Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • علي محمد درد سولنگي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    علي محمد درد سولنگي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    علي محمد درد سولنگي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 23 at 7.37.18 AMفيس بوڪ انٽرويو (اٺٽيهين ڪڙي)

    علي محمد درد سولنگي: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    1. اوھان جو نالو؟
    علي محمد، ادبي نالو: درد سولنگي (علي محمد درد سولنگي).

    2. ولديت ذات سميت؟
    قاضي مير محمد سولنگي.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)؟
    ايڪيھين نومبر، ڳوٺ قاضي پير محمد سولنگي، جيڪو سولنگين جي راڄڌاني ماڻڪ تارو ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ويجھو دادو تعلقي ۾ آھي. ھن وقت رھائش مارڪيٽ روڊ، دادو.

    4. تعليم؟
    ايم سنڌي، بي ايڊ.

    5. ڪرت؟
    پڙهڻ پڙھائڻ.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون؟
    ڪتاب پڙھڻ، ان کان علاوہ ڪي خاص نه.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    بس اندر جي اوٻر/ دل جو درد، ڪٽيل قلب جي خون مان ڪلڪ/ قلم ٻوڙي، ابتا سبتا جملا لکندو آھيان، باقي نه مان شاعر آھيان، نه ناول نگار، نه وري ڪھاڻي نويس، بس زماني جي ڏنل زھر کي پنن تي اوڳاڇيندو آھيان. ڇا لکندو آھيان؟ اھو ته پڙھندڙ ئي ٻڌائي سگھن ٿا.

    * ڇپيل ڪتاب، پبليڪيشن ۽ ڇپائي جو سال هيٺئين ريت آهي:

    ۱. ٻار گلن جا ھار ( ٻارن لاءِ شاعري)، صابر پبليڪيشن دادو، سال ۲۰۰۵ع
    ۲. چاھتن جا گلاب ( شاعري)، نيو ٿنڪرس فورم حيدرآباد، سال 2006ع
    ۳. چاھتن جي موٽ (شاعري)، سچائي اشاعت گھر دڙو، ۲۰۰۸ع
    ۴. ھڪ شام جو الميو (ڪھاڻيون)، ثقافتي ۽ ادبي فورم دادو، ۲۰۱۲ع
    ۵. سھڻا ٻار (ٻارن لاءِ شاعري)، ثقافتي ۽ ادبي فورم دادو، ۲۰۱۲ع
    6 . موتين داڻا ( ٻارن لاءِ شاعري)، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، ۲۰۱۷ع
    ۷. ڪاش! ( شاعري)، ساحل پبليڪيشن حيدرآباد، ۲۰۱۹ع
    ۸. قلم جنين جي ھٿ ۾ ( خاڪا)، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، ۲۰۲۰ع

    8. مطالعي ۾ ڇا کي اوليت ڏيو ٿا؟
    وقت، احساسات ۽ موڊ جي لحاظ کان اوليتون بدلجندنديون رھن ٿيون، اخلاقيات، نفسيات، جنسيات، سوانح حيات، شاعري، ڊائري، ڪھاڻيون، آتم ڪھاڻيون، افسانا، نيڻن جا نظرانا، چپڙن جا پيمانا، دردن جا داستانا، ناول، اکين جي کيچل، ڪنھن چنچل جون چلولايون، گيت وايون، اجايون سجايون مطالعي ھيٺ رھيون آھن.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير سفر گھٽ ڪيو آھي، ڪنھن جي نيڻن جي ندي ۾ ٻڏي اتي ئي رھجي وياسين، ٻيا ڪپر ۽ ڪن وسري ويا.. دنيا سڄي اتي ئي دنگ ٿي.
    اتي ئي آھين، جتي اوھان ڇڏيو،
    اکيون عبداللطيف چئي ماڳ نه مٽائين،
    جي ٻئي در واجھائين، ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچھريون قرب واريون ڀل ھجن، پر اڳ واريون اھي ڪچھريون ڪٿي، ھاڻي ته ڪچھرين ۾ اوڀاريون لھواريون ڏئي اندر جا احوال وٺي… پوءِ الزامن جي اھڙي ٽياس تي ٽنگيو وڃي ٿو، جھڙو عيسيٰ کي به صليب تي نه سلھاڙيو ويو ھوندو، پوءِ پيڙائن جي اھڙي پلصراط پار ڪرڻي پوي ٿي جو پير پٿون ٿي ٿا پون

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي تقريبون ضروري آھن، ادبي تقريبون آڪسيجن جو ڪم ڏين ٿيون، پر اڄڪلھ اھي تقريبون، تقريبون گھٽ تخريبون وڌيڪ ٿي ويون آھن، گھڻو نه چوندس پاڻ سياڻا آھيو.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماجي ڪم ۽ تقريبون، سماج لاءِ ٿيڻ کپن، پر اسان اھي ڪم سماجي ڏيکاءَ ۽ تقريبون پنھنجي نماءَ لاءِ منعقد ڪيون ٿا. اھڙن سماجي ڪمن ۽ تقريبن جو سماج کي ڪو فائدو نه ٿو ملي، پر ھا پنھنجا ڪم ٿيو وڃن.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    سڀن سان سٺي ھلڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ھميشه ھارائي انھن کي کٽرايو آھي، پنھنجو پاڻ ۽ پنھنجي ضرورتن کي پوئتي رکي، انھن کي، انھن جي ضرورتن ۽ انھن جي جذبن کي اوليت ڏني آھي، پاڻ کي ڏک ڏئي به انھن کي خوشيون ڏيڻ جي ڪئي آھي، ھا پر ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن جو ڏينھن ھفتن مھينن تائين ڇا سالن تائين منھن به ڏسڻ گوارا نه ڪندو آھيان، ان ڪري جو ھو پنھنجي روين جي ڪري پنھنجي اھميت ۽ عزت وڃائي ويھندا آھن.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    تو اپڻي توڙ نڀاءَ، انھن دي او ڄاڻي..

