Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • نصرالله ڏاهري  ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    نصرالله ڏاهري ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    نصرالله ڏاهري ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.54.23 PMنصرالله ڏاهري: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    نوجوان نصرالله ڏاهري سان فيس بوڪ دوست وارو رابطو آهي. سندس پوسٽون پڙهندو رهيو آهيان. پاڻ به منهنجون پوسٽون پڙهندو رهي ٿو. هڪ ٻئي جي پوسٽس تي، ڪمينٽ به ڪبو آهي. هي ”فيس بوڪ انٽرويو“ سلسلو شروع ته مون ڪيو آهي، پر هن جي پسمنظر ۾، نصرالله ڏاهري پاران رکيل هڪ اسٽيٽس آهي. جنهن ۾ هن ڪو سوال پڇيو هو، مون کيس جواب ڏنو هو، پوءِ سوال جواب يا ڪمينٽ پٺيان ڪمينٽ جو سلسلو هليو هو. ٿوري دير بعد منهنجي ذهن ۾ آيو ته آئون ”فيس بوڪ انٽرويو“ سلسلو هلايان. ائين سوچيندي، مختلف ارادن ۽ نيتن جي روشني ۾ سلسلو شروع ٿيو. هلي پيو.

    سچ اهو به آهي ته هي سلسلو مون کي مهانگو پئجي ويو آهي! ٿَڪو نه آهيان، پر ٿَڪايو پيو وڃان، پر ڪوشش ڪندس ته هڪ سئو انٽرويو هلايان. پنجاهه کان وڌيڪ انٽرويو پهتا آهن.

    خير، سوال جواب جي روشنيءَ ۾ نصرالله ڏاهري جو مختصر تعارف ۽ ويچار اوهان جي نظر، اوهان جا ايندڙ رايا اسان جي نظر…

    1. اوھان جو نالو؟
    نصرالله ڏاهري

    2. ولديت؟
    علي محمد ڏاهري

    3. رھائشي پتو ڄمڻ جي تاريخ؟
    05 اپريل 1987ع، ڳوٺ بودلو ڏاهري (سيد سليمان شاه جو ڳوٺ)، تعلقو ۽ ضلع نوشهروفيروز.

    4. تعليم؟
    ايم اي سنڌي، ايم اي ايجوڪيشن

    5. ڪرت (پيشو)؟
    استاد (جي ايس ٽي)

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    ڪتاب پڙهڻ

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    شاعري لکندو آهيان، ڪجھ غزل ۽ نثري نظم لکيا آهن.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    شاھ جو رسالو، مثنوي رومي ۽ تاريخي ڪتاب

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    شاھ لطيف فرمائي ٿو ”سامِي جھاڳي سُڃَ، وَسَنئُن کي ويجھا ٿِيا“، زندگيءَ لاءِ سفر ضروري آهي. ان سان منزل ملندي آهي.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچهريون اهڙيون هجن جن سان عقل جا پردا کلن ۽ ذهن ۾ نئين سوچ جو جنم ٿئي.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي تقريبون ضرور ٿيڻ گهرجن. ان سان امنگ، چاھ، شوق ۽ جذبو اڀري ٿو.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماجي ڪمن کي صف اول تي رکڻ گهرجي. سماج جي اندر رهي ڪري لاچار ماڻهن جي مدد ڪرڻ ئي انسانيت آهي. سماجي ڪمن لاءِ معاشري جي فردن کي سماجي ڀلائي جي ڪمن لاءِ سجاڳيءَ جون تقريبون رکڻ گهرجن.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    عزيزن، مٽن مائٽن سان لاڳاپا سٺا آهن.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    تقريبن سنگت ساٿ پنهنجي پنهنجي ڪمن ۾ مصروف آهي. جڏهن به ملڻ ٿئي ٿو ته خوب ٿئي ٿو. سڀني دوستن سان لاڳاپا بهتر آهن.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    پسند جو رنگ نيرو ۽ خوشبو مشڪ الهند پسند آهي.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    موٽر بائيڪ

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    پهريان سعودي عرب پوءِ ترڪي گهمڻ جي خواهش آهي.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    مٽن مائٽن جو قدر ڪرڻ گهرجي، ڏکي وقت ۾ مٽ مائٽ ڪم ايندا آهن. ڪجهه مٽ هن نفسا نفسي دور ۾ ڏور ٿي ويا آهن.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    دوستی عام ہے لیکن اے دوست،
    دوست ملتا ہے بڑی مشکل سے.
    آءُ چاهيان ٿو سنگت ساٿ ڪڏهن پنهنجي پيارن کي اڪيلو نه ڇڏي. هر حال ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏين.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    عام ماڻهوءَ ۾ شعور هئڻ گهرجي. وڏيرڪي ۽ پيري مريديء جي نظام کي الوداع چئي تعليم جو گس وٺن.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    دنيا جي ڪھڙي به ڪنڌ ڪڙچ ۾ رهو پر سنڌي ٻولي پڙهو ۽ لکو.

  • ضمير عباس ابڙو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ضمير عباس ابڙو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ضمير عباس ابڙو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.53.07 PMضمير عباس ابڙو: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مهربان پڙهندڙو! ” فيس بوڪ انٽرويو“ سلسلو پنهنجي پهرئين اعلان مطابق جاري آهي، جيستائين به جاري رکي سگهيس، جاري رهندو. ڪنهن کي به، ٻئي ڪنهن به طريقي يا ذريعي، شرڪت جو سڏ نه ڏنو آهي، نه ئي ڏبو. ضمير عباس ابڙو کي آئون ڪنهن به حوالي سان نه سڃاڻان! فيس بوڪ انٽرويو سلسلي جو اعلان پوسٽ ڪيم، ته ان باڪس ۾ جيئن لکيائين، اهو ڪاپي ڪري پيسٽ پيو ڪريان ”سائين مھرباني ڪري منهنجي رڪويسٽ ايڪسپٽ ڪندا مهرباني ٿيندي منهنجو نالو ضمير عباس آ مان سنڌي ادب جو شاگرد آهيان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو آهيان“. ان کان پوءِ انٽرويو جي سلسلي ۾ پڇيل سوال ۽ انهن جا جواب هيٺئين ريت لکي موڪليائين. مون پڙهي ڇڏيا آهن. اوهان پڙهي، پنهنجي مثبت راءِ ڏيندا، ته آئون ٿورائتو رهندس.

    هتي مستقبل جي حوالي سان، منهنجي ارادي جو اظهار ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، ته هن نموني پهتل انٽرويو، ان صورت ۾ هلائبو، ته انٽرويو موڪليندڙ کي آئون، هڪ نه ته ٻئي، ڪهڙي به حوالي سان سڃاڻندو هجان. جنهن کي آئون ڪنهن به حوالي سان نه سڃاڻندو هوندس، ته ان جو انٽرويو، هلائڻ جهڙو هوندو، ته اهو، هي سلسلو بند ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ، سڀني جي آخر ۾ هلائي، سلسلو بند ڪبو.

