Category: KAY WADEKH SHAKHSIYATOON

  • اداڪار انور سولنگي

    اداڪار انور سولنگي

    انور سولنگي

    وفات : 4 اپریل 2008


    IMG 20240405 WA0071
    سنڌ جي مشهور اداڪار انور سولنگي 1944ع ڌاري شهدادپور ۾ جنم ورتو، ھن پنھنجي فني ڪيريئر جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ڪئي، ان کان پوءِ پاڪستان ٽيليويزن تي آيو، انور سولنگي پنهنجي دور جو وڏو اداڪار ھو، ھن سنڌي سان گڏ اردو ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، ھن مجموعي طور تي پنج سئو جي لڳ ڀڳ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، ھن ڊرامن سان گڏ ڪافي فلمن ۾ به ڪم ڪيو، اداڪار سان گڏ انور سولنگي سٺو ليکڪ، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار به ھو، سندس مجموعو ”زهر ڀريا پيالا“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، ھن 4 اپریل 2008ع تي وفات ڪئي

  • سید شبیر علی شاھ ”ھاتف“

    سید شبیر علی شاھ ”ھاتف“

    سید شبیر علی شاھ ”ھاتف“

    پیدائش : 4 اپریل 1940


    IMG 20240405 WA0072
    ۔سنڌ جي مشهور شاعر، ليکڪ، ماھر ارضیات سيد شبير علي شاهه “ھاتف” سيد الهه بخش شاهه جي گهر ۾ 4 اپريل 1940ع تي ٽکڙ اڳوڻي ضلعي حيدرآباد، ھاڻوڪي ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو، ھن علم ارضیات Geology ۾، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي ايس سي ڪئي، ان کان پوءِ ساڳي سبجيڪٽ جيالاجي ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي ڪئي، ھي ڪجهه وقت سنڌ ۽ پنجاب ۾ جيالاجسٽ رهيو، ان کان پوءِ جيالاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو، جلد نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، ان کان پوءِ به ملڪي توڙي غير ملڪي ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، جن ۾ پاڪستان فارين سروس طرفان آسٽريليا ۾ سيڪنڊ سيڪريٽري، چيف سائنٽيفڪ آفيسر، هائڊرو جيالاجسٽ، ريسرچ اسپيشلسٽ وغيره شامل آهن، شبير ھاتف بھترين شاعر ۽ ليکڪ به ھو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ “نيڻن ۾ ڏياريون”، “جهڙو پوپٽ پرُ” شامل آهن، ھن 5 فيبروري 2023ع تي وفات ڪئي.. 

  • کیئل داس فانی

    کیئل داس فانی

    کیئل داس فانی

    پیدائش : 4 اپریل 1914


    IMG 20240405 WA0073
    سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر، ليکڪ، موسيقار، ڳائڻي کيئلداس داس فاني 4 اپریل 1914ع تي ميان جو ڳوٺ، شڪارپور سنڌ ۾ جنم ورتو، ھن جو اصل نالو کيئلداس وليرام بيگواڻي ھو، ھن شڪارپور مان تعليم حاصل ڪئي، پوءِ ڪجهه وقت درس تدريس جو ڪم ڪيائين، ھن شاگردي واري زماني کان ئي شاعري شروع ڪئي، شاعري ۾ آغا صوفي کان رھنمائي حاصل ڪئي، ورھاڱي کان پوءِ انڊيا ھليو ويو، ڀوپال ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو، سنڌي بڪ ڪميٽي جو ڪنوينر رهيو، مرڪزي ادبي ڪميٽي جو ميمبر رهيو، سندس نگراني ۾ ڪيترن ئي شاگردن پي ايڇ ڊي ڪئي، ھن ڀوپال ۾ ٿئيٽرس جو بنياد رکيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ريڊيو راڳ، سامونڊي لھرون، سڪ، سوز ۽ ساز، خزان جي خوشبوءِ ۽ پيلا پن، پڇتاءُ جا ڳوڙها، سمنڊ سمايو بوند ۾ وغیرہ شامل آهن، ھن پھرين سنڌي فلم “ايڪتا” سميت مختلف فلمن لاءِ گيت لکيا، ھن 8 اپريل 1995ع تي وفات ڪئي.. 

