Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ڊﺍڪٽر – ﺍﻳﺎﺯ ﻗﺎﺩﺭﻱ

    ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ڊﺍڪٽر – ﺍﻳﺎﺯ ﻗﺎﺩﺭﻱ

    ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ڊﺍڪٽر – ﺍﻳﺎﺯ ﻗﺎﺩﺭﻱ

    facebook 1579393134502ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ڊﺍڪٽﺮ – ﺍﻳﺎﺯ ﻗﺎﺩﺭﻱ – ﻧﺎﻣﻴﺎﺭﻭ ﺷﺎﻋﺮ، ﺍﻓﺴﺎﻧﻪ ﻧﮕﺎﺭ، ڪﻬﺎﮢﻴڪﺎﺭ ۽ ﻣﺎﻫﺮ – ﺗﻌﻠﻴﻢ – ﻫﻮ . 19 – ﺟﻨﻮﺭﻱ – 1927 ﻉ ﺗﻲ
    ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﻗﺎﺩﺭﻱ ﺧﺎﻧﺪﺍﻥ ۾ ﭴﺎﺋﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﭘﻲﺀُ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻓﻘﻴﺮ ﻏﻼﻡ ﺳﺮﻭﺭ ﻗﺎﺩﺭﻱ ﻫﻮ . ﺟﻴڪﻮ ﭘﮡ ﻏﺰﻝ ﺟﻮ ﺳﭡﻮ ﺷﺎﻋﺮ ﻫﻮ . ﻫﻦ ﺻﺤﺎﻓﺖ ﺟﻲ ﻣﻴﺪﺍﻥ ۾ ڪﺎﻓﻲ ﺧﺪﻣﺘﻮﻥ ﺳﺮﺍﻧﺠﺎﻡ ڏﻧﻴﻮﻥ ۽ ﻫﻔﺘﻴﻮﺍﺭ – ﺍﺧﺒﺎﺭ – -” ﺍﻟﺤﻘﻴﻘﺖ “- ﺑﻪ ڪﮃﻱ ﻫﺌﺎﺋﻴﻦ . – ﺍﻳﺎﺯ – ﻗﺎﺩﺭﻱﺀَ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﻣﺪﺭﺳﻪ ﻫﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻝ ﻣﺎﻥ ﻣﺌٽﺮڪ ڪﺮﮠ ﺑﻌﺪ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﻣﺎﻥ ﺑﻲ . ﺍﻱ ‏( ﺁﻧﺮﺱ ‏) ، ﺍﻳﻢ . ﺍﻱ ‏( ﻓﺎﺭﺳﻲ ‏) ، ﺍﻳﻢ . ﺍﻱ ‏( ﺳﻨﮅﻱ ‏) ۽ ﺍﻳﻞ ﺍﻳﻞ ﺑﻲﺀَ ﺟﻮﻥ ڊﮔﺮﻳﻮﻥ ﺣﺎﺻﻞ ڪﻴﻮﻥ . ﻫﻦ ﺳﻨﮅﻱ ﻏﺰﻝ ﺟﻲ – ﺍﻭﺳﺮ – ﺗﻲ ﭘﻲ ﺍﻳﭿ ڊﻱ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﻟﻮ ﻋﻼﻣﻪ ﻏﻼﻡ ﻣﺼﻄﻔﻲٰ ﻗﺎﺳﻤﻲﺀَ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻧﻲﺀَ ۾ ﻟﮑﻲ، ڊﺍڪٽﺮﻱﺀَ ﺟﻲ ﺳَﻨﺪ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺌﻲ . – ﺍﻳﺎﺯ ﻗﺎﺩﺭﻱ – 1950 ﻉ ﮐﺎﻥ 1970 ﻉ ﺗﺎﺋﻴﻦ – ﺍﻳﺲ .- ﺍﻳﻢ . ڪﺎﻟﻴﺞ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﻟﻴڪﭽﺮﺭ ﺭﻫﻴﻮ . 1971 ﻉ ۾ ڪﺮﺍﭼﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲﺀَ ﺟﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﺷﻌﺒﻲ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﭼﻴﺌﺮﻣﺌﻦ ﻣﻘﺮﺭ ﭤﻴﻮ ۽ ڏﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻋﻬﺪﻱ ﺗﻲ ﻓﺎﺋﺰ ﺭﻫﻴﻮ . ﭘﺎﮠ ڪﺮﺍﭼﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲﺀَ ۾ ” ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﭼﻴﺌﺮ “ ﺟﻮ ﺑﺎﻧﻲ ڊﺍﺋﺮﻳڪٽﺮ ﭘﮡ ﺭﻫﻴﻮ . – ﺍﻥ – ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺳﻨﺪﺱ ﻳﺎﺩﮔﺎﺭ ڪﺎﺭﻧﺎﻣﻮ، ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﺳﻴﺪ ﻭﻗﺎﺭ ﺭﺿﻮﻱﺀَ ﺟﻲ ﺗﻌﺎﻭﻥ ﺳﺎﻥ، ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺭﺣﻪ ﺟﻲ ﻣڪﻤﻞ ڪﻼﻡ ﺟﻮ ﻧﺜﺮﻱ – ﺍﺭﺩﻭ – ﺗﺮﺟﻤﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﻮ – ﺍڪﺎﺩﻣﻲ ﺍﺩﺑﻴﺎﺕ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ – ﻃﺮﻓﺎﻥ ﭼﺌﻦ ﺟﻠﺪﻥ ۾ ﮀﭙﺎﻳﻞ ﺁﻫﻲ . – ﺍﺭﺩﻭ – ، ﺳﻨﮅﻱ ۽ ﻓﺎﺭﺳﻲ ﺯﺑﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﭜﻠﻲﺀَ ﭜﺖ ﭴﺎﮠ ﻫﺌﺲ . ڊﺍڪٽﺮﺻﺎﺣﺐ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﺟﻮ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ ﻣﺮﺗﺐ ڪﺮﻱ ﺭﻫﻴﻮ ﻫﻮ، ﭘﺮ ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ﺳﻨﺪﺱ ﺳﺎﭢ ﻧﻪ ڏﻧﻮ، ﺟﻴڪﻮ ﺗﺎﺯﻭ ﺳﻨﺪﺱ ﭜﺎﮢﻴﺠﻲ ﺫﻭﺍﻟﻔﻘﺎﺭ ﻗﺎﺩﺭﻱﺀَ ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺮ ﺗﺮﺗﻴﺐ ڏﺋﻲ ” ﺯﻟﻒ -ﺍﻳﺎﺯ “- ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ 2007 ﻉ ۾ ﮀﭙﺎﺋﻲ ﭘﮅﺭﻭ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ .
    ڊﺍڪٽﺮ – ﺍﻳﺎﺯ ﻗﺎﺩﺭﻱ – 1950 ﻉ ﻭﺍﺭﻱ ﺩﻭﺭ ۾، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺭﻫﺎﺋﺸﮕﺎﻫﻪ ﺗﻲ ’ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺳﻨﮕﺖ ‘ ﺟﻮﻥ ﻫﻔﺘﻴﻮﺍﺭ ﺍﺩﺑﻲ ﮔڏﺟﺎﮢﻴﻮﻥ ڪﻮﭠﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﺭﻫﻴﻮ . ’ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺳﻨﮕﺖ ‘ ﺟﻲ ﻭﺭﻫﺎﮜﻲ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﻭﺍﺭﻱ ﺩﻭﺭ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﺳﻴڪﺮﻳٽﺮﻱ ﺟﻨﺮﻝ ﭤﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ 1956 ﻉ ۾ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺳﻨﮕﺖ ﺟﻲ ﻣﺮڪﺰﻱ ڪﻨﻮﻳﻨﺸﻦ ۾ ﺳﻨﮕﺖ ﺟﻲ ﺁﺋﻴﻨﻲ ﺟﻮڙﺟڪ ۽ ﺳﭵﻲ ﺳﻨﮅ ۾ ﺗﻨﻈﻴﻤﻲ ﮂﺍﻧﭽﻲ ﮐﻲ ﭘﮑﻴڙﮠ ۾ ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺩﺍ ڪﻴﻮ . ڊﺍڪٽﺮ ﺻﺎﺣﺐ -’ ﺟﻤﻌﻴﺖ ﺍﻟﺸﻌﺮﺍﺀِ ﺳﻨﮅ ‘- ﺟﻮ ﺑﻪ ﺑﺎﻧﻲ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﻫﻮ . ﭘﺎﮠ ﺳﻨﮅﻱﺀَ ﺟﻲ ﭼﻮٽﻲﺀَ ﺟﻲ ڪﻬﺎﮢﻴڪﺎﺭﻥ ﻣﺎﻥ ﻫﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﭼﻮﻧڊ ﺍﻓﺴﺎﻧﻦ ﺟﻮ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ ” ﺑِﻠﻮ ﺩﺍﺩﺍ “ ﺟﻲ ﻋﻨﻮﺍﻥ ﺳﺎﻥ 1956 ﻉ ۾ ﮀﭙﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﺑﻌﺪ ۾ﭔﻴﺎ ﮀﺎﭘﺎ ﺑﻪ ﭘﮅﺭﺍ ﭤﻲ ﭼڪﺎ ﺁﻫﻦ . – ﺍﻳﺎﺯ – ﻗﺎﺩﺭﻱﺀَ ’ ﻣﺌڪﺴﻢ ﮔﻮﺭڪﻲﺀَ ‘ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﻧﺎﻭﻝ ’ ﺁﺗﻢ ڪﻬﺎﮢﻲﺀَ ‘ ﺟﺎ ﭔﻪ ﺟﻠﺪ ﭘﮡ ﺳﻨﮅﻱﺀَ ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ڪﻴﺎ، ﺟﻴڪﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺑﻮﺭﺩ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﮀﭙﺮﺍﻳﺎ ﻭﻳﺎ . ﺳﻨﺪﺱ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ﻣﻘﺎﻟﻮ ’ ﺳﻨﮅﻱ ﻏﺰﻝ ﺟﻲ – ﺍﻭﺳﺮ ‘- ﭔﻦ ﺟﻠﺪﻥ ۾ ﮀﭙﺠﻲ ﭘﮅﺭﻭ ﭤﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﺳﻨﺪﺱ ﻫﻲﺀَ ڪﺘﺎﺏ ﺳﻨﮅﻱ ﻏﺰﻝ ﺟﻲ ﻧﻪ ﺻﺮﻑ ﺟﺎﻣﻊ – ﺗﺎﺭﻳﺦ – ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﺳﻨﮅﻱ ﺷﺎﻋﺮﻥ ﺟﻮ ﻣﺴﺘﻨﺪ ﺗﺬڪﺮﻭ ﭘﮡ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﻮ – ٽﻦ – ﺻﺪﻳﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ . – ﺍﻥ – ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ﭘﺎﮠ ﺟﻲ . ﺍﻻﻧﺎ ﺟﻲ – ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ – ڪﺘﺎﺏ ﺟﻮ ﺳﻨﮅﻱﺀَ ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ’ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺁﺯﺍﺩﻱﺀَ ﺟﺎ ﺍﮘﻮﺍﮠ ‘ ‏( 1980 ﻉ ‏) ﻋﻨﻮﺍﻥ ﺳﺎﻥ ڪﻴﻮ، ﺳﻨﺪﺱ ﭔﻴﻦ ڪﺘﺎﺑﻦ ۾ ’ ﻣٽﻲﺀَ ﻟﮅﻭ ﻣﺎﻥُ 1970)‘ ﻉ ‏) ، ’ ﻋﺸﻘﻴﻪ ﺩﺍﺳﺘﺎﻥ 1985)‘ ﻉ ‏) ۽ ’ ﭘﺮﻳﻦ ﺟﻮﻥ ڪﻬﺎﮢﻴﻮﻥ ‘ ‏( ﻟﻮڪ ﺍﺩﺏ : 1981 ﻉ ‏) ﺑﻪ ﻣﺜﺎﻟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺭﮐﻦ ﭤﺎ . ڊﺍڪٽﺮ – ﺍﻳﺎﺯ ﻗﺎﺩﺭﻱ – 15 ڊﺳﻤﺒﺮ 1997 ﻉ ﺗﻲ ﻭﻓﺎﺕ ڪﺌﻲ ۽ ﮐﻴﺲ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ۾ ﺁﺑﺎﺋﻲ ﮘﻮﭞ ۾ ﺩﻓﻦ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ . ‏
  • محمد يوسف

