Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • مير غلام الله ٽالپر

    مير غلام الله ٽالپر

    مير غلام الله ٽالپر 22 سيپٽمبر 1907ع تي ٽنڊو محمد خان ۾ پيدا ٿيو ، ٽنڊو محمد خان جي ٽالپرن جي شاهواڻي سردار بهادر مير حاجي حسين بخش خان ٽالپر جو فرزند هو ، سندس پرورش سندس والد جي نظرداريءَ هيٺ ٿي جنهنڪري ٻالڪپڻ کان ئي بااخلاق ، باشعور، بيباڪ ، باهمت ۽ دلير شخصيت جو مالڪ هو، ابتدائي سنڌي تعليم ۽ قرآن پاڪ جي تعليم ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪيائين ، 1914ع ۾ سنڌي ٻاراڻو درجو پڙهڻ ويٺو، ٽنڊي محمد خان جي اسڪول ۾ مسٽر عبدالرحيم خان ولد غلام محمد خان نظاماڻي وٽ چار درجا سنڌي جا پاس ڪيائين . سندس ٻه سال وڌيڪ اِنهيءَ اسڪول ۾ ضايع ٿيا ، هڪڙي سال ناپاس ٿيو ۽ هڪڙو سال امتحان ڪونه ڏنائين، ڇاڪاڻ جو هڪ وبا اچي ڦهلي ، جنهنڪري سندس مائٽ جاگيرن تي لڏي هليا ويا. 1920ع ۾ انگريزي پڙهڻ ويٺو . هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿيو ۽ بورڊنگ ۾ رهڻ لڳو ، ڇهه سال اُنهي اسڪول ۾ تعليم پئي ورتائين. مير غلام الله ٽالپر ڇهين درجي انگريزي ۾ ناپاس ٿيو، تنهنڪري حيدرآباد هاءِ اسڪول مان پڙهڻ ڇڏي، 1927ع ۾ وڃي ڪراچي سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو. ڇهين درجي ۾ ٻه مهينا پڙهيو ته علامه دائود پوٽي مهرباني ڪري ڇهين درجي جو امتحان وٺي پاس ڪري ستين درجي ۾ داخل ڪرايس. مير غلام الله ٽالپر هڪ ماستر سان نماز نه پڙهڻ ۽ صبح جو ڊرل نه ڪرڻ ڪري وڙهيو، جنهنڪري سنڌ مدرسو به ڇڏي، بعد ۾ 1927ع ۾ علي ڳڙهه وڃي داخل ٿيو جتي ستين درجي کان تعليم وٺڻ لڳو. مير غلام الله ٽالپر بورڊنگ هائوس ۾ هڪ شاگرد تي رات جو سُتي پاڻي جو مٽ وڃي مٿان وڌو، جنهنڪري بورڊ نگ هائوس مان ماستر کيس ڪڍي ڇڏيو، پوءِ وڃي ٻاهر هڪ پروفيسر معين الحق سان گڏ رهيو جتي خُوب پڙهائي ڪرڻ لڳو . باقي امتحان ۾ هڪ مهينو اچي بچيو هو ته لنواري شريف جي بزرگ خاندان مان ٻه صاحبزادا تعليم جي خيال سان اچي نڪتا جيڪي سندن مهمان ٿيا. کين ڪاليج ۾ جاءِ ڪانه ملي سگهي، تنهنڪري واپس وري ڳوٺ ڏانهن ٿي ويا. انهن مان هڪ پير محفوظ کيس چيو ته “ غلام الله ! تو هِت چڱا ملڪ گهمي ڏٺا هوندا ڇو نه اسان کي گهمائي پوءِ واپس ڪرين.” مير غلام الله ٽالپر جواب ڏنو ته ”ڀلي !“. پوءِ مير غلام الله ٽالپر پيرن صاحبن کي وٺي آگرو، لکنو، ٽُڊِلا ۽ دهلي جا شهر گهُمايا. مغل شهنشاهن جا سڀ يادگار کين ڏيکاريائين. قطب مينار، فتح پروسڪري، تاج محل، جامع مسجد ۽ موتي مسجد وغيره . مير غلام الله ٽالپر کي ، پير صاحبن کي گهمائڻ ۾ ٻارهن ڏينهن لڳي ويا ، باقي هڪ ڏينهن اچي امتحان ۾ بچيو هو ته علي ڳڙهه پهتو جتي مير غلام علي خان ٽالپر به ساڻس گڏ پڙهندو، جنهن چيس ته ”ڀُل ته وڏي ڪئي اٿئي جو پويان ڏينهن گهمڻ نه وڃين ها جو اِهي ڏينهن ڪمن جي يادگيري جا سٺا آهن. هاڻي شايد امتحان ۾ پاس مشڪل ٿيندين.“ پندرهن ڏينهن امتحان ڏيئي ٻئي ڳوٺ آيا. ٻن مهينن کان پوءِ خبر آئي ته مير غلام علي خان پهريون نمبر پاس ٿيو، مير غلام الله ٽالپر ناپاس ٿيس. مير غلام علي خان وڃي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو، 1929ع ۾ مير غلام الله ٽالپر ، ڪمشنر مسٽر گبسن جي مهرباني سان وڃي گرامر هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ داخل ٿيو. ڇو جو اهو اسڪول خاص يورپين لاءِ هو، جتي مير غلام الله ٽالپر کان سواءِ ٻيو ڪوبه شاگرد سنڌي ڪونه هو. ماستر ۽ ڇوڪرا ڇوڪريون سڀ انگريز هئا. چار مهينا تعليم وٺڻ بعد هڪ انگريز انجنيئر جي ڌيءُ نالي ڊيزيءَ سان سندس محبت جا پيچ اڙيا ، مير صاحب به سندس محبت ۾ صفا گرفتار ٿي پيو. اسڪول جو سمورو وقت پڙهائي بجاءِ محبت ۽ مستيءَ ۾ گذارڻ لڳو. محبت جي ان سفر ۾ ڪجهه مهينن بعد ان ڇوڪريءَ جو خاندان بمبئي منتقل ٿي ويو ، جنهن مير صاحب جو جيءُ جهوري وڌو ۽ هو ٻه ڏينهن بستري تي داخل هو. دل ٽٽڻ جي ڪري سندس زندگيءَ جي مزن جا رنگ ئي اُڏامي ويا. پوءِ سمورو وقت غمگين پيو گذاريندو هو. هوڏانهن ڳوٺ ۾ ميرن وڏن سندس شاديءَ جا ڏينهن ٻَڌي ڇڏيا هئا. حالت اها هئي جو 12 آڪٽوبر 1929ع تي سندس شادي ٿيڻي هئي، پر کيس ڪو به اُلڪو نه هو، آخرڪار سندس چاچو مير بنده علي خان ٽالپر کيس وٺڻ لاءِ شاديءَ جي رات ڪراچي اچي پهتو. جنهن رات شادي ٿيڻي هئي ان ڏينهن جو کيس ڇهين وڳي گاڏيءَ ۾ چاڙهي، ڏهين وڳي حيدرآباد آندائون ۽ نورائي جاگير وٽ اڳواٽ سرگس بيٺل هئي، جتان سڌا موٽر وسيلي ٽنڊي محمد خان پهتا ۽ اُنهيءَ رات پنجين وڳي مهل مير غلام الله ٽالپر لانئون لڌو. شادي بعد ٻه مهينا ٽنڊي محمد خان رهي. وري پير محمد محفوظ سان گڏ مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ علي ڳڙهه ويو، ٻئي ڄڻا ساڳئي پروفيسر سان گڏ وڃي رهيا . وري به پڙهائي ڇُٽي ، هي پئي گهُمندا رهيا، هڪ پروفيسر جي ڌيءَ سان پير محفوظ جا نيڻ اٽڪي پيا . اُن جي ساليءَ سان وڃي مير غلام الله ٽالپر جا پيچ اڙيا . پوءِ ته باقي پڙهائيءَ جو باقي نالو وڃي بچيو ، هنن پئي زندگيءَ جو لطف ماڻيو، هوڏانهن هر روز مٿن ڪاليج ۾ هڪ ٻه رپيا ڏنڊ جا پيا پوندا هئا. ان دؤران هر مهيني ڊيزيءَ جا خط به کيس ايندا رهيا مير صاحب به جواب ڏيندو رهيس. اها خط ڪتابت پنجن سالن تائين هلي. نيٺ پنجن سالن بعد خط پَٽ اچڻ بند ٿي ويا. مير صاحب عشق جا به وڏا امتحان پاس ڪيا ! ڊيزيءَ جي عشق کانپوءِ مير صاحب جي هٿن مان سوين آيون ويون مگر ڊيزيءَ جهڙي محبت جو سُڪون ڪنهن مان به نه مليس. زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين به ڊيزيءَ کي وساري نه سگهيو. خير علي ڳڙهه ۾ امتحان ڏئي واپس ڳوٺ موٽيا . مير صاحب 1931ع ۾ زرعي ڪاليج پوني پڙهڻ ويو ، جتان 1933ع ۾ زراعت ۾ ڊپلوما جي ڊگري حاصل ڪري واپس ڳوٺ موٽيو ۽ سندس والد حڪم ڪَيَس ته هاڻي وڃي ددُيري جاگير سنڀال، جتي وڃڻ سان وڃي بنگلو ٺهرائي ان ۾ رهڻ لڳو. ددُيري جاگير جي پيدائش ٻيڻي ڪيائين ۽ ماڻهن سان چڱي اُٿ ويهه ڪري بهترين ماحول جوڙيائين، ميونسپالٽيءَ جو اڳي ئي ٽي سال ميمبر رهيو هو، ددُيري جاگير سنڀالڻ جي ٻن سالن بعد ميونسپالٽي جي پريزيڊنٽ لاءِ اميدوار بيٺو ۽ ڪاميابيءَ سان چونڊجي ويو ، ٽي سال ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو. جڏهن ٽي سال پورا ٿيا ته سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي ۽ ڪراچي اسمبلي ٿي، جنهن لاءِ گوني تعلقي مان اميدوار بيٺو ۽ سندس مقابلي ۾ سيد قبول محمد شاهه بيٺو، جنهن کان هڪ هزار ووٽن تان کٽيائين. 1937ع ۾ ايم. ايل. اي جو خطاب ماڻيائين ، پوءِ جاگير تي وڃڻ ڇڏي ، ڪُل وقت سياست ۾ بهرو ورتائين ، چار سال اسيمبليون اٽينڊ ڪيائين. سندس ايامڪاريءَ ۾ سنڌ اندر ٽي منسٽريون ڊٺيون ، جن ۾ مير غلام الله ٽالپر پنهنجو قيمتي ووٽ ڏنو. مير صاحب جي زندگيءَ ۾ نئون موڙ ان وقت آيو ، جڏهن 21 آڪٽوبر 1940ع تي ٽنڊو محمد خان ۾ سيٺ محمد ميمڻ ۽ سيٺ محمد جعفر پخاليءَ جا خُون ٿي پيا ، 22 آڪٽوبر 1940ع تي انهن خُونن جي ڪيس ۾ مير صاحب گرفتار ٿيو، سياسي مخالفت سبب ان ڪيس ۾ سرهندي پيرن ۽ سعيدپور جي سيدن فوتين جي وارثن جي کُلي مدد ڪئي . خميسي نالي فريادي جي فرياد تي قلم 302 تحت ڪليڪٽر حيدرآباد مسٽر اُڌارام مِنيرام ميرچنداڻي جي حڪم تي ٽنڊي سب ڊويزن جي ڊپٽي ڪليڪٽر محمد اسحاق ۽ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ مسٽر رامناٿ کيس ٿاڻي تي گُهرائي گرفتار ڪيو، 23 آڪٽوبر 1940ع تي سيشن جج حيدرآباد مسٽر جي . ڊي ڪپاڊيا پنجاهه هزارن جو ڪچو ضامن منظور ڪيو ۽ کيس حڪم ڪيو ته حيدرآباد اندر ئي رهي. ٻئي ڏينهن تي سرڪاري وڪيل مرزا سڪندر بيگ کي نوٽيس ڏيئي گهرايو ويو، جنهن ڪورٽ ۾ سيشن جج کي صاف اکرن ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن مير غلام الله جو ضامن کڻندا ته ڪيس بابت ڪابه ثابتي اصل ڪانه ملندي ۽ جي هي آزاد هوندو ته ڪوبه شاهدي ڪونه ڏيندو. ان جي نتيجي ۾ مير صاحب جو ضامن رد ٿيو، کيس وري ٽنڊو محمد خان ۾ قيد ڪيو ويو. اٺن ڏينهن جي جانچ بعد کيس سينٽرل جيل حيدرآباد روانو ڪيو ويو، جتي کيس پهرين بي ڪلاس ۾ ۽ وري ڏهن ڏينهن بعد اي ڪلاس ۾ رکيو ويو . جيل ۾ قيد رهندي خيال ڪيائين ته اهڙي ڪا تجويز ڳولي ڪڍجي، جو هي وقت ڪنهن مشغولي ۾ رڌل رهجي. . سندس طبيعت ته اڳيئي عشق ڏانهن مائل هئي، تنهن نيٺ شعر چوڻ شروع ڪيا ۽ آخر هڪ نوٽ بڪ تي پنهنجا شعر لکڻ لڳو . خُون جي ڪيس ۾ مٿس پڪيون شاهديون نه بيهڻ ڪري هو ڪيس مان نيٺ باعزت آزاد ٿي ويو. هو سنڌي ، اردو، انگريزيءَ ، فارسي جو ماهر ، هڪ بهترين سياسي ۽ سماجي ڪارڪن هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جو ناميارو شاعر پڻ رهيو، شاعري ۾ پنهنجو تخلص “ غلام الله ” ڪتب آندائين. سياست ته سندس خانداني ورثو هئي ، ملڪ جو اڳوڻو گهرو وزير ، سنڌ اسيمبليءَ جو اڳوڻو اسپيڪر ، سنڌ جو نامور سياسي اڳواڻ مير غلام علي خان ٽالپر، هڪ دفعو پيرزاده عبد الستار جي وزارت ۾ ۽ ٻيو ڀيرو مظفر قزلباش جي ڪابينه ۾ اوڀر پاڪستان جو وزير رهندڙ مير علي نواز خان ٽالپر سندس سڳا سئوٽ هئا، سندس والد ٽنڊو محمد خان ميونسپالٽيءَ جو پهريون صدر ، انگريز دؤر جو برک سياستدان ، بلوچ قوم جو سردار ، سنڌ اسيمبليءَ جو اڳوڻو ميمبر ٿي رهيو، تنهن کيس مختلف عهدن جي لائق بنائڻ واري تربيت ڏني ، سندس شاعريءَ ان وقت جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندي رهندي هئي. سندس ڪافين ۾ وڏو سوز سمايل هو، جن ۾ ڪافي رَس چَس ، فن ۽ فڪر جي پُختگي ملي ٿي . ڪافين سان گڏ بيت ، ڏوهيڙا ( سُر حسينيءَ ۾) ، سهرا ، راڳ ( جيڪي اسڪولي ٻار مهمانن اڳيان ڳائيندا هئا )، قصا ، ليلى ۽ مجنون جو قصو ( منظوم خط ۾ ) سرجيائين ، مٿي ڄاڻايل سندس شاعري جي ٻن مجموعن مان سندس لڳ ڀڳ 109 ڪافين جو پتو پوي ٿو، جنهن مان اندازو آهي ته ڪافي سندس پسنديده صنف هئي . سنڌ جو هي ناميارو شاعر سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهيو . ان کان علاوه زندگيءَ جي آخري پساهن تائين ٽنڊو محمد خان ميونسپالٽيءَ جو صدر پڻ رهيو ، ميونسپالٽي جي صدر واري عرصي دؤران هي ٽنڊو محمد خان جو پهريون شخص هو جنهن ٽنڊو محمد خان ۾ “ بچاءُ ڪميٽي ” جو بنياد پڻ رکيو، ان بچاءَ ڪميٽي جو چيئرمين به پاڻ هو، شهر جا چونڊ معزز ماڻهو ان ڪميٽيءَ جا ميمبر هئا، شهر ۾ امن امان قائم رکڻ، غُنڊاگردي ۽ چوري چڪاري کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مير صاحب پاڻ ، بچاءُ ڪميٽي جا ميمبر ۽ سندن ساٿي رات جو سڄي شهر کي پهرو ڏيندا هئا . جيڪڏهن اُهي رات جو شهر ۾ ڪنهن کي اڪيلو ڏسندا هئا ته کيس پڪڙيآڻي مير صاحب وٽ پيش ڪندا هئا ، هڪ دفعي ته هڪ نئين آيل صوبيدار کي به سوگهو ڪري آڻي مير صاحب اڳيان پيش ڪيائون. پروفيسر زيب ڀٽي جو چاچو مرحوم حاميد ڀٽي به ان بچاءُ ڪميٽي جو ميمبر رهيو، جنهن جي روايت سان زيب ڀٽي لکي ٿو ته “ مير غلام الله وڏي همت وارو شخص هو، سندس بهادريءَ جي پرک لهڻ لاءِ هڪ ڀيري بچاءُ ڪميٽيءَ جي ڪِن ميمبرن ٽنڊو محمد خان شهر جي نئين پُل وٽ هڪ مُئل نانگ رستي تي رکي ڇڏيو ته جيئن مير صاحب اُتان لنگهندو ته ڊڄندو، ڪميٽي جا اهي ميمبر وڻن جي اوٽ ۾ لِڪي بيهي رهيا، جڏهن مير صاحب نانگ جي ويجهو آيو ته ٿورو هٽي بيهي ، نانگ کي پير سان ٿُڏو هڻي اڳيان وڌي ويو ۽ ميمبرن کي ڏسي کِلي چيائين ته “ ڏاڍا ڏنگا آهيو ” . سندس وقت ۾ شهر اندر غنڊاگرديءَ بلڪل بند هئي ، ايتريقدر جو سندس نوڪر به شهر ۾ ڪنهن سان وڙهي ايندا هئا ته انهن کي دٻائي چوندو هو ته اوهين منهنجي زور تي وڙهي آيا هوندا . پوءِ ٻنهي ڌُرين کي رُوبرو گهُرائي ، ڏوهاري نوڪرن کي سزائون به ڏيندو هو ، ته جيئن وري سندس نالي جي زور تي ڪير ڪنهن سان مستيءَ نه ڪري ، سندس اهڙا سماجي ڀلائي وارا ڪم اڄ به ان دؤر جا بُزرگ سُٺن لفظن سان ڳائين ٿا. سندس وقت ۾ هڪ اخبار پڻ شايع ٿيندي هئي، ان اخبار جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ، جنهن جو پاڻ ايڊيٽر پڻ هو، سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب غلام محمد شاهواڻي سندس گهاٽو دوست هو، . مير صاحب کي شاعريءَ سان انتها درجي جو چاهه هو، ان حد تائين جو اڪثر سندس سلوار تي پينسل سان شعر لکيل هوندا هئا، سندس شاعريءَ جو مجموعو “ عاشق جون آهون“ 1943ع ۾ ڇپيو ، سندس هڪ ٻيو ڪتاب ” دل جو چراغ “ ( 1944ع) اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود هو ، سندس ٻيو ڪتاب ” فري ورس “ 1981ع ۾ ڇپيو ( جيڪو پڻ هن وقت ناياب آهي ) . سندس شاعري جي هاڻي ڪا خبر ناهي، شاهواڻي ٽالپرن جي ڪيترن ئي فردن سان ملي مون ان مواد بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي پر هر هنڌان ڪاريءَ وارا ڪک نظر آيا ، جنهن مان مونکي اهو اندازو ٿئي ٿو ته اهو سمورو مواد شايد ضايع ٿي چڪو آهي ، بقول پروفيسر زيب ڀٽي جي ته اهو سمورو مواد مير علي نواز خان ٽالپر ( اول ) ، مير رسول بخش خان ٽالپر يا احمد خان وساڻ وارن وٽ موجود هو. ( الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو) . باقي هڪ ڳالهه جي حيرانيءَ ضرور آهي ته ايتريون ساريون ڪافيون لکڻ جي باوجود سنڌ جو هي نامور شاعر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نظرن کان ڪيئن اوجهل رهيو، جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب سندس مرتب ڪيل ڪافين جي ٽنهي جُلدن ۾ مير صاحب کي ڪنهن به ليکي ۾ نه آندو آهي ، خبر ناهي ان جا ڪهڙا سبب آهن ؟ ائين ئي آنريبل مير الهه بخش شاهواڻي ٽالپر “ معروف ” کي پڻ ڊاڪٽر بلوچ صاحب وساري ڇڏيو، باقي مير فتح محمد خان ٽالپر جون ڇهه ڪافيون جُلد ٻئي ۾ شامل ڪيون اٿس. ڪيترن ئي اکين کان اوجهل سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ سياستدان مير غلام الله ٽالپر ( دوئم) 12 ڊسمبر 1944ع بمطابق 25 ذوالحج 1363 هجري تي 37 سالن جي جوانيءَ واري عُمر ۾ وفات ڪري ويو . کيس ٽنڊو محمد خان جي پُراڻي بس اسٽاپ لڳ سندس اباڻي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
    مير غلام الله خان ٽالپر جي شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو :
    ڪافيون
    1. جاليان ڪيئن جيڏيون ، هوتن ريءَ هتي ،
    ناهي مون کي آرام ، سرتيون ويٺي ستي .
    جن پريت سندس پڪا قول ڪيم ،
    پيارن پرين سان ، اقرار ٻول ڪيم ،
    وساري ڪيئن ويهان ، سانگي لعل سندم،
    ڪاهي وينديس مان ، جانب آهي جتي …..
    “ غلام الله ” ويا ڏير اُچاٽ ڪري ،
    ور وريءَ ڪيئن وهي ، موڳي ماٺ ڪري ،
    جگر جان ۽ دل ، ويا ڪاٽ ڪري ،
    جتي جانب آهه ، وينديس ڪاهي اُتي …..

