Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • رضوان الحق ولد ڊاڪٽر بشير احمد پٺاڻ

    رضوان الحق ولد ڊاڪٽر بشير احمد پٺاڻ

    رضوان الحق ولد ڊاڪٽر بشير احمد پٺاڻ

    facebook 1571535341268نالو: رضوان الحق ولد ڊاڪٽر بشير احمد پٺاڻ
    ادبي نالو: رضوان گل
    جنم 13 فيبروري 1977، لاڙڪاڻو
    ادب ۾ سڃاڻپ جا حوالا: شاعر ،ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم نگار
    تعليم: ايم ايس سي جيوگرافي (فرسٽ ڪلاس) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    ڪرت؛ ليڪچرار، هيڊ آف جيوگرافي ڊپارٽمينٽ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو
    تعليمي ذميواريون:
    ڊگري ڪاليج ۾ گريجوئيشن جا ڪلاسز
    علامه اقبال يونيورسٽي ۾ پوسٽ گرجوئيٽ ڪلاسز
    مختلف ادبي، علمي ۽ سماجي ادارن ۾ ڪيترائي ليڪچر
    تحقيقي ڪم: لاڙڪاڻي جي جيوگرافي تي 7 تحقيقي مقالا ۽ مهين جي دڙي جي کوٽاهي بابت تحقيق
    مختلف تنظيمن سان وابستگي:
    سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت هاسٽل شاخ ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    انفارميشن سيڪريٽري؛ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي
    پريس سيڪريٽري؛ سچل ادبي مرڪز
    ايڊيٽر: ماهوار ”شعور“ لاڙڪاڻو
    ايڊيٽر ” جيو مئگ“
    چيئرمين: آرڪائيوز ڊپارٽمينٽ، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو
    ميمبر: نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن
    1. ڇپيل ڪتاب: ”پنج ڏينهن“ سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين جو ترجمو
    2. ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ (سنڌي جي مختلف شخصيتن تي مضمون، خاڪا)،
    3. ”پيار جي پهرين بارش“ شاعريءَ جو مجموعو
    4. ”سنڌيءَ ۾ جاگرافيءَ جي پهرين لغت“
    5. ”سپنن جو انت“ ڪهاڻين جو مجموعو
    6. ”لاڙڪاڻو تاريخ جي روشنيءَ ۾“ تاريخ
    روزاني ”عوامي آواز“، ”هلال پاڪستان“ ۽ ”جاڳو“ ۾ 1994 کان ڪرنٽ افيئرس تي 700 کان مٿي ڪالم ۽ مختلف شخصيات جي جنم ڏينهن ۽ ورسين جي مناسبت سان ڇپيل مضمون.
    ايوارڊ:
    1. ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ
    پاران: عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ
    2. بهترين ڪهاڻيڪار ايوارڊ، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو
    4. بهترين ڪهاڻيڪار جي سنّد، سنڌي ادبي سنگت قمبر
  • مرحوم فقير حاجي علي بخش جمالي

    مرحوم فقير حاجي علي بخش جمالي

    مرحوم فقير حاجي علي بخش جمالي

    مرحوم فقير حاجي علي بخش جمالي.. شاعر
    سرپرست بزمِ سچل لاڙڪاڻو
    ڇپيل ڪتاب؛ ”جهڙا گل گلاب جا“ شاعري جو مجموعو، ”نعتيه ديوان ۽ ٻيا
    حاجي علي بخش جمالي [ولادت 3131 هه = 1912ع]
    ميمڻ عبدالغفور سنڌي
    facebook 1571535198336حاجي علي بخش ولد ڪريم بخش جمالي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”بچل مهيسر“ ۾ 1331 هه مطابق 12 اپريل 1912ع تي تولد ٿيو. ٿوري پرائمري تعليم مليل اٿس. غالباً 1930ع کان مولوي غلام رسول جتوئي جي رهبري هيٺ شعر طرف توجه ڏنائين. هينئر خدا جي فضل سان سنڌي زبان جو مڃيل شاعر تسليم ڪيو پيو وڃي. ڪي قدر پاڻ سرائڪي زبان تي به طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس ڪلام ۾ مداحون، ٽيهه اکريون، مولود، وايون، ڪافيون، قطعا، رباعيون، دوها ۽ غزل وغيره شامل آهن. سنڌي زبان ۾ سندس ”ديوان“ به ترتيب ڏنل آهي ؛ جيڪو اڃا ڪٻٽ جي زينت بڻيل آهي. خدا ڪري ڇپجي پوي.
    فوٽو؛ رضوان گل
    عبدالوهاب سهتو جي بلاگ تان کنيل سندس مهربانين سان
  • مايا راهي