    محمد يوسف

    محمد يوسف

    سڄڻن جا ساريو سانگ…..
    سنڌ جو امر آواز محمد يوسف
    نورمحمد خاصخيلي
    facebook 1579239799485سنڌ جي موسيقي جي تاريخ به ايتري پراڻي آهي جيتري سنڌ جي تاريخ آهي. هر دل کي ڇهندڙ ساز ۽ هر دل کي ڇهندڙ آواز کي موسيقي چئبو آهي مطلب ته موسيقي جو تعلق دل ۽ دماغ سان آهي ڇو جو موسيقي جو اثر به دل ۽ دماغ تي ئي پوي ٿو. شيڪسپيئر چواڻي. ”جنهن ماڻهو ۾ موسيقي ناهي ۽ نه ئي مٺڙن آوازن کان متاثر ٿئي ٿو. اهو ماڻهو غدارن جي اٽڪل بازين ۽ خرابين لاءِ موزون آهي، اهڙي ماڻهو تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي“ سنڌ ۾ سر تار جا ڄاڻو فنڪار کوڙا سارا آهن. انهن ۾ امر عظيم فنڪار محمد يوسف به رهيو آهي. جنهن سنڌي موسيقي جي وڏي خدمت ڪئي. هن جي آواز ۾ سوز هو. سندس آلاپن ۾ عشق جو طوفان سمايل هو. پاڻ ڪيترن ئي ناميارن شاعرن جي شاعري ڳائي پنهنجو پاڻ ملهايو.
    محمد يوسف هڪ روشن ڏيئو هو. محمد يوسف مشهور معروف استاد منظور علي خان جو شاگرد هو، محمد يوسف کي سنڌي راڳ جو راڻو چئجي ته ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي هو ڏکئي کان ڏکيو. سُر به ڳائي ويندو هو. هي ناميارو فنڪار 14 جنوري 1940ع ۾ حيدرآباد جي ٽنڊي طيب ٽئين تلاءَ جي دين علي شاهه محلي ۾ پيدا ٿيو. سندن والد جو نالو. لونگ فقير هو. جيڪو مشهور ڍولڪ نواز هو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ملازم هو، محمد يوسف کي ننڍ پڻ کان وٺي ڳائڻ سان دلچسپي هوندي هئي. اُن ڪري هو اسڪول مان گسائي مختلف درگاهن ۽ اوتارن ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ وڃي شريڪ ٿيندو هو. والد صاحب کيس سيٺ ڪمال الدين ميمڻ اسڪول ۾ داخل ڪرايو، مشڪل سان پرائمري جا درجا پاس ڪري هن هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي پر آخرڪار تعليم کي اڌ ۾ ئي ڇڏي هن راڳ جي دنيا ۾ پير پاتو، آخرڪار سندس والد صاحب کيس ٽنڊي آدم ۾ رهندڙ اُن وقت جي مشهور ۽ معروف خانصاحب استاد منظور علي خان وٽ راڳ جي سکيا لاءِ ڇڏي آيو.
    اُتي به هن پهريان گسايو پر آخرڪار والد صاحب جي سمجهائڻ تي هن مڪمل طور تي خانصاحب کان راڳ جي سکيا حاصل ڪئي. محمد يوسف نيم ڪلاسيڪي راڳ جو پڻ ماهر هو. هن 13 سال راڳ جي سکيا حاصل ڪئي. محمد يوسف سنڌي فلمن لاءِ جيڪي گيت ڳايا اهي اڄ تائين مقبول آهن، ۽ مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان وقت به وقت نشر ٿيندا رهن ٿا.
    محمد يوسف لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ موسيقيءَ جي مقابلي ۾ حصو ورتو. اُن موسيقي مقابلي جو خاص مهمان پير علي محمد شاهه راشدي هو. جيڪو اُن وقت جو وزير هو. محمد يوسف اِن مقابلي ۾ حصو وٺي ڪاميابي ماڻي. اِن مقابلي ۾ کيس انعام به مليو. جنهن سندس قسمت ئي بدلائي ڇڏي. محمد يوسف ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان پنهنجي ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ جڏهن حيدرآباد ۾ ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن ڪم شروع ڪيو ته هن اتي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
    محمد يوسف راڳ جي هر صنف ڳائي ۽ پاڻ مڃايو. هُن ٻارڙن لاءِ نغما ڳاتا. سندس پسنديده راڳ راڻو هو. هن جرمني، روس، چين، انگلينڊ، دبئي، بيلجم وغيره ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو. محمد يوسف کي ٻه ڀيرا پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ. ٽي ڀيرا سچل سرمست ايوارڊ، چار ڀيرا شاهه لطيف ايوارڊ ۽ چار ڀيرا قلندر شهباز ايوارڊ مليا. پر سڀ کان پهريون شاهه لطيف ايوارڊ به محمد يوسف کي ئي نصيب ٿيو. محمد يوسف جي زندگي بابت ممتاز مرزا هڪ ڪتاب لکيو ”سپريان سندي ڳالهڙي“ محمد يوسف شادين ۾ به خوب ڳايو، ماڻهو شادين جون تاريخون به محمد يوسف جي ڏسيل تاريخن تي مقرر ڪندا هئا. هي املهه ماڻڪ گلوڪار اسان کان 14 فيبروري 1997ع تي هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو. سندس امر آواز اڄ به ڌرتيءَ واسين جي ڪنن ۾ گونجي ٿو ۽ سدائين گونجندو رهندو
  • حسين بخش خادم

    حسين بخش خادم

    حسين بخش ’خادم‘: ناليوارو شاعر ۽ راڳي حسين بخش خادم سروري ولد پير بخش ڀنگر، ڳوٺ سليمان خان کٽياڻ، تعلقي سيوهڻ ضلعي دادوءَ ۾ 15 جنوري 1930ع تي ڄائو. هيءُ شروعات ۾ ڳوٺ آراضي، تعلقي سيوهڻ جي پير رئيس حبيب الله شاهه جو خدمتگار هو. شاهه صاحب هڪ ڀيري ڪنهن ڪم سانگي کيس مخدوم نوح جي درگاهه جي گادي نشين مخدوم غلام محمد ’مغموم‘ ڏانهن موڪليو. جنهن کان پوءِ اتي ئي ترسي پيو ۽ مخدوم صاحب جي خدمت ۾ رهي فيض ورتائين. ان کان پوءِ مخدوم طالب الموليٰ جي گادي نشينيءَ واري وقت ۾ سندن ذاتي زمينن جي سار سنڀال لهندو هو. ان دوران مخدوم طالب الموليٰ جي صحبت کيس رڱي ريٽو ڪيو ۽ اڳتي هلي مخدوم طالب الموليٰ جي حلقه ارادت ۾ آيو ۽ سندس صحبت ۽ ڪچهريءَ جي اثر هيٺ بيت، غزل ۽ ڪافيون چيائين. شاعريءَ جي تربيت ۽ اصلاح به مخدوم طالب الموليٰ کان وٺندو هو. سندن ئي مشوري سان شاعريءَ ۾ ’خادم‘ تخلص اختيار ڪيائين. مخدوم صاحب جي صحبت ۾ رهندي ڳائڻ به شروع ڪيائين ۽ پنهنجي توڙي مخدوم طالب الموليٰ جي شاعري پاڻ ڪمپوز ڪري ڳايائين. سندس ڪلام ۽ ڌُنون اڄ به نهايت مقبول آهن، جن جي پيروي نئين ٽهيءَ جا ڪيترا راڳي ڪندي نظر اچن ٿا. 
    مخدوم طالب الموليٰ جا ڪلام نهايت ترنم سان سازن تي ڳائيندو هو. سندس شمار سنڌ جي سٺن ڳائڻن ۾ ٿيندو هو. سنڌ ثقافت کاتي جي تعاون سان دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪيائين. ريڊيو ۽ ٽي. وي تي مقبول ٿيو. هيءُ ’بزم طالب الموليٰ‘ جو به سرگرم رڪن هو. 
    هيءُ 9 مارچ 1992ع تي وفات ڪري ويو. سندس مدفن اباڻي ڳوٺ ۾ آهي. 
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
  • وفا ناٿن شاهي