    2. ونگ زلفن جا ، پيا زنجير مثل ،
    چڻنگون چشمن جون لڳيون تير مثل ،
    ماندو منڙو ٿيو ، مردي ظهير مثل ،
    وڃائي محبت سڪ پياس ، دل جي وندر …..
    “ غلام الله ” مٿان ، وساءِ نه تير وري ،
    بنا يار ديدار ، ويندس مفت مري ،
    جند جان جسم ويئي آهه ساري ڳري ،
    فقط ملڻ سندي آهه آس دل جي اندر …..

    3. محبوب دل ديواني ڌتاري هليو ويو ،
    پٿر دل پلڪ ۾ ، پگهاري هليو ويو ،
    کڻي نيڻ نوري ، کسيائين دل زوري ،
    نشي جي ڪٽوري ، پياري هليو ويو …..
    هنيائين نيزا ڀالا ، دل ۾ يار نرالا ،
    ڪٽڪي ۽ ڪشالا ، ڏياري هليو ويو …..
    پائي پيچ جاني ، ڪئي دل مستاني ،
    تائين زندگاني ، رئاري هليو ويو …..
    “ غلام الله ” اڙائي ، قابو دل ڪڙائي ،
    محبوب ڪئي چڙهائي ، نهاري هليو ويو ….

  • اعظم ڀٽي

    اعظم ڀٽي

    اعظم ڀٽي

    بايوڊيٽاAZAM BHATTI PICS

    اصل نالو :     اعظم ڀٽي

    پيءَ جو نالو : محمد اشرف ڀٽي

    جنم : 6 جولاءِ 1977ع

    جنم جو هنڌ : پير محلا ٽنڊو محمد خان

    پتو : پير محلا لڳ ٽيليفون ايڪسچينج ٽنڊو محمد خان

    رابطو۽ واٽس ايپ  : 03332807110

    اazam772003@ yahoo.co اي ميل :

    فيس بڪ :   

    https://www.facebook.com/azam.bhatti.370

    تعليم :

    پرائمري : گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀٽي محلا ٽنڊو محمد خان

    مڊل : گورنمينٽ رمضان ميموريل مڊل اسڪول ٽنڊو محمد خان

    مئٽرڪ : دارالعلوم هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان ( 1993ع )

    انٽر : گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان ( 1995ع )

    بي . اي : سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو (1998ع )

    ايم .اي : : سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ( 2000ع ) پوليٽيڪل سائنس ۾

    بي ڪام : سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو (2008ع )

    پي ٽي سي :

    بي ايڊ :

    لکڻ جي شروعات : 1990ع ، ٻاراڻي ادب کان

    ادبي سڃاڻپ : اعظم ڀٽي       

    نوڪري : روينيو کاتي ۾ جونيئر ڪلرڪ

    ڇپيل مواد  : سنڌي ٻارڙا ، سنڌي ٻار ، گل ڦل ، هفتيوار سنڌو ڊائجيسٽ، عبرت مئگزين ، هزار داستان،  ڪاوش مئگزين ، بختاور مئگزين،  مهراڻ مالها ، سُرهاڻ مئگزين ، لوڪ مئگزين ، گلشن لاڙ مئگزين ، بي نقاب مئگزين ، شهيد راڻي مئگزين، احساس مئگزين، ماوار همسري، ٽماهي حڪمت لقمانيه  ، پندرنهن روزه ڏات اخبار ، ماهوار ڀٽي نيوز، هفتيوار حق جو هوڪو،  هفتيوار ”ماڳ“ ، هفتيوار ، ماروئڙا نيوز ، هفتيوار ڦليلي، روزاني آفتاب، روزاني بختور ، روزاني سوال، روزاني بختور، روزاني عبرت، روزاني عوامي آواز ، روزاني هلال پاڪستان ، روزاني خبرون ، روزاني ڪاوش، روزاني شام ، روزاني ڪوشش ، روزاني عوامي فورم، هنڱوراڻا سنڌ ، روزاني فيصلو، روزاني سنڌ، روزاني هلچل،  روزاني تعمير سنڌ ، روزاني مهراڻ، روزاني جيجل، روزاني سنڌ ايڪسپريس ، روزاني سنڌ ، روزاني عوامي سنڌ، روزاني امڪان ، روزاني ارادو،

    طبع آزمائي ڪيل صنفون : غزل ، وائي ، نظم ، آزاد نظم، نثري نظم ،نئين ڪويتا ،  ڏيڍ سِٽا، بيت ، دوهو، ٽيڙو، چئوسٽا ، قطعا ، فرد،   مقالا ، مضمون ، ڪالم ، ڪهاڻيون، سوانحي خاڪا، ڊرامون .

