Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON
-
آخوند محمد حسن
آخوند محمد حسن
آخوند محمد حسن ”مسڪين“: محمد حسن ”مسڪين“ ولد مولوي ڄام ولد -آخوند- محمد دائود سومرو 12 مئي 1904ع مطابق 1323 ھ تي، تعلقي خانپور (ضلعي شڪارپور) جي ڳوٺ ”حاجي خان ڪلھوڙي“ ۾ ڄائو. شروعاتي -تعليم- ۾ قرآن پاڪ ۽ عربي ۽ فارسيءَ جا ڪتاب پنھنجي والد وٽ پڙھيو. پوءِ سنڌي -تعليم- حاصل ڪرڻ لاءِ اٺن ميلن جي پنڌ تي، ڳوٺ ڪرم پور (ضلعو جيڪب آباد) ويندو ھو، جتان 1920ع ۾ امتيازي حيثيت سان فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. شڪارپور ٽريننگ ڪاليج مان ھڪ سال سکيا وٺڻ کان پوءِ -استاد- مقرر ٿيو. زندگيءَ جا 37 سال ملازمت ۾ رھي، 12 مئي 1959ع تي پينشن تي لٿو. پاڻ ھڪ پرائمري -استاد- ھو، سندس علمي وسعت عالمن کان گھٽ نه ھئي. شعر و شاعريءَ سان به سندس شغل رھيو. ”مسڪين“ تخلص سان ڪافي ڪلام چيل اٿس. نظم سان گڏ نثر ۾ به چڱو موکيائين. سندس ڇڏيل تصنيفن ۾، ”فقه“ ،”احاديث نبوي“ ۽ ”منتخب آيات ڪريمه جو -تفسير- ۽ شرح“ جا نالا ورتا وڃن ٿا. سندس وفات 72 سالن جي عمر ۾ 11 -آگسٽ- 1976ع/ 15 شعبان 1392ھ تي ٿي، سندس فرزند ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“سنڌي زبان جو سٺو شاعر، اديب ۽ -استاد- آھي. -
ڊاڪٽر حافظ عبدالوحيد انڍڙ صاحب
ڊاڪٽر حافظ عبدالوحيد انڍڙ صاحب
ڊاڪٽر حافظ عبدالوحيد انڍڙ صاحب
ڊاڪٽر صاحب هڪ علمي، روحاني خاندان سان وابسته آهي، ڪنهن شاعر جو شعر آهي:
ليس من الله بمستنـــڪر
ان يجمع العالم في واحـد
(الله تعالى کان هيء ڳالھ بعيد نه آهي ته سڄو جهان، هڪ ماڻهو ۾ کڻي گڏ ڪري)
حقيقت ۾ مولانا ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ صاحب، انهي عربي شعر جو مصداق آهن، جنهن ٿورڙي ئي عرصي ۾ انتظامي، علمي، نصابي توڙي ادبي ڪمن اندر پاڻ مڃايو آهي. خدمت خلق جو جيڪو جذبو مون منجهن ڏٺو، سو ورلي ڪنهن ۾ هوندو. عاجزي ۽ انڪساريء ۾ پاڻ شيخ سعديء جي هن فارسي بيت جو مصداق آهن:
تواضع ڪند هوشمندي گزيــن
نهد شاخ پر ميوه سر بر زمين
(عقل وارو ئي نوڙت اختيار ڪندو، ميون ڀريل ٽاري ئي ڌرتيء تي پنهنجو سيس نمائيندي آهي)
پاڻ 60 کان وڌيڪ ڪتابن جا مصنف آهن. سندس 100 کا وڌيڪ مقالا/آرٽيڪل ڇپجي چڪا آهن. سندس تصنيفن ۾:
- سکر ڏسڻي.
- مدرسه مظهر العلوم کڏھ، ڪراچي جون ديني ۽ سياسي خدمتون(سندس پي ايڇ ڊي ٿيسز)
- گنجينهء عرفان ترجمه سنڌي ملفوظات مالڪان.(حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارن جي فارسي ملفوظات جو سنڌي ترجمو)
- گهوٽڪي ضلعو، تاريخ ۽ ثقافت.
- سکر تاريخ وتمدن (اردو)
- تاريخ قبيله انڍڙ (اردو)
شامل آهن، ان کان علاوه ڪيترائي نصابي ڪتاب آهن، جن مان هزارين، بلڪه لکين شاگرد لاڀ پرائي رهيا آهن. جهڙوڪ:
- اخلاقيات (غير مسلمن لاءِ) سنڌي ۽ اردو، پهرئين ڪلاس کان اٺين تائين.
- ايم اي اسلامڪ ڪلچر ۽ اسلامڪ اسٽڊيز جا اردو ۽ سنڌي ۾ نصابي ڪتاب.
- ڪاليج جي ڊگري ڪلاسن لاءِ سنڌي،اردو ۽ انگريزيء ۾ نصابي ڪتاب.
- فرسٽ ايئر ۽ انٽر جي ڪلاسن لاءِ اردو ۽ سنڌي ۾ اسلامڪ ڪلچر جا نصابي ڪتاب.
تعليمي ۽ انتظامي شعبن جي حوالي سان جن عهدن تي ڊاڪٽر صاحب رهيو آهي، انهن جو وچور هن ريت آهي.
- پاڪ آرمي جي تعليمي شعبي ۾ بطور ايڊيوڪيشن آفيسر خدمتون سرانجام ڏنيون، مختلف ليول جي ڪلاسن ۾ پڙهايو ۽ پروگرام منعقد ڪيا. (1987 کان 2003 تائين)
- غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۾ بطور اسلامڪ اسٽڊيز جي وزيٽنگ فيڪلٽي ممبر خدمتون سرانجام ڏنيون. (2001 کان 2003)
- ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ سنڌ، حيدرآباد جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر. (2007 کان 2008)
- مختلف پبلڪ سيڪٽر ڪاليجن ۾ گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪلاسن ۾ بطور ريگولر توڙي وزيٽنگ ممبر مختلف تعليمي دورانين ۾ پڙهايو.
- علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي فاصلاتي تعليمي پروگرامن ۾ گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪلاسن جو 20 سالن کان وڌيڪ عرصو انچارج ۽ ٽيوٽر رهيو.
- پنج سال حڪومت پاڪستان جي زير نگراني ماڊل ديني مدرسه اسڪول اينڊ ڪاليج سکر جو پرنسپال رهيو. (2009 کان 2014)
- هن وقت گورنمينٽ ايليمنٽري ڪاليج آف ايڊيوڪيشن (ميل) سکر (ٽيچر ٽريننگ ڪاليج ) ۾ بطور پرنسپال ڪم ڪري رهيو آهي، هن ڪاليج ۾ ADE ۽ BE.d جي ڊگري جا پروگرام هلندا آهن. جيڪو شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور سان منسلڪ آهي. ان سان گڏوگڏ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي شعبه اسلاميات ۾ ايم ايس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جو وزيٽنگ پروفيسر آهي. سندس نگراني ۾ 20/25 شاگرد ايم فل جي ڊگري حاصل ڪري چڪا آهن.
- صوبائي تعليم کاتي جي واسطي سان وفاقي وزارت تعليم جي ماتحت ڪريڪيولم ڊرافٽنگ ڪميٽي ۾ بطور چيئرمين ۽ ڪميٽي ممبر ڪم ڪيائين.
- سنڌ سروس پبلڪ ڪميشن ۾ بطور عربي ۽ اسلاميات جي ماهر ڪم ڪيائين.
- افلئيشن ڪميٽي، ايف بي آئي ايس اي، اسلام آباد جو ممبر.
- شعبه عربي وفارسي، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور جو ممبر.
- شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ ڪميٽي فار ڪوالٽي انهاسنگ ڪميٽي فار اسيسمنٽ جو ممبر.
- منظور شده نگران براءِ رهنمائي، شعبه اسلاميات، ٿيسس ايوليوٽر (جائزه ڪار) شعبه اسلاميات يونيورسٽي آف ڪراچي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي.
- شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ اسلاميات/اخلاقيات جو پيپر سيٽر.
- بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر/حيدرآباد ۾ لاڳاپيل مضمونن جو پيپر سيٽر.
آخر ۾ ڌڻي در دعا آهي ته الله تعالى ڊاڪٽر صاحب کي اڃان به وڌيڪ عزتون عطا فرمائي. اللهم زد فزد.
-
ذوالفقار علي جلباڻي
ذوالفقار علي جلباڻي
{aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/ذوالفقار_علي_جلباڻي-converted.pdf{/aridoc}
-
نعت گو شاعر ياسين ڪنڀر
نعت گو شاعر ياسين ڪنڀر
ياسين ڪنڀر ولد شاھ محمد ڪنڀر پھرين آڪٽوبر 1979 ع بمطابق ٩ ذواقعد ١٣٩٩ ھجري بروز سومر ڳوٺ سلطانپور تعلقو پنوعاقل ضلع سکر ۾ ڄايو۔
ناظره قرآن پاڪ مولوي احمد علي ناپر(وفات ڊسمبر 2019) وٽ پڙھيو۔پرائمري تعليم GPS سلطانپور ۾ ۽ ميٽرڪ اي ون گريڊ ۾ GBHS سلطانپور مان 1997ع ۾ ڪئي۔يارھون ٻارھون درجو GBHSS پنوعاقل ۾ 1999ع ۽ بي اي جي تعليم ڊگري ڪايج پنوعاقل مان سال 2002 ع ۾ حاصل ڪئي۔ايم اي سنڌي (first Division)۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2004ع ۾ ڪئي۔2005ع ۾ ايجوڪيشن ڪاليج سکر کان بي ايڊ جي ڊگري ورتي۔پھرين 1999ع کان 2001 ع تائين آرمي پبلڪ اسڪول پنوعاقل ۾ رياضي جو ٽيچر رھيو .نومبر 2001ع کان سنڌ گورنمينٽ ۾ پرائمري استاد ٿيو ۔2015ع ۾ جي ايس ٽي مقرر ٿيو۔شاعري جي شروعات اٺين ڪلاس کان ڪيائين پھريون شعر”مالڪ ته دوجھان جو رب ذوالجلال آھي“ ”جاڳو“ اخبار ۾ 1998ع ۾ ڇپيو ۽ ساڳي سال پي ٽي وي تان به نشر ٿيو۔سندس شاعري الحاج امدادالله ڦلپوٽو پنھنجي ڪيسٽ واليم نمبر 73۾ رليز ۽ رڪارڊ ڪئي۔شاعري ۾ استاد سيد رفيق احمد شاھ امروٽي اٿس۔ياسين ڪنڀر جا نعتيه شاعري جا 8 ڪتاب شايع ٿيل آھن۔جن مان سندس ٻن مجموعن ”سرھاڻ“ ۽ ”جانان جان“ تي ٻه دفعا صدارتي ايوارڊ سال 2017 ۽ 2019 ع ۾ ملي چڪا اٿس۔ياسين ڪنڀر جي سڃاڻپ ھڪ نعتيه شاعر طور آھي۔سندس شاعري مھراڻ، عبرت ميگزين، ڪاوش ،ھزار داستان، نئين زندگي، سرتيون ،عزم ،ادا سائين،امرتا،سنگت مخزن، وغيره ۾ شايع ٿيندي رھي ٿي۔ياسين ڪنڀر 2002 ع ۾ پنھنجي چاچي مستري حاجي غوث بخش ڪنڀر جي نياڻي سان شادي ڪئي۔ کيس ھڪ پٽ محمد اسامه ۽ چار نياڻيون آھن۔ -