    وفا ناٿن شاهي

    وفا ناٿن شاهي

    وفا ناٿن شاهي
    ليکڪ: مختيار علي چانڊيو
    facebook 1578799664331وفا ناٿن شاهي عرف مشتاق علي ولد خيرات علي قريشي 15 مئي 1943 تي هندستاني پنجاب جي ننڊڙي ڳوٺ ڪڪڙاوالا  پنڊيالا ۾ جنم ورتو جتان 1947 ۾ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ لڏپلاڻ ڪري اچي خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان ڳوٺ گوزو ۾ رهائش اختيار ڪئي، وفا ناٿن شاهي جو والد خيرات علي قريشي هيو ته اڻپڙهيل پر گرمکي ڄاڻندو هيو ۽ ٺيٺ پنجابي ۾ ” هير وارث شاهه“ ۽ ”سدي رام جي سهڻي“ وارا داستان ڪچهرين ۾ ويهي دوستن کي ٻڌائي خوب داد حاصل ڪندو هيو، وفا ناٿن شاهي کي گهر اندر اهڙو ماحول مليو جو هو لوڪ ادب جا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌيون ۽ ان ڪري ئي گهڻو ڪجهه سکڻ لاء مليو ۽ اهو ئي سبب هيو جو وفا ننڊپڻ کان ئي شعرو شاعري کي ويجهو ايندو ويو، ۽ موسيقي سان لڳاء به کيس والد کان ورثي ۾ مليو وفا ناٿن شاهي کي ”وفا“ جو تخلص پنهنجي استاد نامياري شاعر نشتر ناٿن شاهي کان مليو، ۽ پوء هي مشتاق علي قريشي مان ڦري وفا ناٿن شاهي ٿي ويو ۽ ان ئي نالي سان سنڌ توڙي هنڌ ۾ مقبوليت ماڻي، وفا ناٿن شاهي بيت وايون نظم پڻ لکيا پر هن کي غزل جو بادشاهه سڏيو وڃي ٿو، توڙي جو وفا ناٿن شاهي جي نه مادري زبان سنڌي هئي نه ئي سنڌ جي مٽي مان جنم ورتو هيو، پر سنڌ ڌرتي سان سندس اهڙي جند جڙي وئي جو هو سنڌ ۾ لڳندڙ جان کي جلائيندڙ جهولن کي به جنت جي آب حوا کان وڌيڪ سمجهي ٿو، ۽ چوي ٿو “سنڌ جي آب حوا، جنت الفردوس ڇا” وفا جو سنڌ ڌرتي سان اهو عشق جو اهڙو نرالو انداز آهي جنهن جو مثال نه ٿو ملي اها سنڌ جي عشق جي ڪفيت ئي آهي جو سندس شاعري مان ڌرتي جي مٽي جي خوشبو اچي ٿي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خلاف جيڪا به سازش ٿي ته وفا ناٿن شاهي سنڌ جي حلالي پٽن جيان هر اول دست جو سپاهي رهيو ۽ هن قلم ذريعي انهن سازشن کي للڪاريو سندس شعرو شاعري ۾ بغاوت جا نعرا آهن ۽ بغاوت جا گيت آهن، هن جيڪو لکيو آخر تائين ان تي ثابت قدم رهيو، ۽ چوي ٿو ته:
    “نمڪ حرام نڪي بي ضمير آهيون دوست،
    خلوص دل سان پيا سنڌ سان نڀايون دوست”
    وفا ناٿن شاهي جتي رهيو جتي ننڊو ٿي وڏو ٿيو انهن ئي مسئلن ئي معاملن ۾ اک کولي جتي پورهيت پيڙهجي رهيو هو، ۽ ماڻهن کي مذهبي معاملن ۾ منجهائي هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ڪري رهيا هئا، نه تعليم نه علم نه ئي تربيت هر طرف بک بدحالي ۾ ماڻهون ڳري سڙي رهيا هئا ۽ سياسي ڀوتار عوام سان ڪوڙا واعدا ڪري انهن کي سک سلامتي روزگار ۽ بنيادي صحولتون ڏيڻ بجاء انهن جو رت چوسي پنهنجا گهر ڀري رهيا هئا ۽ هر طرف پورهيت ۽ غريب ماڻهن جو آهون دانهون هجن اتي وفا ناٿن شاهي تڙپي چوي ٿو ” ڳوڙهو ڳوڙهو ماڻهون جو، ڪوڏي ڪوڏي کان سستو“ رات ڏٺو مون سپني ۾، سنڌ جي هٿ ۾ ڪشتو“ هو سنڌ جي ماڻهن ۾ غربت ۽ غلامي جي چڪي ۾ پيسجندو ڏسي دانهون ٿو ڪري ۽ ڪاٿي ڪاٿي مايوس ٿي وڃي ٿو، ڪنهن وٽ دانهن کڻي وڃون ڪير ٻڌڻ وارو ناهي ڪير به دانهن ورجائڻ وارو ناهي ۽ چوي ٿو ته:
    “نه دودو نه هوشو نه هيمون،
    وفا ڪنهن کي اوکي ۾ سڏيون”
    يا ٻئي هنڌ چوي ٿو ته
    “اجهو اٽو لٽو، رڳو اٿو ڏٺو،
    يا موت سان وهو، يا زندگي کٽو”
    هي عوام دوست انسان دوست ۽ انقلابي شاعر هجڻ جي حيثيت سان حڪمرانن جا ڪوڙا نعرا ٻڌي ٻڌي اهڙي نا برابري تي ماڻهن کي تحرڪ ۾ آڻڻ جي صلاح ڏئي ٿو، جڏهن هر طرف آنهون دانهون ۽ ناانصافي ڏسي هو ماڻهن کي بغاوت تي اڪسائي ٿو ۽ چوي ٿو اهڙن ڪوڙن نعرن کي ڇڏي اڳتي وڌن ۽ قومي آجياپي لاء پاڻ پتوڙن،  وفا ناٿن شاهي پنهنجي مفلسي ۽ غربت تي پڻ خوبصورت انداز ۾ لکيو آهي، هن جا اهڙا خوبصورت خيال جو ماڻهو پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان دنگ رهجي وڃي ۽ دماغ مان ٺڪاء نڪري وڃن ٿا، سندس هن سٽن ۾ جيڪو ڪجهه لکيو ويو آهي ڄڻ ته سنڌ جي ننڊي وڏي جي ڪهاڻي سمايل آهي.
    “نه ڪوئي آسرو، نه سرپرست ڪو، نه ڪوئي ڌڻي، 
    اسان جو ڀاڳ ڄڻ يتيم ٻار آهي دوستو”
    وفا پيار عشق ۽ سونهن پرست شاعر هو جنهن جي شاعري ۾ زبردست خوبصورت تشبيهون ڏنيون ويو آهن وفا پيار بابت چئي ٿو. ”ڪوئي ته فرض جواني ادا ڪري ڇڏيون اچو ته سونهن کي پوڃي خدا ڪري ڇڏيون، اچو ته حسن جو دشواريون ڪيون آسان اچو ته پيار جا پرچم کڙا ڪري ڇڏيون“ هو غزل جي حوالي سان اسان جي جديد سنڌي شاعري جو بيباڪ شاعر هيو جنهن بهترين نظم غزل جوڙي انهن ۾ اهڙي ته جان ۽ جوش پيدا ڪيو جو پڙهڻ واري جي روح ۾ جمبش پيدا ٿي وڃي هڪ هنڌ وفا لکي ٿو ته ” ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهين نرم سهي بي ساهه ته ناهيان، ڇو ٿا موکي ڦاسي چاڙهيو، ايڏو حــق اگاهه ته ناهيان،منهنجو مذهب پيار محبت ڏسجو مان گهمراهه ته ناهيان، نيٺ خطا ٿي ويندي مونکان آدم هان الله ته ناهيان، وفا پنهنجي شاعري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو جڏهن به دل ڪو درد مند آواز ڏنو ته ان کي پنهنجي قلم سياهه مس سان قيد ڪري اڇي پني ته پنهنجي سوچ سونهن عبرت عبارت جا عڪس اڏي ڇڏيائين جيڪي جڏهن به ڪنهن شاعري جو ڪتاب کوليو ته سندس حيرت ۽ عبرت منجهان خيالي دنيا ۾ گم ٿي ويا، هڪ هنڌ چوي ٿو ته:
    ”گل ٽڙيا ته مونکي ياد آئين،
    ڀونر مڙيا ته مونکي ياد آئين،
    روزانو امڪان اخبار جي ٿورن سان
  • ٻيڙو فقير ڪنڀار

    ٻيڙو فقير ڪنڀار

    ٻيڙو فقير ڪنڀار

     facebook 1577966303621ٻِيڙو فقير ڪنڀار: سنڌ جي برک سگهڙ ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَرح جي سچي عاشق ٻيڙي فقير، محمد عثمان ڪنڀار جي گهر، ڳوٺ لقمان ڪوريجي، تعلقي هالا ۾، 1918ع ۾ جنم ورتو. غريب هئڻ ڪري گهڻو علم پڙهي نه سگهيو. پنهنجي ڪوشش سان عالمن ۽ بزرگن کان فيض حاصل ڪيائين. ٻيڙي فقير کي لوڪ ادب جي سڀني صنفن بابت چڱي ڄاڻ حاصل هئي. ڳجهارت جو بادشاهه ۽ ڳالهين جو ڳهير هو. سنڌ جو ڪوبه شهر، اهم هنڌ يا ماڳ هُجي، ٻيڙي فقير ضرور گهميو هوندو ۽ سموري تر جي علمي ادبي شخصيتن جي کيس خبرچار هوندي هئي. انتهائي مُحبتي ماڻهو هو . 
    سال 1960ع کان لوڪ ڪچهرين جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان گڏ سڄيءَ سنڌ جي ڪچهرين ۾ حصو ورتائين. ان دوران مرحوم محمد اسماعيل خان نون سان به سندس رفاقت ٿي. هو هڪ لائق صحافي به هو. هفتيوار ”ڪچهري“ اخبار شايع ڪندو رهيو. هن اخبار جو اصل مقصد لوڪ ادب کي سهيڙڻ ۽ اُن کي محفوظ ڪرڻ هو. سڄيءَ سنڌ جي سگهڙن جي جماعت جو صدر چونڊيو ويو. ان کانسواءِ پنهنجي برادريءَ جي تنظيم جو پڻ صدر هو. 30 آڪٽوبر 1964ع ۾ حيدرآباد شهر جي ڪاري موري تڪ مان يونين ڪائونسل جي اليڪشن ۾ حصو ورتائين. ٻيڙي فقير دل جي دوري پوڻ سبب 2 جنوري 1977ع تي وفات ڪئي. وفات وقت سندس عمر 60 ورهيه هئي. حيدرآباد جي ڪاريءَ موريءَ جي ڀر ۾، ڦليليءَ جي ڪپ تي سندس مزار آهي .
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
  • ڊاڪٽرعبدالڪريم سنديلو

    ڊاڪٽرعبدالڪريم سنديلو

    سنديلو عبدالڪريم، ڊاڪٽر: سنڌ جو ناميارو اديب، محقق ۽ لوڪ ادب جو پارکو، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، 6 اپريل 1919ع تي ڳوٺ محراب خان سنديلي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس والد جو نامو محراب خان هو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي شهر ۾ ورتي، ثانوي تعليم کانپوءِ 1947ع ۾ پرائمري استاد طور عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين. 1952ع ۾ بي. اي (آنرز) ۽ 1954ع ۾ ايم. اي (سنڌي) پاس ڪيائين. پنهنجي علمي قابليت سبب وقت جي عالمن اديبن جي قربت ۾ رهيو. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي سندس علمي قابليت کي پرکي، کيس نومبر 1947ع ڌاري سنجهوري ۽ سانگهڙ تعلقن جو اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو. سندس پنهنجي هڪ لکت موجب سروس ۽ رٽائرمينٽ جو تفصيل هن ريت آهي: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ استاد (1949ع کان)، گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ۾ استاد، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار 1954ع؛ ساڳئي ڪاليج ۾ پرنسپال 1964ع کان 1974ع؛ سيوهڻ ڪاليج جو پرنسپال 1974ع کان 1975ع؛ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسپال 1975ع کان رٽائرمينٽ 5 اپريل 1979ع تائين.
    سنديلي صاحب ’لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو‘ عنوان هيٺ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي رهبريءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري 1973ع ۾ ورتي. سندس پسند جو موضوع شروع کان لوڪ ادب ئي رهيو. هن ٿيسز ۾ سنديلي صاحب مختلف صنفن: وينجهار، سنڌ جو سينگار، ڏهس نامي ۾ آيل صنفن کانسواءِ مناظرا، مداحون، مناجاتون، معجزا، ٽيهه اکريون، مولود ۽ لوڪ گيت شامل ڪرڻ سان گڏ نثري صنفن ۾ لوڪ ڪهاڻين جو جائزو پڻ ورتو آهي. لوڪ ڪهاڻين تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل ستن جلدن ۾ متن ۽ مقدما جيئن ته ڀرپور نموني ڇپجي چڪا هئا، ان ڪري ڊاڪٽر سنديلي لوڪ ڪهاڻين کي گهٽ اهميت ڏني، جو سندس لاڙو نثري داستانن ۽ قصن ڏانهن گهٽ هو. اهو ئي سبب آهي جو نثري صنفن جي مثال ۾ رڳو هڪ ڪهاڻي ڏنائين. سنديلي صاحب جي اها ٿيسز انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ اڳتي هلي 1986ع ۾ شايع ڪئي.
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي. اي ۽ ايم. اي جو ممتحن رهيو، پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين يونيورسٽين جا پيپر به چيڪ ڪندو هو.
    ڪجهه شاگردن جي ايم. فل ٿيسز جو گائيڊ ۽ 1988ع ڌاري هڪ شاگرد جو پي. ايڇ. ڊي گائيڊ به رهيو. مختلف هنڌن تي ريسرچ اسڪيمن تي به ڪم ڪيائين، جهڙوڪ: ادبي بورڊ جي ’جامع سنڌي لغات‘ اسڪيم ۾ ريسرچ اسسٽنٽ، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فيلو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل ۽ بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر، لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۽ شاهنواز لائبرريءَ جو ميمبر وغيره.
    ڊاڪـٽـر سـنديـلـي کـي ڪـتـابـن: ’وينجهار‘ (1951ع)، ڏهـس نامه (1969ع)، تحقيق اللغات سنڌي (1955ع)، سچل لغات تي اوارڊ مليا. کيس 1984ع ۾ حڪومت پاران ادبي علمي خدمتن عيوض تمغه امتياز به ڏنو ويو.
    سندس ڪيترائي ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن، جن ۾ اشتقاقي لغات لطيفي، شرنگار شاستر، هيوز جو گزيٽئر (ترجمو)، مڪلي ٽڪريءَ جو سير (ترتيب) ۽ ٻيا شامل آهن.
    سنديلي صاحب، آگسٽ 1947ع ۾ شير محمد خان ڪورائيءَ جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس پنجن پٽن ۽ پنجن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي وفات ڪري ويا. ٻيا حال حيات ۽ گهرن ٻارن وارا ٿيا. سندس فرزند ڊاڪٽر اسلم سنديلو، سندس علمي ادبي ورثي کي سنڀاليندو رهيو آهي، جيڪو پاڪستان ريلوي ۾ ڊاڪٽر آهي ۽ خود سٺو ليکڪ پڻ آهي.
    سندس ڇپيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي، جيڪي سنڌي ادب ۾ حوالاتي ڪتابن جي حيثيت رکن ٿا:
    (1) وينجهار (1951ع)، (2) تحقيق الغات سنڌي (1955ع)، (3) سنڌ جو سينگار (1956ع)، (4) ڏهس نامون (1969ع)، (5) ڪليات حسين ديدڙ (1971ع)، (6) ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي (1977ع)، (7) پهاڪن جي پاڙ، (8) ساميءَ سنديون سِپون، (9) ڌاتو ڪوش’>سامي ڌاتو ڪوش، (10) سچل اللغات ، (11) ڪليات شاهه محمد ديدڙ، (12) رهبر ديوان گل، (13) انگي اصول، (14) ابتدائي سائنس ۽ (15) لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو (پي. ايڇ. ڊي مقالو: 1986ع).
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جون سنڌي لغات جي سلسلي ۾ خدمتون فراموش ڪرڻ جهڙيون نه آهن. ’جامع سنڌي لغات‘ جي ڪم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان هڪ سال تائين ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين. ’سچل لغات‘، تحقيق لغات سنڌي، ڌاتو ڪوش’>سامي ڌاتو ڪوش سندس اهم لغتون آهنن.
    ڊاڪٽر سنديلي صاحب جي شخصيت جو لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ کان سواءِ هڪ اهم حوالو قابل استاد، تعليمي ماهر ۽ بهترين منتظم وارو به آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، 02 جنوري 1990ع تي وفات ڪئي.
  • رشيد احمد لاشاري

