Category: FROM MY FATHER NOTES BY MUMTAZ PATHAN

  • ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو شاگرد سياست ۾ حصو

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو شاگرد سياست ۾ حصو

    “ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو شاگرد سياست ۾ حصو“
    .   ( بابا سائينءَ جي نوٽس مان. )

    facebook 1712374489810 7182219172111044867

              ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ھڪ گھڻ- رخي شخصيت ھيو. سندس زندگيءَ تي ڪيترن ئي ماڻھن تمام سٺو لکيو آھي پر اڃا ڪيترائي اھڙا پھلو رھن ٿا جيڪي محققن جي نظر مان اوجھل رھيا آھن. ڊاڪٽر مرحوم ھڪ شاگرد جي حيثيت ۾ سياسي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جو پاڻ بہ ذڪر ڪيو آھي ۽ لکي ٿو تہ جھوناڳڙه ڪاليج ۾ ھن ھڪ خاڪسار ڪارڪن جي حيثيت ۾ شاگرد سياست ۾ حصو ورتو. مزي جي ڳالھہ ھي آھي تہ ان جا دستاويزي ثبوت گل حيات ۾ موجود آھن. جن مان پتو پئجي ٿو تہ لڳ ڀڳ 30 شاگرد خاڪسار تحريڪ ۾ حصو وٺندا ھئا ۽ ڊاڪٽر بلوچ ڪاليج ھاسٽل جو سالار ھئو. ھن جي دستخط ۽ حڪم سان خاڪسار جي ڪاليج يونٽ جون گڏجاڻيون ٿينديون ھيون جن ۾ اڪثر ڪري جيڪي شامل ٿيندا ھيا انھن مان ڪي نالا آھن: ميمڻ حبيب اللہ، سيد غلام محمد شاھ، سمندر خان پٺاڻ، احمد خان ڀرڳڙي،محمد الياس احمداڻي،اللہ بچايو بلوچ،گل پير بخش،پناھ علي شاھ، احمد خان لانگاھ، خداداد چانڊيو،  محمد حسين راجپوت،عطامحمد بلوچ. علي نواز جتوئي. شيخ غلام قادر، غلام قادر سومرو وغيره.             
     ڊاڪٽر بلوچ جو اھو رڪارڊ “دفتر ڪاروبار تحريڪ“ جي عنوان ھيٺ ھڪ فائيل ۾ صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي جنهن ۾ آگسٽ 1938 کان وٺي جولاءِ 1939 تائين گڏجاڻين جا نوٽيس موجود آھن.ڊاڪٽر مرحوم ڪن ورقن ۾ ڊائريءَ جا نوٽس لکيا آھن. مثال طور 25 آگسٽ 1938 تي لکي ٿو تہ:  “مون 17 جون کان وٺي آگسٽ جي آخر تائين تحريڪ جي تبليغ ڪئي. ٽن صاحبن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو واعدو ڪيو آھي ۽ ڪجھ “الاصلاح“ جا خريدار بہ بڻايا اٿم“(ممتاز علي پٺاڻ
  • سنڌ محمدن ايسوسيئيشن

