Category: FRIENDS’ CORNER

  • رڪ سنڌي

    رڪ سنڌي

    رڪ سنڌي جو تعارف

    رڪ سنڌيرڪ سنڌي 5 آگسٽ 1961ع تي تعلقي ڪنڊياري ضلع نواب شاهه جي ڳوٺ حامد اڄڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس نالو اصلي نالو غلام اصغر منگي آهي. هن سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. پاڻ روزاني سنڌ سجاڳ جي ايڊيٽر ۽ روزاني جاڳو ڪراچي جي ايڊيٽر ۽ پبلشر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته روزاني عوامي آواز ڪراچي، روزاني سچ ڪراچي، روزاني سوڀ ڪراچي، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي، روزاني سنڌ حيدرآباد ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ مختلف صحافتي تنظيمن ۾ شامل رهيو آهي.

    رڪ سنڌي سنڌ جي حقن خاطر مختلف قومپرست ۽ ترقي پسند تنظيمن ۾ به سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هو گذريل 20 سالن کان ادب، سياست ۽ صحافت سان لاڳاپيل هجڻ سميت ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق رهيو آهي، جن ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇاپيل آهن. جڏهن ته سندس سوين مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.

    ڪتابن جي فهرست:

    1. سنڌو سڀيتا جي اوسر (تحقيق)
    2. سنڌو سڀيتا جي محقق (تحقيق)
    3. سنڌو سڀيتا، آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو (تحقيق)
    4. قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي (سياسي صورتحال)
    5. ٽوڙهي ڦاٽڪ جو سـانحــو (تاريخ ۽ سياسي صورتحال)
    6. سنڌي قوم جو مـقـدمــو (تاريخ، سياسي صورتحال)
    7. سنڌ جي سياسي صورتـحــال (تاريخ، سياسي صورتحال)
    8. سنڌ آزاديءَ ۽ انقلاب (تاريخ، سياسي صورتحال)
    9. تاريخ جي لاٽ (ادب)
    10. قاضي فيض محمد (سوانح)
    11. ســنڌ جي قـومـي تـحـريـڪ ۾ سـنڌين جو اتحاد (مقالا ۽ مضمون)
    12. اڄ جي سنڌ (مقالا ۽ مضمون)
    13. منهنجون يادگيريون (سوانح)
    14. ڏتڙيل ديس جي ڪهاڻي (مقالا ۽ مضمون)
    15. سُکي ڌرتي، ڏکويل ماڻهو (مقالا ۽ مضمون)
    16. پاڪستان طوفان جي گهيري ۾ (بينظير ڀٽو جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو)
    17. سنڌي ٻولي رت رتولي (ترتيب)
    18. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي (ترتيب)
  • ڪشا رام راجپال

    ڪشا رام راجپال

    dadas fatherڪشا رام راجپال تعليم جو ھڪ ادارو ۽ ادب اخلاق ۽ سماجي خدمت جو ھڪ نمايا ڪردار.

    شڪارپور جي علمي ۽ تعليمي ماحول جي اھميت ۽ افاديت کي جئين ھتان جي استادن ڄاتو. تئين ساڻن ڪير ٿو ھمسري ڪري سگھي ھر دور ۽ ڏينھن روشن ۽ درخشان ھر نسل ڏاھپ ۽ ڏات ۾ سرواڻ اھو سڀ ڪجھ مھان ۽ ترقي يافته تعليمي ادارن سبب ممڪن پئي ٿيو.

    انھن استادن ۾ شڪارپور جو استاد سائين ڪشا رام راجپال ب ھڪڙو مثال بڻجي نروار ٿيو.

    سندس جو جنم ڀگت امر شھيد ڪنور رام صاحب جن جي آسيس سان مورو مل ڀاگو مل جي گھر سندس چوٿين گھر واري مان 5 نومبر 1923ع تي ميان جي ڳوٺ ڀرسان چنا ڳوٺ تعلقو ٺل ضعلو جيڪب آباد ۾ ٿيو.
    سندس شروعاتي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ پوي سلطان ڪوٽ جي اسڪول ۾ داخلا ورتي.

    ميٽرڪ جي تعليم ھوپ فل اڪيڊمي مان حاصل ڪئي.
    ھن شڪارپور جي مشھور چيلا سنگھ سيتل داس ڪاليج مان انٽر جي تعليم حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لا۽ سندن سنڌ يونيورسٹي ۽ بمبئي يونيورسٹي مان پڻ تعليم حاصل ڪئي.

    تعليم حاصل ڪرڻ کان پوي ھن ڪجھ وقت دي سينٽرل بينڪ آف انڊيا ۾ ڪلارڪ جي ملازمت پڻ ڪئي
    1947ع ۾ پاڪستان ٺھڻ کان پوي ھن ڊپٽي ڪمشنر آفيس جيڪب آباد ۾ ڪلارڪ بڻيو.

    ٿوري عرصي بعد سندن 1949ع ۾ تعليم کاتي ۾  اسسٽنٽ ٽيچر جي نوڪري تي نيو ايرا اسڪول ۽ ھاڻوڪو قاضي حبيب الله ھا۽ اسڪول ۾ علم رياضي جي استاد طور فرائز سر انجام ڏيڻ شروع ڪيا.

    سندن شاگردن مان ڄاڻ ملي ٿي ت سائين ڪشا رام تمام سادڳي واري زندگي گزاريندا ھو ۽ ٻارن کي پڙھائڻ ۽ علم ڏيڻ کي پنھنجي عبادت سمجھندو ھو.

    سندس جي شادي 1944ع ۾ ٿي ۽ پوي سڪپل جي ڀرسان خانچند حاويلي ۾ سندس جا۽ ڪرائي تي ورتي جنھن ۾ رھائش اختيار ڪئي.

    سندن گھر واري مان اولاد
    9 پٽ ۽ 2 ڌيئر شامل آھن.
    1 ريوا چند راجپال
    2 نانڪ رام راجپال
    3 اوم پرڪاش راجپال
    4 کئيل داس راجپال
    5 انيل ڪمار راجپال
    6 چني لعل راجپال
    7 اجيت ڪمار راجپال
    8 خوب چند راجپال
    9 ڀھيم سين راجپال.
    ۽ نياڻيو
    1 شڪنتلان ٻائي
    2 راڻي ٻائي

    ۽ سندن پاڙي جي ٻارن ۽ ڀر پاسي جي نوجوانن کي ٽيوشن ۽ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي جنھن مان ھزارين شاگرد اڄ ب ملڪ ھنڌ سنڌ ۽ دنيان جي ٻين ملڪن ۾ نمايا پوسٽن تي خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن.

    ھنن سڪپل جي ڀرسان ھڪ سنگھ سڀا ب قائم ڪئي جنھن ھنڌو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لا۽ گرمکي ۽ ھنڌي تعليم لا۽ پاٺھ شالا پڻ قائم ڪئي جنھن مان ب سندن سوين شاگرد پيا ڪيا.

    ھنن پنھنجا ڪتاب ب لکيا
    جن مان
    (ڪريم آف ڪيمسٽري)
    (ڪريم آف فزڪس )
    (شور سڪسيس ان الجبرا)
    (شور سڪسيس ان جاميٽري)
    (ارٿ ميٽيڪ made ايزي)
    ۽ ٻيا ڪتاب پڻ لکيا جن مان ھزارين نوجوانن تعليم پرائي.

    ۽ سندن اھڙو ناميار انسان
    ھڪ بھترين شخصيت اسان کان 7 آڪٽومبر 1982ع تي اسان کان وڇڙي ويو.

    ۽ ھو پنھنجي آخري ساھ جي گھڙين تائين ھا۽ اسڪول نمبر 2 شڪارپور ۾ ھيڊ ماستر جي ڊيوٽي جا فرائز سر انجام ڏيندي ھن سنسار من پرلوڪ پدھاريا.

    سندن جي انتم سنسڪار ۽ آخري رسمن ۾ سائين ڀڄن لعل صاحب پوج رھڙڪي صاحب ۽ سماڌا آشرم جا گاڌي نشين سائين سوامي شو ڀڄن صاحب جيڪي پڻ شاگرد ھئا ۽ ھزارين شاگرد ۽ دوست شريڪ ٿيا.
     
    ۽ ھو پنھنجي شاگردن جي دلين ۾ سدا حيات آھن ۽ پنھنجي تحريرن ۽ ڪتابن جي زريعي اسان ۾ سدا حيات ۽ امر آھن.