٿيڻ لڳي، سنڌ آئي ته سندس ملاقات ننڍي کنڊ جي مشهور راڳي استاد خير محمد خان سان ٿي، ان ملاقات جيوڻي جي قسمت بدلائي ڇڏي، ملتان مان لڏو کڻي اچي سنڌ وسايائين ۽ راڳ جي وڌيڪ سکيا استاد خير محمد خان کان ورتائين، استاد خير محمد خان کيس ڪافي ڳائڻ ۽ ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا ڏني، جيوڻي ڳائڻ کان سواءِ شاعري به ڪئي، جيوڻي اڪثر شاهه لطيف، سچل سرمست، پرسرام ضياء، ورند واڙي واري، حاجي شاهه وغيره جا ڪلام ڳائيندي هئي، ھن ميلن ملاکڙن ۾ پنهنجي استاد، استاد خير محمد خان جي رھنمائي ۾ ڳايو، جيوڻي ٻائي هز ماسٽرس وائس گراموفون رڪارڊ ڪمپنيءَ ۾ سئو کان وڌيڪ گراموفون رڪارڊ ڀرايا، جيڪي ڏاڍا مشهور ٿيا/آهن، ان ئي ڪمپنيءَ کيس ساڍن ڏهن تولن جو سونو تاج پارايو، ھن 1942ع ۾ لاڏاڻو ڪيو