Category: DR PATHAN-ARTICLES

  • ٻه لفظ

    ٻه لفظ، (ڪتاب وڇوڙين وايون 17 آڪٽوبر 1985)

     

     

    در محمد پٺاڻ

    عام طور تي انسان ۽ ڪائنات لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته اهي چئن عناصر يعني باهي پاڻي، مٽي ۽ هوا جو مرڪب آهن. سائنسدان ڀلي ته انهيءَ راءِ سان متفق نه ٿين، پر نفسيات جا ماهر اها ڳالهه ضرور مڃيندا ته انسان جي طبيعت ۾ ڄڻ باهي پاڻي، مٽي ۽ هوا جو اثر ڀريو پيو آهي. آءُ ته اهو به چوندس ته انسان جي سموري ڄمار انهن چئن عناصرن جيان گذري ٿي:

    باهه جهڙي جهلڪ هو تڏهن ڏئي ٿو، جڏهن پاڻ جهڙي انسان سان الفت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پاڻي تڏهن بڻجي وڃي ٿو جڏهن دنيا جي لالچ ۽ طمع کيس حيثيت ۽ هيئت مٽائڻ جو عادي بڻائي ڇڏي ٿي. مٽيءَ جي ڏک تڏهن ڏئي ٿو، جڏهن ڌرتي ماتا سان رشتو جوڙي ٿو. اهو جهڙو ان وقت بڻجي پوندو آهي، جڏهن اڻ ڏٺيءَ طاقت جي آڻ مڃي اشرف المخلوقات ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. انهيءَ حساب سان انسان پنهنجي سوچ ۽ عمل ذريعي انهن ئي برجن يا دلبر، دنيا، ڌرتي ۽ ڌڻي جي دائرن ۾ گهمندو رهي ٿو. اڄ جو سنڌي ڏات- ڌڻي ڪهڙن برجن ۾ آيو؟ ان جو اندازو لڳائڻ نه صرف دلچسپي کان خالي ڪونهي، پر اهم به آهي. اهم انڪري جو خبر پوندي ته معاشري جي سوچ کي لوچ ۾ بدلائيندڙ طبقو پاڻ ڪهڙي حال ۾ آهي ۽ هو پنهنجي ذهني خواهه فڪري رهبري ڪهڙي ڏس ۾ ڪري رهيو آهي. آئون محترم ڪرم جي شاعريءَ جو مطالعو به انهي ئي زاويئي کان ڪريان ٿو.

    الف: دائرو پهريون- دلبر

    چيو وڃي ٿو ته “انسان” لفظ جو بنياد “انس” آهي. جنهن جي معنيٰ آهي پيار، محبت ۽ خلوص انهيءَ لفظي نسبت سان انسان مجبور آهي ته هو ڪنهن کي پيار ڪري ۽ ڪوئي هن سان پيار ڪري. اهو پيار جڏهن ڪنهن فرد واحد لاءِ مخصوص ٿي وڃي ٿو ته “مجاز” سڏجي ٿو ۽ پوري قوم ۾ ورهائجي وڃجي ٿو ته “وطن دوستي” جو نالو وٺي ٿو. پر سماجي حالتن، طبقاتي ڇڪتاڻ اوچ نيچ ۽ ذات پات جي رنگ ۾ رتل اسان جي معاشري ۾ اسان جي پيار جا جذبا جيڪو روپ وٺندا آهن. ان جي اجتماعي جهلڪ ڏسڻي هجي ته لطيف سائين جي هن آواز تي ڪن ڏجي:

    “پسو پکيئڙن، ماڻهئان ميٺ گهڻو”!!!

    اهڙي نموني سان اسان جي پيار جي انفرادي جهلڪ به عجيب قسم جي هوندي آهي. بنهه يڪطرفي بقول ڪنهن جي ته:

    “توکي پنهنجا خيال گهڻا، مان ليکي ۾ ئي ناهيان.”!!

    انسان جي معاشري جو هرڪو انسان اڪيلو آهي. ڪن مجبورين ۽ ضرورتن پاڻ ۾ ڳنڍي رکيو آهي، نه ته “ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي الهيار” واري چوڻي بنهه ٺهڪي بيهي ٿي. جنهن معاشري ۾ مڙس زال کي، والدين اولاد کي، استاد شاگرد کي، وڏو ننڍي کي، امير غريب کي، جوان پوڙهي کي ۽ اڇو ڪاري کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهي، اتي ڪير ٿو ڪنهن کي توجه ڏئي؟ اهڙيون حالتون انساني نفسيات کي انوکو موڙ ڏيندو آهن ۽ هرڪو ماڻهو توجه جي مرڪز بڻجڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر جيڪڏهن ڪو ڏانهس متوجه ٿيندو آهي. ته هي ٽانءَ ڀريو سانڀر بڻجي ڪنهن کي وٺ ئي ڪرڻ نه ڏيندو آهي. ان ڪري هتي مار اهو ئي کائي ٿو جو ڪنهن ٻئي ڏانهن متوجه ٿئي ٿو. محترم ڪرم تجربي جي انهي بٺيءَ مان جيئن پچي نڪتو آهي، تنهنجي پوري تصوير سندس شاعري ۾ ملي ٿي. ڪنهن تشريح کان سواءِ سندس اهڙي ڪلام مان ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:

    آغاز

    سانڍي رکيم ساهه، سڃر سور سپيريان،

    اندر نڪتي آهه، وڇوڙين وايون بڻي،

    اثر

    پرين پير وڌاءِ، چمان تان چڱي ٿيان،

    ويڄن وس نه پاءِ، ستين سينو ساڙيو،

    شڪايتون

    ڪو ڊوهه ٿيو، ڪو ڏوهه ٿيو،

    ڪهڙي خطا آخر ڀلا،

    هو دلربا هي نارواو

    هي خواب هو دولاب هو

    چوڻو پيو آخر صفا

    اوبي وفا، او بي وفا،

     

    هينئن نه هر گز ٿيو اڳي،

    مون کي ڪرم ائين ٿو لڳي

    ڄڻ ڪالهو ڪو ڏينهن هو،

    شايد ويو وسري اٿي،!!!

    حسرتون

    قول ڪريون ۽ پت پڄايون،

    آءُ ته پنهنجو نينهن نڀايون،

    اچرج ڪن بلبل پروانا،

    آءُ ته اهڙو پاڻ پچايون…

    آزيون

    هيڪر آءُ

    هيڪر آءُ

    وسري ڪين وجود کي مورئون،

    ساجن تنهنجو ساءُ

    هيڪر آءُ

    خوش فهميون

    من وياڪل کي آٿٿ ڏيندو، ساجن ايندو!

    گرهه ڪريو ۽ اک ٿي ڦڙڪي،

    هڏڪيءَ سان گڏ دل ٿي ڌڙڪي،

    سوڻ سجايو ٿيندو، ساجن ايندو،

    حقيقت ۽ حال

    ڪنهن کي ڏيان آواز او ڍوليا،

    ڪوئي منهنجو ساٿي ناهي،

    سو ڪرم جي دلين جي دنيا باقي سنڌين جي دلين جي دنيا جيان گول آهي، جنهن ۾ انسان تنهائي جي روپ ۾ سفر جو آغاز ڪري ٿو ۽ پاڻ کي منزل تي اڪيلو ڏسي ٿو. اسان جي محبت جو اهو حال “مجاز” کان “وطن دوستي” تائين ساڳيو ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وري صديون پوئتي موٽي وڃي اها صدا ٻڌون:

    توکي پنهنجا خيال گهڻا، آئون ليکي ۾ ئي ناهيان……

    پسو پکيئڙن ماڻهان ميٺ گهڻو

    ب: دائرو ٻيو- دنيا

    اسان سنڌي جيئن دل ۽ دلبر جي معاملي ۾ ترڙ سڃا رهيا آهيون تيئن دنيا جي مسئلي ۾ به پنهنجي ڀاڳ جو تعاون به حاصل ڪري نه سگهيا آهيون. جيتوڻيڪ اسان مان ڪو بک وگهي ڪونه مئو  آهي، پر اسان جي اڪثريت مڇيءَ مانيءَ لائق به ڪونه رهي آهي. ان ڪري اسان جو حال اڪثر ڪري اهو پئي رهيو آهي جو نه شمار اٿئون مئن ۾ نه جيئرن ۾. ان ڪري هنن حالتن ۾ اسان جي سوچ ٽن ڌارائن ۾ تقسيم تي وڃي ٿي. هڪڙا پنهنجي حال تي خوش رهن ٿا ۽ ٻيا حالتن کي به بدلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ٽيون ڌڙو وري ٻنهي کان پري ۽ دنيا کان لاتعلق ٿي رهي ٿو. ڪرم جي سوچ “دنيا” جي دائري ۾ ڪيئن چڪر هڻي ٿي؟ ان جي جهلڪ هنن مثالن مان ملي سگهي ٿي.

    تصوف جو روايتي رنگ:

    پکيئڙا تو ڪيئن هيريو من!

    چوڻي پاڻيءَ تي من هيري!

    ورڻ نٿو چاهين واهيري،

    مڃري پرس ۾ پرس!!

    اڄوڪي دور جي صدا:

    هاري ۽ مزدور سڏين ٿو،

    پنڻو سمجهي دور ڀڄين ٿو،

    اچڻي آهي منهنجي قيادت،

    آخر مان به ته ماڻهو  آهيان،

    ت: دائرو ٽيون- ڌرتي

    انسان چو نه پاڻ کي فرشتو سڏائي، پر پوءِ به مٽيءَ مان بڻيو آهي ڪن کي پنهنجي مٽيءَ مان خوشبوء ايندي آهي ۽ ڪن ويچارن کي نڪ ٿئي ئي ڪونه! مٽيءَ سان محبت ڪرڻ وارا هڪ ئي وقت تي پکڙن ۽ پنهوارن کي چاهيندا آهن. اسان انهيءَ ڳالهه ۾ ڏاڍو سکيا ستابا آهيون جو اسان جي قلم ڌڻين جي گهڻائي انهيءَ گڻ سان سنواريل سينگاريل آهي، ڪرم صاحب به اهڙن قربدارن مان هڪ آهي. هي به ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن لاءِ سوچي ٿو. هن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي چمن تي انسانن جا ههڙا گل ٽڙندا نظر اچن ٿا:

    سرها ماڻهو واس وطن جو، سج جيئن مور نه لهندا هن،

    ڪرم امر ٿي جڳ جڳ جيئندا، دلين اندر رهندا هن،

    سرها ماڻهو مرندا ناهن، ٻيا به   جياري  ويندا هن،

    مرڪي سوري تي چڙهندا هن، ديس اجاري ويندا هن،

    ڪرم ڌرتي وارن سان عقيدت رکندي ڌرتي سان هن ريت رشتو جوڙي ٿو:

    جنهن مٽي ڄڻيس ماءُ، سدا سٻاجهي سرهي هجي،

    وطن سندو واءُ، مڙهه مٿاهون مون وجهي،

    ڪرم جنهن جو کائي ٿو، تنهنجو ڳائي ٿو:

    منهنجي سنڌ سڄي سرهاڻ لاءِ، هو جمالو

    جت گلن جي لالاڻ لا، هو جمالو

    ڪرم هن دور جو جيئرو جاڳندو حساس انسان آهي. کيس خبر آهي ته اجتماعي طور تي اسان ڪيئن ڏکين ڏينهن جي ور چڙهي ويا آهيون، پر هي مايوس نه آهي ۽ ٻين کي دلداري ڏئي ٿو ته:

    ساٿي ناهي منزل ڏور،

    ٿڪجي واٽ تي ويهڻو ناهي،

    رات ڪٿي به رهڻي ناهي…..