    مايا راهي

    مايا راهي

    وچولي ۽ نئين پيڙهيءَ جي ليکڪائن جي پريڻا –
    مايا راهي”
    ✍? ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
    facebook 1570671706166سنڌي ساهت جا ادبي جوڙا سندري ۽ اي جي اُتمچنداڻي , ڪلا ۽ موتي پرڪاش, اندرا ۽ هريش واسواڻي, پارو ۽ ٺاڪر چاولا ساڳئي ئي سٿ جو ساهت اڪادمي انعام يافت آدبي جوڙو مايا ۽ ڪرشن راهي آهن. هنن سڀني جوڙن ساهت جي کيتر ۾ ايترو  يوگدان ڏنو, جو سنڌي ادب جو ڪنواس وشال ۽ وسيع پئماني تائين ڦلجندي, اوچ مقام حاصل ڪيو.
    جڏهن ت ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ساهت ۾ جيڪڏهن اوچ ڪوٽيءَ جي ليکڪائن جي ڳڻپ ڪجي ت سڀ کان اول سداحيات گلي سدارنگاڻي , پوپتي هيراننداڻي, سندري اُتمچنداڻي, ڪلا پرڪاش ۽ پارو چاولا
     ۽  تاراميرچنداڻي, مايا راهي, ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي  وينا شرنگي ۽ اندرا شبنم جن ليکڪائن ورهاڱي کانپوء قدم قدم تي منزل جا پيچرا رستا طئه ڪندي,ڀارت ۾ نئين سر سنڌي اتهاس جو هڪ ناياب سونهري ورق جوڙيندي, وچولي ۽ نئين پيڙهي جي ليکڪائن لاء ساهتڪ صاف سٿرو پٿ تيار ڪندي, هڪ پريڻا جي روپ ۾ اُڀريندي, ممتاز ڀري مقام تي پهتل آهن اُن ساڳئي سٿ جي
    ڪهاڻيڪار, مضمون نگار , شاعرا, سنڌي ساهت جي بولڊ ,بي باڪ , بلند حوصلي واري ,کليل دماغ واري, دل جي صاف سٿري, اوچ خيالات واري , شانائتي شخصيت وچولي ۽ نئين پيڙهيءَ جي ليکڪائن جي پريڻا مايا راهي جو جنم 10 آڪٽوبر 1939 ڪراچي سنڌ ۾ ٿيو. هوءَ اڃا ستن سالن جي ننڍڙي ٻالڪا ئي مس هئي جو ڪراچي جي فسادن جو خوفناڪ ماحول ۽ ورهاڱي جا دل ڏاڙيندڙ منظر  هن جي ٻال هرديه اکين سان ڏٺا. جنهن جي ڇاپ ڪجه ڌنڌلي ت ڪجه چٽي هن جي دل تي اڄ ڏينهن تائين ڇڏيل آهي.
    ورهاڱي کانپوءِ اسڪولي ۽ ڪاليجي تعليم حاصل ڪندي  مايا جي جيون ۾ اڻ ڳڻيا پيچرا رستا درپيش آيا پر نيٺ سندس پوڙهو ثاب ٿيو. هوءَ پنهنجي لگن ۽ محنت سان ڌيري ڌيري جيون جا ڏاڪا چڙهندي رهي.
    سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت لاءِ ت کيس محبت هئي ئي جنهن ڪري هوءَ منگهارام ملڪاڻي جي ادبي بيٺڪن جو حصو بڻي جتي هن جي ملاقات ڪرشن راهيءَ سان ٿي پهرين ملاقات دوستيءَ ۾ بدلجي ۽ وري دوستي محبت جو روپ ورتو ۽ ٻنهي مائٽن جي رضامنديءَ سان شادي ڪئي. کين هڪ پٽ ۽ ٻ ڌيئر آهن. ائين ٻنهي گڏجي جيون سان گڏ ساهتڪ گاڏو ب هلايو.جڏهن ت ساهتڪ کيتر ۾ پڻ ٻنهي جو مقام اوچو رهيو.
    افسوس جو 6 اپريل 2007 ۾ ڪرشن راهي وڇاڻي هن دنيوي دنيا ۽ ادبي دنيا کان الوداع ڪئي.
    (سندن ٻئي ڌيئر هن وقت امريڪا ۾ پنهنجي گهوٽ ۽ ٻارن سان خوش آهن ۽ مايا راهي هن وقت پٽ سان ٿاڻا ۾ رهندي آهي. )
