Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • خادم گھراڻو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    خادم گھراڻو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    خادم گھراڻو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.05.05 AMخادم گھراڻو: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ماڻهو چون ٿا، ماڻهو تي نالي جو اثر ٿئي ٿو! مون تي منهنجي نالي جو ڪيترو اثر آهي؟ مون کان وڌيڪ ڪير ڄاڻندو؟ خادم گهراڻو، خادم آهي يا نه؟ مون سميت ٻيا به گهڻا ڄاڻن سڃاڻن ٿا. هن شخص کي سندس سک چين ڦٽائي، ٻين جي ڪمن ۾ به، ڄڻ ته سندس ئي ڪنهن ضروري ڪم ۾ مگن ڏٺو آهي. سڄي سڄي ڏينهن جو رولڙو، پيئڻ جو پاڻي ملڻ به ڏکيو، پر ڏِک اهڙي، ڄڻ خادم لاءِ مڙئي خير ٿيو… آئون ته سندس پاران ڪيل لحاظ ۽ حجاب ۾ فرق به نه ڪري سگهندو آهيان. استاد به مثالي آهي.

    خادم گهراڻي جو مختصر تعارف ۽ ويچار پڙهو، کيس سڃاڻو يا نه سڃاڻو، پر هي انٽرويو پڙهي، اوهان ڪيئن پيا محسوس ڪريو؟ اسان سان ضرور ونڊ ڪندا.

    1. اوهان جو نالو؟
    منهنجو اصل نالو محمد خان، ادبي نالو خادم گھراڻو آهي.

    2. ولديت ذات سميت؟
    محمد صديق گھراڻو.

    3. رهائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
    ڄمڻ جي تاريخ 5 آڪٽوبر 1967 ع نصرپور، رهائش پير جڙيل شاھ محلا، اڏيرو لعل روڊ، نزد مٽياري چونڪ، نصرپور، تعلقو ضلعو ٽنڊوالهيار.

    4. تعليم؟
    ايم اي (ايڪانامڪس)، بي ايڊ.

    5. ڪرت (پيشو)؟
    گورنمينٽ ملازم (هائي اسڪول ٽيچر).

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    تاريخي جڳهن تي گھمڻ، ڪتاب پڙهڻ، انٽرنيٽ کي هلائڻ.

    7. ليکڪ آهيو ته شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آهيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
    ليکڪ آهيان، شاعري، ڪهاڻيون، مضمون، ڪتابن تي تبصرا لکندو آهيان. سنڌ سلامت ڪتاب گهر طرفان ٽي ڪتاب ڇپيا آهن. 1. ”سمنڊ ڪنارو“ (شاعري) 2016ع ۾، 2. ”هيرن جواهرن جو ٿيلهو“ (ٻارن جون ڪهاڻيون) 2016ع ۾، 3. ”ٽارين جد ٿيا گل“ (ڪهاڻيون) 2016ع ۾. جڏهن ته محترم استاد سعد الله سپاهي جو سوره رحمان جو منظوم ترجمو عروس القرآن، ڪمپوزنگ ڪري، سنڌ سلامت ڪتاب تي 2017ع ۾ اپلوڊ ڪرايو. محترم سعدالله سپاهي ابڙو جو ناول گلبهار ٻه معصوم مکڙيون ڪمپوز ڪري 2016ع ۾ سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرايو. گل نصرپوري جو ناول درياء جي ڪپ تي 2016ع ۾، سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي اپلوڊ ڪرايو. محترم لونگ خان عاجز ڀاڻو جو ناول نرالو نينهن ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت وارن شايع ڪيو. ٽي ڪتاب شاعري جو درياء ڪنارو، مضمونن جو گونگي جا گفتا ۽ شخصيتن بابت نصرپور جا گل سنڌ سلامت ڪتاب گهر ڏانهن موڪليل آهن. ان کانسواءِ سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ شاعري، مضمون، تبصرا، ڪهاڻيون شايع ٿيندا رهن ٿا. هنڌ واسي ۾ به ڪهاڻيون ۽ شاعري شايع ٿي آهي.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙهڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    مطالعي ۾ تاريخي ڪتاب، ڪهاڻين، شاعري ۽ سفر نامن جي ڪتابن کي اوليت ڏيندو آهيان.

    9. سير سفر، اوهان جي نظر ۾؟
    سير سفر ڪرڻ سان معلومات ملي ٿي. علم ۾ اضافو ٿئي ٿو.

    10. ڪچهريون، اوهان جي نظر ۾؟
    ڪچهرين سان محبت وڌي ٿي. هڪ ٻئي سان خيال شيئر ڪجن ٿا.

    11. ادبي تقريبون، اوهان جي نظر ۾؟
    ادبي تقريبن ۾ پنهنجي پاڻ کي شامل ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ته نوان دوست ملن ٿا، نوان رابطا پيدا ٿين ٿا. ٻين جي لکتن جي خبر پوي ٿي.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوهان جي نظر ۾؟
    سماجي ڪمن جي حوالي سان عرض ته پنهنجي لاءِ هرڪو جيئي ٿو، اصل مزو تڏهن آهي، جڏهن ٻين جي ڏکن کي پنهنجو ڪجي ۽ پيڙائن جي ور چڙهيل ماڻهو جي خدمت ڪجي. هڪ سماجي ورڪر بنجي، سماجي تقريبن ۾ مسئلن جي خبر پوي ٿي. هڪ تنظيم جي صورت ۾ سماجي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو.

    13. اوهان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    جيڪي عزيز آهن، انهن سان پنهنجو تعلق قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ڪنهن کي به شڪايت جو موقعو نه ڏيندو آهيان، ڪجهه عزيزن کان پري به رهندو آهيان. رويي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ اچي ويندي آهي.

    14. اوهان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    دوستي هڪ نازڪ رشتو آهي، جن دوستن ۾ لالچ لوڀ نه هوندي آهي، انهن سان گھڻو گذاريندو آهيان. جيڪي وقت جا پوڄاري هوندا آهن، انهن سان سلام دعا تائين محدود رهندو آهيان. دوستن سان ڪوشش ڪري سٺو رويو رکندو آهيان.

    15. اوهان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبوءِ؟
    منهنجي پسند جو رنگ اڇو ۽ گلابي آهي. خوشبوءِ گلاب ۽ موتئي جي وڻندي آهي.

    16. اوهان جي پسند جي سواري؟
    خاص طور پنڌ هلندو آهيان، باقي موٽر سائيڪل جي سواري پسند آهي.

    17. اوهان جي اهڙي خواهش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    منهنجي خواهش آهي ته منهنجو، اسان جي قوم جو اولاد محنت ڪري، ڪاميابي ماڻي، منزل تي رسي، انسان ذات جي خدمت ڪري.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چئو؟
    جڏهن بي سهارا هئاسين، امڙ نه هئي، بابا هو، جيڪو ٻڪرار هو، ان وقت جن مائٽن پنهنجو ڪيو، انهن تان جان به قربان، جن پري ڪيو، هاڻي پنهنجو چون ٿا، انهن سان مڙئي رشتو نڀايون پيا.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چئو؟
    بهترين ساٿي اهو آهي، جيڪو ڏکي ويل ڪم اچي.

    20. عام ماڻهو ڪيئن ۽ ڪهڙا هجڻ گھرجن؟
    عام ماڻهو قرب ونڊڻ ۽ هڪ ٻئي سان ساٿ ڏيڻ وارا هجن.

    21. اوهان ڪو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا ته ضرور لکو؟
    منهنجو اهو پيغام آهي ته نفرتن کي ختم ڪريو، محبت قائم ڪريو، پنهنجي پٽن ۽ نياڻين کي علم جي زيور سان منور ڪريو.

  • مسافر هاليپوٽو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مسافر هاليپوٽو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مسافر هاليپوٽو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.04.12 AMمسافر هاليپوٽو: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    وفائون به مسافر ٿينديون آهن! مون کي اها خبر مسافر هاليپوٽي جي شاعري جو پهريون مجموعو ”مسافر وفائون“ ڇپجڻ جي تيارين وقت پئي. هونئن نه ته مسافر هاليپوٽو ٽنڊي باگي وارن هاليپوٽن شاعرن جيترو مشهور ۽ مقبول آهي يا نه، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ هي به ڇپبو رهيو آهي. مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٿيندڙ ادبي تقريبن ۽ مشاعرن ۾ به اڪثر شريڪ ٿيندو رهيو آهي. هن جو ڳوٺ ماتلي کان ٽنڊي باگي جي ابتي ڏِس ڏانهن، ڦلڪارا ۽ گلاب لغاري جي وچ ڌاري آهي. شل نه ان طرف وڃڻو پوي. جيڪو ويندو، سو ياد ڪندو!

    مسافر جون مُرڪون ۽ محبتون وفادار آهن. سندس ٻيو تعارف، منهنجي سوالن جا جواب لکي هن پاڻ لکيو آهي ۽ منهنجي ئي سوالن جا جواب لکندي، سندر ويچار به هن پاڻ لکي موڪليا آهن. اميد ته پڙهي، پنهنجي راءِ ڏيندا.

    1. اوھان جو نالو؟
    عبدالسلام، مسافر هاليپوٽو.

    2. ولديت ذات سميت؟
    حاجي رمضان هاليپوٽو.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)؟
    5. فيبروري 1978ع، ڳوٺ حاجي راهو هاليپوٽو، تعلقه ماتلي، ضلع بدين.

    4. تعليم؟
    مئٽرڪ

    5. ڪرت (پيشو)؟
    دڪانداري.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    ڪتاب پڙھڻ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آ. ”مسافر وفائون“ تازو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ڪهاڻيون لکيون اٿم، جن مان ڪتاب جيترو مواد مختلف رسالن ۾ ڇپيل آھي، ڪالم به لکيا اٿم.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    خاص ڪري تاريخ… باقي سڀ موضوع.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير تفريح ڀلو ڪم آھي…. هونئن به چوندا آھن ته گھڻي کاڌي کان گھڻو ڏٺو ڀلو…

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    سڪون….

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڀلو عمل آھي. حق، انصاف سان، ترجيحي بنيادن سان هجڻ کپن…

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    خلوص سان ٿين، بي لوث ھجن. خالص انسانيت ناتي سان ته اهڙو ڀلو ڪو ٻيو عمل ئي ناهي.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    جيڪو جيترو لهڻي ٿو، ان کي اوترو مان ڏيندو آھيان.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    پنهنجي وس آھر نڀائيندو آھيان، اهو سوچي ته ”او جي او جاڻن سانون اپڻي توڙ نڀاوڻي هي“.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    گلابي….. گلاب…

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    ريل، باقي جا منزل تي پهچائي، سا اکين تي…

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    ڳوٺ ۾ اسڪول کولڻو اٿم، بس.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    ”رٺا ئي رهن پر هجن شل حياتي“.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    ”جتي هجو سکيا هجو اسان جي آ دعا اها“…

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    سادا هجن پر سکيا هجن… دعا اهائي گھرندو آھيان ته ”عالم آسودو هجي….“

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    پيغام وڏا ماڻھو ڏيندا، نماڻو عرض آ… ”جيترو به ٿي سگھي برداشت ڪجي پيار ورهائجي“…

  • منتظر چانگ ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    منتظر چانگ ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    منتظر چانگ ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.03.24 AMمنتظر چانگ: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    منتظر چانگ عملي طور ڪيترو منتظر آهي، سا سندس ويجهن کي خبر هوندي. هي مختصر ۽ منفرد انٽرويو اوهان تائين پهچندي، کيس ڪيترو انتظار ڪرڻو پيو، سا کيس ئي خبر آهي. اسان ٻه چار دفعا مليا آهيون. تمام گهڻو محبتي آهي. فيس بوڪ انٽرويو لاءِ پڇيل سوالن مان جيترن سوالن جا جواب پهتا، جيئن پهتا، اوهان جي نظر، اوهان پنهنجي راءِ ضرور ڏيندا، ڇو ته ان لاءِ اسان ٻئي منتظر رهنداسين.

    1. اوھان جو نالو؟
    غلام قادر ”منتظر چانگ“

    2. ولديت ذات سميت؟
    حاجي محمد عالم چانگ.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):
    اٺين مارچ 1941ع، ڳوٺ مولوي تاج محمد چانگ، نزد تلهار، ضلع بدين.

    4. تعليم؟
    گريجوئيٽ

    5. ڪرت (پيشو)؟
    پهريان يو .سي سيڪريٽري، پوءِ شگرمل ٺٽي ۾ سپروائيزر.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    لکڻ جي شروعات ڪاليج جي دور کان، شاعر جي حيثيت سان ڪيم.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
    شعري مجموعو ”لايون نڀايون ٿا“ سال 2017ع ۾ڇپيو.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    هر علمي ادبي ڪتاب پڙهندو آهيان، تاريخ وڻندي آهي.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير سفر وڻندو آهي، خاص ڪري سعودي عرب جو سفر.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچھريون اڄڪلهه گهٽجي ويون آهن، پر انهن جو الڳ مزو آهي. شاعرن، اديبن ۽ زندگيءَ جي سڀني شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ملي مزو ايندو آهي.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي تقريبن ۾ شرڪت گهٽ رهي آهي، پر اديبن شاعرن سان گڏجڻ ڪري لکڻ لاءِ اتساهه وڌي ٿو. نوان نوان تعلق جڙن ٿا.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    خلق جي خدمت ڪرڻ ۾ ويساهه رکان ٿو. خدمت ڪرڻ سان خوشي ملندي آهي.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    مٽن مائٽن سان رويا بهترين آهن… ڪس کائي به نڀائڻ جي ڪوشس ڪندو آهيان. ڇنڻ سکيو ئي ناهيان.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    دوست اگر سچا ٿين ته انهن لاءِ جان به حاضر آهي.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    پسند جو رنگ….اڇو ۽ بوسڪي. پسند جو لباس، سنڌي لباس، پڳ، ٽوپي ۽ اجرڪ. پسند جو گل سڻيءَ جو گل

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    چانديءَ جي سنجن سان سجايل گهوڙي سواري

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    سوال نمبر 17 کان 20 تائين جو جواب نه مليو!

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، تہ ضرور لکو؟
    پيغام، هڪٻئي سان محبت سان پيش اچڻ گهرجي.سوچن کي مثبت رکڻ گهرجي.

  • ذوالفقار علي ”هالار“ سومرو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ذوالفقار علي ”هالار“ سومرو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ذوالفقار علي ”هالار“ سومرو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.02.28 AMذوالفقار علي ”هالار“ سومرو: مختصر تعارف ۽ ويچار

    حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ۾ ٿيندڙ ادبي تقريبن ۾ ڪڏهن ڪڏهن منهنجو وڃڻ ٿئي ٿو. اتي اڪثر هڪ مُرڪڻو، سانورو، قد بت ۾ پورو پنو شخص، اڪثر موبائيل ڪئميرا سان گڏ نظر ايندو آهي. جيئن ئي مون تي نظر پوندي اٿس، ته مون سان به حب مان ملندو آهي، تصوير محفوظ ڪندو آهي. فيس بوڪ تي هن سلسلي جو اعلان پڙهي، پهرين پڇيائين، ته سندس انٽرويو هلائيندس يا نه، جڏهن ها ڪيم ته لکي موڪليائين. اوهان به پڙهو، متان ڪٿي ملاقات هجي… پنهنجي راءِ ضرور ڏيندا.

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    1. اوھان جو نالو؟
    ذوالفقار علي، ادبي نالو”هالار“.

    2. ولديت ذات سميت؟
    غلام رسول سومرو.

    3. هاڻوڪو رھائشي پتو ٻٻر اسٽاپ، سائيٽ ايريا، ڪوٽڙي، تعلقو ڪوٽڙي، ضلع ڄام شورو. اصل رهائش ڳوٺ ڏنڱر، لڳ سيتا روڊ، تعلقو خيرپورناٿن شاھ، ضلع دادو .

    4. تعليم؟
    انٽر.

    5. ڪرت (پيشو)؟
    پرائمري استاد.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    ڪتاب پڙهڻ، دوستن سان ڪچھري ۽ رابطو رکڻ، انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    نثر تي ترجيح، ڪجھ خيال پني تي اتارڻ.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    ڪهاڻي پسنديده آھي.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    زندگي هڪ سفرآ، سفر ۾ لطف اندوز ٿيندو آھيان.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    هڪ ٻئي کي سمجهڻ جي ڪوشش… انهي مان پرائڻ ۽ سکڻ، دوستن کي عزت ڏيڻ.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ميل ملاقات جو ذريعو، بهترين عمل، اهو پاڻ تي آ ته ڪير ڪيترو ٿو پرائي.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    زندگيءَ جو بهترين عمل آھي.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    بهترين آھن، پر اڄ ڪلھ گهٽبا پيا وڃن، ”پاڻ وڃي پرچاءِ، متان رٺوئي رهجي وڃين“.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    ٽائيم هوندو آ ته هلي وڃي ملندو آھيان. اهو ڪونه ڪندو آھيان ته هو ڪونه ٿو اچي مان ڇو وڃان؟

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    رنگ سڀ وڻندا آھن، گلابي ۽ خوشبو گلاب جي.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    ڪابه سواري هجي، موسيقي هجي.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    خواهشون ته گهڻيون آھن پر مون مان ڪو ناخوش نه هجي.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    بهتري جي تمنا.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    سنگت کي ساه ۾ سمائجي.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    سچائي ۽ سادگيءَ جي ضرورت آ.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    محبتون ورهائجن، محنت ڪجي، ڪنهن کي نه ڏکائجي، تعليم پرائجي، خاص طور تي نياڻين جي تعليم ۽ تربيت جي سخت ضرورت آ.

  • نھال واڌواڻي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    نھال واڌواڻي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    نھال واڌواڻي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.01.32 AMنھال واڌواڻي: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    نھال واڌواڻي سان ڪا به ڏيٺ ويٺ نه آهي، فيس بوڪ رابطو به نه آهي. ”فيس بوڪ انٽرويو“ سلسلي جو اعلان پڙهي، هيٺيون تعارف ۽ ويچار موڪليائين، ته سندس وارو اچڻ تي، اوهان سان ونڊ ڪجي ٿو. اميد ته پڙهي، پنهنجي قيمتي راءِ ڏيندا.

    1. اوھان جو نالو؟
    نھال واڌواڻي.

    2. ولديت ذات سميت؟
    رامچند مينگھواڙ.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ، هنڌ سميت).
    جنم12 آڪٽوبر 1997ع، ڳوٺ باکريجي، اڇڙو ٿر، تلعقو کپرو، ضلعه سانگھڙ.

    4. تعليم؟
    M.A

    5. ڪرت (پيشو)؟
    آخوند (استاد).