محمد مٺل جسڪاڻي / مٺل جسڪاڻي
محمد مٺل جسڪاڻي / مٺل جسڪاڻي
نالو: محمد مٺل جسڪاڻي / مٺل جسڪاڻي
والد جو نالو: محمد عمر جسڪاڻي
ڄمڻ جو هنڌ: ڳوٺ ٽئونر خان جسڪاڻي، ديهه پساهڪي، لڳ ٽنڊوڄام، تعلقه ۽ ضلعه حيدرآباد
ڄمڻ جي تاريخ: 15 جنوري 1961ع
تعليم:
پرائمري: 1971ع، گورنمينٽ پرائمري اسڪول، زرعي ڪالوني ٽنڊوڄام
مئٽرڪ: سائنس، 1976ع، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٽنڊوڄام فارم
بي. ايس. سي. ايگريڪلچر آنرس (ٻوٽن جي بيمارين جو شعبو)، 1981ع، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
ايم. ايس. سي. ايگريڪلچر آنرس (ٻوٽن جي بيمارين جو شعبو)، 1987ع، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام (ٿيسز جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ پهريون دفعو کنڀين جي هٿرادو پوک متعارف ڪرائي)
تربيت / ٽريننگس
30 مختلف علمي ۽ عملي تربيتي ڪورس ڪيا ۽ 100 کان وڌيڪ مختلف علمي ۽ عملي تربيتي ڪورسن ۾ تربيتڪار / سهوليتڪار طور ذميواريون نڀايون
ملازمت:
ريسرچ آفيسر (1984 کان 1988ع)، کنڀين جو تحقيقي پروجيڪٽ، ٻوٽن جي بيمارين جو شعبو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
اسسٽنٽ پلانٽ پيٿالوجسٽ (1989 کان 1994ع)، سنڌ هارٽيڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ، ميرپورخاص
اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر (1994 کان 1996ع)، پلانٽ پيٿالوجي سيڪشن، اي. آر. آءِ. ٽنڊوڄام
اسسٽنٽ پروفيسر (1996ع کان هلندڙ)، ٻوٽن جي بيمارين جو شعبو، فصلن جي بچاءُ واري فيڪلٽي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
ڇپيل مواد:
لڳ ڀڳ 100 مختلف زرعي تحقيقي مقالا، Peer Reviewed Research Journals ۾
اٽڪل ٻه درجن مختلف ڪتاب ۽ ڪتابچا، جن مان سفر بخير ۽ زرعي سونهون کي تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي ۽ ٻنهي تي انجمن ترقي پسند سنڌ چيپٽر پاران سال جو بهترين ڪتاب جو ايوارڊ به مليو
هزارن جي تعداد ۾ مختلف سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون، مقالا ۽ تحقيقي رپورٽس ڇپيل آهن.
ادب جي حوالي سان
مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مختلف علمي، ادبي، سماجي پهلوئن تي لکندو رهڻ سان گڏوگڏ شاعر به، ڪهاڻيڪار به، ڪتابن تي تبصرا به لکي، شخصيتن تي خاڪا به، ڪيترين ئي نامور شخصيتن جا پروفائيل انٽرويو به ڪيا، جيڪي پڻ وقت به وقٽ شايع ٿيندا رهيا آهن. -
ڪامريڊ عبدالقادرانڍڙ
ڪامريڊ عبدالقادرانڍڙ
ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ 1924ع ۾ پيدا ٿيو، مدرسي ۽ پرائمري کانپوءِ انگريزي فوج ۾ ۽ پوءِ وري رينجرز ۽ پوليس ۾ سپاهي ڀرتي ٿيو . انقلابي طبيعت واري ماڻهوءَ کي ڪيئن ٿيون آهي چاڪريون سونهن، پوء سڌو وڃي حيدر بخش جتوئي جو 1960ع ۾ حبدار ٿيو.
1970 ع ۾ نعپ جو وڏو جلسو ڪرائي گهڻن کي حيران ڪيائين، انا وقت ڪامريڊ نيشنل عوامي پارٽي ضلع سکر جو صدر هو، جلسي ۾ ولي خان، حبيب جالب، مير غوث بخش بزنجو، ميرسڪندر خليل شامل ٿيا. ڪامريڊ
گهڻو ڪري مليشيا جا ڪپڙا، ڪاري قراقلی ٽوپي پهريندو هو. چاپئين ڏاڙهي، قدآور مڙس، ڪاوڙ ڪونه ڪندو هو.
سندس دوستن ۾ مانڌل شر، نورالله ملڪ، عاشق سومرو، سرور سيف ھوندا ھئا.
ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ ڪسمپرسي جي حالت ۾30 سيپٽمبر 1978ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. رب پاڪ سندس مغفرت ڪري. -
نور احمد ميمڻ
نور احمد ميمڻ
سنڌ جو ناميارو ليکڪ، اديب، مترجم ۽ لطيفيات جو ماهر نور احمد ميمڻ، پهرين جنوري 1958ع تي پريالوءِ ضلع خيرپور ميرس ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو خير محمد ميمڻ آهي. بنيادي تعليم پريالوءِ ۽ خيرپور ميرس مان حاصل ڪيائين. جنهن بعد ايم اي سنڌي ۽ ايم اي انٽرنيشنل رليشن ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ڪيائين. 1981ع ۾ سنڌ سماءَ کاتي ۾ انفارميشن آفيسر طور عملي زندگي جي شروعات ڪيائين. 1985ع کان 1987ع تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ پبليڪيشن آفيسر جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيائين. جنهن دؤران سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ لطيفيات تي ڪيترائي اهم ڪتاب شايع ڪرايائين. سنڌي سماج جي سياسي، علمي ۽ شعوري ساڃاهه پکيڙڻ لاءِ قومي ورڪر ۽ تربيتي استاد جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي، ۽ ساڳئي عزم ۽ ارادي سان 1991ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو بنياد وڌائين. جنهن هن وقت تائين 500 کان مٿي ڪتاب شايع ڪيا آهن. جن مان هزارين نوجوان فائدو حاصل ڪري پنهنجن منزلن تي رسيا آهن. سنڌيڪا اڪيڊمي سنڌ جي علمي، فڪري ۽ تربيتي شعور جي لاءِ اڪيڊمڪ ۽ تحقيقي نت نون موضوعن تي اڻ ڳڻيا ڪتاب ڇپيا آهن ۽ سنڌ جي نئين فڪري ڌارا ۾ ان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. تعليم ۽ ڄاڻ واسطي انگريزي سنڌي ڊڪشنريون، سنڌي لغت، قرآن مجيد جا ترجما ۽ تفسير، فلسفي، فڪر، سيلف هيلپ، تصوف ۽ تعليمي تربيتي مهارتن توڙي ٻارن جي ادب ۽ نصاب جا پڻ شاهڪار ڪتاب شايع ڪري سنڌ جي علمي ۽ شعوري ترقيءَ ۾ پاڻ موکيو آهي. نور احمد ميمڻ جو شاگرديءَ جي زماني کان وٺي هڪ طرف سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ سرگرم ۽ فعال ڪردار رهيو آهي ۽ ٻئي طرف مولانا عبيدالله سنڌي کان متاثر ٿي اسلامي روشن فڪريءَ لاءِ به اشاعت ۽ پرچار جو وڏو ڪم ڪيو اٿائين. 2012ع ۾ ٻٽي مڪاني نظام جي خلاف سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ قلمڪارن جي تنظيم سنڌ رائٽرس ۽ ٿنڪرس فورم جي اڳواڻي ڪندي ٻٽي مڪاني نظام ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن جي حل لاءِ تحريڪ جي اڳواڻي ڪيائين. سندس 25 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، ان کان علاوه سندس 100 کان مٿي تحقيقي مضمون، مقالا ۽ ڪالم سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. سندس جي شايع ٿيل ڪتابن جا نالا هيءُ آهن:
(1) شاهه لطيف وٽ عشق جا ڏهه اصول (2) ماڻهوءَ جو اصل امتحان (3) اي سنڌ جا سنڌيو! اوهان ڏانهن (4) قرآن جو پيغام (5) اسماءُ الحسنيٰ جو انساني زندگيءَ تي اثر
(6) خواتین اسلامی انسائیکلوپیڈیا (اردو) (7) ٻارن جو ڀٽائي(8) وتايو فقير ۽ خيرات جي ماني
(9) احسان جو بدلو (10) ڪانءَ جا مٽ مائٽ (11) قدرت جا نظارا ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوه هيٺيان ڪتاب سندس سهيڙيل/ترتيب ڏنل آهن:
(12) فڪري تحريرون (13) قديم سنڌ جي تاريخ (14) جيئن جيئن پرين پسن
(15) انساني ڀلاين جو ديني شعور (16) مولانا عبيدالله سنڌي (انقلابي شخصيت ۽ انقلابي ڪارناما) (17) ايئن چيو محمدﷺ(18) قرآني الاهيات (19) شاعريءَ جو سجدو
(20) ڪالاباغ ڊيم (21) مشهور پيغمبر ۽ سڌارڪ (22) مشهور عالم ۽ مفڪر (23) مشهور قومي اڳواڻ (24) مشهور فاتح ۽ سورما (25) مشهور حڪمران (26) مشهور سنڌي سپوت (27) تو سنڌ کپائي زرداري (28) اسلام میں زمین کی ذاتی ملکیت کا کوئی وجود نہیں (29) علوم القرآن (اردو) ۽ ٻيا شامل آهن.
هن وقت به ڪراچيءَ ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سربراهه جي حيثيت سان، سنڌ جي علمي شعور جي اضافي لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکيو پيو اچي. -
ڊاڪٽر عبدالقدير افغان
ڊاڪٽر عبدالقدير افغان
ڊاڪٽر عبدالقدير افغان ولد قادر داد خان افغان 22/7/1928 تي ڳوٺ قاضي ضلعو شڪارپور ۾ هڪ تعليمي خاندان ۾ پيدا ٿيو ، سندس والد قادر داد خان برطانوي حڪومت ۾ تعليم جي کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. شروعاتي طور اي ڪي ڪي افغان ۽ سندس وڏو ڀاءُ گل محمد خان افغان پنھنجي ابتدائي تعليم پنھنجي والد جي سخت نگراني ھيٺ حاصل ڪري استاد جي حيثيت سان ، اھي اسٽريٽ لائيٽ تحت پڙھيا ۽ 1945 ۾ ميٽرڪ ۽ 1947 ۾ انٽر شڪارپور مان ، C & S ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي. 1951 ۾ سول انجنيئرنگ (BE سول) NED ڪراچي مان ڪئي، ٻنهي ڀائرن اسڪالرشپس جي تعت تعليم حاصل ڪئي . گل محمد خان افغان پنهنجي ٻن ڀائرن جي سنڀال ڪرڻ لاءِ بيٺو رهيو جڏهن ته اي ڪي آر افغان Soil Mechanics ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ برطانيا ويو. هن 1957 ۾ لنڊن يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي حاصل ڪئي. هو پهريون پاڪستاني سنڌي هو جنهن Soil Mechanics جي ميدان ۾ اعليٰ ڊگري حاصل ڪئي.