  • میر عبدالرسول میر

    میر عبدالرسول میر

    میر عبدالرسول میر

    پیدائش : 7 اپریل 1950


    IMG 20240407 WA0110سنڌ جي ناليواري شاعر مير عبدالرسول مير 7 اپريل 1950ع تي ڳوٺ رئيس مهر علي خان ٽالپر تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو، سندس تعليم سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم. ايس. سي (فزڪس) ھئي، ان کان پوءِ درس تدريس سان لاڳاپيل رهيو، سندس شاعري جو مجموعو ”سونهن ورونهن“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، ھن 19 ڊسمبر 2019ع تي وفات ڪئي..

  • سنجر فقير منڌرو

    سنجر فقير منڌرو

    ٽنڊي محمد خان جي يونين ڪائونسل لاکاٽ ۾ شاهه بخاري جو قبرستان ۽ درگاهه مشهور آهن. ان ئي يونين ڪائونسل ۾ هاڻ منڌرن جي آبادي جا ڪي نشان نٿا ملن. ان علائقي ۾ هڪ درويش صفت بزرگ ۽ شاعر رهندو هو. جيڪو سنجر فقير منڌري جي نالي سان مشهور هو. هن درويش سان ڪيتريون ئي روايتون ۽ ڏندڪٿائون منسوب هۡيون. جن مٿان هاڻ وقت جي دز چڙهي وئي آهي. سنجر فقير منڌرو ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ آچار منڌرو ۾ 1904ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو محمد عثمان منڌرو هو. فقير جو ٻالڪپڻ اتي ئي گذريو. صفا اڻپڙهيل هئڻ باوجود ارڙهن سالن جي عمر ۾ شاعري ڪيائين. ٻارنهن سالن جي عمر کان ئي سندس لاڙو فقيريءَ ڏانهن هو، گهر ۾ رڳو ماني کائڻ واسطي ايندو هو. باقي ڏينهن رات شاهه بخاري جي قبرستان ۾ رهيو پيو هوندو هو. ڄڻ ته سندس سمورو جهان ئي اهو هو. سندس تڪيه ڪلام هوندو هو “ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”! ڍڳين سان کيس تمام گهڻي اۡنس ۽ پيار هوندو هو، جنهن وقت به شاهه بخاري جي قبرستان کان ڍڳيون مٽينديون هيون ته ڊوڙي وڃي کين پيار ڪندو هو. ڍڳين سان پيو ڳالهائيندو هو، انهن ڍڳين کان موڪلائڻ وقت چوندو هو ته “هاڻي هلو، ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”! پنجيتاليهه سالن جي ڄمار ۾ 1949ع ڌاري وفات ڪيائين. کيس ان ئي قبرستان ۾ سۡپردخاڪ ڪيو ويو. روايت آهي ته “هڪ دفعي فقير بدين شهر وڃي نڪتو، پنهنجي مُنهن بازار ۾ هلندو پئي ويو ۽ چوندو پئي ويو ته “ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”! ائين چوندي، کِلندي، ٽهڪ ڏيندو ويو، ان زماني ۾ هندن جي اڪثريت سبب هندو سندس ڪلمي جي پچار ۽ ٽهڪن کان بدگمان ٿي مٿس ڏمرجي پيا ۽ پوليس ۾ رپورٽ ڪيائون. پوليس فقير کي جهلي ٿاڻي تي وٺي وئي، جتي به فقير جي اها ئي ڪار هئي ته “ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”. صوبيدار به ڪو هندو هو، جنهن فقير کي بند ڪيو هو، فقير پنهنجي ڪِرت کان باز نه آيو، نيٺ صوبيدار کيس ڇڏي ڏنو.” ٻئي روايت موجب “هڪ ڍڳي هئي، جيڪا سندس پيءُ سندس نالي ڪري ڇڏي هئي، فقير ڍڳيءَ جو نالو “ڪجل” رکيو هو. چور سندس ڍڳيءَ ڪاهي ويا، سو فقير کي ٻُڌايائون ته چور “ڪجل” ڪاهي ويا آهن، دُعا ڪر ته موٽي وٿاڻ تي اچي، تنهن تي سنجر فقير کِلي هن ريت بيت چيو ته؛