    رشيد احمد لاشاري


    رشيد احمد لاشاري: نامور شاعر، عالم ۽ اديب رشيد احمد ولد خان لاشاري’>زرڪ خان لاشاري، 16 مئي 1922ع تي ڳوٺ ملگزار، تعلقي نصيرآباد، ضلعي سبي، بلوچستان ۾ جنم ورتو. هي اسڪول ملگزار ۾ چار درجا اردو پڙهيو. والد جي وفات تي سندس مامي حمزه خان ۽ چاچي عبدالعزيز خان سندس پرورش ڪئي. 1931ع ڌاري سندس وڏا لڏي ڪنڌڪوٽ سنڌ ۾ آباد ٿيا. 1932ع ۾ هن جو والد گذاري ويو. هن اسڪول سوڀي خان اوڳاهي، تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ ماستر عاربي خان اوڳاهيءَ وٽ سنڌي پڙهي، 1936ع ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪيو. 1937ع کان 1940ع تائين حضرت سلطان باهورح جي اولاد مان صاحبزادي فيض سلطان سان گڏ هن پنجاب، بلوچستان ۽ افغانستان جو سير ڪيو ۽ زياده عرصو حضرت سلطان باهوءَ جي درٻار (شورڪوٽ، پنجاب) ۾ رهيو، اتان 1941ع کان عربي ۽ فارسي پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ مولانا عبدالحڪيم شڪارپوري، مولانا حبيب الله ٺيڙهوي ۽ مولانا فقير محمد ڪنڌڪوٽيءَ وٽان فارسي، ڪنز ۽ ڪافيه تائين عربي پڙهيو. 1944ع کان تعليم کاتي ۾ پرائمري ماستر مقرر ٿيو ۽ 1948ع ۾ ٽريننگ ڪاليج جو ٻيو سال پاس ڪيائين. زماني جي گردش سبب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مختلف اسڪولن، جهڙوڪ: ڳڙهي خيرو جمالي، مدرسه نورالاسلام روهڙي، مدرسه دارالهديٰ ٺيڙهي، پرائمري اسڪول کهڙا، فيض هاءِ اسڪول گنبٽ، پرئڪٽيسنگ اسڪول ٽريننگ ڪاليج خيرپور ۽ پرائمري اسڪول آسن مل ٽي. اوجها ڪراچيءَ ۾ ماستر ٿي رهيو. اپريل 1949ع کان شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائودپوٽي مٿس خاص نوازش ڪري ضلعي حيدرآباد لاءِ اٽينري اردو ٽيچر مقرر ڪيو، اتان ترقي ڪري ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ استاد مقرر ٿيو.
    رشيد احمد لاشاري، پنجاب يونيورسٽيءَ مان اديب، فاضل (اردوءَ) جو امتحان 1947ع ۾ پاس ڪيو ۽ سن 1953ع ۾ اورينٽيئل ڪاليج حيدرآباد مان اديب عالم پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ اورينٽيئل ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿي رهيو. ڪجهه وقت سنڌي ادبي بورڊ پاران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نظرداريءَ هيٺ تيار ٿيندڙ سنڌي لغت اسڪيم ۾ عبدالڪريم سنديلي ۽ محمد بخش واصف سان گڏ ريسرچ اسسٽنٽ ٿي رهيو. 1956ع ۾ طويل بيماري ۽ ڪن ٻين اهم سببن ڪري نوڪري ڇڏي ڪراچي آيو ۽ فلمن لاءِ ڪهاڻيون، مڪالما ۽ گيت لکڻ لڳو. انهن فلمن ۾ عمر مارئي، پرديسي، سسئي پنهون، شهرو فيروز، چانڊوڪي، پنو عاقل (سنڌي)، هماري زبان اردو (اردو) ۽ نئين ڪرن (اردو) شامل آهن. انهيءَ عرصي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ به اسڪرپٽ رائيٽر ٿي رهيو. آخر 1958ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪيائين، پر ڪن ڳالهين جي ڪري دل برداشته ٿي ڊسمبر 1959ع ۾ کيس سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت کان الڳ ٿيڻو پيو. 1960ع کان کيس ادارده نئين زندگيءَ جي عملي ۾ شامل ڪيو ويو.
    رشيد احمد لاشاري پنهنجي ٽهيءَ جو باڪمال شاعر هو. هي سنڌي، اردو، سرائيڪي، ملتاني، پنجابي، بلوچي، پشتو، فارسي، عربي ۽ انگريزي ٻوليون ڄاڻندو هو. هن نثر توڙي نظم ۾ تمام گهڻو قلمي پورهيو ڪيو. کيس شاعريءَ ۾ خاص طور غزل، نظم، ڪافي، گيت، قومي نظم وغيره ۾ ڪمال حاصل هو. رشيد احمد لاشاري، سنڌ جي ترقي پسند ۽ قومپرست، فڪر وارن اديبن خلاف لکڻ ڪري انهن وٽ تڪراري رهيو. هن لطيفيات تي ڪافي ڪم ڪيو. رشيد احمد لاشاريءَ جا شعر و شاعريءَ ۾ استاد مولوي عبدالغني ’مهجور‘ شهدادڪوٽي ۽ حاجي محمود خادم لاڙڪاڻوي آهن.
    نثر ۽ نظم ۾ رشيد احمد لاشاريءَ جا 30 کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن مان ڪن جو تفصيل هن ريت آهي:
    (1) ’معلم اردو‘ (لسانيات: 1951ع)، (2) ’اردو اصول‘ (لسانيات: 1951ع)، (3) ’شــرح سُــر ڪـلـيـاڻ‘ (1954ع)، (4) شـرح سـر مومـل راڻــو، (5) شــرح ســر حـسيــنـي (1954ع)، (6) شــرح ســـر مـارئـــي (1960ع)، (7) ’تاريخ اسلام‘ (ٻه حصا: 1954ع)، (8) ’ڪليات گدا‘ (ترتيب: 1957ع)، (9) ’سچل جو سرائيڪي ڪلام‘ (ترتيب: 1958ع)، (10) ’مثنوي نل دمنيتي‘
    (ناٽڪ: 1959ع)، (11) ’شاهه جون وايون‘ (1962ع)، (12) ’منتخب شاهه جــو رسـالــو‘ (1962ع)، (13) ’بلي شاهه جون ڪافيون‘ (ترتيب: 1962ع)، (14) ’يوسف زليخا‘ (قصو: 1964ع)، (15) ’محسن اعظم ۽ محسنين‘ (1964ع)، (16) ’حضرت سـلـطان باهو‘ (1964ع)، (17) ’سچل جو رسـالو‘ (ترتيب: 1965ع)، (18) ’روح لطيف‘، (19) ’شڪنتلا‘ (ناٽڪ)، (20) ’شاهه جون چونڊ ڪافيون‘، (21) ’شـــاهه عبـدالـلطـيــف‘، (22) ’بيــدل جـون چــونـڊ وايــون‘ (1961ع)، (23) ’لطيف باغ جو سير‘ (1952ع)، (24) ادب ڪي آڙ مين، (25) سنڌي اردو گائـيـــڊ (26) تـاريـــخ اسـلام (ٻه ڀاڱا)، (27) شــرح ســر ســــارنگ، (28) شرح سُر سسئي آبري، (29) شرح سر کنڀات، (30) رسالو خواجه غلام فريد شامل آهن.
    سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: ’سوغاتِ رشيد‘ ۽ ’رياضِ رشيد‘ ڇپيل آهن.
    رشيد لاشاري 19 سيپٽمبر 1970ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان

  • قُربان منگي

    قُربان منگي

    قُربان منگي

    1. نالو: قربان علي پُٽ حسين بخش منگيmangi
    2. جنم: پهرئين اپريل 1961ع (خيرپور ميرس)
    3. تعليم: ڊپلوما اِن ڪامرس، ايم. اي (ايڪانامڪس)
    4. پرڏيهي سفر: ايران، جاپان، ٿائلينڊ، ملائيشيا، آمريڪا، چائنا، متحده عرب امارات ۽ سريلنڪا.
    5. ڇپيل ڪتاب:
    • ………… ۽ هوءَ هلي وئي (ڪهاڻيون) 1980ع
    • راهن جو رولاڪ (ڪهاڻيون ۽ شاعري) 1987ع
    • مُسافر (سفر نامو) 1990ع
    • هڪ گهڙي پيار جي (سفر نامو) 2004ع
    • آمريڪا ۾ ايڪٽيهه ڏينهن (سفرنامو) 2009ع

                (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران ايوارڊ يافته)

    • سچل يادگار ڪاميٽي، تاريخ جي پس منظر ۾ 2010ع
    • هوائيءَ جي هوائن مان (سفرنامو) 2014ع
    • چائنا ۾ چوويههَ ڏينهن (سفرنامو) 2020ع
    • ٿائيلينڊ: جِتي راتيون جاڳن ٿيون (سفرنامو) ڇپائيءَ هيٺ
    1. چيف ايڊيٽر / ايڊيٽر / سب ايڊيٽر/ ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ:
    • پوپٽ پبليڪيشن (6 شمارا) 1977ع کان 1984ع
    • ٻارڙن جو صفحو (روزانه نِجات سکر) 1978ع
    • ٻارڙن جو صفحو (روزانه نواءِ انقلاب سکر) 1979ع
    • سچل گزيٽ، ترجمان سنڌ يونيورسٽي شاهه عبداللطيف ڪئمپس خيرپور 1981ع
    • ماهوار ”رابيل“ لاڙڪاڻو (10 شمارا)
    • سچل سووينئر 1991ع کان
    • ”سرمست“، تحقيقي جرنل 1999ع کان
    • آل پاڪستان حضرت سچل سرمست فوٽبال ٽورنامينٽ جي موقعي تي شايع ٿيل سووينئر 1993ع
    • آل سنڌ اسڪائوٽ روئر موٽ جي موقعي تي شايع ٿيل سووينئر 1995ع
    • امن ڪانفرنس سووينئر (سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ خيرپور) 1991ع
    • ”بيدل“ سووينئر 2004ع کان 2007ع تائين.
    • سووينئر ـــ شهيد بينظير ڀُٽو اسڪائوٽ ريلي 2011ع کان
    • ٽماهي ”پوپٽ“ مخزن 2012ع کان 2016ع تائين
    • ماهوار نيوزليٽر GML ـــ روٽري انٽرنيشنل ڊسٽرڪٽ 3271 ـــ 2013ع.