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبوءِ؟
    ڪپڙن ۾ اڇو، گلن ۾ اڇو (موتيو) ۽ گلابي/ڳاڙھو گلاب، ماڻھن ۾ سانورو/ ڪڻڪ رنگو، بوٽن ۾ ناسي، جتي/کوسي ۾ سونھري (زري وارو)، اک ڪاري ۽ خوشبوءِ ۾ موتيي، اوپن، مينھن وسڻ کان پوءِ مٽيءَ جي ۽ انسانن ۾ انسانيت جي خوشبوءِ.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    جي ايل آءِ GLii، پر آھي پاڻ وٽ سائيڪل به ڪانه، سدائين پيرين پنڌ.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    ہزاروں خواہشیں ایسی کہ ہر خواہش پہ دم نکلے.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    استاد بخاري جي غزل جو بند آھي ته:

    غيرن کان ڀلا شڪوہ، استاد ڪبا ڪھڙا؟
    پنھنجا ته ٿيا پنھنجا، پنھنجن کان پڇان ڇا ڇا؟

    منھنجو ھڪ گيت محترم ممتاز لاشاري ڳايو آھي، جيڪو ھن طرح آھي ته:

    ڪجھ پنھنجن پھر وھيا آھن، ڪجھ ڌارين دل آزاري آ.
    ڪنھن ڪنھن جا ويھي نانء کڻان، مون لۂہ باھ سڀن ھت ٻاري آ.

    سو

    جو درد ملا اپنوں سے ملا، غیروں سے شکایت کون کرے؟

    جو زخم دیا پھولوں نے دیا، کانٹوں سے شکایت کون کرے..

    ان ڪري..

    ہم کو کس کے غم نے مارا یہ کہانی پھر سہی.
    کس نے توڑا دل ہمارا یہ کہانی پھر سہی.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    سوکيءَ ڀائين سڀ ڪو، يا ائين کڻي چئو ته ”ڪم پوي ته ڪل پوي“.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    عام ماڻھو آھن ڪٿي؟ اڄڪلھ ھر ڪو خاص آھي.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    ميرا پیغام محبت ہے جہاں تک پہنچے..

    محبت ڏي محبت وٺ، محبت ۾ مزو آھي…

  • حَسن پنهيار ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    حَسن پنهيار ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    حَسن پنهيار ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.14.23 AMحَسن پنهيار: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    حَسن پنهيار سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان پڙهي وڃڻ جي ڪري، ڇهه ست سال لاڳيتو ٽنڊوڄا۾ ۾ رهي ويو آهي. آئون آهيان ئي ٽنڊوڄام جو، پر جڏهن حَسن پنهيار هتي هوندو هو، آئون صبح سوير ٻچڙن جي پيٽ گذر جي ڪري ٽنڊوڄام مان نڪري ويندو هئس ۽ شام جو ٿَڪي ٽُٽي واپس ورندو هئس، ته وقت جي ورهاست ۾ اهڙو وقت نه مليو، جو اسان ملاقاتي ٿيون. يادگيري بنا، اسان هڪ ٻئي کي، انهن ڏينهن ۾، ڏٺو ضرور هوندو.

    ملاقاتون اتفاقي ٿينديون آهن، الئه ته ڪنهن ڪنهن سان ٿينديون آهن، ۽ پوءِ معاملا وڌي ويندا آهن، ماڻهو عاشق معشوق به ٿي پوندا آهن. اسان ۾ اهڙو ڪجهه الئه آهي، ناهي، ڇاهي، ان کي ڇڏيو کڻي، سندس ڀرپور چمي اهڙي هنڌ ملي، جتي هڪ کانسواءِ موجود سڀني جي ڪنهن هڪ کي چمي لاءِ دل چيو هوندو، نه چيو هوندو، ته به مون ائين لکي ڇڏيو.

    حَسن پنهيار ۾ مون اهڙو ڪجهه به ڏٺو آهي، جيڪو ٻين ۾ به آهي ۽ اهڙو ڪجهه به، جيڪو ٻين ۽ حَسن جي ڀيٽ ڪبي، ته گهٽ وڌائي ٿيندي، ان کانسواءِ اهو ڪجهه به، جيڪو شايد ٻين ۾ نه به هجي.

    فيس بوڪ انٽرويو سلسلي ۾ پهتل مختصر تعارف ۽ ويچار پيش ڪرڻ وقت گهڻي ڊيگهه سونهي نه ٿي، ان ڪري مختصر ئي لکڻ جي ڪوشش باوجود ڪجهه وڌيڪ لکجي ويو، ان لاءِ معذرت. اوهان هي ڪڙي پڙهي رايو لکندا، ته اوهان جا ٿورا ٿيندا.

    1. اوھان جو نالو؟
    محمد حَسن، حَسن پنهيار.

    2. ولديت ذات سميت؟
    محمد اسماعيل پنهيار.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)؟
    جنم 01-01-1973ع، ڳوٺ حاجي محمد رمضان پنهيار، تعلقو تنگواڻي، ضلعو ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ.
    رهائش پنهيار هائوس، ڪنڌڪوٽ.

    4. تعليم؟
    ايم ايس سي ايگريڪلچر، ايم اي سنڌي.

    5. ڪرت؟
    سرڪاري ملازم.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون؟
    سُر سنگيت ۽ لطيف سائين جي رسالي جو ورد ڪرڻ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    شاعر/ فنڪار/ موسيقار.

    8. مطالعي ۾ ڇا کي اوليت ڏيو ٿا؟
    لطيف سائين جو رسالو.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪائنات ۾ اچڻ ئي هڪڙو سفر آهي. انهي سفر ۾ قدرت جي رنگن کي رنگين اکين سان ڏسڻ گهرجي، هن سفر کان هُن سفر تائين.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچهري مان ڪچهريون جڙنديون آهن، انهي ڪچهرين مان کوڙ سارا گفتا، عنوان، لفظ ملندا آهن، جن کي شاعري ۾ استعمال ڪندي، وڏو لطف ايندو آهي. ڪچهرين مان کوڙ سارو سکي، پرائي سگهجي ٿو.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادب جي اوسر لئه ادبي تقريبن جو هجڻ لازم آهي. انهي ۾ شرڪت ڪرڻ به اهم ڪردار نڀائڻ جي برابر آهي.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماجي ڪمن ۾ جي سماج جي ڪم اچي ته بهتر آهي. اهڙو ڪم ڪجي يا ڪري وڃجي، جنهن سان صدين تائين ياد رکيو وڃي.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    پاڻ فقراء مزاج جو آهيان، پر مائٽن جي انيڪ روين ڏاڍو ستايو. لطيف سائين جي بيت تي عمل ڪندو آهيان ”هو جهيڙين تون جهڪو ٿي، پاند ڳڄي ڳل پاءِ“.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    سنگت ساٿ سان لاڳاپا، انٽرويو وٺندڙ سائين مٺل جسڪاڻي ئي وضاحت ڪري سگهي ٿو. سنگت ۾ هڪ مٺل به آهي.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ؟
    اڇو.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    ٽرين.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    محبوب جي در تي چمي جي خواهش اڄ به آهي.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    هر ڪنهن کي پنهنجي حال، نيت تي ڇڏي ڏجي. مولا سڀني کي سلامت رکندو.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    جيئن پاڻ کي بهتر ڏسڻ چاهيان ٿو، تئين سنگت ساٿ کي به بهتر، خوشحال ڏسڻ چاهيان ٿو.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    ”مون سان مون پرين، ڀوراڙئي ۾ ڀال ڪيا“ (شاھ)، تيئن هجڻ گهرجن.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ گهرجي، ڇو ته پاڻ سڃاڻڻ لاء ئي پيدا ٿيا آهيون، ”جي سڃاڻي پاڻ کي، ساڳيو سر سلطان به تون آن“. حق موجود.