پي ايڇ ڊي ڪرڻ بعد ، ڊاڪٽر افغان
1962 ع تائين لنڊن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ، پوءِ عراق جي گورنمينٽ جي خدمت ڪئي: 1965 تائين انهن جو انجنيئرنگ ايڊوائيزر هو. جڏهن حسن علي عبدالرحمان سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو. هن ڊاڪٽر آغا جي والد جو دورو ڪيو ۽ کيس ڊاڪٽر افغان کان درخواست ڪئي ته هو واپس اچي ۽ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو ۾ شامل ٿئي ، ڇاڪاڻ ته هن جي خيال ۾ ڊاڪٽر افغان کان انجنيئرنگ ڪاليج کي سنڀالڻ لاءِ ڪوبه مناسب ماڻهو نه هو. انهن ڏينهن دوران مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج جو الحاق ٿيل ڪاليج هو. ڊاڪٽر افغان پنهنجي والد جي هدايتن تي غور ڪيو ۽ 1965 ۾ سنڌ يونيورسٽي انجمن ۾ شامل ٿيو، ڪاليج ڄامشورو ، ابتدائي طور تي ڪاليج جو پروفيسر ۽ وائيس پرنسپل ۽ بعد ۾ 1972 تائين پرنسپل رهيو. ڊاڪٽر افغان ، جيڪو هميشه غريب سنڌي عوام جي مدد لاءِ پرعزم هو. ون يونٽ جي دور ۾ ، پاڪستاني اسٽيبلشمنٽ جي وڌندڙ سلوڪ سنڌ کي هر لحاظ کان غريب ۾ لاٿو ، بنيادي حق معطل ڪيا ويا ، سنڌي ٻولي کي ماءُ جي حيثيت سان سمجهايو ويو ، سنڌي ٻولي کي مارڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وئي ، سنڌ بابت ڳالهائڻ جرم وانگر هو هن دور ۾. ڊاڪٽر افغان غريب سنڌي ماڻهن جي فني تعليم جي حقن لاءِ موقف اختيار ڪيو. انجنيئرنگ ، طبي ۽ ٻيا پيشه ۽ ادارا تقريباً ڪراچي (شهري علائقن) ۾ هئا يا سنڌ کان ٻاهر ، سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن جا ماڻهو انجينئرنگ ۽ طبي ادارن ۾ داخلائن ۾ مڪمل طور نظرانداز ٿي رهيا هئا. سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج پهريون ادارو قائم ڪيو ويو جيڪو شهري علائقي (ڪراچي) کان ٻاهر هو ، تنهنڪري سنڌ مان ڳوٺاڻن علائقن جي اڪثريت شاگردن کي هن اداري ۾ داخلا ضرور وٺڻ گهرجي ها. ڊاڪٽر افغان محسوس ڪيو ته سنڌي هندن جون صلاحيتون ، جيڪي گهڻو ڪري ڳوٺاڻن علائقن ۾ آهن ، اهي حڪومتي پاليسين جي خلاف ھيون ۽ نوجوان ضايع ٿي رهيان آهن. ڇاڪاڻ ته ڳوٺاڻان سنڌ وارن علائقن ۾ تعليمي سهولتون شهري علائقن جي نسبت سان مطابقت نه هئڻ سبب شهري علائقي جي شاگردن کي اوپن ميرٽ جي نظام ۾ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا جا موقعا وڌيڪ ملي رهيا هئا. ڊاڪٽر آغا جا مقصد غريب سنڌي ماڻهن جي مدد ڪرڻ هئا. حالتن هيٺ ڊاڪٽر افغان انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ڪوٽا سسٽم متعارف ڪرايو ، انهي ڪري ته ڳوٺاڻن علائقن کي ڪجهه اعزازي سهولت ڏني وڃي ، جنهن سبب غريب هارين جا پٽ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ ڳوٺاڻن علائقن مان 70 سيڪڙو شاگرد ڪامياب ٿي سگهندا هئا. ڊاڪٽر افغان پاران متعارف ڪرايل ڪوٽا سسٽم تحت انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا وٺو. سنڌي انجنيئرن جو تعداد جيڪي موجوده مارڪيٽ ۾ موجود آهن ان جي بنيادي طور تي ان ڪوٽا سسٽم جو سبب آهي. پاڪستاني اسٽيبلشمنٽ ان عمل کان ناراض ٿي وئي ۽ وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان کي فوري طور تي ان عهدي تان هٽايو ويو ، ڇاڪاڻ ته هو ڊاڪٽر افغان جي ڪوٽا سسٽم جي منصوبن ۽ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ان جي لاڳو ٿيڻ جي مڪمل حمايت ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر افغان ڏاڍو محنتي، بااخلاق ماڻهو ۽ اصولن جو ماڻهو هو ، جنهن قيام جي پرواهه نه ڪئي. چونڊيل قابل پروفيسرن / استادن کي سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ مقرر ڪيو ويو ، ۽ ڪاليج جي تعليمي معيار کي اعلى سطح تي آندو ويو. هو سڌو سنئون شاگردن سان رابطي ۾ هو. هو پاڻ ڪاليج ۾ مختلف مضمون پڙهائي رهيو هو ، ٻڌايو وڃي ٿو ته هن جي تعليم جو طريقو روايتي طريقن کان بلڪل مختلف ۽ ايترو اثرائتو هو جو 100 سيڪڙو نتيجا حاصل ڪيا ويا ۽ پهرين ڪلاس جا معيار وارا انجنيئر تيار ڪيا ويا. اهو رڪارڊ تي آهي ته پاڪستان يونيورسٽي جي انجينئرنگ ڪاليج جي مقابلي ۾ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج جي گريجوئيٽس کي ترجيح ڏني پئي وڃي. انهن ڏينهن دوران مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج جو الحاق