    سنڌ محمدن ايسوسيئيشن

     
    20190103 142506
     
    “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن. “ (بابا سائين جي نوٽس مان)
     ڪانگريس 1885 ۾ قائم ٿي جنهن کي گڏيل ھندستان جي پھرين سياسي پارٽي چيو وڃي ٿو .ليڪن سنڌ ۾ “سنڌ سڀا“ نالي سماجي ۽ نيم سياسي پارٽي 1882 ۾ قائم ٿي جنهن مان اھو چئي ۽ سمجهي سگھجي ٿو تہ سماجي ۽ سياسي شعور سنڌ ۾ ٻين پرڳڻن جي ڀيٽ ۾ آڳاٽو ھيو.“سنڌ سڀا“ جو مرڪز ڪراچي ۾ ھيو ۽ ان ۾ ھندو،مسلمان ۽ پارسي ميمبر  خواه عھديدار ھيا.سنڌ سڀا سنڌ ۾ ميونسپالٽين جي چونڊن ۾ عام راءِ کي ھموار ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ان کانسواءِ مقامي نوعيت وارا سماجي مسئلا حل ڪرڻ جي بہ ڪوشش ڪئي. تعليم کاتي وارن “سنڌ سڀا“ جي خدمتن کي ڏسي پنهنجي اخبار “ سنڌ سڌار “ ان جي حوالي ڪئي ھئي ۽ ساڌو ھيرانند انهي جو ايڊيٽر ٿيو ھيو.حسن علي آفندي “سنڌ سڀا“ جو نھايت سرگرم اڳواڻ ھيو.جڏھن لارڊ رپن ھندستان ۾مڪاني ادارن وارا سڌارا آندا تہ “سنڌ سڀا“ گڏجاڻي ڪري اھو فيصلو ڪرڻ گھريو تہ لارڊ رپن کي مڃتا طور ھڪ “سپاسنامو“ ڏنو وڃي. حسن علي آفندي انهي ڳالھہ جي گڏجاڻي ۾ مخالفت ڪئي، جنهن تي ھندو ميمبرن سان ھن جي “تون ڇا تون ڇا ٿي“. ان تي حسن علي آفندي ڪاوڙجي گڏجاڻي جو بائڪاٽ ڪري نڪري ويو ۽ ڪن ڏينهن کان پوءِ ھن “ سنڌ محمدن ائسوسيشن“ “ نالي پنهنجي پارٽي ٺاھي جيڪا 1936 تائين ھڪ فعال سياسي پارٽي طور سنڌ ۾ ڪم ڪندي آئي. 
    مون ورجائي ورجائي اھو پئي عرض ڪيو آھي تہ انگريزن جي دور ۾ 45 سياسي پريشر گروپ ۽ پارٽيون ڪم ڪري رھيون ھيون. “سنڌ سڀا“ ۽سنڌ محمدن ايسوسيئيشن انهن مان ٻہ پارٽيون ھيون. “سنڌ سڀا“ جو اڳتي ھلي “سنڌ ھندو سڀا“ جي نالي پارٽي سان ٻيو جنم ٿيو.
    بابا جي نوٽس ڏسندي ۽ پڙھندي اھا خبر پوي ٿي تہ ھڪ ھڪ پارٽي ۽ پريشر گروپ تي بابا سائين فائيل ٺاھيا آھن.“سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ بابت جيڪو مواد گڏ ڪيو اٿن اھو سمورو اسان جي ويب سائيٽ تي بہ موجود آھي ۽ ان جي ھڪ ھارڊ ڪاپي پڻ ٺاھي گل حيات ۾ رکي اٿن. “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ سنڌ  جي مٿئين طبقي وارن مسلمانن جي سياسي شعور جي ھڪ دلچسپ ڪھاڻي آھي. اسان وٽ گڏ ٿيل مواد ۾ ھن پارٽي جي سمورن عھديدارن ۽ ميمبرن جي لسٽ موجود آھي ۽ انهن مان ڪيترن جي زندگي جا احوال ۽ فوٽو پڻ بابا گڏ ڪيا آھن.مون “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ تي گڏ ڪيل مواد مان ھڪ فائيل جو ٽائيٽل پيج اڄ شيئر ڪيو آھي. 
    “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو.جڏھن “شڌي تحريڪ“ ھلي ۽ سنجوڳي شيخن کي وري ٻيھر ھندو بڻائڻ جا واقعا ٿيا ۽ انهي سلسلي ۾ ھندن لاڙڪاڻي ضلعي ۾ عورتن جي اغوا جو ھڪ اڌ واقعو ڪيو تہ لاڙڪاڻي ۾ وڏا فساد ٿيا.“سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ھن صورتحال جو نہ فقط نوٽس ورتو پر شديد ردعمل بہ ڏيکاريو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ ٻين پرڳڻن ۾ “ لاڙڪاڻو ڊي “ ملھايو ويو ۽ انهي تي سنڌ  توڙي ھند جي اخبارن ڏاڍو لکيو ۽ سياسي پارٽين پنهنجا موقوف بيان ڪيا.اھو 1927 ۾ واقعو ٿيو ۽ ايڏو تہ مشھور ٿيو جو “انڊين اينيوئل رجسٽر“ جھڙي اھم رسالي ۾ انهي لاڙڪاڻي واري واقعي تي مستند طريقي سان انگريزي ۾ لکيو ويو.انھي واقعي کانسواءِ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جيڪي وقت بہ وقت گڏجاڻيون ڪيون،فيصلا ڪيا، وقت جي سرڪار کي“ يادداشت ناما“ ڏنا اھي ھن پارٽي جي فائيل ۾ گل حيات ۾  موجود آھن، ۽ اھو مواد 150 کن صفحن کان بہ مٿي جو ٿيندو جيڪو پنهنجي جڳھہ تي ھڪ مڪمل ڪتاب آھي. 45 پارٽين تي اڪيلي ماڻھون طرفان اھڙي ريت مواد ڪڏ ڪرڻ ڪا ٻاراڻي ڳالھہ نہ آھي. ان لاءِ بابا سائين کي وقت،پئسن ۽ محنت جي قرباني ڏيڻي پئي ھوندي. غريب لوھر جي ھڪ ٻار کان قوم جي محبت ۽ خدمت ۾ اھو ئي ٿي سگھي ٿو. انهن 45 ڪتابن جيتري مواد کي ڇپرائڻ بابا جي وس جي ڳالھہ نہ ھئي. ان ڪري انهي منجهان ڪيترو ئي مواد ويب سائيٽ تي رکيو ويو آھي. ڪاش ! ساڃھہ وند ڌرين ۽ حڪومت جو ڌيان بابا سائين جي ھن ميڙيءَ چونڊي طرف وڃي.(ممتاز پٺاڻ)
     
  • انگريزي دور جون سماجي تنظيمون

    انگريزي دور جون سماجي تنظيمون

    FB IMG 1546250967786

     