  • مير چند اوڏ ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مير چند اوڏ ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مير چند اوڏ ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.13.31 AMمير چند اوڏ: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مير چند اوڏ جي ڳوٺ وڃي به ساڻس ملي نه سگهڻ جو ارمان ائين آهي، جيئن جوهي ۽ جوهي جي آسپاس وارن ٻين ناميارين شخصيتن، بهترين سرجڻهارن سان نه ملي سگهڻ جو… سندس مختصر تعارف ۽ ويچار پڙهي رايو ڏيندا ته ارمان عيوض آٿت ملندي.

    1. اوھان جو نالو؟
    مير چند اوڏ.

    2. ولديت ذات سميت؟
    نماڻو اوڏ.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
    امان ۽ بابي غريب، اڻ پڙهيل ۽ رواج نه هئڻ ڪري، ڄمڻ جي تاريخ ته ياد نه رکي، پر پرائمري اسڪول سرٽيفڪيٽ ڪڍڻ مهل، اسڪول جي هيڊ ماستر سائين طالب حسين ٻٻر جي مهرباني سان 8 اپريل 1986ع درج ڪئي وئي. حسين آباد ڪالوني جوهي، ضلعو دادو.

    4. تعليم؟
    ايم اي سوشيولاجي، بي ايڊ.

    5. ڪرت (پيشو)؟
    استاد.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    ڪتاب پڙهڻ، فلمون ڏسڻ، انٽرنيٽ سرفنگ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
    جڏهن به دل جي ڳالھ ڪنهن سان ناهيان ڪري سگهندو يا ڪو دل کي ڇهندڙ خيال ايندو اٿم، ته شعر لکي وٺندو آهيان. ڪهاڻيون ڪافي سال اڳ لکيون اٿم ۽ ڪجھ مضمون لکيا اٿم ۽ لکان پيو.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    سفرناما، تاريخ، تحقيق، لسانيات، سائنس ۽ شاعري.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    ھڙ هجي ته سڄي دنيا گهمان ۽ قديم آثار ڏسان.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    رڳو پرايون گلائون ۽ پنهنجي ساراھ ڪرڻ.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي تقريبون ملڻ جلڻ ۽ هڪٻئي کي روبرو ٻڌڻ جو هڪ سٺو موقعو آهي.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    اڄڪلھ سماجي ڪم گهٽ پر ڏيکاءُ مال ميڙ گهڻو آهي.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    گولي ئي هڪڙي هڻجي.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    دوستاڻا، همدرداڻا ۽ ڏکئي وقت ۾ ڪم اچڻ وارا آهن، پر بعد ۾ سنگت بيوقوف چئي ڪم ڪڍڻ جي چڪر ۾ هوندي آهي.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    رنگ ڳاڙهو ۽ خوشبو ۾ فوگ.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    جيڪا سواري ماڳ تي تڪڙو پهچائي.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    اولاد ڏسڻ جيڪا ڏسڻ کان اڳ ئي قتل ڪئي وئي.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    چوڻي آهي ته ”رت دانگيءَ تي ورندو آهي“، هاڻي دانگي ئي اڻ لڀ ٿي وئي آهي، ته رت ڪيئن وري.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    مطلبي، منافقي ۽ پٺي ۾ ڇرو هڻڻ کي سنگت چئبو آهي.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    سادا، همدرد ۽ ڏکئي وقت ۾ ڪم ايندڙ هجن.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    ڪنهن بيوس ۽ غريب کي ذليل نه ڪيو ۽ ڏاڍي جا بوٽ نه چٽيو.

  • فهيم فدا شورو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    فهيم فدا شورو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    فهيم فدا شورو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.12.34 AMفهيم فدا شورو: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    فهيم فدا شورو سان ملاقات ڪا هڪ اڌ، تفصيلي ڪچهري جو روبرو موقعو نه مليو، فاصلاتي ڪچهري ٻه چار دفعا ٿي، سندس مختصر تعارف ۽ ويچار، سندس آئينو آهن، اوهان پڙهي رايو ڏيندا، ته اسان ٻنهي کي خوشي ٿيندي.

    1. اوھان جو نالو؟
    فهيم الدين ارشد، قلمي نالو فهيم فدا شورو.

    2. ولديت ذات سميت؟
    مولانا محمد يامين شورو ”خادم سنڌي“.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
    8 جون 1988ع، مسڻ وڏي، ٽنڊو الهيار، سنڌ.

    4. تعليم؟
    ايم. اي. درس نظامي جديد عربي فارسي.

    5. ڪرت (پيشو)؟
    تعليم کاتي ۾ اُستاد.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    لکڻ پڙهڻ، انٽرنيٽ هلائڻ ۽ سنڌي ادب ۾ رنڍا روڙڻ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جا ڪتاب؟
    ناول ڇڏي باقي سڀني مان ٿورو ٿورو تصنيف و تاليف. ڇپيل ڪتاب ”پکا ۽ پنهوار“ ڇپائي جو سال آگسٽ 2013ع، ڇپائيندڙ انجمن مشعل راهه مسڻ وڏي، مهورت بدست مبارڪ حافظ محمد نظاماڻي. زير اشاعت ڪتاب (پريس ڪاپي تيار) 1. ذڪر حيات مولانا عبيدالله سنڌي، 2. مقالات فهيم (مقالن ۽ مضمونن جو مجموعو)، 3. فيس آف شورو – هڪ تحريڪ، هڪ ادارو. اڻ ڇپيل ڪتاب: 1. آتم ڪٿا، 2. تِڙڪو (شاعري)، 3. باقة الازهار (عربي ٻاراڻو ادب)، 4. باغستانِ فدا (فارسي)، 5. سنيها سِڪ وارن جا (خطوط)، 6. سنڌ ۾ شورو قبيلي جا ماڳ ۽ مڪان.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    تحقيق، تاريخ ۽ فلسفو.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    انساني تجربي ۾ بي بها اضافو.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    قربائتيون ڪچهريون سنڌي ثقافت جو مينار آهن. ڪچهرين سان وِرُونهن وڌي ٿو.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    بصد معذرت! قومي اثاثو هوندي، اڄ رسمي بڻجي ويون آهن.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    خلق جي خذمت سان خدا ملي ٿو.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    پنهنجائپ وارا.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    تمام بهترين.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    اڇو. چِيڪي مِٽي جي خوشبو.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    جيڪا منزل تي پُڄائي.