     

     

    1. علمي / ادبي/ سماجي/ ثقافتي مقرريون:
    • صدر گُــلن جهڙا ٻارڙا سنگت ــ خيرپور 1977ع
    • تعلقه آرگنائيزر، گلن جهڙا ٻارڙا سنگت ـــ تعلقو خيرپور 1978ع
    • ضلعي آرگنائيزر، چڻنگ سنگت، خيرپور 1978ع
    • مرڪزي وائيس چيئرمين، ٻارن جي محفل، حيدرآباد 1980ع
    • صدر، سنڌ ٻالڪ سنگت 1982ع کان
    • ميمبر، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي 1982ع کان
    • ميمبر، هلال احمر سوسائٽي خيرپور 1991ع کان
    • سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت خيرپور 1991ع
    • چيئرمين اين جي اوز ڪو آرڊينيشن ڪائونسل خيرپور. 1993ع کان 1995ع.
    • ڪنوينر، پبلشنگ ڪاميٽي، جشن خيرپور 96 ــ 1995ع
    • ڪوآرڊينيٽر ايڊووڪيسي گروپ خيرپور (عورت فائونڊيشن)
    • ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر سٽيزنس ڪمپين فار وومينس ريپريزنٽيشن ان لوڪل گورنمينٽ 2001 ـــ 2000ع
    • سيڪريٽري، ڊاڪٽر تنوير عباسي يادگار ڪاميٽي خيرپور 2000ع
    • ميمبر، بيدل يادگار ڪاميٽي 2004ع کان
    • چيئرمين، پوپٽ پبلشنگ هائوس ـــ خيرپور.
    • ڊائريڪٽر، سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي ـــ خيرپور.
    • ميمبر، روٽري انٽرنيشنل ـــ خيرپور.
    • ميمبر، جيم خانه ڪلب خيرپور.
    • ميمبر، پاڪستان ـــ جاپان ايسوسيئيشن اسلام آباد.
    • ميمبر، پاڪستان ـــ جاپان ڪلچرل ايسوسيئيشن ڪراچي
    • ميمبر، حامي يادگار ڪاميٽي ـــ خيرپور
    • ميمبر، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ـــ خيرپور
    • صدر، شهيد محمد پريل منگي ميموريل ــــ ايجوڪيشنل سوسائٽي ـــ خيرپور
    • ميمبر پبليڪيشن ڪاميٽي ــــ سنڌي ادبي سنگت (سنڌ) مرڪز 2005ع
    • ميمبر، خيرپور هسٽاريڪل سوسائٽي ـــ خيرپور.
    • ميمبر سووينيئر ڪاميٽي، سووينئر، خيرپور فيسٽيول 2011ع.
    • صدر روٽري ڪلب خيرپور 11-2010ع.
    • ميمبر، مانيٽرنگ ڪاميٽي فار پبلشنگ هسٽاريڪل بُوڪ، خيرپور 2009ع.
    • باني ميمبر، آفيس ڪاميٽي ـــ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور 2010ع.
    • ڪو چيئرمين، انٽريڪٽ پروموشن ڪاميٽي روٽري انٽرنيشنل 12-2011ع
    • ڪو چيئرمين، روٽري لٽريچر ٽرانسليشن ڪاميٽي روٽري انٽرنيشنل 12-2011ع
    • اسسٽنٽ گورنر روٽري انٽرنيشنل 13-2012ع
    • ميمبر ـــ ويجيلنس ڪاميٽي، خيرپور تعلقو، سنڌي مضمون ـــ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ.
    • چيئرمين سووينئر ڪاميٽي ـــ شهيد بينظير ڀُٽو اسڪائوٽ ريلي 2012ع
    • جوائنٽ سيڪريٽري خيرپور آرٽس ڪائونسل خيرپور 2012ع
    • اسسٽنٽ گورنر روٽري انٽرنيشنل ڊسٽرڪٽ 3271 سکر ريجن 2012ع کان 2013ع
    • جوائنٽ سيڪريٽري ــ ڏاڏا شاهه يادگار ڪاميٽي خيرپور 2012ع کان
    • لائيف ميمبر ـــ اليومني ايسوسيئيشن ـــ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي 2013ع.
    • ميمبر ــــ آرگنائيزنگ ڪاميٽي، خيرپور لٽريچر فيسٽيول 2017ع کان
    • ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽر ـــ مهڪ اين جي او خيرپور.
    • ميمبر ـــ پريزن اوور سائيٽ ڪاميٽي، سينٽرل جيل خيرپور 2019ع.

     

    1. ايوارڊ / شيلڊون:
    • بهترين سوشل ورڪر ايوارڊ ـــ منسٽري آف يُوٿ افيئرس پاڪستان 1998ع
    • بهترين سوشل ورڪر ايوارڊ ـــ نيشنل يوٿ آرگنائيزيشن لاهور 1991ع
    • بهتريل سوشل ورڪر ايوارڊ ـــ پاڪستان ڪريسينٽ يُوٿ آرگنائيزيشن 1991ع
    • بهتريل سوشل ورڪر ايوارڊ ـــ سنڌ بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن خيرپور 1991ع
    • يادگار شيلڊ ـــ ”آگھي“ ڪراچي 1994ع
    • بهترين ورڪر ايوارڊ ـــ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور 1994ع
    • بهترين ورڪر ايوارڊ ـــ سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن ـــ ڪراچي 1994ع
    • بهترين ورڪر ايوارڊ ـــ آل سنڌ روئر موٽ اسڪائوٽ 1994ع
    • بهترين ورڪر ايوارڊ ـــ جشن خيرپور 96-1995ع
    • مڃتا شيلڊ ـــ سنڌي ادبي سنگت خيرپور 2005ع.
    • بيدل ايوارڊ (بهترين ڪارڪن) بيدل يادگار ڪاميٽي 2009ع
    • مڃتا ايوارڊ ـــ ريڊ ڪريسينٽ سوسائٽي ـــ خيرپور 2009ع
    • مڃتا ايوارڊ: سنڌ سگھڙ لوڪ ادب تنظيم خيرپور 2009ع.
    • مڃتا ايوارڊ ـــ روٽري انٽرنيشنل ـــ 2010ع.
    • ادبي ايوارڊ (بهترين سفرنامه نگار) سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ـــ حيدرآباد 2010ع
    • مڃتا ايوارڊ سينٽر فار بائيو ڊائيورسٽي اينڊ ڪنسرويشن ـــ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور 2010ع
    • حامي ايوارڊ (لائيف ٽائيم اچيومينٽ) حامي يادگار ڪميٽي 2011ع
    • سچل ايوارڊ (لائيف ٽائيم اچيومينٽ) سچل سرمست يادگار ڪميٽي 2011ع
    • مڃتا ايوارڊ: ڊسٽرڪٽ بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن خيرپور 2011ع
    • مڃتا ايوارڊ: خيرپور ڊيٽس فيسٽيول 2011ع
    • مڃتا ايوارڊ: روٽري انٽرنيشنل (شاخ گمبٽ) 2011ع
    • مڃتا ايوارڊ: خيرپور فيسٽيول 2011ع
    • مڃتا ايوارڊ: (سفرنامي آمريڪا ۾ ايڪٽيهه ڏينهن تي) روٽري انٽرنيشنل 2011ع
    • مڃتا ايوارڊ: (ٻوڏ جي تباهه ڪارين ۾ خدمتن تي) روٽري انٽرنيشنل 2011ع
    • مڃتا ايوارڊ: (صدر جي حيثيت ۾ بهترين خدمتن تي) روٽري انٽرنيشنل 2011ع.
    • يادگار شيلڊ: ٻئين شهيد محترمه بينظير ڀُٽو اسڪائوٽ ريلي دوران ـــ ضلع حڪومت خيرپور 2011ع.
    • ايم يحييٰ ڀُٽو ايوارڊ: ريڊيو ڊرامه آرٽسٽ فورم خيرپور 2012ع
    • مڃتا ايوارڊ: ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن خيرپور 2012ع
    • مڃتا ايوارڊ: خيرپور آرٽس ڪائونسل خيرپور 2012ع.
    • مڃتا ايوارڊ: خيرپور فيسٽيول 2012ع.
    • مڃتا ايوارڊ: ڏاڏا شاهه يادگار ڪاميٽي خيرپور 2012ع
    • مڃتا ايوارڊ: (پال هيررس فيلو) روٽري انٽرنيشنل 2012ع
    • مڃتا ايوارڊ: (خيرپور فيسٽيول) ضلعي انتظاميه خيرپور 2012ع.
    • مڃتا ايوارڊ: (خيرپور کجور فيسٽيول) ضلعي انتظاميه خيرپور 2012ع.
    • ادبي ايوارڊ: عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ 2012ع
    • مڃتا ايوارڊ: (بهترين اسسٽنٽ گورنر) روٽري انٽرنيشنل 2013ع.
    • مڃتا ايوارڊ: ڏاڏا شاهه يادگار ڪاميٽي خيرپور 2013ع.
    • مڃتا شيلڊ: روٽري ڪلب خيرپور گرين 2013ع.
    • مڃتا ايوارڊ: ڊاڪٽر محبت ٻُرڙو اڪيڊمي قنبر 2013ع.
    • مڃتا ايوارڊ: الفاروق اوپن اسڪائوٽس گروپ خيرپور 2013ع.
    • مڃتا ايوارڊ: خيرپور يوٿ آرگنائيزيشن خيرپور 2013ع.
    • ايوارڊ: ماهوار ناٽڪ مئگزين ڪراچي 2013ع.
    • يادگار شيلڊ: المنائي ائسوسيئيشن، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور 2013ع.
    • مڃتا ايوارڊ: اليومني ايسوسيئيشن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي 2013ع.
    • يادگار شيلڊ: المنائي ائسوسيئيشن، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور 2014ع
    • يادگار شيلڊ: سنڌ يوٿ آرگنائيزيشن 2014ع
    • يادگار شيلڊ: اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرس ڊپارٽمينٽ حڪومتِ سنڌ 2014ع.
    • ايوارڊ: نوا پرڀات (DIL) خيرپور 2014ع.
    • يادگار شيلڊ: ڇهون ڊيٽس ايگزيبيشن ۽ سيمينار خيرپور، ضلع انتظاميه خيرپور 2014ع.
    • يادگار شيلڊ: ستون انٽرنيشنل خيرپور ڊيٽس فيسٽيول خيرپور 2015ع.
    • يادگار شيلڊ: سنڌ ينگ ليڊرس ڪانفرنس 2015ع.
    • يادگار شيلڊ: المنائي ائسوسيئيشن، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور 2015ع.
    • مڃتا شيلڊ: ڏهين انڊس يوٿ ڪانفرنس شيلڊ 2016ع.
    • مڃتا شيلڊ: روزاني وفاءِ سنڌ سٿ 2016ع.
    • يادگار شيلڊ: پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف يوٿ ڊيولپمينٽ 2016ع.
    • ايڪسيلينس ايوارڊ: سنڌ يوٿ آرگنائيزيشن، خيرپور 2016ع
    • يادگار شيلڊ: ڪاليجز ڊسٽرڪٽ بواءِ اسڪائوٽس ائسوسيئيشن 2016ع.
    • مڃتا شيلڊ: صلاحڪاري ڪاميٽي سکر ڊويزن، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومتِ سنڌ 2016ع.
    • يادگار شيلڊ: مهڪ اين جي او، خيرپور 2016ع.
    • يادگار شيلڊ: سنڌي ٻولي عالمي ڪانفرنس ۽ ثقافتي ميلو، سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن سنڌ 2016ع.
    • يادگار شيلڊ: ذيليس پاڪستان يوٿ ڪو آپريشن آرگنائيزيشن خيرپور 2017ع
    • يادگار شيلڊ: سنڌ يوٿ آگنائيزيشن 2017ع.
    • مڃتا شيلڊ: روٽري ڪلب خيرپور 2017ع.
    • يادگار شيلڊ: خيرپور يوٿ ڪانفرنس، مهڪ اين جي او خيرپور 2017ع.
    • يادگار ايوارڊ: مهڪ اين جي او خيرپور، اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرس ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ 2017ع.
    • يادگار شيلڊ، مهڪ اين جي او، خيرپور 2017ع.
    • يادگار شيلڊ: زونل ڪانفرنس قلندر ذون ـــ روٽريڪٽ ڪلب خيرپور 2018ع
    • ايوارڊ: ادا سائين ٻارڙن جي ادبي تنظيمَ 2019ع.
    • يادگار شيلڊ: يوٿ اسڪل فار سڪسيس ورڪشاپ، مهڪ اين جي او خيرپور 2018ع.
    • باباٰءِ خيرپور ايوارڊ: مُرشدي گورايا ميموريل ڪميٽي خيرپور 2018ع.
    • يادگار شيلڊ: مهڪ اين جي او خيرپور 2018ع.
    • يادگار شيلڊ: يوٿ امپاورمينٽ ڪانفرنس 2018ع ــــ مهڪ اين جي او خيرپور 2018ع
    • ايڪسيلينس ايوارڊ: سنڌ يوٿ آرگنائيزيشن 2018ع.
    • ايڪسيلينس ايوارڊ: مائڪروسافٽ ڪمپيوٽر ۽ انگلش لئنگئيج سينٽر خيرپور 2018ع.
    • يادگار شيلڊ: جرنلزم ۽ ميڊيا يوٿ ورڪشاپ 2018ع.
    • سهراب فقير ايوارڊ: سهراب فقير اڪيڊمي، ٽالپر وڏا 2019ع.
    • يادگار شيلڊ: انٽرنيشنل وومين ڊي ـــ مهڪ اين جي او، خيرپور 2019ع.
    • يادگار شيلڊ: روٽري ڪلب خيرپور ڊيٽس ويلي 2019ع.
    • يادگار شيلڊ: انٽرنيشنل وولينٽيئر ڊي، وومين ڊولپمينٽ فائونڊيشن پاڪستان 2019ع.
    • گلوبل سي ايس آر ايڪسيلينس ۽ ليڊر شپ ايوارڊ: آسٽريلين ملٽي ڪلچرل چيريٽي 2019ع.
    • ٽوڪن آف ائپريسيئيشن: مهڪ مين ڪائينڊ ايجوڪيشن اينڊ هيلٿ ائسوسيئيشن خيرپور 2019ع.
    • رڪگنائيزيشن شيلڊ: يوٿ ڪاليج آف ليڊرشپ آگنائيزيشن 2019ع.
    • ائپريسيئيشن ايوارڊ، سنڌ ينگ ليڊرس ڪانفرنس 2020ع.
    1. مڃتا سرٽيفڪيٽَ:
    • فائن آرٽس سوسائٽي ــــ حيدرآباد 1982ع
    • ڊپٽي ڪمشنر ــــ خيرپور 1982ع
    • سچل نيشنل سيمينار 1982ع
    • اسسٽنٽ ڪمشنر ــــ خيرپور 1987ع
    • اسسٽنٽ ڪمشنر ــــ خيرپور 1987ع
    • حيدرآباد جئسيس ــــ حيدرآباد 1988ع
    • پاڪستان ڪريسينٽ يُوٿ آرگنائيزيشن 1990ع
    • سنڌي گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ــــ سنڌ 1990ع
    • پريس انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان 1990ع
    • ڊپٽي ڪمشنر ــــ خيرپور 1991ع
    • منسٽري آف فارين افيئرس ــــ جاپان 1991ع
    • نيشنل يُوٿ آرگنائيزيشن آف پاڪستان 1991ع
    • پاڪستان سوشل ايسوسيئيشن ــــ پنجاب 1992ع
    • بيت التبسم ــــ ڪراچي 1993ع
    • سنڌي ادبي سنگت (سنڌ) 1993ع
    • سنڌ يونيورسٽيز اسپورٽس چيمپئن شپ 1994ع
    • فيملي پلاننگ ايسوسيئيشن آف پاڪستان 1994ع
    • ڊسٽرڪٽ ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي ــــ خيرپور 1994ع
    • سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن ــــ ڪراچي 1994ع
    • ڊپٽي ڪمشنر ــــ خيرپور 1995
    • ڊائريڪٽر پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ اينٽي نارڪوٽڪ فورس اسلام آباد 1995ع
    • ريڊ ڪريسنٽ پاڪستان، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ امپيڪٽ پاڪستان 1997ع
    • پاڪستان سوشل ايسوسيئيشن پاڪستان 1997ع
    • ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ــــ خيرپور 1997ع
    • عورت پبليڪيشن اينڊ انفارميشن سروس فائونڊيشن 2003ع.
    • سنڌ پوليس خيرپور ۽ ضلعي حڪومت خيرپور 2010ع
    • روٽري انٽرنيشنل (ڊسٽرڪٽ 3270) 2010ع
    • روٽري انٽرنيشنل (ڊسٽرڪٽ 3271) 2010ع
    • پريزيڊينشل سائيٽيشن ايوارڊ، روٽري انٽرنيشنل 11-2010ع.
    • ڪلب جي بهترين صدر جو سرٽيفڪيٽ. روٽري انٽرنيشنل 11-2010ع.
    • اسسٽنٽ گورنر ٽريننگ سرٽيفڪيٽ. روٽري انٽرنيشنل 13-2012ع.
    • روٽري ليڊر شپ ٽريننگ ڪورس ـــ حصو پهريون 2012ع.
    • خيرپور ڊيٽس ايگزيبيشن ۽ سيمينار 2012ع
    • ڊاڪٽر تنوير عباسي سرٽيفڪيٽ ـــ عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ 2012ع.
    • سرٽيفڪيٽ آف پارٽيسپيشن ـــ روٽري ڪلب نوشهرو فيروز 2012ع.
    • روٽري يونيسيف ماسٽر ٽرينر ورڪشاپ 2012ع.
    • ائپريسيئيشن سرٽيفڪيٽ، روٽري گورنر 2013ع
    • پال هيررس فيلو سرٽيفڪيٽ ـــ روٽري انٽرنيشنل 2013ع.
    • المنائي ايسوسيئيشن ڪانفرنس 2013ع.
    • روٽري ليڊر شپ ٽريننگ ڪورس ـــ حصو ٻيو 2013ع.
    • روٽري ليڊر شپ ٽريننگ ڪورس ـــ حصو ٽيون 2013ع.
    • گرئجوئيشن سرٽيفڪيٽ ، روٽري ليڊرشپ انسٽيٽيوٽ پاڪستان ۽ افغانستان ريجن 2013ع.
    • ايگل ٽريڪ زِپ لائين (چَنگ مائي ٿائلينڊ) 2013ع.
    • ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر سي ايس او ايس نيٽرورڪ خيرپور 2014ع.
    • خيرپور ڊيٽس ايگزيبيشن ۽ سيمينار 2014ع.
    • خيرپور ڊيٽس ايگزيبيشن ۽ سيمينار 2015ع.
    • تنظيم فڪر و نظر سنڌ 2016ع.
    • سرٽيفڪيٽ آف ائپريسيئيشن، روٽري ڪلب ڊسٽرڪٽ 3271 ـــ 2016ع.

     سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي شديد کوٽ آهي ـــ هڪ دؤر ۾ ٻارن لاءِ کوڙ سارو ادب تخليق ڪندـڙ اديبن ٻارن لاءِ لکڻ ڇڏي ڏنو آهي. اهـڙن خيالن جو اظهارُ نامياري سفرنامه نِگار ۽ پبلشر قربان منگيءَ ڪاوش سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن لاءِ نڪرندڙ واحد رسالو ”گل ڦل“ به مستقل طور شايع نه ٿو ٿئي، سنڌي ادبي بورڊ پاران ڪنهن زماني ۾ ٻارن لاءِ پلاننگ سان ڪتاب شايع ٿيندا هئا. جيڪي هاڻي ڪونه ٿا ڇپجن. ٻارن جون ادبي تنظيمون ڳوليون ڪونه ٿيون لڀن، جن ماضيءَ ۾ ٻارن جي ادبي ۽ شعوري اؤسر ڪئي ۽ اهي اڳتي هلي وڏا اديب ۽ ڪامياب انسان بڻيا. پهرئين اپريل 1961ع تي خيرپور جي نظاماڻي محلي ۾ جنم وٺندڙ قربان منگيءَ ٻُڌايو ته هُنَ 1977ع کان 1986ع تائين  جي عرصي ۾ ٻارن لاءِ ڪتابي سلسلي ”پوپٽ“ جا ڇهه شُمارا مُرتب ڪري شايع ڪيا جنهن ۾ هِنَ دؤرـَ جي نامور ليکڪن جون ابتدائي لکڻيون ۽ شاعري شايع ٿي ـــ قربان منگيءَ ٻُڌايو ته ”پوپٽ“ جي پليٽ فارم تان ئي سنڌ ٻالڪ سنگت جو بنياد رکيو ويو ۽ جنهن سنڌ جي ٻارن کي هِڪَ بينر هيٺ منظم ڪيو ۽ ڪيترائي يادگار ڪل سنڌ ٻالڪ ميلا منعقد ڪرايا ويا ۽ اڻ ڳڻيون ننڍيون وڏيون تقريبون منعقد ٿيون.

    دُنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سير ڪري، انهيءَ سفر جي يادگيرين کي سفرنامن جي صورت ۾ محفوظ ڪندڙ قربان منگي هن وقت تائين، ايران، جاپان، ٿائلنڊ، ملائيشيا، آمريڪا، يونائيٽيڊ عرب امارات، چائنه ۽ سريلنڪا جا سفر ڪري  چُڪو آهي. هُنَ ٻُڌايو ته سندس چار سفرنامه ”مسافر“، ”هِڪَ گهڙي پيارَ جي“، ”آمريڪا ۾ ايڪٽيهه ڏينهن“ ۽ ”هوائيءَ جي هوائن مان“ شايع ٿي چُڪا اهن جن مان ”آمريڪا ۾ ايڪٽيهه ڏينهن“ کي سال 2009ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران بهترين سفرنامي جو ايوارڊ ۽ سنڌ جي ثقافت واري کاتي پاران ڪيش پرائيز ملي چُڪو آهي. جڏهن ته سندس چين جو سفرنامو ”چين ۾ چوويههَ ڏينهن“ اشاعتَ هيٺ آهي. پوپٽ پبلشنگ هائوس جي چيئرمين جي حيثيت سان 90 کان مٿي مختلف موضوعن تي ڪتاب شايع ڪندڙ قربان منگي ٽماهي ادبي مخزن ”پوپٽ“ جو چيف ايڊيٽر پڻ آهي. سندس چوڻ آهي ته ”پوپٽ“ سنڌي معياري ۽ صحتمند تنقيدي، تخليقي ۽ تحقيقي ادب جو ترجمان رسالو آهي، جنهن جو ڪَمُ صحتمند ادبي ماحول قائم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي ڪِتابن ڏانهن مائل ڪرڻ به  آهي، قربان منگيءَ چيو ته پڙهندڙ معياري ڪتاب ڳولي ڳولي پڙهي ٿو، پَرـَ جي اُهو معياري هجي ته. پنهنجي عمر جا چار ڏهاڪا سچل سرمست يادگار ڪاميٽيءَ کي ارپيندڙ قربان منگيءَ چيو ته سچل يادگار ڪاميٽيءَ سان سندس جُنون جي حَدَ تائين محبت رهي آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي کي ادب ۽ خيرپور جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ادب دوست شخصيت غلام محمد ميمڻ کي پنهنجو محسن سمجھندڙ قربان منگي چوي ٿو ته مون چاليهه سالَ هڪ ورڪر جي حيثيت سان سچل سائينءَ جي فڪر جي ڦهلاـءَ لاءِ خدمت ڪئي آهي. تحقيقي جرنل ”سرمست“ کان وٺي ”سچل سووينئر“ جي سهيڙَ کان وٺي انهن جي ڇپائيءَ تائين پاڻ پتوڙيو آهي ۽ موٽ ۾ ڪنهن به عهدي ۽ ايوارڊ جي طلب ناهي ڪئي ـــ هُنَ ٻُڌايو ته سندس ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ سان نياز منديءَ وارو رشتو رهيو جنهن لکڻ جي ابتدائي دؤرَ ۾ سندس ڪچن ڦڪن شعرن جي اصلاح به ڪئي. قربان منگيءَ ٻُڌايو ته هُو خادم سنڌي، اُميد خيرپوري ۽ مير صوبدار سعيد سميت ڪيترن ئي قلمڪارن ۽ شاعرن جا ڪتاب به شايع ڪرائي چُڪو آهي، جن جي ڪتابن کي ڪو به ادارو شايع ڪرڻ لاءِ تيار ناهي رهيو.