    محترم ڪرم انهي دائري ۾ پنهنجي سوچ کي لوچ بڻائي ڇڏيو آهي. سندس وطن دوستي جي خوشبوءِ هن جي ڪلام ۾ پکڙي پئي آهي.

    ث: دائرو چوٿون- ڌڻي

    ڪو مڃي نه مڃي مگر اها هن دور جي حقيقت آهي ڌڻي ۽ بندي جا رشتا ناتا ڪنهن حد تائين ڌنڌلا ٿيندا وڃن ٿا. هڪڙا انسان مورڳو مڃن ئي ڪونه ٿا ته ڪو سندس الله به آهي. ٻين کي وري ڌڻي کاڻ سواءِ ڪو سهارو ئي نظر نه ٿو اچي. ٽيان وري ڌڻي ۽ بندي جي وچ ۾ ٺيڪيدار بڻجي پنهنجا دوڪان چمڪائن ٿا. هنن ڄڻ ته ڌڻي کي پنهنجي فرض کان دستبردار ڪري خدائي جو ٺيڪو ئي پاڻ کنيو آهي. سندن مرضي ته ڪنهن کي جنت ڏيڻ ۽ ڪنهن کي دوزخ موڪلن. هنن لاءِ آسان ڪم آهي ته ڪنهن کي مومن مسلمان جو سرٽيفڪيٽ ڏين ۽ ڪنهن لاءِ علحد يا ڪافر جي فتويٰ جاري. اهڙا ڏاند جي سمجهن ٿا ته سموري خدائي هو پنهنجي سڱن تي کنيو بيٺا آهن. تن کي نه ته ڪوئي مڃي ٿو ۽ نه ڪوئي فوقيت ئي ڏئي ٿو. سندس ناڪام ڪوشش باوجود ڌڻيءَ جي مڃتا ۽ امڃتا جون صدائون پوءِ به ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. محترم ڪرم کي ورثي خواهه وجود مان هڪ عقيدو مليو  آهي هن صاحب انهيءَ جي جهلڪ پنهنجي ڪلام ۾ به محفوظ ڪئي آهي. پر جيئن ته اهي هڪ بندي ۽ سندس ڌڻي جا پاڻ ۾ رشتا ناتا آهن، ان ڪري ڪنهن سرٽيفڪيٽ يا سند ڏيڻ واسطي هتي سندس ڪلام مان مثال نه ٿا ڏٺا وڃن. ڪرم صاحب جي سوچ انهن دائرن کان سواءِ پنهنجي وجود ڏانهن راغب ٿيل نظر اچي ٿي، هن جتي انسان ۽ ڪائنات کي پرکڻ پر وڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اتي پنهنجي تلاش به ڪئي  اٿس.

    مان اڪثر سوچيندو آهيان،

    ڪهڙي ڪم جي آهه حياتي،

    منهنجي جيئڻ جو،

    مطلب ڇاهي…………،

    ڪرم پنهنجي وجود جي واديءَ ۾ ويهيءَ ڪيترن نظرين، اصول ۽ عقيدن کي پرکيو آهي ۽ ڪيترين سچاين جي تصديق ڪئي آهي.

    خبر آ، سچ جي قيمت

    سر کان گهٽ نه آهي،

    پر آهي چوڻ جي عادت

     

    پڌر اڄ پوان ٿو،

    توکي مور نه وڻندو،

    آئون ته سچ چوان ٿو،

    ڪرم فڪر سواءِ فن جو سفر سهڻي نموني طئي ڪيو اهي. هن پنهنجي ڏات ڏيئي سان قديم خواءِ جديد اصناف سخن جي محلن کي روشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جي فن جو روايتي روپ به وڻندڙ آهي ۽ جديد نوع به داد لائق آهي. ٻاجهاري ٻولي جو بهترين استعمال ڪري پنهنجي ڪلام کي رواني ۽ سلامت جي سونهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. سندس ڏات ڏسي هن جا ئي لفظ هن لاءِ استعمال ڪرڻا پون ٿا ته………

    ڏات ڪرم جي گهايل، گهايل

    لوڻ به ڏاڍو لستي آ،

     

    هيءَ وڻجارن جي وستي آ.

  • رشتا روحن ڇڏيا

    تو بن جاني! هيءُ جهان

     

     

    “رشتا روحن ڇڏيا، ناتا ٽوڙيا نينهن”

     

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

                    پاڻ هر وجهه کان عظيم قوم جا فرد آهيون، انهيءَ ۾ نه دنيا کي ڪو شڪ آهي، نه وري پاڻ کي وهم گمان. ها هيءَ ڳالهه برابر آهي ته ابن ڏاڏن جي شان مان واري پٽڪي تي سندرو ٻڌي ٻٽاڪن ۾ پورا آهيون ته اسان کي ڪو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻو ڪونهي، ڪي ڦاڙها مارڻا ڪونهن. ڪنهن ماضيءَ جي مزار جي مجاوري ڪري وقت پيا ڪڍنداسين.

                    ڏسڻ ۾ ايندڙ اهڙا هشاش، بشاش، تازا ۽ توانا جوشيلا ۽ جذباتي جو دشمن ڏسي ته اڌ هنيانءُ ڦاٽي پئيس، پر حقيقت ۾ اسان پنهنجن روين سان دشمن کي هوشيار ۽ خبردار ڪندا آهيون ۽ پنهنجن جا لاهه ڪڍندا آهيون. اسان ڪهاڙين جون تصويرون هوا ۾ ڪڙڪيدار آواز سان لهرايون ۽ دشمن کي ڊپ ۾ ايترو ته هوشيار ڪيو جو هنن اسان جي روين کي ايندڙ دور جو قهري طوفان ڄاڻي مڪمل تياري ڪئي. تان جو ڌارين ملڪن ۾ دهشتگرديءَ جون تربيتون ورتائون ۽ نيٽو جي ٽينڪرن کي غائب ڪري ڏيکاريائون.

                    عظيم قوم جي اسان فردن جا پاڻ ۾ رويا وري اهڙا جو يقين ٿيڻ لڳي ٿو ته اسان جي روحن جو پاڻ ۾ رشتو رهيو ئي ڪونهي، نينهن جو ناتو جڙي نه ٿو سگهي. وس پڄندو ته هڪ ٻئي کي ڪچو کائي وينداسين. سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر جو آغاز ٿيو. ڀريا پندرنهن سال جهڙوڪ ٻهراڙين ۾ ڏينهن جو به ڪرفيو لڳل محسوس ٿيندو هو. ماڻهو ذهني طور قبول ڪري چڪا ته ڌاڙيل راڪاس پنهنجيءَ مرضيءَ سان ڪنهن کي اغوا جو فيصلو ڪن ته گهر گهر واري وٽيءَ سان ڀاتي ڪڍي ڏيندو. انهيءَ سالن جي صورتحال سنڌ کي جيڪو اقتصادي هاڃو رسايو ان مان ملڪ جون ٻه ٽي ساليانيون بجيٽون تيار ڪري پيون سگهجن. هن عرصي دوران سنڌ جا الائي ڪيترا ڪونڌر ڪٺا ويا، ماڻهن جون بي درديءَ سان ارغونن ۽ ترخانن جي دور وانگر سسيون لڻيون ويون، اهو قهري ڪيس ڪرڻ وارا ڪي اسرائيل يا ٻئي ملڪ مان نه آيا هئا پر پنهنجا ئي سنڌي هئا. کين پناهه ڏيڻ وارا به سنڌي، بارود پهچائڻ وارا به سنڌي ۽ خبرون پهچائڻ وارا به سنڌي!! اها هئي اسان جي سنڌ دوستي.

                    ماڻهو صبح جو گهر کان ٻاهر نڪري ٿو ۽ شام جو گهر موٽي ٿو. انهيءَ عرصي دوران سنڌي سٻاجهي کي اڻ ڳڻين پلصراطن تان گذرڻو ٿو پئي. وڏيري جي اوطاق کان وٺي، ڪنهن ٿاڻي جي چوديواري تائين. اسپتال کان وٺي اسڪول ۽ ڪاليج تان ڪو اهڙو هنڌ ۽ اهڙو ماڳ ڪونهي، جتي سندن تن، من، جان ۽ مال کي خطرو نه هجي. اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ جيئن نئين نسل جو نظرياتي استحصال ٿئي ٿو يا جيئن مختلف پارٽين ۾ اسان جي جوڌن جوانن کي ٻيڪٽ ۾ اٽڪائي لاوارث بڻايو وڃي ٿو، اهو پنهنجن جي هٿان ئي ٿئي ٿو. ان کان وڌيڪ نئين نسل، ان جي روشن مستقبل ۽ نظرياتي بيهڪ خلاف ٻي سازش ٿي ئي نه ٿي سگهي. ايئن اسان هنڌين ماڳين لهندڙ نسل پيدا ڪري رهيا آهيون.

    امير وزير سڀ سنڌي آهن، آفيسر ۽ ڪامورا سنڌي آهن، پر عملدار رعيت آزار اوهان کي هتي ئي نظر ايندا. سنڌ دوستي ته ڇا، پر چپي چپي تي ڪٿي انسان دوستي به نظر ڪا نه ايندي. هن صورتحال کي ڇا چئجي؟ سنڌ ۾ ايئن ڇو آهي جو روحن جا رشتا ٽٽي رهيا آهن، ماڻهپو  ۽ محبت موڪلائي پيا وڃن. سنڌ جو صدين وارو انسان دوستي وارو نظام ڀور ڀور ٿي رهيو آهي. خير خواهي بدخواهي جو روپ اختيار ڪيو آهي. ڪنهن ۾ چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر ٿي پيو آهي.

                    هاڻي جڏهن اسان مان هر ڪو هڪٻئي کان محفوظ ناهي ته پوءِ اسان قومي طور تي ڪيئن محفوظ ٿي سگهو ٿا؟ پنهنجي ملڪ ۽ ملڪ جي جاگرافيائي ۽ نظرياتي بيهڪ جو بچاءُ ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟ آهي ڪو اسان کي بچائڻ وارو؟ آهي ڪو اسان کي سمجهائڻ وارو؟ ڪير اسان کي سمجهائي ۽ ڪير اسان جي روحن کي پرچائي.

