Category: DR PATHAN- COLUMNS

  • 21. روئاري سڄڻ پوءِ کلائڻ نه آيئي !

    روئاري سڄڻ پوءِ کلائڻ نه آيئي!

     

    سنڌي علم ادب جو ڳچ حصو ”محبت“ جو مذڪور آهي. اسان جي شاعرن ۽ اديبن جيترو محبت جي جذبي کي عام ڪرڻ لاءِ لکيو آهي، اوترو پنهنجي اجتماعي ۽ قومي حقن لاءِ نه لکيو آهي. بيشڪ مزاحمتي ادب سرجي پيو، پر امن ۽ محبت جون ڳالهيون اڃا به وڌيڪ زور سان ڪيون پيون وڃن.

    سنڌيءَ ۾ پيار ۽ محبت جي ايتريون ۽ ايڏيون ڳالهيون ڪرڻ مان اهوئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ واسيءَ کي ڀرپور انداز سان محبت ڪانه ملي آهي.هو صدين کان وٺي انفرادي طور تي ۽ اجتماعي طور تي محبت کان محروم رهيو آهي. اجتماعي طور تي محبت کان اسان محروم ڪيئن رهيا آهيون؟ اهو معلوم ڪرڻو هجي ته هر دور جي حڪمرانن جي اکين ۾ ڏسڻ گهرجي، تاريخ جي چهري تان پڙدو لاهي ڏسجي ۽ وقت ۽ حالتن جي بي رحم هٿن جو رنگ ڏسجي . پاڻهن خبر پئجي ويندي ته اسان کي اجتماعي طور تي محبتون مليون آهن يا نفرتون. اسان انفرادي طور تي محبت کان محروم آهيون يا نه؟ انهيءَ سوال جي جواب تلاش ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجن روين ۽ اندازن جو مطالعو ڪرڻو پوندو. پراوا ته رهيا پراوا پر پنهنجن به سنڌ واسين کي ڏکن جي ڏونگرن هيٺان پئي آندو آهي. هن حقييقت جي تصديق ڪرڻ لاءِ اسان جو لوڪ ادب ڪيترن ئي پهاڪن ۽ چوڻين سان ڀريو پيو آهي. تاريخ جا ورق اڻ ڳڻين واقعن سان ڀريا پيا آهن. چيو ويندو آهي ته”ميرن کي گهران لڳي“،۽ انهيءَ چواڻيءَ سنڌيءَ کي سورن جي سوغات سدائين سنڌي کان ملي.

    صدين جي غلاميءَ ۽ آزاديءَ جي اکٻوٽ اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي ڪردار خواهه نفسيات تي منفي اثر وڌا آهن. انهن مان هڪ برو اثر اهو به پيو آهي ته اسان پاڻ ۾ محبت ۽ ميٺ ۾ گهاري گذاري نه سگهندا آهيون. اسان جي پرچڻ جا ته سبب هوندا آهن،پر رسڻ لاءِ ڪنهن جواز، سبب ۽ ڪارڻ جي ضرورت ڪانه محسوس ڪندا آهيون.اسان هڪ ٻئي سان ڪيئن رسون ٿا؟ ۽ ڪڏهن رسون ٿا؟ اها ڪنهن کي به ڪل ڪانهي. پر جيڪڏهن ڳالهه فقط رسڻ تائين دنگ ڪري ها ته به جهڙوڪ اسان فائدي ۾ هئا سين.پر اسان جو رسڻ قهر بڻجي پوندو آهي.خدا تعاليٰ به ڪنهن گنهگار تي ناراض ٿي، کيس ايڏي سزا نه ڏيندو آهي ته جيتري اسان رسڻ کانپوءِ ڪنهن کي سزا ڏيندا آهيون. ڀلي ته ڪنهن سان کير کنڊ هجون، پر جيڪڏهن هن سان رسي پياسين ته سندس کير ئي زهر ڪري ڇڏينداسين. اها ڪنداسونس جو کيس ڏينهن جا تارا ڏسڻ ۾ ايندا. هن سلسلي ۾ اسان جي اها فطرت بڻجي چڪي آهي ته ڀلي ڪو اسان تي هزارين احسان ڪري ۽ ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون پنهنجو رت پياري، پر جيڪڏهن ڪنهن لاچاري، مجبوري ۽ بيوسيءَ سبب هڪ دفعو اسان جو ڪم نه ڪيائين يا پير ڀري نه سگهيو ته پوءِ اڳوڻا احسان به کڏ جي تري ۾ ته همراهه به تحت سرا جي تري ۾ . هن جا اسين جاني دشمن ٿي پونداسين ۽ سندس حياتي ئي حرام ڪري ڇڏينداسين.

    اسان جي اهڙي ريت اک مٽڻ واري عادت کي ڏسي، اسان کي ڳڻ چور ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ئي شايد اسان جي شاعرن ۽ اديبن صدين کان وٺي محبت جي موضوع تي گهڻو ڪجهه لکيو ۽ چيو آهي.سماج جي هنن سپورنجن ان ڪري ئي محبت کي عام ڪرڻ مناسب ڄاتو ته جيئن اسان نفرت جهڙي مقدس ۽ عظيم جذبي جي اجايو ۽ بي دريغ استعمال نه ڪيون.محبتون ماروئڙن لاءِ هونديون آهن ۽ نفرتون ظالمن، جابرن ۽ ڌارين لاءِ هونديون آهن. نفرتون ڪنهن به ناراضپن جي صورت ۾ ضايع نه ڪبيون آهن. جهالت، غربت ۽ استحصال ۽ ظلم جون حالتون ئي نفرتن جون حقدار هونديون آهن.

    منهنجي خيال ۾ ڀلي ته ڪو خيراتن ۾ خزانا لٽائي پر هن کي ايترو ۽ اهڙو سڪون نه ملندو، جيترو درگذر ڪرڻ ۽ معاف ڪرڻ مان ملي سگهي ٿو.

    در گذر ڪرڻ ۽ معاف ڪرڻ جو عمل محبت جي جذبي مان ڦٽي نڪرندو آهي. معاف انهيءَ کي ڪبو آهي، جيڪو غلطي ڪري . درگذر خطائون ئي ڪبيون آهن. پر هي ڪٿان جو انصاف آهي؟ ۽ هي ڪهڙي اسان جي فطرت آهي ته اسان انهن کي به معاف نه ٿا ڪيون، جيڪي نه ته غلطي ڪن ٿا ۽ نه وري ڪنهن قسم جي خطا ڪن ٿا . اسان جو ڏوهه فقط اهو آهي ته وقت ۽ حالتن جي بي رحم هٿن اسان مان هر ڪنهن کي اهڙي زاوئي ۽ اهڙي ڪنڊ تي ٽيڏو ويهاري ڇڏيو آهي، جتي جيڪا به نگاهه پئي ٿي اها اسان کي پرکي ۽ پروڙي نه ٿي سگهي. نتيجي ۾ اسان پاڻ ٽيڏا ٿي پيا آهيون ۽ ”هوت مڙوئي هيڪڙو پر ٽيڏا ڏسن ٽي“ مصداق هڪ ٻئي کي انيڪ روپن م تسليم ڪيون ٿا، جڏهن ته اسان جو روپ فقط هڪ آهي ۽ اهو هي آهي ته اسان ساڳئي قوم جا فرد آهيون ۽ اسان جا دک ۽ سک ، هڪ جهڙا آهن . اسان جو ماضي ساڳيو آهي ۽ اسان جو مستقبل ساڳيو آهي.

    اسان جي محققن اسان کي تاريخ جا اهي ورق پڙهايا، جن ۾ اسان جي دانهن، آهن ۽ ڪوڪن جي رت مان ٻڏل داستان موجود آهن. اسان کي مدبرن وقت ۽ حالتن جا اهي روپ ڏيکاريا، جن کي ڏسندي اسان کان دانهون نڪري ويون. اسان کي سماج اهي ڏينهن جا تارا ڏيکاريا ، جن اسان جي نيڻن کي ڪڏهن به سڪڻ نه ڏنو. اسان سان رهبرن رهزنيون ڪيون، هادين دڳ کسيا، سڄڻن دشمنيون ڪيون، ايترو ۽ ايڏو روئاري ڪنهن به کلڻ ڪين سيکاريو. جيڪڏهن شاعرن ۽ اديبن محبت جون ڳالهيون ڪيون ته سي به مثالن ۾، اشارن ۾ ڪناين ، تشبيهن ۾ ۽ اصطلاحن ۾. ڪنهن ايئن نه ٻڌايو ته محبت درگذر ڪرڻ جو نالو آهي. پيار معاف ڪرڻ جو نالو آهي ۽ پريم خامين سان گڏ خوبين کي به قبول ڪرڻ جو نالو آهي.اسان کي روئاريو ته هر ڪنهن آهي پر کلايو ڪنهن ڪنهن آهي . ڀلا جيڪڏهن ٻيو ڪو کلائي نه ٿو سگهي يا کلائڻ نه ٿوچاهي ته ڇا پاڻ اسان ايئن ڪري نه ٿا سگهون. ڇا کلائڻ به ڪو طريقو آهي جو ڪنهن ٻئي کان سکجي؟اسان پاڻ ان وقت کلي سگهون ٿا، جڏهن پاڻ ۾ پرچي پئون ۽ رسڻ جون ريتون ڇڏي ڏيون. پر جيڪڏهن رسي پئون ته پرچڻ لاءِ نه ڪي قهر بڻجي هڪ ٻئي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻڻ لاءِ آتا رهون .

     

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

     

    تاريخ : 04.10.1994)

     

     

     

  • 20. اسان مان هرڪو هٽ لسٽ تي آهي

    اسان مان هر ڪو هٽ لسٽ تي آهي

     

    جيئن جيئن دنيا جهان اسان خلاف اکيون ڦوٽاريندو رهي ٿو ۽ جيئن جيئن خارجي قوتون واڳونءَ جيان وات ڦاڙي اسان کي ڳڙڪائڻ لاءِ آتيون ٿي وڃن ٿيون ، تيئن تيئن اسان ۾ پاڻ کي ۽ هڪ ٻئي کي موت ڏيڻ لاءِ من ۾ مانڌاڻ پيدا ٿي وڃي ٿو.اسان جيڪڏهن هڪ ٻئي سان دشمني نه ٿا ڪيون ته آرام ڪو نه ٿو اچي. اسان جيڪڏهن ڪنهن جون پاڙون ڪونه ٿا پٽيون ته سڪون نه ٿو ملي. وڏي عرصي کان وٺي اسان جو معمول اهو ئي رهيو آهي. ايئن ٿو لڳي ڄڻ اسان ڄاوا ئي پنهنجن جا ترا ڪڍڻ لاءِ آهيون.

    انوکي ڳالهه اها آهي ته هڪ ٻئي سان دشمني ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪنهن جواز ۽ سبب جي ضرورت ڪانه پوندي آهي. بس اسان کي هڪ ٻئي سان دشمني ڪرڻي هوندي آهي. ايئن هر ڪو هڪ ٻئي جو دشمن لڳو پيو آهي . پوءِ ڀلي ته ڪنهن جي فرشتن کي به خبر نه هجي، بلڪ ڪوئي پاڻ به نه ڄاڻندو هجي. خبر تڏهن پوندس جڏهن پيرن هيٺان ڌرتي ڇڏائي ويندس.

    اسان مان هر ڪو هڪ ٻئي جي هٽ لسٽ تي ڇو آهي؟ اهو اسان جي قومي نفسيات سان لاڳاپيل اهم سوال آهي. انهيءَ سوال جي جواب تلاش ڪرڻ کان سواءِ ڪوبه علمي، ادبي، نظرياتي، مذهبي ۽ سياسي اڳواڻ قوم کي پاڻ سان گڏ ڪري ۽ گڏ کڻي منزل طرف گامزن ٿي نه ٿو سگهي.

    اسان جو پنهنجن سان نه راهه مولا ۽ نه وري راهه رسول دشمني ڪندا آهيون ، ان جو هڪ بنيادي ڪارڻ هي آهي ته اسان ڪنهن کي لئه ڪرڻ ڪونه ڏيندا آهيون . ڪو جيڪڏهن قلم کڻي قوم جي خدمت ڪندو آهي.ڪو جيڪڏهن ترَ جي پير يا امير جي اجائي حاضري نه ڀريندو آهي. ڪو جڏهن عوامي ڀلائيءَ جي ڳالهه ڪندو آهي ته اسان مٿس اهو الزام هڻندا آهيون ته ” همراهه هٿن کان نڪتو پيو وڃي.“ انڪري ان جي آڪڙ لاهڻ گهرجي. اهڙيءَ ريت شل ڪو غريب اڇا ڪپڙا پائي نه هلي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڳڻ ڪارڻ سندس عزت ۽ احترام نه ٿيڻ لڳي . اسان مٿس بهتان هڻڻ لڳنداسين ته ”همراهه مفت ۾ پيو لئه ڪري.“ پوءِ هن جي لئه ڊاهڻ جو جوڳو بندوبست ڪنداسين ۽ هن جا اهڙا ته دشمن ٿي پوندا سين جو پيو ڏينهن جا تارا ڏسندو .

    اسان پنهنجي چوگرد نظر ڦيرايون . اسان کي هر انهيءَ ماڻهوءَ خلاف نفرت جا طوفان نظر ايندا، جيڪو ناجائز طريقي سان ڪنهن جا انگل پورا نه ٿو ڪري، اسان کي هنڌين ماڳين اهو ماڻهو بدنام ٻڌايو ويندو جيڪو هزارين چڱايون ڪندي ڪنهن سان ڪنهن لاچاريءَ ۽ مجبوريءَ سبب ڪو هڪ دفعو چڱائي ڪري نه سگهيو هوندو .

    اسان جو عوام نه ڪيل گناهن جون سزائون ڀوڳيندو رهي ٿو. اهو ماڻهو قرار ۾ ڪونهي جنهن جا لٽا ڪپڙا اڇا آهن ۽ جيڪو جهوپڙيءَ بدران ڪنهن ڪچي جاءِ ۾ رهي ٿو.جيڪو اکيون ٻوٽي ڪنهن جي حڪم جي پيروي نه ٿو ڪري، جيڪو ڀلي ۽ بري جي تميز رکي ٿو ۽ جيڪو پنهنجو ۽ قوم جو استحصال ڪرڻ نه ٿو ڏئي ۽ جيڪو ڏوهه کي ڏوهه ۽ چڱائي کي چڱائي چئي ٿو. اسان جيڪڏهن ڪنهن کي فڪري آزادي ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون.اسان جڏهن پنهنجن کي اختلاف جو حق ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون.اسان جيڪڏهن ڪنهن کي جائز لئه ڪرڻ جي اجازت ڏئي نه ٿا سگهون، اسان جڏهن ڪنهن کي ”مادي ترقي“ ڪندي ڏسي برداشت ڪري نه ٿا سگهون ته پوءِ قومي ڀلائي جي نالي ۾ اسان جي جاکوڙ ڇاجي لاءِ آهي؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي؟ پوءِ اديب جيڪڏهن ڪتاب لکي ته هن رنڍا نه روڙيا ته ٻيو ڇا ڪيو؟ پوءِ جيڪڏهن سماجي ڪارڪن ڪٿي اکين جي ڪئمپ هڻائي ته ڇا ٿيو؟ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن سياستدان قوم جي سورن تي ڳوڙها وهايا ته ڇا ٿي پيو؟

    اهڙيءَصورتحال ۾ اسان جو هر قلم ڌڻي ، هر ڪو سماجي ڪارڪن۽ هر ڪو سياستدان ايئن ڪري رهيو آهي، ڄڻ کوهه ۾ مئل ٻلو موجود آهي ۽ هو ٻه ٽي سو باٽليون پاڻيءَ جون ڪڍي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو آهي ته ايئن ڪرڻ سان هو کوهه کي پاڪ ڪري ڇڏيندو.

    اسان جي اديبن، سماجي ڪارڪنن ۽ سياستدانن جو انهيءَ ڪري دڪو داخل نه ٿو ٿئي ۽ هنن جي ڳالهه ۾ ان ڪري اثر پيدا نه ٿو ٿئي جو هو سماج جي داخلي خلفشارڏي توجهه نه ٿا ڏين. اسان مان هرڪو جو هينئن اهڙي عذاب جي اوڙاهه ۾ رجهي رهيو آهي ، ۽ اسان جو هنئن هڪ ٻئي جون ٽنگون ٻانهون ۽ سسيون لڻي رهيا آهيون ته ڪنهن به اسان کي هن آپگهاتي عمل کان روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. اسان جهڙوڪ ايئن پيا ڪيون ته ڪو غير اسان کي نه ماري باقي اسان هڪ ٻئي کي ڀلي ته گجر جيان ڪٽيندا رهون.

    ڪنهن خارجي مثبت تبديلي آڻڻ يا ان لاءِ ڪوشش ڪرڻ کان اڳ ”داخلي تبديلي“ نهايت ضروري ۽ اهم آهي. اسان جي سماج جي وجود کي اندران ئي اندران داخلي خلفشار، اجائي اختلاف ۽ بنا سبب دشمنيءَ واري ٽي بي وڪوڙي چڪي آهي ، ۽ اسان جو زور وري انهيءَ مريض جي هٿ منهن ڌوئڻ تي رهيو آهي. هي اسان جي عوام دوست ۽ ڌرتيءَ دوست ساٿين لاءِ هڪ اهم ايجنڊا آهي، انهيءَ کي نظر انداز ڪرڻ اسان سمورن جي ناقابل تلافي غلطي ٿيندي. اسان پنهنجي گهر ۾ موجود نانگ کي کير پيئاري، گهر ۽ در کان ٻاهر نانگ کي مارڻ سان بچي نه ٿا سگهون. ان ڪري اسان کي اڳ ۾ اها هٽ لسٽ ڦاڙڻي پوندي، جنهن ۾ هر ڪنهن جو نالو لکيل آهي، جيڪا اسان پاڻ ٺاهي آهي.

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 04.04.1995)

     

     

     

     

  • 19. دک ،ڌرتي ڌڻين جو ڪامن فيڪٽر

    دک ، ڌرتي- ڌڻين جو ڪامن فيڪٽر

     

    سنڌ جي سيني جن کي ماءُ جي ڇاتي مهيا ڪئي آهي، اهي ماڻهو پاڻ کي سنڌي سڏائن ٿا، بلڪ سنڌي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. پوءِ اهي ڇو نه پٺاڻ هجن يا بلوچ،سيد هجن يا صديقي، قريشي هجن يا فاروقي. اهي ذاتيون، ڪٽنب ۽ قبيلا سندن محدود پئماني جي ڄاڻ سڃاڻ آهي. پر هنن جي مجموعي ڄاڻ بلڪ ناز سنڌ ۽ سنڌيتپڻو آهي.

    هر ڪنهن قوم جي پوئلڳن جا پنهنجا پنهنجا ”ڪامن فيڪٽرس“ ٿيندا آهن. ان ڪري ئي هر ڪنهن قوم جي سوچ ۽ لوچ، ثقافت ۽ ٻولي، تاريخ ۽ طرز زندگي، ماضي ۽ آئيندو مختلف ٿيندو آهي. قوم ۽ قوميتن جي عالمن ۽ ڄاڻن جو چوڻ آهي ته”گڏيل ماضي “، ”زبان“، ”ڌرتي“ ۽ ”زندگي گذارڻ جو نظريو“ ئي ڪنهن قوم جا بنيادي عنصر ٿين ٿا. هڪ دفعي مرحوم جي الانا مون کان پڇيو هو ته : ” ڊاڪٽر صاحب قوم ڇا کي چئبو آهي؟“ مون کيس وراڻي ۾ مٿيان عنصر ٻڌايا. ان تي مرحوم چيو ته ” اهي عنصر نه پر ڄاڻ سڃاڻ جا پئمانا آهن. قوم ان کي چئبو آهي، جيڪا پاڻ مڃائي، مثال طور بنگالي پهريون پاڪستاني قوم جو حصو هئا، پر جڏهن بنگلاديش ٺهيو ته اسان پاڻ کي هنن کان الڳ قوم تسليم ڪيو.“ مون کي سندس ڳالهه ڏاڍي وڻي ۽ اڄ جيڪو مون کان قوم جي وصف پڇندو آهي ته مان کيس اهائي ٻڌائيندو آهيان.

    اڄ جڏهن ”قوم“ ۽ ”قوميت“ جي علم جو ماهر، اسان سنڌ واسين کي ڏسندو ته ڏاڍو منجهي پوندو. ڇو ته ماهرن جي ڏسيل ۽ ڏنل وصف مطابق اسان ۾ اهو به لڇڻ ڪونهي. مثال طور اسان مان ڪيترا سنڌي سنڌ جي ماضيءَ سان رشتي رکڻ بدران پاڻ کي ٻاهران آيل ڄاڻائيندا آهن. ڪي پاڻ کي عربي نسل ته ڪي پاڻ کي وچ ايشيا جو وارث سمجهندا آهن. معنيٰ ته اسان مان ڪيترن قوميت ۽ قوم جو بنيادي عنصر يعنيٰ”گڏيل ماضي“ قبول ڪيو ئي ڪونهي.

    هاڻي اوهان قوم ۽ قوميت جي ٻئي عنصر يعنيٰ ”ٻولي“ ڏي ڌيان ڌيو. اسان جي اڪثريت ڌارين ٻولين ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿي.وڏن شهرن ۾ اسان جا سنڌي گهرن ۾ به غير سنڌي ٻوليون ڳالهائن ٿا. اسان جو مٿئون طبقو اندر توڙي ٻاهر ، ستي توڙي جاڳندي انگريزي ٻولي ڳالهائي ٿو. اسان جو عوام ڏسي وائسي اخبارون ۽ رسالا وٺندو ته غير سنڌي ! هن جي معنيٰ اها ٿي ته اسان خود – اختياري رويئي سان قوم ۽ قوميت جي مکيه عنصر يعنيٰ ”ٻولي“ جي پاڻ نفي ڪيون ٿا .

    اسان جي ”قوميت“ جو بنيادي عنصر يعنيٰ ”ڌرتي“ اسان جي پيرن هيٺان نڪرندي پئي وڃي.جهڙوڪ ڌرتي سسندي پئي وڃي. هاڻي ته همراهه اچي ڪراچيءَ کان لڳا آهن. دشمنن جو وس پڄي ته هڪ ڏينهن ۾ ان کي ڳڙڪائي وڃن. اهڙيءَ ريت اسان جي ”ثقافت“جو اهو عالم آهي جو هر گهر جي ”ثقافت“ الڳ آهي. اهڙيءَ ريت ”گڏيل مستقبل“ لاءِ هر ڪو ماڻهو پنهنجي ٻولي پيو ٻولي، ڪو اولهه ڏي ٿو ڏسي ته ڪو اوڀر ڏي . پاڻ ڏي ته ڪو ڏسي ئي ڪو نه ٿو.

    هي آهي اسان جي ”قوميت“ جي عنصرن جو حشر، جيڪو اسان پاڻ ڪيو آهي. ايڏي اختلاف هوندي به هڪ شئي اسان سڀني ۾ ساڳئي آهي. اها شئي آهي دک ، درد ، سور ۽ پيڙا . اسا ن مان ڪو به اهڙو ڪونهي، جيڪو پاڻ کي سکي سڏائي ۽ سمجهي. امير هجي يا غريب، عملدار هجي يا بيروزگار، شاهه هجي يا گدا، جنهن کي ڏسبو ۽ جنهن کان پڇبو اهو پاڻ کي دکي سمجهندو.اسان مان هر ڪو سورن ۾ آهي، سچ پچ ته سورن نه پر بلڪ عذابن ۾ آهي ، ڪنهن کي ڪهڙا سور ته ڪنهن کي ڪهڙا؟ هر ڪنهن وٽ سور آهن ئي آهن.

    لطيف سائين جڏهن محسوس ڪيو ته اسان مان ڪيترا مذهب، سياست، قوميت ۽ ڪنهن ٻئي ڳالهه تي متفق ٿيڻ لاءِ تيار نه آهن ته هن عظيم انسان سورن کي ڪامن فيڪٽر ڄاڻي سڏ ڏنو ته ” اچو سورن واريون، ڪيون سور پچار.“ ڏاڍيون ڪم جون ڳالهيون ڪيائين ۽ کولي ٻڌايائين ته ”ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڊڻ نه ٿئي.“پر اسان سندس ڳالهه نه ٻڌي، پوءِ لطيف ”ڏک“ ۽ ”سور“ کي انوکي نموني ۾ پيش ڪيو. چيائين ته ” ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ.“ پوءِ به قوم جي هيٺئين توڙي مٿئين طبقي ، امير توڙي غريب اها ڳالهه نه سمجهي ۽ نه ٻڌي. پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه بدران شيهو وجهي اڄ به اسان نه ڪجهه ٻڌون ٿا ۽ نه ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون. حالانڪ اسان جو وجود ، بلڪ ڪائنات جو ذرو ذرو اسان کي ٻڌائڻ ۽ اسان جي اندرين وارين اکين کولڻ لاءِ آتو آهي.

    صديون اڳ جيان اڄ ۽ اڄوڪي دور ۾ به ”دک“ اسان جو ”ڪامن فيڪٽر“آهي. اهوئي اسان جوتاريخي ۽ حالتن وارو رشتو آهي. اهائي اسان جي مضبوط رسي آهي، جنهن اسان کي هڪ ٻئي سان ٻڌي رکيو آهي. پر اسان وقت ۽ حالتن جي جنگ ڪيئن وڙهي رهيا آهيون؟ بنهه ايئن جيئن ميرن پنهنجي پٽڪن سان هڪ ٻئي کي ٻڌي تلوارون کڻي بندوقن جي منهن ۾ پيا؟؟

    دک ئي اهڙو عنصر آهي، جيڪو هر ڪنهن جي وجود ۾ سمايل آهي.اسان انهيءَ ذريعي ئي ”ڪثرت“ ۾ ”وحدت“ پيدا ڪري سگهون ٿا، پر نفسيات جو ماهر، دانشور ۽ مدبر ڪٿان اچي؟

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،تاريخ : 23.05.1995)

     

     

     

  • 18. اسان جي تاريخ ۽ تحقيق دشمنيءَ جا ڪي مثال

    اسان جي تاريخ ۽ تحقيق دشمنيءَ جا ڪي مثال

     

    ”تاريخ“ ۽ ”تحقيق“ سان اسان جي جهڙوڪ لڳي ئي ڪا نه ٿي. اهي ماڻهو جيڪي هن ڪم سان لڳل آهن، تن کي اسان قبرون کوٽيندڙ، اجايو وقت ضايع ڪندڙ ۽ مٿي ڦريل ڄاڻيندا آهيون. اسان جو وس پڄي ته محققن کي ڪچو کائي ڇڏيون ۽ تحقيقي ادارن کي تالا لڳائي ڇڏيون.سڪاري ۽ نيم سرڪاري تحقيقي ادارا جيئن اڪ ڪارا ڪري رهيا آهن، انهن تي اسان کي ان ڪري چڙ نٿي اچي جو اسان تاريخ ۽ تحقيق کي بيڪار ڪم ڄاڻون ٿا. ان ڪري انهن اداران ۾ ڪم ٿئي يا نه ٿئي اسان جي صحت تي اثر ڪونه ٿو ٿئي.

    ڪنهن به ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ جودارومدار پنهنجن عملن تي ٿئي ٿو. بلڪ ايئن چئجي ته ٻولي ۽ علم ادب جي عمارت پنجن ٿنڀن تي ٻڌل ٿيندي آهي جيڪي هن:”تخليق“ ،”تحقيق“ ، ”ترجمو“ ، ”تنقيد“ ، ۽”تنظيم“.اسان وٽ بدقسمتيءَ سان انهن عملن ۽ ٿنڀن ۾ ڪوبه توازن ڪونهي . ۽ انهن جا نتيجا اسان جي اڳيان آهن. ڪجهه وقت اڳ مون ڪالم ذريعي يونيورسٽين جي سنڌي شعبن کي صلاح ڏني هئي ته سنڌيءَ جي نصاب ۽ ڪورس کي انهن پنجن ”ت“ کي ڌيان ۾ رکي ترتيب ڏيو، اهو ئي سئليبس ٺاهڻ جو بهتر، مثالي ۽ سائنٽيفڪ طريقو آهي. پر ڪنهن به يونيورسٽيءَ طرفان انهيءَ ڳالهه جو نوٽيس نه ورتو ويو. جيڪڏهن هن صلاح تي ٿورو توجهه ڏنو وڃي ته ”تاريخ“ ۽ ”تحقيق“ جي به الله ٻڌي ها. پر ايئن ڪونه ٿيو.

    ويهن سالن جي تجربي ۽ مشاهدي مون کي انهيءَ موڙ تي اچي پهچايو ، جو مون لکين روپيا خرچ ڪري ” گل حيات انسٽيٽيوٽ“ قائم ڪيو ته جيئن تاريخ دوستي ۽ تحقيقي نوعيت واري تعليم کي عام ڪرڻ جي هڪ پُر خلوص ڪوشش ڪجي. پر دکن، دردن ۽ سورن جو مذڪور ويهن سالن ۾ به ساڳيو ئي رهيو،بلڪ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ صورتحال اڃا به ابتر ٿي وئي آهي.

    اڳ آئون جڏهن پنهنجي مقصد لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪندو هئس، ته ان وقت جيڪي تلخ تجربا ٿيا، اهي پنهنجي کاتي ۾ لکي ڇڏيم ۽ ڪنهن کي ميار نه ڏنم. پر ”گل حيات انسٽي ٽيوٽ“ ذريعي هاڻي عوام لاءِ ۽ ڪم لاءِ ڪم ڪجي ٿو.هن وقت جيڪو ٻڌجي ۽ سهجي ٿو، اهو رڪارڊ تي آڻڻ ان ڪري ضروري آهي ته جيئن اسان پنهنجي تاريخ دوستي ۽ تحقيق نوازي جي ڳڻن ۽ اوڳڻن جو رڪارڊ ٺاهي سگهون.

    آئون جڏهن پي ايڇ ڊي ڪندو هئس ته ڪن همراهن کي اچي ڏک ورايو ته آئون ڪلهوڪو ٻار متان ڊاڪٽر ٿي وڃان. ان ڪري هنن همراهن اهڙي ڪئي، جيئن ٻرڙي ڪئي ٻارن سان. انهن مان هڪڙو همراهه لياريءَ مان مڪراني موڪليندو هو. آئون طارق روڊ تي رهندو هئس. لياريءَ جا غنڊه اچي گاريون به ڏيندا هئا ۽ ڪتاب به فليٽ مان ڪڍي اڇلائيندا هئا. ٻئي همراهه اهو قرب ڪيو جو هڪ دفعي پاڻ اچي ڪراچي جي هڪ آڳاٽي ۽ گمنام شاعر جي پونئرن جو ڏسُ پتو ڏنائين. آئون سندس ٿورا مڃيندي شام جو وڃي گمنام شاعر جي وارثن تائين پهتس. در کڙڪايم ته هڪڙو ماڻهو نڪري آيو . هن مون سان چڙيو چڙيو ٿي ڳالهايو. اڃا دل کولي حال احوال به ڪو نه ڪيم ته ٻيو ڏٺل ماڻهو اتان اچي گذريو. هن زور ڀريو بلڪ گهلي وٺي ويو ته اسان پهريون گڏجي چانهه پيئون. چانهه پيئارڻ دوران حال احوال ورتائين، چيو مانس ته ، ”فلاڻي شاعر جو احوال ۽ ڪلام وٺڻ آيو آهيان.“ ان تي ميزبان چيو ته ،”جنهن ڏسُ ڏنو ٿئي تنهن توسان دشمني ڪئي آهي. تون جنهن سان ڳالهائي رهيو هئين اهو تنهنجي فلاڻي شاعر جو اولاد نه پر چريو آهي. هو پنهنجي رڳ تي اچي ها ته توکي مار ڪڍي ها. شڪر ڪر جو آئون پهتو آهيان. هيءُ منهنجو پاڙو آهي.“

    ويهه سال اڳ تحقيق ۽ تاريخ جي جستجو ههڙا حشر ڪيا . پر ”جيئن ٿڌ تيئن وڌ“ مصداق صورتحال اڃا وڌيڪ ابتر ٿي وئي آهي. هاڻي جهڙوڪ ماڻهو مارين نه ٿا پر نسورو مارين ٿا ، سو به مرڻ کان اڳ. هاڻي ٿي شاهه لطيف جي مجبوري محسوس ٿئي ته هن ايئن ڇو چيو هو ته ” جنين ڪاڻ مياس، سي ڪلهي ڪانڌي ئي نه ٿيا.“

    گل حيات انسٽيٽيوٽ طرفان اسان هر ڪنهن قلم ڌڻيءَ کي سندس ڄمڻ واري تاريخ تي سالگرهه مبارڪ نامو موڪليندا آهيون. هن وقت تائين اسان اهڙا هزارين خط موڪليا هونداسين. ليڪن موٽ فقط چئن پنجن جي ملي آهي.باقي ڪنهن کان به ڪونه پڳو آهي ته ٻه اکر لکي چئي ته ”خير مبارڪ!“.

    اهڙي ريت مواد، معلومات، ڪوائف ۽ فوٽو وغيره وٺڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ جن تائين اسان پاڻ پهچي سگهندا آهيون، انهن سان پاڻ وڃي ملندا آهيون، هونئن نه ته خط لکندا آهيون. ۽ اڪثر ڪري ان ۾ جوابي لفافو به وجهي ڇڏيندا آهيون. پنجن سالن کان وٺي اسان طرفان موڪليل اڻ ڳڻيل جوابي لفافن مان هڪ به واپس ڪونه موٽيو آهي. آئون هڪ شخص ڏي پورا هڪ سئو دفعا ويس ۽ هر دفعي گذارش ڪيم ته اوهان پنهنجو فوٽو ڏيو ته ”گل حيات جي گئلري“ ۾ لڳايون . هر دفعي اهو جواب مليو ته ” سڀاڻي کڻي وڃجانءِ“ سئو دفعا وڃڻ کان پوءِ به اهو سڀاڻو اڃا ڪونه آيو آهي.

    ”گل حيات“ کان ٻارهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي رهندڙ هڪ شخصيت کي پاڻ وڃي دعوت ڏنم ته اوهان جي پاڙي ۾ اوهان جي ڇانو ۾ اسان قومي اهميت وارو ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ڪڏهن قرب جا قدم کڻي اچو.انهيءَ دوست دلاسو ڏنو ۽ آئون فون تي کيس يادگيرو ڏياريندو رهيس.سندس اها وراڻي ملندي آهي ته ”آئون ڪشمير کان موٽيو آهيان. افغانستان وڃڻو آهي، هاڻي عمري تي ويندس “ هو ايڏا ته مفاصلا طئي ڪري سگهندو آهي، پر ٻارهن ميل سفر ڪري نٿو سگهي.

    ”گل حيات“ ۾ اسان جيڪو ڪجهه گڏ ڪيو آهي يا ڪري رهيا آهيون ان کي اسان قوم جي امانت ڄاڻون ٿا. جيڪڏهن ۽ جڏهن قوم ان خزاني جي سنڀال ڪرڻ جو ذمو کڻڻ گهريو ته اسان هڪ ڪلاڪ لاءِ به ميڙي چونڊي کي پاڻ وٽ نه رکنداسين. ”گل حيات“ ۾ 1843ع کان وٺي اڄوڪي دور جو اهو اهم رڪارڊ موجود آهي. جنهن مان سياست، علم ادب، سماج، مذهب، ثقافت ۽ صحافت تي اُٺ ڪتابن جا لکي سگهجن ٿا. اسان جيئن ۽ جيڪو ڪم ڪيون ٿا ، ڪن جو چوڻ آهي ته اهو سڀ ڪجهه ايجنسين جي اشاري تي پيو ٿئي ۽ پڪ ئي پڪ ايجنسين جو خيال هوندو ته اسان اهو ڪن تنظيمن جي چوڻ تي پيا ڪيون. اهو ٻڌون ٿا ۽ محسوس ڪيون ٿا. پوءِ به ڪم ڪجي ٿو ڇو ته هي ڪم قوم جو آهي ۽ قوم لاءِ آهي. جيڪڏهن ٻيا ماڻهو رويا بدلائڻ لاءِ تيار نه آهن ته اسان پنهنجو شيوو ڇو بدلايو؟

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 10.10.1995)

     

     

     

  • 17. ٻڌڻ ،سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جو تناسب

    ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جو تناسب

     

    سنڌ ۾ تمام سٺو ۽ تمام گهڻو لکيو وڃي ٿو ، پر وس وارا پڙهن ئي ڪونه ٿا. اسان جون اخبارون سنڌ واسين جو بي بدل آوا ز آهن.اسان جون آهون ۽ دانهون، حڪايتون ۽ شڪايتون روزانو اخبارن ذريعي در در تي پهچن ٿيون پر اهي ڪونه ٿا پڙهن، جيڪي ڪجهه نه ڪجهه اسان جي دردن جو دارون ڪري سگهن ٿا.”واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو“ واري صورت حال ڪانه رهي آهي. ٻڌڻ وارو ٻروچ اڄ ٻوڙو ٿي پيو آهي، بلڪ سنڌي سليمي به پڙهي نٿو سگهي. جيڪڏهن پڙهڻ وارن جو اهو حشر آهي ته هاڻي اچو ۽ اهو ڏسون ته ڀلا ٻڌڻ وارا ڪيترا آهن.هن ڪالم جي عنوان ۾ مون ”ٻڌڻ“ ، ”سمجهڻ“ ۽ ”مڃڻ“ هڪ ٻئي سان مشروط ۽ مربوط بڻايو آهي. اهو هينئن ته جيڪڏهن ڪو ٻڌندو ئي ڪونه ته سمجهندو ڪٿان؟ اهڙيءَ ريت جيڪڏهن گهڻو ڪجهه ٻڌي به ماڻهو رتيءَ ڀر سمجهي ئي ڪونه ته به ٻڌڻ ڪهڙي ڪم جو؟ پر جيڪڏهن ماڻهو ٻڌي سمجهي به، پر انهيءَ کي مڃي ڪونه ۽ ان تي عمل ئي ڪونه ڪري ته پوءِ ٻڌڻ ۽ سمجهڻ مان ڪهڙو فائدو.

    هاڻي اچو ته ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جو تناسب ڏسون. اسان طبقاتي سماج ۾ رهون ٿا. سياڻن جو چوڻ آهي ته ”مڊل ڪلاس“ اسان وٽ منظم نموني سان ٺهي جڙي نه سگهيو آهي. ان ڪري اسان جي سماج ۾ صحيح معنيٰ ۾ ٻه طبقا آهن: ”مٿيئون طبقو“ ۽ ”هيٺيون طبقو“. هيءَ هڪ مڃيل حقيقت آهي ته عام ۽ عوام جي ڀلائيءَ جي جيڪا به ڳالهه ٿئي ٿي، ان جي معنيٰ هيءَ هوندي آهي ته ” مٿئيون طبقو غريبن کي پنهنجا حق ڏئي، مٿن ظلم نه ڪري ۽ سندن استحصال نه ڪري.“ ان ڪري جڏهن به عوام جي ڀلائي ۽ اجتماعي روشن مستقبل جي ڳالهه ڪبي ته اسان جو ”مٿئيون طبقو“ نه فقط پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه وجي ڇڏيندو، بلڪ اڻ ڳڻين ماڻهن کي به مجبور ڪندو ته هو پنهنجي ڪنن ۾ آڳريون وجهي ڇڏن ۽ اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٻڌن. اهي ماڻهو جيڪي روزگار ،ملازمت، بدلي، ڦڏي کان بچڻ وغيره جهڙيون مجبوريون ۽ مفاد رکن ٿا، اهي انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اثر رسوخ واري ماڻهو يا ”مٿئين طبقي“ جي نمائندي جا محتاج ٿين ٿا. ان ڪري هو چاهيندي به چڱي ڳالهه نه ٻڌڻ لاءِ مجبور آهن. هو پاڻ کي ايئن بليڪ ميل ڪرائي سچ جو پاسو ڇڏي وڃن ٿا. حادثن ۽ حالتن جي واچوڙي کان سواءِ ٻي ڪا به ڳالهه هنن کي متاثر نه ٿي ڪري. ڪن حالتن ۾ هنن جا ڪن کلي پون ٿا ۽ اکين تان پٽيون لهي پون ٿيون ته پوءِ ڪجهه نه ڪجهه ٻڌن، سمجهن ۽ مڃن ٿا، نه ته سڀني جو خير.

    هاڻي جڏهن ”مٿئيون طبقو“ نه فقط پاڻ ٻڌي پر ٻڌندڙن کي بدظن ڪرڻ يا بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. هيٺين طبقي جو ڳچ حصو پنهنجن مفادن ۽ مجبورين ڪري ٻڌڻ گوارا نه ڪري ته پوءِ اندازو لڳايو ته ڪيترا ٿا ٻڌن؟

    ڳالهه اتي پوري نه ٿي ٿئي. اهي ماڻهو، جيڪي اڳ ۾ ئي ڪي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جا ملازم آهن. انهن سان هيءَ مجبوري آهي ته هو هر ڪا ڳالهه سمجهن ضرور ٿا ليڪن ان کي ٻڌڻ ۽ مڃڻ کان گهڻو پري ٿين ٿا. مثال طور سنڌ ۽ سنڌ واسين جي سورن کان هر ڪو سرڪاري ملازم باخبر آهي، پر هو نوڪريءَ بچائڻ خاطر نه ته اهڙن فنڪشنن ۾ وڃي سگهي ٿو ۽ نه وري ڪنهن پارٽيءَ جو رڪن ٿي ڪنهن جي ڳالهه مڃي ٿو. اهڙيءَ ريت اسان جي آباديءَ جو هي حصو مجبور ۽ مفلوج آهي. حالتون ڪهڙيون به هجن، پر اهو طبقو ٻڌڻ، سجهڻ ۽ مڃڻ وارن جي صف ۾ شامل ٿي نٿو سگهي.

    اسان جي پڙهيل ڪڙهيل طبقي جي وڏي اڪثريت جو اهو حال آهي ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي راءِ جو ڌڻي چئي نه ٿو سگهجي. ڇو ته اسان جا ڪيترائي لکيل پڙهيل، عاقل ۽ بالغ ٿيڻ کان اڳ ئي ڪنهن نظريئي يا آدرش جا معتقد ۽ مريد بڻجي وڃن ٿا. ان ڪري پوءِ باقي ڄمار” هزماسٽرس وائيس“ بڻجي ٻين جون ڳالهيون ڪندا وتن ٿا. هنن کي ٻڌڻ لاءِ نه ته ڪوئي وقت ٿئي ٿو ۽ نه وري هو ڪنهن ٻئي جو ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. بلڪ هو ٻئي کي ”ٻڌڻ“ وڏو گناهه سمجهندا آهن. انهيءَ حساب سان اسان جي لکيل پڙهيلن مان ”نظرئي وڪوڙيل ۽ گروهه زده طبقو“ ڪنهن جو ڪجهه به قطعي ڪونه ٻڌندو.

    اسان جي آدمشاريءَ جو وڏو حصو اڻپڙهيل آهي، پر جيڪڏهن ٿورو گهڻو پڙهيل آهي ته فقط نالي ماتر. اهي پنهنجي مسئلن ۾ ايترو ته مصروف ۽ مجبور آهن جو واقعي انهن وٽ ايترو وقت ئي ڪونهي ته هو ڪنهن کي ٻڌن. هاري پنهنجا ڪم ڪار۽ ٻني ٻارا ڇڏي، گاهه ۽ ڳاهه ڇڏي ڪنهن عالم جو واعظ، ڪنهن دانشور جي تقرير ۽ مدبر جو خطاب ڪونه ٻڌندو. ان ڪي اسان پنهنجي آدمشماريءَ جي وڏي حصي کي ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن ۾ شامل ڪري نه ٿا سگهون.

    انهيءَ حساب سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاڻ ۾ ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جي ڪمي آهي ۽ انهيءَ ئي صورت حال ۾ ڪنهن عالم، دانشور ۽ مدبر کي حق ۽ سچ جي ڳالهه ٻڌائڻي ۽ مڃائڻي آهي. جيئن زلزلا جبلن کي ڦاڙي ۽ ڌرتيءَ کي ڌوڏي ڇڏيندا آهن، تيئن ئي اڄ جي عالم دانشور ۽ مدبر کي پنهنجي ڳالهه چوڻي ۽ مڃائڻي پوندي.ان لاءِ هنن کي نت نوان طور طريقا ڪم آڻڻا پوندا. بهرحال هنن کي اهو ڌيان ڪرڻو پوندو ته کين ٻڌڻ وارا آهن ئي ڪونه. في الحال هو پاڻ چوڻ وارا ۽ پاڻ ئي ٻڌڻ وارا آهن. هي صورت حال پريشان ڪندڙ ضرور آهي، ليڪن مايوس ٿيڻ جي ڳالهه ڪونهي. ڇو ته اهڙيون حالتون نبين ۽ پيغمبرن کي به ڏسڻيون پيون هيون. ايتري قدر جو الله تعاليٰ کي پنهنجي قرآن ذريعي دلداري ڏيڻي پئي ۽ فيصله ڪن انداز ۾ فرمائڻو پيو ته ڪي ماڻهو ٻوڙا ۽ گونگا ٿيندا آهن ۽ هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن ۾ به نبين ۽ پيغمبرن حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي ۽ وقت گذرڻ کان پوءِ انهن مان ڪن ماڻهن کي ٻڌڻو، سمجهڻو ۽ مڃڻو پيو. اسان وٽ ۽ اسان ۾ ٻڌڻ،سمجهڻ ۽ مڃڻ وارن جو تناسب گهٽ آهي ۽ اها هن دور جي سچائي آهي.

     

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

     

    تاريخ : 24.10.1995)

     

     

     

  • 16. سوچن ۽ لوچن ۾ توازن جو مسئلو

    سوچن ۽ لوچن ۾ توازن جو مسئلو

     

    لطيف سائين فيصله ڪن انداز ۾ ڏاڍي ڪارائتي ڳالهه ڪئي آهي، فرمايو اٿس ته”جي ڪوڙو تون ڪفرسين ته ڪافرڪيم سڏاءِ “اسان سان جٺ اها آهي ته اسان نه پاڻ کي ٻڌندا آهيون ۽ نه وري ٻئي کي ٻڌندا ۽ مڃيندا آهيون.

    پاڻ کي ٻڌڻ، پاڻ کي مڃڻ ۽ پاڻ کي سڃاڻڻ جا سبق ڏيندي اسان جي ڏاهن جا الائي ڪيترا نسل وڃي قبرن ڀيڙا ٿيا. اسان اهو چئي کين سندن پيغام کي نظر انداز ڪري ڇڏيو ته هوصوفي لاڪوفي آهن ۽ سندن پيغام اسان کي بي عمل بڻائي ڇڏيندو. جيڪڏهن اسان مان هر ڪو پاڻ سڃاڻي ها ته ، نه پاڻ ڪنهن جي هٿان استعمال ٿيون ها ۽ نه وري ڪو ٻيو ڌاريو استحصال ڪري ها. پاڻ نه سڃاڻڻ ، پاڻ کي نه ٻڌڻ ۽ پاڻ کي نه مڃڻ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته هوا ۾ اڏندڙ ڪک پن بڻجي ويا آهن. جنهن جيڪا ڳالهه ڪئي، ان تي ڳنڍ ٻڌي کڻي هائو ۾ هائو ملائينداسين.ان تي ڪڏهن به سوچ ويچار ڪونه ڪنداسين. جيڪڏهن سوچ ويچار ڪري سگهون ٿا ته پوءِ پنهنجن توڙي پراون ، ڏاهن توڙي اڏاهن کي پرکي سگهون ها. انهيءَ ڪري اسان جهڙوڪ ٻين کي به نه ٿا ٻڌون ۽ سمجهون. لياقت ۽ صلاحيتن، سوچن ۽ لوچن، وقت ۽ دولت کي بيڪار استعمال ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ ڪيڏي نه ڪم جي ڳالهه ڪئي آهي.مٿي ذڪر ڪيل سٽ ۾ ساڳئي ڳالهه سلي اٿس. چئي ٿو ته ” انهيءَ ٿيڻ ۽ پاڻ کي سڏڻ جي ڪوشش نه ڪر، جيڪو تون نه آهين. اهو ٿيءُ ۽ ايئن هل جيڪو اصل ۾ پاڻ آهين. “ حقيقت به اها آهي ته جيڪڏهن مور ڪانءُ جيان هلڻ لڳندو ته ، پنهنجو ٽلڻ به وساري ويهندو.

    هي هڪ عام فهم ڳالهه آهي ته نڪ کان ڪن جو ، ۽ ڪن کان وات جو ڪم وٺي نٿو سگهجي. هر ڪنهن جو ڪم الڳ الڳ آهي ۽ انهن کان اهوئي ڪم وٺڻ گهرجي.اسان جي سوچن ۽ لوچن ۾ انهيءَ ڪري توازن برقرار نه ٿو رهي ۽ ڪو به ڪم ان ڪري نتيجو نه ٿو ڏئي جو اسان اهو ڪجهه ڪيون ٿا جيڪو پاڻ کي نه ڪرڻ گهرجي ، ۽ اهو ڪجهه نٿا ڪريون جيڪو اسان کي ڪرڻ گهرجي. هر ڪنهن جون لياقتون ۽ صلاحيتون الڳ آهن. هر ڪو انهن لياقتن ۽ صلاحيتن مطابق هڪ ٻئي کان الڳ ۽ منفرد آهي. ان ڪري هر ڪنهن جو ڪم الڳ آهي ۽ الڳ ٿيڻ گهرجي. صحافي سگهڙ ٿي نه ٿو سگهي، سياستدان سائنسدان ٿي نه ٿو سگهي. علم ادب الڳ شئي آهي، صحافت جدا ڳالهه آهي، سياست انهن ٻنهي کان مختلف آهي . زندگيءَ جو هر شعبو هڪ ٻئي سان لاڳاپيل هوندي به الڳ آهي، پر اسان وٽ ايئن ڪونه آهي. اسان مان هر ڪو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪجهه به ڪري نه ٿو سگهي. ڳالهه اتي دنگ نه ٿي ڪري، پر اسان مان هر ڪو اها تبليغ ڪري ٿو ۽ اها ڪوشش ڪري ٿو ته باقي دنيا هن وانگر ٿي پئي. پوءِ اديب ۽ شاعر سياستدان سان ملندو ته سياستدان ان کي تبليغ ڪندو ته لکڻ پڙهڻ ڇڏي سياست ۾ ڪاهي پئو. اهڙي ريت اديب ۽ شاعر جي تمنا رهندي ته ٻيا ماڻهو هر ڪو ڪم ڪار ڇڏي هٿ ۾ قلم کڻي ڪجهه نه ڪجهه لکڻ لڳن. سماجي ڪارڪن سان ملبو ته اهو ئي چوندو ته سياستدان ٺڳ ۽ قلم ڌڻي سودائي آهن صحيح ۽ سچو ڪم فقط سماجي ڪارڪن ئي ڪن ٿا. صحافي اهو ٿو سوچي ته سچ فقط ۽ فقط هو ئي ٿو ٻڌائي پر اديب ته قوم کي خيالي پلاءُ ٿو کارائي.

    پر جيڪڏهن اسان مان هر ڪو اهو سوچڻ لڳي ته هن کان سواءِ ٻيو پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن مطابق ڪم ٿو ڪري ۽ هن جون اهي ڪوششون به ڪارائتيون آهن ته ههڙي صورت حال ئي پيدا نه ٿئي. هوند هر ڪوماڻهو هر ٻئي کي پنهنجي پوءِ لڳ، مريد ۽ معتقد بڻائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪري.

    جنهن معاشري ۾ لياقتن ۽ صلاحيتن جي سڃاڻ، شناس ۽ قدر داني ڪو نه هوندي، اتي هر ڪو ٻئي ماڻهوءَ جي ڪم کي بيڪار ۽ بي سود ڄاڻيندو بلڪه ٻئي ماڻهوءَ کي ڪم ئي اهڙو ڏيندو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ هن جي ڏانءُ، لياقت ۽ صلاحيتن مطابق نه هوندو. اسان وٽ ايئن ئي پيو ٿئي ٻين ڳالهين کي ڇڏي رڳو ملازمتن کي ئي وٺو ، اوهان سروي ڪري ڏسو ۽ هر ڪنهن ملازم کان پڇو . اوهان کي جواب ملندو ته کيس ٻي نوڪري نه پئي ملي ان ڪري اها نوڪري ڪري رهيو آهي. سرڪاري دفترن ۾ جيڪا اوندهه لڳي پئي آهي ۽ ڪم جو اڪلاءُ نه پيو ٿئي ۽ هر ڪو ماڻهو ڪنهن ٻيءَ نوڪريءَ جي تلاش ۾ سرگردان آهي ۽ ان نوڪريءَ هوندي ڪونه ڪو اضافي ڌنڌو ڌاڙي به ڪري ٿو ، ان جو هي به هڪ بلڪ اهم ڪارڻ آهي ته ان کي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن مطابق ملازمت ڪانه ملي آهي. هن جون لياقتون ۽ صلاحيتون بيقرار روح بڻجي هن کي بي سڪون بڻائي ڇڏين ٿيون. اسان جيستائين ٻين جي لياقتن ۽ صلاحيتن کي مڃتا نه ڏينداسين ۽ هر ڪنهن کي سندس ڪم بدران پنهنجي ڪم سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪندا سين ، ان وقت تائين اسان مان ڪنهن جي به محنت رنگ نه لائيندي نه پاڻ ڪم ڪري سگهبو ۽ نه ٻئي کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو. بس هر ڪو انهيءَ ڌُن ۾ هوندو ته ٻئي کان سندس ڪم ڇڏائي پنهنجي ڪم سان ڪيئن لڳائي. انهيءَ روش ۽ انهيءَ سوچ اسان مان ٻين سان تعاون ڪرڻ واري سگهه ۽ صلاحيت کسي ڇڏي آهي. بلڪ ان جي برعڪس اسان کي هڪ ٻئي جو حريف ۽ دشمن بڻائي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سياستدان اديب کي بيڪار ۽ بي مقصد ڄاڻي ٿو ۽ اديب ۽ دانشور کي ڏاهو به چئي پر ان کي پنهنجي مرضيءَ سان هلائڻ چاهي ٿو.ليڪن انهيءَ ڏاهي جي چوڻ تي هلڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي . زندگيءَ جي هر شعبي جو اهڙو ئي حشر آهي.

    اسان جيڪڏهن هڪ ٻئي سان هٿ نه ونڊايو ته ڪا خراب ۽ خطرناڪ ڳالهه ڪونهي. پر هڪ ٻئي کي آزاديءَ سان پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيون ته هوند بهتر نتيجا نڪري پون. اسان جيڪڏهن سوٽو کڻي اخبار وارن جي مٿان چڙهي وينداسين ته هي خبرون ڇپيو ۽ هي خبرون نه ڇپيو ته عوام تائين حق سچ ڪيئن پهچندو؟ ۽ عوام صحيح عام راءِ ڪيئن قائم ڪري سگهندو . اسان جيڪڏهن اديبن ۽ ليکڪن تي پابنديون مڙهينداسين ته اهي ڌر بڻجي ڪنهن پارٽي، شخصيت يا ڪنهن واقعي يا مسئلي تي قلم کڻن ته پوءِ ادب ۽ اديب جو ڪهڙو مقصد وڃي بچندو ؟ اسان جيڪڏهن ڪنهن سياستدان تي پنهنجي مرضي مطابق بيان ڏيڻ ۽ سياست ڪرڻ لاءِ بار وجهنداسين ته هو پنهنجون لياقتون ۽ صلاحيتون ڪيئن ڪم آڻي سگهندو؟ هن لاءِ ضروري آهي ته اسان صحافيءَ کي صحافي، سياستدان کي سياستدان، اديب کي اديب ، شاگرد کي شاگرد ئي رهڻ ڏيون ۽ انهن تي ٻيا بار نه رکون. ايئن ڪرڻ سان ئي اسان پنهنجن سوچن ۽ لوچن ۾ توازن قائم ڪري سگهون ٿا. هي ڳالهه تمام ضروري آهي ته اسان ٻين کي زوري پاڻ جهڙي بنائڻ جي ڪوشش نه ڪيون ۽ پاڻ ٻين جهڙي ٿيڻ جو سعيو نه ڪيون. بلڪ ٻين کي آزاد ڇڏيون ته اهي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن مطابق سوچن ۽ لوچن، ۽ اسان پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن مطابق ڪم ڪيون.

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

    تاريخ : 31.10.1995)

     

     

     

  • 15. آهي ڪو نڌڻڪي سنڌ جي شاندار تاريخ کي بچائڻ وارو ؟

    آهي ڪو نڌڻڪي سنڌ جي شاندار تاريخ کي بچائڻ وارو؟

     

    جڏهن انگريز اسان جا حڪمران هئا ته هنن اسان جي ٻيڙيءَ ٻوڙڻ لاءِ پنهنجن ڏاهن کان صلاحون ورتيون. کين صلاح ملي ته : ”جيڪڏهن ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻ گهرو ٿا ته ان جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ کي تباهه ڪيو.“ انگريز انهيءَ ڳالهه تي اڌوگابرو ڪم ڪري هليا ويا، پر اسان کي جهڙوڪ پنهنجي تباهي ڪرڻ جو ڏسُ ڏئي ويا. هاڻي اسان پاڻ پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي پٺيان اچي پيا آهيون. اهو سلسلو اڌ صديءَ کان جاري آهي.

    تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ بابت پنهنجن روين کي ڏسبو ته ايئن لڳندو جهڙوڪ اسان جي دشمنن اسان کي ستي پياري ڇڏي آهي. اسان هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي پاڻ خلاف سازش سمجهڻ لڳا آهيون، پر اهو محسوس نه ٿا ڪيون ته اسان پنهنجي منفي روين ۽ سوچن سان پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ سان ڪيتري نه دشمني ڪري رهيا آهيون. اسان جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو اهو سمجهندا بلڪ چوندا آهن ته ماضيءَ تي ڪم ڪرڻ، يعني تاريخ ۾ دلچسپي رکڻ قبرن کوٽڻ جهڙو اڪارتو ڪم آهي . ٻولي کي ڪاپاري ڌڪ ايوب شاهيءَ کان لڳڻ شروع ٿيو ۽ پوءِ منظم نموني سان پنهنجن توڙي پراون اسان جي ٻوليءَ جي جهولي خالي ڪرڻ شروع ڪئي. ثقافت کي اسان جي ڪن دوستن نچڻ ٽپڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. حالتن وري اسان کي اهڙو ته سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي جو وڏن شهرن ۾ اسان جي ٻولي ۽ ثقافت پنهنجي سڃاڻپ ۽ سماجي ڪارج وارو حق وڃائي ويٺي آهي.

    ماڻهن کي اها خوشفهمي آهي ته ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت جي ترقيءَ توڙي تحفظ لاءِ جيڪي ادارا جوڙيا ويا آهن، اهي ئي ٻوٽو ٻاريندا ۽ انهن جي موجودگي ۾ ماڻهن کي ڪک ڀڃي ٻيڻو به ڪرڻو ڪونهي. پر اهڙي آس رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. ڇو ته ڪيترائي سبب آهن، جن اسان جي انهن ادارن کي غير فعال بڻائي ڇڏيو آهي. انهن مان پهريون سبب هي آهي ته ڪي مخصوص لابيون انهن ادارن تي قابض آهن. انهن ادارن ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي اهليت پٽاندڙ مقرر نه ڪيوويندوآهي.پر ڪونه ڪو پنهنجو ماڻهو ٿاڦيو ويندو، پوءِ اهو ڇو نه اهڙو ۽ ايڏو جهور پوڙهو هجي جو روزانو پاڻ کڻائي اچي. ادران کي تباهه ڪرڻ جو ٻيو مثال ڪهڙو ملندو جو سرڪاري ملازمت ۽ عمر ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ به ڪن ماڻهن کي اهڙن ادارن ۾ رکيو وڃي ٿو . سولن لفظن ۾ هينئن چئجي ته اهي ماڻهو جيڪي عمر ۽ سگهه جي حوالي سان سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جهڙا نه رهندا آهن، انهن کي قومي ادارن مٿان نازل ڪيو ويندو آهي.ڪي ادارا ڪن ماڻهن لاءِ اهڙا ته مخصوص ٿي وڃن ٿا، جو انهن ماڻهن کي ور ور ڏئي انهن ادارن ۾ رکيو وڃي ٿو.

    ادارن جي غير فعاليءَ جو مکيه ڪارڻ هي به آهي ته اهڙن ادارن جا ملازم ادارن ۾ فقط نوڪري ڪن ٿا. اهو نه ٿا محسوس ڪن ته انهن ادارن ۾ سندن مقرري ڪنهن وڏي اعزاز کان گهٽ ڪانهي. هو انهن ادارن ۾ ملازمت نه بلڪ قوم جي خدمت جهڙي عبادت ڪن ٿا. عام ڪارڪن جي انهيءَ رويي ادارن کي وڏو ڇهيو رسايو آهي. منهنجي خيال ۾ صدر يا وزير اعظم پنهنجي عهدي جو حلف نه کڻي پر اهڙن ادارن جي معمولي کان معمولي ڪارڪن کي پاڻ سان وچن ڪرڻ گهرجي ته هن کي نڌڻڪي سنڌجي شاندار تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻي آهي.

    مون ”نڌڻڪي سنڌ“ جا لفظ انهيءَ ڪري ڪم آندا آهن جو ڪنهن سرڪار ، سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ تي جوڳو ڌيان ڪونه ڏنو آهي. بدقسمتيءَ سان اسان جي سڄي ساري هڪ نسل مارشل لا جي بدبودار ڇانو ۾ جنم ورتو ۽ پلجي جوان ٿيو آهي. اونداهي رات جهڙي اهڙي دور ۾ ڏسي وائسي اسان جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ کي نظر انداز ڪيو ويو. پر جيڪڏهن ڪا جمهوري حڪومت اقتدار ۾ اچي ٿي، ته اڳ واٽ منظم منصوبه بندي نه هئڻ ڪري تجربيڪار ۽ ڄاڻو ماڻهن جي ڪميءَ ۽ حريفن جي دشمنيءَ کي منهن ڏيڻ ۾ ايترو ته مصروف ٿي وڃي ٿي جو خاص طور تي اسان جي ٻوليءَ، ثقافت ۽ تاريخ تي ايترو ڌيان ڏئي نه ٿي سگهي . اهڙي حڪومت اڳ قائم ڪيل ادارن کي فعال بنائڻ يا انهن جي نئين سر انتظامي ترتيب ڏيڻ لاءِ وقت ڪڍي نه ٿي سگهي. اهڙي صورت حال ۾ جيڪڏهن ڪنهن حڪوممت هڪ ادارو قائم ڪيو ته پوءِ اهو ڪهڙي ڪم جو؟ ڇو ته ادارن ٺاهڻ سان نه پر ادارن کي فعال بنائڻ سان مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا.

    سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ تي انهيءَ ڪري ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي جو اڳ ۾ ڪم ٿيو ئي ڪونهي. اسان وٽ ڪم ايئن ٿيو آهي جو اسان جي تاريخ جي سڃاڻپ مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. مثال طور”مهين جو دڙو“ جي نالي کي وٺو. اهو دڙو هندن جو ڪونهي جو انهن کي ”موهن جو دڙو “ چئجي. اهڙيءَ ريت ان کي مسلمان ڪو نالو ”موئن جو دڙو“ به ڏئي نه ٿو سگهجي.جيڪڏهن اهو مري ويلن جو دڙو آهي ته پوءِ جهڪر جي دڙي، ڪاهوءَ جي دڙي ۽ ٻين دڙن کي موئن جو دڙو ڇو نه چئجي؟ اهڙيءَ ريت اسان جي تاريخ کي بگاڙيو پيو وڃي. ۽ ڪنهن به اقتدار ڌڻي يا عوامي نمائندي طرفان احتجاج نه ٿئي ته پوءِ ان کي سرد مهري ۽ بيحسي نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي؟اڌ صديءَ جو عرصو گذري ويو آهي. انهيءَ عرصي دوران ٻيو نه ته سنڌ ۾ ” تاريخ جي ترتيب ۽ تحفظ“ جو ادارو قائم ٿيڻ گهربو هو. پر اڃا وقت ويو ڪونهي. ڇو ته قومن ۾ جڏهن وقت جي زيان جو احساس پيدا ٿيندو آهي، تڏهن اهي مثبت قدم کڻڻ سان ان جو ازالو ڪري سگهنديون آهن. جيڪڏهن حڪومت وارا سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ڪري سگهن ٿا ۽ سنڌ آرڪائيوز قائم ڪري سگهن ٿا ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو خاڪو چٽي سگهن ٿا ته ” سنڌ جي تاريخ جي ترتيب ۽ تحفظ جو ادارو“ به قائم ڪري سگهجي ٿو . اهڙيءَ ريت اڳ ۾ قائم ڪيل ادارن کي پڻ فعال بنائڻ لاءِ اپاءَ وٺي سگهجن ٿا .

    نڌڻڪي سنڌ جي شاندار تاريخ، ٻولي ۽ ثقافت تي ان وقت تائين بهتر ڪم ٿي نٿو سگهي، جيستائين علمي ۽ قلمي دنيا سان لاڳاپيل اسان جي افرادي قوت ان ڏس ۾ پنهنجي ذميوارين کي محسوس نه ٿي ڪري. ڇو ته عوام جي روين بدلائڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته علم ڌڻي پنهنجي روين کي بدلائين.اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن تاريخ ۽ تحقيق کي به اسان جي علمي ۽ قلمي ماحول ۾ معتبر ۽ با مقصد قلمي پورهيو ڄاتو وڃي.

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

     

    تاريخ : 7.11.1995)

     

     

     

  • 14. خبر ٻڌ سڄڻ ،او! اڙي بي خبر

    خبر ٻڌ سڄڻ ، او! اڙي بي خبر

    اقتدار ڌڻين مان ٻن ساٿين هڪ ٻئي کي حال اوريندي چيو ته

    ”ڳجهيون هدايتون مليون آهن ته دهشتگردن اندرون سنڌ ڏي منهن ڪيو آهي، ان ڪري اسان کي اٿڻ ويهڻ ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي، ڇو ته متان اهي دهشتگرد ڪٿي اسان کي نه نشانو بڻائن .“ مون جڏهن اها سُس پُس ٻڌي ته اهڙي ڳالهه کي اقتداري ڌر جو روايتي بهانو ڄاتم. سوچيم ته ماڻهن جا ڪم ڪونه ٿا ٿين، ان ڪري انهن کي بچڻ جو اهو هڪ بهانو آهي. نه ڪوئي وس وارو ٻاهر نڪرندو ۽ نه ڪوئي بي وس ماڻهو دانهون ڪندو.

    پر پوءِ اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيڻ لڳيون ته ” ڪي پناهه گير ڪراچي مان لڏي اندرنِ سنڌ آباد ٿيڻ لڳا آهن“اهي خبرون مختلف هنڌن ۽ ضلعن کان اچڻ لڳيون. اهڙين خبرن تي هنڌين ماڳين تبصرا ٿيڻ لڳا.ڪنهن ڪيئن ٿي چيو ته ڪنهن ڪيئن ٿي چيو. جيترا وات اتريون ڳالهيون ٿيون . پر هر ڪو تبصرو اسان جي سادگيءَ جو مظهر پيو محسوس ٿئي. ايئن ٿو لڳي ، جهڙوڪ خوش فهمين جا خواب ڏسي رهيا آهيون يا پنهنجي”حال“ خواهه ”مستقبل“ لاءِ دنيا جهان وانگر سوچيون ئي نه ٿا.

    اسان اڃا سائنسي ۽ منطقي انداز سان سوچڻ ئي شروع نه ڪيو ته وري اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيڻ لڳيون. هڪڙي خبر ڇپي ته ” ڪراچي مان ڀڄي يا لڏي ايندڙ ماڻهن وٽ رات جون گاڏيون اچن ٿيون ، هي گاڏيون هڪ خيراتي اداري جون آهن .“

    اها خبر پڙهڻ سان مون کي اندرون سنڌ جا اهي وڏيرا ياد اچي ويا، جيڪي ڏوهاري ماڻهن کي ڪنهن نه ڪنهن هلڪي ڦلڪي ڏوهه ۾ لاڪپ ڪرائي پوءِ رات جو کين پنهنجين گاڏين ۾ کڻي وڃي ڏوهه ڪرائيندا آهن. جيڪڏهن ڏوهه دوران انهن مان ڪنهن کي ڪو کڻي سڃاڻي به ، ته به هن جي شاهدي ڪوڙي ٿي پئي. ڇو ته ڏوهي سرڪاري طور تي لاڪپ ۾ بند هئو.

    جڏهن حڪومت دهشتگردن جي وٺ پڪڙ ۾ مصروف هجي ۽ ڪي ماڻهو ڪراچي ڇڏي اندرون سنڌ ۾ اچن ۽ رات جو ڳجهيءَ طرح ڪوئي ساڻن رابطو قائم ڪري يا هنن ڏانهن گاڏيون اچن ته هن سموريءَ صورت حال کي ”انڊر گرائونڊ تحريڪ بلڪ منظم تخريبي تحريڪ “

    جو هڪ پهلو چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو .

    جيڪڏهن ڪراچيءَ جي صورت حال تي کڻي مختلف رايا قائم ڪجن، ايئن چئجي ته اهو سڀ ڪجهه اقتداري پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جو پاڻ ۾ سالن جي دوستيءَ ۽ دشمنيءَ جو نتيجو آهي يا حزب اختلاف جي سياسي چال آهي. بين الاقوامي سازشن جو پڙاڏو آهي يا سنڌ دشمنيءَ جي صورت آهي، يا وري ايجنسين جي عنايت آهي. اهي سمورا سبب هجن يا انهن مان ڪو به هڪ سبب هجي. پر جنهن ڳالهه تي سنڌ واسي تشويش ظاهر ڪري سگهن ٿا. اها دهشتگردن جي منظم حڪمت عملي آهي. هنن پنهنجي ويڙهاند جو آغاز اهڙيءَ ريت ته ڪيو آهي جو خارجي طور تي انهن کي ٻاهرين حڪومتن جو آشيرواد حاصل ٿي چڪو آهي۽ داخلي طور تي اهي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندي به سنڌين جي نفرتن کان آجا رهيا آهن. سنڌ واسين جي وڏي اڪثريت جهڙوڪ هن سڄي جهيڙي ۾ غير جانبدار ٿي چڪي آهي. ٿورا سياستدان ۽ اديب آهن، جيڪي فقط بيانن تي گذارو ڪري، پنهنجي ڌرتيءَ جو قرض لاهي رهيا آهن.

    دهشتگردن وڏي هوشياريءَ سان الائي ڪيترن ملڪن جون همدرديون حاصل ڪري ورتيون آهن. هو افغانستان کان اسلحو وٺن ٿا ۽ افغانستان کان اسلحي نه وٺڻ واري معمولي ڌمڪي تي ئي افعانستان کي پريشان ڪري سگهن ٿا . ان ڪري افغانستان جا حڪمران هنن جي چوڻ تي پاڪستان حڪومت ۽ جهڳڙالو ڌر جي وچ ۾ ”امين“ جوڪردار ادا ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا . هنن ڀارت ۽ پاڪستان جي ازلي دشمنيءَ مان فائدو وٺي ڪراچيءَ جون حالتون ڪشمير جي حالتن جهڙيون بڻائي، ڀارت جي همدردي حاصل ڪري ورتي آهي. اهڙيءَ طرح ڪي ملڪ جمهوريت جي نالي ۾ ته ڪي ملڪ انساني حقن جي اوٽ ۾ ته ڪي وري دنيا جي نئين جوڙ جڪ جي خفت ۾ جهڳڙالو ڌر کي هنج ۾ ويهارڻ ڀلو ڄاڻن ٿا. اهڙي حيثيت يا منزل ماڻڻ ۾ جهڳڙالو ڌر جي سياسي بصيرت، معامله فهمي ۽ منظم حڪمت عملي جو وڏو عمل دخل آهي.

    هيءَ حالتن ۽ حادثن جي ستم ظريفي، اسان جي دانشورن جي خواب خيالي ۽ اسان جي مدبرن جي بصيرت کان وانجهائپ ئي آهي، جو ظالم گروهه پاڻ کي دنيا جهان ۾ مظلوم ڌر ثابت ڪري سگهن ٿا.ٻاهرين حڪومتن ۽ قومن جي مزاج ۽ مجبورين مان فائدو وٺي سگهن ٿا. حڪومتن کي پنهنجي مرضيءَ واري ”وقت“، ”جاءِ“ ۽ ”حالتن“ مطابق ڳالهين ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهن ٿا، پر اسان هر ڪنهن ڌر کان سڀ ڪجهه لٽائيندي به خوش آهيون ۽ خاموش آهيون. جيڪڏهن دهشتگرد سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪن، ته به اسان خاموش آهيون، جيڪڏهن اسان ” مرڪزي ڪردار“ هوندي به ڳالهين ۾ شامل نه هجون ته به خوش آهيون.اسان ڪنهن تي به ڪنهن به قسم جي نظر رکڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون. پوءِ ڇو نه ڪو دهشتگرد اچي اسان جي پاڙي ۾ آباد ٿئي.

    هن کي بدنصيبي نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي جو هڪڙي سياسي پارٽي 1985ع ۾ قائم ٿي ۽ ڏهين سال ۾ دنيا جهان کي پاڻ سان ملائي الڳ ۽ آزاد ٿيڻ جي ڳالهه ڪري. ٻئي طرف اسان آهيون جو اڌ صديءَ گذرڻ بعد به عقل ڪونه آيو اٿئون. پنهنجي وجود جو ته رهيو پري پر پنهنجي تشخص جو ڪيس به ٺاهي نه سگهيا آهيون.

    پي . پي دؤر ۾ حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ ٺاهه ڳالهين دوران ايم ڪيو ايم وارن پنهنجن مطالبن کان علاوه حڪومت اڳيان ايڪيهن مثالن وارو ” مظلوميت وارو داستان“ پيش ڪيو ۽ حڪومت کي چيو ته اوهان اسان تي هي ۽ هيترا ظلم ڪيا . ڇا سنڌ جي ڪنهن به سرڪاري، نيم سرڪاري اداري، ڪنهن سياسي پارٽي يا تنظيم وٽ اهڙا انگ اکر آهن، جن مان معلوم ٿئي ته :

    (1) پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين سنڌ واسين کي ڪيتريون نوڪريون ملڻ گهربيون هيون ۽ انهن مان ڪيتريون مليون آهن؟

    (2) ڪوڙن ڪيلمن جي نالي ۾ سنڌ واسين کي ڪيتريءَ جائداد ۽ ملڪيت کان محروم ڪيو ويو؟

    (3) سنڌ جي زرعي زمين انهيءَ عرصي دوران سنڌين کي ڪيتري ملي ۽ ٻين کي ڪيتري ملي.

    (4) ريڊيو ،ٽي وي ۽ ثقافتي ادارن مان سنڌين کي ڪيترو ونڊ مليو ۽ ٻين ڪيترا جهول ڀريا؟

    (5) سرڪاري خرچ ۽ اسڪالرشپ تي ڪيترن سنڌين کي غير ملڪي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن مان تعليم ملي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ٻين کي ڇا هڙ پلئه پيو؟

    (6) سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ٻين صوبن جا ملازم، مزدور ۽ پورهيت هر سال ڪيترو ناڻو ڪمائي پنهنجي گهر موڪلين ٿا؟

    (7) هر دور ۾ سياسي انتقام جو نشانو بڻائي ڪيترا ۽ ڪهڙا سنڌي ماڻهو جيلن ۾ وڌا ويا؟

    (8) اسان جا ڪيترا ۽ ڪهڙا ڳڀرو جوان وڏن شهرن ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿيا ؟

    (9) اسان جا ڪيترا ۽ ڪهڙا ماڻهو ڌاڙيلن هٿان کڻايا، ماريا ۽ لٽيا ويا؟

    (10) سنڌ ۾ شروع کان وٺي ايجنسين ۽ ٻين اهلڪارن اسان تي ڪهڙا ڪهڙا احسان ڪيا؟

    (11) صنعت ، زراعت ۽ حرفت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اسان کي ڪڏهن ۽ ڪيترا قرض مليا ۽ ٻين تي ڪيتريون نوازشون ٿيون؟

    (12)سنڌ جا ڪيترا صاحب لوڪ ٻين صوبن ۾ عملدار ٿي رهيا ان جي ڀيٽ ۾ ويچاريءَ سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڪيترن ماڻهن کي عهدا ، رتبا ، زمينون ۽ پلاٽ مليا ؟

    اسان جي دانشورن ، مدبرن ۽ خير خواهن کي اهي ڳالهيون سوچڻ گهرجن ۽ سنڌ جو ڪيس تيار ڪري مختلف محاذن تي وڙهڻ گهرجي ۽ سنڌ واسين کي هوشيار ڪرڻ گهرجي . هن ڪم ۾ دير ٿي ته اسان سان وڏو انڌير ٿي ويندو . اسان جو مقدر مٽجي ويندو ۽ سنڌ جي جاگرافي بدلجي ويندي .

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،تاريخ : 25.07.1995)

     

     

     

  • 13……. واٽون ويهه ٿيون

    واٽون ويهه ٿيون………….

     

    اوهان ڪنهن اديب ۽ دانشور سان ملو، هن کي دانهون ڪندي ٻڌندا ته قوم کيس پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار ڪونهي. اوهان ڪنهن سماجي ڪارڪن سان ملو، هو اوهان سان شڪايت ڪندو ته چڱي ڪم ۾ هن سان ڪو به ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. اوهان سچي ۽ سٺي استاد سان ملو هو ، روئي اوهان کي ٻڌائيندو ته هن جا شاگرد پڙهڻ لاءِ تيار ڪونهن. اوهان ڪنهن سياستدان جي مٿي تي قرآن رکي کانئس سچي ڪرايو، هو ڪوڙي کل گاڏڙ موٽ ڏيندو ته پيو ٿو ڪم هلائجي. اوهان ڪنهن صحافيءَ سان ملو، هو اوهان سان شڪايت ڪندو ته کيس ڪوڙين خبرن، تعارفي ليکن ۽ پريس رليز شايع ڪرڻ لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي.

    مطلب ته معاشري ۾ ذهني ۽ فڪري تبديلي آڻيندڙ سمورا فرد خوش ڪونه آهن، بلڪه روز به روز مايوسي ۾ وڪوڙبا پيا وڃن. هن صورتِ حال کي ڇا چئجي؟ اسان ڪٿي پهتا آهيون ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟ هيءُ ئي مناسب وقت آهي ته پاڻ انهن سوالن جا جواب تلاش ڪري وٺون.

    پهرين ڳالهه اسان کي جيڪا ذهن ۾ رکڻ گهرجي اها هيءَ آهي ته اهڙي پريشاني ۽ مايوسي انهن ماڻهن کي ٿئي ٿي، جيڪي ذهني ۽ فڪري طور تي عوام منجهان آهن ۽ عوام لاءِ آهن. يعني جن وٽ سوچون ۽ لوچون ته آهن پر کين ذريعا ۽ وسيلا ڪو نه آهن. اهو ئي طبقو عوام جي بي حسي ۽ پنهنجي بي وسيءَ کي محسوس ڪري ٿو ۽ مايوسيءَ واري موڙ تي پهچي ٿو. باقي اسان جو مٿيئون طبقو نه اهڙي ڳالهه سوچي ٿو ۽ نه وري اهڙي لوچ رکڻ جي خواهش رکي ٿو. اسان جو ”اپر ڪلاس“ اها آسماني مخلوق آهي، جيڪا ڌرتيءَ جو کائيندي به ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جي دل ۽ درد کان وانجهيل آهي.ڪو مري يا جيئي اهو هن جو مسئلو ڪونهي. ادارا تباهه ٿين ٿا، قدر زوال پذير ٿين ٿا، ٻولي ۽ ثقافت تباهه ٿين ٿيون ، اهي هن لاءِ ڇرڪائيندڙ اشارا ٿي نٿا سگهن. ان جي برعڪس اسان جي اهي وڏا اڪثر حالتن ۾ عوام سان منافقي ئي ڪندا. اسان کي ”سنڌي ٻولي“ پڙهڻ ۽ سکڻ جو تاڪيد ڪندا ۽ اسان ۾ ٻولي بابت شاونزم تي ٻڌل سوچون پيدا ڪندا ته جيئن اسان اتي ۽ انهيءَ موڙ تي مارون کائيندا ۽ مٿا ڦاڙيندا رهون ۽ هنن جا ٻار انگريزي ۽ ٻيون ٻوليون پڙهي وڏا وڏا ڪامورا بڻجي سگهن . اهي ماڻهو اسان کي سنڌيت پڻو سيکاريندا، پر پاڻ لساني ۽ ثقافتي حد دخليون ٽوڙي شاديون مرادون،دوستيون ۽ دنيا داريون دنيا جهان، بلڪه عوام دشمن قوتن سان ئي رکندا. اهوطبقو جيڪو اسان کي بيوقوف ڪرڻ کي ئي سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، ۽ جنهن جي هٿان اسان صدين کان بيوقوف بڻبا رهون ٿا، تنهن ۾ قومي ۽ عوامي سوچ ۽ لوچ جي تلاش ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي.

    عوام جي اها ذهني خواهه فڪري تبديلي آڻيندڙن جي مايوسي،جنهن جي شروعات ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي، اها درحقيقت پريشان ڪندڙ صورتِ حال ڪانهي.اسان نه موٽڻ واري موڙ تي ڪونه پهتا آهيون. بلڪه هي صورت حال اسان کي وڌيڪ سوچڻ ۽ لوچڻ جي دعوت ڏئي ٿي.

    صدين کان وٺي ” اپرڪلاس“ جي منافقي، استحصال، ظلم ۽ ذيادتيءَ کي سهندي ۽ ڏسندي عوام کي هاڻي يقين ٿي چڪو آهي ته مذهب، سياست ۽ سماجي ڀلائي جي نالي تي هن کي هر دور ۾ دوکو ڏنو ويو آهي. ان ڪري جڏهن به عوام جي ڀلائي جي ڳالهه ڪبي، ذهني ۽ فڪري تبديلي آڻڻ جي ڳالهه ڪبي ،ذهني ۽ فڪري تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪبي ته ٻن سببن ڪري، ان جي موٽ نه ملندي. ان جو پهريون سبب هي هوندو ته عوام ”تاريخي نفسيات“ پٽاندڙ شروع ۾ شڪ، بي حسي ۽ غير دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪندو. هن جي غير دلچسپي کي بيحسيءَ جو روپ تڏهن ٿو ملي، جڏهن هن کي اها پڪ ٿي ٿئي ته اسان لاءِ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ اسان يعنيٰ عوام وانگر بي پهچ ۽ بي وس آهي. هو ذريعن ۽ وسيلن کان خالي آهي ۽ هن وٽ ڪو به اهڙو علاءُ الدين جو ڏيئو ڪونهي ، جنهن سان ويٺي ويٺي دنيا بدلائي ڇڏي.

    اسان جي حالتن ۽ اسان جي تعليم عوام کي خوشحالي واري تبديليءَ جو ” مادي روپ“ ئي ياد ڪرايو آهي. ان ڪري عوام تبديلي مان مراد ڌن، دولت، نوڪري، بنگلو ۽ گاڏي وغيره سمجهي ٿو. عوام ان کي ئي زندگيءَ جو مقصد بڻائي چڪو آهي.اهڙي صورت حال ۾ ڪنهن دانشور بدران دنيا جي دجال کي ئي مقبوليت ملي ٿي . ڇو ته هن جي هٿ ۾ اَنُ هوندو ، ماني ڀور هوندو ۽ ڌنُ هوندو. ان هوندي به ڪنهن عوامي استاد، اديب ،صحافي، شاعر ، عالم، سماجي ڪارڪن ۽ سياسي ڪارڪن کي مايوس ٿيڻو ڪونهي، بلڪ پنهنجي فڪري ۽ نظرياتي جنت جي ڌنڌلي عڪس کي چٽي ڪرڻ لاءِ کيس ڪلاسيڪل ادب ۽ ثقافت جو سهارو وٺڻو پوندو. هنن کي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻي پوندي ته کيس جنگ جو ميدان ۽ ماحول پيدا ڪرڻو ڪونهي، بلڪ پيار، محبت، خلوص، ايثار، همدردي، وفا ۽ ٻين اهڙن ڳڻن خواهه لڇڻن جي تبليغ ڪرڻي آهي، جنهن مان ماڻهپي ۽ انسانيت جا گل ڦٽي نڪرن . جنهن مان ”مادي غرض “ بدران ”نظرياتي محبت“ عام ٿي سگهي. مارئي مثل اهڙا ماڻهو پيدا ٿي سگهن، جيڪي سيڻ ۽ سون ۾ فرق ڪن، جن کي محل ۽ ماڙيون متاثر نه ڪن. جن کي ڪوٽ ۽ ڪڙا ڊيڄاري نه سگهن ۽ جيڪي هڪ ئي وقت ” پکن ۽ پنهوارن“ سان محبت ڪري سگهن. اهو عوامي سوچ ۽ لوچ رکندڙ انسان جو امتحان آهي. هن کي اتان ڪم کڻڻو آهي، جتي شاهه، سچل ۽ ساميءَ ڇڏيو هو.

    عوام دوست ڏات ڌڻيءَ ۽ سوچ ۽ لوچ رکندڙ انسان کي اهو به ڏسڻو پوندو ته هن وقت اسان کي اهو يقين رکڻ گهرجي ته عوام جڏهن ”اپر ڪلاس“ کان مايوس ٿيو آهي، تڏهن ان جي بيحسي ئي ڪم ڪندڙ لاءِ وڏي خزاني ۽ وڏي موقعي برابر آهي. ان ڪري موقعي کي مايوسي ڄاڻڻ پاڻ تان ۽ پنهنجي عوام تان ايمان کڻڻ برابر ٿيندو. جڏهن جڏهن به واٽون ويهه ٿي وڃن، تڏهن تڏهن ايئن سوچڻ گهرجي ته پاڻ کي ۽ پوري قوم کي دڳ، رستي ۽ پيچري جي تلاش آهي. رستو اهو ئي لهندو آهي، جيڪو خاموش نه ويهندو آهي ۽ منزل طرف وڌندو آهي . ها هيءَ ڳالهه برابر آهي ته عوام دشمن قوتن جو تعداد وڌي ويو آهي ۽ هر ڪنهن قوم کي پنهنجي دڳ تي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر اچو ته اسان پاڻ کليا ڪتاب ٿي پئون ۽ پنهنجي قؤل ۽ فعل جي سچائيءَ سان عوام دشمن قوتن کي ڪوڙو ثابت ڪيون .اچو ته محبت، خلوص، ماڻهپي ۽ سچائيءَ جي موڙ تي بيهي عوام کي سڏ ڏيون . پڪ ڄاڻو ته عوام انهيءَ آواز تي لبيڪ چوندو، هڪ هنڌ تي گڏ ٿيندو ۽ ايئن ويهن واٽن کي رد اچي ويندو .

     

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 7.03.1995)

     

     

  • 12. دوکو ناهي دل جو دارون

    دوکو ناهي دل جو دارون

     

    اڄ اهو دؤر اچي ويو آهي، جو جيڪڏهن ڪنهن سان ڪنهن کي چڱائي ڪرڻي هوندي ته پهريون ادب سان هٿ ٻڌي پڇڻو پوندس ته ” سائين يا سانئڻ ! ڇا مان اوهان سان چڱائي ڪيان؟“ جيڪڏهن هن اهڙي اجازت نه ورتي ته بدن تي کل ئي نه هوندس. اڳي چيو ويندو هو ته ”چڱائي ڪري درياهه ۾ لوڙهجي“ پر هاڻي روايتون بدلجي چڪيون آهن. هاڻي چڱائي ڪري ان کي نه پر پاڻ کي لوڙهن گهرجي ڇو ته خيريت ان ۾ ئي آهي.

    اسان جي قوم نفسياتي طور تي انهيءَ صورت حال کي ڇو پهتي آهي؟ چڱائي ڪندي هٿ ڇو ٿا سڙن؟ اوهان جيڪڏهن ڪنهن سان پيار ۽ خلوص سان هلندا ته هو اوهان سان نفرت ڪندو، ايئن ڇو ٿو ٿئي ؟ ڀلائي ڪندي موٽ ۾ برائي ڇو ٿي ملي؟ ٽن صدين کان وٺي اسان ان چڪڻ مان نه چڙهيا آهيون.لاکيڻي لطيف به دانهون ڪيون هيون ته ” اوڳڻ رسي سڀڪو، ڳڻين پرين رٺام“ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي اها سٽ ٻڌائي ٿي ته اسان ڳڻائتن جا دشمن ٿيندا آيا آهيون. اسان چڙندا آهيون ته چڱائي ڪرڻ تي ناراض ٿيندا آهيون ته ڀلائي ڪرڻ واري تي ! اسان جي ريت ئي عجيب آهي. جيڪو اسان سان دوکو ڪري اهو اسان جو خير خواهه آهي. جيڪو اسان جو استحصال ڪري، اهوئي اسان جو محسن آهي. اسان ڳڻ چور آهيون ۽ اسان جي دل جو دارون فقط ۽ فقط دوکو آهي. دوکي بنا اسان کي قرار ئي نه ٿو ملي.

    قوم جي انهيءَ سوچ کي ڪير بدلائيندو؟ هي ڪم اهوئي مٿي تي کڻڻ گهرندو، جيڪو دوکو کائڻ ۽ دوکي ڏيڻ جي خلاف هوندو. جيڪو چڱائي کي چڱائي ۽ مندائي کي برائي ڄاڻيندو. جيڪو خود-فريبي ۽ قوم فريبي ۾ ايمان نه رکندو هوندو. قوم کي ته قوم دشمن قوتن انهيءَ ڏاڪي تي اچي بيهاريو آهي. ان ڪري هي ڪم فقط ۽ فقط قوم جا خير خواهه ئي ڪري سگهن ٿا. اسان جي قوم اهڙي درياهه ۾ لڙهي رهي آهي، جنهن جو هڪ ڪنارو ڏوهه پرستي ته ٻيو ڪنارو خود فريبي آهي . درياهه کي اهي بند ڌرتيءَ يا ڌرتيءَ ڌڻين پاڻ ڪونه ٻڌا آهن.اهي حالتن ۽ حادثن جا جوڙيل بند آهن. اهي ٽٽي سگهن ٿا ۽ اهي ٽوڙي سگهجن ٿا. انهيءَ لاءِ عقل جو ڪوڏر ۽ همت جي بيلچن جي ضرورت آهي. انهيءَ سوچڻ ۽ لوچڻ جي ضرورت آهي ته ته قوم کي انهيءَ قيد ۾ ڪنهن بند ڪيو آهي. اُهي ڪهڙا محرڪ، محور ۽ مرڪز آهن جن اسان جي نفسيات کي اهڙو انوکو ۽ عجيب روپ ڏنو آهي.

    هن صورتِ حال جي قائم ۽ دائم رکڻ ۽ رهڻ جو پهريون ۽ بنيادي سبب اهو آهي ته قومي نفسيات جي ماهرن هن مسئلي کي مستقل طور تي سنگين مسئلي جي حيثيت ۾ نه کنيو آهي. شاهه ، سچل، سامي ۽ ٻين دانشورن هن مسئلي تي ضروري توجه ڏنو، پر ٻين انهيءَ جو تسلسل قائم نه رکيو . جيئن هر درد جي دوا ٿئي ٿي، تيئن هن مسئلي جو به حل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو.

    اسان جي انهيءَ قومي نفسيات ان ڪري دائمي درد جي صورت ورتي آهي، جو صدين کان وٺي عام ۽ عوام کي ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن سياست، ڪڏهن ثقافت ته ڪڏهن علم ادب جي نالي تي ايترا ته دوکا ڏنا ويا آهن، جو هاڻ جيڪو قوم کي هن خود فريبيءَ جي طلسم مان ڪڍڻ گهري ٿو ته سندس ڪوشش کي به شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ڪنهن قوم سان چڱائي ڪئي هجي ته قوم کي به ڪڏهن چڱائي تي اعتبار اچي .اهم سبب هي به آهي ته اسان جي مٿئين طبقي چڱائي ۽ خلوص جي اهڙي ته مٽي پليت ڪئي آهي جو ماڻهن جو چڱائي ڪرڻ تان ارواح ئي کڄي ويو آهي. جڏهن به نيڪي، چڱائي، خيرخواهي، سچائي خلوص۽ قرباني ، مطلب هر ڳڻ کي سرڪاري ، درٻاري، نوڪر شاهي ۽ وڏيرا شاهيءَ جي دروازي تي وٺي وڃبو ته اهي ڳڻ اتان ننگا ، لنگڙا ۽ لولا ٿي موٽندا. ان ڪري حقيقت ۾ اسان مان ڪيترا ماڻهو حقدارن بدران ڳڻن کي حق غضب ڪندڙن جي در تي وٺي وڃن ٿا۽ اتان پاڻ توڙي ڳڻ بي مهتا ٿي موٽن ٿا. اهڙن ڳڻن جو حقدار عوام آهي ۽ اهي عوام لاءِ ئي آهن. اهي عوام دشمن قوتن لاءِ قربان ڪبا ته مايوسيءَ کانسواءِ ڪجهه به هڙ پلئه نه پوندو.

    ڳڻن تان ارواح ان ڪري به کڄي ويندو آهي جو انهن جي چهري تي ڪنهن نه ڪنهن لالچ يا غرض جو ٺپو هنيو ويندو آهي. اسان پاڻ جڏهن ڳڻن جا چهرا داغدار ڪنداسين ته پوءِ انهن کي عوام وٽ قبوليت ڪيئن ملندي؟

    اسان جون دليون جيڪي ڌڻي ڄاڻي ته الائي ڪيترين صدين کان دوکي کي دارون ڄاڻينديون اچن ٿيون، انهن کي دلاسي ۽ درست دوا جي ضرورت آهي. اسان کي انهيءَ اعتماد جي ضرورت آهي، جيڪو پاڻ تي يقين ۽ ٻئي تي اعتبار ڪرڻ جي سگهه ڏئي. اسان کي انهيءَ اعتماد جي ضرورت آهي، جنهن ذريعي اسان قدرن،نظرين ۽ اصولن جي منهن مٿي ڪرڻ لاءِ مالي ۽ جاني قرباني ڏئي سگهون. اسان جيڪڏهن هن موڙ تي ناحق، برائي ۽ اوڳڻن خلاف نفرت جي جذبي کي اڀاري سگهون ته عوام دوکي کي دل جو دارون ڄاڻڻ ڇڏي ڏئي. اسانکي پنهنجي قول ۽ فعل سان اوڳڻن جي ندا ڪرڻي پوندي ۽ عوام جي دلين جا تالا ٽوڙڻا پوندا. ماڻهو جيڪو ڪجهه محسوس ڪن ٿا، ان جو ڀرپور اظهار به ڪري سگهن. جيڪڏهن عوام کي اظهار جو موقعو مليو ته هو ڀلائي ۽ برائي، ظلم ۽ رحم، اوندهه ۽ روشني مطلب ته سمورن تضادن ۽ انهن جي فرق کي محسوس ڪري وٺندو اهڙيءَ حالت ۾ ئي هو دوکي کي دارون نه ڄاڻندو.

    (ڪالم ”ڌرتي – ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 18.04.1995)