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    ڪتاب پڙھڻ، سماجي خدمت ڪرڻ، ادبي گڏجاڻيون ڪرڻ، ادبي گڏجاڻين ۾ حصو وٺڻ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    ادب جو ادني شاگرد آھيان، شاعر، ڪھاڻيڪار، نثر نويس، مضمون به لکيا اٿم. ڪافي لکڻيون شايع ٿيون آھن، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾، ڪتاب ڪھاڻين جو ڇپائي جي مرحلي ۾ ۽ پکي پرواز ۾ گڏيل شاعري جو مجموعو کپرو جا شاعر آيل آھي جنھن ۾ منھنجي شاعري ۽ تعارف آھي.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    بايوگرافي ۽ آٽو بايوگرافي (وڌيڪ پسند آھي)، تاريخ، شاعري، ادب جي ھر صنف جو ڪتاب پڙھندو آھيان.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير سفر تمام ضروري آھي. عملي ڪم آھي. ڪوشش ڪري گھمجي، تاريخي ماڳن مڪانن تي وڃجي. مھيني ۾ نه سھي، ٻي يا ٽي مھيني تاريخي جائن جو سير سفر ڪرڻ گھرجي.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچھريون علمي تاريخي سائنسي بنيادن تي ٻڌل ھجن جن ۾ ننڍڙا توڙي وڏڙا اچي ويھن ڀلين پنھنجو ماضي ٻڌائن ان ۾ سکڻ لاءِ ڪافي شيون ملن ٿيون. پر موجوده وقت ۾ ڪچھري کائڻ پيئڻ واريون ٿي ويون آھن. چار گڏجي ڪڪڙ يا مڇي کاڌي يا شراب تمباڪو نوشي ڪئي يا گڏجي ڳوٺ پاڙي وارن جو گلائون ڪيون اھڙين ڪچھرين ۾ حصو نه وٺجي، ٻارن کي گھر ۾ ڪچھري جو ماحول ٺاھي ادڙن، ادڙين ڀائرن ڀينرن وڏڙن وڏڙين کي گڏي ھڪ قسم جو ھلڪو ٺاھي ڄاڻ ڏجي ادب وه آداب سيکارجي.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي تقريبون تمام سٺي ڳالھ آھي ٿيڻ گھرجن، پر ادب سان گڏ سياست جيڪي ڪن ٿا اھو غلط آھي. ادبي گڏجاڻين رڳو شاعري نه پڙھي وڃي لطيفيات فلسفي تاريخ جي ڄاڻ ڏني وڃي ادبي ڪچھرين کي مذھبي ۽ سياسي رنگ نه ڏنو وڃي.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    بھتر آھن ۽ بھتر رکڻ گھرجن ڇو ته انسان جي شناخت اتان کان ٿئي ٿي.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    بھتر آھن ۽ بھتر رکڻ گھرجن ڇو ته انسان جي شناخت اتان کان ٿئي ٿي.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    سٺا آھن ڪوشش ڪري گھر ۾ نه آڻجي سنگت کي ھڪ مخصوص انداز سان درپيش اچجي پوءِ سنگت ۾ وڏا مسئلا ٿيندا آھن. موجوده وقت جا حالات اڻ ساريا ڪنھن کان ناھن. دوست ادبي آھن. ۽ عمر ۾ ننڍا ناھن سڀ وڏا آھن ۽ سماج جا نيڪ ۽ سٺا فرد آھن فخر آھي بھترين دوست محبوب رب عطا ڪيا آھن.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    رنگ اڇو خوشبو ڪردار جي سھڻي لڳندي آھي. جيڪا ھميشه رھندي آھي. باقي عام خوشبو ڪجھ پلن کان پوء ختم.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    ڪار.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    دنيا سڄي گھمڻ جي خواھش آھي. ڪيئن انسان رھن ٿا اتي جي ٻولي لباس تمندن تاريخ ھڪٻئي سان ورتاءُ، ٻي خواھش پوري ٿيڻ واي آھي. لائبريري جي جيڪا اڌ مڪمل ٿي وئي آھي. باقي اچي ٿوري رھي آھي.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    ماٽن مائٽن کي اھو چوندس اجايون فرسوده رسمن ۾ وقت ۽ پئسي جو زيان نه ڪن. وقت سان گڏ ھلن، سائنسي علم ڏانھن رجوع ڪن ٻارن کي سٺيون شيون ڏيکارن سٺن ماڻھن ادبين سائنسدانن سان ملائن ڪتابن ڏانھن لاڙو ڪرائن. اولاد جي شادي پسند تي ڪرائن اڻ ڏٺي لائيٽري واري شادي وڏا مسئلا پئي ڪري. زال لولھي لنگڙي انڌي منڊي ھڻ مغز ۾ ائين نه ڪن ٻارن کي سٺي تعليم ڏين ڄمندي انشورنس ڪرائن جيئن 20 سالن جي عمر ۾ کلي تي سڀ لڙھ لھي وڃن. مٽن مائٽن کي پنھنجا پراڻا خيال اولاد تي نه ٿاڦين.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    سنگت ساٿ کي لاء اھو چاھيان ٿو محنت ڪن، وس آھر ٿين ڪنھنجي اڳيان ھٿ نه ٽنگين، جيڪڏھن خدا نه خواسته ڪنھن دوست سان مجبوري آھي. مدد ڪن. رڳو سنگت ساٿ سان نه ھلن ٻارن گھر کي به وقت ڏين.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    عام ماڻھو غلام پاڻ کي نه سمجھن عام يا خاص انسان جو تصور نه ڪن آئون بھترين ڪم ڪري سگھان ٿو. محنتي آھيان سٺا ڪم ڪندس نه ته عام ماڻھو شراب نشي ۾ پئسو وڃائن ٿا. ائين نه ڪرڻ گھرجي فقيرن تي گھڻو خرچ ڪن ٿا ۽ يقين به جن انھن کي وڌيڪ غريب ۽ پنڻ پري ڪري ڇڏيو آھي. عام انسان پنھنجي زندگي پنھنجي حال سارو بصر ڪري محل ڏسي جھوپڙي نه ڊاھي.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    سڀني سڄڻن کي ھي عرض ڪندس نياڻين ۽ پٽن کي برابر حق ڏيو تعليم ملڪيت توڙي شادي جي ڪرڻ تائين. سائنسي علم سکو الاد کي امير نه خوش ٿيڻ سيکاريو. ھڪٻئي جي مدد ڪريو پاڙيسرين جو خيال رکو. گندگي نه ڪريو ماحول گھر صاف سٿرو رکو گھرن ۾ وڻ ٻوٽا پوکيو جيڪڏھن ٿوري جاءِ آھي ته گھر لاءِ ڀاڄيون پاڻ پوکيو. سٺن ماڻھن سان واسطه رکو علمي ادبي ڪچھريون ڪريو. برداشت جي سگھ پيدا ڪريو. مذھب جو استعمال ڪري انسانيت جا ليڪا نه لتاڙيو. فلسلفو پڙھو. نيڪ ٿيو ڪوشش ڪري ڪجھ فلاحي ڪم ڪريو. ۽ معشاري ۾ سٺا اسڪول اسپتالون لائبريريون کوليو جيئن سڀاڻي توھانکي دنيا سٺي نالي سان ياد ڪري محبتون.

  • خيال کتري ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    خيال کتري ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    خيال کتري ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.00.33 AMخيال کتري: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    خيال کتري، فيس بوڪ کان روبرو ملاقات تائين، ملنسار شخصيت، لکڻ پڙهڻ جو ججهو، صرف شوق رکندڙ ئي نه، خاص مقصد سان لکندڙ شاعر ۽ نثر نويس آهي. سندس مختلف لکڻيون پڙهي، به سندس سوچن کان واقف ٿي سگهجي ٿو، پر هتي به سندس ئي لکيل مختصر تعارف ۽ ويچار آهي، جيڪو پڻ، پڙهڻ واري سان خيال کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ ۾ سنهنجائي ڪندو. اميد ته فيس بوڪ انٽرويو جي هي ڪڙي پڙهي به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا، ته محنت سجائي سمجهبي.

    1. اوھان جو نالو؟
    بشير احمد، ادبي نالو خيال کتري.

    2. ولديت ذات سميت؟
    محمد حافظ کتري.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ هنڌ سميت)؟
    ڄمڻ جي تاريخ: 6 جون 1970ع، ڄمڻ جو ھنڌ: ٽنڊو محمد خان، رهائش مٽياري.

    4. تعليم؟
    بي. ايس. سي.، بي. ايڊ.