     مايا راهي اها ٻهوگڻي شخصيت جي مالڪ آهي جنهن نثر چاهي نظم ۾ ڪاميابيءَ سان قلم هلائيندي, گذريل ڇهن ڏهاڪن کان سندس اڻ ٿڪ قلم اُن ساڳئي ئي جوش وخروش سان هلي پيو ٿو. ساهتڪ کيتر ۾ بنيادي طور مايا راهي ڪهاڻيڪار جي روپ ۾ ڃاتي سڃاتي ويندي آهي. هيل تائين سندس ڪهاڻين جا ڇه مجموعا “محبت جو مينهن”, “موڪش” “ڍال” ۽ “مهانگي مُرڪ”.جڏهن ت ٻ ڪتاب هنديء ۾ “موڪش” ۽ اور وو اُداس هو گئي” ڇپجي چڪا آهن.سندس ڪهاڻيون ماڊرن تيڪنڪ جي آڌار تي رچيل هونديون آهن. هر هڪ ڪهاڻي ۾  نوان اوتيندي, ماڊرن عنوان, ڪهاڻين جي پلاٽ ۾ سماج جي عڪاس ,برجستي ڪردارنگاري, بولڊ خيال ويچار ,ٻولي سادي سپڪ ۽ سولي وقتي ٺهڪندڙ اصطلاح ۽ پهاڪا ڪم آڻيندي آهي. 
    سندس ڪهاڻيون  وقت ب وقت اخبارن مخزن ۽ رسالن جي سونهن وڌائيندا رهندا آهن. ويجهرائي ۾ سندس نئين ڪهاڻي سپون ۾ “ايس. ايم. ايس” ڇپجي هئي جڏهن ت ڪونج پرچي ۾ “ٽي ڏينهن ٽي پيڙهيون” ڇپجي جا پڻ  سنڌي ساهت جي بهترين ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيء جو عنوان ئي ماڊرن ۽ نواڻ طرف اشارا ڪري ٿو . “ٽي ڏينھن ٽي پيڙھيون“ ۾ حالانڪ اڄ ڪلھ جي ماڊرن ٽيڪنالاجي سبب پيڙھين ۾ تڪرار طرف اشارا ڪيل آھن. پر آمريڪا ۾ رھندڙ ان ڪٽنب جي نئين توڙي پراڻي پيڙھي اتي جي واتاورڻ کان اثرانداز ٿيل آھي. ماڊرنائيزيشن جو اثر نانيء تي بہ حاوي ٿيل آھي ڇو تہ ڏوھٽي کي بک ھجي پوء بہ نانيء کي پھرين يوگا مٺڙي لڳي.  ناني پاڻ چوي ٿي تہ 
    “ھتي اچي مان بہ پوري طرح آمريڪن ٿي وئي آھيان”.
    ظاهر آهي وديشي اثر نه فقط اڄ جي ماڊرن اولاد تي اهي پر برزگ پيڙهي به ڪنهن وقت ان وهڪري ۾ وهي وڃي ٿي.جڏهن ت ڪهاڻيء ۾ يوگا جي ڀرپور مهما ٻڌائڻ جو وجه ليکڪا ڪون ڇڏيو اهي.
    مايا راهي ڪيترن ئي سيمينارن تي تز مقالا ۽ بهترين صدارتي تقريرون ڪيون آهن.جڏهن ت ڪيترن ئي پروگرامن جو سڦل سنچالن پڻ ڪيا اٿس.
    مايا راهي ن فقط ڪهاڻيڪار ,مضمونگار ۽ مقالانويس آهي پر هوءَ هڪ بهترين شاعرا پڻ آهي
    آنءُ چاهيان ٿي پاٺڪ ب سندس شاعريءَ جي پنکڙين جي خوشبوءَ جو واس وٺن
    “انسان ڀل برهم ن ٿئي
    هڪ انسان بڻجي ڇو نٿو جيئي”
    جڏهن ت مايا راهيءَ جو چوڻ آهي جيون هڪ تپسيا آهي. ڇو جو هُن زندگيءَ جا  ڏاڪا چڙهندي ,جوڳيءَ جيان تپسيا ئي تپسيا ڪئي آهي. جنهن جي جهلڪ هن شاعريءَ ۾ ملي ٿي.
    جيون هڪ تپسيا آ ,
    جوڳيءَ جيان جيئڻو آ ,  
    مايا راهي کي ڪيترين ئي سرڪاري چاهي غير سرڪاري سطح تي عهدن مانن ۽ سنمان سان نوازيو ويو . 
    2015  ۾ “مهانگي مرڪ” تي کيس سينٽرل ساهت اڪاڊميء جو وڏو آوارڊ عطا ٿيو.  
    اڄ مارڊن زماني سبب کاڌي پيتي رهڻ ڪهڻ جا طور طريقا بدلجي ويا آهن جنهن ڪري يوگا انسان جي زندگيء ۾ آڪسيجن جو ڪم ٿي ڪري.مايا راهيء اڄ جي مارڊن زماني ۾ اُن يوگا جهڙي آڪسيجن جي مهما سمجهندي اٺين ڏهاڪي جي عمر ۾ ب فري يوگا ڪلاسز هلائيندي آهي. جڏهن ت سنڌيت وڌائڻ ۽ساهت سرجن ڪرڻ ت هن جي ساه مثل آهي.جنهن جو ثبوت هن عمر ۾ يعنا اسي سالن جي عمر  ۾ ب سندس ڪهاڻي جي ڪتاب “ديسي لوڪ پرديسي سپنا” ڇپيو سندن جذبي کي منهنجا کوڙ کوڙ سلام ,شل خدا کيس صحتمند جيون ۽ وڏي اورجا بخشي
  • ڏات ڌڻي ٻڊل فقير