    ڇپيل ڪتاب : 

    گڏيل شاعري جا مجموعا :

     “ شاعري ڳالهائي ٿي ” / مرتب : غلام مصطفى سولنگي ،

     “ سُخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا ” / مرتب : احساس ميرل  

    گڏيل نثر :

    “ تخليقڪارن سان ڪجهه پل ” / مرتب : ڊاڪٽر مشتاق ڦُل

    “ ويساهن جو وچن ” / ايوب کوسي جا خط

    ڪتابن جا مهاڳ ، تبصرا ، تجزيا ، رايا ۽ تعارف : ٽنڊو محمد خان جي تاريخي ۽ ترقياتي سفر جو تنقيدي جائزو ( حڪيم محمد يوسف کتري ) ،ڳوڙهن ٻُڪ ۾ چنڊ ( عاشق ڳاهو جو شعري مموعو ) ، سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه ( مشڪور ڦلڪارو جو شعري مجموعو ) ، سنڌي جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ( مشڪور ڦلڪارو)، رُوپ سُندرتا ( سومار سنگم جو شعري مجموعو ) ، اُڃارو جيون ( سومار سنگم جو شعري مجموعو ) ، توسان ڪهڙيون رِيسون ( نثار احمد ناز جو شعري مجموعو ) ، ڪڪر منجهه ڪپار ( پير بخش پياسي شعري مجموعو ) ، سروس بخير ( اقبال بلوچ جون يادگيريون ) ، مسافر وفائون ( مسافر هاليپوٽي جو شعري مجموعو )

    اڻڇپيل مسودا : ٽنڊو محمد خان جي صحافتي تاريخ / منهنجا مور ماڻهو ( سوانحي خاڪا)/ ٽنڊو محمد خان جي تاريخ / ٽنڊو محمد خان جي ڪتابن جي دنيا / منهنجا قول قرار ( شاعري) / ليڪا منهنجون لکڻيون ( مضمون ۽ ڪالم ) ، ٽنڊو محمد خان جي لائبريرين جي تاريخ / سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي تاريخ / “ ڪلائن جو ڪٺ ” (ٽنڊو محمد خان جي شاعرن جي شاعري جو گڏيل مجموعو.)

    ذاتي لائبريري : موجود لڳ ڀڳ ٻه هزار ڪتاب

    مليل ايوارڊ ، شيلڊون ، تمغا ، سرٽيفڪيٽ :

     سورٺ لائبريري ٽنڊو محمد خان پاران ” حسن ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ“

    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ” حسن ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ“

    جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي ٽنڊو محمد خان پاران ” مڃتا سرٽيفڪيٽ “

    بهبود آبادي کاتي ٽنڊو محمد خان پاران ” مڃتا سرٽيفڪيٽ “

    پاڪستان پريس فائونڊيشن (پي پي ايف ) پاران ” سرٽيفڪيٽ “

    انٽر نيوز نيٽ ورڪ پاران ”سرٽيفڪيٽ “

    گرين ايڪر نييٽ ورڪ  پاران ”سرٽيفڪيٽ “

    ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ٽنڊو محمد خان پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ

    نورالاسلام ايجوڪيشنل اينڊ ويلفيئر سوسائٽي پاران بهترين ڪاڪردگي ايوارڊ 2015ع

    سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز پاران “ سنڌ سنگت مڃتا ايوارڊ ”  16 آڪٽوبر 2016ع

    ساٿ فلاحي تنظيم ٽنڊو محمد خان پاران بهترين ڪارڪردگي ايوارڊ 2016ع

    شيخ ممون ايوارڊ 2017ع

    سنڌ سنوڪر ڪلب ٽنڊو محمد خان پاران بهترين ڪارڪردگي ايوارڊ 2018ع

    شيخ ممون ايوارڊ 2018ع

    ٽنڊو محمد خان آءِ ڪئمپس آرگنائيزنگ ڪميٽي پاران گولڊن جوبلي ايوارڊ 2020ع

    تنظيمي وابستگيون :

    ماضي ۾ :

    سنڌي فلاحي تنظيم ٽنڊو محمد خان جو ميمبر

    سنڌ نوجوان ترقي پسند تنظيم ٽنڊو محمد خان جو پريس سيڪريٽري

    ساٿ ايجوڪيشنل ۽ ويلفيئر ايسوسيئيشن ٽنڊو محمد خان جو ميمبر

    لطيفي ادبي فورم ٽنڊو محمد خان جو ميمبر

    جي ايم سيد ادبي فورم ٽنڊو محمد خان  جوجنرل سيڪريٽري

    جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٽنڊو محمد خان جو ضلعي جنرل سيڪريٽري

    جيئي سنڌ قومي محاذ ٽنڊو محمد خان جو تعلقه خزانچي

    جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي حيدرآباد جو پريس سيڪريٽري

     مدني سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ٽنڊو محمد خان جو ميمبر

    عوامي ادبي فورم ٽنڊو محمد خان جو ميمبر

    محمد خان غني ادبي تنظيم جو ميمبر

    تعلقه پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري

    ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جو جوائنٽ سيڪريٽري

    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري (جون 2013ع کان جون 2015ع  تائين)

    مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو مرڪزي پريس سيڪريٽري ( 2012ع کان 2015ع تائين)

    يونين آف جرنلسٽس ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري (جون 2013ع کان 2014ع تائين)

    مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو مرڪزي صدر( 2016ع کان 2018ع  تائين)

    مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو مرڪزي رابطه سيڪريٽري  ( 2018ع کان 2019ع تائين)

    ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي ڪلچرل ڪميٽي جو ميمبر ( 2016ع کان 2017ع تائين )

    لطيفي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري 2011ع کان 2019ع تائين)

    موجوده وقت ۾ :

    سنڌي ادبي سنگت ضلعو ٽنڊو محمد خان جو رابطه سيڪريٽري  جون 2015ع کان  هن وقت  تائين)

    مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر

    انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان جو آرگنائيزر


     مثبت نتيجن جي رنگيني ارپيندڙ ڪردار  –  اعظم ڀٽي

    اڪرم ڀٽي

    ڪن فردن جون خدمتون ، محنتون ۽ جستجو ، اداران جي حيثيت رکندڙ هونديون آهن ، اهي فرد پنهنجي خدمتن واري ان سفر جي ڪري ادارن جي سڃاڻپ بڻجي ويندا آهن ، جڏهن اها سڃاڻپ بارش جي ڪڻي جيان زمين ۾ جذب ٿيڻ جي شڪل ڌاري وٺندي آهي ته اهي فرد ۽ ادارا هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم بڻجي ويندا آهن ، اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪن فردن جي سڃاڻپ جو فقط هڪ محدود شعبو هوندو آهي پر جيڪي فرد هڪ ئي وقت لاتعداد شعبن ۽ ادارن جي سڃاڻپ بڻيل هجن ، انهن کي تاريخ پنهنجو جائز مقام ضرور ڏيندي آهي ، اهڙو ئي هڪ فرد جنهن ننڍي وهيءَ کان ٻولي، علم ، ادب ، ثقافت ، سياحت،  قومي سياست ، صحافت ، تحقيق ۽ سماجي خدمتن جي ميدان ۾ جستجو جا ننڍڙا ٻُوٽا لڳائڻ شروع ڪيا ، اهي اڄ وڌي وڻ ٿي چڪا آهن ۽ ان جي ثمر جي خوشبوءَ واهڻ وستيءَ تائين پهچي چڪي آهي ، هو پنهنجي عملي ڪردار ، علمي۽ ادبي سڃانپ ، شاندار اخلاق ، بهترين مزاج ، رواداري ۽ ڀائپي جي مجسمي طور هن وقت سنڌ جي سرگرم ڪردارن سان گڏ بيٺل آهي ۽ پنهنجي سفر کي مثبت انداز ۾ نتيجن جي رنگيني ارپي رهيو آهي ، ان رنگيني ڪيترن ئي ادارن کي متحرڪ ڪري ، خوشحالي جو آسمان جوڙي ورتو آهي ، اسانجي سماج ۾ تمام اهڙا گهٽ ڪردار آهن جن مختصر وقت ۾ ايتري پذيرائي حاصل ڪئي آهي ، جنهن پذيرائي تي رشڪ ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي ، اهڙن تاريخي ڪردارن مان اعظم ڀٽي به هڪ آهي ،  اعظم ڀٽي نوجوان ليکڪ ، شاعر، نثرنويس، مضمون نگار ، محقق ۽ بهترين ڪمپيئر آهي۔ سندس والد جو نالو محمد اشرف ڀٽي آهي، سندس جنم 6  جولائي 1977 ۾ پير محلي ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو۔ پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀٽي محله مان حاصل ڪيائين. 1993ع ۾ دارالعلوم هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان ميٽرڪ،1995ع ۾ گورنمينٽ بوائز ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان انٽر سائنس ، 1998 ۾ بي اي ۽ 2001 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي ڪيائين۔ جنهن بعد بي ڪام ، پي ٽي سي ۽ بي ايڊ جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائين، اعظم ڀٽي گھڻ رُخي شخصيت رهيو آهي انهيءَ ڪري سندس مشغلن ۾ صحافت ،ڪمپئرنگ ، شاعري، مضمون نويسي، مقالا ، سوانحي خاڪا ، ڪالم نويسي، تحقيق ، علم وادب سان وابستگي سندس محبوب مشغله رهيا آهن ۔ هن قومي سياست ۾ پڻ پنهنجو هڪ متحرڪ ڪرادر دا ڪيو ، صحافت ڪيائين ته ان ۾ به روايتي صحافت کان هٽي ڪري پنهنجي هڪ منفرد حيثيت مڃايائين  علم و ادب ۾ ڪالم نويسي ، مضمون نويسي، تحقيقي مقالا . شاعري ، سوانحي خاڪا ۽ ڪهاڻين لکڻ تي عُبور حاصل اٿس ، مختلف موضوعن تي تحقيق جو جنون جاري اٿس،  سندس ڪهاڻيون ، مضمون ، مقالا، ڪالم، فيچر ، سوانحي خاڪا، شاعري ۽ ٻيون تحريرون پندرهن روزه عبرت مئگزين ، مهراڻ ، هزار داستان ، سنڌو ڊائجيسٽ، بختاور مئگزين، سنڌي ٻارڙا، سنڌي ٻار، گل ڦل، سلسليوار بي نقاب،  مهراڻ مالها مئگزين، سُرهاڻ مئگزين ، شهيد راڻي مئگزين، لوڪ مئگزين، گلشن لاڙ مئگزين، سڦلتا مئگزين سميت روزاني آفتاب، بختور ، عبرت، عوامي آواز ، هلال پاڪستان ، خبرون ، ڪاوش، شام ، ڪوشش ، عوامي فورم ، فيصلو، تعمير سنڌ ، مهراڻ، جيجل، سنڌ ايڪسپريس ، پندرنهن روزه ڏات اخبار ، هفتيوار ”ماڳ“ ، هفتيوار ”ماروئڙا نيوز“ ، هفتيوار ڦليلي سميت سنڌي ڪيترن ئي اخبارن ، رسالن ، مئگزينن  ۾ سندس لکڻيون ڇپجي چڪيون آهن، ستين درجي ۾ پڙهن دؤران ٻاراڻي ادب کان لکڻ جي شروعات ڪيائين،  1995ع ۾ روزاني آفتاب اخبار کان باقاعده صحافت جي شروعات ڪيائين. روزاني بختور ، سوال ، سنڌ ، تعميرسنڌ ، عوامي فورم ، خبرون اخبارن جو ٽنڊو محمد خان ۾ ڪيترو ئي عرصو رپورٽر رهيو. ٽنڊو محمد خان مان نڪرندڙ ”ڏات“ اخبار جو 1999ع ۾ ايڊيٽر رهيو۔ 2011 کان 2013ع تائين ”هفتيوار ماروئڙا نيوز “ ٽنڊو محمد خان جي ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج ،2014ع ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ مئگزين ”مهراڻ مالها “ مئگزين جو اسسٽنٽ ايڊيٽر، 2014ع کان حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ مئگزين ” شهيد راڻي “ جي سهڪاري سٿ ۾ شامل رهيو۔ ادبي وابستگي جي حوالي سان ڪيترن ئي سالن کان سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل آهي، ان کان علاوه مهراڻ ادبي سٿ ، مهراڻ ادبي فورم، لطيفي ادبي فورم، محمد خان غني ادبي تنظيم جي ادبي سفر ۾ همسفر رهيو، 15 جنوري 2012ع تي  سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو۔ سرگرم ڪردار سبب 26 جون 2013ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري چونڊيو ويو، جنهن دوران هن نه رڳو ٽنڊو محمد خان جي ليکڪن جون ورسيون ملهائڻ، ڪتابن جون مهورتي تقريبون ڪرائڻ، شامون ملهائڻ  پر حال حيات اديبن ، دانشورن ، شاعرن ، ليکڪن جون سالگره تقريبون منعقد ڪرائڻ جي نئين روايت وڌي ، جنهن روايت کي پوري سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ملي ، کيس 2 جون 2014ع تي ٻيهر سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري چونڊيو ويو. مسلسل ٻه سال شاخ جي سيڪريٽري رهڻ بعد 19 اپريل 2015ع ۽ 21 جولاءِ 2017ع تي مسلسل ٻه ڀيرا سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٽنڊو محمد خان جو بنامقابلي ضلعي رابطه سيڪريٽري چونڊيو ويو. کيس اهو اعزاز حاصل آهي ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ 2015ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت پڻ ڪيائين ، جيڪو اعزاز اڄ ڏينهن تائين ٽنڊو محمد خان جي ڪنهن به اديب ، دانشور ۽ شاعر کي حاصل نه ٿيو آهي. کيس اهو به اعزاز حاصل آهي ته 9 جون 2017ع تي سنڌي ادبي سنگت جي هڪ تنظيمي مامري تي ضلعي رابطه سيڪريٽري جي حيثيت ۾  مرڪزي انڪوائري ڪميٽي جو سربراهه پڻ مقرر ٿيو، جيڪو اعزاز پڻ اڄ ڏينهن تائين ٽنڊو محمد خان جي ڪنهن به ليکڪ کي نصيب ناهي ٿيو،2014ع کان 2016ع تائين مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو مرڪزي پريس سيڪريٽري رهيو، جنهن بعد  17 جولاءِ 2016ع کان 6 مئي 2018ع تائين مهراڻ ادبي سٿ ، سنڌ جو مرڪزي صدر رهيو ، مئي 2017ع ۾ سنڌ ڀٽي برادري تنظيم ضلعي ٽنڊو محمد خان جو ضلعي صدر منتخب ٿيو، مئي 2018ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ( سگا) کي ٽنڊو محمد خان ۾ ٻيهر منظم ڪيائين . تعلقه ، سٽي ۽ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ۽ يونين آف جرنلسٽس ٽنڊو محمد خان  جي مختلف عهدن تي ڪم ڪيائين۔ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جي ڪلچرل ڪميٽي جو ميمبر ۽ سربراهه رهيو . ٽنڊو محمد خان ۾ ڪيترين ئي لائبريرين جي قيام ۾ حصو وٺي بهترين علمي، ادبي ، ثقافتي ۽ سماجي ڪردار ادا ڪيائين، سماجي وابستگي جي حوالي سان ٽنڊو محمد خان هسٽاريڪل سوسائٽي ، مدني سوشل ويلفيئر سوسائٽي ، سنڌ نوجوان ترقي پسند فلاحي تنظيم ، ساٿ ايجوڪيشنل اينڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن ، لطيفي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ، سنڌي فلاحي تنظيم ٽنڊو محمد خان ، سنڌ اويئرنيس آرگنائيزيشن، سنڌ ڀٽي برادري تنظيم سميت مختلف  پليٽ فارمن تان علمي ، ادبي ،ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين ۾ مک ڪردار ادا ڪيائين۔ مئي 2018ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ( سگا ) کي  ٽنڊو محمد خان ۾ ٻيهر سرگرم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي ان جي تنظيم سازي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيائين ، هن وقت ٽنڊو محمد خان جي تاريخ ، علمي ، ادبي ،ثقافتي ، سياسي ۽ سماجي شخصيتن تي ۽ ٽنڊو محمد خان جي صحافتي تاريخ تي بهترين تحقيقي ڪم سرانجام ڏنو اٿس۔ سندس تخليقي ڪاوشون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ سان گڏوگڏ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي پڻ اپ لوڊ ٿيل آهن. فوٽو گرافي محبوب مشعلو اٿس، تاريخي جاين ، ماڳن ۽ مڪانن جا ڦوٽو ڪڍي سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي انهن جي معلومات سميت اپلوڊ ڪندو رهي ٿو، ٽنڊو محمد خان ۾ علمي ، ادبي ۽ ثقافتي محفلن منعقد ڪرڻ وارين سمورين ڪوششن جي لحاظ کان ٽنڊو محمد خان ۾ سندس نالو سرفهرست رهيو آهي، هن وقت به شاعري سان گڏ ڪهاڻيون، مضمون ، تجزيا، ڪالم، سوانحي خاڪا ، مقالا ۽ مختلف ڪتابن جا مهاڳ لکي ، ڪُل وقت سنڌي ٻولي ، علم ۽ ادب جي خدمت ڪندي گذاري رهيو آهي. سندس اڻڇپيل مسودن ۾ “ ٽنڊو محمد خان جي تاريخ” ،  “ منهنجا مور ماڻهو“ ( سوانحي خاڪا ) ، “ ليڪا منهنجو لکڻيون”  ( مضمون ۽ ڪالم ) ، “ منهنجا قول قرار ” ( شاعري)  ۽  “ ٽنڊو محمد خان جي ڪتابن جي دنيا ” شامل آهن . علمي ، ادبي ، سياسي ، سماجي سفر ۾ هن ڪيترائي من گهُريا دوست ٺاهيا ، سندس وڏي خُوبي اها آهي جو هو هر هنڌ ، هر پليٽ فارم تي دوستن کي هر ممڪن پذيرائي ڏياراڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي ، سندس اها ادا ئي کيس دوستن وٽ محبوبيت جو مقام ارپي چڪي آهي . سندس هر دلعزيز شخصيت هر حلقي ۾ مثبت اهميت جي حامل آهي ، هو جتي به رهيو دوستن جا قافلا جوڙيندو رهيو آهي ، دوستن کي گڏ ڪرڻ ، متحرڪ ڪرڻ ، ڪو لاڀائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي اهليت سندس دوستن وٽ به عزت ۽ احترام جي تقدس جو ناياب مثال آهي ، هو جتي تنهائي کي ميلن ۾ تبديل ڪرڻ جو ماهر آهي ، اتي مچايل ميلن کي چارچنڊ لڳائڻ جي هنر کان به چڱي ريت واقف آهي ، ان ڪري ئي سندس وسيع دوستي جو حلقو سندس راءِ کي اهميت ڏيڻ کان نٽائي نه سگهندو آهي ، هو جتي پنهنجي بزرگ اديبن ، دانشورن ، شاعرن جي شفقت جو گهرجائو رهندو آيو آهي ، اُتي پنهنجي همعصر نئين ٽهيءَ لاءِ به ڇپر ڇانوَ بڻيل رهندو آيو آهي . سندس ڪاميابي جو اهم راز سکڻ ۽ سيکارڻ واري راهه تي مسلسل سرگرم رهڻ آهي ، ڪنهن به مثبت سرگرميءَ کانسواءِ واندو ويهڻ سندس لاءِ ڄڻ ته مهڻو بڻيل آهي ، هو هڪ متحرڪ وجود آهي ، جيڪو زندگي جي سفر جي حقيقي مقصد واري راهه تي هر دم جستجو جي جهان ۾ مگن رهندو پيو اچي ، شال سندس محنت ، مشقت ۽ جدوجهد جا سمورا رنگ مثبت نتيجن جي رنگيني پکيڙيندا رهن ، شال سندس ڪردار ديومالائي ڪٿائن کان اڳڀرو ٿي بيهي . شال ترقي پسندي جا تارا سندس زندگيءَ کي هميشه روشن رکن .

    اڪرم ڀٽي / پير محلا ٽنڊو محمد خان

  • آخوند محمد حسن

    آخوند محمد حسن

    آخوند محمد حسن 
    آخوند محمد حسن ”مسڪين“: محمد حسن ”مسڪين“ ولد مولوي ڄام ولد -آخوند- محمد دائود سومرو 12 مئي 1904ع مطابق 1323 ھ تي، تعلقي خانپور (ضلعي شڪارپور) جي ڳوٺ ”حاجي خان ڪلھوڙي“ ۾ ڄائو. شروعاتي -تعليم- ۾ قرآن پاڪ ۽ عربي ۽ فارسيءَ جا ڪتاب پنھنجي والد وٽ پڙھيو. پوءِ سنڌي -تعليم- حاصل ڪرڻ لاءِ اٺن ميلن جي پنڌ تي، ڳوٺ ڪرم پور (ضلعو جيڪب آباد) ويندو ھو، جتان 1920ع ۾ امتيازي حيثيت سان فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. شڪارپور ٽريننگ ڪاليج مان ھڪ سال سکيا وٺڻ کان پوءِ -استاد- مقرر ٿيو. زندگيءَ جا 37 سال ملازمت ۾ رھي، 12 مئي 1959ع تي پينشن تي لٿو. پاڻ ھڪ پرائمري -استاد- ھو، سندس علمي وسعت عالمن کان گھٽ نه ھئي. شعر و شاعريءَ سان به سندس شغل رھيو. ”مسڪين“ تخلص سان ڪافي ڪلام چيل اٿس. نظم سان گڏ نثر ۾ به چڱو موکيائين. سندس ڇڏيل تصنيفن ۾، ”فقه“ ،”احاديث نبوي“ ۽ ”منتخب آيات ڪريمه جو -تفسير- ۽ شرح“ جا نالا ورتا وڃن ٿا. سندس وفات 72 سالن جي عمر ۾ 11 -آگسٽ- 1976ع/ 15 شعبان 1392ھ تي ٿي، سندس فرزند ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“سنڌي زبان جو سٺو شاعر، اديب ۽ -استاد- آھي.