    “سنجر” ٿو ستائي، جنهن جو واسينگن تي وَر،
    قادر پير “ڪجل” جو، ڪارڻ گهڻو ڪر،
    واري آڻ وٿاڻ تي، تنهن واليءَ ڏيئي ور،
    سڪو ڪين سر، پاڙي پرينءَ رسول جي.
    فقير کي ڪي پسڻ پسجي ويا سو وري چيائين:
    ڪاهي ويا “ڪجل” کي، وڪڻي آيا وري،
    انهن جا ڀونگا ڀينگ ٿيا، وِين گهر ٻَري،
    منهنجو سوال “سنجر” چئي. ويئي تڪ تري،
    موهڄڻ ويا مري، ٿِين سُڃ “سنجر” چئي.
    سنجر فقير منڌري جا اهڙا ڪيترائي واقعاتي بيت آهن. اها به روايت آهي ته سندس ٽيهه اکري به هئي، جيڪا اڻلڀ ٿي وئي، ان ٽيهه اکري مان فقط ٻه بيت هٿ اچي سگهيا آهن. جيڪي هيٺ ڏجن ٿا. (ا.ڀ)
    (ب) بئون بار ڇڏ، لالن تي لائي،
    مهار تن مين جي، جهليندا ٺاهي،
    مديني ۾ “منڌرو” چئي پرور پهچائي،
    ڪال مٽي ڪاهي، سانگين جو “سنجر” چئي.
    (ث) ثئون سُڃاڻي نڪو ڄاڻي، اهو چرکو هو چاندي،
    جيسين سِڪ “سنجر” چئي، تيسين مارڻ لئه ماندي،
    قسمت هن ڪوٽ ۾، الا جڏهن آندي،
    ڪل هئس ڪانڌي، تڏهن مديني مٽي ويا.
  • محمد خان سولنگي

    محمد خان سولنگي

    ساھتي جا شاعر
    مسرور پنائي 

    IMG20240402163449 

    نالو: محمد خان سولنگي
    والد جو نالو: نبي بخش سولنگي
    تخلص: مسرور پنائي
    جنم ڏينھن: 25 آڪٽوبر 1947
    وفات: 10 آگسٽ 2004
    ڪرت: استاد
    ڳوٺ: پنو سولنگي
    ڇپيل ڪتاب: زندگي ماڪ ڦڙا (شاعري)
    اڻ ڇپيل مواد: تمام گھڻو
    سڃاڻپ: شاعر
    شاعري
    ٻاجھر جھليا سنگ او سانول!
    تو لئه اٻاڻڪا لنگھہ او سانول!
    آڀون آڀون جوار به جاني!
    تنھنجي ساماڻي ڪنوار به جاني!
    ڦارون پايان، ڍارا ڍاريان،
    نيبھ ھجني ننگ او سانول!
    پيھن تي ٿيون اجرڪ ڇائون،
    ساريان توکي، چونڊيان سائون،
    بوڙينڊن جي لھرن لوڙھيو،
    دوريون ڪري وئين دنگ او سانول!
    ڪونه ٻڌان ٿي شام سويرو،
    تنھنجي آواز ۾ ھور ڙي ڳيرو،
    ويتر ٿيان ٿي ڏسي ماندي،
    خالي ھي روز پلنگ او سانول!
  • خادم بالادي