    ڏات ڌڻي ٻڊل فقير

    درگاهه ڳوٺ بخشي انڙ ۾ فقير طبيعت ميان عبدالواسع رهندو ھو، جنهن جي گهر ۾ -ٻڍل فقير 1865ع ۾ ڄائو. ننڍي ھوندي کان ئي مستانو ھوندو ھو، سندس ڪلام تصوف ۽ عشقيه رنگ ۾ رچيل آھي، سندس ڪلام سنڌي کان علاوه سرائڪي زبان ۾ به آھي. ھن پنھنجي ڪلام ۾ سنڌ جي لوڪ ڪھاڻين کي خاص موضوع بڻايو آھي

    سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ويب سائيڻڊ
  • ڏات ڌڻي امير علي چانڊيو

    ڏات ڌڻي امير علي چانڊيو

    امير علي چانڊيو: 24 مئي 1949ع تي ڳوٺ شاهه محمد چانڊيو لڳ قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پاڻ نثرنگار، شاعر، نقاد ۽ لطيف جي ڪلام جو انگريزيءَ ۾ مترجم هو. پاڻ ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو هن شاعري به ڪئي. گيت، غزل، وايون ۽ ڪافيون لکيائين. کيس راڳ جي به سٺي ڄاڻ هئي. ان سلسلي ۾ مشهور راڳي مٺو ڪڇيءَ کي پنهنجو استاد بڻايائين. بهترين نثرنگار ۽ نقاد به هو. مهراڻ، ٻين رسالن ۾ شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ تاج بلوچ جي شاعريءَ بابت سندس مقالا ۽ تنقيدي مضمون ڇپيا .هن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي بيتن جوانگريزي ۾ سندس ترجمو. سندس شاهه جا ترجمو ڪيا.هن 12 آڪٽوبر 1996ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي
  • آغا تاج محمد

    آغا تاج محمد

    نامور تعليم دان، عالم ۽ اديب 16 سيپٽمبر 1904ع ۾ تعلقي ۽ ضلعي سکر جي ڳوٺ ’باگڙجيءَ‘ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو عبدالمجيد خان هو. پنهنجي وقت جو انگريزيءَ، سنڌيءَ، -اردو- ۽ فارسيءَ جو مشهور مقرر ليکيو ويندو هو. حڪومت برطانيه طرفان کيس ”قيصر هند“ جو ميڊل مليو. 1945ع ۾ کيس ”خان صاحب“ جو لقب مليو. 1949ع ۾ کيس پاڪستان کي يونيسڪو ۾ متعارف ڪرائڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. ”ڀٽ شاهه ميموريل ڪائونسل“ ۽ ”شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر“ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو بنيادي ميمبر سيڪريٽري ۽ بنياد وجهندڙآغا صاحب اديب، شاعر، ليکڪ، تعليمدان ۽ وڏو منتظم هو. سنڌي گرامر تي ڪتاب ، شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر تي به مقالا لکيا آهن 10 آڪٽوبر 1959ع تي حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪيو
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي ويب سائيٽڊ ثورن سان
  • ڏات ڌڻي پير الاهي بخش

    ڏات ڌڻي پير الاهي بخش

    الاهي بخش، پير: پير الاهي بخش سال 1890ع ۾ -ڀان سيد آباد- ويجهو پير ڳوٺ، ضلعي دادو ۾ ڄائو. هو اڃا 9 سالن جو مس هو ته سندس والد پير نواز علي شاهه گذاري ويو. جنهن بعد کيس مامي پاليو. هي مخدوم موسيٰ جي پيڙهيءَ مان هو، جيڪو مخدوم نوح سرور جو پنجون پٽ هو. هن پنهنجي شروعاتي -تعليم- پرائمري اسڪول -ڀان سيد آباد- مان ۽ ميٽرڪ ناز هاءِ اسڪول، خيرپور مان حاصل ڪئي. بعد ۾ هو اعليٰ -تعليم- لاءِ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي ويو. هو مولانا محمد علي جوهر جي اڳواڻي ۾ هلندڙ خلافت تحريڪ کان گهڻو متاثر هو. -ان- ڪري -ترت- ئي علي ڳڙهه يونيورسٽي ڇڏي جامع مليه اسلاميه ۾ داخلا ورتائين ۽ اتان بي. اي جو امتحان پاس ڪيائين. جنهن بعد هو خلافت تحريڪ جي اڳواڻ طور سنڌ موٽيو. کيس سر شاهنواز ڀٽي، ضلع ڪائونسل مان اسڪالرشپ وٺي ڏني ۽ کيس -تعليم- مڪمل ڪرڻ لاءِ علي ڳڙهه يونيورسٽي موڪليائين، جتان هن -اسلامي تاريخ- ۾ ايم. اي ڪئي ۽ قانون جو امتحان پڻ پاس ڪيائين. موٽي اچي هن لاڙڪاڻي ۾ قانون جي پريڪٽس شروع ڪئي ۽ -ان- سان گڏ سياست ۾ به پير پاتائين. 1937ع ۾ هو سنڌ ليجسليٽو -اسيمبلي- جو ميمبر چونڊيو. پير الاهي بخش سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ ٺاهيو، جنهن جو مقصد -بمبئي- کان سنڌ جي عليحدگي هو. بعد ۾ خانبهادر الهه بخش سومري جي وڏ وزارت ۾ هو وزير -تعليم- ٿيو ۽ ڏهن سالن تائين -ان- عهدي تي فائز رهيو. پير الاهي بخش سنڌي ادبي بورڊ ۽ -ايس ايم ڪاليج- ڪراچيءَ جي بانيڪارن مان آهي. هو سنڌ مدرسته -الاسلام- بورڊ جو صدر پڻ رهيو. 1948ع ۾ قائد اعظم کيس سنڌ جو وڏو وزير نامزد ڪيو. -پاڪستان- ٺهڻ کانپوءِ ڀارت مان لڏي آيلن جي -آبادڪاري- لاءِ هن 1948ع جي آخر ڌاري ڪراچيءَ ۾ پير الاهي بخش ڪالوني جوڙي. 8 -آڪٽوبر- 1975ع تي گذاري ويو ۽ پويان 5 پٽ ۽ 2 ڌيئر ڇڏيون اٿس. پ پ پ اڳواڻ، سينيئر صوبائي وزير ۽ وزير -تعليم- سنڌ، پير مظهر -الحق- سندس پوٽو آهي
  • ’بيوس’، ڪشنچند تيرٿداس کتري