ڪاليج هو ، جنهن کي ڊاڪٽر افغان جي ذاتي ڪوششن سان مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ اپڊيٽ ڪيو ويو. مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي بي اي ڊگري ڊگري U.S S. ۾ شامل آهي ، ان جو سڀ ڪجهه ڊاڪٽر افغان جي دانشمندانه قدمن جي ڪري آهي ، ۽ سنڌي ماڻهو ڊاڪٽر افغان طرفان پوکيل وڻن جا ميوا کائي رهيان آهن. جتان جو پاڪستاني اسٽيبلشمنٽ ڊاڪٽر افغان سان ناخوش هئي ، تنهن ڪري هن کي انهن ڪارڪنن لاءِ غلط الزام ڏنا ويا جن ۾ ڪڏهن به ارتقا ناهي ٿيو ، ڊاڪٽر افغان کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو ، الزام بلڪل ثابت نه ٿيا ، ۽ بعد ۾ آزاد ڪيو ويو. اسٽيبلشمينٽ هن کي هر گهڙي لاءِ مصيبت پيدا ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ، حتيٰ ته هن جي تنخواه وڌيڪ 36 مهينن لاءِ روڪي وئي. اهو سڀ ان ڪري ڪيو ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر افغان هڪ سنڌي قوم پرست هو ۽ هميشه غريب سنڌي ماڻهن لاءِ آواز بلند ڪندو هو ، سنڌ جي ماڻهن کي جديد سکيا ۽ ٽيڪنالاجي تعليم جي شعور ۽ منصوبه بندي ڪندو هو. هو سياستدان نه هو ، هو صرف غريب ماڻهن جي همت سان هڪ سادو ۽ پرعزم ماڻهو هو. هن ون يونٽ ۽ ان جي ٽٽڻ خلاف هڪ وڏي رول ادا ڪئي. هو ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت دوران اسلام آباد ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ، ان کان پوءِ 1982 تائين گورنمينٽ: پاڪستان ۾ مختلف عهدن تي رهيو ، جتان 1982 ۾ وقت کان اڳ رٽائر ٿيو .09-04-1991 کي وفات ڪري ويو ۽ اسلام آباد ۾ آرام ڪرڻ ڏنو ويو. -
طارق اشرف
طارق اشرف
سهڻي وارو سائين
طارق اشرف
ليکڪ: يوسف سنڌي
طارق اشرفطارق اشرف جو نالو وٺڻ سان ذهن تي هڪدم سنڌي ڪهاڻي ۽ ”سهڻي“ رسالي جو نالو تري ٿو اچي. طارق اشرف نه رڳو ڪهاڻي جي گهربل ٽيڪنڪ جي حوالي سان سٺو ڄاڻو هو، پر سنڌي رسالن جي مکيھ ۽ باقاعده جنهن کي ”ايڊيٽر“ چئجي، انهن مان هڪ هو.
سوانح
سيد اشرف علي ولد سيد لطف علي شاهه 5 جولاءِ 1940ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. اڳتي هلي پاڻ ”طارق اشرف“ جي نالي سان مشهور ٿيو. شروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ ئي حاصل ڪيائين، سندس تعليم ايم-اي تائين هئي.
طارق اشرف کي ادبي ذوق ننڍي هوندي کان ئي هو. جڏهن به خرچي ملندي هيس ته هو هيراآباد جي بوڪ ڊپو تان ڪتاب وڃي وٺندو هو. ان وقت ٻارن جي ڪتابن جي پويان ٻارن ۾ ذوق پيدا ڪرڻ جي لاءِ پروليون وغيره ڏنيون وينديو هيون. پوءِ جڏهن ورهاڱو ٿيو ۽ لڏپلاڻ ٿي ته حيدرآباد جي ڇوٽڪي گهٽي ۾ لڏي وڃڻ وارا هندو سامان رکي وڪڻندا هئا. انهن ۾ ڪتاب به شامل هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته اهي سامان ۾ سڀني کان سستا هوندا هئا، تنهن ڪري طارق اشرف پنهنجي جيب خرچي مان گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب ورتا. انهن ۾ نٽ همسن جو ناول ”بُک“ (Hunger) به شامل هو. انهيءَ وقت جيترو به بينگالي ادب، بينگال ۾ سرجيو هو، اهو گهڻو ڪري سنڌي ۾ ترجمو ٿيو هو. طارق اشرف ننڍي عمر ۾ ئي ٽئگور، شرت چندر بئنرجي ۽ ٻين جا اڪثر ڪتاب جيڪي سنڌي ۾ ترجمو ٿيا هئا، سي پڙهي ڇڏيا، انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي طارق اشرف لکيو:
”مون ننڍڙي عمر ۾ ايترو سٺو ادب پڙهي ڇڏيو هو، جو انهيءَ کان پوءِ جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي رسالا نڪتا ته اهي منهنجي معيار کان گهڻو گهٽ هئا، تنهن ڪري مون اردو ادب پڙهڻ شروع ڪيو. پهرين اسلامي تاريخي ناول، پوءِ انهن مان بيزار ٿي منشي پريم چند، ڪرشنچندر، منٽو، عصمت چغتائي، رام لعل، ڪنهيا لال ڪپور ۽ ٻين کي پڙهيم.“
انهيءَ کان پوءِ طارق اشرف جو رجحان اردو ادب ڏانهن ٿي ويو. پاڻ پهرين سنڌي ڪهاڻي 59-1958ع ۾ جمال ابڙي جي ”بدمعاش“ پڙهيائين. اها کيس ايتري ته وڻي جو پوءِ ڳولهي ڳولهي جمال ابڙي جي ڪهاڻين کي پڙهيائين، پوءِ جڏهن طارق اشرف ڇپائي جوڪم شروع ڪيو ته پاڻ جمال ابڙي جي ڪهاڻي جي مجموعي ”پشو پاشا“ جو ڇاپو ”بدمعاش“ جي نالي سان ئي ڇپيائين ۽ طارق اشرف جي لفظن ۾ ته ’اهو ڇاپو هڪ ئي ڏينهن ۾ فقط حيدرآباد ۾ کپي ويو‘. ڪنهن سنڌي ڪتاب جو ايترو تيز وڪرو اڄ تائين نه ٿيو آهي، جيترو ”بدمعاش“ جو ٿيو.