  • رشيد صابر

    رشيد صابر

    رشيد صابر: سنڌي ڊرامن جي بهترين اداڪار، استاد ۽ ليکڪ رشيد صابر جو اصل نالو عبدالرشيد ولد عبدالله منڌرو هو، هن 10 جنوري 1945ع تي ٺٽي جي شهر جاتيءَ ۾ جنم ورتو. هو بنيادي طور هڪ مذهبي گھراڻي سان تعلق رکندو هو. هن مولوي فاضل جو امتحان پاس ڪيو هو، عربيءَ جو سٺو ڄاڻو هو، جنهنڪري 1960ع ۾ کيس 15 سالن جي عمر ۾ ئي نور محمد هاءِ اسڪول ۾ عربيءَ جي استاد جي حيثيت سان سرڪاري نوڪري ملي وئي. 1966ع ۾ شادي ڪيائين. شاديءَ کانپوءِ هن 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪئي. هو حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ به ڪافي عرصو استاد رهيو. حيدرآباد ۾ اديبن، شاعرن جي صحبت ۾ رهي 1963ع کان لکڻ شروع ڪيائين. سندس پهريون افسانو ماهوار رسالي ’بادل‘ ۾ شايع ٿيو، جنهن کانپوءِ هن امر جليل جي افسانن جو اردوءَ ۾ ترجمو به ڪيو. رشيد صابر کي حيدرآباد ۾ نوڪريءَ دوران استاد مخدوم امير احمد 1964ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تي وٺي آيو، جتي هن پهريون ڀيرو هڪ تقرير تي 15 روپيا معاوضو حاصل ڪيو ۽ بعد ۾ باقاعدي ريڊيو حيدرآباد جي مذهبي پروگرامن ۾ حصو وٺندو رهيو ۽ ڪجھه ’ڊاڪيومينٽريون‘ تحرير ڪري پنهنجي آواز ۾ پيش ڪيائين. صداڪاري به سٺي ڪندو هو، ريڊيو لاءِ هن پهريون سنڌي ڊرامو ’منزل‘ لکيو، جنهن کي پروڊيوسر منظور نقويءَ نشر ڪيو، ان کانپوءِ هن 300 کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو ڊراما لکيا، جن ۾ ’هل پنهل هل‘، ’شادي شان وارن جي‘، ’ايڪ ٿي مهرو‘، دوسري عورت‘، ’چودهوين رات‘ ۽ ٻيا ڊراما شامل آهن. رشيد صابر 12 سنڌي فلمن جا اسڪرپٽ به لکيا، جن ۾: ’ڦل ماڇي‘، ’طوفان‘، ’گھاتو گھر نه آيا‘، ’ٽي قيدي‘، ’هو جمالو‘، ’برسات جي رات‘ قابلِ ذڪر آهن. هو اسٽيج ڊرامن جو اسڪرپٽ رائيٽر ۽ پروڊيوسر به رهيو. هن اسٽيج ڊرامن جي هڪ سوسائٽي به ٺاهي. سندس ريڊيو تي پيش ٿيل مشهور ڊرامن ۾ قرباني، گلن جي راڻي ۽ گلدستو مشهور رهيا. هن ڊراما سوسائٽيءَ جي پليٽ فارم تان هن نور محمد لاشاري، يوسف علي، ساقي، منظور مراد، آفتاب عالم، لياقت سولجر ۽ نسرين ناز سان گڏجي حيدرآباد، ڪراچي، اسلام آباد، جيڪب آباد سميت مختلف شهرن ۾ ڊراما پيش ڪيا. رشيد صابر 1986ع ڌاري سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتي، جنهن کانپوءِ هو مستقل طور ڪراچيءَ منتقل ٿي آيو، جتي پي. ٽي. وي جي پروگرام ’رتيءَ جي رهاڻ‘ جو اسڪرپٽ لکندو هو. کيس پروڊيوسر بيدل مسرور اداڪار طور پي. ٽي. وي جي سنڌي ڊرامن ۾ متعارف ڪرايو، سندس پهريون ڊرامو ’اونداهي ۽ لاٽ‘ هو، جنهن کانپوءِ هن ٽي. وي جي 100 کان مٿي ڊرامن ۾ بهترين ڪارڪرگي ڏيکاري. هن خانگي سنڌي چئنلن تي به اداڪاري ڪئي ۽ ڊراما لکيا. کيس فن جي مڃتا عيوض ’ريڊيو پاڪستان رائٽرس اوارڊ 2001ع ۽ 2002ع‘ پڻ مليا.
    رشيد صابر پنهنجي گھر ۾ لائبريري به قائم ڪئي، جنهن ۾ 8 هزارن کان وڌيڪ ڪتاب هئا. سندس ٻه درسي ڪتاب ’تاريخ اسلام‘ (ٻارهين ڪلاس لاءِ اسلاميات)، ’جديد عربي گرامر‘ (اٺين ڪلاس لاءِ عربي نصاب) پڻ ڇپجي منظر عام تي آيا. هن شاعري به ڪئي، طبيعت جو ماٺيڻو هو،
    مولانا غلام محمد گرامي کيس ’صابر’ جو تخلص ڏنو، جيڪو تخلص بعد ۾ سندس سڃاڻپ بڻيو. مطالعي جو شوق رکندڙ ۽ ٻوليءَ جو ڄاڻو هو. هن 13 ڊسمبر 2012ع تي وفات ڪئي.
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
  • ڊﺍڪٽر ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲ

    ڊﺍڪٽر ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲ

    ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻴﻮﺍﺭﻱ ﻋﺎﻟﻢ، ﺷﺎﻋﺮ، ﻣﺤﻘﻖ، ﻣﺘﺮﺟﻢ، ﻟﻄﻴﻔﻴﺎﺕ ﺟﻲ ﻣﺎﻫﺮ ۽ ﺳﭽﻞ ﺷﻨﺎﺱ ڊﺍڪٽﺮ ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲﺀَ ﺟﻮ ﺍﺻﻞ ﻧﺎﻟﻮ ﻧﻮﺭ ﻧﺒﻲ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﻫﻮ . ﻫﻦ 7 ڊﺳﻤﺒﺮ 1934 ﻉ ﺗﻲ، ﺿﻠﻌﻲ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﺟﻲ ﻫڪ ﻧﻨﮃڙﻱ ﺷﻬﺮ ﺳﻮﭜﻲ ﺩﻳﺮﻱ ۾ ﮔﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺒﺎﺳﻲﺀَ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ۾ ﺟﻨﻢ ﻭﺭﺗﻮ . ﺳﺎﮄﻭ ﻫﻴﺮﺍﻧﻨﺪ ﺍڪﻴڊﻣﻲ، ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﻣﺎﻥ ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﻣﺌٽﺮڪ ﺟﻮ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ﺍﻳﻦ . ﺟﻲ . ﻭﻱ ﻫﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻝ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﻣﺎﻥ ﭘﺎﺱ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﺍﻧٽﺮ ﺳﺎﺋﻨﺲ ڊﻱ ﺟﻲ . ﺳﻨﮅ ﮔﻮﺭﻧﻤﻴﻨٽ ڪﺎﻟﻴﺞ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﻣﺎﻥ ۽ ﺍﻳﻢ . ﺑﻲ . ﺑﻲ . ﺍﻳﺲ، ﻟﻴﺎﻗﺖ ﻣﻴڊﻳڪﻞ ڪﺎﻟﻴﺞ، ﭴﺎﻡ ﺷﻮﺭﻱ ﻣﺎﻥ ﭘﺎﺱ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ڊﺍڪٽﺮ ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺷﺎﮔﺮﺩﻱﺀَ ﻭﺍﺭﻱ ﺯﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﻥ ﺷﺎﻋﺮﻱ ڪﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺍﺑﺘﺪﺍ ۾ ﺭﻭﺍﻳﺘﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ، ﭘﺮ ﺍﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﺟﺪﻳﺪ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ۾ ﻧﻮﺍﻥ ﻻڙﺍ ﺁﻧﺪﺍﺋﻴﻦ؛ ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﺳﻨﺪﺱ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ۾ ﻧﺌﻴﻦ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎﻥ ﺍﺟﺎﮔﺮ ﭤﻲ . ڊﺍڪٽﺮ ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲﺀَ ۽ ﺷﻤﺸﻴﺮ ﺍﻟﺤﻴﺪﺭﻱﺀَ، ﺳﻨﮅﻱ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﺧﺎﺹ ڪﺮﻱ ﻧﻈﻢ ۽ ﺁﺯﺍﺩ ﻧﻈﻢ ۾ ﻧﻮﺍﻥ ﺗﺠﺮﺑﺎ ﻣﺘﻌﺎﺭﻑ ڪﺮﺍﻳﺎ . ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲﺀَ ﺟﻮﻥ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ۾ ﻭڏﻳﻮﻥ ﺧﺪﻣﺘﻮﻥ ﺁﻫﻦ . ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﺟڏﻫﻦ ﻭﺭﻫﺎﮜﻲ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺮ ﺍُﺳﺮﻱ ﺭﻫﻴﻮ ﻫﻮ، ﺗڏﻫﻦ ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﺁﮜﺮﻳﻦ ﺗﻲ ﮘﮣﮡ ﺟﻴﺘﺮﻥ ﺍﺩﻳﺒﻦ ۽ ﺷﺎﻋﺮﻥ ﻣﺎﻥ ﻫﻮ، ﺟﻴڪﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﺟﻲ ﺑﻘﺎ ﻻﺀِ ﺟﺪﻭﺟﻬﺪ ڪﺮﻱ ﺭﻫﻴﺎ ﻫُﺌﺎ . ﻫﻦ ﺟﻮ ﺷﻤﺎﺭ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻭڏﻥ ﺷﺎﻋﺮﻥ ۾ ڪﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ، ﭘﺮ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ۽ ﺳﭽﻞ ﺳﺮﻣﺴﺖ، ﺧﻮﺵ ﺧﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻫﻴﺴﺒﺎﮢﻲ، ﻧﺎﻧڪ ﻳﻮﺳﻒ ۽ ﭔﻴﻦ ﺗﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﺗﺤﻘﻴﻖ ۽ ڪﺎﻭﺵ، ﮐﻴﺲ ﺍﻫﻢ ۽ ﻣﻨﻔﺮﺩ ﺍﺳڪﺎﻟﺮ ﻭﺍﺭﻱ ﺣﻴﺜﻴﺖ ڏﻳﺎﺭﻱ ﮀڏﻱ . ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲﺀَ ﺟﻲ ﻋﻠﻤﻲ ۽ﺍﺩﺑﻲ ﺍﺩﺍﺭﻥ ﺳﺎﻥ ﻭﺍﺑﺴﺘﮕﻲ، ﻫڪ ﻭڏﻱ ﻋﺮﺻﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺭﻫﻲ . ﭘﺎﮠ ﺍﻧﺴٽﻴٽﻴﻮٽ ﺁﻑ ﺳﻨﮅﺍﻻﺟﻲﺀَ ﺟﻮ ﺗﺼﻮﺭ ڏﻳﻨﺪڙ ۽ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺍﺋڊﻭﺍﺋﻴﺰﺭﻱ ﺑﻮﺭڊ ﺟﻮ ﺁﺧﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻴﻤﺒﺮ، ﺳﻨﮅﻱ ﻟﺌﻨﮕﺌﻴﺞ ﺍﭤﺎﺭٽﻲﺀَ ﺟﻲ ﺑﻮﺭڊ ﺁﻑ ﮔﻮﺭﻧﺮﺱ ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ، ﺳﻨﮅﻱ ﻟﺌﻨﮕﺌﻴﺞ ﺍﭤﺎﺭٽﻲﺀَ ﺟﻲ ﺍﻧﺴﺎﺋﻴڪﻠﻮﭘﻴڊﻳﺎ ﺳﻨﮅﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﺭﭤﺎ ﺟﻮڙﻳﻨﺪڙ، ﺳﻨﮅﻱ ﻟﺌﻨﮕﺌﻴﺞ ﺍﭤﺎﺭٽﻲﺀَ ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻴﺎﺗﻲ، ﭘﺒﻠﻴڪﻴﺸﻦ، ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﺭﭤﺎﺑﻨﺪﻱ ۽ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ڪﺎﻣﻴٽﻲﺀَ ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ، ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ڪﻠﭽﺮﻝ ڪﺎﻣﻴٽﻲ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ، ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﻳﺒﻦ ﺟﻲ ﺳﻬڪﺎﺭﻱ ﺳﻨﮕﺖ ﺟﻮ ﺑﺎﻧﻲ ۽ ﻣﺴﺘﻘﻞ ﻣﻴﻤﺒﺮ، ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺳﻨﮕﺖ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺳﻴڪﺮﻳٽﺮﻱ ﺟﻨﺮﻝ ‏( 11 ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ‏) ، ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺑﻮﺭڊ ﺟﻲ ﺑﻮﺭڊ ﺁﻑ ﮔﻮﺭﻧﺮﺱ ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ، ﺳﭽﻞ ﻳﺎﺩﮔﺎﺭ ڪﺎﻣﻴٽﻲﺀَ ﺟﻮ ﺳﻴڪﺮﻳٽﺮﻱ، ﺳﭽﻞ ﭼﻴﺌﺮ – ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲﺀَ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﺟﻮ ﺑﺎﻧﻲ ڊﺍﺋﺮﻳڪٽﺮ ۽ ﺳﭽﻞ ﺳﺮﻣﺴﺖ ﻣﻴﻠﻲ ڪﺎﻣﻴٽﻲﺀَ ﺟﻮ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﺳﺎﻝ ﺁﺭﮔﻨﺎﺋﻴﺰﺭ ۽ ﭔﻴﻦ ڪﻴﺘﺮﻥ ﺍﺩﺍﺭﻥ ﺳﺎﻥ ﻭﺍﺑﺴﺘﻪ ﺭﻫﻴﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﻋﻠﻤﻲ، ﺍﺩﺑﻲ ۽ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ڪﻢ ﺟﻲ ﻣﭹﺘﺎ ﻃﻮﺭ ﮐﻴﺲ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ۽ ﺍﻧﻌﺎﻡ ﺑﻪ ﻣﻠﻴﺎ . ﺳﻨﺪﺱ ﻋﻠﻤﻲ ﺍﺩﺑﻲ ﭘﻮﺭﻫﻴﻲ ﺟﻮ ﻭﭼﻮﺭ ﻫﻦ ﺭﻳﺖ ﺁﻫﻲ :
    ‏( 1 ‏) ﺭﮘﻮﻥ ﭤﻴﻮﻥ ﺭﺑﺎﺏ ‏( ﺷﺎﻋﺮﻱ : 1958 ﻉ ‏) ، ‏( 2 ‏) ﺷﻌﺮ ‏( 1970 ﻉ ‏) ، ‏( 3 ‏) ﺟﻲ ﻣﺎﺭﻳﺎ ﻧﻪ ﻣﻮﺕ ‏( ﻭﻳٽ ﻧﺎﻣﻲ ﻧﺎﻭﻝ ﺟﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ : 1973 ﻉ ‏) ، ‏( 4 ‏) ﭔﺎﺭﺍﮢﺎ ﭔﻮﻝ ‏( ﭼﻮﻧڊ ۽ ﺗﺮﺗﻴﺐ : 1973 ﻉ ‏) ، ‏( 5 ‏) ﺷﺎﻩ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ‏( ﺗﺤﻘﻴﻖ : ﺟﻠﺪ I- 1976 ﻉ ‏) ، ‏( 6 ‏) ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ‏( ﺟﻠﺪ ﭔﻴﻮ، 1985 ﻉ ‏) ، ‏( 7 ‏) ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ‏( 3 ﺟﻠﺪ ﮔڏ، 1989 ﻉ ‏) ، ‏( 8 ‏) ﺳﺞ ﺗﺮﻱﺀَ ﻫﻴﭡﺎﻥ ‏( ﺷﺎﻋﺮﻱ : 1977 ﻉ ‏) ، ‏( 9 ‏) ﺟﺪﻳﺪ ﺳﻨﮅﻱ ﺷﺎﻋﺮﻱ ‏( ﭼﻮﻧڊ ۽ ﺗﺮﺗﻴﺐ : 1981 ﻉ ‏) ، ‏( 10 ‏) ﺧﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻫﻴﺴﺒﺎﮢﻲﺀَ ﺟﻮ ڪﻼﻡ ‏( ﺗﺮﺗﻴﺐ : 1983 ﻉ ‏) ، ‏( 11 ‏) ﻧﺎﻧڪ ﻳﻮﺳﻒ ﺟﻮ ڪﻼﻡ ‏( ﺗﺮﺗﻴﺐ : 1982 ﻉ ‏) ، ‏( 12 ‏) ڏﻭﺭﻱ ڏﻭﺭﻱ ڏﻳﻬﻪ ‏( ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻮ : 1984 ﻉ ‏) ، ‏( 13 ‏) ﻫﻲﺀَ ﮄﺭﺗﻲ ‏( ﺷﺎﻋﺮﻱ : 1985 ﻉ ‏) ، ‏( 14 ‏) Sachal Sarmast ، (15 ‏) ﻣﻨﻬﻦ ﺗﻨﻴﻦ ﻣﺸﻌﻞ ‏( ﺧﺎڪﺎ : 1990 ﻉ ‏) ، ‏( 16 ‏) ﺗﻨﻮﻳﺮ ﭼﺌﻲ ‏( ﺷﻌﺮﻱ ڪﻠﻴﺎﺕ 1989: ﻉ ‏) ، ‏( 17 ‏) ﺗﺮﻭﺭﺍ ‏( ﺍﺩﺑﻲ ﻣﻀﻤﻮﻥ، ﺧﺎڪﺎ، ﻳﺎﺩﮔﻴﺮﻳﻮﻥ، ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻮ : 1988 ﻉ ‏) ، ‏( 18 ‏) ﺳﺎﺟﻦ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﺳﺮﺕ ‏( ﺷﺎﻋﺮﻱ : 1996 ﻉ ‏) ، ‏( 19 ‏) ﺳﭙﻨﻲ ﮐﺎﻥ ﺳﻬﮣﻲ ﺳﺎﭜﻴﺎ ‏( ﺗﻘﺮﻳﺮﻭﻥ ۽ ﻟﻴڪﭽﺮ : 2002 ﻉ ‏) ، ‏( 20 ‏) ﺳﭽﻞ ﺟﻮ ﺭﺳﺎﻟﻮ ‏( ﺗﺮﺗﻴﺐ : ﺍﮠ ﮀﭙﻴﻞ ‏) ، ‏( 21 ‏) ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ﺍﮘﺘﻲ ﻭﭸﮣﻮ ﺁﻫﻲ ‏( ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﺎ : 2000 ﻉ ‏) . ﺳﻨﮅﻱ ﺷﺎﻋﺮ، ﺍﺩﺏ، ﺟﺪﻳﺪ ﭔﻮﻟﻲﺀَ، ڪﻠﭽﺮ، ڪﻼﺳﻴڪﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ۽ ﭔﻴﻦ ﻣﻮﺿﻮﻋﻦ ﺗﻲ ﺳﻨﺪﻥ ﺳﻮﻳﻦ ﻣﻘﺎﻻ، ﻣﻀﻤﻮﻥ ۽ ﻣﻬﺎﮖ ﻟﮑﻴﻞ ﺁﻫﻦ . ﻭﻳﻬﻴﻦ ﺻﺪﻱﺀَ ﺟﻮ ﻫﻲﺀَ ڏﺍﻫﻮ ﺍﻧﺴﺎﻥ، 25 ﻧﻮﻣﺒﺮ 1999 ﻉ ﺗﻲ، ﺍﺳﻼﻡ ﺁﺑﺎﺩ ۾ ﻻڏﺍﮢﻮ ڪﺮﻱ ﻭﻳﻮ . ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﻭﺻﻴﺖ ڪﺌﻲ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﻭﻓﺎﺕ ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪﺱ ﻻﺵ ﻣﻴڊﻳڪﻞ ڪﺎﻟﻴﺞ ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺮﺩﻥ ﮐﻲ ﺗﺠﺮﺑﺎ ڪﺮﮠ ﻻﺀِ ڏﻧﻮ ﻭﭸﻲ، ﭘﺮ ﺍﻥ ﺗﻲ ﻋﻤﻞ ﻧﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ . ﺍﻟﺒﺖ ﺳﻨﺪﺱ ﺁﺧﺮﻱ ﺧﻮﺍﻫﺶ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﺪﺱ ﺍﮐﻴﻮﻥ ﺁﭘﺮﻳﺸﻦ ﺫﺭﻳﻌﻲ ڪﻨﻬﻦ ﻣﺤﺘﺎﺝ ﮐﻲ ڏﻧﻴﻮﻥ ﻭﭸﻦ . ﺳﻨﺪﺱ ﻭﺻﻴﺖ ﺗﻲ ﻋﻤﻞ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ۽ ﺳﻨﺪﺱ ﺍﮐﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﺍﭲ ﻫڪ ﻧﻴﺎﮢﻲ ۽ ﻫڪ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﻫﻦ ﺩﻧﻴﺎ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺧﻮﺵ ﺧﻮﺵ ﮔﺬﺍﺭﻱ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ . ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲﺀَ ﺟﻲ ﺁﺧﺮﻱ ﺁﺭﺍﻣﮕﺎﻫﻪ ﺍﺳﻼﻡ ﺁﺑﺎﺩ ۾ ﺁﻫﻲ . ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲﺀَ ﺟﻲ ﻳﺎﺩ ۾ ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲﺀَ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ۾ ﺗﻨﻮﻳﺮ ڪﺎﺭﻧﺮ ﻗﺎﺋﻢ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺍﻧﭽﺎﺭﺝ ﺍﻳﺎﺯ ﮔﻞ ﺁﻫﻲ، ﺗﻨﻮﻳﺮ ﺑﺎﺑﺖ ‏( 1 ‏) ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲ – ﻫڪ ﻣﻄﺎﻟﻌﻮ ‏( ڊﺍڪٽﺮ ﻋﺒﺪﺍﻟﺠﺒﺎﺭ ﺟﻮﮢﻴﺠﻮ ‏) ، ‏( 2 ‏) ﭘﻮﺍﻥ ﺷﻞ ﻗﺒﻮﻝ ‏( ﻣﺮﺗﺐ : ﺍﻳﺎﺯ ﮔﻞ ‏) ، ‏( 3 ‏) ﻣﺎﻥ ﺗﻨﻮﻳﺮ ﺁﻫﻴﺎﻥ ‏( ﻣﺮﺗﺐ : ﻣﺸﺘﺎﻕ ڪﻠﻬﻮڙﻭ ‏) ۽ ﭔﻴﺎ ڪﺘﺎﺏ ﮀﭙﻴﻞ ﺁﻫﻦ . ﺗﻨﻮﻳﺮ ڪﺎﺭﻧﺮ ﭘﺎﺭﺍﻥ ﺳﻨﺪﺱ ﭼﻮﻧڊ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﭘﺎڪﻴٽ ﺳﺎﺋﻴﺰ ڪﺘﺎﺑڙﻭ ” ﺭﻭﺷﻦ ﺁ ﺳﺎﻧﺠﻬﻲ “ ﺍﻳﺎﺯ ﮔﻞ ﺗﺮﺗﻴﺐ ڏﺋﻲ 2008 ﻉ ۾ ﮀﭙﺎﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ڪﻴﺘﺮﻥ ﻋﻠﻤﻲ ﺍﺩﺑﻲ ﺍﺩﺍﺭﻥ ﭘﺎﺭﺍﻥ ﺍﺩﺑﻲ ﺗﺤﻘﻴﻖ ۽ ﺗﻨﻘﻴﺪ ﺗﻲ ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺷﻴﻠڊﻭﻥ ۽ ﺍﻭﺍﺭڊ ڏﻧﺎ ﻭﭸﻦ ﭤﺎ .

  • باقر سنائي

    باقر سنائي

    باقر سنائي

    باقر سنائيباقر سنائي: ڪامريڊ باقر سنائي  ڪميونسٽ، هاري ڪارڪن ۽ انقلابي شاعر هو. هن 19222ع ڌاري ڳوٺ گائنچا وڏا (سن شهر کان 8 ڪلوميٽر اتر طرف درياهه جي ڪپ تي آباد) ۾ هڪ غريب هاري لال بخش گائنچي جي گهر ۾ جنم ورتو. 19288ع ۾ سندس پيءُ کيس ڦرهيءَ تي ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ٻه درجا مس پڙهيو ته ڳوٺ جو وڏيرو فضل محمد، اسڪول جي استاد مولچند سان نه ٺهيو ۽ اڻبڻت سبب استاد تنگ ٿي پنهنجي ڳوٺ  هليو ويو ۽ وري نه موٽيو. ائين ڳوٺ جو اهو اسڪول وري نه کليو. باقر ٻئي ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃڻ جي سگهه ساري نه سگهيو ۽  پيءُ سان هارپي ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. ڪجهه عرصي بعد هو لڏي اچي ڪلري ڳوٺ ۾ ويٺو، جتي سندس پيءُ گذاري ويو. ڪجهه عرصو ريلوي ۾ نوڪري ڪيائين. تن ڏينهن ۾ سندس ملاقات سائين عنايت الله ’ڌمچر‘ سان ٿي. ماستر عنايت الله روزانو سائين جي. ايم. سيد وٽ ڪچهري ڪرڻ  لاءِ سن ويندو هو ته باقر به ساڻس گڏ هوندو هو. جي. ايم. سيد ماستر عنايت الله  گائنچي کي چيو ته ڇوڪر کي شاهه جو رسالو پڙهاءِ ۽ ائين چئي هن شاهه جو رسالو باقر کي ڏنو. سائين عنايت پِيرن، تعليم ۽ ٻين معاملن تي بيت ٺاهي ڏيندو  هو، جيڪي ٽوليون ٺاهي ڳوٺ جي گهٽين ۽ چوڪن تي ڳائيندا هئا. باقر سنائيءَ علائقي ۾ پير پرستي ۽ توهم پرستيءَ خلاف عملي جدوجهد ڪئي. ڳوٺ ۾ سائين  عنايت سان گڏجي حفاظتي ڪميٽي ٺاهيائين، جنهن هارين کان بيگر وٺڻ خلاف  مهم شروع ڪئي. ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اڳواڻ عزيز سلام بخاري به سندس ڳوٺ ۾ ايندو هو. 
    1956ع ۾ نواب شاه ۾ هڪ پرنٽنگ پريس ۾ ڪمپازيٽر طور ڪم ڪرڻ لڳو. ائين سندس ناتو باضابطه ڪميونسٽ پارٽيءَ سان ٿيو ۽ ائين پارٽيءَ جو ڪُل وقتي ڪارڪن بڻيو. باقر سنائي الاٽي هاري  تحريڪ ۽ چمبڙ هاري تحريڪ ۾ به سرگرم رهيو. ان کان علاوه نواب شاه، ٽنڊي محمد خان ۽ ٺٽي جي علائقي ۾ به هارين لاءِ گهڻو ڪم ڪيائين. جڏهن پارٽي نظرياتي اختلافن سبب روس نواز ۽ چين نواز گروپن ۾ ورهائجي ويئي ته هن سلام بخاري’>ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، احسان  عظيم ۽ ٻين ساٿين سان گڏ چين نواز لائين اختيار ڪئي، سندس پهرين دور جي ساٿين ۾ ڄام ساقي، قاسم پٿر ۽ ٻيا ڪامريڊ شامل هئا.ڪامريڊ باقر سنائي  ڪميونسٽ، هاري ڪارڪن ۽ انقلابي شاعر هو باقر سنائي 4 ڊسمبر 20000ع ۾ ڳوٺ ڪلريءَ ۾ وفات ڪئي. 
    سندس انقلابي شاعري ان دور ۾ گهڻو  مقبول هئي، جنهن کي هو جلسن ۽ ڪچهرين ۾ سُر سان جهونگاريندو هو. ۽  ڪيترائي دوست مختلف هارين جي پروگرامن ۽ اها شاعري ڳائيندا به هئا.  وفات بعد سندس دوستن هن جي زندگيءَ بابت ”جن ٻاري’>ٻري جن ٻاري“ ڪتاب ڇپايو. (ڏسو: جن ٻاري’>ٻري جن ٻاري).
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
  • ڊاڪٽر فهميده حسين