    1. اوھان جو نالو؟
    جواب. ضمير عباس ابڙو

    2. ولديت ذات سميت؟
    مير محمد ابڙو

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
    06 اپريل 1998ع، رحمت پور، لطيف ڪالوني، لاڙڪاڻو.

    4. تعليم؟
    بي اي آنرس سنڌي ادب (هلندڙ)

    5. ڪرت (پيشو)؟
    شاگرد

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    لکڻ، پڙهڻ، گمهڻ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
    ڪهاڻيون ۽ نثري نظم

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    تاريخ، فلاسافي، عالمي ادب، نفسيات.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    زندگي جو حصو آهي. جنهن مان اوهان کي زندگي کي سمجهڻ ۽ سکڻ ۾ وڌيڪ مدد ملي ٿي.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي ۽ ثقافتي اصلاحي هجڻ گھرجن.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    هر انسان جي تربيت جو حصو.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    زندگي جو اعلي مقصد.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    ڏيو نٿا ته ڏکايو به نه بهترين.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    سنگت کان سواءِ زندگي اڌوري آ ھميشه بهتر لاڳاپا ۽ رويا قائم جي ڪوشش.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    ڪارو ۽ اڇو. ڪردار جي خوشبو سڀ کان وڌيڪ وڻي آهي.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    هر اها سواري، جنهن ۾ سنگت ساڻ هجي.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    ہزاروں خواہشیں ایسی، کہ ہر خواہش پہ دم نکلے

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    منافقت کان پاسو ڪريو. جيڪڏهن ڪنهن جي خوشي نٿا ڏئي سگهو، ته ڪنهن کي ڏک به نه ڏيو.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    محبتون ونڊيو جيسين زندھ آهيو.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    هر انسان جي پنهنجي پنهنجي سوچ آهي، پر ماڻهو کي اهڙو هجڻ گهرجي جو، جيڪڏهن اوهان ڪٿان هليا وڃو، ته گهٽ ۾ گهٽ اوهان جي ڪردار جي خوشبو برقرار رهي.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    هر انسان سان محبت ونڊيو، ڪنهن به معاملي ۾ انتها پسندي کان پاسو ڪريو، جيترو ٿي سگهي، انسان سان محبت ۽ عزت سان ملو.

  • نورمحمد سمون ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    نورمحمد سمون ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    نورمحمد سمون ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.52.13 PMنورمحمد سمون: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ”نُور“ لفظ جي پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا آهي. نُور سان گڏ محمد شامل ڪري نالو رکيو ويندو آهي، ته ان نالي وارو نور محمد سڏيو ۽ سڃاتو ويندو آهي.

    نور محمد اسان جي ڳوٺ ۾ به آهي، پر ان کي اسان نورل سڏيون. ان کان اڳ اسي واري ڏهاڪي ۾ جنهن نور محمد سان ويجهڙائي ٿي، ان شاعري شروع ڪئي ته ”ساگر“ لکڻ ۽ سڏائڻ لڳو، پوءِ سندس ئي مڪمل نالي يعني نور محمد سومرو (بدين وارو)، هڪ نرالو شاعر ٿي اڀريو.

    سڀ نور محمد ساريندس ته نور محمد سمون رهجي ويندو. جيڪو بهترين نثر نويس آهي. سندس وڏو نالو آهي. مون کي سندس تحريرون وڻنديون آهن. اڪثر فيس بوڪ پوسٽون به برداشت ٿي وينديون آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن سندس پوسٽ پڙهي چڙي پوندو آهيان، ته ڪڏهن نظر انداز ڪري ڇڏيندو آهيان، ته ڪڏهن ساڻس وڙهي پوندو آهيان. مون کي پڪ آهي ته نور محمد سمون به ائين ڪندو هوندو.

    اسان جي رابطي، واسطي، ميل ملاقات کي ڇڏڻ بهتر ٿيندو، منهنجي سوالن جي جواب ۾ سندس لکيل مختصر تعارف ۽ ڪجهه ويچار اوهان جي نظر ڪجن ٿا، اميد ته پڙهي، پنهنجي راءِ ڏيندا.

    1. اوھان جو نالو؟
    نورمحمد سمون

    2. ولديت ذات سميت؟
    سگهو سمون

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ، هنڌ سميت)؟
    2 مئي 1971ع، ڳوٺ کُڻهار، لڳ ڍورونارو، ضلعو عمرڪوٽ.

    4. تعليم؟
    ايم اي صحافت

    5. ڪرت (پيشو)؟
    ملازمت

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    پڙھڻ لکڻ

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    مضمون نگاري

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    آتم ڪٿائون ۽ تاريخ جا موضوع پسند آھن.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    حرڪت ۾ وڏي برڪت آھي.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچهري به ڪلاس وانگر هجي ٿي، جتان سکڻ لاءِ گهڻو ڪجھ ملي ٿو.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي تقريبون ادبي هجن، ته بهتر آھن. عام طور ڏٺو ويو آھي، ته نالو ادب جو هوندو ۽ اندر سياست ٿيندي رهندي آھي. اهڙيون حرڪتون ڪرڻ وارن کي آئون “ٻھروپيا“ سمجهندو آھيان.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    اهي ڪم ۽ تقريبون لازمي آھن، پر پاڻ وٽ ڏٺو وڃي، جنهن سماج کي ترقي ڏيارڻ جون دعوائون ڪيون وينديون آھن، اهو اڳ کان به بري حال ۾ ٿيندو پيو وڃي. ٻئي طرف دعوائون ڪرڻ وارا پاڻ تمام جلد ٽيڪجيو وڃن. ان پسمنظر تي مظهر لغاري جو هڪ شعر به آھي ته ”اوهان جي بُک گهڻن کي ڍئو ڪرايا“

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    عزيز سدائين مهربان رهيا ۽ پاڻ ۾ وڏي دل سان پيش ايندا آھيون.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    سنگت ساٿ سان لاڳاپا ويران وير وڌ آھن، پر جڏھن انهن مان ڪو ئي پاڻ ثابت ڪري ڇڏيندو آھي، ته هاڻ اهو ڀروسي جي لائق ناهي، تڏھن گابا ٽاري ڇڏيندا آھيون.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    فطرت جا سمورا رنگ ۽ خوشبوئون پسند آھن.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    هي سوال سمجھ ۾ نٿو اچي.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    هر قسم جي تعصب کان پاڪ دنيا ڏسڻ چاهيان ٿو.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    خوش هجن.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    نيڪ خواهشون.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    جيئن آھن، جهڙا آھن، سونَ ساريکا لڳن ٿا.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    حياتي مختصر آھي، اها پيار محبت سان جيئو ۽ صوفي صادق فقير جو هيءَ شعر پڻ:

    واڄي وانگر وڄ، مٿي کي مرلي ڪري،
    جيڪي آھي اڄ، سو سڀاڻ ناهي صديق چوي.
    (صوفي صادق فقير)

  • پريم پتافي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    پريم پتافي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    پريم پتافي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.51.18 PMپريم پتافي: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    پهرين ڳالهه اها ته اڄ (05 مئي) شاعري جي مجموعي ”روشني جون اکيون“ وسيلي، اکين وارن جي اکين جِي جوت وڌائڻ جِي ڪوشش ڪندڙ، سھڻي ۽ سيبتي سرجڻھار پريم پتافي جي سالگرھه آهي، ان ڪري پريم سميت شاعري سان چاھه رکندڙن ۽ پريم سان پيار ڪندڙ سڀني دوستن، عزيزن، مٽن مائٽن ۽ گھڻگھرن کي پڻ پريم جي سالگرهه مبارڪ، پريم سميت سڀني لاءِ انيڪ نيڪ تمنائون…

    ٻيءَ ۽ آخري ڳالهه اها ته پريم سان روبرو ملاقاتون، ڪچهريون، ٽيليفون رابطا، فيس بوڪ دوستي وغيره جي حوالي سان آئون ڀلي ته ڇا به لکان، هڪ ته گهڻيون ڳالهيون رهجي وينديون، ٻيو ته ممڪن آهي پريم يا پڙهندڙ اختلاف ڪن ۽ ٽيون ته هن سلسلي وسيلي اوهان تائين سڌو سئون مختصر تعارف ۽ ويچار پهچائڻو آهي، ان ڪري تفصيلي خاڪو نه، جيڪو به آهي، اِهو ئي آهي، اوهان پڙهو، اسان کي پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪندا، ته اوهان جا ٿورا ٿيندا.

    1. اوھان جو نالو؟
    عبدالرزاق، ادبي نالو پريم پتافي.

    2. ولديت ذات سميت؟
    محمد يوسف پتافي

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):
    ڄمڻ جي تاريخ 5 مئي 1969ع، ڳوٺ مولوي بھاءُالدين پتافي، رھائش سومرا ڪالوني ميرپور ماٿيلو، ضلعو گھوٽڪي.

    4. تعليم؟
    ايم اي سنڌي، ايم ايڊ

    5. ڪرت (پيشو)؟
    استاد

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    لکڻ پڙھڻ ۽ پڙھائڻ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    شاعر آھيان، شاعري جو ھڪ ڪتاب ”روشنيء جون اکيون“ 2010ع ۾ ڇپيو، ٻيو گھوٽڪي جي گڏيل شاعرن جي مجموعي ”تارا تارا جھول ۾“ شاعري ڇپيل آھي، ٽيون ڪتاب ”وجود“ ڇپائي ھيٺ آھي.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    نثر ۽ شاعري جا ڪتاب مطالعي ھيٺ رھن ٿا.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير ۽ سفر ۾ سکڻ لاء تمام گھڻو مواد ملندو آھي. خاص ڪري تاريخ جي معلومات ملندي آھي ۽ شاعري لاء مشاھدو ملندو آھي.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچھريون ماڻھوءَ جي شخصيت ۾ نکار پيدا ڪن ٿيون. ماڻھو اٿڻ ويھڻ ۽ ڳالھائڻ جا آداب، ڪچھرين مان سکي ٿو.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    تقريبون ادبي ھجن يا سماجي خواهه سياسي، ماڻھو جي ذھني صلاحيت جي اوسر ڪن ٿيون ۽ تمام گھڻي معلومات فراھم ڪن ٿيون. ڪڏھن ڪڏھن تقريبون نوان نوان بحث ڇيڙين ٿيون. جيڪي ڪڏھن مثبت ته ڪڏھن تڪراري به ھجن ٿا.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    مائٽن سان تعلقات تمام گھڻا بھتر، سندن ڏک سک ۾ ڪوشش ڪري ضرور شريڪ ٿيندو آھيان.. ۽ ڪڏھن ڪڏھن ائين کين ملڻ لاء به نڪري ويندو آھيان.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    سنگت ساٿ سان پنھنجي طرفان ڪنھن حد تائين نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آھيان.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    مون کي سڀ رنگ وڻندا آھن، ڇو ته سڀ رنگ منھنجي محبوب جا آھن.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    جيڪا وقت تي ملي وڃي، اھا پسند اٿم.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    ھزارون خواھشين ايسي ڪہ،
    ھر خواھش پہ دم نڪلي.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    مائٽن لاء سک ۽ خوشيون چاھيندو آھيان.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    دوست جتي به هجن، خوش ھجن. سندن لاء ھر وقت دعاگو رھندو آھيان.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    ھرڪو ماڻھو پنھنجي پنھنجي مزاج جو مالڪ آھي. آئون سڀني کي سٺو ۽ مھذب ڏسڻ چاھيان ٿو.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    آئون ننڍڙو ماڻھو آھيان، منھنجو ڪھڙو پيغام.. شاھ سائين جي بيت جي صورت ۾ سڀني لاءِ دعا ته..
    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
    (شاهه)

  • ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.50.26 PMڊاڪٽر رياضت ٻرڙو: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو جي لاءِ جيڪڏهن آئون لکان ته هي پنهنجي منهن مٿي، پنهنجي رمز ۾، جيئن ۽ جهڙي تربيت ٿيل اٿس، پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ، ڪم ڪندڙ، ليکڪ ۽ محقق آهي، استاد آهي، ته شايد ان ۾ ڪو وڌاءُ به نه آهي. ڇو ته منهنجون ساڻس ملاقاتون ته نه، ملاقات به نه آهي (جڏھن تہ ھن پوسٽ تي ڪمينٽ ۾ ياد ڏياريائين تہ ”اسان جي هڪ ننڍڙي ملاقات حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ ٿيل آهي“) لکڻ پڙهڻ ناتي، فيس بوڪ تي، هڪ ٻئي سان دوستي ته ٿي آهي، پر مون کيس اجايو گهڻو سرگرم نه ڏٺو آهي. فيس بوڪ تي پوسٽون رکندو آهي، ڪنهن پوسٽ تي حاضري طور لائيڪ بٽڻ جو استعمال، ڪو ورلي، اهڙي طرح ڪو رايو به قسمت سان لکي. نه ڪنهن جي پنجن ۾، نه ستن ۾… پنهنجو گس وٺي، پنهنجو پنڌ پَٽيندڙ پانڌيئڙو آهي.