    17. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    مٽي مائٽي مضبوط قلعو آهي، جيڪو عدم ڌياني جي ڪري ميسارجي رهيو آهي.

    18. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    ضرورت جي وقت ڪم اچڻ وارا.

    19. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    پنهنجا حق وڙهي وٺڻ وارا ٿي پون، پوءِ اهي حق ملڪي هجن يا قومي.

    20. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    محبت منهنجي ماني آ،
    محبت منهنجو پاڻي آ،
    اهو آ ڏس پتو منهنجو،
    اها منهنجي ڪهاڻي آ.

  • مير اعظم علي ٽالپر ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مير اعظم علي ٽالپر ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مير اعظم علي ٽالپر ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.11.20 AMمير اعظم علي ٽالپر: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مير اعظم علي ٽالپر ۽ آئون، ملون نه ملون، اسان کي بنا ساهي ملندي رهڻ وارو جوڙو سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري سندس ذات تي لکندس، ته ڊاڪٽر عزيز ٽالپر انيڪ سچيون ڪوڙيون شاهديون کڻي، ٽهڪن ۽ ٽانڊن سميت پهچي ويندو. گهڻو ڪري سائين حيات علي شاهه بخاري جي صبر وارو پيالو به پلٽبو. منهنجي خيال ۾ سائين حڪيم نظير احمد شيخ جا صحت ۽ ساڃاهه جهڙا نسخا به پڌرا ٿي پوندا. ان ڪري آئون بهتري ان ۾ پيو ڀانيان، ته مير فيس بوڪ انٽرويو اعلان پڙهي، جيڪو پنهنجي هٿ اکرن ۾ مختصر تعارف ۽ ويچار لکي موڪليا، اهي ئي تصويري صورت ۾ پڙهڻ لاءِ پيش ڪري ڇڏيان، پر نه، اوهان کي پڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي… منهنجي خيال ۾ هي پهريون ۽ آخري انٽريو آهي، جيڪو ڪاڳر، ڪاغظ تي لکجي مليو ۽ شامل ٿيو آهي… خير، اوهان پڙهي پنهنجو رايو ڏيندا، ته مير اعظم سندس فيس بوڪ وال تان پڙهندو، ڪنهن کي موٽ ڏيڻ لاءِ، جيڪڏهن وري به ڪاڳر جو سهارو ورتائين، ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه!؟

    1. اوھان جو نالو؟
    مير اعظم علي ٽالپر

    2. ولديت ذات سميت؟
    محمد خان ٽالپر

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):
    شناختي ڪارڊ مطابق 01.01.1957، ٽالپر پاڙو، محلو، ڳوٺ، ٽنڊوڄام.

    4. تعليم؟
    ايم اي سوشا لاجي

    5. ڪرت (پيشو)؟
    رٽائر ملازم

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    لکڻ، پڙهڻ، گهر ۾ ٻُوٽا (ٻارڻ) پوٽا پوٽيون پرچائڻ، راند ڪُڏڻ، اخبارون پڙهڻ (جيڪي نظر اچن).

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
    ڊائري لکڻ عادت آهي ۽ اخبار ۾ مضمون لکندو آهيان. هڪ ڪتاب ڇپيل، گم ٿيل، مون وٽ به ڪاپي نه آهي، ته ڇو ڳڻايان؟

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    بطور ليکڪ، لکڻ لاءِ گُهمڻ ڦرڻ، سير سفر، ٽوئر شوق سان ڪرڻ، اخبارون ۽ رسالا وغيره پڙهڻ سان گڏوگڏ ڪجهه ملي ٿو، ته پسند ناپسند جي بنياد تي پڙهي وٺندو آهيان.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    گهمڻ، ڦرڻ، سير ٽوئر ڪرڻ زبردست آهي.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    اوطاقي ڪچهريون ٺيڪ آهن.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    زبردست حيثيت رکن ٿيون.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماج اندر هر ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ان ۾ اٿڻ، ويهڻ، شرڪت لازمي ڪجي.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    هر هڪ سان سٺا رويا ۽ لاڳاپا رکڻ گهرجن، اهو نه ڏسو ته اڳلي جي روش ڇا آهي.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    دوستي ۾ سٺا رويا رکيا آهن ۽ رکڻ جو عزم آهي.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    اڇو (سُفيد) دربار هتانه عَطَر جي خوشبو.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    سواري جيڪا ملندي اها ئي پسند هوندي آهي.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    دل ۾ هزارين خواهشون آهن، ڪهڙي نمبر ون ڪجي سڀ نمبر ون آهن.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    عزيز سڀ ڀلا آهن.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    هر هڪ لاءِ نيڪ خواهشون ۽ نيڪ تمنائون.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    هر هڪ ماڻهو سان انسان ٿي هلي ته بهتر آهي. تڏهن ماڻهو، ماڻهپي ۾ ايندو.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، تہ ضرور لکو؟
    پيغام ڪهڙو ڏجي سڀني لاءِ دعا آهي ته خوش هجن.

    مير اعظم پنهنجي مرضي سان پاڻ کان پڇيل سوال جو جواب لکيو:
    هي سوالن جو پيپر اتفاق سان 2020ع جي اپريل جي آخر ۾ مليو آهي ۽ هجري اسلامي مهينو رمضان شريف هلندڙ آهي. هن کان اڳ وارا ٽي (3) رمضان 67 سالن واري زندگي ۾ يادگار رهيا آهن.
    1. 1969ع وارو رمضان ون يوٿ خلاف جيل ڀريو تحريڪ سينٽر جيل حيدرآباد ۾.
    2. 1970ع وارو رمضان چونڊن واري حالت ۾ هو.
    3. 1971ع ۾ ملڪ ۾ گهريلو لڙائي بليڪ آئوٽ ۾ گذريو هو. اتفاق سان هي 4 رمضان به زندگي (بقايا) ۾ لاڪ ڊائون سبب يادگار رهندو.