    ’بيوس’، ڪشنچند تيرٿداس کتري

    ڪشنچند تيرٿداس کتري ‘بي وس’، جديد سنڌي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏيڻ وارو شاعر هو ۔ ھُن 25 فيبروري 1885 تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو ۔ سندس پيءُ تيرٿداس کتري حڪيم هو ۔ بيوس کي ٻ ٻيا ڀائر به هُئا، هِڪ تولارام، جيڪو اَنگريزي ماستر هو ۽ ٻيو موتيرام ڪورٽ ۾ ڪلارڪ هو ۔ ٽرئي ڀائر اڃا پڙهندا هُئا ته سندن پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو ۔ اِن ڪري ڪشنچند لاءِ نوڪريون ڪرڻ ۽ گھر جون زميواريون سنڀالڻ ضروري ٿي پيو ۔ پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس ماءُ گھر ۾ حڪمت ڪرڻ لڳي، کيس پاڙي وارا ڏاهي ڪري چوندا هُئا ۔ بيوس پورهيت ماءُ جي خرچ تي پرائمري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙھندو هو ۔ ھڪ ڏينھن هاسٽل جي سپرنٽينڊنٽ رات جو دير سان ڪشنچند جي ڪمري جي بتي ٻرندي ڏٺي، وڃي ڏٺائين ته 16 سالن جو نئوجوان ڪرسيءَ تي ننڊر ۾ پيو هو ۽ پاسي ۾ ڪاغذ جي ھڪ ٽڪري تي هِڪ نظم لکيو پيو هو ۔ جيڪو پڙھي ڏاڍو متاثر ٿيو ۔ ٻ ڏينھن بيوس جي ڪلاس ٽيچر کيس مبارڪ ڏيندي چيو ته تون ھڪ ڏينھن ضرور مهان شاعر ٿيندين ۔ اهو سال 1901هو ۔ اِن کان پوءِ 1925 کان 1940 تائين بيوس پنھنجي اَدبي ڏات ذريعي سنڌي ٻوليءَ جو بهترين شاعر بڻجي ويو ۔ ھُن جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد رکيو ۔ ٽئگور کان متاثر ٿيو ۽ سندس شاعريءَ جي متالي لاءِ اَنگريزيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪيائين ۽ لاڙڪاڻي جي گيان -باغ ۾ 1940 کان 1947 تائين ھفتيوار اَدبي ڪلاس ھلائي، ٽئگور جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ليڪچر ڏيندو رھيو ۔ بيوس ٻارن لاءِ نهايت خوبصورت شاعري ڪئي آھي ۔ اُن زماني ۾ دادا شيوڪ ڀوڄراج، بيوس جي ٻاراڻن ناٽڪن ۾ ڪردار اَدا ڪندو هو ۽ اُهي ناٽڪ بيوس جي گھر ٻاھران ٿيندا هُئا ۔ اُتي ٻالڪن جي ٻاريءَ جا ميڙ به ٿيندا هُئا ۔ ھن فرشتي صفت -انسان لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙن جو پهريون وڏو ميڙ به ڪوٺايو هو ۔ سندس ٻاراڻن گيتن جو ڪتاب “مئوجي گيت” جي نالي سان ڇپيل آھي ۔
    بيوس سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ سدائين زنده رھندو ۔ ھُن جي شاعراڻي واٽ تي ھلندي، ھوندراج دکايل، هري دلگير، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ جا ديو قامت شاعر ٿي اڀريا ۔ بيوس جي شاعريءَ جي ڪتابن جو تفصيل ھن ريت آھي — ”سامنڊري سپون” (1929), داڻا (بيوس ۽ ٻين جي شاعري 1939), گرو نانڪ جيون ڪوتا (1935), مئوجي گيت (1935), انڊلٺ (هِڪ پھسلا ناٽڪ 1939), شعر بيوس (1951), بيوس گيتا 1960), سڏ پڙاڏو ساڳيو (بيوس جي شاعريءَ جو گڏيل ڪتاب 1984), ڪليات بيوس (مرتب محمود شاھ بخاري 1991), ڇ ڇ پئسا، ٻ ٻ پايون (مرتب نصير مرزا 2001) شايع ٿيل آھن ۔ اِن کان سواءِ سندس شاعراڻي ڏات، شخصيت ۽ فن تي ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپايا ويا آھن ۔ جهڙوڪ ”ڪشنچند بيوس (ليکڪ هري دلگير 1982), بيوس جي ڪوتا جو جائزو (مرتب هري دلگير 1993), بيوس هِڪ اڀياس 1972), شاعر ته بيوس (بلديو گاجرا 1983) ۽ بيوس هِڪ گلدستو (ليکڪ هري دلگير 1993 ۽ وغيرھ ۔ ياد رهي ته ڪشنچند بيوس جي هر شاعري، سندس فن ۽ شخصيت تي لکيل ڪتابن جا ڪيترائي ڇاپا شايع ٿي چُڪا آھن ۔ ڪشنچند بيوس ٭23 سيپٽيمبر1947* تي وفات ڪئي ۔
  • بخشل فقيرمڱڻهار