    5. ڪرت (پيشو)؟
    پرائمري استاد.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    ڊيوٽي، لکڻ پڙھڻ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ ڇپيل ڪتاب؟
    مضمون نگار، سوانح نگار ۽ شاعر، ڪتاب ”ذڪر پاڪ شاھ لولاڪﷺ“ 2011ع ۾ سوانح، ”مولا علي ڪرم اللہ وجھه“ سوال جواب تي مشتمل، 2014ع ۾، ”حضرت عثمان غني رضي اللہ عنه“ سوال جواب، 2016ع ۾، ”سيدنا صديق اڪبر“ سوال جواب، 2017ع ۾، ”سخنور سنڌ ڌرتيءَ جا“ 2017ع ۾ منهنجي حوالي سان به مواد آهي، ”ساراھ سچي سرورﷺ جي“ منهنجو نعتيه ڪلام 2018ع ۾، ”پرھ ڦٽيءَ جا پنڌ“ 2019ع ۾ شاعري وائي صنف تي گڏيل ڪتاب ۾ شامل آهيان، 2017ع کان اسلامي ادب تي مشتمل ٽماھي رسالي ”احد احمد پاڻ ۾“ جا 6 شمارا ڇپرائي چڪو آهيان، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ آرٽيڪل/ مضمون 1988 کان 2012ع تائين وقت به وقت ڇپيا آھن.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    نثر

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    صحتمند دماغ، چاق و چوبند صحت ۽ وافر ڄاڻ لاءِ بيحد ضروري.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    بيحد لاڀائتيون، جن ۾ زندگيءَ جا ڪئين نوان باب ملن ٿا.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    پنھنجي ثقافت سان ڳانڍاپي جو اھم ڪارڻ.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    خلق خدمت عين عبادت آھي.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    مثبت

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    سٺا.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    اڇو رنگ، خوشبو جيڪا ميسر ٿي، خاص ڪري ھلڪي.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    جيڪا وقت تي ملي.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريوۡ؟
    لکيل مواد جي ڇپائي.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    سدا محبت ۽ اڪير سان پاڻ ۾ کير کنڊ ھجن.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    ھميشه مرڪندڙ ھجن. دنيا جي ھر مسئلي کان آجا ھجن.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    تعليم يافته، سچا ۽ سادگي پسند.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    ھر فرد کي گهرجي ته پنھنجي ٻچن کي ديني ۽ دنياوي تعليم سان مالا مال ڪن.

  • شير محمد پنهور ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    شير محمد پنهور ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    شير محمد پنهور ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.59.30 PMشير محمد پنهور: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    شير محمد پنهور سان روبرو ڪچهري جو پهريون موقعو مليو، ته ڳالهين ئي ڳالهين ۾، توڙي هن انٽرويو ۾ ڪيل سندس ڳالهين مان پڻ، مون کي شڪ رهندو پيو اچي، ته اسان اڳ ۾ به ڪٿي نه ڪٿي، هڪ ٻئي کي، ڏٺو ضرور آهي، پر اهو ياد نه مون کي، نه ئي شير محمد پنهور کي آهي! ساڻس ٿيل اها پهرين اتفاقي ڪچهري، سندس ئي ڳوٺ جي ويجهو، ڪهاڻيڪار دوست ميان گل محمد ڪلهوڙي وٽ ٿي هئي. جتي هو سج لهڻ باوجود منهنجو ٻڌي، ڪچهري ۾ اچي پهتو، ته مون کي پڪ ٿي قربائتو آهي. ان کان اڳ مون کي اها خبر هئي، ته طبيعتن ٻئي جي ڪم ايندڙ به آهي.

    اوهان شير محمد پنهور جو انٽرويو پڙهو ۽ ٻڌايو، ته اوهان کي هي انٽرويو ڪيئن لڳو؟

    1. اوھان جو نالو؟
    شير محمد پنهور

    2. ولديت ذات سميت؟
    محمد حسن پنهور

    3. رھائشي پتو (چمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
    پيدائش 5 آڪٽوبر 1970ع، ڳوٺ خان محمد پنهور، تعلقو حسين بخش مري، ضلعو ميرپورخاص.

    4. تعليم؟
    ايم اي سنڌي ۽ ايم اي پوليٽيڪل سائنس، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ

    5. ڪرت (پيشو)؟
    پرائمري استاد (1990ع کان جاري آهي)

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    نوجواني ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو شوق رهيو۔ تقريبن 20 سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏي۔ زرعي شعبي ۾ دلچسپي۔ زمين مقاطي تي کڻي، پوکائي شروع ڪئي۔ زمين تي سڀ ڪم ڪار پاڻ ڪندو هوس۔ هر سال خدا جي فضل سان پيداوار به سٺي ايندي هئي۔ وونئڻ ناياب 78 جي پوکائي ڪندو هوس۔ جنهن تي جيتن جو وڏو حملو ٿيندو هو ۽ زهرپاشي جو خرچ به جام ٿيندو هو۔

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    اتفاق سان شاعري طرف اچڻ، منهنجي ننڍڙي ڌيءَ جو 2 جنوري 2019ع تي اوچتو وڇوڙو ٿيو، ته هڪ ڏينهن مون ننڍڙي کي ياد ڪندي، ڪجهه سٽون لکيو هيون۔ جيڪي فيس بڪ تي رکڻ سان، ان جي موٽ ۾ دوستن راءِ ڏني، ته توهان شاعري جي طرف اچو۔ پوءِ مون ان پوسٽ کي گيت جي صورت ۾ فيس بڪ دوست ۽ فنڪار عامر سنڌي کي ڏني۔ جيڪو منهنجو پهريون گيت هو۔ جنهن کي دوستن سٺي موٽ ڏني۔ ان کان پوءِ 3 گيت ٻيا لکيا آهن، پر مون کي آبادگارن جي مسئلن ۽ انهن جي مدد ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي آهي۔ ان لاء 2002ع ۾ آئي پي ايم پروگرام ۾ پهرئين ايف ايف ايس ۾ تربيت حاصل ڪئي۔ پوء ٽي او ايف ڪڻڪ ۾ تربيت حاصل ڪري ڪجهه سال پنهنجي علائقي ۾ هر آچر تي رضاڪار طور هاري تربيتي اسڪول هلايو. آبادگارن کي آئي پي ايم پروگرام تحت تربيت ڏني۔ زراعت تي ڪجهه تحريرون سنڌي ۾ لکي، اخبارن ۾ موڪليون، پر جواب ۾ اخبارن ۾ ڪونه آيون۔ ڪجهه تحريرون اردو ۾ ڪري، اردو زرعي مئگزين ۾ موڪليون، ته اهي سڀ شايع ٿيون۔ پوء ڪجهه ڪمپني جي دوستن سان ملي، زرعي پمفليٽ سنڌي ۾ لکي ڏنا ۽ PPT مختلف فصلن جو سنڌي ۾ ٺاهي ڏنيون۔ منهنجي هر دم ڪوشش هوندي آهي، ته زرعي معلومات کي سنڌي ۾ لکي شيئر ڪريان، ته آبادگارن کي هر ڳالهه صحيح سمجهه ۾ اچي۔ آئون ڪيترن سالن کان پروفيسر مٺل جسڪاڻي جا سنڌي ۾ لکيل زرعي مشورا ۽ ان جو تحريرون پڙهندو رهندو آهيان۔ زرعي ڄاڻ سائين سنڌي ۾ تمام سٺي ۽ نرالي انداز ۾ لکندو آهي۔

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    زراعت جي باري ۾ گهڻو پڙهندو ۽ ان کي واٽسپ ۽ فيس بڪ تي شيئر ڪرڻ معمول آهي۔