    مون کي جنهن وقت ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو طرفان، فيس بوڪ انٽرويو جي هن سلسلي ۾ شرڪت لاءِ، سوالن جا جواب مليا، سچ پچ ته خوشي پنهنجي جاءِ تي، مون کي حيرت به ٿي. آئون پنهنجي سوچ، پنهنجي عقل وارو، ڪٿان کان ڪٿان ٿيندو، موٽ کاڌم. پنهنجي ڪم ۽ وندر ۾ مصروف ٿي ويس. اڄ اٺين ڪڙي جو وارو آهي، ان ۾ منهنجي پڇيل سوالن جا جواب، يعني ڊاڪٽر رياضت جو مختصر تعارف ۽ سندس ويچار آهن. اميد ته ڌيان سان پڙهندا ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا.

    1. اوھان جو نالو؟
    رياضت علي، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو.

    2. ولديت ذات سميت؟
    شوڪت علي ٻرڙو

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)؟
    27- فيبروري 1970ع، قنبر شھر. 2009ع کان لاڙڪاڻي ۾ رهائش.

    4. تعليم؟
    بِي ايس سي (آنرز)، ايم ايس سي (فزڪس)، ايم ايڊ، ايم اي (سنڌي) ۽ پي ايڇ ڊي (سنڌي)

    5. ڪرت؟
    اسسٽنٽ پروفيسر، گورنمينٽ شاهه لطيف ڊگري ڪاليج، قنبر.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون؟
    لکڻ ۽ پڙهڻ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    رڳو ناول نه لکيو آهي، نه ته لڳ ڀڳ هر صنف ۾ لکيو اٿم. لڳ ڀڳ 35 مختلف لکيل، ترجمو ڪيل ۽ سھيڙيل ڪتاب ڇپيل ۽ ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهن.

    8. مطالعي ۾ ڇا کي اوليت ڏيو ٿا؟
    اڳ شاعري، ڪھاڻيون، ناول، سوانح حياتون، هاڻ لسانيات ۽ شاهه سائينءَ جو رسالو ۽ ان جي لغت.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    تمام ضروري آهي. گهمڻ ڦرڻ جو چاهه اٿم، پنھنجو ملڪ ڪجهه نه ڪجهه ڏٺو اٿم، ٻاهريان ملڪ گهمڻ چاهيان ٿو.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    اهم. دوستن ۽ اديبن سان ڪچھرين جو خواهشمند هوندو آهيان.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    تمام ضروري آهن.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماج جي اوسر لاءِ لازمي آهن.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    ڪوشش ڪري سٺا رکندو آهيان. وقتن فوقتن ملڻ سميت فون تي ڳالهائيندو آهيان.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    سٺا ۽ اطمينان جوڳا.
    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    سڀ پسند اٿم، تڏهن به اڇو، ناسي، ڪارو ۽ بِلو.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    ڪار، خاص ڪري جڏهن محبوب همسفر هجي.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    ماڻهپي ۽ آزاديءَ سان جياپو.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    علمي ۽ سماجي طور ترقي ڪن.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    سندن جائز خواهشون پوريون ٿين.
    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    علم ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ ۽ سھپ رکندڙ.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    مناسب تعليم ضرور پِرائڻ گهرجي

  • امداد سهتو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    امداد سهتو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    امداد سهتو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.49.32 PMامداد سهتو: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    امداد سهتو طبيعت ۾ مدد ڪندڙ ۽ سهپ رکندڙ، وقت جي زيان کان بچڻ جي ڪوشش ڪندڙ، گهڻي وچڙ کان پرهيز ڪندڙ، شاعر ته آهي، شروعات ۾ شاعري کي سمجهڻ جي ڪوشش گهڻي ڪيائين ۽ اڃا به ڪوشش ڪندو رهي ٿو، پر وچ ۾ شاعري جي نين صنفن تي طبع آزمائي سان گڏوگڏ نيون صنفون متعارف ڪرڻ جي به ڪوشش ڪيائين.

    آئون لکندس ته لکندو ويندس، امداد جو سندو لکيل مختصر تعارف ۽ ويچار رهجي ويندا. ان ڪري اوهان پڙهو، پڙهي راءِ ڏيو.

    1. اوھان جو نالو؟
    امداد علي (امداد سهتو)

    2. ولديت ذات سميت؟
    عبدالرحمان سهتو

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
    پهرين اپريل، ٺاروشاه ۾ جنم، عارضي رهائش اسلام آباد ۾، مستقل طور نيو تڪ، ٺاروشاه، تعلقو ڀريا، ضلع نوشهرو فيروز.

    4. تعليم؟
    ايم بي بي ايس ۽ پبلڪ هيلٿ ايڊمنسٽريشن ۾ ڊپلوما.

    5. ڪرت (پيشو)؟
    ملازمت

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    مطالعو

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    شاعري ۽ شارٽ اسٽوريز تي طبع آزمائي ڪئي اٿم. شاعري جي گڏيل مجموعي ”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ ۾ منهنجو مواد به آهي، جڏهن ته منهنجو مجموعو ”وڃايا ريت ۾ پيرا“ ڇپجڻ لاءِ ڪمپوز ٿي چڪو آهي.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    ادبي ڪتاب.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير سفر سان دل، دماغ ٻئي تازه توانا رهن ٿا. سکڻ جو، مختلف ڪلچرن کي سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو. پريڪٽيڪل لائيف نظر اچي ٿي ۽ نوان نوان دوست به متعارف ٿين ٿا.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    هڪ ٻئي کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    هڪٻئي کان سکجي ۽ سيکارجي ٿو.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    انسان جي سڃاڻپ ئي اتان ٿيندي آهي. سماجي ڪمن سان معاشرو مضبوط ٿئي ٿو. ڪنهن جي ڪم اچي، روحاني خوشي ۽ دعائون به حاصل ٿين ٿيون. سماجي تقريبن ۾ شرڪت سان هڪٻئي جو ٻانهه ٻيلي به ٿجي ٿو ۽ بهتر انداز ۾ خدمت جو موقعو پڻ ملي ٿو.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    تمام بهترين ۽ مثالي رهيا آهن، پر انهن کي اها شڪايت وري به ضرور هوندي آهي، ته مان غمي شادي ۾ گهٽ شريڪ ٿي سگهندو آهيان. جنهن جو واحد سبب نوڪري جي مجبوري (requirement) ۽ پري جا پنڌ رهيا آهن. اهڙي طرح پاڙي ۾ به هرڪو عزيزن واري حيثيت ڏيندو آهي.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    تمام بهترين.. مونسان اڄ تائين ڪو سنگت وارو ناراض ناهي رهيو. جنهن ڪري دوستي جو انگ وڌندو آهي، کٽندو ناهي.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    آسماني رنگ، خوشبوءَ ۾ موتئي جي خوشبو.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    ذاتي گاڏي / موٽر سائيڪل

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    ڪاش ٻاراڻو وقت موٽي اچي.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    جتي به هجن خوش هجن.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    جگ جگ جيئن(جڳ جڳ جيئن).

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    بس ماڻهو هجڻ کپي، جنهن کي اشرف المخلوقات جو درجو مليل آهي.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    هن وقت ته اهوئي پيغام آهي، ته دنيا وبائن جي لپيٽ ۾ آهي. ان کان بچڻ / صحتمند رهڻ لاءِ جيترو وقت گهر ۾ گذاري سگهجي ٿو، ته گذارجي.

  • ڊاڪٽر عبدالغفار جوڻيجو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ڊاڪٽر عبدالغفار جوڻيجو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ڊاڪٽر عبدالغفار جوڻيجو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.48.29 PMڊاڪٽر عبدالغفار جوڻيجو: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ڊاڪٽر عبدالغفار جوڻيجو، پهرين فيس بوڪ دوست ٿيو، ان دوران لڪي لڪي منهنجا گهر وٽان گذري ويو، ته پاڻ ئي منهنجو ڪن کڻايو، ان کان گهڻا ڏينهن پوءِ، جڏهن مليو، ڄڻ اڳي ملندڙ هو، چمي ۽ ڀاڪر گڏ پهتو، مرڪڻ کلڻ ٿيو، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ٿيو… دل چوندي آهي، وس ۾ هجي، چمي ڀاڪر جي سڪ ڪنهن جي به حوالي ٿئي، اهو نه ملي، ته ڊاڪٽر وٽ رسجي…

    قربائتو ته آهي، شاعر ته آهي، مسيحا ته آهي، نڀائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ته آهي، فيس بوڪ تي لائيو آن لائين جو، ريڊيو ٽي وي جهڙو پروگرام ڪرڻ جو شوق به رکي ٿو، اهو شوق پورو به ڪري ٿو. سندس يا ساڻس محبت ڪندڙن جو وڏو حلقو آهي.

    ان کان اڳ جو آئون سندس تعارف ڪرائي، گهڻو لکي وڃان، اوهان سندس لکيل سندس تعارف ۽ ويچار پڙهو، کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريو. پنهنجي راءِ مون سان ونڊ ڪريو.

    1. اوھان جو نالو؟
    ڊاڪٽر عبدالغفار جوڻيجو

    2. ولديت ذات سميت؟
    نامياري تعليم دان محترم عبدالرزاق جوڻيجو جو فرزند آهيان.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):
    منهنجو جنم تعلقي ڏيپلو کان ڪلوميٽر اتر طرف هڪ ڳوٺ راڻيويرو ۾ ٿيو، سال ۽ درست تاريخ ته نٿو ٻڌائي سگهان، باقي اسڪول ۾ داخلا وقت 20/05/1966 لکيل آهي، سا ڪا مستند ناهي. ڇو ته امان چواڻي ته تنهنجي ڄمڻ وقت سيءَ پئي پيا، پر منهجي بابا، جيڪو منهنجو استاد ڀي هو، تنهن منهنجي ذهانت کي پرکيندي، هڪ سال وڏو ڪري لکرائي، پهرئين ڪلاس ۾ داخل ڪيو۔
    هاڻي آئون قاسم آباد ۾ رهائش پذير آهيان۔ نوڪري ڀي قاسم آباد جي تعلقه اسپتال ۾ اٿم۔

    4. تعليم؟
    تعليم جي باري ۾ ٻڌايان ته سڄي ڄمار سکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ ٿوري آهي۔ مون لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو، هاڻوڪي لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ۾ گريجيوشن ڪئي. بعد ۾ ڪميونٽي هيلٿ مئنيجمينٽ ۾ڊپلوما، اسلام آباد مان، امتيازي نمبرن سان، يعني پهرين پوزيشن کڻي پاس ڪيم. اهو منهنجي لاءِ اعزاز هو، ته پنجاب مان يا اسلام آباد مان ڪنهن ڪامپيٽنسي بئسڊ امتحان ۾، سنڌي هئڻ جي ناتي فرسٽ پوزيشن کڻان۔

    5. ڪرت (پيشو)؟
    ڪرت ته سنگت ۽ پڙھندڙن کي پتو پئجي چڪو هوندو، ته آڪٽوبر 1992ع کان سرڪاري نوڪر يعني ڊاڪٽر طور صحت کاتي جو ملازم آهيان۔

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    ترجيحاتي مصروفيتون حالتن، موسمن ۽ دلي ڪيفيتن تي منحصر آهن۔ مطالعو، يعني ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف رهڻ۔ ادبي تقريبات ۾ شموليت ۽ ڪجھ پرائڻ ۽ گهر ۾ پنهنجي نياڻي سان گڏ وقت گذارڻ ئي منهنجين مصروفيتن جو محور آهن، باقي ڪجھ اڻ ٿيڻا ڪم ڀي قدرت ڪرائي ٿي. جنهن تي منهنجو وس ڪس نٿو هلي۔

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    ليکڪ ڀي آهيان. شاعر ڀي، پر شاعري منهنجو جياپو بڻي، نه ته آئون ڪڏهن ڪو هن اڏوهي کاڌل سماج جي سورن سببان مري مٽي ٿي چڪو هجان ها۔ شاعري مون ۾ پلي وڌي آهي ۽ آئون سندس ٿپڪين تي آسيس سمجهي، سڪون مان ڪا وائي يا نظم لکي، ڪجھ گهڙيون فرحت محسوس ڪندو آهيان۔
    ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن م مواد ڇپيو آهي۔ شاعري جي گڏيل مجموعن ”شاعري جو آڪاش“ ۽ ”ننڊ جا نيڻ“ ۾ ۽ ”سخنور سنڌ ڌرتي جا“ نالن سان ڇپيل ڪتابن ۾ منهنجو مواد به آهي. ٻن ڪتابن جو مواد ترتيب ڏئي چڪو آهيان. انشاءَ الله ڪرونا وبا ٽري ته ڪم کي تڪميل تائين رسائجي۔ ”وات ۽ ڏندن جون بيماريون ۽ انهن جا جسماني اثرات“ تي لکيل ڪتابچو ڀي تڪميل ٿيل آهي، باقي ڇپائي جو عمل رهيل آهي۔
    ”ٿر جي پاڻي ۾ موجود فلورائيڊ جا صحت تي هاڃيڪار اثرات“ تي ريسرچ ۾ ايوارڊ مليو اٿم۔ انهي کانسواءِ احساس ايوارڊ، ڊينٽل ڪوئيز سنڌ ايوارڊ، ٿر رينجرز هيڊ ڪوارٽر جي ڪمانڊنٽ طرفان بهتر ڪارڪردگي ايوارڊ ۽ ڪجھ ٻيا ايوارڊ ڀي مليا اٿم۔
    مون ڏهن شاعرن تي لائيو پروگرام ڀي ڪيا آهن ۽ سلسلو هلندڙ آهي۔

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    مطالعو معنا خيز هجڻ کپي۔ مختلف ادبي ڪتاب۔ لطيفيات۔ اياز۔ جديد ۽ نوجوان ڪوتاڪار۔ پرڏيهي ادب۔ نيڻن کي پڙھڻ، پر اهو ڪم شايد آئون خوش اسلوبي سان سرانجام نه ڏيئي سگهيو آهيان۔ اڄ ڪلهه فلڪيات ۽ گرهن ۾ گم ٿيڻ جو شوق جاڳيو اٿم۔ سو مطالعو وسيع هئڻ گهرجي.
    مٺل سائين، ڀٽائي ۽ فڪر لطيفي، منهنجو عشق رهيو آهي. باقي مسنون دعائون ۽ قرآن پاڪ جو ترجمون پڙھندو آهيان۔

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير سفر سان ماڻھون مشاهدو ماڻي ٿو. خاص طور شاعر کي نوان خيال ۽ احساس ملي ٿا پون. سو سير سفر انتهائي ضروري آهي۔ پنهنجن ماڳن، دڳن کان علاوه ڏيساور ڀي سفر ضرور ڪجي۔

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچھريون اسان کي هڪٻئي کي سمجهڻ ۽ پرڙڻ لاءِ ضروري آهن۔ اياز گل ته ايئن ڀي لکيو ته:
    روز ملندا رهون ته بهتر،
    فاصلا فاصلا وڌائين ٿا۔

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي تقريبون هڪ قلمڪار کي نوان لاڙا ۽ نوان دڳ ڏيکارين ٿيون۔ ادبي حلقن مان اسان گهڻو ڪجھ پرايون ٿا. سو آئون ڪوشش ڪري، ادبي ميڙاڪن جو حصو بنجندو آهيان۔

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    انسان بنيادي طور هڪ سماجي جانور آهي۔ سو سماجي جوڙجڪ ۾ سندس ڪارائتو ڪردار ڀي ضروري آهي۔ پنهنجن جي پرگهور لهڻ، ڪنهن درد ڀري دل جو مداوو ٿيڻ، منهنجي نزديڪ اعلى قدر آهن۔ ”احساس بنا ماڻهون اخبار پراڻي آ“۔ خاص طور اڄڪلهه جهڙي وبائن ۽ آفتن جي دور ۾، ڪنهن ضرورت مند جي ڪم ايندي خوشي ٿيندي اٿم۔

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    عزيزن سان لڳ لاڳاپا۔۔.! آئون شايد انصاف سان، انهي سوال جو جواب نه ڏيئي سگهان! وت آهر ڪوشش ڪندو آهيان، ته منهنجو ڪردار مثبت هجي۔ آئون پنهنجن عزيزن جي عزت ڪندو آهيان۔ جيتوڻيڪ مٽن مائٽن ۾ اڳيون قرب ڪونهي ڪو، پر ڪوشش ڪجي، ته پنهنجي ذات، ڪنهن جي دل رنجائي جو سبب نه بڻجي۔

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    دوست منهنجا اتساه آهن۔ سٺا دوست ئي منهنجي مشڪل گهڙين م آٿت بنجندا آهن۔ سنگت جو هڪ وسيع حلقو آهي. سڀن سان انصاف ڪندي پورو پوڻ مون لاءِ مشڪل آهي۔ ٻيو شگر ۽ دل جون بيماريون ننڍي وهيءَ ۾ وچڙي ويون اٿم۔ سو جن دوستن وٽ نٿو رسي سگهان، انهن کي هٿ جوڙ ضرور ڪندو آهيان۔ شل سڀئي سکيا سهنجا هجن۔

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    منهنجي پسند جو رنگ ناسي نيڻ۔ خوشبو پهرين برسات، جڏهن واريءَ تي پوي ٿي ۽ جيڪا ڀنل مهڪار اٿي ٿي، انهي جي، ڪا خوشبو ثاني ناهي۔

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    خواهشون انسان جي سيراندي کان سمهنديون آهن، سو پراڊو يا سفاري جيپ جي سواري وڻندي اٿم۔ جڏهن ته ننڍپڻ ۾ سائيڪل هلائڻ جو شوق هئم۔

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    خواهشون ته جيئري جيءَ سان جڙيل هجن ٿيون۔ سندم سڳي سئوٽ سان دل هئم، پر سندس بيوفائي مون کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري ڇڏيو۔ باقي خواهش اٿم ته اهڙو اختيار هجي، جو سنڌ ڌرتي تي مسڪين ماروئڙن جي درد جو درمان ٿي سگهان۔

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    مٽ مائٽ ۽ سنگتي منهنجي چوڻ سان ڪجھ ڀي نه ڪندا۔ کين دلين م احساس ۽ اکين ۾ آشنائي هئڻ گهرجي۔

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    عام ماڻھون، خاص طور سنڌي سماج، پنهنجي پاڻ ۾سهپ ڌاري، پنهنجن حقن جي حاصلات، باهمي اختلاف پري رکجن۔ پنهنجن ٻچن کي تعليم ڏيارين۔ کين خدمت ۽ فرض شناسائي جو درس ڏين۔ انهي طرح پنهنجي مٽي ۽ ماڳن جا محافظ بنجن۔

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    مٺل سائين پيغام دٻٻو رکندڙ وڏا ماڻھون ڏيندا آهن۔ آئون ڀٽائي جون امر سٽون عرض رکندس ته:
    محبت پائي من ۾، رنڍا رهڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو اگهايو.

  • اقبال بلوچ ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    اقبال بلوچ ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    اقبال بلوچ ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.47.23 PMاقبال بلوچ: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    اقبال بلوچ سان پهرين ملاقات ممتاز مرزا آڊيٽوريم هال، سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي سامهون، سج لهڻ مهل واري ٿڌڙي شام جو ٿي هئي. پاڻ سندس وڏي ڀاءَ ناصر بلوچ سان گڏ هو. ان سان به هي پهرين ملاقات هئي. ملڻ جو سبب اسان ٽنهي جو مشترڪه دوست هو. ان جو نالو اقبال ۽ ناصر بلوچ جي امتحان طور نه ٿو لکان!

    ان کان پوءِ ملاقاتن جو ئي نه، ڪچهرين جو سلسلو شروع ٿيو، ته اهو صرف ڪچهرين تائين ئي نه، ذاتي سک سور سلڻ تائين پهتو. ڪتابن جي ڏيتي ليتي تائين پهتو. ٻئي ڀائر مون کي سندن ڪتاب مفت ۾ ڏئي، مون کان پڙهڻ ۽ انهن تي لکڻ جو پورهيو ڪرائيندا رهيا آهن.
    اسان هڪ ٻئي وٽ آيا ويا به آهيون، ته ڪن ادبي تقريبن ۾ اتفاق سان ته ڪن ۾ وري ملڻ جو اڳواٽ طئه ڪري به ملندا رهيا آهيون.

    ٻنهي ڀائرن جو مون تي ۽ منهنجوانهن ٻنهي تي ڇا ڇا قرض آهي، سو ته قطعي ڪو نه لکبو، پر ٻنهي جو مون تي انبڙين جي چٽڻي جو قرض آهي، جيڪو تڏهن لهي سگهندو، جڏهن انبڙين جي موسم ۾ ڪَهي ايندا. اڪيلا ايندا يا ڊاڪٽر جوڻيجي کي به وٺي ايندا، اها سندن مرضي ۽ ڊاڪٽر جوڻيجو اوهان ڪهڙو ٿا سمجهو، اها هڪ اوهان جي مرضي ته ٻيءَ ٻنهي ڀائرن ۽ ڊاڪتر جوڻيجي جي مرضي ته سڄو نالو لڪائين ٿا يا ظاهر ٿا ڪن!

    دل ۾ نه ڪجو. آئون گهڻو نه ٿو لکان. اقبال بلوچ جو مختصر تعارف ۽ سندس مختصر ويچار اوهان سان جيئن جو تيئن، ڪاپي پيسٽ وسيلي ونڊ ٿو ڪريان، ان اميد سان ته اوهان کي هي ڳالهه ٻولهه وڻندي ۽ ان جو اظهار، اوهان پنهنجي مثبت راءِ ۾ ڪندا.

    ١. اوھان جو نالو؟
    محمد اقبال بلوچ / اقبال بلوچ.

    ٢. ولديت ذات سميت؟
    حسن علي بلوچ ـ ڪھيري بلوچ ـ ڪاغذن ۾ چانڊيو بلوچ.

    ٣. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ)؟
    جنم پهرين ڊسمبر 1956ع، تلھار شهر، ضلع بدين، ھاڻي ڪراچي ۾ رهائش آهي، بدين ۽ حيدرآباد شهر ۾ به رهڻ ٿيو.

    ۴. تعليم؟
    ايم اي ـ ايل ايل بي.

    ۵. ڪرت (پيشو)؟
    سرڪاري ملازم رٽائرڊ / ٽريزري آفيس، حيدرآٻاد.

    ٦. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    ادب سان دلچسپي

    ٧. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    ھر صنف تي لکيو اٿم پر بنيادي طرح ڪھاڻيڪار آھيان. منھنجا
    ست ڪتاب ڇپيل آهن.

    ٨. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    ڪھاڻيون ـ ناول ۽ آتم ڪٿا وغيرہ…

    ٩. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير سفر زندگي لاء ضروري آهي.

    ١٠. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچھرين سان محبتون وڌن ٿيون.

    ١١. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    وس آھر يا وقت آھر ادبي سرگرمين ۾ شامل ٿيندو آھيان.

    ١٢. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    زندگي جو حصو بنائجن.

    ١٣. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    محبتن ڀريا.

    ١۴. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    محبتن ڀريا.

    ١۵. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    اڇو / ڪارو.

    ١٦. اوھان جي پسند جي سواري؟
    ڪار.

    ١٧. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    دنيا گھمڻ جي خواھش / ۽ ٻي خواھش ٻڌائڻ پسند نه ڪندس.

    ١٨. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    مٽن مائٽن جي موجودگي ضروري سمجھان ٿو زندگي ۾.

    ١٩. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    سنگت ڏک سک ۾ ڪم اچي ٿي.

    ٢٠. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    Give / take

    ٢١. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو:
    خوشيون ۽ محبتون جيتريون وٺي ڏئي سگهجنa

  • سميع ساجد جوڻيجو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    سميع ساجد جوڻيجو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    سميع ساجد جوڻيجو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.46.27 PMسميع ساجد جوڻيجو: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مهربان پڙهندڙو! محبتي شخص، شاعر ۽ استاد سميع ساجد جوڻيجو سان، اوهان مان ڪيترا مليا به هوندا، ڪن ڪٿي ٻُڌو، ته ڪٿي پڙهيو به هوندو. هتي فيس بوڪ انٽرويو جي سلسلي ۾ چوٿين ڪڙي طور جيڪو سندس مختصر تعارف آهي، ان بابت به ممڪن آهي ته ڪي مهربان ڄاڻندا به هجن، پر آئون يقين سان چئي سگهان ٿو، ته هتي ڏنل مواد پڙهندا، ته ان ۾ اوهان لاءِ ڪجهه نت نئون، دلچسپ، معلوماتي ۽ ڪارائتو به آهي. اميد ته پڙهي، پنهنجي راءِ ضرور ڏيندا.

    اوھان جو نالو؟
    سميع احمد، قلمي نالو ’سميع ساجد جوڻيجو‘

    ولديت ذات سميت؟
    غلام سرور ”حاذق“ جوڻيجو

    رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):
    پهرين اپريل 1963ع، ڳوٺ نم شريف، تعلقو ڳڙھي ياسين

    تعليم؟
    بي-ايڊ، ايم-اي

    ڪرت (پيشو)؟
    استاد

    ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    لکڻ ۽ پڙھڻ

    ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    شعروشاعری

    مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    شعروادب

    سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير سفر زندگي لاء تمام ضروري آهي

    ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچھريون سنڌي ڪلچر جو اهم حصو آهن

    ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي تقريبون سنڌي ادب جي واڌ ويجھ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون

    سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    خلق جي خدمت ڪرڻ هڪ بهترين ڳالھ آھي. اسانجو مذهب به اسانکي اهو ئي درس ڏي ٿو.

    اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    سٺا رهيا آهن.

    اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    بهترين.

    اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    اڇو، بوسڪي ۽ بلو.

    اوھان جي پسند جي سواري؟
    موٽرسائيڪل.

    مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    باھ رشتن کي لڳي ”ساجد“ وئي،
    مان مٽي ۽ مائٽي ڳوليان پيو.
    (س. س. ج)

    سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    سنگت سان سڪ ۽ ساٿ هجڻ گهرجي.

    عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    بااخلاق هئڻ گهرجن، سچا ۽ خلوص وارا هن.

    اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، تہ ضرور لکو؟
    وڳر ڪيو وتن پرت نہ ڇنن پاڻ سين،
    پسو پکيئڙن ماڻھان ميٺ گھڻو.
    (شاھ رح)

  • انجنيئر عبدالوھاب سهتو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    انجنيئر عبدالوھاب سهتو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    انجنيئر عبدالوھاب سهتو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    انجنيئر عبدالوھاب سهتو: مختصر تعارف ۽ ويچار

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.45.37 PMترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مهربان پڙهندڙو! فيس بوڪ انٽرويو سلسلي جي ٽئين ڪڙي ۾ پهاڪن، چوڻين، ورجيسين، محاورن ۽ اصطلاحن تي شايد سنڌ ۾ ٻين سڀني کان گهڻو ڪم ڪندڙ محقق ۽ ڪهاڻيڪار انجنيئر عبدالوھاب سهتي جو مختصر تعارف ۽ سندس ڪجهه ويچار اوهان جي نظر ڪجن ٿا. اميد ته قبول پوندا.

    اوهان جي محبتن ڀري مثبت موٽ، اوهان لاءِ وڌيڪ معلومات ۽ بهتر ويچار ونڊڻ لاءِ اتساهه بڻبا. اوهان جي مطالعي منتظر سوال جواب آهن:

    1. اوھان جو نالو
    عبدالوھاب.

    2. ولديت ذات سميت
    محمد بچل سھتو.

    3. رھائشي پتو (ڄم جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)
    ڄم پنج مئي ۱۹۵۹ع، ڄم جو ھنڌ ڳوٺ ڄام نورالله، تعلقو ڪنڊيارو، ضلع نوابشاھ/ نوشھروفيروز، موجودھ پتو: ۸۹- پروفيسرس ڪالوني، گھٽي -۳، قنبر روڊ، لاڙڪاڻو.

    4. تعليم
    بي اي (سول) (سال ۱۹۸۴ع) ، ايم اي (سنڌي) (سال ۱۹۹۳ع).

    5. ڪرت
    پيشو: انجنيئر.
    ڌنڌو/ ڪار: پرنسپال، لاڙڪاڻه گرامر اسڪول، لھر ڪالوني، ميرو خان روڊ، لاڙڪاڻو.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر
    پڙھڻ، لکڻ، بلاگنگ ۽ فيسبڪ تي چئٽ.

    7. ليکڪ آھيو تہ شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو
    ڪھاڻيڪار (ڪھاڻين جا ٽي مجموعا)، مضمون نگار (چند مضمون)، مترجم (چند مضمونن جا). ۲. لوڪ ادب ۾ پھاڪا ۽ چوڻيون (سورھن کن ڪتاب ڇپيل). لغتيات (ورجيسون؛ پسمنظر ۽ ڪارج)

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا
    نثر (افسانا، مضمون/ مقالا، ڪالم). شاعريءَ ۾ فقط شاھ جو رسالو.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾
    چڱو آھي، پر ھوند سان. بشرطيڪ ساٿي خوبصورت ھجي، موسم سھاني ھجي، روڊ رستا شاندار ھجن، گاڏي آرامده ھجي، ڊرائيور خوبرو ۽ فرمانبردار ھجي، پنھنجي صحت سالم ھجي.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾
    سدا قائم ھجن. سٺيون آھن. شرط اھو آھي ته منجھن ويٺل محفل جا مور، گفتي جا ڄاڻو، لفظن جا سپورنج، سخن چين، سخن ور، سخن دان، ديده ور، دل کولي داد ڏيندڙ ھجن.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾
    چڱيون. اڻيھي نه ھجن. زندگيءَ ۾ ھڪ اڌ يادگار تقريب پڻ ٿيڻ گھرجي. بشرطيڪ مندوبين مانائتا/ شانائتا، علم جا ڄاڻو، گفته شناس، گفتگو جا ماھر، ادب شناس، اديب/ ادب سان پيش ايندڙ، لفظن جا گوھر سندن چپن تي ھجن. نه ڊاڙي لٻاڙي ھجن، نه گلم جا توبچي ھجن. نه گفتي جا غازي ھجن، نه ٺڪائي ٻٽاڪي ھجن.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾
    تمام ڀليون. شرط اھو آھي ته نيڪ نيتيءَ تي مبني ھجن. اھڙو لڪائي سخا ڪجي جو وٺندڙ وٺندي عار محسوس نه ڪري، ڏيندڙ جا ڏيندي ھٿ سور نه ڪن. نام نمود، ديد شنيد کان پري ھجي.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا
    ڳنڍڻ وارا، برداشت ۽ سھپ سان جيترو ھلي سگھن. وري ڀرم رکڻ وارو رب ڪريم آھي، تنھن کي پارت آھي.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا
    سھپ ۽ برداشت وارا. شرط اھو آھي ته اڳلا به پٽ پٽان نه ڪن.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو
    آف وھائيٽ ۽ آسماني.
    مٽيءَ تي ڇڻڪار سان اٿيل ھٻڪار جي مھڪ واري خوشبوءِ وڻندڙ، فرحت بخش آھي. ٻين خوشبوئن سان مٿي ۾ سور پوندي دير نه ٿيندي آ.

    16. اوھان جي پسند جي سواري
    چؤ-ڦيٿي. ماڊل نئون ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ، آرامده، پيٽرول اڻ-ميو، اسٽيئرنگ پنھنجي ھٿ ۾ ھجي.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو
    ھزارون خواھشين ايسي ڪه ھر خواھش پي دم نڪلي، بھت نڪلي ارمان ميري، ڦر ڀي بھت ڪم نڪلي. بھرحال دنيا جون خواھشون ڌارجن، ته ھزارين آھن. رب پاڪ انھن کان پناھ ۾ رکندو. بس کانئس اھا تمنا آھي ته ھلنديءَ ھلائي، ڪنھن جو محتاج نه ڪري، نه ڪنھن جو ڳيجھو ڪري.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو
    الله کين سدائين آباد رکي، ڪا تڪليف نه ڏئين. اگر انھن تي تڪليف آئي، اھا ڦري پاڻ تي ايندي. اسان کي ھجي نه ھجي، انھن کي ضرور ھجي. ور نه ته عربي چوڻي آھي؛ الاقارب کالعقارب.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو
    الله سدا آباد رکين. سدا خوش ھجن. اھي خوش آھن، اسان خوش آھيون. انھن جي خوشيءَ ۾ اسان جي خوشي آھي. انھن جي تڪليف، اسان جي تڪليف آ.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن
    الله ﷻ سڀني کي سوچي سمجھي ٺاھيو آھي. ظاھر توڙي باطن، صورت توڙي سيرت. جيڪي به آھن، تمام ڀلا آھن. الله ﷻ جي جوڙ تي ڪو به اعتراض ناھي. تمام سھڻي آھي. اگر مون کي سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته منھنجي سمجھ جي ڪمي ڪوتاھي آھي.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، تہ ضرور لکو
    محنت ۾ عار نه سمجھڻ گھرجي. جيڪو به ڪم ڪجي سچتائيءَ سان ڪجي. منجھس ڪو به جھول نه ڇڏجي. دل و جان سان، بنا ڪنھن ناغي يا ڪوتاھيءَ/ ڪاھليءَ جي ڪجي.