جمال ابڙي جي ڪهاڻين سان گڏ طارق اشرف کي ان وقت جن ٻين ڪهاڻين متاثر ڪيو، انهن ۾ بشير مورياڻي جي ڪهاڻي ”چُهڙي“ ۽ رشيد ڀٽيءَ جي ڪهاڻي ”بُڻ“ کيس گهڻيون وڻيون. ”چُهڙي“ جو ته پوءِ پاڻ اردو ۾ ترجمو پڻ ڪيائين.
طارق اشرف جي پهرين ڪهاڻي ”دري“ عبرت مخزن ۾ 1960ع ۾ ڇپي، تڏهن عبرت مخزن جو ايڊيٽر ”پروانو ڀٽي“ هوندو هو، پر طارق اشرف جي صحيح معنى ۾ ادبي ميدان ۾ واقفيت شمشيرالحيدري، ٽماهي ”مهراڻ“ جي وسيلي ڪرائي، جيڪو انهن ڏينهن ”مهراڻ“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽرهو.
1960ع م طارق اشرف پنهنجي دوست غلام نبي مغل سان گڏجي هڪ اشاعتي ادارو ”اداره ادب نو“ قائم ڪيو، جنهن هڪٻئي پٺيان ٽي ڪتاب شايع ڪيا. ”پهريون قدم“، ”ٻيو قدم“، انهن مان پهرينءَ ۾ مختلف ليکڪن جا شعر ۽ ڪهاڻيون ۽ ٻي ۾ فقط ڪهاڻيون هيون. اداري جو ٽيون ڪتاب ”شمشيرالحيدري“ جي شاعري جو ڳٽڪو ”لاٽ“ هو.
جون 1964ع ۾ ”اداره نو ادب“ ٻه ڪتاب، طارق اشرف جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”سونهن، پٿر ۽ پيار“ ۽ غلام نبي مغل جو ڪتاب ”نئون شهر“، ٻٽو ڪتاب ڪري ڇپايو. ”ٻٽو ڪتاب“ سنڌي ۾ پهريون تجربو هو. هن ڪتاب کي ٻنهي پاسي ٽائيٽل هئا. هڪ پاسي ”سونهن پٿر ۽ پيار“ ۽ ٻي پاسي ”نئون شهر“.
طارق اشرف جو ٻيو ڪهاڻي ڪتاب ”زندگيءَ جو تنها مسافر“ 1978ع ۾، ۽ ٽيون ڪهاڻي ڪتاب ”درد جا ڏينهن، درد جون راتيون“ 1982ع ۾ ڇپيو. 1992ع ۾ طارق اشرف جي ٽنهي ڪتابن ۽ وڌيڪ لکيل ڪهاڻين کي هڪ ئي مجموعي ”بند اکين ۾ ڪجهه سپنا، ڪجهه يادون“ ۾ ڇپيو ويو. جنهن ۾ سندس سڀئي ڪهاڻيون شامل آهن، جن جو تعداد 42 آهي. ڪتاب جو پيش لفظ ماهتاب محبوب لکيو آهي.سهڻي جو اجراءَ
”اداره نو ادب“ پاران ڪجهه ڪتاب ڇپرائڻ کان پوءِ دوستن جي صلاح ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن سُٺي رسالي جي نه هئڻ کي محسوس ڪري، ”طارق اشرف“ ماهوار ’سهڻي‘ جو اجراءُ ڪيو ۽ اها مخزن پاڻ لڳاتار نوَ سال ڪڍيائين. پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي گورنمينٽ ۾ جڏهن غلام مصطفى جتوئي سنڌ جو وڏو وزير هو ته هن سنڌي ٻولي جي اسي ڪتابن ۽ رسالن تي پابندي هڻي ڇڏي. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت بظاهر ته جمهوري حڪومت هئي، پر انهيءَ ۾ اظهار جي آزادي ڪانه هئي. جنهن جو ذڪر ڪندي طارق اشرف سهڻي پبليڪيشن جي ڪتاب سهيوڳي ادب (جنوري 1978ع) جي ايڊيٽوريل ۾ لکي ٿو:
”هيءَ فوجي حڪومت آهي، پر ڀٽي جي عوامي حڪومت کان ڪنهن حد تائين لکڻ جي لاءِ آزادي آهي. ڀٽي جي عوامي حڪومت ۾ سنڌي پريسن، اسي ڪتابن ۽ سڀني برک رسالن تي پاپندي وڌي ويئي هئي ۽ ڪيترائي اديب سالن جا سال جيلن ۾ پي سڙيا.“
طارق اشرف جي انهن مٿين لفظن جو اهو مطلب ڪونهي ته ڪو اها (جنرل ضياءُالحق) جي فوجي حڪومت بهتر هئي، اها فوجي حڪومت ته پاڪستان جي تاريخ جي بدترين حڪومت هئي. فوجي حڪومت جو مٿيون قدم هڪ وقتي قدم هو. تنهن کان پوءِ يارهن سالن جو اهو آمريتي دور هر لحاظ کان سنڌ توڙي، ملڪ لاءِ خراب ثابت ٿيو.سهڻي جا شخصيت نمبر
”سهڻي“ رسالو نوَ سال هليو. انهيءَ رسالي جتي ڪيتريون ئي نيون روايتون قائم ڪيون، اتي سنڌي ۾ پهريون ڀيرو ”شخصيت نمبر“ پڻ ڪڍيا. سهڻي جي انهيءَ پهرين دور ۾ طارق اشرف ٻه شخصيت نمبر ”امر جليل نمبر“ ۽ ”نسيم کرل نمبر“ ڪڍيا. جنهن جو ذڪر ڪندي طارق اشرف لکيو:
”مان چاهيندو آهيان ته ليکڪ جي عظمت جو اقرار سندس زندگيءَ ۾ ئي ڪجي. کيس مانُ،مرتبو، عزت، سندس زندگي ۾ ئي ڏجي. مون انهي تي ڪجهه عمل به ڪيو آهي. امر جليل ۽ نسيم کرل جا نمبر سندس زندگي ۾ ئي ڪڍيم.“
سهڻي جا هي ٻئي نمبر ”امر جليل ۽ نسيم کرل“ جي شخصيت ۽ فن جو مڪمل احاطو ڪن ٿا. بيشڪ طارق اشرف ۽ سهڻي جو اهو وڏو ڪارنامو هو.سهڻي جو ٻيو دور