  • جيئند علي مهر ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    جيئند علي مهر ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    جيئند علي مهر ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.10.21 AMجيئند علي مهر: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    جيئند علي مهر محنت ڪري پنهنجي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ جمبيل نوجوان آهي. سندس لکي موڪليل مختصر تعارف ۽ ويچار جيئن جو تيئن اوهان جي نظر ڪجن ٿا. اوهان هن نوجوان شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نويس، مبصر، دڪاندار، سماجي ورڪر، استاد جو موڪليل مواد پڙهي، اوهان جو رايو اسان جي نظر ڪريو، مهرباني.

    1. اوھان جو نالو؟
    جيئند علي مھر.

    2. ولديت ذات سميت؟
    عبدالغفور مھر.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
    منهنجو جنم 26 ڊسمبر 1982ع، هنڌ ڳوٺ جيئو مھر، ميرواھ، لڳ وزيرآباد، لکي غلام شاھ، شڪارپور، سنڌ.

    4. تعليم؟
    ايم. اي.، ايم. ايڊ.

    5. ڪرت (پيشو)؟
    دڪاندار، سماجي ورڪر، استاد.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    ادبي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ، پنهنجي ڌنڌي، نوڪريءَ، گهرَ، ٻار ٻچڙن سان وقت گذارڻ سٺو لڳندو آھي، سير تفريح سان به دل ۽ دماغ کي تر تازه ڪرڻ به منهنجي سرگرمين ۾ شامل هوندو آھي.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
    مان شاعر آھيان، ۽ پنهنجي سنڌ جي ڪلاسيڪل صنف ” وائي“ گهڻي لکي اٿم، وائي منهنجي پسند جي صنف آھي، جنهن ۾ منهنجي دردن جي اظھار جا آئينا، پيڙا جي پاتار مان ٽٻيون هڻي روح تائين راھُون ٺاهيندي نظر ايندا ھن…. ان سان گڏ و گڏ مضمونگار، ۽ ڪھاڻيڪار به آھيان، منهنجو شاعريءَ ۾ هڪ ڪتاب ”اوسيئڙي ۾ شام“ سمبارا پبليڪيشن طرفان سال 2019ع ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيل آھي. هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو نثري نظمن تي مشتمل آھي ”انتظار جون پنجٽيھ بھارون“ ترت اچڻ وارو آھي، مضمون، ڪتابن تي تبصرا، ڪهاڻيون به سهيڙي رکيون آھن، جهڙي به وقت حالات اجازت ڏني ته پنهنجو پورهيو ضرور ڇپرائبو.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    ھر اھو ڪتاب جنهن مان ڪجھ نه ڪجھ پرائجي، پر اڄڪلھ ڪهاڻين جا ڪتاب پڙھڻ جي موڊَ ۾ آھيون، ڇو ته ڪهاڻي ۾ منهنجي ساھَ جي سڳڙن ۾ پرينءَ جي ياد جيان اٽڪيل آھي، ۽ ھاڻ منهنجو ڪهاڻين لکڻ طرف گهڻو ڌيان آھي.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    گهمڻ ڦرڻ، سير تفريح ڪرڻ، جسم ۾ خوشيءَ جون لهرون اڀرنديون آھن، نيون نيون شيون، ماڳ مڪان ڏسڻ لاءِ ملندا آھن، ۽ گهڻو ڪري مون کي تاريخي شيون گهمڻ ۾ سرهائي محسوس ٿيندي آھي.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچهريون دوستين جي دل جو دارون آھن، يار دوست، مٽ مائٽَ جي اوکيءَ سوکيءَ جي خبر پوي ٿي، ڪچهريون قرب جون ڪڙيون آھن، هونءَ به ڪچهري، اوطاقون اسان جي سنڌ جي ثقافت ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکن ٿيون.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    هن گهٽَ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ھُل هنگامي شور جي سيني تي شعور جي لاٽ آھن ادبي ڪچهريون، ادبي سرگرمين سان بهتريءَ جي اميد ڪر ڀڃي جاڳي پئي.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماجي ڪم ۽ سماجي تقريبون اسان جي گدلي ۽ سينور چڙھيل معاشري جو سڌار آھن، جيستائين اسان جو ذھنن جي اوسرِ ننڍ وڏائيءَ يا سطحيت واري ماحول مان ٻاهر نه نڪرندي تيستائين سماجي ڪم ۽ سماجي تقريبون انهن لاءِ ٻڙي آھن. سماجي ڪم انسانيت جي لاءِ بهتريءَ جو بنياد پڻ آھن.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    اسان هلندا هون يار پنهنجي نيت تي …منهنجي ته اها ئي ڪوشش ھوندي آهي مٽن مائٽن عزيزن سان لاڳاپا ماکيءَ، مصريءَ کنڊُ جهڙا هجن…. پر… هڪڙي شڪايت رشتن کان ضرور آھي ته ٻيلي ڏاھا ٿيو ڪنهن مجبورَ تي مائٽ تي ڏکئي وقت ۾ ٽونڪ ٺٺول نه ڪيو…. ان جا ڀر جهلا ٿي مصيبتن مجبورين مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو سوچيندا ڪيو. اوهان ويجها رشتيدار ئي ڪاٺي ڪاٺيءَ تي رکي ڀڃندو ته ڌارين تي ڪهڙي ميار… ….. ۽ وري هڪ جي سزا ٻئي کي اهو به ڪٿان جو انصاف آھي… جيڪي ڏي وٺ جو رشتو ڪن ٿا ته انهن کي محبتن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي…. نڪي ماچس جي تيلي دُکايون چپ ڪندنِ جون زندگيون ساڙجن. اڄڪلھ مٽن مائٽن سان سهڻا لاڳاپا قائم دائم رکڻ دنيا جي اٺين عجوبي کان گهٽ ناهي… وڌيڪ اوهان سڀ پنهنجي پنهنجي دل تي هٿ رکي هڪ ڀيرو سڀني مائٽن جا لاڳاپا اڳيان آڻي پوءِ ئي ڪجھ سوچيو يار…. ڪس لوھَ کي به کائي ويندي آھي…. بسس….

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    منهنجا دوست…. منهنجي سنگت شال سدائين سکيا رهن… دوست ميراث ھن… حضرت علي ڪرم الله وجه سائين جن کان هڪ روايت آھي ته…. پاڻي ڪيترو به ميرو کڻي ڇو نه هجي پر اهو باھ وسائڻ جي ڪم ضرور ايندو آھي. دوست به ساڳي سونهن مثلِ آھن Love u friends …

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    منهنجي پسند جو رنگ اڇو ۽ گلابي آھي، پر پسند جي خوشبو ڪجھ الڳ الڳ آهي.. منهنجي محبوب جي ساھن جي خوشبو منهنجي پسند جي خوشبو آهي.. ڪيئن سائين مٺل جسڪاڻي صاحب؟

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    يار موٽر سائيڪل جهڙي وري ڪا سستي ۽ سولي سواري ئي ناهي… ٿوري خرچ ۾ بادشاهن جهڙو سُک… اڄوڪي دور ۾ سوال ويچارو آھي، اسان غريبن لاءِ ته هيءَ موٽر سائڪل ڪنهن پجيرو کان گهٽ ناهي.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    منهنجي ڪهاڻين جو ڪتاب شال سنڌي ادب جي سونهن بڻجي… دل سان ڪوشش جاري آھي پيارا..