    “انگريزي دور جون سماجي تنظيمون..“
    ( بابا سائين جي نوٽس مان.)
     بابا سائين اڄ ڪلھہ “ڊيلي گزيٽ “ مان ورتل نوٽس جي بنياد تي انڊيڪس ٺاھي رھيو آھي جنهن ۾ 1884 کان وٺي 1947 تائين پاڻ جيڪو مطالعو ڪيو اٿن انهي کي ذھن ۾ رکي انڊيڪس ٺاھي رھيو آھي جنهن ۾ 4 ڪالم آھن1. موضوع يا عنوان.2. اخبار ۾ ڪھڙي تاريخ تي ڇپيو 3. اھو ڪھڙي صفحي تي ڇپيو آھي4 . تہ اھو مواد محقق کي ڪھڙي ڪم ايندو. 
    مان انهي ترتيب ڏنل انڊيڪس ۽ نوٽس تي جڏھن نظر وجهان ٿو تہ ائين ٿو لڳي تہ جيئن انگريزن جي دور  ۾ سنڌ جي وڏن شھرن ۾ سماجي تنظيمن جو ڄار وڇايل ھيو جن جي ڪارڪردگي نھايت دلچسپ ۽ وڻندڙ آھي. مثال طور لائبرريون قائم ڪرڻ مختلف موضوعن تي ڄاڻو ماڻھن کان تقريرون ڪرائڻ،ھنگامي طور تي پيدا ٿيل سماجي مسئلن جو حل ڪڍڻ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ وغيره. سنڌ ۽سنڌي ماڻھن جا ٻولي،ثقافت، تعليم ۽ ملازمت سان لاڳاپيل اجتماعي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ انهن تنظيمن جا خاص مقصد ھئا.اھي تنظيمون برادري جي بنيادن تي بہ قائم ٿيل ھيون تہ قومي انداز ۾ بہ جوڙيل ھيون. برادرين جي بنياد تي قائم ٿيل تنظيمون جھڙوڪ پئنچاتن جو جديد روپ ھيون جن ۾ برادري کي وڏن شھرن ۾ پيش آيل مسئلن جو حل ڪڍيو ويندو ھيو ۽ اھي خاص ڪري انهن ھندن جون قائم ٿيل ھيون جيڪي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن منجهان ملازمت يا تجارت سانگي حيدرآباد يا ڪراچي ايندا ھئا. قومي نوعيت يا اھميت واريون تنظيمون سياسي تنظيمن جي فعال ٿيڻ کان اڳ وڌيڪ سرگرم رھيون ۽ انهي ڪميءَ کي پورو ڪيائون.  جڏھن سياسي پارٽيون سرگرم ٿيون تہ سماجي تنظيمن پاڻ کي فقط سماجي ۽ ثقافتي ڪمن تائين محدود رکيو. اڄ اسان وٽ“ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن “قائم آھي ،پر مزي جي ڳالھہ اھا آھي تہ انگريزن جي دور ۾ بہ انھي نالي سان ھڪ تنظيم موجود ھئي.ذاتين جي بنياد تي قائم ٿيل تنظيمن کانسواءَ مذھبي بنيادن تي بہ سماجي تنظيمون جڙيل ھيون جن ۾ مسلمانن،ڪرستانن،ھندن ۽ سکن جون کوڙ ساريون تنظيمون ھيون. سموري قسم جي مکيہ تنظيمن مان جيڪي وڌيڪ فال ھيون انهن جو تعداد سون ۾ آھي،پر ڪي نالا ھن ريت آھن. ينگ مينس ڪرسچن ايسوسيئيشن، سٽيزنس ايسوسيئيشن، سھتا سڌار ايسوسيئيشن،گروسنگھہ سڀا،ينگ سنڌي ايسوسيئيشن، ڪڇي ميمڻ سڌارڪ منڊل،سنڌ سناتن ڌرم منڊل، بنڌو منڊل، مسلم مارواڙي سلاوٽ جماعت، گوئان يونين پريم منڊلي،ھندو شيوڪ منڊل،  آريا سماج منڊل، ھندو ٽائون پيپلز ايسوسيئيشن، ڪراچي سٽيزنس ايسوسيئيشن، حيدر آباد سٽيزنس ايسوسيئيشن، برھم مترا منڊل، ساٿ سڌار منڊل وغيره.
    انهن تنظيمن جي ڪارڪردگي ڏاڍي دلچسپ ۽ توجه ڇڪرائڻ واري آھي. مثال طور اھي تنظيمون ڪڏھن سرڪاري ملازمن جي پگھارن وڌائڻ جا مطالبا ڪنديون ھيون تہ ڪڏھن اجمير ۽ ٻئي اھڙي طرف ويندڙ زيارتن جي ڪراين ۾ گھٽتائي جا مطالبا ڪنديون ھيون. ڪراچي جي سٽيزنس ايسوسيئيشنس بامبئي يونيورسٽي کان مطالبو ڪيو ھو تہ سنڌي کي گريجوئيشن جي سطح تي تدريسي مڃتا ڏني وڃي. ڪيچ مڪران طرف وڏيون تباھيون آيون تہ اتان ڪيترا ماڻھون ڪراچي لڏي آيا جن کي آباد ڪرڻ ۾ سماجي تنظيمن اھم ڪردار ادا ڪيو. ان دور جي سماجي تنظيمن جو وڏو ڪارنامو ھي آھي تہ انهن ڇوڪرين جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ کوڙ سارا اسڪول قائم ڪيا ۽ نسواني تعليم جيڪڏھن عام ٿي ۽ سنڌ جون نياڻيون ڪاليجن ۾ پھتيون تہ ان ۾ سماجي تنظيمن ۽ انهن طرفان قائم ڪيل تعليمي  ادارن جو وڏو ھٿ آھي. وقت جي تقاضا آھي تہ انهن تنظيمن تي تحقيق ٿيڻ گھرجي تہ ڪارڪنن ۽ عھديدارن جي زندگين جا احوال گڏ ڪيا وڃن ۽ انهن جي ادبي. تعليمي ۽ ثقافتي خدمتن تي ڪم ٿيڻ گھرجي. ڇو تہ ان منجهان سنڌ جي سماجي شعور سوچن ۽ لوچن جي شاندار تاريخ جڙي ويندي. بابا سائين ان حوالي سان ڪم ڪيو آھي جيڪو اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. بابا سائين اڪيلي سر ڪم ڪيو آھي پر اھو چڱن ڀلن ادارن جي ڪم کان گھڻو آھي. جنهن انڊيڪس تي بابا ڪم ڪري پيو اھا مڪمل ٿي ويندي تہ ان منجهان اسان کي انگريزن جي دور جي سماجي تنظيمن ۽ سندن خدمتن جو اندازو لڳائي سگھبو. (ممتاز پٺاڻ)
     
  • آزاديءَ جا سپاھي ۽ اڳواڻ

    آزاديءَ جا سپاھي ۽ اڳواڻ

    20181228 151155
     
    “ آزاديءَ جا سپاھي ۽ اڳواڻ“ ( بابا سائين جي نوٽس مان.)
     مون پئي سدائين چيو ۽ لکيو آھي تہ منهنجي والد  اھڙن موضوعن تي ڪم ڪيو آھي ۽ مواد گڏ ڪيو آھي جيڪي ڪيترن جي وھم گمان ۾ڪو نہ آھن.مثال طور مون ڪيترائي اھڙا عنوان اوھان سان پئي شيئر ڪيا آھن.اڄ مان تحريڪ آزادي سان لاڳاپيل سنڌ جي سپاھين واري موضوع تي ٻہ اکر لکي رھيو آھيان. 
    پاڪستان جي موجوده سياسي پس منظر ۾ سنڌ سان پنهنجن توڙي پراون گھڻيون زيادتيون ڪيون آھن . ڪي  اسان جا دين- ڀائي چون ٿا تہ ملڪ انهن ٺاھيو هنن کي ڪن سنڌي حلقن طرفان سٺو جواب تہ ملي ٿو پر اھو ڪيس جي حيثيت ۾ ڪنهن محقق دنيا آڏو شاھدين سميت پيش نہ ڪيو آھي. 
    اوھان جيڪڏھن اسان جي ويب سائيٽ تي ويندا تہ  اتي اوھان کي فريڊم فائيٽرز جي لسٽ ملندي جيڪا ھزارن نالن تي مشتمل آھي.انھيءَ  لسٽ  ۾ تحريڪ آزادي جي سپاھيءَ جو نالو سندس ڳوٺ جي نشاندهي جنهن پارٽي ۾ ھيو ان جو نالو وغيره ڏنل ملندو. انھي لسٽ تي نظر وجهندڙ ھر ماڻھون کي پنهنجي ڳوٺ يا تر جي ڪنهن نہ ڪنهن آزادي جي سپاھي جو نالو پڙھڻ لاءِ ضرور ملندو.بابا جو اھو ڪم ڪيترن ئي اخبارن رسالن جي ورق گرداني جو نتيجو آھي. مان عرض ڪري چڪو آھيان تہ انگريزن جي دور ۾ 45 سياسي پارٽيون ۽ پريشر گروپ ھيا جن سڌي ۽ اڻ سڌي طرح آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو انهن سمورن جي عھديدارن ۽ ميمبرن جا نالا اوھان کي ھن لسٽ ۾ ملندا. بابا سائين جو ڪم سنڌ جي وڏي وڪالت ڪرڻ برابر آھي ۽ انھن ماڻھن لاءِ جواب آھي تہ سنڌين تحريڪ آزادي ۾ نالي ماتر حصو ورتو جڏھن تہ حقيقت ان جي برعڪس آھي.سنڌ تي 1843 ۾ قبضو ٿيو .ٿورن سالن کانپوءِ 1857 ۾ جيڪا عوام طرفان ٻين پرڳڻن ۽ صوبن ۾ آزادئ جي جنگ وڙھي وئي تہ سنڌ ان ۾ لاجواب حصو ورتو ۽ ھتان جي ماڻھن کي ڪاري پاڻي جي سزا ملي. انھي آزادي جي تحريڪ کان اڳ سنڌ ۾ ڪيترن ھنڌن  تي انگريز حڪومت جي آفيسن تي ماڻھن مصلح حملا پڻ ڪيا.1905 ۾ ھندستان جي مسلمانن جو جيڪو وفد ھندستان جي وائسراءِ سان مليو ان جي اڳواڻي سر آغا خان ڪئي جيڪو ڪراچي ۾ ڄائو ۽ ولادت جي حساب سان سنڌي ھيو. ان کان پوءِ1906 ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ٺھي تہ ان جو باني صدر بہ ساڳو ئي سر آغا خان ٿيو. تنهن کان پوءِ مسلم ليگ جي اڳواڻي قائداعظم ڪئي جيڪو سنڌي ھيو ۽ جھرڪن ۾ ڄائو.ان کان پوءِ 1938 ۾ جڏھن سنڌ ۾ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس ٿي تہ شيخ عبدالمجيد سنڌي آزادي جي ٺھراءَ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وقتي طور تي مھمل ڪيو ويو پر 1940 ۾ ان کي لاھور واري ٺھراءَ جي صورت ڏني وئي. 1943 ۾ سائين جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ کان پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ ۽ آزادي حاصل ڪرڻ وارو ٺھراءُ پاس ڪرايو. اھي شاھديون ڪافي آھن تہ  اسان دنيا کي ٻڌائي سگھون تہ سنڌ آزادي جا سپاھي نہ پر آزديءَ جا اڳواڻ پئدا ڪيا آھن. تحريڪ آزادي جي انهن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي جيڪا بابا سائين لسٽ ٺاھي آھي اھا پڻ ھڪ وڏي شاھدي برابر آھي. بابا فقط لسٽ ڪانہ ٺاھي آھي پر انهن جا احوال ۽ فوٽو پڻ گڏ ڪرڻ شروع ڪيا آھن، جيڪي گل حيات ۾ موجود آھن. (ممتاز پٺاڻ)
  • ثناءُاللہ ثنائي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد ۽ بابا سائين