     

     

  • ڪرسين، عهدن ۽ رتبن

    تون بن جاني! هيءُ جهان

     

    ”ڪرسين، عهدن ۽ رتبن سان واڳيل واسطا“

     

     

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    چڙهندي سج جو پوڄاري بنهه ڍنڍ جو پکي بڻجي پوندو آهي: ڪڏهن هن ڀر ته ڪڏهن پرينءَ ڀر اسان جي سياسي دنيا جي اها ئي صورتحال آهي. سياست لچڪدار هئڻ سان گڏ اهڙي ته ڦرڻي گهرڻي ٿي پئي آهي، جو جيڪڏهن سياستدان ڦرڻو گهرڻو نه ٿيو ته پوءِ جهڙوڪ سياستدان ئي ڪو نه ٿيو. اصولي سياست ڪيائين ته ڪنهن وڻ جي ڇانوءَ ۾ وڃي وسرام ڪري. سياست ۾ اها ڦير گهير ان وقت عجيب رنگ وٺي بيهندي آهي، جڏهن وڏيرا پنهنجي راڄن ۽ ڀاڳن سميت، پير پنهنجي هزارها مريدن سميت ڪنهن پارٽيءَ ۾ ائين ڌوڪي ڪاهي ايندا آهن، جيئن درياهه دهشت ۾ اچي وسندين ۾ ڪاهي پوندو آهي. هٿ مضبوط ڪرڻ وارو اهو سلسلو تڏهن ختم ٿيندو، جڏهن انهيءَ پارٽيءَ يا ان جي اڳواڻ جي ڀينگ ٿي ويندي. ايوب جي زماني ۾ به ايوب جي هٿن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ شهرن يا شهر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ سندس پارٽيءَ ۾ ڪاهي پيا هئا ۽ هن جي قيادت ۾ دين ايمان رکڻ وارا دهل وڄايا هيائون، پر جڏهن همراهه جي اقتدار جا ڏينهن پڄڻ تي پهتا ته ڪنهن سار به ڪا نه لڌس. مزي جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ ايوب مارشل لا هڻڻ وقت سياستدانن تي جيڪي الزام بهتان هنيان هئا، انهن مان هڪ اهو به هئو ته سياستدان پنهنجي  ڊريس به ايتري تڪڙو تبديل نه ٿا ڪن، جيتريون پارٽيون مٽائين ٿا.

    سياستدانن جا وري هڪڙا آهن ننڍا ڀائر. اهي اڀرندي سج جا پوڄاري هوندا ئي هوندا، پر ٻه رتيون اڳتي وڌي ڪو ”نانءَ- چڙهيو“ اڳيان بيهاري پيا ٻوڪڙ ڪندا ۽ ڏوڪڙ ڪمائيندا. چوندا آهن ته نانءَ چڙهيو“ چور ڦاهيءَ چڙهي ۽ نانءَ چڙهيو واپاري کٽيو کائي.“اسان وٽ وري نانءَ چڙهيا دانشور ۽ مفڪر آهن، جن کان سواءِ ٽي ويءَ جا پروگرام، اخبارن جا صفحا، اجلاسن جون ڪارروايون ۽ سرڪاري دعوتن جا دستر خوان اڌورا ۽ اڻپورا آهن. ان ڪري ڪوٺ انهن کي ٿيندي، دعوت انهن کي ملندي ۽ تقريرون خواهه تحريرون انهن جون ئي هونديون. نظرياتي اڳواڻ اهي ئي آهن، مفڪر ۽ دانشور اهي ئي آهن. باقي جهڙوڪ ڀينگ لڳي پئي آهي. حالانڪ ڀينگ ڪرڻ ۾ انهن جو ئي عمل دخل ۽ ڪردار موجود آهي.

    ذرائع ابلاغ، اخبارن ۽ سرڪاري ادارن کي اهي ماڻهون آسانيءَ سان دستياب ٿي وڃن ٿا. ان کانسواءِ سندن تقرير ۽ تحرير مان ڪنهن کي نافرماني ۽ اختلاف جي بدبوءِ به ڪا نه ٿي اچي. ان ڪري اهي ئي قبول پوڻ جي قابل آهن، ڇو ته انهن ذريعي جو به چاهبو اهو چورائي سگهبو، ڇو ته اهي بنيادي طور تي اهڙا مبلغ آهن، جن جا واسطا ۽ جن جون وفاداريون ڪرسين، عهدن ۽ رتبن سان واڳيل آهن. مکڻ پئي ڀلا انهن جو مٿو ڇو سڙندو؟ پذيرائيءَ ۽ شهرت لاءِ ماڻهو ڇا مان ڇا نه ٿو ڪري؟ هنن کي ته ان لاءِ ڪک ڀڃي به ٻيڻو ڪرڻو نه ٿو پئي.

    هاڻي پنهنجو اهو مقصد هئڻ نه گهرجي ته ويهي ڪنهن جي گلا يا شڪايت ڪريون. پر بهتر تنقيد اها آهي جنهن مان ڪو رستو ملي ۽ دڳ نڪري. هن ۽ ههڙيءَ صورتحال ۾ عوام کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. منهنجي خيال ۾ هاڻي ڪن دوستن کي ويهي اهڙن اڪابرن، عالمن ۽ شاعرن جون لسٽون ٺاهڻ گهرجن، جيڪي هر مرڻي ۽ پرڻي تي هر سرڪار، هر درٻار، هر فنڪشن، اڪثر ٽي وي جي پروگرامن ۾ موجود رهن ٿا، سو به بلاناغي اسان کي اهڙن دانشورن ۽ پنهنجي روايتي سوچ مان جان ڇڏائڻي پوندي. ماڻهن کي اهو بانور ڪرائڻو پوندو ته سرڪاري، درٻاري ۽ گروهي سوچ به هاڻي سامراجي سوچ بڻبي پئي وئي ۽ ماڻهن کي اهو ۽ ايترو سچ ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي ڪي مخصوص گروهه چاهين ٿا. اهو ڪنهن به صورت ۾ سمورو سچ ڪونهي. سچ اهو آهي ته عام ماڻهو سوچن ۽ لوچن ۾ نه ڪنهن کان متاثر ٿئي ۽ نه وري ان جو مطيع ٿئي. پاڻ سوچي ۽ پاڻ لوچي، پر ان سوچ ۽ لوچ جو ٻيو ڇيڙو ڪنهن ڪرسيءَ، درٻار يا سرڪار سان نه ملندو هجي.

     

     

  • الطاف جي عافيت

    تون بن جاني! هيءُ جهان

     

    ”الطاف جي عافيت پاڪستان ۾ ئي آهي“

     

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

     

     

     

    ڳالهه ڪندا آهن ته ڪو مسلمان پنهنجي هندو دوست سان ملڻ ويو. هن ڏٺو ته سندس يار جو ٻار گهر ٻاهران ليٿڙيون پيو پائي. دوست پاڻ ۾ مليا ته پهرين ڳالهه ٻار جي نڪتي. ڪاڪي وڏي اطمينان سان جواب ڏنس ته ”هندوءَ جو ٻار آهي، ڪو نه ڪو مقصد ضرور هوندس. ائين مفت ۾ ليٿڙيون ڪو نه پائيندو.“ سو انهيءَ مصداق ايم ڪيو ايم جي ابي وقت به وقت جي قلابازيون پئي کاڌيون آهن، ڪڏهن سياستدانن کي به گهٽ وڌ ڳالهائي، ڪڏهن حڪمرانن کي پيو اکيون ڏيکاري، ڪڏهن فوجين خلاف پيو ڳالهائي ته ڪڏهن وڏيرن خلاف پيو رڙيون ڪري. سندس هڪ هڪ جملو ۽ واري وٽيءَ سان ائين ڳالهائڻ مقصد ۽ مطلب سان آهي.

    اسان ماڻهو سادڙا ۽ سٻاجهڙا هر ڳالهه کي پنهنجي نفرت ۽ محبتن جي ترازوءَ ۾ توراينداسين. الطاف وڏيرن کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو ته اسان مان ڪيترا هن جي عظمت کي سلام ڪرڻ لاءِ ڪنڌ نمائي ڊاڙ هڻن ٿا.خوش ان ڪري ٿا ٿيون ته وڏيرن اڳيان اسان جي دال نه ٿي ڳري ۽ ٻيو ڪو به انهن خلاف ڳالهائي ٿو ته اسان جون مڇون ڦڙڪڻ لڳن ٿيون. اهڙا رويا ڪنهن جي جملن ۽ بيانن جي سائنسي بنيادن واري تشريح يا معاملي فهمي نه چئبي.

    الطاف جي طوفاني بيان بازيءَ جو وڏو روحاني راز آهي. حقيقت اها آهي ته همراهه برطانيه ۾ مني لانڊري ۽ ٻين ڪيسن ۾ اهڙو ته ٻه ٽنگو ڦاسي پيو آهي، جو اتي رهڻ هن لاءِ ۽ هن جي سياسي ساک پت لاءِ هاڃيڪار ٿي پيو آهي. برطانيه ڪو مسلمانن جو ملڪ ڪونهي، پر انهن جو عدل ۽ انصاف هندستان ۾ به اهڙو هئو جو ماڻهو اڄ به چوندا آهن ته ”انگريز شينهن ٻڪريءَ کي گڏ چاري ويو.“ اڄ به ڪنهن کي انصاف نه ملندو آهي ته چوندا آهن ته ”ڪونهي ڪو ملڪ ۾ راڻو راڻي“. سو الطاف ڀائي انهيءَ راڻي ۽ راڻيءَ جي جي ملڪ ۾ هلڙبازي ڪري عدالتن ۽ اتان جي حڪمراني تي زور بار وجهي پنهنجا من-پسند فيصلا ڪرائي نه ٿو سگهي. اهي ڳالهيون هن لاءِ هتي پاڪستان ۾ نه فقط ممڪن آهن پر آسان به آهن. هن جي پارٽيءَ سالن کان وٺي ڪراچيءَ جو امن امان يرغمال ڪري رکيو آهي. هتي ٽارگيٽ ڪلنگ به آسان آهي ته ٽارچر سيل به موجود آهن. سڀني چواڻيءَ ته هن وٽ هڪ غيرقانوني مگر دهشتگردن جي منظم کيپ موجود آهي. ان ڪري الطاف جيڪڏهن پاڪستان ۾ آيو ته هو پنهنجي جان بچائي سگهي ٿو ۽ وڃائيندر سياسي ساک بحال ڪري سگهي ٿو. ان ڪري همراهه هر هڪ تقرير ۾ آپي کان نڪري وڃي ٿو ته جيئن پاڪستان حڪومت کي چيڙائي، پاڻ ٻڌرائي اچي هتي پڌاري ۽ پوءِ هن جا سورنهن آنا سون جا ٿي وڃن.