    سنڌي ادبي سنگت جي باري ۾ ڇپيل هڪ سوال جو جواب ڏيندي قربان منگيءَ چيو ته ماضيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت هِڪَ طويل ماٺار جو شڪار ٿي وئي هئي تڏهن خيرپور جي دوستن پريس ڪلب خيرپور ۾ ان جي مرڪزي اليڪشن ڪرائي هئي جنهن ۾ انور پيرزادي ۽ تاج جويي جي وچ ۾ مقابلو ٿيو هو ۽ تاج جويو کٽي آيو هو. اڄوڪي سنگت شديد فڪري ۽ تنظيمي بحران جو شڪار ٿي وئي آهي، بوگس شاخون قائم ڪري، پيٽي مفادن جي حاصلات لاءِ هِڪَ مخصوص ٽولو سنگت جهڙي باوقار اداري تي سياسي هٿ ڪنڊن ذريعي قابض ٿي ويو آهي.

    بيدل يادگار ڪاميٽي، حامي يادگار ڪاميٽي، روٽري انٽرنيشنل ۽ ٻين اڻ ڳڻين ادارن ۾ انتهائي متحرڪ ڪردار ادا ڪندڙ قربان منگيءَ خيرپور ۾ ڪيترائي ادارا به قائم ڪيا آهن. هن ٻُڌايو ته پوپٽ پبلشنگ هائوس، سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي، سنڌ ٻالڪ سنگت سندس قائم ٿيل ادارا آهن، پَرَ هُنَ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، خيرپور آرٽس ڪائونسل، جيم خانه ڪلب خيرپور ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي حوالي سان به ڪيتريون ئي بنيادي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سچل سرمست ايوارڊ، حامي ايوارڊ، بيدل ايوارڊ، محبت ٻُرڙو اڪيڊمي ايوارڊ، ڏاڏا شاهه يادگار ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت مرڪز ايوارڊ، سگا ايوارڊ ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا ايوارڊ حاصل ڪندڙ ايوارڊ قربان منگيءَ چيو ته مون زندگيءَ ۾ ڪَمَ ۽ صرف ڪَمَ کي اهميت ڏني آهي ۽ زندگيءَ جي هَر پل کي سجايو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هُنَ ٻُڌايو ته بنهه نوجوانيءَ جي عُمر ۾ سنڌ ٻالڪ سنگت جي پليٽ فارم تان پي ٽي وي ڪراچي سنڌ تان ٻارن جي پروگرام ”روشن تارا“ تي پيل بندش جي خلاف جدوجهد ڪري ان کي بحال ڪرايُم جنهن تي هميشه فخر محسوس ڪندو آهيان. ٻارن جي تنظيم ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ قربان منگيءَ جو خيالُ آهي ته اڄوڪي سنڌ جي ٻارن کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ لاءِ ڪنهن نيٽ ورڪ جو جُڙڻ ضروري آهي. هُنَ چيو ته سرڪاري ادارا پنهنجي جاءِ تي ضرور موجود آهن، پَرَ علم، ادبَ، فن ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ انهن ڏانهن واجھائڻ بدران پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هُنَ چيو ته لطيف سائينءَ جي لفظن ۾ ”کرڪڻا لاهي، سُکَ نه سمجھڻ گهرجي“ پر هَرپَل اڳتي نهارڻ گهرجي.

    خيرپور جي ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان هڪ سفيرَ واري حيثيت ماڻيندڙ قربان منگيءَ جو چوڻ آهي ته سماجَ ۾ تبديلي ۽ فرسوده قدرن جي خامتي لاءِ اسان سڀني کي اڳتي اچڻو پوندو. نوجوانَ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ سنڌ جا ساڃاههَ وَندَ سنڌ جي اجتماعي مسئلن لاءِ هِڪَ منظم رٿا تحت ڪم ڪن ته سِنڌُ جا سُورَ ختم ٿي سگهن ٿا.

     

  • غلام حسين ملاح

    غلام حسين ملاح

    غلام حسين ملاح

    IMG 20200323 092253مونسان ملو مان آھيان غلام حسين ملاح المعروف گل سيوھاڻي پيار ۾ مونکي منھنجا والدين گلڻ به چوندا ھيا شاعري مون محمد جمن ملاح(مرحوم)جي گھر ۾ ۽ ڳوٺ ڪوٽ مياڻي محمد عيسي ملاح لڳ تاريخي شھر ٽلٽيء تعلقه سيوھڻ شريف اڳوڻون ضلع دادو ھاڻوڪي ضلع ڄامشورو ۾ جنم ورتو آھي ابتدائي تعليم معروف ريڊيو ٽي وي اسٽيج جي اداڪار نور محمد لاشاري مرحوم جي والد جي نالي جي پرائمري اسڪول لعل خان لاشاريءَ ۾ حاصل ڪئي۽ مڊل اسڪول آراضيء مان اٺ ڪلاس پاس ڪري ميٽرڪ گورنمنٽ بوسئز ھاء اسڪول ڪوٽڙيءَ مان ڪئي تنھن بعد ايف اي مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪري غربت سبب وڌيڪ پڙھڻ بجاء نوڪريءَ کي ترجيع ڏني ھئي اھڙي طرح مختلف کاتن جھڙوڪ ڪارپوريشن مان ٿيندي پاڪستان ريلوي، پاڪستان پوسٽ آفيس،ايگريڪلچر،ايريگيشن،پوليس ڊپارٽمينٽ، تعليم کاتي کان ٿيندو صحت کاتي مان بطور ڊسٽرڪٽ سپپرينڊنٽ ويڪسينيٽرس جي ريٽائرمنٽ ورتي آھي ادب سان بچپن کان چاھ رھيو اٿم جنھن جي ڪري شعر و شاعري ڪندو اچان جنھن ۾ ٻاراڻي ادب کان گيت لکندي پنھنجي شاعري جي شروعات ڪئي جيڪا لوڪ شاعري تائين پھتي جنھن ۾ مولود قصيدہ غزل ڪافي وايون بيتن جھڙين صنفن تائين جاري و ساري آھي سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوھڻ شريف جو ھن وقت بہ آڊيٽر آھيان منھنجي شاعري سنڌ جي معروف لوڪ فنڪارن پنھنجي آواز جي جادوءَ ۾ ريڪارڊ ڪئي آھي ان ۾ جلال چانڊيو،ثمينه ڪنول،الھداد زرداري،گلشير تيوڻون،نياز ملاح،عرس چانڊيو،فوزيه سومرو ۽ ٻيا کوڙ سارن لاڙ اتر جا لوڪفنڪار شامل ھيا جن پنھنجي آواز ۾ ريڪارڊ ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مونکي متعارف ڪرايو آھي ھن وقت مان پنھنجي زندگيء جا آخري خوبصورت لمحہ پاڪستان اسٽيٽ لائف انشورنس زون حيدرآباد ۾ بطور سيلز مئنيجر جي خدمتون سر انجام ڏئي رھيو آھيان جڏھن ته مون مسڪين جي رھائش جڳ مشھور اولياء الله بزرگ ھستي حضرت لعل شھباز قلندر جي ننگريء سيوھڻ شريف ۾ مرشد لعل شھباز قلندر جي پيرا ديء کان واقع جان محمد ڀٽي ڪالوني ملاح محلو لڳ جھاز چوڪ سيوھڻ شريف ۾ واقع آھي ھن مختصر تعارف سان گڏ دعائن ۾ ياد ڪندا ته نوازش ٿيندي فقط اوھان جو خادم دعاڳو ۽ طالب دعا:-«گل سيوھاڻي»

    فون نمبر 03013329635 03337033648
  • کيئل داس فاني

    کيئل داس فاني

    (نسيم بُخاري)

    اڄ 8 اپريل ان عظيم استاد ۽ عظيم انسان کيئل داس ’’فاني‘‘ جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي جنهن جي صحبت سنڌ ۽ هنڌ کي ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر شيخ اياز نامور اديب نور الدين سرڪيءَ سميت ڪيترن ئي هستين سان نوازيو اها ڳالھ پوري پڪ سان ڪري سگهجي ٿي ته جيڪڏهن کيئل داس ’’فاني‘‘ انهن شخصيتن ۾ موجود صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان نه اتساهي ها ته سندن موجوده ادبي سڃاڻپ شايد سامهون نه اچي ها کيئل داس ’’فاني‘‘ 04 اپريل 1914ع تي ميان جي ڳوٺ ۾ ولي رام بيگواڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو اهو ميان جو ڳوٺ جنهن مان بول چند واسومل راجپال مشهور 1932ع ۾ سنڌي رسالو ’’سنڌو‘‘ ڪڍندو هو جيڪو بعد ۾ سندس ادارت هيٺ شڪارپور ۽ جيڪب آباد مان 1947ع تائين شايع ٿيندو رهيو بول چند ورهاڱي کان پوءِ ساڳيو رسالو 1965ع تائين هندستان مان به شايع ڪندو رهيو ’’فاني‘‘ جي ابتدائي تعليم ۾ استاد ڪريم بخش ٽانوريءَ جو وڏو عمل دخل رهيو آهي کيئل داس ’’فاني‘‘ جهڙيءَ ريت پنهنجي نصابي شاگردن کي ادبي سازگار فضا ۽ ماحول بخشيو بلڪل اوهڙي ئي مهرباني هن سان سندس استاد ۽ مشهور شاعر اديب آغا صوفي ڪئي هئي جنهن سان ’’فاني‘‘ 1929ع ۾ مليو هو جيڪو شڪارپور ۽ ان جي آس پاس جي اڀرندڙ شاعرن لاءِ ڇپر ڇانوَ هو ۽ سندن شاعريءَ جي وزن بحر جي نه رڳو تڪ طور ڪندو هو پر ان ڏس ۾ وڌيڪ رهنمائي به فرمائيندو هو ان کان وڌ اهو ته شڪارپور ۾ ادبي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مشاعرو منعقد ڪندو هو ’’فاني‘‘ خود پاڻ اعتراف ڪري ٿو ته مون کي ياد آهي ته منهنجو پهريون غزل لفظ کان بي خبر هوندي هيئن جڙي ويو هو.

    ’’صبا سچ هئو ته سهڻن ۾ اسان جو يار هو يا نه

    ٻڌائج محب منهنجو دل گهريو دلدار هو يا نه‘‘

    جتي سهڻن جي ٽولي ۾ ڪئي تعريف ٿئي هن جي اتي ’’فاني‘‘ مزدورن جيان ڪمي ڪمدار هو يا نه

    کيئل داس ’’فاني‘‘ شيخ اياز ۽ نورالدين سرڪيءَ سميت ڪيترن کي ’’نيو ايرا‘‘ هاڻوڪي قاضي حبيب الله بوائز هاءِ اسڪول ۾ پڙهايو جتي شيخ اياز انگريزيءَ جي پهرين درجي کان ٽين، چوٿين درجي تائين کائنس تعليم ۽ ادبي تربيت حاصل ڪئي شيخ اياز پاڻ لکيو آهي ته ’’فاني‘‘ ’’منهنجي زندگي ۽ اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي مان سندن ٿورا نه ٿو لاهي سگهان جي ’’فاني‘‘ منهنجي زندگيءَ ۾ ڪردار ادا نه ڪري ها ته منهنجي شاعري اتي نه هجي ها جنهن جاءِ تي اڄ آهي فاني لفظن جو سنگتراش آهي هو انهن کي گهڙي، ڇلي، مهٽي، سهٽي، هڪ خوبصورت نظم ۾ مجسم ڪندو رهيو آهي ’’فاني‘‘ جون ڪي سٽون جادوءَ جو اثر رکن ٿيون سندس لفظ خوبصوت ڄار آهن، جن ۾ هو اڏامندڙ جذبن کي نهايت اٽڪل سان ڦاسائي ٿو’’.