    “ثناءُاللہ ثنائي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد ۽ بابا سائين“.
     گل حيات اداري ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل پي ايڇ ڊي مقالن جو هڪ الڳ ڪارنر آھي جنهن ۾ کوڙ ساريون پي ايڇ ڊي جون ٿيسزون موجود آھن .جھڙوڪ ڊاڪٽر ڪليم اللہ لاشاري جي علي نواز وفائي تي مقالو،ادل سومري جو سنڌي ادبي سنگت تي مقالو، ڊاڪٽر ممتاز بخاري جو سنڌ مدرسي تي مقالو، فيروزا سمون جو ٻاراڻي ادب تي (ايم فل) مقالو، امداد حسين سھتي جو سنڌ ۾ ڌاڙيلن جا 10 سال جي موضوع تي لکيل مقالو، مولانا محمد ادريس جو ديني عالمن جي ادبي خدمتن تي مقالو، مظھرالدين سومري جو تحريڪ آزادي ۾ ديني عالمن جي خدمتن تي مقالو ۽ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو مولانا ثناءُاللہ ثنائي جي شخصيت ۽  شاعري تي مقالو وغيره. ڪارنر سڄو ڀريو پيو آھي پر مون چند اڻ ڇپيل مقالن جا نالا ڏنا آھن.
    اڄ 26ڊسمبر آھي ۽ سال 1976 ۾ ھن تاريخ تي مولانا ثناءُ اللہ ثنائي وفات ڪئي.جڏھن مان يونيورسٽي ۾ پڙھندو ھيس ۽ بابا سائين سنڌالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ھيو تڏھن بابا وٽ جيڪي پي ايڇ ڊي ڪندا ھئا يا پي ايڇ ڊي ڪرڻ واري ڪم ۾ مدد ۽ رھنمائي وٺندا ھئا انھن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد بہ ھڪ ھيو.ڊاڪٽر بشير احمد شاد بابا سائين جو پي ايڇ ڊي ڪندڙن ۾ پھريون شاگرد ھو. بابا سائين تحقيقي رھنمائي جي حوالي سان اھو تاريخي رڪارڊ قائم ڪيو تہ ھن وٽ پيءُ ۽ پٽ پي ايڇ ڊيون ڪيون. بابا سائين ڊاڪٽر بشير جو گائيڊ ۽ سندس پٽ ڊاڪٽر احسان دانش جو ڪو گائيڊ ٿي رھيو. بابا جي ان رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ ڪيترائي سال لڳندا.اھڙي نموني سان تحقيق تاريخ ۾ بابا سائين اھو رڪاڊ بہ قائم ڪيوتہ جنهن شاگرد سندس رھبري ۾ ايم فل ڪئي تہ انھي ئي پي ايڇ ڊي بہ وري بابا سائين وٽ ڪئي پروفيسر ڊاڪٽر امدا سھتي قائد اعظم يونيورسٽي مان بابا جي رھنمائي ۾ ايم فل جي ڊگري ورتي ھئي ۽ پوءِ وري شاھ لطيف يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري بہ بابا سائين جي رھنمائي ۾ڪئي.
    ڊاڪٽر شاد اسان جي تر جي شاعر مولانا ثناءُ “ثنائي“  جي شخصيت ۽ شاعري تي پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس ھي مقالو تحقيق ۾ ھڪ ماڊل جي حيثيت رکي ٿو تہ ڪنهن شاعر جي حيثيت ۽ عظمت جي اندازي لڳائڻ لاءِ ڪھڙيون ڪسوٽيون ڪم آڻجن. مولانا ثناءُ اللہ “ثنائي“ وڏن ۽ اھم ديھاتي شاعرن مان ھڪ ھيو.ھو بابا جي چاچا (جنهن جو نالو بابا تي رکيو ويو) مرحوم در محمد “درل“ جو يار ھيو.ٻئي شاعر ھيا ۽ سندن کوڙ ساري شاعري سندن دوستاڻي واقعن ۽ مشاھدن تي بہ ملي ٿي. مولانا ثنائي ديني ۽ روحاني خاندان جو اولاد ھيو ۽ ھن وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. بابا سائين جون ساڻس ڪچھريون ٿينديون ھيون ۽ ھو بابا سائين سان زماني جي بي قدريءَ جون جڏھن شڪايتون ڪندو ھيو تہ بابا سائين ھن کي اھو آٿت ڏيندو ھيو تہ  “ تنهنجو ۽ تنهنجي خدمتن جو نالو روشن ڪرڻ ۾ مدد ڪندس “. پوءِ جڏھن بشير احمد شاد سنڌالاجي ۾ اچي پي ايڇ ڊي گائيڊ ٿيڻ جي لاء بابا کي گذارش ڪئي ۽ ڪا ٽاپڪ بہ تجويز ڪرڻ لاءِ چيو تہ بابا سائين کيس مولانا ثنائي جي شخصيت ۽ شاعري جو موضوع بہ ڏنو ۽ پي ايڇ ڊي گائيڊ ٿيڻ تي بہ رضامندي ڏيکاري. ڊاڪٽر بشير شاد ان وقت تحقيقي ڪم ھٿ ۾ کنيو جڏھن شاعر ۽ اديب جي حيثيت ۾ پنهنجو نالو ڪمائي چڪو ھيو.ان ڪري ھن وقت تي پي ايڇ ڊي جو مقالو پورو ڪيو. مون کي ياد آھي تہ ھڪ دفعي يونيورسٽي جي ڪنٽرولر بابا سائين سان ڪچھري ڪندي کيس چيو تہ پيءُ  پنهنجي پٽ جو پي ايڇ ڊي گائيڊ ٿي نٿو سگھي. ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي والد جو نالو بہ درمحمد آھي ۽  انهي تي ڪنٽرولر صاحب کي غلط فھمي پيدا ٿي ھئي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ بابا کيس ٻڌايو تہ بشير احمد شاد ڄمار ۾ مون کان ڪيترائي سال وڏو آھي ھا بلاشڪ منهنجو ۽ سندس والد جو نالو ساڳيو آھي. ڊاڪٽر بشير شاد ۽ سندس اولاد سنڌي ٻولي ۽ ادب جي سٺي آبياري ڪئي آھي ۽ اڄ ڪلھہ لا ڙڪاڻي ۾ سندن خاندان علمي ۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز بڻيل آھي.(ممتاز پٺاڻ)
     
  • اگھوتري

    اگھوتري

    20181225 173819
     
    “اگھوتري“ 
    (بابا سائين جي نوٽس مان) گل حيات اداري ۾ اڄ ڪلھہ بابا سائين تحقيق دوران ورتل نوٽس کي ترتيب ڏئي رھيو آھي. آءُ سندس موضوعن کي ڏسندو آھيان تہ وڏو عجب ٿيندو آھي تہ بابا سائين ڪھڙا نہ عجيب ۽ اھم موضوع چونڊي انهن تي مواد گڏ ڪيو آھي.مثال طور  جيڪڏھن سنڌ ۾ لڳل باھيون، ضياءَ جي زماني ۾ ٿيل گرفتاريون، سياسي ڪارڪنن کي مليل ڦٽڪن جون سزائون، سنڌ جي واپاري ۽ تجارتي اھميت واريون ايڊورٽائزمينٽس۽ اگھوتري اھڙا اھم ۽ دلچسپ موضوع آھن.بابا جيڪي اخبارون ۽ رسالا پڙھيا ۽ انھن ۾ سنڌ جي مشاھيرن جي وفاتن بابت خبرون ڇپيون انهن تي الائي ڪيترا فائيل موجود آھن.
    ڊيلي گزيٽ اخبار ۾ لڳ ڀڳ روزانو پرائيس لسٽون شايع ٿينديون ھيون 1896 کان وٺي 1947 تائين شايع ٿيل ڪيتريون پرائيس لسٽون گل حيات ۾ موجود آھن. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌي اخبارن ۾ بہ اگھوتريون شايع ٿينديون ھيون انھن مان بہ ڪيتريون گل حيات ۾ موجود آھن.
    مارچ 1896 ۾ ڪن شين جا جيڪي اگھہ ھيا انهن مان ڪي ھن ريت آھن: صوف في ڊزن 8 آنا،ڪيلا في ڊزن 1 آنو 6 پايون، ليمون ھڪ ڊزن 1 آنو 6 پايون،جوئر في سير 1 آنو، ٻاجهري في سير 1 آنو، چانور في سير 1 آنو 6 پايون، ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون في مڻ 8 آنا، وڏو گوشت في  سير 2 آنا، ننڍو گوشت في سير 2 آنا 2  پايون، جهينگا  في سير 1آنو، مکڻ في سير 7 آنا، بدڪ جا آنا في ڊزن 5 آنا، ڪڪڙ جا آنا في ڊزن 5 آنا 2 پايون، کير في سير 1 آنو، ڪوئلو في سير 3 پايون، مائو ۽ مٺائي في سير 4 آنا، پٽاٽا ھڪ سير 6 پايون، انجير ھڪ سير 2 آنا، آلو بخارا في سير 2 آنا.اھي اگھوتريون ۽ ان جا انگ اکر سنڌ جي اقتصادي تاريخ جو اھم باب آھن.  
    بابا جڏھن 1990۾ گل حيات قائم ڪيو تہ ھڪ پمفليٽ ڇپرايو ھيائين جنهن جوعنوان ھيو تہ “ ردي ڏيو ۽ تاريخ وٺو“ اخبارن ۾ روز  مره جيڪومواد شايع ٿئي ٿو اھو ڪھڙو بہ ھجي پر انجي لفظ لفظ جي مستقبل ۾ تاريخي اھميت ٿي وڃي ٿي ۽ اھو ڪم بابا سائين ثابت ڪري ڏيکاريو آھي ۽ مون ماضي جي اخبارن مان “ اگھوتري“ بابت جيڪا ھت معلومات ڏني آھي اھا پڻ اخبارن مان ورتل آھي. اسان اخبارن کي ماني ٻڌڻ يا ڪپڙن ۾ ويڙھڻ بدران جيڪڏھن پنهنجي ڳوٺ يا تر بابت انهن ۾ شايع ٿيل خبرون ۽ ٻيو مواد گڏ ڪري پيسٽ ڪندا ۽ جلد ٺاھي رکندا وڃئون تہ سڀاڻي اھا اسان جي تاريخ بڻجي ويندي.(ممتاز پٺاڻ)
  • تحقيق لاءِ بنيادي ٽول ۽ انسٽرومينٽس

    “تحقيق لاءِ بنيادي ٽول ۽ انسٽرومينٽس.“ (بابا سائينءَ جي نوٽس مان)

                  سنڌ ۽ ھند ۾ جيڪا تحقيق ٿئي ٿي ۽ ان مان اسان جي معلومات ۾ معياري ۽ نئون اضافو ٿئي ٿو. ان تي جيترو بہ فخر ڪجي اوترو گھٽ آھي. تحقيق جا اسان ٻہ شعبا يا قسم  چئي سگھون ٿا . پھرين قسم ۾ “ڊگري لاءِ تحقيق “ اچي وڃي ٿي جنهن ۾ ماسٽر جي ڊگري، ايم فل جي ڊگري ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ تحقيق ٿئي ٿي.ھائير ايجوڪيشن ڪميشن وارا تہ پي اڇ ڊي جي ڊگرين بابت معلومات پنهنجي ويب تي رکندا آھن.سنڌ جي يونيورسٽين کي انهي ڪم کي مڪمل ڪرڻ گھرجي جنهن ۾ ماسٽر ڊگري ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڊگرين لاء ٿيل تحقيق جا ڪيٽالاگ ٺاھي ڪتابي صورت ۾ بہ ڇپرائڻ گھرجن ۽ ويب سائيٽس تي بہ رکڻ گھرجن. سنڌ جي ھر يونيورسٽي پنهنجي تحقيق تي اھڙا ڪيٽالاگ ٺاھي سگھي ٿي. تحقيق ۾ اھڙن ۽ ٻين قسمن جي ڪيٽالاگن جي وڏي اھميت ٿيندي آھي جنهن جو اندازو نوان محقق لڳائي سگھن ٿا .انھن مان خبر پوندي آھي تہ ڪھڙن شعبن ۾ ۽ ڪھڙن موضوعن تي ڪم ٿيو آھي. تحقيق جو ٻيو قسم آھي جيڪا ڪنهن ڊگري لاءِ نٿي ڪئي وڃي پر ليکڪ پنهنجي شوق ۽ جذبي مطابق ڪا ٽاپڪ کڻي ان تي ڪم ڪم ٿا.
     ببليوگرافي ۽انڊيڪس(مواد ڏسڻي) ٻہ اھم ريسرچ ٽول آھن جن تي مستقل طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي.سنڌالاجي بيبليوگرافي تي 2 ڪتاب ڇپرايا آھن جن کي مڪمل ڪرڻ ۽ اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آھي تہ جيئن اسان کي 1853 کان وٺي اڄوڪي ڏينھن تائين سنڌي ۾ ڇپيل ڪتابن جي ڄاڻ ملي سگھي.
     “انڊيڪس“ تي بہ اسان وٽ اٽي ۾ لوڻ برابر ڪم ٿيل آھي.ان سلسلي ۾ ٽہ- ماھي “مھراڻ“ ۽ “نئين زندگي “ ھڪ ھڪ دفعو “ڊيڪس نمبر“ شايع ڪرايا.جڏھن تہ سمورن ڪتابن رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل مواد جي انڊيڪس ٺھڻ گھرجي. 
    گل حيات ۾ بابا سائين ڪيٽالاگن ۽ انڊيڪس تي مستقل طور تي ڪم ڪندو اچي ٿو ۽ اميد ٿي ڪجي تہ “ڊيلي گزيٽ “ “الوحيد“  “توحيد“ تي ڪم جلدي مڪمل ٿي ويندو جڏھن تہ “سنڌو“ رسالي جي انڊيڪس اسان جي ويب سائيٽ تي پئي آھي.
    “ توحيد“ رسالي بابت بابا سائين جي نوٽس جو مطالعو ڪيم ۽ خبر پئي تہ ھي رسالو 1923 ۾ نامياري عالم مولانا دين محمد وفائي جي ايڊيٽريءَ ۾ جاري ٿيو، 3 سال ھلڻ کان پوءِ 8 سال بند رھيو ۽ انجو ٻيو جنم 1934 ۾ ٿيو .بابا سائين وٽ انھي رسالي مان نہ فقط نوٽس ورتا آھن پر انهن جي انڊيڪس بہ ٺھيل آھي. ھن رسالي جا ڪيترا خاص نمبر بہ شايع ٿيا . سنڌ ۾  جڏھن مذھبي ڇڪتاڻ کي ھٿي ملي تہ ھن رسالي اسلام خلاف لکيل ڪتابن ۽ مضمونن جا جواب ڏنا.ان ڪري انھيءَ دئور جي مذھبي ڇڪتاڻ تي جڏھن ڪو تحقيق ڪندو تہ ھن رسالي کي نظرانداز نہ ڪندو.“توحيد“ مذھبي ۽ سياسي نوعيت وارو رسالو ھيو .انھي رسالي مولانا عبيداللہ سنڌي جي فڪر کي پروان چاڙھيو ان کانسواءِ جي  يوآءِ جي سياسي فڪرجي حمايت ۽ ترجماني ڪندي مسلم ليگ ۽ انجي اڳواڻن جي سرگرمين ۽ ڪارڪردگيءَ تي ناقدانه انداز سان گھڻو لکيو.ھن رسالي جي انڊيڪس جڏھن بابا سائين پوري ڪئي تہ ان مان گھڻو لاڀ وٺي سگھبو.(ممتاز پٺاڻ)