    ڊاڪٽر فهميده حسين

    ڊاڪٽر فهميده حسين

    ڊاڪٽر فهميده حسيننامور ليکڪا، اسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر فهميده حسين 5 جولاءِ 1948ع تي ٽنڊي ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ پنهنجي وقت جي مثالي استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم حيدرآباد جي مسلم گرلس اسڪول مان؛ سيڪنڊري ڪجهه عرصو ميران اسڪول مان پڙهي ۽ پوءِ ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿي، جتان 1964 ۾ امتيازي نمبرن سان مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1968ع ڌاري ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. ايس سي ڪري، 1970ع ۾ ايم. اي (انگريزي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پوءِ اتان ئي 1972ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي، ڪيائين.  هن 1981ع ۾ ايل. ايل. بي ۽ 1990ع ۾ هندي ٻوليءَ ۾ ڊپلوما به ڪئي. ڊاڪٽر صاحبه ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘ عنوان هيٺ 1992ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. ڊاڪٽر اياز قادري (مرحوم) سندس پي. ايڇ. ڊي گائيڊ رهيو. ڊاڪٽر فهميده حسين کي ادب ۽ علم سان چاهه ننڍپڻ کان پنهنجي خاندان مان ئي حاصل ٿيو، سندس والد محمد يعقوب ’نياز‘ نه رڳو سٺو شاعر، پر هڪ عالم شخص ۽ ترقي پسند سوچ جو مالڪ هو، جنهن ڪلاسيڪي فارسي شاعر حافظ جي شاعري ’ڪلام حافظ‘ جي نالي سان ترجمو ڪئي هئي ۽ سنڌي لغت بورڊ ۾ به هڪ عرصي تائين ڪم ڪيو هو. کيس عربي، فارسي، سنسڪرت هنديءَ ٻوليءَ تي به عبور هو. ڊاڪٽر صاحبه جو وڏو ڀاءُ سراج ميمڻ به سنڌي زبان جو وڏو اسڪالر، ڪهاڻيڪار ۽ لسانيات جو ماهر هيو. سندس ٻيا ڀائر ڀيڻون به سنڌي ادب سان وابسته رهيا جن ۾ عبدالحق عظيم ڪهاڻيڪار ۽ ايڊيٽر ’بادل‘، جميله ’تبسم‘ ڪهاڻيڪار ۽ انيس ميمڻ شاعر ۽ ايڊيٽر رسالو ’سگهڙين سٿ‘ شامل آهن. اهڙي علمي ادبي ماحول ۾ سندس پرورش ٿي. ڊاڪٽر فهميده حسين عملي زندگيءَ جي شروعات ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي نيوز ٽرانسليٽر جي نوڪريءَ سان ڪئي. ان بعد 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. ڪجهه وقت اتي پڙهائڻ بعد جڏهن 1974ع ۾ سندس شادي جناب عبدالحسين سرائيءَ سان ٿي ته کيس ڪراچيءَ وڃي رهڻو پيو جتي 1978ع ۾ هوءَ سنڌي شعبي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿي، اتي ترقي ڪندي 1988ع کان 1995ع تائين اسسٽنٽ پروفيسر؛ 1995ع کان 1997ع تائين پروفيسر؛ بعد ۾ سنڌي شعبي جي چيئرپرسن مقرر ٿي. ان بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم ’شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر طور ڏهه سال خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ لطيفيات جي حوالي سان جديد تقاضائن موجب ڪيترائي ڪتاب ڇپايائين. ٽماهي تحقيقي جنرل ’ڪلاچي‘ سندس ادارت ۾ جاري ٿيو. ڪيترن نوجوانن ريسرچ جي ميدان ۾ سندس رهبريءَ هيٺ ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. ان کان پوءِ کيس سنڌ حڪومت طرفان مئي 2008ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن طور مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ هن ڏينهن رات محنت ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت واري جذبي سان 13 مارچ 2015ع تائين فرض نڀايا. ڊاڪٽر فهميده حسين لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي، ٻاراڻيون آکاڻيون لکيائين، پوءِ ڊي. جي ڪاليج جي مخزن ۾ لکڻيون شايع ڪرايائين، جڏهن ’بادل‘ رسالو شروع ٿيو ته باقاعده ان ۾ لکڻ لڳي ۽ 1968ع کان 1972ع تائين ان وقت جي انهيءَ مشهور ادبي رسالي جي عورتن واري حصي جي ايڊيٽر رهي. سندس افسانا، شاعري (تسنيم يعقوب جي نالي سان) مضمون مختلف اخبارن ۽ مخزنن ۾ ڇپجندا رهيا. ان بعد 12 سال روزاني ’هلال پاڪستان‘ جي عورتن واري صفحي جي ايڊيٽر رهي. ڪجهه عرصو ”سوجهرو“ رسالي جي ايڊيٽنگ به ڪيائين. نوي جي شروعاتي سالن ۾ روزاني اخبار ’جاڳو’ ۾ ۽ ان کان پوءِ ڳچ عرصو ’عوامي آواز‘ ۾ سندس ڪالم ’منهنجون سوچون‘ نالي سان ڇپيا. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ’ڪلاچي‘ جي ڏهن سالن تائين ايڊيٽر رهي، گڏوگڏ سندس مقالا ۽ تحقيقي مضمون به ڇپجندا رهيا. هن ڪلاچيءَ جا لڳ ڀڳ 40 شمارا جاري ڪيا. جڏهن ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي تحقيقي جرنل ’سنڌي ٻولي‘ جي ادارت سان گڏ اٿارٽيءَ جي اهم رٿا ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي چيف ايڊيٽر طور ٽيم جي رهنمائي ۽ نگراني ڪندي رهي آهي ، سنڌ جي هن پهرين سنڌي جامع انسائيڪلوپيڊيا جا 9 جلد سندس نگرانيءَ ۾ شايع ٿيا. انسائيڪلوپيڊيا کي ساڃاهه وند طبقي ۾ گهڻي پذيرائي ملي آهي. ڊسمبر 2010ع ۾ انهيءَ انسائيڪلوپيڊيا جي ٻن جلدن جو مهورت سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ وقتي گورنر نثار کهڙي هٿان ٿيو. سن 1972 کان 1979ع تائين ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ’سنڌي اردو بول چال‘ نالي سنڌي سکيا جو پروگرام ڪيائين. ان کان پوءِ 2009ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ’آئيي سنڌي سيکين‘ نالي پڻ سکيا جو پروگرام ڪيائين. ڪجهه عرصو پي ٽي وي تي ادبي ٽاڪ شوز ۽ خواتين جي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ به ڪيائين. ڊاڪٽر فهميده حسين جا هن وقت تائين ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) هوائن جي آڌار (سفر نامو) 1983ع، (2) پير حسام الدين راشدي (سوانح) 1990ع، (3) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ (پي. ايڇ. ڊي ٿيسز) ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1993ع، (4) ادبي تنقيد ۽ تاريخ (ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ) 1996ع، (5) شاهه لطيف ڪي شاعري مين عورت ڪا روپ) (اردو) 1996ع، (6) برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو (جارج گريئرسن جي ڪتاب ’Linguistic Survey of India‘ جي اٺين جلد جو ترجمو) 2000ع، ٻيو ڇاپو 2011ع.(7) Image of Woman in the Poetry of Shah Latif- 2002، انگريزي ترجمو ڊاڪٽر امجد سراج(8) هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون (ڪهاڻين جو مجموعو) 2003ع، (9) دنيا جون شاعر عورتون (دنيا جي شاعر عورتن جي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو) 2006ع، (10) شاهه عبداللطيف ڀٽائي (زندگي، شاعري ۽ فلسفو: اردو) 2008ع. ترتيب ڏنل ڪتاب: (1) Translation of Verses of Shah jo Risalo (2006)، (2) سنڌ، ماضي، حال ۽ مستقبل (2006ع)، (3) Sindh- Past, Present & Future 2006، (4) Dictionary of Classical Poets of Sindhi (1989)، (5) مزاحمتي ادب (شريڪ ايڊيٽر طور) 1998ع، (6) Shah & Sindh (1998)، (7) Poetry of Women During Last 50 Years in Sindh (1997). ڊاڪٽر فهميده حسين کي سندس علمي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترائي اوارڊ ۽ ميڊل مليا آهن، جن ۾: (1) حڪومت سنڌ طرفان تحقيقي ڪم تي ’جوش مليح آباد اوارڊ‘ (2009ع)؛ (2) تعليمي خدمتن تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران گولڊ ميڊل (2008ع)؛ (3) حڪومت پاڪستان طرفان صدارتي اوارڊ ’پرائيڊ آف پرفارمنس‘ (2004ع)؛ (4) اڪادمي ادبيات طرفان بهترين ڪتاب جو اوارڊ (2004ع)؛ (5) حڪومت سنڌ طرفان شاهه لطيف بابت تحقيقي ۽ اشاعتي ڪم جي مڃتا طؤر ’شاهه لطيف اوارڊ‘ (2003ع)؛ (6) ’سگا‘ طرفان بهترين تحقيق جو اوارڊ (1995ع)، (7) اڪادمي ادبيات پاران سال جي بهترين ڪتاب تي ’هجرا اوارڊ 1414‘ (1994ع)؛ (8) شاهه لطيف ۽ وومين اسٽڊيز تي بهترين تحقيق جو اوارڊ (1994ع)، (9) سهيوڳ فائونڊيشن، بمبئي طرفان بهترين سنڌي ليکڪ جو ’سهيوڳ اوارڊ‘، (10) 1999ع کان 2000ع تائين بهترين سماجي ڪارڪن ۽ عورتن جي ترقيءَ بابت جاکوڙ تي ’سگا اوارڊ‘.کانسواءِ کيس مڃتا طور مختلف تنظيمن ۽ ادارن طرفان اوارڊ، شيلڊون ۽ ميڊل ڏنا ويا. ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌ جي ليکڪائن ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ مختلف صنفن ۾ لاڳيتو لکندڙ ۽ تحقيقي ڪم ڪندڙ واحد عورت آهي جنهن کي مختلف اشاعتي مواد توڙي تحقيقي لکڻين ۽ لغتن جي ايڊيٽنگ جو 25 سالن جو تجربو حاصل آهي، هوءَ هڪ ئي وقت ليکڪه، شاعره، محقق، لسانياتي ماهر ۽ سماجي ڪارڪن به رهي آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ سان گڏ ڪيترن ٻين ادارن جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبر پڻ رهي آهي
  • گلزار ڪلھوڙو پاٽائي