    شايد هتان جون سياسي ڌريون به همراهه کي ڄاڻي ويون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن کي ڪاوڙ اچي ٿي ۽ الطاف خلاف سخت بيان ڏئي ٿو. باقي خير!

    الطاف جي دونهان دار بيانن مان هن جي عوام دوستي ۽ وطن سان حب جا پتا پڌرا ٿيندا وڃن ٿا. اها چڱي ڳالهه آهي ته ماڻهن کي خبر پئي ته جن کي پوڄا جي حد تائين چاهيو ٿو وڃي، انهن جا اصلي افعال ۽ پرڪار ڪهڙا آهن؟

    اسان سنڌ واسي ههڙن بيانن ۽ حالتن تي اجائي جهمر نه وجهون. سياست شطرنج جي چال آهي. جن کي اسان قائد، هادي ۽ رهبر چئون ٿا، اهي پاڻ ۾ اصل وڙهيل نه هوندا آهن. اهي پاڻ ۾ رسندا پرچندا به ڪو نه آهن. مڙئي ماڻهن کي وڙهائڻ ۽ بي وقوف ڪرڻ جي هيءَ راند آهي ۽ اها راند انهن اڳواڻن لاءِ نه فقط جائز آهي، بلڪه سندن ذهانت ۽ صلاحيت جي نشاني آهي. ان ڪري پاڻ کي ڪهڙي خبر ته الطاف ۽ سندس قد ڪاٺ وارا پاڪستاني سياستدان ڪڏهن ٿا پاڻ ۾ پرچي پون. هو پرچي پوندا ته به اسان کان ڪو نه پڇندا، ۽ جي سياسي چالبازيءَ ۾ هڪٻئي جي پٽڪي ڊاهڻ جون ڳالهيون ڪندا ته ان ۾ ڪڏهن به هڪ ٻئي تي ناراض نه ٿيندا، ان ڪري اسان ڇو هڪٻئي سان ناراض ٿيون؟ ناراض ٿيڻ بدران اها ڳالهه ذهن ۾ رکون ته همراهه برطانيه ۾ ڪا مفت ۾ جهمر نه ٿو هڻي، پر انهيءَ جهمر جو کيس معاوضو ملي ٿو يا نه؟ اهو حالتن تي ڇڏي سگهجي ٿو.

     

     

  • ادل سدا آرام ۾، ڀائر پيا ڀٽڪن

    (تون بن جاني! هي جهان)

     

    ”ادل سدا آرام ۾، ڀائر پيا ڀٽڪن“

     

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    سج ۽ سچائي کاري ۾ لڪائي نه ٿا سگهجن، اهي جتي ڪٿي نظر ايندا. فرق اهو آهي ته ڪٿي اها حقيقت مڃرائڻ لاءِ وڏي مٿاڪٽ ڪرڻي پئي ٿي، ۽ ڪٿي انهيءَ حقيقت جي وڏي واڪ ڳالهه ڪرڻ تي کل لهراڻي پئي ٿي.

    گهر کان وٺي شهر تائين، شهر کان وٺي سنڌ سموريءَ تائين ۽ سنڌ کان ويندي، هر ڪنهن صوبي تائين اها ئي سچائي آهي ۽ اها ئي سج جيان روشن  حقيقت آهي ته وڏو ادو سدائين سک ۽ سڪون ۾ هوندو، پر ٻين ننڍن ڀائرن لاءِ مسئلن جي باهه ٻري پئي هوندي. پر جيئن چوندا آهن ته ”جي ٿو ڪڇان، ته پٽجن ٿيون مڇان. جي ٿو ڪريان ماٺ ته پوان ٿو ڪاٺ.“ انهيءَ مصداق دانهن ۽ آهن کي لڪائڻو پئي ٿو. اڳ چوندا هئا ته ”چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي“، پر هاڻي مظلوم، محڪوم ۽ بي وس ماڻهوءَ کي به ائين ئي ڪرڻو ۽ ڀرڻو پئي ٿو.

    ان ڪري ڪنهن کي مجال آهي جو جزوي يا ڌرائتي حڪمرانيءَ تي احتجاج ڪندي چئي ته ملڪ جي ٽن صوبن ۾ باهه ٿي ٻري ۽ وڏو صوبو بدامني، دهشتگرديءَ ۽ ٻين قهري ڪلورن کان بچيل آهي. انهيءَ صورتحال لاءِ ڪنهن تي ميار نه ٿي رکي سگهجي، پر حڪمرانيءَجي اڍنگي ڏان تي ڪاوڙ ڪرڻ ۽ سوچڻ جو هر ڪنهن کي حق آهي.

    چوندا آهن ته ڪو غريب فقير وڏيري ڏي ويو. فقير ڪنهن وٽ اچڻو نه وڃڻو، سو هن کي ڏسي وڏيرو گل جيان ٽڙي پيو ته نيٺ انهيءَ فقير به هن اڳيان حاضري ڀري. فقير کان پڇيائين ته ”ڪيئن قرب جا قدم ڀري آيا آهيو؟“ فقير وراڻيس ته ”الله جي مٽاسٽا ڪرڻ آيو آهيان. اسان جي الله ته نعوذ بالله اسان جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي ۽ تو وارو الله ته تنهنجا ڀريل مٽ به پيو ٿو ڀري.“ وڏيري کي ڪاوڙجڻ جو موقعو ملي ويو. فقير کي ڇنڊ پٽيندي چيائين ته ”ڪفر ٿو بڪين، الله هڪ آهي. اهو توکي به ٿو ڏئي ته مون کي ٿو ڏئي. ساري جهان کي ڏئي ٿو، جيڪو مڃيس ان کي به ڏئي ۽ جيڪو نه مڃينس، ان کي به ڏئي“. ان تي فقير وراڻيس ته ”سائين!“ اهو ئي ته سمجهائڻ سمجهڻ لاءِ آيو آهيان. جڏهن ڏيڻ وارو سڀني کي ڏئي ٿو ته وچ تي شوداگيري ڪير ٿو ڪري جو هر شئي اوهان ڏي اچي ٿي. ڏيڻ واري جو ڏوهه ڪونهي، وچ تي هيراڦيري ڪير ٿو ڪري. پڪ ئي پڪ اوهان ٿا ڪريو، يا اوهان جا ڀاڙيتا دوست.“

    وڏيري ۽ فقير هڪٻئي جي ڄنڊاپٽ ڪئي يا نه ڪئي، ان سان اسان جو ڪم ڪونهي. اسان جو ڪم انهيءَ ڳالهه جي روحاني راز سان آهي ته ملڪ هڪ، نظريو هڪ ۽ نعرو هڪ. پر صوبن ۾،  ماڻهن ۾، سوچن ۾، لوچن ۾ ۽ صورتحال ۾ زمين آسمان جو فرق موجود اهي. اها ڳالهه فقير وانگر اسان پارن ڪيترن ماڻهن جي سمجهه کان مٿي آهي.

    اڳي عبدالرب نالي هڪ پوليس عملدار ٿي گذريو آهي. هن پوءِ آپ گهات ڪيو هو. هن لاءِ مشهور هئو ته هو اڪثر چوندو هو ته ”مٿي رب ۽ هيٺ عبدالرب.“ وڏو ڪڙڪيدار آفيسر هو. سو اهڙي طرح هاڻي تاريخ عجيب مثال قائم ڪئي آهي ته مرڪز ۽ هڪ صوبي ۾ هڪ ئي پيءُ جي ٻن پٽن جي حڪمراني آهي. هيٺين حڪومت ۾ هڪ ڀاءُ ۽ مٿئين حڪومت ۾ ٻيو ڀاءُ. ڏک جي ڪا ڳالهه ڪونهي. اسان جو جهڙو نظام آهي نتيجا به اهڙا نڪرندا. پر ڏک جي ڳالهه اها آهي ته سمورن صوبن ۾ ڀائر بڻجي عوام جي خدمت ڇو نه ٿي ڪئي وئي؟ ائين ڇو آهي ته ڪٿي اڌ ڪاٺ جو آهي ته اڌ لوهه جو آهي؟ ڪٿي ڪو بااختيار آهي ته ڪٿي جهڙوڪ بي اختيار! ڪٿي امن ۽ امان اختيار سان قائم ڪرايو ٿو وڃي ته ڪٿي وانگار تي!! حالانڪ حڪمران ۽ سياستدان مارشل لائن کان ايترو رت ٿي چڪا آهن جو ”افهام تفهيم“ جي حڪمت عملي طئي ڪري ورتي اٿن. پر ان جو اهو مطلب ته نه ٿيڻ گهرجي ته ”حڪومت ڪيو ۽ حڪومت ڪرڻ ڏيو.“ اهو افهام تفهيم ته پنهنجي اقتدار کي بچاءَ بند ڏيڻ برابر ٿيو. ان ۾ عوام جي شرڪت ۽ عوام جو مفاد ڪٿي آهي؟ حڪمران ۽ سياستدان جيڪڏهن فقط پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ بچاءَ بند ٻڌندا ته پوءِ بي امني ۽ بي روزگاري جي ٻوڏ کان عوام  کي ڪير بچائيندو؟

    جيستائين ننڍن ۽ وڏن ڀائرن واري سوچ ۽ رويا قائم رهندا ۽ جيستائين اقتدار بچائڻ جو اونو رهندو، ان وقت تائين عوام جو ڪو به اوهي واهي ڪو نه لڀندو. ان ڪري روشن مستقبل ۽ بهتر حالتن پيدا ڪرڻ جي تقاضا آهي ته سياستدانن کي ڪو نئون سياسي معاهدو به ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ غربت، افلاس ۽ بدامنيءَ جي خاتمي وارين ڳالهين سان گڏ خانداني ۽ مورثي حڪمرانيءَ ۽ سياست جي خاتمي کي انهيءَ معاهدي جي شرطن ۾ شامل ڪيو وڃي. نه ته ادل سدا آرام ۾ هوندا ۽ ڀائر پيا ڀٽڪندا رهندا. وڏ ڀائپي گهرن ۽ شهرن ۾ ته هلي سگهي ٿي پر ملڪ ۾ هلائڻ سان ملڪ سان ويساهه گهاتي ڪرڻ برابر ٿيندي.

     

     

  • گرميءَ جي گرم سياست

    گرميءَ جي گرم سياست جو روحاني راز

     

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    چوندا آهن ته ”ويچاري اڳ ئي ويٺي هئي رُٺي. پوءِ جو پيڪن جو نياپو آيس ته روئي پئي“. انهيءَ مصداق سنڌ جي راڻي ۽ گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ تي هڪ ٻئي پٺيان ڏانئڻ جون اکيون تير بڻجي ان جي سيني ۾ کپنديون وڃن ٿيون ۽ هاڻي ڪراچيءَ ۾ ڪراچيءَ وارن کي روئڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نصيب ئي نه ٿو ٿئي.

     

    اصل جهيڙو ڪراچيءَ جي حاڪميت تي آهي، بين الاقوامي سياسي تناظر ۾ به هن شهر تي ٻين ملڪن جون به نظرون آهن جيڪي ٽانڊي ڪاڻ آيا، سي به هاڻي بورچي بڻجي گهر کي ئي نظر ۾ رکيون ويٺا آهن. انهيءَ پس منظر ۾  دهشت گردن جون لوڌيون هلاڪي هن شهر تائين آڻڻ ۽ ان کانپوءِ گهڻ-مقصدي آپريشن جي شروعات به سنڌ جي سياسي ۽ اقتداري وايو منڊل ۾ وڏين تبديلين آڻڻ جي ابتدا برابر آهن. سنڌ جي راڻي شهر تي گرميءَ جي گرم سياست به انهيءَ ۽ اهڙيءَ يلغار جو نتيجو آهي.

     

    رمضان جو مهينو، جت رات جو به ڪانءَ جي اک نڪري ۽ گرميءَ جو اهڙو عالم، اتي بجليءَ جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند ٿيڻ هڪ سوچيل سمجھيل سياسي فڪر ۽ مقصد جو نتيجو آهي. ڪي سياڻا ۽ سپورنج انهيءَ جي ڏور ڏسي وڃي ڪالاباغ ڊيم سان ڳالهين کي ملائن ٿا. ائين ٿو لڳي، ڄڻ ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو اڻ-سڌيءَ طرح جواز ڳولهيو پيو وڃي. سياسي ۽ اقتصادي بنيادن تي ڪالاباغ ڊيم جي عشاقن ۽ پروانن کي شڪست ملي ته پوءِ هڪ سرد جنگ، بلڪه نفسياتي جنگ جو آغاز ڪيو ويو ۽ حالتن کي اهڙو رخ ڏنو ويو ته جيئن سنڌ جي وڏي ۽ گاديءَ جي شهر جا ماڻهو قرآن مٿي تي کڻي گهٽين ۾ نڪري اچي چون ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهيو ۽ ماڻهن کي بجلي پهچائي سک جو ساهه کڻڻ ڏيو. اسان جي بدنصيبي اها آهي ته سالن کان ڪا به حڪومت بجليءَ جو بحران ختم نه ڪري سگهي آهي. انهيءَ کي ڪالاباغ ڊيم سان انهيءَ وقت شد ۽ مد سان مشروط ڪيو ويندو آهي. جڏهن مرڪز ۾ اسان جي وڏن ڀائرن جي حڪومت هوندي آهي. اسان جي بدنصيبين جو قصو اتي پورو نه ٿو ٿئي، پر انهن ڦٽن تي لوڻ مرچ خانداني ۽ گهراڻن واري سياست وجھندي رهي ٿي. چيو ته ائين وڃي ٿو ته ملڪ ۾ جمهوريت آهي ۽ عوامي نمائندن جي حڪومت آهي، پر حقيقت ۾ سياست ۽ اقتدار تي جهڙيءَ ريت خاندانن جو قبضو آهي، ان مان باشعور ماڻهن کي جمهوريت جي خوشبوءِ بدران بادشاهي نظام جي بدبوءِ ئي محسوس ٿئي ٿي. ذوالفقار علي ڀُٽي پنهنجي دور ۾ سرمايه دارن جي ويهن گهراڻن کي نڪ ۾ دم ڏنو هو ۽ هاڻي چند خاندان سياسي حوالن سان سموري ملڪ جي ماڻهن کي نڪ ۾ دم ڏئي چُڪا آهن. ملڪ جو چرخو انهن ئي خاندانن جي مفادن جي تحفظ، اک ٻوٽ راند کيڏڻ، سياست يا اقتدار بچائڻ ڦرڻ جي چئوگرد هلي ٿو. ملڪي ايجنڊا ۽ عوامي مفاد جو ڪٿي اتو پتو ئي نه ٿو پوي.

     

    اڄ ڪلهه سنڌ ۽ ان جي گاديءَ وارو شهر انهن ئي چند گهراڻن جي گڏيل مفادن جي تصادم ۽ سياسي سبقت حاصل ڪرڻ لاءِ جنگ جو ميدان بڻجي ويا آهن. نڌڻڪي سنڌ جي سياسي وارثيءَ ۽ مالڪيءَ جي جنگ آهي، جنهن ۾ متضاد قوتون هڪ ٻئي خلاف سندرا ٻڌي بيٺيون آهن. في الحال لڳي ائين ٿو ته شهر مان ايم ڪيو ايم ۽ باقي سنڌ مان پي پيءَ جي سياسي اثر واري سج کي لاهڻ جاجتن جاري آهن. هڪ پارٽي دهشت گردي جي نالي ۾ ۽ ٻي پارٽي ڪرپشن جي نالي ۾ پنهنجي واريءَ جي ڪوٽن کي ڊهندي محسوس ڪري رهيون آهن.

     

    انهيءَ صورتحال ۾ عام سنڌ واسيءَ جي تماشبين واري حيثيت ۽ مقامي سياسي قيادت جي کوکلائپ، پيدا ٿيندڙ خال کي ڀرڻ لاءِ تيار نظر نه ٿيون اچن ۽ ڊپ آهي ته سندن پيرن هيٺان سياسي زمين کسڪي وڃي. سنڌ ۾جيڪو سياسي دنگل هلي رهيو آهي ۽ سخت گرمين ۾ جيڪا گرم سياسي جھولو بڻجي ڪپڙا به ساڙڻ لڳي آهي، اسان جيڪڏهن هوش کان ڪم نه ورتو ته اها اسان جا ڪيترا سياسي خواب به ساڙي رک ڪري ڇڏيندي..

     

     

  • حالتون ڪاڏي پيون وڃن؟

    حالتون ڪاڏي پيون وڃن؟

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    پاڪستان جي اترئين ۽ اولاهين سرحدي پٽيءَ ۾ طالبان ۽ دهشت گردن جي وٺ-پڪڙ کان وٺي ويندي، ڪراچيءَ طرف انهن مان ڪنِ جي ڀاڄ ۽ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي پي جو ٽانڊن تان گذرڻ جهڙين حالتن عجيب قسم جا ناد وڄائڻ شروع ڪيا آهن. هاڻي هر ڪو سوچڻ لڳو آهي ته هي حالتون ڪاڏي پيون وڃن ۽ اهي اڳتي هلي ڪهڙو رنگ لائينديون. سرڪاري عسڪري قوتن ۽ ڌرين بابت جيڪا ٻولي ڪجهه وقت اڳ الطاف حسين ٻولي، بنهه اهڙي ئي لهجي ۾ پي پيءَ جي اڳواڻ به ساڳي تند تنواري آهي. هنن حالتن ۾ هڪ تاريخي مثال به قائم ٿيو ته سنڌ جي ڪنهن وزير جي گهر تي ڇاپو لڳو، جيڪو واقعو هر وجهه کان غير معمولي نوعيت ۽ اثر وارو آهي.

    ”جيترا وات اوتريون ڳالهيون“ مصداق هر ڪو ماڻهو هن صورتحال کي پنهنجي نظر سان ڏسندو. اهو فطري عمل آهي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ جو حق پڻ حاصل آهي.پر جڏهن اهڙن حقن ۾ جيتري گهڻي برابري ۽ يڪسانيت هوندي، ان مان به فقط قومي سوچ جي رنگ روپ جي خبر پوندي، پر قومي اتحاد ۽ اتفاق جو اندازو به لڳائي سگهبو. پر اسان ڪيترن قومي مسئلن ۽ حالتن جي مامرن تي اتفاق ۽ برابري پيدا ڪرڻ بدران هڪ سر جي مسيت ٺاهيندا آهيون ۽ هنڌين ماڳين اهڙيون عبادت گاهون جوڙي ٻين کي سيس نمائڻ تي مجبور  ڪندا آهيون.

    موجوده حالتون ڪاڏي پيون وڃن؟ ان لاءِ مختلف ماڻهن جا مختلف رايا ۽ ويچار آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته حالتن جو فصل ڪهڙو به پڇي راس ٿئي، پر ان جي پنهنجي مرضيءَ واري بٽئي شريف برادران ئي ڪندا. ڇو ته پي پي ۽ ايم ڪيو ايم سان سندن پڳ مٽي ياري ڪانهي ۽ جيڪڏهن انهن ٻنهي پارٽين کي ڪو نقصان ٿيو يا ڏينهن جا تارا ڏسڻا پيا ته هو ٻئي ڀائر پنهنجيون راتيون سڪون سان گذاري سگهندا. ان ڪري ڀلي ته حالتن مٽائڻ وارا اهي اغراض و مقاصد نه هجن، پر جي ڪاتي گدري تي ڪرندي ته به نقصان گدري کي ٿيندو ۽ جيڪڏهن گدرو ڪاتيءَ تي ڪريو ته به نقصان گدري کي ٿيندو.

    مون هنن ڪالمن ۾ اترين علائقن مان آپريشن دوران ماڻهن جي سنڌ ڏانهن ڀاڄ ۽ سنڌ جي وس وارن ماڻهن جي آڌر ڀائي روين تي لکندي، انهيءَ ڪالم ۾ خدشو ڏيکاريو هيو ته انهيءَ ڀاڄ جو فائدو وٺي ڪيترا دهشت گرد سنڌ جو رخ ڪندا ۽ سنڌ ۾ اوس ئي امن امان جي صورتحال ڪو ٻيو روپ وٺندي. هڪ ڪالم ۾ مون ”ذوالفقار آباد پراجيڪٽ“ جو ذڪر هينئن ڪيو هئو ته اهو پراجيڪٽ بين الاقوامي سياسي تناظر “ نيو ورلڊ آرڊر جي مفڪرن ۽ مدبرن کي ڪنهن به صورت ۾ پسند نه ايندو، ان ڪري پي پي ۽ ان جي مکيه اڳواڻن تي ان جا ڇنڊا ضرور پوندا. هاڻي حالتون منهنجي اهڙي اندازي جي پٺڀرائي ڪري رهيون آهن ۽ پي پي قيادت ۽ ملڪي عسڪري قيادت جا اختلاف ڪر کڻي رهيا آهن.اڳتي هلي وقت ڇا به ثابت ڪري، پر منهنجو خيال آهي ته ”ذوالفقار آباد“ نالي ڪنهن شهر ٺهڻ جو خيال گهڻي ڀاڱي خواب برابر وڃي رهيو آهي. ان مان هاڻي فقط ڪن ماڻهن کي زمين کپائڻ ۽ خريد ڪرڻ جو لاڀ ئي ملندو ۽ بس. ان ڪري ڳچ عرصي تائين هي پراجيڪٽ پنن ۽ ڪاڳرن ۾ رهندو ۽ شهر اڏڻ جي حوالي سان ڪا تڪڙي پيش رفت ڪا نه ٿيندي.

    ”ذوالفقار آباد پراجيڪٽ“ تي پيش رفت ٿئي نه ٿئي،پر ان جي پس منظر ۽ پيش منظر جي حوالي سان حالتن مٽجڻ ۾ پيش رفت ٿي رهي آهي. حالتون جنهن ريت  پير کڻي رهيون آهن، انهن تي ڪنهن ٻئي طريقي سان به نظر وجھي سگهجي ٿي. نائين زيرو تي آپريشن ٿيو ته ايم ڪيو ايم محتاط انداز واري سياست جو درس پڙهڻ شروع ٿيو، پر هاڻي وقت گذرڻ سان گڏ انهيءَ هڙتالي سياست جو سهارو وٺڻ شروع ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت خوجن کي مارڻ واري سانحي مان اهو احساس اڀرڻ لڳو آهي ته هاڻي مار ڌاڙ مقامي سياست جي مطلبن پوري ڪرڻ بدران بين الاقوامي سياسي مفادن جو رخ ڪري رهي آهي. حالتن جي واچوڙي جو رخ في الحال عام ماڻهو جي اندازي کان ٻاهر آهي. پر هاڻي وڌيڪ ويرم نه لڳندي ستت سموري صورتحال ڪر کڻي اسان اڳيان اچي بيهندي.

     

     

  • هي جو پرين پهتا پارتي، سفارشي

    وبن جاني! هيءُ جهان – هي جو پرين پهتا پارتي، سفارشي –

     

     ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

      الله جنت نصيب ڪريس. بابو مرحوم هو نماز کان پوءِ دعا گهرندو هو. جنهن ۾ هي لفظ ضرور هوندا هئا ته”حاڪم جي حڪم کان، وڏيري جي وير کان،  ظالم جي ظلم کان ۽ جاهل جي جهل کان پناهه ۾ رکجانءِ“.  ٻيو ته سڀ ڪجهه سمجهه ۾ ايندو هو، پر اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ايندي هئي ته بابو سائين حاڪم جي حڪم کان پنهنجي الله کان پناهه ڇو ٿو وٺي. هڪ دفعي همت ڪري کانئس پڇيم، فرمائين ته”وقت تي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندءِ“.

    هاڻي ٿي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته ماڻهن جو سرڪاري دفترن ۾ ڪم ڦاسي ٿو ته ائين ٿو لڳي ته هنن جو ڪم نه، پر پاڻ ڦاسي پيا آهن. في الحال  ته ڳالهه سمجهه ۾ ڪا نه ايندي ته اها گهل آهي يا گهبي،  ڪنهن آفيس ۾ ڪو ڪاڳر ويو، جهڙوڪه صمد باند سان سوگهو ٿي ويو. چرندو ئي ڪو نه. نه وقت جو حساب ۽ نه وري ڪنهن جي انتظار جو احساس، هر ڪو پيو دانهون ڪندو ته عملدار رعيت آزار بڻجي ويا آهن ۽ هنن وٽ ”ڏنو پٽ ڇٽي جو“ جو به اصول ڪم نه ٿو اچي. ڪڏهن ڪڏهن تاثر اهو ملندو آهي ته انهيءَ پني، انهيءَ ڪاڳر تي ڄڻ عملدار استخارو ڪري رهيا آهن.پوءِ جڏهن جواب ملندن ته اڪلاءُ ڪندا. پوءِ ڀلي ڪنهن غريب جي ڄڙهه ڇو نه نڪري وڃي.

    هئي ۽ هينئن جا دفترن ۽ آفيسن ۾ عوام جي ڀينگ ٿئي ٿي، انهيءَ جا بي شڪ ٻيا به ڪارڻ آهن، پر وڏي کان وڏو ڪارڻ آهي  پارٽيءَ ۽ سفارشي ماڻهن تي ملازمتن جي بارش، ڪنهن امير يا وزير جو ويجھو ۽ ووٽر هوندو ته ان کي پنهنجي هلندي پڄندي، اختيار ۽ اقتدار جا رنگ ته اوس ئي ڏيکارڻا پوندا. ڀلي اچيس ڪجهه به ڪونه، پر جتي چاهيو اتي ان کي صاحب ڪري رکرائبو. مجال آهي وڏي صاحب کي جو هن کي ڪم ڪار لاءِ چئي يا روزانو دفتر اچڻ جي هدايت ڪري! جيڪڏهن  کيس پنهنجو عهدو ۽ رتبو پيارو هوندو ته ”مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ“ ڪرڻ کانسواءِ هن جو چارو ئي ڪونه هلندو. پوءِ پارتي ۽  سفارشي ماڻهو عوام جا ڪاڳر ڪڍن ۽ فائيل ڏسن ته ڇا لاءِ؟ اهي ان ڪري ته عملدار ڪو نه ٿيا هئا نه. پر ڪڏهن ڪڏهن اهي همراهه/عملدار ٻه ٽنگا ڦاسي به پوندا آهن. ڪنهن اهڙي پارتي سفارشي عملدار ڏي سندس زيردست پنو کڻي آيو ۽ کيس چيائين ته”سائين! هن تي اوهان جي انيشل ٿيندي“. عملدار فائيل رکڻ لاءِ چئي، هن مان جان ته ڇڏائي، پر سمجهي نه سگهيو ته انيشل ڪهڙي مصيبت جو نالو آهي! همراهه کي ٻه ٽي ڏينهن يارن دوستن کان پڇڻ ۾ لڳي ويا ۽ جڏهن دعوتون کارايائين تڏهن خبر پيس ته ”انيشل“ ڇا  ٿيندي آهي!

    اهو الزام ۽ بهتان ڪونهي. پر جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان ويهي جاچ پڙتال ڪبي ته ڪيترن وڏن عهدن وارن وڏن صاحبن وٽ انگريزي لکپڙهه جا ماهر منشي رکيل نظر ايندا. پاڻ صاحب صفحو ڏيڍ به لکي نه سگهندو. پر منشنن جي مدد سان اٺ ڪتابن ۽ رپورٽن جا لکي ويندو. هن کي فقط اکيون ٻوٽي دستخط ڪرڻا ئي ته آهن.

    اهڙين پارتي ۽ سفارشي مقررين ماسترن جي روپ ۾ تعليمي ادارن جي ڀينگ ڪئي ۽ انهن وري ”گوسڙو استادن“ جي ڪلچر کي جنم ڏنو. ”گوسڙو استاد“ ٿيڻ آسان آهي، پر ”گوسڙو عملدار“ ٿيڻ ڪو به ڪونه چاهيندو. ڇو ته دفترن جون سهولتون گهرن ۾ ڪٿي؟

     

     

  • Allama II Qazi

    علام آءِ . آءِ قاضي جي سوانح ۽ خدمتن جو خاڪو ڪرانالاجي جي روشني ۾ .

     

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    تعارف. علامه آءِ . آءِ . قاضي اسان جي ڏيھ جو ڏاهو انسان هو . هن پنهنجي حياتيءَ جو هڪ هڪ پل علم کي عام ڪرڻ ۾ صرف ڪيو . سندس انهي امر ڪهاڻي جي ابتدا “مبلغ” جي صورت ۾ ٿي ۽ پڄاڻي “معلم” جي حيثيت سان ٿي .

    سنڌ جي وڏن انسانن جيان پاڻ سچو سيلائي پڻ هئو . کين ديس پرديس گهمڻ ۽ ڏسڻ جو موقعو مليو . انهيءَ حوالي سان سنڌ ۽ انگلينڊ کي خوب ڏٺائون . هنن ئي ملڪن ۾ رهيا ، پڙهيا ۽ پاڙهيائون . درس وتدريس جي سلسلي ۾ پهريون “تعليم ڌارين لاءِ” جي اصول کي قائم ڪندي ، لنڊن ۾ تبليغ جو مرڪز قائم ڪيائون ، سندن انهي جذبي جو محرڪ برنارڊشا جي تحرير بڻيو . وري سنڌ جي حالتن کين انهي ڳالهه تي مجبور ڪيو ته پاڻ خاص طور ته مسلمانن ۾ ديني ۽ دينوي تعليم کي عام ڪن . سندن انهي سوچ پٺيان سنڌي عوام جي غربت ۽ جهالت ، مٿيئن طبقي جي بي حسي ۽ حڪمران طبقي جي پرماريت اهم ڪارڻ ٿيا . علامه مرحوم علم کي علم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هلنديءَ پڄنديءَ وارن ۾ اميدون رکيون . اتان موٽ نه ملڻ تي سنڌ مدرسي ۾ ملازمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون . هتي به ڪجهه نه ٿيو ته پنهنجي گهر ۾ خانگي طور تي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائون ۽ ائين مايوس ٿيڻ بدران هر موقعي کي غنيمت ڄاڻي علم کي عام ڪندا رهيا . پر جڏهن کين سنڌ يونيورسٽيءَ جهڙو ادارو مليو ته پنهنجي محبت ۽ محنت ، لياقت ۽ صلاحيت جي پالوٽ ڪري ڏيکاريائون .

    علامه مرحوم “مبلغ” ۽ “معلم” جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو . ليڪن سندن نجي زندگيءَ تي ڪنهن قلم نه کنيو آهي . پاڻ ڪيتريون شاديون ڪيائون؟ “ايلسا قاضي” جو داستان سنڌ جي ٻين رومانوي داستانن سان ڪهڙي هڪ جهڙائي رکي ٿو؟ هن اهم سوالن تي ته اڃا تفصيل سان روشني وجهڻ جي ضرورت آهي .

    علامه مرحوم اهل علم کان سواءِ اهل قلم پڻ هو . سندن ڪتابن ۽ مقالن کان سواءِ اڻ ڳڻين خطن ۽ خطبن جو خزانو اڃا عوام جي اڳيان ڪونه آيو آهي . پاڻ ڪنهن ڪنهن ڏانهن “قرب ناما” موڪليائون ۽ ڪيتريون جمعن تي نمازون پڙهائي خطبا ڏنائون؟ محققن کي اها معلومات پڻ گڏ ڪرڻي آهي . خوش قسمتي سان انهي معلومات جا ذريعا ۽ وسيلا اڃا موجود ۽ محفوظ آهن ان کان سواءِ پاڻ جن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪيائون اهو رڪارڊ پڻ موجود آهي. “سنڌ يونيورسٽيءَ” جي رڪارڊ مان سندن علم کي عام ڪرڻ جون اهم ڪوششون نمايان ڪري سگهجن ٿيون . اهو سمورو ڪم منظم تحقيق کان سواءِ ڪري نه ٿو سگهجي .

    اميد ته انهي ڏس ۾ “علامه آءِ . آءِ . قاضي ميموريل ڪاميٽي” پاڻ ملهائيندي .

    هن موقعي تي جڏهن “پاڪستان اسٽڊي سينٽر” سنڌ يونيورسٽيءَ جي باني ۽ محسن جي ياد رکي تازي ڪرڻ لاءِ سيمينار سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ته انهي سلسلي ۾ 20 مارچ 1989 ع تي پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ۽ سيمينار ڪاميٽيءَ جي ڪنوينر محترم پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل حڪم ڪيو ته سيمينار ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ۾ هٿ ونڊايان . محترم پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفار جوڻيجي ۽ اسان ٻنهي کي گڏجي سيمينار ، ان جي پبلسٽي ۽ پلاننگ، سووينئر ان جي مواد جي ميڙي چونڊي ۽ ترتيب ، نمائش جي اهتمام کان وٺي اشتهارن جي حصول لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڪم ڪرڻو پيو . انهي مصروفيت دوران هڪ ڏينهن جي مهلت ملي ته پنهنجي ميڙي چونڊي کي اڳيان رکي هئي ڪرانالاجي تيار ڪئي اٿم ، جيڪا اڌوري ۽ اڻپوري هوندي به علامه مرحوم جي سوانح ۽ خدمتن جو خاڪو پيش ڪري ٿي . انشا الله تعالي مٿي ذڪر ڪيل علامه مرحوم جي سوانح ۽ خدمتن جي ٻين پهلوئن تي پڻ هن کان پوءِ تحقيق ڪري ، پڙهيندڙ اڳيان جامع ڪرانالاجي پيش ڪئي ويندي .

    1886 (9 اپريل)  علامه آءِ . آءِ .  قاضي جي پاٽ ، ضلعي دادو ۾ ولادت ٿي .

    1891  علامه مرحوم آخوند ميان عبدالعزيز وٽ ابتدائي تعليم وٺڻ شروع ڪئي .

    1902  علامه مرحوم کي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو علامه مرحوم صوفي فقيرن جي صحبت اختيار ڪئي . جن مان احمد فقير ٿيٻو خاص اهميت رکي ٿو .

    1904  علامه مرحوم خانگي طرح سنڌي فائينل جي تياري ڪري ، امتحان ڏنو . هن امتحان ۾ فارسي زبان ۾ پهريون نمبر کنيائين .

    1904 علامه آءِ . آءِ . قاضي ٻن مهينن لاءِ سنڌ مدرسي جي شاگرد ٿي رهيو .

    انهي عرصي دوران پاڻ پرنسپال وائنس جي بنگلي جي هيٺئن حصي ۾ رهيو

    1905 بمبئي يونيورسٽيءَ مان خانگي طرح مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين .

    1906 اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ علي ڳڙھ ڪاليج پڙهڻ ويو، پر ڪجهه عرصي بعد اتان واپس هليو آيو.

    1907 اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ هليو ويو.

    1909 علامه مرحوم لنڊن جي اسڪول آف اڪنامڪس ۾ داخلا ورتي ۽ ڊاڪٽر ڪئنن وٽ پڙهيو . ساڳي وقت ڪنگس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر برائون وٽ نفسيات جي تعليم ورتي ۽ ڊاڪٽر آرنولڊ کان فلاسافي پڙهيو .

    1910 علامه صاحب جي ملاقات ايلسا سان ٿي ۽ ساڻس شادي ڪيائين .

    1911 علامه مرحوم“لنڪن ان” مان بار ايٽ لا جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ان بعد وطن واپس وريو .

    1913 (16 مارچ) علامه مرحوم جي گهرڌياڻي ايلسا قاضي عيد جي موقعي تي پنهنجي سهري قاضي امام علي کي لنڊن مان عيد مبارڪون موڪليون .

    1915 علامه مرحوم يورپ دورو ڪيو . انهي سفر دوران اٽلي ۽ جرمني پڻ ويا . پاڻ 1919 ع تائين ٻاهر رهيا .

    1920 (ڊسمبر) “سنڌ زميندار” سکر اخبار ۾ علامه مرحوم جو “ڀائرو، جاڳو، پر براءِ خدا ڪر ٿورا موڙي” جي عنوان سان مضمون شايع ٿيو .

    1921 ٽنڊي محمد خان ۾ ماجسٽريٽ مقرر ٿيا .

    1922 (1 اپريل) علامه مرحوم خيرپور رياست ۾ ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج مقرر ٿيو . پاڻ هن عهدي تان آگسٽ 1927ع ۾ دستبردار ٿيا .

     1923 (نومبر) علامه مرحوم جي گهرڌياڻي مادام ايلسا قاضي خيرپور ۾ مير علي نواز نازجي هڪ غزل جو انگريزي ۾ منظوم ترجمو ڪيو .

    1924 ع انگلينڊ جي پوئٽري سوسائٽي مخزن “دي پوئٽري رويو” ۾ علامه مرحوم “مشرقي شاعري” جي موضوع تي مقالو شايع ٿيو. هن مقالي جي قدردانيءَ طور کين سوسائٽيءَ جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو ، جيڪو عهدو پورا پنجويهه سال ماڻيائون .

    1924 علامه آءِ . آءِ . قاضي جي ڪوشش سان خيرپور ۾“پوئري سوسائٽي” قائم ٿي جنهن کان پوءِ ان جون شاخون لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ به قائم ٿيون .

    1925 (28 جون) مير علي نواز خان لاهور جي اقبال بيگ عرف بالي سان شادي ڪئي . محترمه ايلسا قاضي ۽ بالي جي وچ ۾ دوستيءَ وارو رشتو قائم ٿيو .

    1925 (11 سيپٽمبر) “پوئٽري سوسائٽي” جي حيدرآباد شاخ جي گڏجاڻي شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ علامه مرحوم ۽ سندس گهرڌياڻي شرڪت ڪئي .

    1926 ( 23 اپريل) پوئٽري سوسائٽي لاڙڪاڻه شاخ طرفان مشاعرو ٿيو جنهن ۾ شمس العلماءَ قليچ بيگ، علامه مرحوم ۽ سندس گهرڌياڻي شرڪت ڪئي.

    1926   کين خيرپور رياست جي ايزيڪيٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر مقرر ڪيو ويو .

    1927 علامه آءِ . آءِ قاضي ۽ مير علي نواز خان ناز جي وچ ۾ پوليس ناظم شيخ حفيظ الله غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . جنهن جي نتيجي ۾ کيس پنهنجي نوڪريءَ مان هٿ ڌوئڻا پيا .

    1927  (31- آگسٽ) علامه صاحب خيرپور رياست جي نوڪري تان دست بردار ٿيو . پاڻ اتي ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيش جج کان سواءِ رياست جي ڪائونسل جا هوم ميمبر پڻ هئا .

    1927 علامه مرحوم انگلينڊ جو دورو ڪيو هن دوري دوران “دي فلاسافر” رسالي ۾ ڪنهن محترمه جو “فلسفي ڪير آهي” جي عنوان سان شايع ٿيل مضمون پڙهيائون جنهن تي پوءِ تنقيد ڪيائين .

    1927 علامه مرحوم لنڊن ۾ اسلامي تبليغ جو ڪم شروع ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ايسٽ اينڊ ۾ هڪ مرڪز کوليائين . هن مرڪز ۾ لڳاتار ٻه سال ڪم ڪيائين .

    1928 لنڊن اسڪول آف اورينٽل اسٽڊيز ۾ استاد ۽ ممتحن جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. 

     

    1928 فلاسافيڪل سوسائٽي انگلينڊ جي مخزن “دي فلاسافر” جي جولاءِ ، سيپٽمبر پرچي ۾

    “فلاسافرڪير آهي؟ ” جي عنوان سان تنقيدي خط شايع ٿيو . هن خط جي بنياد تي ئي کين فلاسافيڪل سوسائٽيءَ صوفيا ۾ ٻيهر شايع ڪيو ويو .

    1929 (1- جنوري) علامه مرحوم مختلف سنڌي اڳواڻن ڏانهن نئين سال جون مبارڪون موڪليون .

    1929 (13-مارچ) علامه مرحوم رمضان شريف جي عيد ملهائي ۽ انهيءَ موقعي تي خطن ذريعي پنهنجي دوستن احبابن کي عيد مبارڪون موڪليون .

    1929 (20 مئي) علامه مرحوم پنهنجي وطن ۾ حج جي عيد ملهائي ۽ ان موقعي تي پنهنجن دوستن احبابن کي خطن ذريعي عيد مبارڪون موڪليون.

    1929 حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائون ۽ کين حيدرآباد  ضلعي جو پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو ويو.

    1929 (1 جولاءِ) ڪراچي جي ٿياسافيڪل هال ۾ “ڪردار” جي موضوع تي علامه مرحوم ليڪچر ڏنو .

    1929 (18 آگسٽ) “دي سنڌ هيرالڊ” جي “پيغمبر نمبر” ۾ علامه مرحوم جو “ڪردار” جي موضوع سان ليڪچر شايع ٿيو . جيڪو پاڻ هن کان اڳ ٿياسافيڪل سوسائٽي ۾ ڏئي چڪا هئا .

    1929 ( 5- سيپٽمبر) علامه مرحوم ڪراچيءَ ۾ وڪٽوريا روڊ جي بنگلي نمبر 4 ۾ رهيو .

    1929 ( 6- سيپٽمبر) ڊي . جي سنڌ ڪاليج ۾ ڪلچرل شو ٿيو . جنهن جي صدارت علامه مرحوم جي گهرڌياڻي صدر ايلسا قاضي ڪئي .

    1929 ( آڪٽوبر) سنڌ جي فرقيوارنه ماحول ۽ حالتن تي علامه مرحوم ڏکوئجي مسئلي جي حل لاءِ ويچارڻ شروع ڪيو ، ۽ خاص طور تي انهيءَ ڳالهه تي توجهه ڏنائين ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سنڌي مسلمان مطالعي ، مشاهدي ۽ تجربي جي بنياد تي پاڻ کي ڪارائتو انسان بڻائي حالتن جو مقابلو ڪري .

    1929 ( 5- آڪٽوبر) “سنڌ  هيرالڊ” جي هن پرچي ۾ ايڊيٽر هندو مسلم فرقيواريت کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي . اها ڳالهه علامه مرحوم کي پسند نه آئي جنهن جو اظهار پنهنجي خط وڪتابت ۾ ڪيائون .

    1929 ( 7- آڪٽومبر) علامه مرحوم سيد غلام مرتضي شاھ سنائي ڏي خط لکي کيس “پرائمر آف پاليٽڪس” ڪتاب پڙهڻ جو تاڪيد ڪيو ۽ سندس توجهه “ سنڌ هيرالڊ جي 5 آڪٽوبر واري پرچي ۾ شايع ٿيل مسلمان ڪارڪن بابت رمارڪ طرف ڇڪرايو علامه مرحوم انهي ڏينهن تي ڪراچي ۾ قيام پذير هئو .