    بخشل فقيرمڱڻهار

    بخشل فقيرمڱڻهار

    facebook 1569204034868هيء شخصيت جوهيء جي تاريخ جوهڪ اهم ڪردار آھي،1915ع ۾ جنم وٺندڙ ھن صوفي شاعر ۽ موسيقار سنڌيء ۾ ڪافي ڪلام چيو آھي، ڪافي ۽ ڏوهيڙي سان گڏ نظم جي صنف  تي به سندس طبع آزمائي ٿيل نظر اچي ٿي.
    سندس مشھور نظم جيڪو هن ذوالفقار علي ڀٽو جي اليڪشن کٽڻ جي خوشي ۾ لکيو هيو ته:، ( اچي وئي شير جي منزل گدڙ لومبڙ ڀڄي ويندا) اڄ به خاص ۽ عام ۾مشھور ۽ مقبول آھي ۽ اڄ به جيڪڏهن ڪو ظالم ،جابر ۽ فاشسٽ طاقتن سان ٽڪرائي سوڀ ماڻي ٿوته مرحوم بخشل فقير جي نظم جي اها سٽ دهرائي وڃي ٿي. سندس شاعري ۾ هر صنف خاص طور مرثيه، منقبت، غزل ۽ ڪافيون ملن ٿيون.
    سنڌي ادب جي نامياري محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب {سنڌي موسيقي جي تاريخ } ۾ لکيو آھي ته بخشل زنگيشاهي ڪبت ۽ ٺمري جو تمام گهڻو ڄاڻو هيو ،افسوس جو سندس ڪلام ڇپجي منظر عام تي اچي نه سگهيو آھي.
    هن 1981ع ۾ وفات ڪئي ،هن جيڪا علم ،ادب ۽ فن جي لاٽ روشن ڪئي ،ان جي روشني ڪڏهن به مرڻي ناهي
  • تاجل بيوس – شاعر