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    ھي شايد ٻه دفعا سوال ڪيو اٿو… ان سوال بابت مٿي تفصيلي جواب ڏئي دل جو بار هلڪو ڪيو آھي …

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    مولا ڪري سدائين خوش ھجن… سنگت ساٿ لاءِ سدائين نيڪ تمنائون ساھ ۾ سانڍيون آھن.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    دل جا سچا… نيت جا صاف… ورائي کي به پنهنجو سمجهن… ڪوڙَ سان دشمني پيار سان ياري هجي عام ماڻھوءَ جي… پر انسانيت جو احساسُ به گڏ گڏ ضروري آھي، جنهن ۾ ضمير جي سُجاڳي به شامل هجي.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    پيارا سائين مٺل جسڪاڻي اهو ته اوهان جو قرب آھي جو ان لائق سمجهو ٿا…. اوهان جي آخري سوال جي جواب ۾ عرضُ آھي ته پنهنجو اهڙو ڪردار ٺاهيو جو دوستن سان گڏ دشمن به اوهان جي ڪردار جي واکاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿين.

  • ساگر ڏھراج ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ساگر ڏھراج ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ساگر ڏھراج ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.09.26 AMساگر ڏھراج: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    ساگر ڏھراج پنهنجي ذات ۾ ساگر آهي. سندس من اندر ۾ اڻ ڳڻيا سلوڪ پيل آهن. جنهن جو اندازو سندس فيس بوڪ اپ ڊيٽ ”جوڳي رمتا ڀلا“ مان لڳائي سگهو ٿا. هي جوڳي جتان جتان ويندو، ورندو، جڏهن فيس بوڪ تي پوسٽ رکندو آهي، ته حيرت ٿيندي آهي، جيئرو جاڳندو ماڻهو موٽر سائيڪل جو مشيني ڀاءَ ته ناهي! ۽ ان مشيني ڀاءَ کي جيڪا قوت هلائي ٿي، اها قوت ئي هن جي سڃاڻپ آهي. يارن جو يار، قربدار، زنده دل، سرت، سمجهه، ساڃاهه ۽ سهپ جو اهڃاڻ آهي. وڌيڪ لکندس ته وڌيڪ لکجي ويندو، سندس لکيل مختصر تعارف ۽ ويچار متاثر ٿيندو، ان ڪري پڙهو ۽ پنهنجو رايو لکو.

    1. اوھان جو نالو؟
    ساگر ڏھراج.

    2. ولديت ذات سميت؟
    لونگ خان ڏھراج.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
    جمن شاھه پاڙو، ٽنڊو آدم.

    4. تعليم؟
    ايم. اي.

    5. ڪرت (پيشو)؟
    پرنٽر اينڊ پبلشر.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    رولاڪي.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
    ڪھاڻيون لکيون اٿم.

    8. مطالعي ۾ ڇا کي اوليت ڏيو ٿا؟
    تاريخ کي.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير سفر ۾ مشاھدو وڌي ٿو.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    اتساھه جو سبب.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماجي ڳانڍاپو،. ادبي خيال ٻين تائين پڄائڻ جو وسيلو.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماج جي اوسر.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    محتاط، ڪم، خوشي ۽ غمي تائين.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    سھپ، رواداري، پيار.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ؟
    ھلڪو سليماني.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    فٽفٽي،. جنھن تي سفر جو مزو ئي پنھنجو آھي.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    سنڌ جي آزادي.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    سدا سرھا ھجن.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    پڙھيل، سلجھيل.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    جتي دنيا پنھنجي مقصدن کي ماڻڻ جي جستجو ۾ رات ڏينھن محنت ڪري ٿي، اسان جي ماڻھن کي به ائين محنت ڪرڻ گھرجي. علم طرف وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ گھرجي.

  • مقصود قاضي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مقصود قاضي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    مقصود قاضي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.08.33 AMمقصود قاضي: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    قاضي مقصود ۽ مقصود قاضي ۾ ڀُل جون عجيب اتفاقي ڳالهيون ڪري، بهترين تحقيقي ۽ تعليمي مقالو يا مضمون قلمبند ڪرڻ کان بهتر آهي، ته مٽياري ۾ ساڻس پهرين ملاقات کان وٺي، هي ٻه اکر لکڻ تائين، ساڻس جيڪي به ملاقاتون ٿيون، آخري ملاقات تائين، جتي به ڪا ملاقات ٿي، جڏهن به ٿي، جيڪا به ٿي، سمورين ملاقاتن جا حوالا ڏئي، هتي سندس ذات ۽ شخصيت بابت پنهنجا ويچار ونڊڻ بدران، سڌو سئون، سندس لکيل مختصر تعارف ۽ ويچار، اوهان تائين پهچائي، اميد ٿو ڪريان، ته اوهان پنهنجي مفصل ۽ مثبت راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا.

    1. اوھان جو نالو؟
    مقصود احمد.

    2. ولديت ذات سميت؟
    سيف الدين احمد قاضي.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
    6 سيپٽمبر 1969ع، قاضي محلو، مٽياري.

    4. تعليم؟
    ايم اي (سنڌي).