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير سفر سان سٺي ڄاڻ ۽ هر ماحول جي خبر پئي ٿي۔ زراعت لاء سير سفر لازمي آهي۔ مون کي آئي پي ايم پروگرام تحت سکر، ڪراچي، بهاول پور، ملتان، اسلم آباد ۽ راولاڪوٽ، ڪشمير ۾ هاري ڪانفرنس، سيمينار ۽ ميلن ۾ شرڪت جو موقعو مليو، ته سير سفر ٿي پيو۔

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    سنڌ آهي مهمانوازي ۾ مشهور۔ مهمانن سان ڪچهريون يا دوستن سان اوطاقن ۾ ڪچهريون، سنڌ جي شان آهن۔

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي پروگرامن ۾ شرڪت گهٽ رهي آهي، ڇو جو اڌ ڏينهن نوڪري آهي۔

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماجي ڪم ڪارن ۾ دلچسپي رهي آهي۔

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    سڀني مٽن مائيٽن سان سڌا، سٺا تعلقات رهيا آهن ۽ رهندا۔ ڏک سک ۾ هرهڪ سان گڏ آهيون۔ مرڻي پرڻي سڀني وٽ حاضري لازمي ڀريان ٿو۔

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    دوستي محدود آهي، پر جن سان آهي، انهن سان دوستي ختم ڪونه ڪئي آهي۔ مثال طور مئٽرڪ جا 73 ڪلاس فيلو هئا۔ اڄ به سڀني سان دوستي آهي۔

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    رنگ سائو پسند آهي، خوشبو گلاب جي پسند آهي۔

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    جيڪا به ملي، پسند آهي، پر چنگچي ۾ سفر ڪندي ڊپ ٿئي ٿو۔

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    جيڪا به خواھش هئي، اها وقت تي پوري ٿي آهي۔ خدا جو شڪر، ڪنهن جو انتظار ڪونه ڪيو۔ مثال طور پنهنجي شادي ته 16 سالن ۾ وقت تي ٿي ويئي۔ ٻارن جي تعليم به صحيح رهي۔ ٻه ڇوڪرا آهن، هڪ زرعي گريجوئيٽ آهي، ته ٻيو گريجوئيشن ڪري پيو۔ ٻارن جون شاديون به وقت تي ڪري ڇڏيون. هاڻي ڪو فرض رهيل ڪونهي۔ آخري هڪ خواھش فيملي سان ڀلي پار مڪي شريف ۽ مديني شريف جي زيارت ڪري اچان۔

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    جيڪو پوکبو اهو ئي ڪٽبو۔ مٽن مائٽن سان ڪي به اختلاف ڪونه آهن۔۔۔

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    سڀني سان هلڻ سکو۔ Love to All.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    هڪٻئي جو احترام ڪن۔ ڪو ڪنهن سان اجايو حسد نه ڪري۔

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    منهنجو پيغام اهو آهي، ته اجايو نفرتون نه ڪجن۔ هر هڪ فرد کي، خدا جيڪا عزت ڏني آهي، اسان به ان جو احترام ڪريون ۽ ان کي مڃون۔ غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح مڃون۔

  • پريتم قاضي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    پريتم قاضي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    پريتم قاضي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.58.31 PMپريتم قاضي: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    پريتم قاضي تمام پياري شخصيت آهي. سندس محبتن ۽ خلوص جو آئون مقروض رهيو آهيان. اسان جو هڪ ٻئي کان ”پنڌ پراهون“ هجڻ جي ڪري اچ وڃ نه آهي، پر ”ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ واري ڪار آهي. اسان ٻنهي وٽ، جيڪڏهن اسان کان هلي سگهڻ جهڙي ڪار هجي، ته پوءِ شايد اسان جون ملاقاتون تڪڙيون ۽ ڪچهريون ڊگهيون به هجن. ان هوندي به هڪ ٻئي سان گهٽ نه ڪندا آهيون. مهل موقعو ڏسڻ بدران، جنهن جنهن وقت به دل گهري ٿي، هڪ ٻئي جون موبائيل گهنٽيون وڄائيندا آهيون. لکبو، ته لکبو پيو وڃبو. ان ڪري بهتر ائين ٿيندو ته هاڻي پريتم قاضي جو مختصر تعارف ۽ ويچار پڙهي، اسان سان اوهان پنهنجا ويچار ونڊ ڪريو.

    1. اوھان جو نالو؟
    حاجي سڪندر آفتاب، المعروف پريتم قاضي
    2. ولديت ذات سميت؟
    قاضي خضر حيات (انجينيئر/ آرٽسٽ)

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)
    18 ڊسمبر 1973ع، نئون ديرو، ضلعو لاڙڪاڻو، رهائش A/13 – سڪندر آرٽ گئلري، نوابشاهه، شھيد بينظير آباد.

    4. تعليم؟
    B.E. Civil, A.M.C. (Art Master course)

    5. ڪرت (پيشو)
    Art Teacher

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    پبليڪيشن جون ذميواريون سنڀالڻ کان علاوه تعليم وتدريس جي عمل سان تقريباً 26 سالن کان واگيل آھيان . ء بابا سائين قاضي خضر حيات جي جوڙيل« سڪندر آرٽ گئلري» جي سار سنڀال به منهنجي ذمي آھي.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    شاعر، ليکڪ، پبلشر، استاد ء خطاط. منهنجي شاعري جو مجموعو ”احساسن جا عڪس“ سال 2005ع ۾ سنڌ بوڪ ڪلب، نوابشاهه پاران چپيو. ان کان علاوه سائين عبدالحڪيم ارشد جي 2 ڪتابن ”آجپي جي گيت جھڙي شاعري“ ۽ ”ٽٽل عڪس سونھن جا“ کي مرتب ڪرڻ جو موقعو مليو، جيڪي ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. 2017ع ۾ امان مرحومه جي نانءِ سان اشاعتي اداري ”خورشيد خضر علمي، ادبي ۽ اشاعتي ادارو“ جو بنياد وجھندي، ڪتابن جي اشاعت جو سلسلو شروع ڪيم.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    عموماً شاعري ۽ اڄڪلھ سفرناما ۽ آتم ڪٿائون.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    زندگي لاءِ انتھائي ضروري آهي.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    اھي ڪچهريون، جن مان انسان جي مثبت اوسر ٿئي، انجو قائل آھيان. جن ڪچھرين مان ھڙ حاصل نه ٿئي انجو سخت مخالف آهيان.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    انتھائي ضروري آھن، جن مان اديبن جي سکيا ٿئي.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    جيڪي بني نوع انسان جي واقعي فلاح و بھبود لاءِ ھجن، سي ڪارائتيون سماجي تقريبون ھونديون نه ته اجڪلھ صرف ڏيکاءُ آھي.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    عزيزن سان ھر ڪو سھڻا ۽ بھترين لاگاپا چاھيندو آھي. آئون به اھو ئي چاھيندس.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    شاگردي واري زماني ۾ انيڪ دوست ھئا، ھينئر آھن، پر محدود.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    سائو / نيرو ۽ عطر.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    ڪا خاص ناھي.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    ڪاش! اسان جي اندر مان منافقي وارا رويا بلڪل نيست ونابود ٿين ۽ اسان سڀني کي ڪجھه دين اسلام جي سمجھ اچي.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    پنھنجي اولاد لاءِ اھوئي چاھيندس ۽ دعا ڪندس ته اھي نيڪ ۽ صالح بڻجن ۽ سدائين پنهنجي مقصد سان سچائي ڏيکاريندي سچا رھن. تڏھن ئي ڪامياب ٿيندا.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    اھوئي ته سک ۾ ته ھرڪو ساڻ ھوندو آھي، پر ڏک ۾ ساٿ نباھيو ته ڪيڏو نه خوبصورت عمل ٿئي اوھان جو.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    سنڌ جي ڏتڙيل ۽ پيڙھيل ماڻھن لاءِ عرض ته ھاڻي سجاڳ ٿين ۽ پنھنجي اولاد کي وڏيرن جي اوطاقن جا ڪتا بنجڻ کان بچائن ۽ کين تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ کان علاوه شعور حيات به حاصل ڪن.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    سنڌ سونھاريءَ جي عوام کي اھو عرض ڪندس ته ھي ”ڪورونا وائرس“ الاھي ڏمر آھي. الله پاڪ جي در تي گڙگڙائي، روئي روئي، کيس راضي ڪريو. بھرحال ڪورونا وبا کي مذاق نه سمجھو. الله پاڪ سموري سنڌ واسين کي پنھنجي حفظ و امان ۾ رکي، آمين.