    تاجل بيوس – شاعر

    تاجل بيوس – شاعر

    facebook 1569115858319خيرپور جي ڪچي ۾ ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ تاج محمد سمون 22 سيپٽمبر 1938ع ۾ جنم ورتو. ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته هي ننڍڙو ٻار وڏو ٿي تاجل بيوس بڻبو ۽ سندس ڪلام سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجيء مٿان ڇا لکي ڇا لکان سندس سڃاڻ بڻجي ويندو. سندس والد مرحوم محمد جعفر ڪو وڏو ماڻهو ته ڪونه هو پر ان باوجود هن پنهنجي پٽ کي سٺي تعليم ڏياري. تاجل بيوس ايم اي ته معاشيات ۾ ڪئي، پر هن جي اندر ۾ ننڍپڻ کان وٺي هڪ ڏات ڌڻي لڪل هو، جيڪو گيت تخليق ڪندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو تاج محمد ادب جي دنيا ۾ تاجل بيوس ٿيڻ کي پسند ڪيو.
    سندس سنڌ لاء ڳايل شاعري جيڪا سنڌ جي تراني طور ڳائي ويندي آهي. 
    سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجيء مٿان ڇا لکي ڇا لکان
    يا ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت تي چيل 
    تون ته ملندو رهندين خوابن ۾ ڪو ڪيئن ٿو چوي ڪو ڪيئن ٿو چوي يا وري
    منهنجي لاء مارون هو رنا ڪيئن نه هوندا، پَلوَ پاند تن جا ، دامن تنين جا يار ڀنا ڪيئن نه هوندا جهڙا لازوال ڪلام تخليق ڪيا.
    تاجل بيوس جي وڏي ڳاله اها آهي ته هن سنڌ جي وستين ، واهڻن ، ڪوهستان ، ٿر، بر، ڪاڇي، اتر ، سري ، وچولي ، ڪچي ۾ رهندڙن جي درد کي ئي نه ڏٺو، پر هو جڏهن 70ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ لڏي آيو ته هن ڪراچي جي ڀوائتي صورتحال تي به قلم کي وهايو
    ڪراچي کي ڪير؟ واڳن جيئن ويڙهي ويا
    وجهي وات وڻن ۾، چمڙن جيئن چوڦير
    گهاتو، پڄو گهير، ٿيا سڏ ساڻيهه جا
    سنڌ جي سونهن کي ڳائن جو سندس انداز سندس ڪلام
    جتي ليار پيرون پٽن تي پچن ٿا
    اتان منهنجا مارو، ميارون مڪن ٿا
    مان چٽو پيو نظر اچي
    جيتوڻيڪ هو وڏن سرڪاري عهدن رجسٽرار آف ڪمپنيز ۽ ناڻي کاتي ۾ وفاقي جوائنٽ سيڪريٽريءَ جهڙن اهم عهدن تي به رهيو، پر پوءِ به اهي نوڪريون کيس ”بيوروڪريٽڪ ڪلچر“ جو حصو بڻائي نه سگهيون ۽ سندس سڄي زندگي شاعراڻي سادگيءَ ۾ گذري . شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جو هڪ سال تائين صلاحڪار پڻ رهيو. معيشت جي ماهر هجڻ ڪري تاجل بيوس هڪ اسٽاڪ ڪميشن جو چيف ايگزيڪيوٽو به رهي چڪو، پر ان باوجود هن سنڌي ادب، خاص ڪري شاعري ڪرڻ، ڪتاب ڇپرائڻ، پروگرامن ۾ وڃڻ واري ڪرت جاري رکي. تاجل سنڌيء سان گڏ اردو حلقي ۾ مشهور هيو. پاڻ شاعريء سان گڏ نثر ۾ به بهترين ڪم ڪيو اٿن
    تاجل بيوس جا ڇپيل ڪتاب
    (1) جڏهن ڀونءِ بڻي (شاعري) 1982ع، 
    (2) انبن جهليو ٻور (شاعري) 1983ع، 
    (3) سرجيندڙ ساڻيهه جا (شاعري) 1985ع،
    (4) سنڌ منهنجي امان (شاعري) 1989ع، 
    (5) ڪاڇي مٿان ڪونج (شاعري) 1990ع، 
    (6) ڪنڌيءَ ڪونئر ترن (شاعري) 1991ع،
    (7) ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا (شاعري) 1992ع، 
    (8) ڏور به اوڏا سپرين (هند جو سفرنامو) 1992ع، 
    (9) سرخ گلابون ڪئ موسم مين (اردو شاعري) 1994ع، 
    (10)صحرا ستر جن (شاعري) 1995ع، 
    (11) تنهنجا نيڻ غزل (شاعري) 1996ع، 
    (12) وڏا وڻ وڻڪار جا (شيخ اياز سان گڏ شاعري) 1997ع، 
    (13) انداز بيان اور (اردو شاعري) 1997ع، 
    (14) ڏوريان ڏوريان مَ لهان (شاعري: 9 مجموعا گڏ) 1997ع، 
    (15) آريجن کان الهاس نگر (هند ۽ سنڌ جي اديبن جا خط) 1997ع، 
    (16) اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو! (هند جو سفرنامو)2002ع، 
    (17) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو پهريون) 2003ع، 
    (18) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٻيو) 2003ع، 
    (19) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٽيون) 2003ع، 
    (20) چپ انجيل جي حاشين جهڙا (شاعري) 2003ع، 
    (21)جهڄان پسي جهوڪ (ڪهاڻيون) 2007ع، 
    (22) سج چنڊ تارا ڪتيون (شخصيتن جا خاڪا) 2004ع، 
    (23) سامي سودو پريم جو (ساميءَ جي بيتن جي واين ۾ تبديلي) 2003ع، 
    (24) انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ 2004ع، 