ٻئي دور ۾ سهڻي جو پهريون پرچو مارچ 1989ع ۾ نڪتو ۽ اهو دور طارق اشرف جي وفات 14 اپريل 1992ع تائين قائم رهيو. انهيءَ دور ۾ به طارق اشرف ”سهڻي“ جي اڳين روايت کي برقرار رکيو ۽ شيخ اياز تي ٻه شاندار ۽ ضخيم نمبر مارچ 1990ع ۾ ۽ ٻيو مارچ 1991ع ۾ ڪڍيو. اهي ٻيئي پرچا شيخ اياز جي شاعري ۽ شخصيت جي ڪيترن ئي پهلوئن تي روشني وجهن ٿا. جيئن طارق اشرف، شيخ اياز نمبر ۾ لکيو:
”اياز اها ڳالهه پسند ڪري يا نه ڪري، پر منهنجي اها خواهش هئي ته اياز جي فن ۽ شخصيت تي هر پهلوءَ تي لکڻ گهرجي. بهرحال، مون شيخ اياز تي ”سهڻي“ جي پاران ٻه نمبر ڪڍي، سندس عظمت جو اعتراف،سندس زندگيءَ ۾ ئي ڪيو آهي. پر اياز جهڙي ليکڪ تي سوين نمبر نڪرن ته به گهٽ ٿيندا.“
سهڻي جو ڪردار
سهڻي جا ٻيئي دور، سنڌي ادب جي حوالي سان اهميت وارا آهن، سهڻي ڪئين نوان ليکڪ پيدا ڪيا. جن اڳتي هلي وڏو نالو ڪڍيو. سهڻي هڪ رسالو ڪونه هو، سهڻي هڪ تحريڪ هئي، هڪ تحرڪ هو، سهڻي هڪ ڇاڻي هئي، جيڪا سٺا اديب ڇاڻي، سنڌي ٻوليءَ جي هنج ۾ وجهندي هئي. -
حبيب الله ناريجو
حبيب الله ناريجو
ناليوارو اڳوڻو شاگرد اڳواڻ حبيب الله ولد ميان محمد ابراهيم ناريجو، 2 ڊسمبر 1950ع تي نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ مذهبي ۽ سياسي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان (1963ع): بي. اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1968ع ۾ پاس ڪيائين، جتي هو 1967ع ۾ شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. ان کانپوءِ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو، پر سياسي سرگرمين سبب کيس ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو، پوءِ حيدرآباد لا ڪاليج مان 1987ع ۾ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيائين. پنهنجي دؤر جو هاڪاري شاگرد اڳواڻ رهيو. اسڪول ۽ ڪاليج جي زماني جو سٺو مقرر رهيو. سندس ابتدا کان وٺي سياسي لاڙو مسلم ليگ طرف هو. 1968ع ڌاري تنظيم ۾ ٻه گروپ ٿيا. سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي هڪ ڌڙي جو صدر رهيو. 1970ع جي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي قائد ذوالفقار علي ڀٽي جي مخالفت ڪرڻ سبب مسلم ليگ جي قيادت کيس مسلم ليگ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جو ٻيهر صدر مقرر ڪيو. هن چونڊن دوران بيگم نصرت ڀٽو جي گاڏيءَ تي پٿراءُ ڪيو، کيس هڪ ڪيس ۾ ڇهه مهينا ٽيپ ۽ ڏهن ڦٽڪن جي سزا ڏني وئي. ٻيو دفعو 1972ع جي آخر ۾ هڪ مهيني لاءِ گرفتار رهيو. 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جي صدارت جي عهدي تي بيٺو ۽ هارايائين. 28 اپريل 1973ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وفاقي وزير قانون عبدالحفيظ پيرزادي کي قانون جي اعزازي ڊگري ڏيڻ واري تقريب ۾ حفيظ پيرزادي کي ڪن شاگردن ڌڪ هنيو، ان واقعي جو ڪيس مٿس داخل ڪري ڊسمبر 1973ع تي کيس گرفتار ڪري سکر جيل موڪليو ويو. سال بعد آزاد ٿيڻ کانپوءِ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو. 1974ع ۾ ٻيهر گرفتار ٿيو. جيل دوران 17 جنوري 1977ع تي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو. هن عهدي تي 2 دفعا چونڊيو. هي لساني فسادن دوران ڇهن مهينن لاءِ سکر جيل ۾ قيد رهيو. 1981ع تائين مختلف وقتن تي جيلن ۾ بند رهيو. چوڌري ظهور الاهيءَ جي ورسيءَ ۾ شرڪت سبب جساف مان خارج ٿيو. اڳتي هلي ٻيهر جيئي سنڌ تحريڪ جو ميمبر ٿيو ۽ حميده کهڙو جي حمايتي لڏي ۾ شامل ٿيو. 1990ع وارن چونڊن ۾ حميده کهڙي جي قيادت ۾ پيپلز پارٽيءَ خلاف ورڪ ڪيائين ۽ جيئي سنڌ کي ڇڏي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. 1990ع جي چونڊن ۾ لاڙڪاڻي مان قومي اسيمبليءَ ۽ خيرپور مان صوبائي اسيمبليءَ جو فارم ڀريائين، پر کيس شڪست ملي. 1980ع ۾ شادي ڪيائين. هن شاگرد اڳواڻ کي ڪن نامعلوم ماڻهن حيدرآباد جي ريشم گليءَ ۾ گوليون هڻي 7 اپريل 1992ع تي قتل ڪري ڇڏيو. سندس آخري آرامگاهه اباڻي ڳوٺ نئين ديري جي قبرستان ۾ آهي.