    5. ڪرت (پيشو)؟
    زرعي توسيع کاتي ۾ اسٽينوگرافر.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    پڙھڻ، لکڻ، فيسبڪ تي چئٽ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جا ڪتاب؟
    شاعري، سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ٻوليءَ تي تحقيقي مقالا، شاعريءَ جو ڪتاب ”مند نه آهي ماٺ جي“ 1997ع ۾ ڇپيل، ”مسلمان ٻارن جا نالا“ 2003ع ۾ ڇپيل، ”تاريخ مٽياري“ 2006ع ۾ ڇپيل، سيرت النبي ﷺ تي ترجمو ڪيل ڪتاب ”الرحيق المختوم“ 2008ع ۽ 2013ع ۾ ٻه دفعا ڇپيل، ”لاکو ڦلاڻي“ 2009ع ۾ ڇپيل، ”سرجيس تان سور“ (محمد خان مڱڻهار جي مضمونن جو ڪتاب مرتب ڪيل) 2010ع ۾ ڇپيل، شاعري جو ٻيو مجموعو ”دائرا“ 2015ع ۾ ڇپيل، ”خلافت تحريڪ ۽ پاڪستان جي تحريڪ جي اڳواڻ پير غلام مجدد سرھندي جي سوانح“ 2016ع ۾ ڇپيل.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    تاريخ، لسانيات، شاعري ۽ ٻيو غير افسانوي ادب.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    آئون محدود رهندڙ ماڻهو آهيان. ڪجهه گهميو آهيان، ته به دوستن جي صلاح ۽ ساٿ سان.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    سنڌ ۾ شل سدائين ڪچهريون قائم رهن. انهن مان گهڻو ڪجهه پرائڻ جو موقعو ملي ٿو.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي تقريبون به ڪچهري وانگر لاڀائتيون آهن. ڪچهرين سان، لوڪ ڏاهپ سان، روشنائي ٿئي ٿي ۽ ادبي تقريبن ۾ مڃتا جا جذبا، سکڻ ۽ اصلاح جا موقعا ميسر ٿين ٿا.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    اديب کي سماج سان جڙيل هجڻ گهرجي. ان مان ئي سندس خيالي هجڻ يا عملي هجڻ جي خبر پوي ٿي.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    مائٽن سان ڳنڊيل هجڻ ۾ چڱائي آهي، پر نئون دور ماڻهو کي اڪيلو ڪندو وڃي.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    دوست الاهي آهن، پر مستقل سنگت گهٽ آهي. جيڪا لڳ ڀڳ منهنجي عمر جيتري عرصي تائين ڇنڊيل ڇاڙيل ۽ سهپ ۽ برداشت رکندڙ آهي. مون کي پنهنجي سنگت تي فخر آهي.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    خوشي ۽ خوشحاليءَ جي نمائندگي ڪندڙ سڀئي رنگ. شال سڀني جي زندگي، انهن رنگن سان رنگيل هجي. باقي هر قسم جي خوشبوءِ کان مون کي الرجي آهي.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    اهڙي گاڏي، جنهن ۾ ٻارن سان گڏ گهمي ڦري سگهجي. ڀلي سادڙي ڇو نه هجي.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    آئون پراين پئسن تي حج يا عمرو ڪرڻ ٿو چاهيان. اهو ڏسڻ لاء ته ماڻهو واقعي به ٻين کي حج يا عمرو ڪرائيندا آهن يا اهي ڳالهيون رڳو ڦهلايون ويون آهن.

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    جتي هجن خوش هجن.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    آئون سنگت لاء دعاگو آهيان، باقي سنگت کي مون بابت جيڪي چوڻو هجي، سو پاڻ چون.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    ماڻهو سادڙا ۽ سٻاجهڙا نه هئڻ گهرجن. انهن کي سڀني ذاتي توڙي سماجي مسئلن جو ادراڪ هئڻ گهرجي. باقي معامله فهم ۽ سماج توڙي انسان سان سچا هجن.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    ”جو دم غافل، سو دم ڪافر“.
    ”ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري“.
    ”تتي ٿڌي ڪاه، ڪانهي ويل ويهڻ جي“.

  • عبدالله جروار ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    عبدالله جروار ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    عبدالله جروار ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.07.32 AMعبدالله جروار: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    عبدالله جروار، مون سميت گهڻن لاءِ ”سائين عبدالله جروار“ آهي. پاڻ وڏن شهرن مان ماسٽرس ڪري به نج ڳوٺاڻو، لوڪ ڏاهپ جو اهڃاڻو، سڌو سادو، محبتون ڏئي وٺي ڄاڻندڙ، موتي داڻو آهي. اوهان تائين سندس تعارف ۽ ويچار پهچائيندي، مون کي خوشي به ٿئي پئي، آئون فخر به محسوس ڪريان پيو. سائين عبدالله جروار متعلق ڪجهه اوهان به ڄاڻو…

    1. اوهان جو نالو؟
    عبدالله جروار.

    2. ولديت ذات سميت؟
    محمد عمر جروار.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
    02 آگسٽ 1959ع، ڳوٺ صاحب خان جروار، تعلقه ۽ ضلع ٽنڊوالهيار.

    4. تعليم؟
    ايم. اي – ايم ايڊ.

    5. ڪرت (پيشو)؟
    رٽائرڊ هيڊ ماستر.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    فيس بوڪ تي چئٽ، سٺي موسيقي ٻڌڻ، يادگيريون لکڻ، ڪڏهن ڪڏهن ڪتابن جو مطالعو.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟
    مختصر مضمون، سياسي ۽ سماجي حوالي سان يادگيريون سهيڙڻ. يادگيرين تي ڪتاب ڇپرائڻ جو ارادو آهي.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    تاريخي ڪتاب ۽ آتم ڪهاڻيون، ديني ڪتاب.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير سفر چڱو آهي. جيڪو اجهي سو ٻجھي، جسماني توڙي مالي سگھ به هجي.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچهريون سٺيون آهن. علمي ادبي، سٺن، ساڃاه وندن جون ڪچهريون. هروڀرو واريون ڪچهريون، سٺين ڳالهين کان شروع ٿي گلا غيبت تي ختم ٿين ٿيون.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي ڪچهريون فائدي واريون آهن، سٺا موضوع هجن، جن تي ڪچهريون ڪجن.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماجي ڪم ۾ نيت تي دارومدار آهي. نيت ۾ خلوص، پاڻ کي لائق، اعتماد جي قابل بنائجي، سچائي سان ڪم ڪري، انفرادي طور، اجتماعي بهتري آڻي سگهجي ٿي.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    بهتر رکڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. ڪٿي ڪٿي اوڻيهه ويھ ٿي به وڃي ٿي.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    بهتر رکڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. سنگتي اهي سٺا، جيڪي احساسات، جذبات سمجهن، ٻڌن ۽ بهتر رهنمائي به ڪن.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    رنگ بليو، خوشبو موتيو.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    موٽر سائيڪل.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    خواهشون کوڙ، پر زندگي مختصر!