    گلزار ڪلھوڙو پاٽائي

    پروفائل
     (گلزار ڪلھوڙو پاٽائي) 
    سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تاريخي ماڳ پاٽ شريف ضلعي دادو ۾ جنم وٺندڙ ليکڪ، آرٽسٽ، سماج سڌارڪ ۽ هڪ بهترين استاد ”گلزار ڪلهوڙو پاٽائي“ 24 آڪٽوبر 1971ع ۾ پير بخش ڪلهوڙو جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو غلام حيدر آهي پر سندس ادبي سڃاڻپ گلزار ڪلهوڙو پاٽائي جي نالي سان  آهي، هن قاضي احمد گورنمينٽ ماڊل پرائمري اسڪول پاٽ شريف مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي، علامه آءِ آءِ قاضي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان 1988ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. 1991ع ۾ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان انٽر ڪيائين، 1996ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي اي ڪيائين، پيشي جي لحاظ کان پاڻ استاد آهي. محنتي ۽ سٺن استادن ۾ سندس شمار ٿيندو رهيو آهي، سنڌ جي نامور اديبن ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، الهنواز رڪڻائي، فدا ڪلرائي، ڊاڪٽر قربان جهتيال، عبد مگسي، سليم چنا ۽ ٻين سان ويجهڙائپ سبب پاڻ 1994ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتائين ۽ 1998ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جو بنياد وڌائين ۽ ان جو پهريون باني سيڪريٽري ٿيو. سندس نگراني ۾ دوستن جي سهڪار سان سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف تمام گهڻي فعال رهي، جنهن جي طرفان ڪيترائي ادبي پروگرام ڪرايا ويا، جنهن ۾ مشاعرا، ليڪچر، پروگرام، تنقيدي ويهڪون، هفتيوار گڏجاڻيون، ورسيون، مهورتي تقريبون ۽ رهاڻيون شامل آهن. گلزار ڪلهوڙو پاٽائي فن اداڪاريءَ ۾ به پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي. 1989ع کان ماروي آرٽ سرڪل ۽ هوشو آرٽ ڪلب پاٽ شريف جو بنيادي ميمبر ٿيو. دادا غني سولنگي، انور شاد، ايم اڪرم سومرو ۽ سيد آصف شاهه جي سرپرستيءَ ۾ اداڪاريءَ جا گُرَ سکي ورتائين ۽ سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اٽڪل 50 اسٽيج ڊرامن ۾ مختلف ڪردار ادا ڪري پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪو آهي، هي هڪ سٺو ڪمپيئر به آهي. کيس ڀٽائي، سچل، دادن فقير، سرڪش سنڌي، شيخ اياز ۽ استاد بخاري سميت ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري ياد آهي. گلزار ڪلهوڙو پاٽائي ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن لاءِ به وقت بوقت لکندو رهي ٿو. جنهن ۾ سندس مضمون، شاعري ۽ مختلف شخصيتن کان ورتل انٽرويو ڇپجندا رهن ٿا، پاڻ سوشل ميڊيا ذريعي به ڄاڻ فراهم ڪندو رهي ٿو. گلزار ڪلهوڙو هڪ سٺو ٽيلر ماسٽر به آهي ۽ پاڻ پاٽ شريف جي ٽيلرز ايسوسيئيشن جو صدر به رهي چڪو آهي. سماجي خدمتن جي حوالي سان گلزار ڪلهوڙو پاٽائي شهري اتحاد يونٽ پاٽ شريف جو خزانچي به رهيو ۽ ان بعد 2009ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف جو انفارميشن سيڪريٽ ري ٿيو ۽ 2012ع کان هن برانچ جو ٻيو دفعو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن پنهنجي مخلص دوستن محمد اعظم ميمڻ، محمد زمان سومرو، خادم حسين چنا ۽ حاڪم علي بٺڙ سان گڏ ميڊيڪل ڪيمپون، اکين جون ڪيمپون ۽ غريب مسڪين مستحق ماڻهن جي سهائتا سميت ڪيتريون ئي سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ انهن سماجي خدمتن عيوض سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مرڪز پاران 22 مئي 2015ع تي کيس مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي هٿان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ بيسٽ ورڪر جو ايوارڊ ملي چڪو آهي. ان کان علاوه کيس فني، ادبي ۽ سٺن مضمونن لکڻ تي کيس مختلف ادارن ۽ تنظيمن پاران ڪيترائي مڃتا ايوارڊ، سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آهن. گلزار ڪلهوڙو پاٽائي 2 مئي 1990ع تي شادي ڪئي ۽ اولاد ۾ کيس 4 پٽ ۽ 3 نياڻيون آهن. گلزار هميشه ٻين جي لاءِ ڀلو سوچڻ وارو انسان آهي، سندس مَنَ ۾ ڪنهن جي لاءِ ٻيائي نظر نٿي اچي، سندس ڪردار کاهوڙيين وارو رهيو آهي ۽ سندس ڪانه ڪا جستجو جاري آهي. گلزار ڪلهوڙو پاٽائي جا پنج اڻڇپيل ڪتاب موجود آهن، جن مان سندس هي پهريون ڪتاب سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيسن شاخ پاٽ شريف جي سهڪار سان 2018 ۾ سندس پهريون ڪتاب ,,پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ ، ڇپجي پڌرو ٿيو,جنهن ۾ پاٽ شريف جو تحقيقاتي جائزو پيش ڪيو ويو آهي.هن ڪتاب تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آھي, اهڙن کاهوڙي ۽ باصلاحيت ماڻھن  تي سنڌ کي فخر آهي
  • ڀڳونتي ناواڻي

    ڀڳونتي ناواڻي

    ڪماري ڀڳونتي ناواڻيءَ جو جنم، 1 فيبروري 1940ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جڏهن ته سندس اصل اباڻو ڳوٺ نصرپور ضلعو حيدرآباد (هاڻي مٽياري) هو. پاڻ بوقت سنڌي، مراٺي، گجراتي، هندي ۽ اردوءَ ۾ ڳائيندي هئي.هن شيڪسپيئر جي مشهور ڊرامي ”آٿيلو“ (سنڌي) ۾ ڪم ڪيو .هن سنڌي فلم ”سنڌوءَ جي ڪناري“ ۾ هيروئن جو رول ادا ڪيائين. هن سنگيت ۾ شاهه، سچل سرمست گورڌن ڀارتي، هوندراج ’دکايل‘، پرڀو ’وفا‘، واسديو نرمل، ڪرشن راهي، نارائڻِ شيام، شيخ اياز، موتي پرڪاش ۽ ٻين جي شاعري کي ڳايائين. هن جا ڳايل ڪرشن راهيءَ جا ”سنڌ ۽ سنڌي“ ڏوهيڙا/بيت ايترو ته مقبول ٿيا،ڀڳونتي ناواڻيءَ سوين گيت، ڪلام، لاڏا، ڀڄن، مزاحيه گيت رڪارڊ ڪرايا، ڀڳونتيءَ سڄي عمر شادي نه ڪئي ۽ چوندي هئي ته هن آرٽ ۽ موسيقيءَ سان شادي ڪري ڇڏي آهي..
    سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ويب سائيڻڊ  طرفان ڀيٽا پيش
  • شهباز دراني

    شهباز دراني

    شوبز جي آسمان جو روشن سج شهباز دراني
     زاهد ڪاڪا
    ويا سي وينجھار، ھيرو لعل ونڌين جي،
    تنين سندا پويان، شيھي لھن نه سار،
    ڪٽين ڪٽ لھار، ھاڻي انھين ڀيڻين.
    سنڌ جي زرخيز مٽيءَ مان هر دور۾  ماڻڪ موتين جنم پئي ورتو آهي. جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پنهنجي قابليت آهر ڌرتيءَ جو ڳاٽ اوچو پئي ڪيو آهي. ڪيترن وڏن نالن کي تاريخ  پنهنجي پيرن هيٺان دفن ڪري ڇڏيندي آهي. پر ڪي مٿير مڙس، دلير دودا، سوڍا سرويچ، شهزور ۽ شهباز اهڙا به هوندا آهن جن جو نالو تاريخ ميسارڻ کان قاصر آهي. نيوسعيدآباد علمي ادبي سياسي سماجي مذهبي ثقافتي طور شاهڪار  تاريخي خطو آهي. انهيءَ خطي جي مڻيادار مانجھين مان شهباز دراني به هڪ هو. جنهن جو ڳاڻيٽو انهن اتساهيندڙ تاريخي ڪردارن ۾ ٿئي ٿو جن پنهنجي ڏات جا ڏيئا ٻاري نه رڳي پنهنجي شهر جو پر صوبي ۽ ملڪ جو نالو پرڏيهه تائين روشن ڪيو. 31 ڊسمبر 1935 تي حافظ محمد خان جي گهر ۾ جنم وٺندڙ خدابخش خان 25 سالن جي ڦوهه جواني ۾ رنگ محل سنڌي فلم شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيو. قدآور مڙس سدا ملوڪ سهڻو جوان روبدار آواز غضب جو اعتماد  محدود عرصي ۾ اردو سنڌي پشتو انگريزي فلمن ڊرامن ۾وڏي مقبوليت ماڻيندي شهباز دراني طور سيٽ تي ڇانئجي ويو. پر سنڌي ڊرامي راڻيءَ جي ڪهاڻي کيس شهرت جي بلندين تائين پهچائي مقبوليت جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. انگريزن فلم جناح ۾ خان عبدالغفار خان جو ڪردار به کيس سونپيو ويو ته ٽريفڪ انگريزي فلم پڻ سندس اداڪاري جي جوهرن واري گراف ۾ بيٺل آهي. سوين سنڌي اردو پشتو ڊرامن ۾ نه رڳي هن مختلف ۽ منفرد ڪردار ادا ڪيا پر هن پنهنجي فني قابليت ۽ تجربي جي آڌار تي ڊرامن جي حسن ۾ واڌارو ڪيو. هو آبپاشي کاتي ۾ سب انجنيئر کان ايس ڊي او ۽ آخر ۾ ايڪسيئن طور ريٽائرڊ ٿيو پر پاڻي معاملن جي پڻ جوڳي ڄاڻ رکندڙ هو. تاريخ مذهب شاعري سان به سندس چڱو خاصو لڳاءُ هو. پروين شاڪر سندس پسنديده شاعره هئي. دراني صاحب اڪثر پروگرامن ۾ پروين شاڪر جو اهو غزل ٻڌائيندو هو ته
    زندگی ملی ذرا سی تھی
    پہر بھی اس میں کمی ذرا سی تھی
    وہ روز آتا گیا پاس میرے
    پھر بھی دوری ذرا سی تھی
    چاند جاگ جاگ اٹھا
    رات ابھی بیتی ذرا سی تھی.
      سندس واتان ٻڌڻ بعد اهو غزل منهنجي سيني ۾ سمائجي ويو. ساڻس ڪيتريون ئي ملاقاتون ۽ ڪچهريون رهيون. ذاتي طور خوش طبع محبوب مزاج جو مالڪ هو. سندس ساروڻيون ڪنهن ٻئي ڀيري تفصيل سان رکندس. دراني صاحب پنهنجي اولاد کي معياري تعليم ڏياري ويو اڄ سندس اولاد ڪراچي ۽ اسلام آباد جي اهم ادارن ۾ وڏن عهدن تي ويٺل آهي ته اهو شهباز دراني پاران کين ڏياريل تعليم جو ئي ڪمال آهي. شهباز دراني شوبز جي دنيا جو روشن سج هو جنهن جي چوڌاري ٻيا شوبز جا گرهه ۽ اپ گرھ گردش ڪندا رهيا. ڪيترائي سندس پاران مليل اداڪاري جي جوهرن جي روشني سان اسٽيج تي چمڪڻ سکيا. پر افسوس جو اڄ سندس ورسي ٻي جي موقعي تي اسرار لغاري اسد قريشي رفيق عيساڻي منظور مراد سميت شوبز جي وڏن نالن سندس قبر تي اچي حاضري ڀرڻ جي تڪليف به نه ڪئي. هي عظيم هر فن مولا فنڪار 21 آڪٽوبر 2017 تي دارالفنا ڇڏي دارالبقا جو سفر شروع ڪري وڃي. ابدي آرامي ٿيو. کيس باباءِ شوبز يا فن جي يونيورسٽي چوڻ وارا ته ڪافي هئا پر ناصر بنيري, عقيل قريشي ،اڪبر خان ئي چيچ وڍائي شهيدن ۾ نالو لکائڻ وانگي ورسي ۾ شرڪت ڪئي.. ڀٽائي آرٽس ڪائونسل مختلف آرٽس ڪائونسلز جو هو تاحيات سرپرست رهيو سندس جهان ڇڏڻ کانپوءِ فنڪارن به کيس وساري ڇڏيو. سرڪاري سطح تي پڻ ڪا تقريب نه ٿي سگهي. سندس اولاد تي فرض ٿئي ٿو ته هر سال دراني صاحب جي ورسي وڏي پئماني تي ملهائي وڃي سندس فن فڪر تي روشني وجهي نئين نسل کي سندس خدمتن کان روشناس ڪرايو وڃي. فنڪارن، ليکڪن، سندس دوستن کي اپيل آهي ته شهباز دراني جي شخصيت ۽ فن بابت پنهنجا تفصيلي تاثرات مون ڏي اي ميل، واٽس اپ يا ڪمينٽس ۾ ته جيئن سندس خدمتن تي ڪو ڪتاب ترتيب ڏجي.. خان وڏي کان پوءِ پڙانگ هائوس ويران  اتي اهي محبتن جا ميلا رونقون نه رهيون آهن. نه ڪي سندس زوردار ٽهڪ جلالي آواز.. 
    اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
    آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين
    جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا..