Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • حبيب ساجد ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    حبيب ساجد ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    حبيب ساجد  ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.44.19 PM1حبيب ساجد: مختصر تعارف ۽ ويچار

    حبيب ساجد جا ٿورا نہ ٿورا، جنھن ٿوري وقت ۾ سندس تعارف ۽ من اندر جي منشا موڪلي. اميد تہ پڙھندڙن کي ھي ونڊ بہ وڻندي.

    سوال ۽ انھن جا جواب:

    1. اوھان جو نالو
    حبيب الله بلوچ…. حبيب ساجد

    2. ولديت ذات سميت
    رحمت الله کورکاڻي بلوچ

    3. رھائشي پتو، ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت
    25 ڊسمبر 1968، ڳوٺ… گل محمد بلوچ، نزد ڪوٽ مير محمد، تعلقو ڪنگري، ضلع خيرپور.
    … هاڻوڪي رهائش… ماڪا ڳوٺ، نزد سکر بورڊ، سکر.

    4. تعليم.
    ماسٽرس… آثار قديمه

    5. ڪرت (پيشو)
    ٽرين انچارج… ريلويز سکر ڊويزن.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر.
    ڪتاب پڙهڻ، موويز ڏسڻ ۽ انٽرنيٽ سرفنگ.

    7. ليکڪ آھيو تہ شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو..
    ٿورو ٿورو….. سڀ

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا.
    ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾.
    سدا سفر تي هوندو آهيان مگر ٽرين ۾… ۽ خانيوال تائين

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾…
    هڪ ٻئي کي سمجهڻ جي ناڪام ڪوشش..

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾…
    رڳو پٽاڙون، رڳو وعده

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾…
    زندگيءَ جو بهترين استعمال.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا..
    فرينڪ ناهيون… بس ڪم ڪار جيترو تعلق.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا..
    ڪجهه سان بيحد گهرا، ڪن سان بيحد ڇڊا.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو.
    پيلو ۽ هلڪو گلابي… خوشبو جاسمين

    16. اوھان جي پسند جي سواري..
    مهراڻ ڪار مگر غزل ڪليڪشن سان.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو..
    پراگ گهمڻ جو خواب

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو..
    بس نالي ماتر… ڪي ته آلن ٽوئن ۾ ساڙڻ جهڙا…

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو…
    ڪا ڪا سنگت ساه جي ويجهو ۽ ڪا ڪا باه جي ويجهو..

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن..
    ساده ۽ سلوڻا…

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، تہ ضرور لکو
    جن وٽ ڏکندو ڏور ٿئي… انهن وٽ لڙي به وڃجي..

  • امام راشدي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    امام راشدي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    امام راشدي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.43.19 PMامام راشدي: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    فيس بوڪ انٽرويو جي اعلان کان پوءِ ھڪ ڪلاڪ اندر پھتل پھرئين ڪڙي پيش ڪندي مون کي تمام گهڻي خوشي ان ڪري ٿي رھي آھي، تہ مون کي مثبت موٽ ملڻ ۾ ويرم ئي نہ لڳي.

    اميد تہ ھي پھرين ڪڙي، ڊگهي سنگهر جوڙيندي، ممڪن آھي، تہ اڳتي ھلي، ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿئي.

    سوالن جا جيڪي به، جيئن به جواب مليا، اهي حاضر آھن، اوهان جي مثبت راءِ جو انتظار رهندو.

    اوھان جو نالو:
    سيد امام المتقين شاھ، قلمي نالو امام راشدي.

    ولديت ذات سميت:
    سيد بدر الدجيٰ شاھ.

    رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):
    03 ڊسمبر 1960ع، محله پير جو ڳوٺ – نئون ديرو

    تعليم:
    ايم اي سنڌي

    ڪرت (پيشو):
    پرائمري استاد

    ترجيحاتي مصروفيتون، وندر:
    دعا، سڳا ۽ تعويذ لکڻ.

    ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    تحقيق ۽ ٻاراڻو ادب.

    مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    تاريخ، آتم ڪٿا، سفرناما

    سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير سفر کان سواءِ انسان ڄڻ ته انڌو آهي.

    ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچھري ضروري ۽ نھايت اھم آھي، ڪچھريءَ سان قربت وڌندي آهي.

    ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي تقريبون ادب جي ڦهلاءَ ۽ اتساھ ڏيارڻ ۾ معاون ثابت ٿين ٿيون.

    سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماجي ڪم ۽ تقريبون اوليت جي بنياد تي ٿيڻ کپن، حقوق العباد به آھي.

    اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    منھنجا ڪن عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا ٺيڪ آھن ۽ ڪن سان درست ناھن، جو مون کي نٿا سھن.

    اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا رويا ڪجھ ٺيڪ ته ڪجھ نامناسب رھيا آھن، دوستن دوستيءَ ۾ ڏاڍا ڏک ڏنا.

    اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    پسند جو رنگ نيوي بليو ۽ خوشبو گلاب.

    اوھان جي پسند جي سواري؟
    پسند جي سواري موٽرسائيڪل.

    مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    مٽ مائٽ عظيم سرمايو آهن، پر ھاڻي رشتا ٽٽندا وڃن ٿا.

    سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    سنگت ساٿ وڏي دولت آھي، پر ھاڻي سنگت مطلب جي ٿي پئي آهي.

    عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    عام ماڻھو ھر حال وارا ھجن، ادب اخلاق پھريون شرط آھي.

    اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو:
    منھنجو پيغام محبت آهي، پوء جيستائين پھچي

  • ايازلطيف دايو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ايازلطيف دايو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ايازلطيف دايو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.37.43 PMايازلطيف دايو: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    منهنجي نظر ۾ ايازلطيف دايو اهڙين چند شخصيتن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن تي منهنجو لکڻ گهڻو ضروري نه آهي. منهنجي لاءِ اهو اعزاز آهي، ته اياز به اهڙين ئي تمام ٿورڙين شخصيتن مان هڪ آهي، جن منهنجي هن فيس بوڪ انٽرويو سلسلي کي مانُ بخشي، منهنجي عام دعوت کي خاص سمجهي، سوالن جا جواب ڏياري موڪليا. ۽ مون ۾ اهو ويساهه وڌايو، ته مون اهڙو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي، جنهن ۾ حصو وٺڻ لاءِ، ذاتي طور، ڪنهن کي به چوڻ جي ضرورت نه آهي. اوهان جي مثبت راءِ جو آئون ته منتظر رهيو آهيان، هن ڪڙي جي حوالي سان، اوهان جي راءِ لاءِ اياز به انتظار ڪندو، مهرباني.

    1. اوھان جو نالو؟
    اياز احمد (ادبي نالو: ايازلطيف دايو).

    2. ولديت ذات سميت؟
    حاجي خان محمد دايو.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
    پهرين جنوري اوڻيهہ سو پنجاهٺ، محلو رحموالي، تعلقو ۽ ضلعو گهوٽڪي.

    4. تعليم؟
    بي. ڪام، ايم. اي اڪانامڪس، ايم. بي. اي (فائنانس) ۽ ايل. ايل. بي.

    5. ڪرت (پيشو)؟
    نيشنل بينڪ ۾ ملازم.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    صبح کان رات تائين نوڪري جي حوالي، باقي وقت ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    شاعري، ڪهاڻيون ۽ اخبارن ۾ ڪالم.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    شاعري، ناول، تاريخ ۽ باقي سڀ ڪتاب.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    زندگيءَ جي حسناڪين کي پروڙڻ جي لاءِ بيحد ضروري آهي.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچهريون، اوڀاريون لهواريون، اسانجي سنڌي سماج جو اٽوٽ حصو آهن.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    باشعور قومن جي سڃاڻپ انهن ادبي پروگرامن جي ذريعي ٿيندي آهي.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    پنهنجي انفرادي عمل لاءِ هر ماڻهو زندگي گذاري ٿو، پر جيستائين اجتماعيت جو جذبو ناهي، ته اها زندگي بيڪار آهي.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    تمام بهترين ۽ محبتن وارا آهن.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    دوستن ۽ سنگت ساٿ کانسواءِ زندگي اڌوري آهي.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    رنگ گلابي ۽ خوشبو پنهنجي ڇڪ پاڻ رکندي آهي.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    ڪلٽس ڪار، اولڊ ماڊل.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    سنڌ مان فضول قسم جو هوٽل ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي، ديس جي مڪمل خوشحالي، سنڌ ديس جا سڀ وسيلا، سنڌي ماڻهن جي هٿن ۾ هجن.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    ننڍن اختلافن کي ختم ڪرڻ گهرجي، هڪٻئي جي احساسن کي اوليت ۽ عزت ڏيڻ گهرجي.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    سنگت جي خوشحال زندگيءَ جي لاءِ هر قدم تي نيڪ تمنائون ۽ دعائون گڏ آهن.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    ڪنهن به رنگ، نسل، ٻولي ۽ مذهبي مت ڀيد جي ميٺ محبت بنيادي منشور هجڻ گهرجي.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    پيغام جي بدران بس هڪ وينتي ڪندس ته هر سنڌي ماڻهو کي پنهنجي گهر ۾ هڪ لائبريري هجڻ گهرجي، جنهن ۾ ادب، فلسفو، تاريخ، تهذيب ۽ هر ٻوليءَ جا ڪتاب هجڻ گهرجن، پر شاهه لطيف جو رسالو ته لازمي هجڻ گهرجي.

     
  • اياز عمراڻي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    اياز عمراڻي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    اياز عمراڻي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.36.54 PMاياز عمراڻي: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    اياز عمراڻي سان روبرو وارين روح رهاڻين جي ڀيٽ ۾ سندس تخليقن سان وڌيڪ ويجهڙائي رهي اٿم. کل ڀوڳ جهڙو محسوس نه ٿيندو آهي، پر برداشت ڀلي کانئس کان ئي سکجي. اهو سڀ ڪجهه هن ميل جول مان سکيو، پڙهي پرائڻ مان سکيو. سندس مختصر تعارف ۽ ويچار پڙهي، پڙهندڙ ڇا سکندا، اها خبر سندن راين مان پوندي.

    1. اوھان جو نالو؟
    غلام حيدر، ادبي نالو اياز عمراڻي۔

    2. ولديت ذات سميت؟
    محمد يعقوب عمراڻي.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)؟
    پهرين جنوري، 1969ع، گهر نمبر 23، بلاڪ A، گلشن حيدر ٽائون، ميرپورخاص۔

    4. تعليم؟
    ايم اي، ايم ايڊ.

    5. ڪرت؟
    سرڪاري ملازمت، تعليم کاتو سنڌ.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    لکڻ ۔ پڙھڻ، سير تفريح.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ ڪو/ڪي ڪتاب به ڇپيا آھن يا؟
    شاعر ۽ نثرنگار، ڇپيل ڪتاب 01 ”لکاڪي ۾ چنڊ“ شاعري، اڻ ڇپيل ڪتاب 01 ”تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهيون“ جنم ڪٿا، 02 ”پروفائيل ۔ خاڪا ۽ مضمون“، 03 ”شاعري“۔

    8. مطالعي ۾ ڇا کي اوليت ڏيو ٿا؟
    تاريخ ۔ ادب ۽ فلسفو.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير تفريح ھر ماڻهو لاءِ ضروري آھي۔ مون سڄي سنڌ گهمي آھي۔ وادي نيلم، وادي ناران، اتريان علائقا، ايران ۽ عراق گهميو آھيان۔

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچهريون تمام ضروري آھن۔ ڪچهريون نان فارمل ادارن جي ذمري ۾ اچن ٿيون۔

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    موجوده وقت ۾ ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۾ لابيون ۽ سطحي پڻو حاوي آھي، پر وقت سان گڏ سڀ ڪجھ ٺيڪ ۽ بهتر ٿي ويندو۔

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماجي خدمت عظيم تر عبادت آھي۔

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    منهنجا، منهنجي عزيزن قريبن سان بي لوث ۽ سٺا لاڳاپا آھن۔

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    سنگت جو حلقو وسيع آھي۔ سڀني دوستن ۽ احبابن سان بنا ڪنهن غرض جي بهتر لاڳاپا آھن۔ ڪي دوست ھينئين ٿوڻيون آھن۔

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    ڳاڙھو.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    ڪرولا ڪار.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    ھزارون خواھشين ايسي که ھر خواھش پي دم نڪلي۔

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    مٽ مائٽ ڏاڍا ڀلا آھن۔

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    سنگت ساٿ مون لاءِ منهنجي ورٿ آھن۔

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    مثالي معاشرو ھجي، جنهن ۾ ڪابه ٻه نمبري نه ھجي۔

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    عورت جي آزادي کانسواءِ معاشي توڙي معاشرتي ترقي ٿي نٿي سگهي۔ عورت کي سڀ کان پهرين جنس بجاءِ انسان ٽريٽ ڪيو وڃي۔ مطالعي ۽ مشاھدي کي وڌ ۾ وڌ اھميت ھجي

  • سرمد کوسو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    سرمد کوسو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    سرمد کوسو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    سرمد کوسو: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.36.00 PMسرمد سهپ ۽ ساڃاهه وارو سيبتو نوجوان ليکڪ ۽ استاد آهي. منهنجو اندازو آهي ته جيڪو به سندس ڪا هڪ به تحرير پڙهندو، ته هن جي ٻيءَ، ٽئين، چوٿين ۽ جنهن به نمبر واري تحرير تي نگاهه پوندي، اها به پڙهندو. سرمد جي لڳ لاڳاپن، اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان، سندس ٿيل تربيت جو به اندازو ٿيندو آهي، ته هن ۾ تربيت ڪرڻ جي جيڪا صلاحيت آهي، ان جو به اندازو ٿي ويندو آهي. مون کي يقين آهي ته فيس بوڪ انٽرويو جي هي ڪڙي به پڙهندڙن کي نه صرف وڻندي، پر ياد به رهندي. وڌيڪ تصديق ته ايندڙ راين مان ئي ٿي سگهندي.

    1. اوھان جو نالو؟
    سرمد

    2. ولديت ذات سميت

    سومار کوسو.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)؟
    16 جون، 1986ع، ڳوٺ ڊاڪٽر سومار کوسو، ضلعو بدين.

    4. تعليم؟
    ايم اي سوشيالاجي، ايم ايس سي ڪيميسٽري، ايم ايڊ.

    5. ڪرت (پيشو)؟
    استاد.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    لکڻ، پڙهڻ ۽ موسيقي ٻُڌڻ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ ڪو/ڪي ڪتاب به ڇپيا آھن يا؟
    مون کي مضمون لکڻ سُٺو لڳندو آهي. تعليم جي موضوع تي مضمونن جو هڪ ڪتاب ”تنين کي تعليم جي“ شايع ٿيل آهي.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    ڪهاڻيون، آتم ڪٿائون ۽ تاريخ.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    تاريخي ماڳن جو سير ڪرڻ تي دل چوندي آهي.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    تمام محدود ۽ هم خيال دوستن سان هجڻ گهرجن. گهڻي ڊيگهه مون کي وقت جو زيان لڳندي آهي. هاڻي روايتي ڪچهرين وارو وقت به ناهي رهيو. فڪري ۽ نظرياتي ڪچهريون سٺيون لڳنديون اٿم، جن مان گهڻو ڪجهه سِکڻ لاءِ ملي ٿو، پر افسوس اسان وٽ اهڙين ڪچهرين وارو ٽرينڊ ناهي. باقي رڳو هتان هُتان جو خبرون يا گلائون ڪري، پنهنجو ۽ ٻئي جو وقت وڃائڻ سٺو ناهي لڳندو.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ٿيڻ کپن پر جيڪي اسان وٽ ادب جي نالي ۾ تقريبون ٿي رهيون آهن، سي ڪيتريون ادبي آهن؟ اِهو هڪ وڏو بحث آهي. آئون انهن ادبي تقريبن ۾ وڃڻ کان لنوائيندو آهيان.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماجي ڪم ۽ تقريبن وارو خيال ته سُٺو آهي، پر اسان وٽ جڏهن کان مختلف اين جي اوز جي لوڌ لٿي آهي، تڏهن کان اهي سڀ پنهنجي اهميت وڃائي ويٺا آهن.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    اِهو عزيز ئي ٻُڌائي سگهن ٿا، مون کي خبر ناهي.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    منهنجي سنگت تمام محدود آهي، منهنجي نظر ۾ هر دعا سلام وارو دوست ناهي هوندو. منهنجا اهي ٿورا دوست، مون کي منهنجين خامين باوجود پيار ڪن ٿا، جيڪو مون لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    پسند جو رنگ ڪارو ۽ خوشبوءِ موتئي جي.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    ريل گاڏي، ريل گاڏي جي سواري دوران ڪو ڪتاب پڙهڻ، ڪو شعر لکڻ يا ڪا ڪهاڻي لکڻ تي دل چوندي آهي.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    دنيا مان سڀني ظالمن جو خاتمو ٿي وڃي. اهڙو ڏينهن اچي جو سڀ حرامخور مري پون.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    سدائين آباد ھجن.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    سدائين سلامت هجن.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    جيڪو وڻين سو ٿين، پر رڳو منافقي ۽ ٻهروپيت نه ڪن.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    پنهنجي ضمير کي روشن رکو.

  • مسڪين سمون  ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مسڪين سمون ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مسڪين سمون ترتيب : مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.35.01 PMمسڪين سمون: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مسڪين، تخلص ۾ مسڪين ضرور آهي، پر مطالعي، ڪچهرين ۽ لکڻ جي حوالي سان بلڪل به مسڪين نه آهي. سندس تعارف ۽ ويچار پهتا، پڙهيم، منهنجي ڀر ۾، سندس ڪم ۾ مصروف منهنجي پُٽ کي ٻُڌايم ۽ چيم ته هي انٽرويو پڙهڻ جهڙو آهي، ته ورندي ۾ چيائين آئون فيس بوڪ تان پڙهي وٺندو آهيان. پوءِ اسان ٻئي پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي وياسين. شام جو، افطاري وقت، سڀ گڏ ٿياسين، ته منهنجي ان پُٽ ليپ ٽاپ گهرائي ورتو. اسان سڀ گڏ ويٺا هئاسين. منهنجي هڪ پُٽ سڄو انٽرويو پڙهيو ۽ ٻين ”سڀني“ ٻُڌو. اهو ساڳيو انٽرويو، پڙهندڙن جي نظر ڪجي ٿو، اميد ته مثبت موٽ ملندي.

    1. اوھان جو نالو؟
    سائين، منھنجو مائٽاڻو نالو احمد خان سمون آھي، پر ادبي نالو مسڪين سمون آھي. ادبي نالي جو به ھڪ عجيب پسمنظر آھي! ٿيو ائين جو آئون ستين ڪلاس ۾ پڙھندو ھوس. مون کان ھڪڙو سال اڳيان، اٺين ڪلاس ۾، ساڳئي اسڪول ۾ پڙھندڙ، ڀروارٖي ڳوٺ جو ڇوڪرو نورعلي ٽالپر (جيڪو چار سال کَن پهرين 2016ع ۾ وفات ڪري ويو آھي!!!!) منھنجي ڳوٺُ، پنھنجٖي ھڪ ڪلاس فٖيلوءَ کان اسڪولي ڪم فيئر ڪرڻ لاءِ، فيئر ڪاپي وٺڻ آيو ھو! ساڻس حُجتَ ۽ دوستي ھئي، سو کيسي ۾ ھَٿُ وِڌومانس ته ھڪڙو ڪاڳرُ نڪري آيو. جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ وارٖي اٺين ڪلاس جٖي انگريزي ڪتابَ جو اندريون پَنُو ھو. جنھن تي ڪتابَ جي رائٽرس جا نالا لکيل ھئا. اُنھن مان ھڪڙو نالو ھو Miskeen Ahmed Mansoor. مون ڇا ڪيو جو منصور ڇڏي باقي مسڪين احمد ڪَٽي، پنھنجِيءَ ڇھين ڪلاس جِي عربيءَ جِي ڪاپيءَ تي چڙھيل خاڪِي ڪَوَرَ مٿان کوئنرَ سان چَنبڙائي ڇڏيو.. ۽ پوءِ ائين ”مسڪين“، منھنجو تخلص بنجي ويو!

    2. ولديت ذات سميت؟
    منھنجي والد صاحب جو نالو محمد رمضان سمون آھي. پاڻ اڻ ـ پڙھيل ھو! پورھيت طبقي جو ماڻهو ھو. خوداري سندس وڏي خوبي ھئي. چاپلوسي ڪرڻ نه ڄاڻندو ھو. حاضريون ڀرڻ ۽ اڳيان پويان ٿيڻ کي پسند نه ڪندو ھو! ان ڪري سدائين اڪيلو رھيو، پر سڄِي حياتي، پنھنجن اصولن تي قائم رھيو! ڪڏھن به پڇتاءُ نه ٿيس!!! چوندو ھو:
    ” ڀَلِي بُکَ ڀَرَمَ جِي شالَ مَ وَڃٖي شانُ!“
    ھُو استادن جو ڏاڍو احترام ڪندو ھو. ھُو اڪثر ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استادن سان ملڻ ويندو ھو. سندس حافظو ايترو سُٺو ھو، جو اسڪولي ٻارَ، استادن کي جيڪي بيتَ ياد يا ڏسي ٻُڌائيندا ھئا، سي اڪثر بابا کي ٻُڌِي ٻُڌِي ياد ٿي ويا ھئا! لوڪ ادب به گهڻو ياد ھئس!
    بابا، روزي ۽ نماز جي پابندي ڪندڙ ماڻهو ھو. سچ مُنھَن تي چئي ڏيڻ سندس گُڻُ ھو. پاڻ 31 آگسٽ 1999ع تي اڱاري ڏينھن وفات ڪري ويو.

    3. رھائشي پتو (ڄَمَ جي تاريخَ سميت)؟
    منھنجي رھائش، ٽنڊي الھيار جي ڳوٺَ محمد صالح سمي ۾ آھي. اُن ئي ڳوٺَ ۾، 22ھِين آگسٽ 1975ع تي منھنجي پيدائش ٿي. ھيءُ ڳوٺ، سنڌ جو ھڪ قديمي ڳوٺ آھي.

    4. تعليم؟
    سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ ايم اي.

    5. ڪِرت (پيشو)؟
    آئون 25 اپريل 1996ع خميس جي ڏينھن کان خانگي تعليمي کاتي ۾ استاد طور ڪم ڪريان پيو. استاد جي عظيم پيشي سان لاڳاپيل ھئڻ ڪري، مون کي سِکڻ جا گهڻا موقعا مليا آھن. ۽ ٻئي طرف عزتون ۽ محبتون به گهڻيون مليون اٿم. جنھن ڪري پنھنجي استاد ھجڻ تي فخر محسوس ڪندو آھيان!!

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر!؟
    پڙھائڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
    ٻئي! شاعري به ٿئي ٿي ۽ نثر به لکجي ٿو. مون کي ليکڪ وارو تعارف وڌيڪ وڻندو آھي.
    مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪاليج ۾ داخلا لاءِ بابا کان ورتل فيس مان ھٿ سان لکيل ”نئين لاٽ“ نالي فوٽو اسٽيٽ رسالي جو پهريون پرچو آندم. ان رسالي جا ٻارھن پرچا آيا. اھو رسالو ٽنڊي الھيار جي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ويندو ھو. نوان ليکڪ اڀريا.
    مون روزاني بختوَر حيدرآباد ۾، جڏھن ان اخبار جا چيف ايڊيٽرز نالي وارا ڪھاڻيڪارَ ۽ اديبَ، سائين مدد علي سنڌي صاحب ۽ سائين جمال رند صاحب ھوندا ھئا، ھفتيوار ڪالمَ ” ڏُکِي، ڏُونگَرُ پاڻَ ۾!“ جي عنوان ھيٺ لِکيا. ان کان سواءِ مضمونَ، خاڪا، مقالا وغيرھ لکيا آھن. جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رھيا آھن. ماھوار صبوح جا به ڪجهه پرچا، ايڊيٽر طور آندم. ھڪڙي ڪچي ڦڪي ڪھاڻي به لکي، جيڪا ماھوار ”پچار“ ۾ فقير محمد ڍول صاحب ڇپي.
    رھي ڳالهه ڪتابن جي ته منھنجو مواد ڪتابي صورت ۾ اڃا ناھي آيو! منھنجا اَٺَ کَنِ ڪتابَ تيار آھن. موقعو مليو ته ڇپائي وٺبا.
    1. مون وتائي فقير تي ھڪ نئين رُخَ کان کان ڪتاب لکيو آھي!
    2. سنڌ ۾ ھَليَل ھاري ھلچل ۽ تحريڪ جي اھم ڪردارن تي به ڪتاب لکيو اٿم.
    3. ڪجهه اھم ۽ مشھور ڪتابن جو اڀياسي جائزو به لکيو اٿم.
    4. شاھ جي شاعريءَ جي فڪري پاسن تي به ڪتابُ لکيو اٿم.
    5. ھڪ ڪتابُ ساروڻين جو آھي.
    6. فڪري مضمونن ۽ ڪالمن جو ڪتابُ.
    7. پنھنجي مزاحمتي ۽ انقلابي شاعريءَ جو ڪتاب تيار آھي.
    8. پنھنجي شاعريءَ جو ھڪ ٻيو مجموعو.
    ۽ مطمـئن نه ھئڻ ڪري چئن ڪتابن جيتري شاعري ۽ ھڪ ڪتابَ جيترو نثر، ساڙي ڇڏيم!!
    اڄڪلهه ڪِن ٻين موضوعن تي به لکان پيو. (ڪتابن جا نالا ان ڪري نه ڏنا اٿم، جو متان نالن تي قبضو نہ ٿي وڃي!!!!!)

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    مطالعي ۾ فلسفو، سائنس، ادبُ، تاريخَ، نفسيات، لِسانيات، سياسيات، دنيا جا مذھبَ، سوشيالاجي وغيرھ منھنجي پسند جا موضوعَ آھن.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    ضرور ٿيڻ کپن. مشاھدي ۽ نيچر جي مطالعي لاءِ به ضروري آھن. تخليقي سَگَهه تي به اثر پوي ٿو.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪو زمانو ھو، سنڌ ۾ ڪچھريون عروج تي ھيون. ڇا ته دور ھو!!
    بس!
    ”ويا مور مري، ھَنجُهه نه رھيو ھيڪڙو“!!!! (شاھ)
    منھنجٖي نانٖي جِي اوطاقَ ھئي. روز ڪچھريون ھيون. ھُو سال ۾ ٽي خيراتون عُرسُ، يارھين۽ رَجبِي، ڪندو ھو. 80 کان 100 تائين ديڳِيُون لَهنديون ھيون. رات جو مولودي ۽ سُگهڙَ محفل مچائيندا ھئا. ڀر واري ڳوٺ جو مشھور سُگهڙُ مرحوم رمضان ٽالپر به ايندو ھو. جنھن جو ڳُجهارت ڀَڃڻ وقت تَڪيو ڪلام ھوندو ھو: ” ھَل ٻانڊِي گُدامَ تي!!“… گهڻو ڪري مھمان ھوندا ئي ھئا. پوءِ وري استاد حاجُوءَ جو لُھارُڪو ھَٽُ مرڪز ٿيو!
    ڪيڏو نه سٺو ٿئي، جو ڪچھريون وري جيارجن!! ياد رھي ته انھن ڪچھرين ۾ گلا نالي واري شيءِ ڪانه ھوندي ھئي!

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    اِھي به ٿيڻ کپن. سماج کي جيئرو ۽ متحرڪ رکڻ لاءِ، اِنھن تقريبن جي وڏي ضرورتَ ۽ اھميتَ آھي. اَن عمل سان سماج ۾ گهڻ طرفا مثبت لاڙا ۽ رويا جنم وٺندا آھن. زندگي، جموديت کان بچي پوندي آھي!! نوان بحث جنم وٺندا آھن.

    12. سماجي ڪَمَ ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماجي ڪَمَ ته بِنَهه ضروري آھن. ھاڻوڪي اين جي اوز ۽ ذات لاءِ جيئڻ واري فئملي ڪلچر واري زماني ۾، سماجي ڪم، جيڪي اڳي خدا جي خلق جي خدمت لاءِ خدا ڪارڻ ڪبا ھئا، سي ھاڻ نٿا ٿين يا گهٽجي ويا آھن. ھرڪو چوي ۽ سوچي ٿو ته مفت ۾ ڇو ڪريان! ڀلائي به بنا پئسي نه ڪريان. اھو لاڙو خطرناڪ، سماج دشمن ۽ انسانيت جو ويري آھي! اِھو لاڙو وڌڻ ڪري ماڻهو، ماڻهوءَ کان پَري ٿي ويو آھي! شاھ سائينءَ به ڄڻ ان پس منظر ۾ چيو آھي:
    ” پاڙٖي ناھِ پَروڙَ، ڪا راتِ رَنجائِي گُذرِي!“ (شاھ)
    ماضيء’ ۾ ڏِسبو ته اسان جا ھندو ڀائر به ان ڪم ۾ اڳڀرا ھئا!! پکين لاءِ داڻو پاڻي رکڻ، وَڻَ پوکڻ، وڻن ھيٺ جانورن جي پيئڻ لاءِ حوضَ ٺھرائڻ، کُوھَ کوٺائڻ، مسافر خانا ٺھرائڻ، خيراتون ڪرڻ، سخاوتون ڪرڻ جھڙا ڪمَ شامل ھئا. ھاڻ ائين نٿو ٿئي.
    منھنجٖي والد جي نانٖي (جيڪو منھنجي نانٖي جو والد ھو.) نصرپور ٽنڊي الھيار روڊ تي، ڪراچي ھوٽل اسٽاپ تي، ڪنھن زماني ۾، ورھاڱي کان اڳ، مسافرن لاءِ کُوھُ کوٽايو ھو. جيڪو پوءِ اتي جي ماڻهن طرفان سنڀالي نه ٿيڻ ڪري غالبن 90 واري ڏھاڪي جٖي شروع ۾ يا ٿورو پهرين پُورجي ويو… اتي ان سان گڏ مسجد به ٺھرائِي ھئي، جنھن جي ٻيھر مرمت ۽ پَڪِي ڇِتِ، سندس پُٽ (منھنجي نانٖي) 80 واري ڏھاڪي جي شروع ۾ ڪرائي ھئي، اھا مسجد اڃا موجود آھي.. اڳ ٻين انسانن لاءِ سوچبو ھو ۽ ھاڻ صرف پنھنجيءَ ذات ۽ خاندان لاءِ سوچيو وڃي ٿو.

    13. اوھان جا، عزيزن سان لَڳَ لاڳاپا ۽ رويا؟
    ڏاڍو اھم سُوالُ پُچيو اَٿوَ!! ان تي ھڪڙو پورو چئپٽر لکي سگھجي ٿو… اسان جو سڄو ڳوٺ سواءِ ھڪ خاندان جي، باقي سڀئي ھڪڙي ڏاڏٖي ”سڄڻ“ يا ڪِن روايتن موجب ”جيئندٖي“ جٖي ٽن پُٽن احسان، طيب ۽ عثمان جو اولاد آھي. جن جون قبرون نصرپور روڊ تي قائم ڳوٺ محمد صالح ھاليپوٽي ۾ ”خليفن وارٖي قبرستان ۾ آھن..
    سنڌ جي ھر ڳوٺ وانگر، ھتي به نئين دور جون نيون ھوائون گُهليون آھن. (باقي شهرن ۾ وڻ وڻ ڪاٺِي ھُئڻ ڪري، ميارَ ناھي ھوندِي!) رشتن ۾ ڏارَ پيا آھن. رَتُ، اَڇو ٿيو آھي. ڪلفتون ڪاھي پيون آھن. جن جو تفصيلي ذڪر ساروڻين لکڻ ۾ ڪريان پيو…
    بھرحال منھنجي ڪوشش ھوندي آھي ته رھيل رشتا قائم رھن. ٽُٽل رشتن سان به سهڻو سلوڪ رکندو آھيان.. ٻيو نه ته انھن جي غمين ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو آھيان.. منھنجي مثبت رويي جي ڪري رُٺل توڙي پرتلن جو توڙي انھن جٖي اولادَ سان احترام جو رشتو قائم آھي.. وڏي خواھش اٿم ته ڳوٺ ۾ جلد تربيتي ڪلاسن جو سلسلو شروع ڪري، اھڙو ماحول پيدا ڪريان، جيئن نـئون نسلُ ھڪٻئي جٖي ويجھو اچي، ڪدورتون ۽ ڪلفتون دُور ٿين. منھنجٖي غير تڪراري رَوَيّٖي جي ڪري مون کي موٽ به سُٺي ملڻ جو يقين آھي.. اميد ته ھڪ نئين دور جي شروعات ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملندي.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رَوَيّا؟
    ڪوشش ڪري نڀائڻ جي ڪندو آھيان.
    ”اوھندِي او ڄاڻٖي، تون اَپڻِي توڙ نِڀاءِ!“
    اِھو پھاڪو، اڪثر بابا ڏيندو ھو!!!

    15. اوھان جِيءَ پسند جو رنگُ ۽ خوشبو؟
    رنگ اڇو ـ ۽ خوشبوءِ موتيي جي!

    16. اوھان جِيءَ پسند جِي سُواري؟
    جيڪا آسانيءَ سان مِلٖي ۽ منزل تي پُڄائي.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻُڌائڻ پسند ڪريو؟
    مرزا غالب چواڻيءَ:
    ”ہزاریں خواہشیں ایسی کہ ہر خواہش پہ دم نکلے!“
    خواھشون ته گهڻيون آھن، پر وڏي خواھش جيڪا آھي، اُھا اِھا ته ڳوٺ ۾ نئون محبتن وارو ماحول ٺاھيان. نئين نسل کي ھڪٻئي جي ويجھو آڻيان.

    18. مِٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو!؟
    انسانُ ھِڪُ سماجي جانور آھي، پر ھُو جن ڳالهين جي ڪري اشرف آھي، تن مان ھِڪَ اِھا آھي ته ھُو عامَ جانورنِ جي ڀيٽَ ۾، وَڳَرَ ۽ وَلَرَ جٖي حوالي سان، وڌيڪَ سُڌريل آھي! ان ڪري اسان کي، پنھنجٖي وَڳَرَ (مِٽن مائٽن) کي نه وسارڻ گهرجي!
    عجيب اتفاق ھو!! بابا جا ڀائرَ ننڍيءَ وَھيءَ ۾ فوت ٿي ويا. انڪري مون کي ڪوبه سَؤٽ ڪونهي! ماما ويچارا به دنيا ۾ نه رھيا. ٽي فطري موت ۽ ھڪڙو چاچٖي ھٿان قتل ٿي ويو!!
    امان کي ڪابه ڀيڻ نه ھئي، ان ڪري مونکي ماسات به ناھي!! بابا جا سؤٽَ ھئا!! پر اُنھن جا مِزاجَ پنھنجا ھئا.. سو بابا کي ۽ اسان کي پنھنجائپ ڪڏھن به محسوس ڪانه ٿي!!!
    اڪيلو وڏو ڀاءُ ھو سو به آڪٽوبر 2004ع ۾ 30 سالن جي عمر ۾ موتَ کَسٖي ورتو!!!
    ”اسين بس رھياسين اڌورا اڌورا!!“ ( آڪاش انصاري)
    جيڪر پنھنجا ھجن ۽ پنھنجو سمجهن ته، پنھنجو ٿي ڏيکارجٖي!!

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    خليل جبران چيو ھو: ”دوستيءَ ۾، روحَ جي گهاٽٖي ڳانڍاپي وڌائڻ کان سواءِ، ٻيو ڪوبه مطلبُ نه ھُئڻ گُهرجي!“
    ڪنھن ٻئي ڏاھٖي چيو آھي ته: ”مون ڪجهه دوستَ، اُنَ ڪري وڃايا آھن جو، ھڪڙا موتَ کسي ورتا، ۽ ٻين کي اُن ڪري وڃائي ويٺس جو، مون انهن وٽ (ڪِن سببن جي ڪري) وڃڻ ڇڏي ڏنو!!“
    ٻيو ڏاھو Thoreau چوندو ھو:
    ”منھنجي ڪمري ۾ ٽي ڪرسيون رکيل آھن. ھڪڙي تنھائيءَ لاءِ، ٻِي دوستيءَ لاءِ ۽ ٽِينۡ سماج لاءِ!“ وڏي ڳالهه ڪري ويو، جيڪر اسين سمجهون!
    وفا پَليءَ چيو:
    ” وقتَ وارن جا وارَ سَهبا، پَرَ :
    دوستن جو سُلُوڪُ مارٖي ٿو!“
    آئون وِليَم بلئڪ سان سهمت ٿو ڪريان ته، ”ماڻهوءَ لاءِ دوستي، ائين ضروري آھي، جيئن پکيءَ لاءِ آکيرو ۽ ڪوريئڙي لاءِ ڄار ضروري ھوندو آھي!!“

    20. عام ماڻھو، ڪيئن ۽ ڪھڙا ھُجڻ گُهرجن؟
    منھنجي دلي خواھش آھي، ته ھر عامَ ماڻهو، تعليم يافته ۽ باشعور ھئڻ گهرجي! فڪري توڙي نظرياتي طور سَگهارو، ثابت قدم، امن پسند، انسانيت سان پيار ڪندڙ، مستقل مزاج ۽ جدوجھد ڪندڙُ ھجي! اجتماعي سوچَ جو مالڪُ ھُجي ۽ آدرشي ھُجي، ته جيئن ھڪَ نئينءَ دنيا جا بنيادَ رکجي سگهجن! عُمر خَيام چيو ھو:
    ” جيئن خدا کي، ھِن ڪائناتِ تي اختيار حاصل آھي، تيئن مون عُمر خيام کي به جيڪڏھن اھڙو اختيار حاصل ھجي ھا ته، ِھِن (خراب) دنيا کي ھَٿَ ۾ کڻي جو ھيٺ پَٽَ تي ھَڻان ھا ته پُرزا پُرزا ٿي وڃي ھا!! ۽ پوءِ آئون ھِڪَ نئين دنيا ۽ نئون آدرشي انسانُ ٺاھيان ھا!!“

    21. اوھان ڪو پيغامُ ڏيڻ چاھيو، ته ضرور ڏيو!
    ڪنھن اُڙدوءَ جٖي شاعِرَ چيو آھي:
    ”جیئو تو اِس طرح کہ زندگی کو رَشک آئے،
    اور مَرو تو موت بِهی کہے کہ کونہ مَر گیا یارو!؟“

  • منظور ڪالرو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    منظور ڪالرو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    منظور ڪالرو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.33.37 PMمنظور ڪالرو: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ”منهنجي من جا مامرا“ يا منظور ڪالرو جي من جا مامرا لکبا، ته پوءِ لکبو پيو ويندو. اوهان پڙهندڙن جي لاءِ ”منهنجي من جا مامرا“ ڇيڙڻ کان بهتر آهي، ته منظور ڪالرو جو موڪليل مختصر تعارف ۽ سندس ويچار به پڙهائجن، ته جيئن اوهان منظور ڪالرو جي من جا مامرا ڄاڻڻ لاءِ ڪا وک وڌائي سگهو. ياد رهي ته اوهان جا مثبت رايا، اسان ٻنهي جي رهنمائي ڪندا.

    1. اوھان جو نالو؟
    منظور حسين ( ادبي نالو: منظور ڪالرو).

    2. ولديت ذات سميت؟
    حاجي خان ڪالرو.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):
    10 آگسٽ، ٽنڊوالھيار. رهائش فراز ولاز، قاسم آباد، حيدرآباد ۽ صفوران چونڪ، گلستان جوھر، ڪراچي.

    4. تعليم؟
    گريجوئيٽ (سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو) + مختلف ڪورسز، ٽريننگون.

    5. ڪرت (پيشو)؟
    ڊپٽي چيف مينيجر (رٽائر)، سوئي سدرن گيس ڪمپني @ ريجنل آفيس، حيدرآباد. ڊگھي وقت (34 سالن) کان پوءِ آزادي ملي (رٽائر ٿيڻ تي واندڪائي جا ڏينهن پيا گذاريون. تجرباتي طور ڪنسٽرڪشن/ تعميرات جو ڪم شروع ڪيل.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    اخبار پڙهڻ ـ ملڪي غير ملڪي خبرون ٻڌڻ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
    1982ع کان سياسي سماجي مسئلن / ناھموارين / ظلمن تي مضمون لکڻ، خط لکڻ، ماضي جي يادن، ڀلوڙ شخصيتن تي ڪالم لکڻ، ھاڻ سوشل ميڊيا جي بيماري لڳڻ سبب لکڻ موڪلائي ويو آھي ۽ فيس بڪ تي سماجي بھتري لاءِ رايا، ذاتي خيالن جا اظهار، سوال/ جواب/ تنقيد ڪرڻ (اجايو وقت وڃايان پيو). شايع ٿيل مصمونن، خطن مان ڪجھ سھيڙي ڪتاب ”منهنجي من جا مامرا“ ڇپايو ويو آھي، جنھن ۾ ھاڻوڪي ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالھيار جناب رشيد احمد زرداري جي مڪمل سھڪار سان گڏ سندن ھمٿائڻ ۽ دلي خواھش جون محبتون ۽ ھمدرديون شامل ھيون. ڪتاب شايع ڪرائڻ ۾ سائين مرتضي١ ڏاڏاھي ۽ محترم فقير محمد ڍول جن جي شفقت ڀري رھنمائي نصيب ٿي، جن لاءِ سڀني محبوب شخصيتن جا ٿورا.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    تاريخي معلومات وارا مضمون، يادگيريون.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    مشاھدن لاء سير ۽ سفر، خاص طور ليکڪن کي ضرور ڪرڻ گھرجي. مون ٿائلينڊ جا خوبصورت شھر ۽ جزيرا ڏٺا. ايران، عراق جا سفر ڪيا آھن. اڃان به شوق گهڻو آھي. خدا ڪري حالتون اجازت ڏين، باقي صوفي بزرگن، اوليائن تي حاضري سميت تاريخي ماڳ مڪانن مان ڪجھ ڏسڻ جو موقعو مليو آھي.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    دل گھرين سڄڻن دوستن يارن ۽ وفادارن جو ڪچھريون شال قائم ھجن.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي گڏجاڻين ۾ باقاعدگي سان وڃڻ نٿو ٿئي. جيتوڻيڪ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوالھيار پاران وتايو فقير لائبريري ۾ ھي گڏجاڻيون باقاعدگي سان ٿين ٿيون. سنگت جو ھڪ خاص انگ وڏي پاٻوھ سان علم و ادب جي واڌاري لاءِ، ھنن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿي، پنهنجو پنهنجو ادب، شاعري، فن پيش ڪن ٿا. ڪڏهن ته حيدرآباد جا نالي وارا ڏاھا به اچي سٿ کي سينگھار بخشين، جن ۾ محبوب شخصيت درويش صفت ڀلو ماڻهو محترم محمود مغل صاحب، مٺل جسڪاڻي صاحب، فقير محمد ڍول ته محفل جو مير ھوندو آھي.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    شاگرد واري دور ۾ سياسي ڪارڪن رھيس. ھاڻ سماجي خدمت ڪرڻ جا گھڻا جذبا آھن، پر اھڙو موقعو مھل نٿو ملي. ماحول وڏن ماڻهن جي چاپلوسي جو ڏسي خاموش ٿيو وڃجي! سنڌ خاص طور ٽنڊوالھيار ۾ فلاحي خدمتن جي سخت کوٽ آھي.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    عزيزن سان لاڳاپن ۾ اھو مٺاڻ، طلب محبوبيت ۽ اڪير نه رھي آھي. بس! ھرڪو وقت پاس ڪرڻ تي ھلي پيو آھي. محبتون گھٽجي وڃڻ سبب اسان به پنھنجا پير سوڙھا ڪرڻ ۾ عافيت سمجھي آ.
    جيڪو عمل منهنجي روح ۽ دل جي اٿاھ گھراين جي ابتڙ آھي. نيڪ نيتي وارا رشتا ناتا لاڳاپا ۽ قربائتيون مائٽيون برادري جي ٻڌي ۽ ويجھائپ لاء ضروري سمجھان ٿو.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    سنگت سنگت نه رھي آھي. مفاد ھجن، مقصد ۽ منصب ھجن، ميار جي بلندي کي سلام ۽ عزت ڏيڻ جا لاڙا، سماجي دوستي کي ڀور ڀورڪرڻ لڳا آھن. جھان اھو ڏسندي اسان به محدود ٿي وڃڻ واري ڪنڍ ورتي آھي. جيڪو ياد ڪندو تنهن جا غلام ۽ جيڪو ياد نه ڪندو، سو اسانکي وسارڻ اچي ٿو. فاذڪروني اذڪر ڪم.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    اڇو، ھلڪو آسماني، خوشبو = عطر عود

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    ٽانگو، موٽر سائيڪل، ڪار (ٽويوٽا).

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    ڪاش! چونڊبل نمائندو = ڪائونسلر / چيرمين ميونسپل ڪميٽي ٿي ڪري لوڪ جي بدتر حالتن ۽ نظام جي بھتري لاء سماج سڌار ڪم ڪريان. (اميد ته ٽنڊوالھيار جا سياسي اڳواڻ ھن ڏس ۾ منهنجي چونڊ ڪندا).

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    مائٽن سان تعلقات بھتر آھن، پوءِ به باھمي عزت احترام ضروري سمجھان ٿو. سندن ترقي خوشحالي تي خوشي ٿيي ٿي. ھن ڏس ۾ سادگي وارا عنصر منهنجي پسند جو حصو رھيا آھن. وڏائي ڪير به ڪري اھو ناپسند ٿي ويندو. ”مان جوئي سو آھيان“، مائٽن جو نه ھجڻ به ھڪ غربت آھي (حضرت علي ع).

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    ”سنگت ساٿ“ ھاڻ لفظ باقي بچيا آھن. مطلب ۽ مقصد آھي، ته پوءِ سنگت يا ڄاڻ سڃاڻ وارا ويجھا ٿيو وڃن. زماني رنگ بدلائڻ سبب مفاد پرستي جاءِ والاري چڪي آھي، جنھن ڪري محبتن کي بچائڻ جي ضرورت سمجھي وڃي ٿي.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، تہ ضرور لکو؟
    دعا سلام ۽ رابطن جو وڙ زندھ رکڻ جي ضرورت آھي. رابطا تڪڙا ۽ قربائتا رھيا، ته وڇوٽين جو خاتمو اچي ويندو. پاڻ کي ٻين کان گھٽ سمجھڻ ۾ ڪاميابي آھي. علم پرائڻ، محنت ڪرڻ ۽ ڪاوبار ڪرڻ لازمي آھي.

    اکر پڙھ الف جو ورق سڀ وسار،
    اندر تون اجار پنا پڙھندين ڪيترا.

    دعا
    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

  • استاد ۽ ليکڪ مجروح محمد بچل قريشي

    استاد ۽ ليکڪ مجروح محمد بچل قريشي

    استاد ۽ ليکڪ مجروح محمد بچل قريشي

    WhatsApp Image 2020 05 18 at 9.40.27 PMصرپور جو پراڻو صحافي ،
    سماجي ورڪر ،استاد ۽ ليکڪ
    مجروح محمد بچل قريشي
    خادم گھراڻو
    مجروح محمد بچل قريشي اسان جو پيارو ساٿي هو جيڪو هاڻي ادان ۾ نه رهيو سندن سماجي ادبي صحافتي خدمتن تي نصرپور جا گل مان هي ننڍڙو مضمون پيش ڪجي ٿو

    نصرپور شهر ۾ ڪجھه اهڙا به صحافي رهيا آهن جن پنهنجي صحافتي دؤر ۾ نالو ڪڍيو انهن مان مجروح محمد بچل ولد حاجي عبدالمجيد قريشي به آهي هن جو جنم نصرپور ۾ اسڪول جي رڪارڊ موجب 12 جنوري 1959ع ۾ ٿيو . سندن تعليم ايم اي سنڌي ( سندن چوڻ موجب ) آهي . پاڻ ڪنهن وقت بچل قريشي ، بيوس بچل قريشي ، مجروح قريشي ۽ بچل قريشي جي نالي سان مضمون لکندا هئا پاڻ لکڻ جي شروعات نائين ڪلاس کا ن ڪئي پهرين گل ڦل ۽ گلن جھڙا ٻارڙا رسالن ۾ لکندا هئا . پاڻ مختلف ادبي صحافتي سماجي تنظيمن ۾ ڪم ڪيو آهي . پاڻ سال 1982ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد ٿيا ۽ 1984 ع ۾ ٽريننگ ڪيائون . سندن چوڻ موجب کين ليڪچرر ٿيڻ جو شوق هو پر اهو پورو نه ٿيو . پاڻ تعليمي خدمتون نصرپور ٽنڊوالهيار خير محمد جروار ۽ ماڻڪ ڪالرو ۾ ڏنائون . هڪ اسڪول تي پاڻ لاڳيتو 20 سال رهيا . ڊيپوٽيشن تي هائي اسڪول نصرپور ، خير محمد جروار ۽ ايس ايم اسڪول ٽنڊو الهيار ۾ ڊيوٽي ڏنا.ئون . پاڻ اڪثر چوندا آهن ته جتي آئون ويس اتي سينيئر استادن مان مون گھڻو سکيو آهي ، محترم سعد الله سپاهي ابڙو ، محترم سيد غلام قادر شاھ بخاري ، محترم محمد خان دائودپوٽو ، محترم عبدالعزيز ڀٽي ، محترم فتح محمد لغاري ، محترم غلام محمد ابڙو ، محترم مشتاق احمد آرائين ، محترم تيرٿ داس اميداڻي ، محترم عبدالله دائوداڻي ، محترم فتح محمد بهراڻي محترم ڪامل لغاري ۽ محترم عبدالحسين ميمڻ کان متاثر آهيان اهي منهنجا استاد آهن هن چيو ته نصرپور جا اسڪول مثالي اسڪول ٿين . ان لاءِ نصر پور جي محنتي استادن کي ڪوشش ڪرڻ گھرجي .صحافتي دنيا ۾ اچڻ جي شروعات روزاني عبرت سان ڪيائون جنهن بعد روزاني هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪيائون هلال پاڪستان ۾ 1999ع تائين ڪم ڪيائون ان سال پاڻ صحافتي دنيا کان الڳ ٿيا . جڏهن نصرپور ۾ فقير محمد اسماعيل ڀاڻو 1976 ع ۾ پريس ڪلب جو بنياد رکيو ته ان سان گڏ مجروح محمد بچل قريشي ، ڪبير شاد عباسي ، شڪيل احمد صديقي ساڻ هئا سندن چوڻ آهي ته هن وقت نصرپور پريس ڪلب جي ڪابه آفيس نه آهي جتي سڀ صحافي اچي گڏ ٿين جنهن جو ڏک آهي ، سندن مضمون روزانه عبرت حيدرآباد ، روزانه سنڌ نيوز حيدرآباد ، روزانه عوامي آواز ڪراچي ، وزانه هلال پاڪستان ڪراچي روزانه خادم وطن حيدرآباد ، روزانه شام حيدر آباد ٻين اخبارن ۾ مضمون عوامي خط وغيره شايع ٿيندا رهيا هئا . نصرپور پريس ڪلب جا ڪيترائي دفعا جنرل سيڪريٽري ٿي رهيا . پاڻ صحافت ۽ پريس ڪلب ڇڏڻ جو سبب اهو ٿا چون ته جڏهن ميمبر وڌي ويا 1999ع ۾ اڻت بڻت ٿي پيئي ته پوءِ مون ڇڏي ڏني هن م وقت روزانه فرض ٽنڊوالهيار ۾ لکندو آهيان ، مجروح محمد بچل قريشي سان صحافتي دنيا ۾ آئون به ڪافي سال گڏ رهيس مون 1998ع ۾ صحافت ڇڏي ڇاڪاڻ ته اها منهنجي ڊيوٽي ۾ رڪاوٽ بنجي رهي هئي ، پاڻ جڏهن به ڪنهن پروگرام ۾ يا جلسي ۾ ويندا هئا ته پوائنٽن کي نوٽ نه ڪندا هئا پر جڏهن خبر لڳندي هئي ته اها ساڳي خبر هوندي هئي ڪوبه فرق نه هوندو هو . سندن چوڻ موجب منهنجي هڪ خبر تي جڏهن نصرپور ۾ پوليس سڌي فائرنگ ڪري سيد امير علي شاھ بخاري ، عبدالحميد پٺاڻ ۽ ٻين کي زخمي ڪيو هو ته اها خبر هلال پاڪستان ۾ به لڳي هئي ان وقت ايم پي اي عبدالغني درس هو اها خبر اسيمبلي ۾ ڏيکاري ويئي . ٻي خبر اسڪول جي استادن جي خلاف هئي جنهن تي هلال پاڪستان هڪ ڪارٽون شايع ڪيو هو هن جي چوڻ موجب انفارميشن ڊائريڪٽر درمحمد ڪمال واه واه منهنجي ڪئي هئي . مجروح محمد بچل قريشي سماجي ادبي تنظيمن ۾ به رهيو آهي جڏهن سنڌي ادبي ثقافتي سنگت کلي هئي ته ان ۾ جنرل سيڪريٽري هو ، سنڌي ادبي سنگت جي جڏهن نصرپور ۾ شاخ کلي ته ان جو سيڪريٽري بدرالدين قاضي هو ان جي طرفان هڪ رسالو جوت ( فوٽو اسٽيٽ ) ڪڍيو ويو ان جو ڪاتب هو . جڏهن حاجي محمد ڇتن دائودپوٽو شاگردن جي مدد ڪرڻ لاءِ شاگرد بهبود ڪميٽي ٺاهي ته پاڻ ان ۾ به ميمبر هئا . گھراڻه سنگت نصر پور ۾ به ميمبر رهيا ، هن وقت پاڻ صحافتي سماجي ادبي تنظيمن ۾ نه آهن پر ماضي ۾ جيڪي سندن سٺا عمل آهن انهن کي ياد ڪيو ويندو . صحافتي دنيا ۾ آئون به 1988ع کان 1998 ع تائين گڏ رهيو آهيان . مجروح محمد بچل قريشي هي سوالن جا جواب لکي ڏنا هئا جن کي ڪمپوز ڪري دوستن اڳيان رکيو آهي . منهنجي ڪوشش آهي ته حاجي عبدالله قريشي بابت ڄاڻ حاصل ڪري ان کي به پيش ڪريان جيڪو هڪ سياسي مذهبي سماجي ماڻهو هو . مجروح محمد بچل قريشي کي به ان جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ چيو هو حاجي عبدالله قريشي مجروح محمد بچل قريشي جو ڏاڏو هو

  • ذوالفقار علي   ـ هالار

    ذوالفقار علي ـ هالار

    ذوالفقار علي ـ هالار

    WhatsApp Image 2020 05 18 at 3.49.54 AMتعارف
     نالو ذوالفقار علي
    ادبي نالو ”هالار “

    ولد غلام رسول سومرو
    ڳوٺ ڏنڱر لڳ سيتا روڊ تعلقہ خيرپور ناٿن شاھ ضلعہ دادو
     هاڻوڪو پتو
    گلشن مسعود غازي ڪالوني ٻٻر اسٽاپ ڪوٽڙي ضلعہ ڄام شورو
    پيدائش جو هنڌ درٻيلو
    رڪارڊمطابق ڳوٺ ڏنڱر
    جنم جي تاريخ 2 جون 1971 ع
    تعليم انٽر
    ادب ۾ لاڙو
    2004/5 ۾ دوست مشھور ميمڻ۽ منور ملاح سيتائي جي ڪوششن سان

    صنف
    نثر نويس
    نثري نظم
    ڪهاڻيون
    مضمون
    ڊائري ورڪ
    پروگرامن جون ڪاروائي رپورٽون لکڻ

     مشغوليون
    ڪتاب پڙھڻ ادبي ،ثقافتي پروگرامن ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ

  • مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ

    مان سنڌ جي تاريخي علمي ادبي شھر پاٽ شريف ۾ 16آگسٽ 2001ع (اسڪولي رڪارڊ موجب 16 فيبروري 2003ع ) آچر جي رات پرائمري استاد پيارو خان چنڙ جي گھر ۾ جنم ورتو جيڪو پڻ غريب ھاري منظور احمد چنڙ جو پٽ آھي منهنجي سار سنڀال پاٽ شريف ۾ ئي ٿي منهنجي ننڍپڻ ڳوٺ پاٽ شريف ۾ گذريو ڪجهه سالن کان پوء 2014ع ۾ پاٽ شريف دادو مان ماروي گارڊ قاسم آباد حيدرآباد لڏي آياسين جتي رھائش پذير آھيو.

    تعليم
    مان پرائمري استاد جو پٽ ھئڻ ڪري شروعات تعليم پنهنجي پيءٔ پيارو خان چنڙ وٽان پرائمري اسڪول اولڊ ڪلري مان حاصل ڪئي اسان ڪلري ۾ 4 ڄڻا بشير (ڀاء) شوڪت ۽ اصغر (سوٽ) ۽ مان روزانو 2ڪوھ پنڌ ڪرص ڪلري وينداھئاسين ان ننڍي عمر ۾ پنڌ ڪرڻ تمام عجيب ھوندو ھو اتي 2ڪلاس پڙھي رھيو ھئس ته پاٽ شريف ۾ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي پاران فخر ڪريم ماڊل سيڪنڊري اسڪول نالي پرائيوٽ اسڪول جو بنياد وڌو جتي داخلا ورتي ۽ 6ڪلاس تائين پڙھيم فخر ڪريم ۾ مان 6 سال ئي پوزيشن ھولڊر رھيس مان تمان گھڻو ھوشيار ۽ مڃيل شاگرد ھئس 6ڪلاس کان 10 ڪلاس تائين تعليم گورنمينٽ علامه آء آء قاضي ھاء اسڪول پاٽ شريف مان ڪئي (اٺين نائين ۽ ڏھين ڪلاس جا ڪلاس مان شاھ لطيف پبلڪ اسڪول قاسم آباد حيدرآباد مان ورتا جڏھن ته داخلا پاٽ شريف ھاء اسڪول ۾ ھئي ) انٽر گورنمينٽ ھاء اسڪول ڪاليج ڦلجي اسٽيشن دادو مان ڪئي 10سالن جي عمر ۾ حافظ عبدالرزاق ملاح وٽان قرآن مجيد جي ناظره ڪئي حفظ ڪري رھيو ھئس ته حيدرآباد لڏي آياسين تنھنڪري حفظ ڪري نه سگھيس .ان کان علاوه مختلف ادارن ۾ مختلف ڪورس ڪري چڪو آھيان .
    ادبي وابسطگي

    ادب جي ميدان ۾ لاڙو ڪيئن ٿيو ان کان مان پاڻ اڄ تائين بي خبر آھي ڪا ڄاڻ نه اٿم باقي اٺين ڪلاس کان ڪتاب جي دنيا ۾ گھڙيو آھيان مان پنهنجو پھريون آرٽيڪل “سون ورني سنڌ جي ثقافت” جي عنوان سان لکيو ھيو جيڪو 6 ڊسمبر 2016۾ روزاني سوڀ ۾ شايع ٿيو ھو
    2017ع کان مير سردار چنڙ جي نالي سان مسلسل لکڻ شروع ڪيوـ اھڙي طرح سياسي سماجي مسئلن تي مسلسل لکندو رھيس جيڪي عوامي آواز,سوڀ , ھلال پاڪستان ڪلياڻ عبرت ڪوشش پورھيو روزاني ارادو سميت مسلسل ڇپندا رھيا بعد ۾ منهنجو ڌيان ٻاراڻي ادب ڏانهن ويو مان ٻاراڻي ادب جون ڪافي ڪھاڻيون لکيون جيڪي لاڳاتار مٺڙا ٻار رسالي ۾ـشايع ٿينديون ان کان علاوھ ٻارن جي ٻاري رسالي ۾ پڻ شايع ٿيون 2018۾ احساس ميگزين ۾ انٽرويو لاء انٽرويو وٺڻ شروع ڪيا جن ۾ مختلف علمي ادبي شخصيتن کان انٽرويو وٺي شايع ڪرايا . ان کان علاوه مان خاڪا نويسي تي پڻ ڪم ڪيو آھي جنهن ۾ ڪيترائي شخصيتي مضمون لکيا جن ۾ ھڪ مضمون “درد کي لفظ ڪرڻ سولو ناھي “عنوان تحت عين سحر جي زندگي تي لکيل منهنجو مضبون تمام گھڻو پڙھيو ويو منهنجو اھو مضمون ھندستان جي عالمي رسالي ھندواسي شايع ڪيو تنهن کان پوء سند ئي چوڻ تي مان ھندواسي ۾ پڻ لکيو ان کان سواء مان سفرناما ڪتابي تبصرا ٻيون تحريون لکيون آھن منهنجو خاڪا نويسي تي ھڪ ڪتاب ترتيب ڏنل آھي جيڪا 2020۾ آخر تائين اچي ويندو ادب جي دنيا ۾ منهنجو رھنما عين سحر ۽ ثنا لھٻر آھي عين سحر ۽ ثنا لھٻر سدائين ھمٿايو آھي مونکي سدائين لکڻ پڙھڻ حوالي سان شاندار صلاح مشورا ڏيندا آهن
    ايوارڊ / سرٽيفڪيٽ
    فخر ڪريم ماڊل سيڪنڊري اسڪول طرفان ڪيترا ئي سرٽيفڪيٽ مليا
    ڊي آئيڪونز آڪيڊمي پاران 2020 ۾ مڃتا شيلڊ ملي
    نيو اورا ٽيڪ ڄامشورو (New ora Teck)پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪو آھي .
    مير سردار چنڙ
    03433684578
    Sardarchannar725@gmail.com