  • “ڪانگريس پارٽيءَ جا ڊاڪيومينٽس”

    “ڪانگريس پارٽيءَ جا ڊاڪيومينٽس”

     

    “ڪانگريس پارٽيءَ جا ڊاڪيومينٽس“. 

       ( بابا سائينءَ جي نوٽس مان).

            سنڌ سان محبت جي ڳالھ تہ ھر ڪوئي ڪري ٿو پر ھن ڌرتي ماتا جي شاندار ماضي کي محفوظ ڪرڻ واري خدمت ڪو ڪو ڪري ٿو. انگريزن جي دئور ۾ 45 کن سياسي پارٽيون، پريشر گروپ ۽ تحريڪون سرگرم عمل رھيون انهن سمورين پارٽين جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۽ انهن جي اڳواڻن توڙي عھديدارن بابت بابا سائين گل حيات ۾ ھزارن صفحن جو مواد گڏ ڪيو آھي.جيڪڏھن سراسري طور تي ھڪڙي پارٽي تي ھڪ ڪتاب ڇپرائجي تہ اھي جھڙوڪ 45 ڪتاب ٿي ويندا .پر مسلم ليگ  خلافت تحريڪ ۽ ڪانگريس اھڙيون پارٽيون آھن جن تي 4 يا 5 ڪتاب لکي سگھجن ٿا .بابا سائين ايترو مواد گڏ ڪيو پر نہ تہ ڪنهن حڪومت کي ھوش اچي ٿو نہ وري اشاعتي ادارن کي جوش اچي ٿو تہ اھو مواد ڪتابي  صورت ۾ ڇپرائن. 

         اڄ جن ڊاڪيومينٽس جو فوٽو شيئر ڪري رھيو آھيان اھي ڳوٺ ٻٽڙا نچڻمل،ضلعي دادو جي ڪانگريس ڪاميٽي جا 3 ڊاڪيومينٽس آھن. پھريون آھي “وائوچر فارم“ ٻيو آھي جلسي ۾ شرڪت جو “دعوت نامو“ ۽ ٽيون آھي ڪانگريس پارٽي جي “ميمبري جو سرٽيفڪيٽ“ . انھي ميمبري واري سرٽيفڪيٽ جو پنو خود ڳوٺ ٻٽڙا پوسٽ اسٽيشن بالي شاھ جي ڪانگريس ڪاميٽيءَ  جو ٺھيل آھي.مطلب تہ انگريز جي دور ۾ سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ڪاغذ پاڻ ٺاھيو ويندو ھيو. ھنن ٽنھين ڊاڪيومينٽس پڙھڻ مان اھا بہ خبر پوي ٿي تہ دادو شھر ۾ ھڪ مکڪي بازار بہ ھئي جنهن ۾ شيوا پرنٽنگ پريس ھئي جنهن ۾ دعوت نامي وارو ڊاڪيومينٽ شايع ٿيو. انھي ڪانگريس شاخ ۾  ٻيا ڪھڙا ميمبر ھيا وڏي انگ ۾ ماڻھن جي لسٽ بہ بابا سائين ترتيب ڏني آھي جيڪا ڪيترن ئي صفحن تي مشتمل آھي. ھاڻي ھن ڳالھ مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو تہ ھڪ ڳوٺ جي فقط ھڪ پارٽي جي شاخ جو احوال ايترن صفحن تي بابا ھٿ ڪيو آھي جڏھن تہ ڪانگريس وانگر مسلم ليگ ۽ خلافت ڪاميٽي جون بہ اھڙن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ شاخون قائم ٿيل ھيون. ھن جو مطلب اھو ٿيو تہ سنڌ جي ھڪڙي ھڪڙي ڳوٺ جي سياسي تاريخ تي ڪتاب لکي سگھجي ٿو.ڪم تمام وڏو آھي پر اسان وٽ محنت جو جذبو گھٽ آھي نہ تہ سنڌ جي سياسي تاريخ تي ئي ھڪ الڳ انسڪائيڪلو پيڊيا تيار ڪري سگھجي ٿي. (ممتاز پٺاڻ)

     

  • ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو شاگرد سياست ۾ حصو

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو شاگرد سياست ۾ حصو

     

    “ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو شاگرد سياست ۾ حصو“

    .   ( بابا سائينءَ جي نوٽس مان. )

              ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ھڪ گھڻ- رخي شخصيت ھيو. سندس زندگيءَ تي ڪيترن ئي ماڻھن تمام سٺو لکيو آھي پر اڃا ڪيترائي اھڙا پھلو رھن ٿا جيڪي محققن جي نظر مان اوجھل رھيا آھن. ڊاڪٽر مرحوم ھڪ شاگرد جي حيثيت ۾ سياسي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جو پاڻ بہ ذڪر ڪيو آھي ۽ لکي ٿو تہ جھوناڳڙه ڪاليج ۾ ھن ھڪ خاڪسار ڪارڪن جي حيثيت ۾ شاگرد سياست ۾ حصو ورتو. مزي جي ڳالھہ ھي آھي تہ ان جا دستاويزي ثبوت گل حيات ۾ موجود آھن. جن مان پتو پئجي ٿو تہ لڳ ڀڳ 30 شاگرد خاڪسار تحريڪ ۾ حصو وٺندا ھئا ۽ ڊاڪٽر بلوچ ڪاليج ھاسٽل جو سالار ھئو. ھن جي دستخط ۽ حڪم سان خاڪسار جي ڪاليج يونٽ جون گڏجاڻيون ٿينديون ھيون جن ۾ اڪثر ڪري جيڪي شامل ٿيندا ھيا انھن مان ڪي نالا آھن: ميمڻ حبيب اللہ، سيد غلام محمد شاھ، سمندر خان پٺاڻ، احمد خان ڀرڳڙي،محمد الياس احمداڻي،اللہ بچايو بلوچ،گل پير بخش،پناھ علي شاھ، احمد خان لانگاھ، خداداد چانڊيو،  محمد حسين راجپوت،عطامحمد بلوچ. علي نواز جتوئي. شيخ غلام قادر، غلام قادر سومرو وغيره.             

     ڊاڪٽر بلوچ جو اھو رڪارڊ “دفتر ڪاروبار تحريڪ“ جي عنوان ھيٺ ھڪ فائيل ۾ صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي جنهن ۾ آگسٽ 1938 کان وٺي جولاءِ 1939 تائين گڏجاڻين جا نوٽيس موجود آھن.ڊاڪٽر مرحوم ڪن ورقن ۾ ڊائريءَ جا نوٽس لکيا آھن. مثال طور 25 آگسٽ 1938 تي لکي ٿو تہ:  “مون 17 جون کان وٺي آگسٽ جي آخر تائين تحريڪ جي تبليغ ڪئي. ٽن صاحبن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو واعدو ڪيو آھي ۽ ڪجھ “الاصلاح“ جا خريدار بہ بڻايا اٿم“(ممتاز علي پٺاڻ)

  • سنڌ ۾ مذھبي رواداريءَ کان مذھبي ڪٽرپڻي جو سفر

    “سنڌ ۾ مذھبي رواداريءَ کان مذھبي ڪٽرپڻي جو سفر.“

     (بابا سائينءَ جي نوٽس مان)  

              مذھب ماڻهپي ۽ انساني ڀائيچاري کي پروان چاڙھڻ جو ذريعو آھي. پر ھر مذھب ۾ جنونيت جا پوئلڳ ۽ پيروڪار بہ ٿين ٿا جيڪي مذھبي رواداريءَ کي مجروح ڪن ٿا. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حڪومت جا نمائندا جڏھن سنڌ ۾ پھتا تہ انھن مذھبي ڪٽرپڻي کي ھوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ٖ ان ڪري سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ئي ھنن سنڌي ماڻھن کي مذھبي بنيادن تي ورھايو۽ ويڙھايو. تاريخي شاھديون ملن ٿيون تہ انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۽ ستت پوءِ مسلمانن طرفان ڪجھ اڳرايون ٿيون.اتر سنڌ ۾ ھندن کي اھڙي صورتحال مان نقصان پھتو ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ سيٺ نائونمل جي پيءُ هوتچند کي زوريءَ مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ کيس ڀڄي جند ڇڏائڻي پئي ۽ ان جي بدلي وٺڻ لاءِ نائون مل کي سنڌي حڪمرانن سان غداري ڪرڻي پئي.                         انگريز جڏھن حڪمران ٿيا تہ انھن پنهنجي دين جي عالمن ۽ ادارن کي تبليغ ڪرڻ جي وڏي ڇوٽ ڏني پر ھندن ۽ مسلمانن ۾ مذھبي اختلاف پئدا ڪرڻ لاءِ وڏئ عقلمندي ۽ حڪمت عملي کان ڪم ورتائون. ان ڪري ھنن ڪڏھن ھندن جي تہ ڪڏھن مسلمانن جي ڪلھي تي بندوق رکي ھلائي.           بابا جي ورتل نوٽس جي اوراق گرداني ڪندي 1912 جي “ڊيلي گزيٽ“ مان ورتل نوٽس منهنجي اڳيان آھن .جن جي پڙھڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ عيسائين ۽ مسلمانن جي وچ ۾ مذھبي مناظرا ٿيندا ھيا پر ان لاءِ پليٽ فارم ھندن جو استعمال ٿيو. اھڙين تنظيمن مان “آريا ينگ مينس ايسوسيئيشن“، ڪراچي بہ ھڪ آھي. انھيءَ تنظيم جي پليٽ فارم تان ھفتن جا ھفتا مذھبي مناظرا ٿيندا ھئا.انھي سلسلي ۾ “ مڙدي کي پورجي يا ساڙجي“ جي موضوع تي مباحثو ٿيو جيڪو ڪيترائي ھفتا ھليو ۽ 22اپريل 1912 تي ختم ٿيو.ٻيو مناظرو وري 27 اپريل 1912 کان شروع ٿيو جنهن جو عنوان ھيو“روح لافاني آھي يا مادو لافاني آھي“ ھن مناظري جي ابتدا رام شيوڪ لال جي تقرير سان ٿي ھئي. مسلمانن طرفان ڪراچيءَ جي مذھبي تنظيم “انجمن ضياءُالاسلام“ انهن مناظرن ۾ گھڻو حصو وٺندي ھئي. اھڙا مناظرا اڪثر ڪري آريا سماجي منعقد ڪرائيندا ھيا. جيڪي ڪرستانن جي بدران ڪڏھن ڪڏھن پاڻ بہ مسلمانن سان مناظرا ڪندا ھيا. (ممتاز پٺاڻ)

    •  

    •  

    •