    کيئل داس ’’فاني‘‘ ايم اي انگريزيءَ ۾ ڪئي هئي ’’نيو ايرا‘‘ موجوده قاضي حبيب الله ۾ استاد ٿيڻ کان پوءِ پاڻ ڪشن چند ’’بيوس‘‘ جي مهربانيءَ سان سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو جتي به ادبي سرگرمين کي اوج رسائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين ورهاڱي کان پوءِ پاڻ هندستان ۾ ڀوتال ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو جتان 1973ع ۾ رٽائرڊ ٿيو صوبائي حڪومت جي ادبي اقادميءَ جو نائب صدر بڻيو مرڪزي ادبي اقادمي جو ميمبر رهيو ڪنوينر سنڌي ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڪاميٽي، آل انڊيا ريڊيو جو گائڪ ۽ گيت ڪار رهيو انٽر ڪاليج جو پرنسپال به ٿيو هندستان ۾ سندس پهريون شعري مجموعو 1984ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻيون شعري مجموعو پيلا پن ۽ خزا جي خوشبو 1990ع ۾ شايع ٿيو فانيءَ جي ناٽڪن تي مشتمل ڪتاب مڪتي مارڳ به سندس حياتيءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي هندستان جي مختلف شهرن ۽ خاص ڪري ڀوپال ۾ سندس ناٽڪ اسٽيج تي پيش ٿي هال ۾ ويٺل ماڻهن جو داد وصولي چڪا آهن انهن سمورن حوالن جو خالق ۽ مالڪ  8 اپريل 1995ع ۾ ڀوپال ۾ وڇڙي ويو فاني نه رڳو هن دنيا مان موڪلائي ويو پر هن کي پنهنجي ۽ دنيا جي فنائيت جو به پورو پورو شدت سان احساس هو شايد ان ڪري ئي هن پنهنجو تخلص ’’فاني‘‘ رکيو هو دنيا جي مختصر زندگيءَ وارو احساس سندس رڳ رڳ ۾ رچي ويو هو ان ڪري هن حياتيءَ جي پل پل جو نه رڳو قدر ڪيو پر ان کي سجايو به ڪيو جيئن هن کي استاد عبدالڪريم ٽانوري يا ادبي استاد آغا صوفيءَ جي صحبت هڪ نعمت بڻجي نصيب ٿي ائين ئي هن پاڻ ٻين لاءِ لاڀائتو ٿيڻ جو نه رڳو ارادو ڪيو پر ان کي عمل جو روپ به ڏئي ڏيکاريائين ’’فانيءَ‘‘ جي شاعري نه رڳو فني حوالي سان پڪي پختي آهي پر اها فڪر انگيز به آهي هن جي شاعريءَ ۾ جدت ۽ نفاست سان گڏوگڏ لاجواب رواني به آهي.

    کيئل داس فاني جتي ڪلاسيڪي صنفن، بيت، گيت ۽ ڪافيءَ ۾ پاڻ ملهايو آهي اتي عروضي صنفن، غزل، نظم ۽ مصدس، مربع، چو سٽي ۽ ربائيءَ ۾ به شاندار تجربا ڪيا آهن هن جي انفراديت سندس نرالو ۽ مُنفرد اسلوب آهي جيڪو ساهت جو سينگهار آهي 1995ع ۾ سندس وفات کان پوءِ سندس شعري مجموعو ‘‘سمنڊ سمايو بوند ۾‘‘ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو جيڪو ترتيب انور فگار هڪڙو ڏنو آهي جنهن جي سال کان پوءِ شڪارپور جيم خانه ڪلب ۾ سنڌي ادبي سهڪاري  ڪاميٽيءَ پاران مهورتي تقريب ٿي هئي 2018ع ۾ فانيءَ جي شخصيت تي نقش ناياب منگي يادگار ڪاميٽي ۽ بزم مسرور طرفان هڪ پروگرام ٿيو آهي جڏهن ته هندستان ۾ 2011ع ۾ پريم پرڪاش جي صدارت هيٺ ورسيءَ جي موقعي تي پڻ ياد ڪيو ويو آهي.

    فانيءَ جي حوالي سان وڪي پيڊيا تي پروفائيل نه ٿو ملي، گوگل تي انگريزيءَ ۾ ڪو مواد موجود نه آهي نه ئي وري اردوءَ ۾ انٽرنيٽ تي ڪي وچور ملن ٿا باقي سنڌيءَ ۾ ڳولهڻ سان ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ۽ حسيب ناياب منگيءَ جا ٻه مضمون ملن ٿا کيئل داس فانيءَ تي نه ته ڪنهن سنڌي نيوز چينل ڪا دستاويزي فلم ٺاهي آهي نه ئي وري هن جي جنم ڏينهن يا ورسيءَ جي مناسبت سان وڏي پيماني تي سنڌي ميڊيا ڪا خصوصي ڪوريج ڏني آهي  1997ع جي جولاءِ مهيني ۾ روزاني حلال پاڪستان خصوصي صفحو شايع ڪيو هو جيڪو ڊاڪٽر قاضي منظر حيات ترتيب ڏنو هو جنهن ۾ شيخ اياز، نقش ناياب منگي، قاضي منظر حيات، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، حميده قاضي، حسيب ناياب منگي ۽ انيس الرحمان جون تحريرون شايع ٿيون هيون.

    ڪيڏي نه افسوس جي ڳالھ آهي ته 1995ع کان اڄ ڏينهن تائين کيئل داس فانيءَ کي 25 سالن جي عرصي ۾ جيڪڏهن ساريو به ويو آهي ته شڪاپور ۾ ٻه ڀيرا هڪڙو ڀيرو هندستان ۾ سو به هندستان جي ڀوپال شهر ۾ جتي هو رهيو باقي هندستان جي ٻئي ڪنهن به شهر ۾ کيس ساريو نه ويو آهي سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ ڪڏهن به کيس اجتماعي طور تي ياد ڪرڻ جي ڪا تقريب منعقد نه ٿي سگهي آهي نه ئي سنڌ جي وڏن ادارن يا ادبي نمائندگي رکندڙ تنظيمن اها ضرورت محسوس ڪئي آهي سنڌي ادبي بورڊ ڪتاب شايع ته ڪيو پر ان جي مهورت نه ڪرائي آهي.

    سنڌ جي يا هند جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ کيئل داس فانيءَ جي حوالي سان ڪا پي ايڇ ڊيءَ جي ٿيسز نه لکي وئي آهي نه ئي وري ڪو مونوگراف منظر عام تي آيو آهي مون کي ياد نه ٿو اچي ته کيئل داس فانيءَ جي شخصيت فن ۽ فڪر جي حوالي سان ڪنهن سنڌي رسالي ڪو خاص ايڊيشن شايع ڪيو ٽه ماهي مهراڻ 2018ع ۾ وفا منظور چوهاڻ جي هڪ تحرير ضرور شايع ڪئي آهي.

    کيئل داس فاني سنڌ جي جنهن شهر شڪارپور ۾ ادبي منزلون ماڻيون ۽ خدمتون سرانجام ڏنيون ان شهر جي امر ڪردار سنڌ ۽ هند جي نامور سياستدان شهيد الله بخش جي بي درد ۽ ناحق خون تي به قلم کنيو آهي هن لکيو آهي.

    افسوس! ويو سنڌ جو سرتاج گذاري

    دنيا کي روئاري

    حاسد تون ڏئي ڦوڪ ڏيئو گل نه ڪرين ها

    هن ملڪ مٿان قهر مصيبت نه ڌرين ها

    ڇو ميڙ اسان جي مان وئين مڙس اٿاري

    فانيءَ جي رومانوي شاعري ڪمال جي آهي مثال طور هڪ هنڌ لکي ٿو ته

    تو بن گل، لالاڻ چُڀي ٿي،

    ساوڪ ۽ سرهاڻ چڀي ٿي

    چانڊوڪي چانڊاڻ چڀي ٿي

    اونڌھ آه اماس

    دل ۾ آهي دلاسو آس

    ٻئي هنڌ لکي ٿو

    اڀري چنڊ لهي ويو پل ۾ ڇيڙي سڪ جو ساز،

    ڪيئن اچي آرام ڪنن ۾ ڪونجي ٿو آواز،

    دل جو ديپ جلائي هلندس پير پير ۾ پائي هلندس

    ڏيئو نه ڍرڪڻ ڏيندس توڙي تيز لڳي طوفان

    پريتم تو لئه من مستان

    اڪيلائيءَ ۾ پنهنجن اڌمن واري ڪيفيت کي احساساتي رنگ ڏيندي جڏهن شعر تخليق ڪري ٿو ته اهي لفظ سرجي ٿا پون ته

    جيئن جيئن اڀ ۾ بجلي ڀڙڪي

    تيئن تيئن وياڪل دل ٿي ڌڙڪي  

    البيلي جي اوسيئڙي ۾،

    پل پل سر سريءَ تي لڙڪي

    ڪڪرن کي جهولي ڦهلايان، سرتيون ساوڻ

    ’’فاني’’ پنج ڪڙا به شاهڪار لکيا آهن مثال طور دنيا جي پس منظر ۾ لکي ٿو ته

    لڳي ٿي دنيا قبرستان

    گهمن ڌرتيءَ تي زنده لاش

    رهي ڪنهن ۾ به نه آهي شناس

    ٿئي ٿي انسانيت حيران

    لڳي ٿي دنيا قبرستان  

    فانيءَ جي گيتن ۽  پنج ڪڙي جا مٿيان حوالا ان جي گيتن سان انصاف نه آهن فقط آجزاڻو اظهار آهن فانيءَ جي نه رڳو شاعري پر هڪ هڪ صنف طويل مقالي جي تقاضائو آهي جنهن تي ڪنهن ٻئي ڀيري لکبو هتي فقط ان کي ساري فاني ٻين کي ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن اسان پنهنجي محسنن کي ساريون انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه وساريون ڇو ته انهن کي نظرانداز ڪري اسان ساڻن نا انصافي نه ٿا ڪريون انهن کي ته پنهنجي جيون ۾ جيڪو ڪارائتو ڪردار ادا ڪرڻو هو سي ڪري ويا کين اسان جي مڃتا آهي نه پرواھ اسان هنن کي ساري پنهنجو پاڻ کان هڪ طرح جي اها پڪ وٺون ٿا ته اسان جو ايندڙ نسل به اسان کي ياد ڪري اڄ جيڪڏهن اسان ئي پنهنجن عظيم انسانن کي نه سارينداسين ته پوءِ اهو ڪيئن ٿو ممڪن بڻجي سگهي ته اسان کان پوءِ ايندڙ به اسان کي ياد ڪن ڪنهن کي اها خبر آهي ته فاني 1940ع ۾ ٺهيل پهرين سنڌي فلم ايڪتا جو ليکڪ هو جيڪا ليکڪ ڪريم بخش نظاماڻي ٺاهي هئي جنهن جو هيرو به ڪريم بخش پاڻ ٿيو هو ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي سوانح حيات ڪيئي ڪتاب ٻن جلدن تي ڇپجي پنهنجي رنگين مزاج ڳالهين جي ڪري زبردست داد حاصل ڪري چڪي آهي مطلب ته چئي سگهجي ٿو ته کيئل داس فاني سنڌي فلم جو به باني ڪار آهي ته پوءِ اوهان پاڻ ٻڌايو ته سنڌ ڌرتيءَ جي اهڙي لائق پٽ کي ڀيٽا ڏيڻ کپي يا نه.