    (25) پکي ساڳي پار جا (شاعري) 2004ع، 
    (26) سون سريکا چار سين (شخصيات) 2004ع، 
    (27) گل ڇنو گرنار جو (ڪافيون) 2006ع، 
    (28) تاجل بيوس جو رسالو (شاعري) 2006ع، 
    (29) ملير جي مارئي (شهيد بينظير ڀٽو کي منظوم خراج) 2008ع
    انکانسواء سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپائيء هيٺ آهن
    تاجل بيوس سنڌي ادب سان گڏ اردو ادب تي به ڪم ڪيو. تاجل بيوس رڳو سنڌ نه پر هند ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽي ۽ اديبن ۾ چڱي سڃاڻپ رکندڙ هو، جنهن ڪري هندستان جي سنڌي اديبن کيس ڪيترن ئي اهم ايوارڊن سان پڻ نوازيو. کيس 1996ع ۾ نارائڻ شيام گولڊ ميڊل مليو. سنڌي ادبي سڀا پاران کيس فرسٽ ڪلاس ايوارڊ، پروفيسر رام پنجواڻي گولڊ ميڊل کانسواءِ 29 سيپٽمبر 2001ع ۾ کيس ڀارت ۾ مارئي ايوارڊ دهلي پڻ ڏنو ويو. تاجل بيوس لڳ ڀڳ 12 اهم ايوارڊ، گولڊ ميڊل حاصل ڪيا. ايتري قدر جو کيس سهيوگ فائونڊيشن ممبئي وارن 1999ع ٻيو ڀيرو نارائڻ شيام ايوارڊ ڏنو۔
    تاجل بيوس سنڌي شاعريء جي سڀني صنفن تي طبغ آزمائي ڪئي آهي جن ۾ سندس گهڻو ڪم وائي ۽ ڪافي وارو آهي. تترن جون ٻوليون، بانسري جي دل موهيندڙ آواز، عورت جي مظلومي، غلامي، ارتقا، انتظار، ڪارونجهر جي ڪور کان وٺي هن هر موضوع تي بيت ، گيت ، غزل ۽ نثري نظم ، چئو سٽا ، ٽه سٽا ۽ طويل نظم گهڻو مشهور آهن. جيتوڻيڪ هن جي اها معصوم خواهش رهي، ته سنڌ ۾ کيس اياز کان پوءِ سڀ کان وڏو شاعر تسليم ڪيو وڃي، جنهن جي رد عمل ۾ مٿس تنقيد به ٿي ته کيس حد کان وڌيڪ نظر انداز به ڪيو ويو، پر ان کان ڪنهن به ريت انڪار ممڪن نه آهي ته هو اياز کان پوءِ ڳڻجندڙ شاعرن جي مالها جو هڪ نظر ايندڙ ۽ محسوس ٿيندڙ گُل آهي. مان نثري نظم جو کيس اياز کان به وڏو شاعر تسليم ڪندو آهيان. سندس ڪتاب “انبن جهليو ٻور ” ان جو مثال آهي.
    سندس بيتن مان ڪجه چونڊ بيت هيٺ ڏجن ٿا :
    هَلُ ڪڪوريل ڪاڪ تي، جتي نيهنن نظامُ
    آهي ننڊ حرام، جاڳڻ سوڀ سرير جي
    *
    ڇڻندا سڱر سوڪ، ڇڻ، ڇڻ ڪري ڇڻ تي
    مارُن وٽان موڪ، صبح اينديون سوکڙيون
    *
    آيا اُتر پار کان، ڪڪر ڪاريءَ رُوءَ
    وَٺا مينهن مندائتا، جرڪي پيئي جُوءِ
    کاهڙ جي خوشبوءِ، ڄڻ ڪا اوت عنبير جي
    *
    ڪنڌيءَ ڪنايو، آيا سانوڻ ڏينهڙا
    اِجهو ڪو آيو، کڻي ڪرس ڪٺار تي
    *
    سَرجي نڪتا ”سنڌ“ مان، ملير ۽ مارُون
    ڪيون جن ڪَتيءَ ۾، اُٺي اُڪارُون
    جَڙيل آهن جن سان، تن، من جون تارُون
    تڙ، تڙ تنوارُون، سُڻان تان سرَهي ٿيان
    *
    آڇيو حُور اياز کي، جنت وارو جام
    اوري لڌائين عشق مان، شاهه، سچل ۽ شيام
    ڪيائين ڪلتار کي، صبح جو سلام
    پٺيان مريدڻ جت هو، اڳيان ڄام نظام
    سمن جو سردار ۽، ڄامن سندو ڄام
    ڪيائين ڪلام، سنڌيءَ ۾ سلطان سان
    تاجل بيوس پنهنجي تخليق ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پوئلڳ رهيو. اهو سبب هو، جو تاجل بيوس آخري ايامن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جيان پنهنجو ”تاجل جو رسالو“ پڻ لکي مارڪيٽ ۾ آندو. تنقيد ته هر اديب تي ٿيندي رهندي آهي ۽ تاجل بيوس به ان تنقيد جو ٿورو گهڻو ضرور نشانو بڻيو، پر هن ۾ اها مايوسي نه هئي، جيڪا اڪثر ڪري تخليقڪارن کي مايوس ڪري ڇڏيندي آهي. ڪراچي ۾ زندگي جو وڏو عرصو گذاريندڙ تاجل بيوس ”تاجل جو رسالو“ پنهنجي پيءُ، ماءُ ۽ ان گهر واريءَ نالي ڪيو، جنهن کي هو مٺڻ سڏيندو هو.
    4 ڊسمبر 2008 تي نصير سومرو جي ڪتاب “جل تي ڪنول جيئن ” جي مهورتي تقريب اڪيڊمي آف ادبيات ڪراچيء جي آفيس ۾ ٿي رهي هئي. شام جو ساڍي چئين بجي تاجل کي تقرير لاء سڏيو ويو ۽ تاجل پنهنجي کيسي مان لکيل ڪاغذ ڪڍي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته بجلي هلي وئي ۽ تاجل موبائل جي ٽارچ جي روشنيء ۾ پنهنجي تقرير پڙهي پوري ڪئي ء کيس مٿي ۾ سور پئجي ويو ۽ هو اتي ئي بيهوش ٿي ويو. جتان کيس جناح اسپتال نيو ويو ٻن ڏينهن کانپوء ٻڌايو ويو ته کيس فالج جو حملو ٿيو آهي پوء کيس اتان لياقت اسپتال نيو ويو پر تاجل ٻيهر هوش ۾ ڪونه آيو ۽ 13 ڊسمبر تي پاڻ اسان کان موڪلائي ويو. تاجل بيوس چوڪنڊيءَ جي ان تاريخي قبرستان ۾ آرامي ٿيو، جنهن ۾ دفن ڪرڻ جي به هن پاڻ وصيت ڪئي هئي