  • سيما عباسي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    سيما عباسي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    سيما عباسي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.56.39 PMسيما عباسي: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    علمي ادبي حوالي سان سيما عباسي جو نالو ئي ڪافي آهي. ساڻس هڪ ٻن ادبي تقريبن دوران دعا سلام واري مختصر ملاقات ٿي آهي. هڪ ٻه دفعا فون رابطو ٿيو، هڪ ٻه دفعي فيس بوڪ انباڪس وسيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي. ”فيس بوڪ انٽرويو“ سلسلي کي مانُ ڏئي، شريڪ ٿيڻ لاءِ سوالن جا جواب موڪلڻ تي آئون سندس ٿورائتو آهيان.

    سيما جو مختصر تعارف ۽ سندس ويچار اوهان جي مطالعي لاءِ منتظر آهن ۽ اسان اوهان جي راين جا منتظر رهنداسين.

    1. اوھان جو نالو؟
    سيما پروين، ادبي نالو سيما عباسي.

    2. ولديت ذات سميت؟
    لعل محمد عباسي ڪلهوڙا

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
    منهنجي پيدائش ارڙهين اپريل، اوڻويهه سو ٽيهتر، گجڻ پور محلو، نئون ديرو چوڪ، نزد مڇي مارڪيٽ، لاڙڪاڻو ۾ ٿي۔ هاڻوڪي رهائش ڊفينس فيز 1، ڪراچي.

    4. تعليم؟
    ماسٽرس: 1. سنڌي ادب، 2. اردو ادب، 3. ايجوڪيشن، 4. ايم فل هلندڙ.

    5. ڪرت (پيشو)؟
    استاد، ليڪچرار، ڪاليج سائيڊ.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    ڪتاب پڙهڻ، تخليقي ڪم ڪرڻ، موويز ڏسڻ، انٽرنيٽ هلائڻ، لانگ ڊرائيو تي ويندي جگجيت، متالي، عابدا پروين ۽ راحت فتح علي خان جا غزل ٻڌڻ، سمنڊ ڪناري تي ويهي، پنهنجي تنهائيءَ سان وقت گذارڻ منهنجون ترجيحي مصروفيتون آھن۔

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
    ذرو پرزو، سڀني صنفن ۾ ملهائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي۔ منهنجو پهريون ڪتاب 2015ع ۾ ”لفظن ڀوڳيو آ بنواس“ ڇپيو هيو. جنهن جو ريڪارڊ آ ته اهو ٻن مھينن اندر اندر دڪانن تان اڻ لڀ ٿي ويو هو. ان ڪتاب مونکي تمام گهڻو مشھور ۽ مقبول ڪيو. ان ڪتاب کان متاثر ٿي، ڀائو غلام مصطفا سولنگي منهنجي فن، فڪر ۽ شخصيت تي 2017ع ۾ ”ڏات جي ديوي“ نالي ڪتاب آندو، جنهن ۾ سنڌ جي نالي وارن اديبن مونکي ڀيٽا پيش ڪئي. ان کان پوءِ ٻيو طبعزاد ڪتاب جيڪو غزل تي ئي مشتمل هو ان ڪتاب جو نالو هو ”لاشا لڙڪن جا“، اهو ڪتاب 2018ع ۾ آيو. جنهن کان پوءِ ڀائو مصطفا وري مونکي ڀيٽا طور هڪ ٻئي ڪتاب جي ارپنا ڪئي. جنهن جو نالو هيو ”تو سيما نانءَ ٻڌو آھي“۔ هاڻ منهنجي ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ”ردالي“ زير طباعت آھي. جيڪو شارٽ اسٽوريز تي آڌاريل آھي. هن ڪتاب جو ڪم مڪمل آھي، لاڪ ڊائون جي ڪري پريس ۾ ڦاٿو پيو آھي۔

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    فلسفي ۽ تصوف تي مشتمل موضوعن کي ترجيح ۾ رکندي آھيان۔ هونئن ته شاعري، ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون، ناول، جيڪا به سٺي شيءَ دستياب ٿي ۽ ڪنهن جي به لکيل هجي، ان مان فيضياب ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي آھيان۔

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سامين وانگر سدائين سفر ۾ رهڻ پسند آھي، پر گهريلو ذميداري ۽ نوڪري واري فرضن کان علاوه تخليقي ڪم واري مصروفيت ڪجھ اهڙي نوعيت جي هوندي آھي، جنهن ڪري گهڻي گهمڻ جا متحمل نه ٿي سگهندا آھيون، پر اوهان جي اطلاع لاءِ عرض آھي ته مان پنهنجي ملڪ کي چڱيءَ ريت گهمڻ کان علاوه سنگاپور ۽ ملائشيا به وڃي چڪي آھيان.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    بيمقصد آھن ته وقت جو زيان آهن، جي بامقصد آھن ته انھن مان گهڻو لاڀ پرائي سگهجي ٿو۔

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادب جي فروغ، بهبود ۽ ترقي جو وڏو ذريعو آھن، پر جيڪڏهن تقريبات جو انعقاد صرف تفريحي مقصدن لاءِ نه ڪيو وڃي۔ انهن جي تعميري، اصلاحي ۽ پُرفڪر ترغيبات کي به ملحوظ خاطر رکيو وڃي.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    جينئن ته انسان کي سوشل اينيمل سڏيو ويو آھي، ان ڪري سماجي رابطن ۽ ڳانڍاپن کان سواءِ اسان ادب دوست هئڻ جو ڪردار، باشعور انداز سان ادا ڪرڻ کان قاصر رهنداسين۔ ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته اسان پنهنجي وت ۽ وس آهر، ھر ڪنهن جي ڏک سک ۾ بلا تفريق شريڪ ٿيون۔