    خادم بالادي

    ساهتيءَ جو شاعر (جنھن جو اڄ جنم ڏينھن آھي)
    خادم بالادي

    FB IMG 1712385345994 

    اصلي نالو؛ خادم حسين 
    ادبي نالو؛  خادم بالادي
    ولديت؛  بخشل خان
    جنم؛ 6/4/1980
    جنم جو هنڌ؛  مورو
    تعليم؛  ايم اي سنڌي
    ذريعه معاش؛  سوشل سيڪٽر ۾ ملازمت
    ادبي ابتدا؛  1990
    ادبي سڃاڻپ؛  نثري نظم جي شاعر نقاد ليکڪ
    ڇپيل ڪتاب؛  ڪوبہ نہ
    اڻ ڇپيل ڪتاب؛ نثري نظمن جو مجموعو   فرد جرم        مضمونن جو مجموعو  ادبي پڙھت جو مڪالمو 
    شاعري 
    فرد جرم
    ,
    مان آخري غدار آھيان.
    مونکي معاف ڪيو وڃي.
    مون پاڻي م پٿر اڇلي.
    ٺھراء جي فطرت کي
    رد ڏنو.
    مون اوندھ م تيلي ٻاري
    تاريخ جي سموري اطمينان کي
    ننگو ڪيو.
    مون مسافتن کان 
    منزلن جو ڏس پڇيو تہ 
    سفر جو سمورو تقدس
    منھنجي ھٿان قتل ٿي ويو.
    پنھنجو ئي رت  پيئڻ کان پوء 
    وحشتن جي اوڳرائي ڏئي 
    زندھ رھڻ لاء 
    مونکي جيڪو ڪجھ سيکاريو
    ويو.
    مان اھو نہ ڪري سگھيس.
    مونکي معاف ڪيو وڃي.
    مان آخري غدار آھيان.
  • شاعر نياز ھمايوني

    شاعر نياز ھمايوني

    تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول
    مون وٽ روپ نه ڪو ٻھروپ الا،

    نياز ھمايوني
    پھرين اپريل 1930:جنم ڏينهن


    IMG 20240401 WA0124
      سنڌ جي خوب صورت مزاحمتي شاعر نياز ھمايوني  پھرين اپريل 1930ع تي شڪاپور جي ڳوٺ ھمايون ۾ جنم ورتو، ھن تعليم به اتي ئي حاصل ڪئي،  ھي شاعر سان گڏ نثر نويس، مترجم ۽ حڪيم به ھو، ھي سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ اردو ۽ فارسيءَ جو به وڏو ڄاڻو هو، ھن سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن ۽ ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعريءَ کي اردو ۽ فارسي ۾ ترجمو ڪيو، سندس مشهور ڪتابن ۾ ديوان مفتون، فرھنگ ھمايون، رسالو اويسيه، سنڌ جي طبي تاريخ، ڌرتي جا گيت وغيره قابل ذڪر آهن، ھن 3 جنوري 2003ع تي ھي جھان ڇڏيو

  • عبد اللہ خان مگسي

    عبد اللہ خان مگسي

    عبد اللہ خان مگسي


    IMG 20240401 WA0125سنڌ جي مشهور ليکڪـ، محقق، تاريخدان عبدالله خان مگسي 17 ڊسمبر 1947ع تي ڳوٺ گل محمد مگسي تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو، ھن ابتدائي تعلیم دادو، گريجوئيشن ۽ علم سياسيات ۾ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي، ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڪاليج سائيڊ ۾ ليڪچرار ٿيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (عالمي امن ۾ سنڌي اديبن جو حصو، تاريخ جو جديد مطالعو، سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو، جان جان هئي جيئري) وغيره شامل ڪيو، هن پھرين اپريل 1993ع تي وفات ڪئي

  • مشڪور ڦلڪارو

    مشڪور ڦلڪارو

    مشڪور ڦلڪارو

    3 اپريل 1955: جنم تاريخ


    IMG 20240404 WA0032سنڌ جو مشهور شاعر، ليکڪ، محقق محمد بخش ڦلڪارو المعروف مشڪور ڦلڪارو 3 اپريل 1955ع تي ڳوٺ صوفي آباد تعلقي ماتلي ضلعي بدين ۾ ڄائو، ھن بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ، مئٽرڪ رپ شريف ۽ صحافت ۾ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي، ھن ڪجهه وقت خانداني منصوبا بندي ۾ ڪم ڪيو، پوءِ تعليم کاتي ۾ استاد ٿيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ڪارونجهر جا تاريخي ماڳ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس، سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه، سرسوتي تھذيب ۽ اڇڙو ٿر، سنڌ جي ڪوھستان جو تاريخي جائزو شامل آهن..