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    مٽ مائٽ زندگي ۾ ڀرجهلا هوندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن انهن جي ويجهڙائپ جي ضرورت هوندي آهي، ته پري بيهي رهندا آهن.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    جتي هجن، خوش آباد هجن. هڪٻئي جي خبر چار، حال احوال وٺندا رهن. ايڏي دير نه ڪن، جو استاد بخاري جي شعر ”ڪا خبر ئي نه پوي، ته ڪو مئو يا بچيو“.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    هي جيڪي قدرتي وبائون هلن پيون، هاڻ وقت آيو آهي، ته عام ماڻهو به سچائي سان محنت ڪري. هڪٻئي جو ڀرجهلو ٿجي. هر طرح جون بي ايمانيون، ٺڳيون ۽ هڪ ٻئي جا ترا ڪڍڻ جهڙن عملن کان پري رهي، پنهنجن ٻارن کي سٺي تعليم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    هاڻوڪي وقت جي تقاضا آهي، ته اسان سماجي توڙي سياسي لحاظ کان، بهتر تبديلي ڏانهن شروعات ڪريون، ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل، بک ۽ بدحالي کان بچي سگهي. صحت، تعليم ۽ روزگار جي حوالي سان، غير يقيني صورتحال کان نڪري سگهي.

  • اعظم ڀٽي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    اعظم ڀٽي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    اعظم ڀٽي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.05.55 AMاعظم ڀٽي: مختصر تعارف ۽ ويچار

    ترتيب: مٺل جسڪاڻي

    اعظم ڀٽي! ها ٽنڊي وارو! ان ٽنڊي وارو، جنهن ٽنڊي جو، پاڻ کي ٽئين درجي جو شاعر چوندڙ، جهوني هجڻ جو اقرار ڪندڙ، ان ٽنڊي کي خانن جو ٽنڊو چوي ٿو. اسان جو لوڪ ماڻهو محمد خان جو ٽنڊو چوي ٿو. ان ٽنڊي ۾ معشوقن جو مانُ ٻُڌجي ٿو. ٻين حوالن سميت آغا جان آغا جي حوالي سان به، ان اهم ٽنڊي جي نالي سان سڃاتو ويندڙ، اهو ئي اعظم ڀٽي، جيڪو علمي، ادبي، سماجي تقريبن ۾ اسٽيج سيڪريٽري هوندو، نه هوندو ته اسپيڪر هوندو، نه هوندو ته ٻڌندڙ هوندو، نه هوندو ته مطلب ڪنهن مجبوري سبب نه هوندو. اهو ساڳيو اعظم ڀٽي پنهنجي فيس بوڪ انٽرويو ۾ پهتو آهي. پنهنجي پڙهڻ لاءِ سندس مختصر تعارف ۽ ويچار پهتو آهي، مون کي وڻيو آهي، اوهان پڙهي پنهنجو رايو لکندا، ته مون سان گڏ اعظم ڀٽي تائين به پهچندو. پهچندو ته اوهان جي مهرباني مڃبي.

    1. اوھان جو نالو؟
    اعظم ڀٽي.

    2. ولديت ذات سميت؟
    محمد اشرف ڀٽي.

    3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ هنڌ سميت)
    جنم 6 جولاءِ 1977ع، پير محلا، لڳ ٽيليفون ايڪسچينج، ٽنڊو محمد خان.

    4. تعليم؟
    ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس).

    5. ڪرت (پيشو)؟
    روينيو کاتي ۾ ملازمت.

    6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
    لکڻ ۽ پڙهڻ.

    7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟. اوهان جا ڪتاب؟
    ٿوري شاعري، گهڻو نثر، مطلب ڪالم، مضمون، سوانحي خاڪا، مقالا، ڪجهه ڪهاڻيون. منهنجو مواد ڪجهه گڏيل مجموعن ۾ شايع ٿيو آهي. ”شاعري ڳالهائي ٿي“ مرتب: غلام مصطفي’ سولنگي، نومبر 2015ع ۾، ”سخنور سنڌ ڌرتيءَ جا“ مرتب: احساس ميرل 2018ع ۾، ”گل ڇنو گرنار جو“ مرتب: ياسر قاضي، 2015ع ۾، ”ويساهن جو وچن“ ايوب کوسو، 2017ع ۾، ”تخليقڪارن سان ڪجهه پل“ مرتب: ڊاڪٽر مشتاق ڦۡل، آگسٽ 2017ع ۾، ان کان علاوه کوڙ سارن ڪتابن جا مهاڳ، رايا، تبصرا، ٻه اکر، تعارف وغيره به ته مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ به مواد شايع ٿيندو رهي ٿو.

    8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
    تاريخ جي موضوع کي.

    9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
    سير و تفريح کانسواءِ انسان اهو سُڪل وڻ آهي، جيڪو هميشه بي ثمر هوندو آهي.

    10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
    ڪچهري اسانجو ثقافتي جُزو آهي، جنهن سان محبت وڌي ٿي ۽ معلومات جا موتي ميڙجن ٿا.

    11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    ادبي اوسر ۽ سکيا لاءِ ادبي تقريبون اُتساهه جو وڏو سبب هونديون آهن.

    12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
    سماج کان ڪَٽيل ماڻهو ڇَسو آهي، سماجي ڪم رُوحاني سُڪون جو ذريعو ۽ تقريبون سماج جي ڀلائي لاءِ فائديمند ۽ جاڳرتا جو حصو آهن.

    13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    ڪي تمام سُٺا، ڪي سُٺا، ته ڪي وِچٿرا.

    14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
    همدرديءَ، عاجزيءَ، نِوڙت ۽ اُتساهه ڏيارڻ ۽ وٺڻ وارا.

    15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
    رنگ ڳاڙهو ۽ خوُشبو گُلاب جي گُل جي.

    16. اوھان جي پسند جي سواري؟
    اڪثر طور گوڏي گاڏي ۽ عام طور موٽر سائيڪل.

    17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
    انسان خواهشن جو پُتلو آهي، هزارين خواهشون من جي مئڪدي ۾ بوتلن جيان سجائي هلي ٿو، پر منهنجي ٻُڌائڻ جهڙي خواهش اها آهي، ته ڪو تخليقي مجموعو منظرِعام تي آڻي سگهان شال!!

    18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
    مائٽ شفقت جو ڇانورو آهي، جنهن ڇانوَ جي سلامتيءَ لاءِ هر وقت دُعاگُو رهندو آهيان.

    19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
    سنگت، ساٿي، دوست، زندگيءَ جو سرمايو آهن، ان سرمايي کي بچائڻ لاءِ درگُذر جو مادو ضروري آهي.

    20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
    دل ته چوي ٿي ته سڀ پڙهيل لکيل، ادب ۽ ذوق وارا هُجن، ان جي باوجود به اخلاق جي بُلندي بنيادي گهُرج هئڻ گهرجي.

    21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
    محبت کانسواءِ زندگيءَ اڌُوري ۽ آزاديءَ کانسواءِ زندگيءَ بي معنى آهي.