    13. اوهان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    جڏهن ڇوڪرين جون شاديون ٿي وينديون آھن، ته ظاهري وٿيون اچي وينديون آھن، پر جڏهن ڀائرن جون شاديون ٿي وينديون آھن، ته دلي وڇوٽيون اچي وينديون آھن۔ بهرڪيف، شادين کان پوءِ هر ڪنهن جي پنهنجي فيملي جڙي پوي ٿي۔ ان ڪري پهريان وارن لاڳاپن ۾ اهو جوش خروش ۽ توجهه نه ٿي رهي. ڪوشش ڪندا آھيون، ته رشتن سان جيڪڏهن بهتر نموني نه ٿا نڀائي سگهون ته، رواجي نموني ئي سهي، پر نڀايون ضرور۔

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    منهنجي حلقي ۾ سڀ تمام باوقار، باشعور ۽ اوهان جهڙا بردبار ماڻھو آھن۔ لاڳاپن ۽ روين جي نوعيت جو دارومدار، بهرڪيف، ماڻھن جي روين ۽ نيتن تي پڻ دارومدار رکندو آھي۔ چڱو هلندا آھن ته پاڻ انهن کان به چڱو هلڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون. جيڪڏهن چڱو نه هلندا آھن، ته دل سان کين معاف ڪري، انهن کان ڪجهه مڙئي پاسيرا ٿي هلندا آھيون۔

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    اڇو، ڪارو ۽ گلابي رنگ، خوشبو اٽرنٽي.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    پنهنجي گاڏي، جنهن ۾ ريڊيو هلندڙ ھجي، يا پراڻا گيت ۽ غزل۔

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    هزاروں خواہشیں ایسیں، کہ ہر خواہش پہ دم نکلے۔
    مولا جو مون تي خصوصي ڪرم رهيو آھي۔ هڪ اڌ کان سواءِ هر خواهش پوري ٿي آھي۔

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    ان حوالي سان به هاڻي سوچڻ جا انداز بدليا آھن۔… ميل ملاقاتون گهٽجي ويون آھن۔ ھن ڪمپيوٽرائيزڊ جديد دور ۾ مصروفيتن، رشتن جا خلوص ۽ فرض ختم ڪري ڇڏيا آھن۔ خبر ناهي تربيت جو مسئلو آ، يا هر ڪنهن کي ڪم ڪار گهڻا ٿي پيا آھن. بهرحال هي دور ڏکيو هلي رهيو آھي۔

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    ان سوال جي بهتر ترجماني شاه سائين جو هي بيت ڪري سگهندو:
    ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين!

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    بس، انسانيت کان مبرا نه هجن، يعني ماڻھو نه انسان هجن ۽ هر ڪنهن ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ وارن گڻن کان واقف ڪار هجن۔ ڇو ته منهنجي نظر ۾ ڪوبه ماڻھو ظاهري طور ڪيڏو به خوبصورت، صاحب حيثيت، ۽ سوسائٽي ۾ اپر ڪلاس جيڏو مٿاهون رتبو رکندڙ ھجي، پر جيڪڏهن ان انسان جو اندر ڪوجهو آھي، ان ۾ ماڻھپو ناهي، ۽ هن جي مٿاهين حيثيت، ماڻھن ۾ آسانيون ورهائڻ واري ناهي، ته پوءِ منهنجي نظر ۾ اهڙي ماڻھوءَ کي انسان نه ٿو چئي سگهجي۔

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    مذھبي شدت پسندي کان بالاتر ٿي ماڻھن ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ درحقيقت انسانيت آھي۔ عبادتون پنهنجي جاء تي پر اصل عبادت پنهنجي وت ۽ وس آھر، ماڻھن جي ڪم اچڻ آھي۔
    منطقي ويچار ٿي سوچيو سدا،
    ماڻھپو ڪردار ٿي سوچيو سدا.
    (س۔ع.)

  • مڪيش ڪمار ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مڪيش ڪمار ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مڪيش ڪمار ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 22 at 11.55.32 PMمڪيش ڪمار: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مڪيش ڪمار نوجوان استاد ۽ ليکڪ آهي. ساڻس رابطو ڪو پراڻو نه آهي. مڪيش ڪمار جو پنهنجو لکيل مختصر تعارف ۽ ويچار حاضر آهن، اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو.

    1. اوھان جو نالو؟
    مڪيش ڪمار

    2. ولديت ذات سميت؟
    سونو مل سوٽهڙ

    3. رھائشي پتو؟
    7 مئي 1988ع، مسڻ وڏي، تعلقو جهنڊو مري، ضلعو ٽنڊوالهيار

    4. تعليم؟
    ايم اي انگلش ۽ ايم ايڊ

    5. ڪرت (پيشو)؟
    استاد

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    انگريزي ادب ۽ تايخ سان سلاڙهيل ڊاڪيومينٽريز، فلمون ڏسڻ، مختلف ڪتاب پڙهڻ

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    ڪهاڻيون لکندڙ آهيان

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    انگريزي ادب کي

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    دنيا جي لڪل راضن تان پردو کڄڻ جهڙو، زندگي کي سونهن بخشڻ جهڙو

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    زندگي جي اهم لڙي جيڪا ماڻهن سان جوڙي رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي پورهيئي جو آجپو، (آڪسيجن)

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    تمام اهم، روح کي راحت ملي ٿي.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    عاجزاڻا، نياز ۽ نوڙت وارا، آئون نفعي نقصان کان وڌيڪ ترجيح دوستن، عزيزن جي ساٿ کي ڏيندو آهيان.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    هڪ مالدار ماڻهو جو چاھ جيترو مال ۾ ٿيندو آهي، اوترو منهنجو ساھ منهنجن دوستن ۾ هوندو آهي ۽ سندن پرواھ به اوتري ڪندو آهيان.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    اڇو رنگ، عطر جي خوشبو.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    ڪلٽس ڪار

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    يونيورسٽي جي ليڪچررشپ.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    مٽن مائٽن متعلق سندن ساٿ، سڪ، ٻڌي، ايڪو، محبت هميشہ قائم رکڻ چاهيان ٿو.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    سنگت ساٿ ان پاڇولي جيئان گڏ هجن جيڪي نه صرف نٽهڻ اس ۾ پٺيان بيٺل هجن پر ڇانون ۾ گڏ هجن مطلب زندگي جي هر ڏک سک ۾ گڏ هجن.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    اکين پور انڌ وشواسي نه بلڪه هر شئي ڇاڻي ڇنڊي تسليم ڪن.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    منهنجو ڪو پيغام نه بلڪه نماڻو عرض آهي ته خدارا ٻارن کي سائنسي علم جي آگاهي ڏيو، ساڻن گڏ وقت گزاريو کين صحيح سان گڏ غلط جو علم به ڏيو ته صحيح صحيح ڇو ۽ غلط غلط ڇو آهي؟؟