    1929 ( 17- ڊسمبر) علامه مرحوم جو حيدرآباد ڪئنٽونمينٽ واري بنگلي نمبر 4 ۾ قيام پذير هئڻ جو پتو پئي ٿو . انهي تاريخ تي پاڻ خط وڪتابت پڻ ڪيائون .

    1929 ( 26- ڊسمبر) علامه مرحوم حيدرآباد مان مختلف سنڌي اڳواڻن سان خط وڪتابت ڪئي ۽ سندن توجهه سنڌي عوام جي غربت ۽ جهالت طرف ڇڪرايو . هن خط لکڻ کان اڳ ڪيترا دفعا پاڻ آس پاس جي ڳوٺن ۾ ويندو رهيو ۽ حالتن کي ڏسندو عوام سان ملندو رهيو .انهيءَ تاريخ تي لکيل خط ۾ پئسن گوئي ڪري ٿو جيڪڏهن حالتون نه بدلايون ويون ته ويهن سالن اندر تباھ ڪن نتيجو نڪرندو .

    1930 ( 13 فيبروري) اڍائي مهينن کان غربت ۽ جهالت واريون حالتون ڏسي ، سنڌي مسلمان ڌن ڌڻي ۽ اڳواڻ طبقي جي بي بسي کي محسوس ڪري علامه مرحوم هفتيوار اخبار ڪڍڻ جو خيال ڪري چڪو هو .انهيءَ سلسلي ۾ هن تاريخ تي حيدرآباد مان ڪن ماڻهن سان خط وڪتابت ڪيائين .

    1930 ( 3- مارچ) علامه مرحوم رمضان شريف جي عيد ملهائي ۽ ان موقعي تي پنهنجن دوستن احبابن کي پڻ خطن ذريعي عيد مبارڪون ڏنيون .

    1930 (14 اپريل) همشيره جي نياڻيءَ جي بيمار ٿي پوڻ ڪري علامه مرحوم جن حيدرآباد ۾ ئي موجود رهيا . اتي کين معلوم ٿيو ته سنڌ جو ڪمشنر “ينگ ڪرشچن ائسوسيئيشن” جي سرپرستي ڪري ٿو . کين احساس ۽ خيال پيدا ٿيو ته جيڪڏهن مسلمانن طرفان کيس سرپرستيءَ جو سڏ ڏنو وڃي ۽ شايد هو قبول نه به ڪري مسلمانن جي اهڙي نڌڻڪائي کيس خط وڪتابت ذريعي حال اورڻ تي مجبور ڪيو .

    1930 ( 10 مئي) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ ان موقعي تي پنهنجن دوستن احبابن کي خطن ذريعي عيد مبارڪون موڪليون .

    1930 ( 30 سيپٽمبر) ڪراچي ۾ محمد علي جناح کي دعوت ڏئي سنڌي مسلمان اڳواڻ سان “سنڌ جي بمبئي کان علحدگي” واري مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . هي گڏجاڻي سيد غلام مرتضي شاھ جي بنگلي تي ٿي ، جنهن ۾ علامه مرحوم پڻ شرڪت ڪئي .

    1930 (21- نومبر) ڪراچيءَ ۾ سنڌي مسلمان اڳواڻن ۽ دانشورن جي گڏجاڻي ٿي ته جيئن انگريزي اخبار جي اجرا لاءِ سوچ ويچار ڪري سگهجي ، علامه مرحوم هن گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي .

    1930 (ڊسمبر) جنگشاهيءَ “اڪبر آشرم” ٺاهڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ علامه مرحوم جي رهبري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين .

    1931 ( 1 جنوري) نئين سال جي موقعي تي علامه مرحوم سنڌ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي خطن ذريعي نئين سال جون مبارڪون موڪليون .

    1931 ( 5- جنوري) ريلوي ذريعي علامه حيدرآباد کان دادو ويا ۽ انهيءَ ڏينهن وري اتان واپس ٿيا . لڪي ڀڳي ٽوڙي جي پر لطف نظاري کين متاثر ڪيو ، جنهن جو اظهار خط و ڪتابت ۾ ڪيائون .

    1931 ( 7 جنوري) علامه مرحوم نئين سال جي موقعي تي جن ماڻهن کي مبارڪون موڪليون هيون ، تن جي کين موٽ نه ملي ، ان ڪري خطن ذريعي موٽ نه ڏيڻ واري ڳالهه تي تعجب جو اظهار ڪيائون سنڌي مسلمان سياستدانن کي “سياسي علم” حاصل ڪرڻ ۽ وڌيڪ مطالعي ڪرڻ لاءِ جيڪا اڳ ۾ علمي ۽ قلمي تحريڪ هلائي چڪا هئا . ان سلسلي ۾ محترم جي . ايم سيد ڏانهن “روم جي مختصر تاريخ” ۽ افلاطون جو “ريپبلڪ” ڪتاب موڪلي ڏنائون .

    1931 ( 9- فيبروري) علامه مرحوم طرفان اڄوڪي تاريخ ۾ لکيل خط  مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ڪو رسالو جاري ڪيو هيائون . جنهن جا فقط ٽي پرچا نڪري سگهيا . هن خط جي پڄاڻي ۾ لکن ٿا ته “افسوس اهو اٿم ته مونکي سنڌي مسلمانن جي ٻڏندڙ قوم جي بچائڻ لاءِ ڪو رستو ڏسڻ نه ٿو اچي ڪاش هي وڏا زميندار سندن ذاتي مفاد کي ڪجهه پاسيرو رکي ، قوم لاءِ ڪجهه ڪندا .”

    1931 ( 20- فيبروري) علامه مرحوم رمضان شريف جي عيد ملهائي ۽ ان موقعي تي پنهنجن دوستن احبابن کي خطن ذريعي عيد مبارڪون ڏنيون .

    1931 (20 فيبروري) معلوم ٿئي ٿو ته علامه مرحوم شاھ لطيف جي ڪلام جو تفصيلي مطالعو ڪري رهيو هو . ان ڪري خط وڪتابت ۾ پڻ لطيف سائين جا بيت حوالن ۾ شاهدن طور ڏيڻ شروع ڪيائين اڄوڪي تاريخ ۾ لکيل هڪ خط ۾ راءِ قائم ڪئي اٿن ته ساڌو وسواڻي کي هندو موٽ ڏئي رهيا آهن ، مگر هو پاڻ جيڪڏهن اهڙي ريت تعليم ۽ تبليغ جو ڪم شروع ڪندو ته کين مسلمانن وٽان اهڙي موٽ نه ملندي .

    1931 (مارچ) مهيني جي آخري هفتي ۾ علامه مرحوم جن سنڌ مان پرڏيهه لاءِ روانا ٿي ويا .

    1931 (31 مارچ) علامه مرحوم انگلينڊ ڏانهن ويندي سيئز واھ پهتو . جتان پڻ سنڌ جي اڳواڻن مان ڪن خاص اڳواڻن سان خط وڪتابت ڪيائين .

    1931 (29 اپريل) علامه مرحوم حج عيد ملهائي ۽ ان موقعي تي خطن ذريعي پنهنجن دوستن احبابن کي عيد مبارڪون موڪليون .

    1931 (مئي) مئي جي شروعات تاريخن ۾ علامه مرحوم لنڊن پهچي ويو . جتي اولڊ براڊ اسٽريٽ اي . سي جي گهر نمبر 22 ۾ رهيو .

    1931 (14 مئي ) علامه مرحوم خط لکي اها خواهش ظاهر ڪئي ته هن ۾ جيڪڏهن کين تبليغي ۽ تعليمي مرڪز قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏني وڃي ته هو انهيءَ مقصد لاءِ وطن واپس موٽڻ لاءِ تيار آهي . پر پاڻ اها راءِ قائم ڪري چڪا هئا ته ٿيا سافسٽن سان گڏجي اهڙو ڪم نه ڪندا ڇو ته اهي پنهنجي نظريئي کي هڪ نئون قومي ۽ دستوري فرقو بنائڻ گهرن ٿا .

    1931 (15 مئي ) علامه مرحوم ڄيٺل پرسرام جي انهي تجويز جي مخالفت ڪئي ته سنڌي صورتخطيءَ کي اهميت ڏيڻ نه گهرجي . علامه مرحوم راءِ ڏني ته لفظن جي صورتخطي بدلائڻ سان انهن جي معني بدلجي ويندي .

    1931 (21 مئي ) علامه مرحوم انگلينڊ مان خط لکي سيد غلام مرتضي شاھ کي پنهنجي انهي خواهش کان ٻيهر تفصيل سان ٻڌائڻ گهريو ته پاڻ سن ۾ جيڪو تدريسي ۽ تبليغي مرڪز قائم ڪرڻ گهري ٿو . ان جو سيد صاحب جي مصروفيتن ۽ مالي ذريعن تي اثر نه پوندو

    1931 ( 13 آگسٽ) علامه مرحوم انگلينڊ مان سيد غلام مرتضي سنائي ڏي خط لکي اڳ ۾ 21 جولاءِ واري خط جي موٽ موڪلڻ جو تاڪيد ڪيو .

    1931 ( 9- سپٽمبر) علامه مرحوم انگلينڊ مان سيد غلام مرتضي سنائي ڏي خط لکي يادگيري ڏياري ته هن وٽان کيس 21 جولاءِ واري خط جي جوڳي موٽ نه ملي آهي ، ان ڪري کيس ٻڌايو وڃي ته شاھ صاحب پنهنجي ڪيل وعدي تي قائم آهي يا نه ؟ شاھ صاحب اهو وعدو ڪيو ته علامه مرحوم کي سن ۾ تعليمي ۽ تبليغي تربيتي مرڪز قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو .

    1931 ( 9- آڪٽوبر) علامه مرحوم انگلينڊ ۾ مطالعي ۽ غور فڪر ۾ مصروف رهيو ، ان جي جهلڪ سندس اڄوڪي تاريخ تي لکيل خط مان ملي ٿي . جنهن ۾ “گرنٿ” ۽ قرآن شريف مان حوالا ڏنا اٿن . سيد غلام مرتضي ڏانهن لکيل اڄوڪي خط جي پڄاڻي هنن لفظن سان ڪري ٿو ته “مسلمان زميندار هر سال جيترو پيسو وڪيلن جي فين تي خرچ ڪري ٿو . ان مان وڏو ڪاليج هلي سگهي ٿو.

    1931 ( 2 ڊسمبر) برطانيه جي وزيراعظم سنڌ کي جدا صوبي بنائڻ جو اعلان ڪيو علامه مرحوم اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪيترن اڳواڻن ڏي خط لکي نئين صوبي جي مستقبل ۾ تعمير ۽ هندو مسلم اتحاد جي مسئلن تي سندن خيال معلوم ڪرڻ گهريا .

    1932 لنڊن جي اسڪول آف لينگويجز ۾ شيخ گوما ۽ پروفيسر ڊاڪٽر ٽريٽن کان عربي ٻولي جي سکيا ورتائون .

    1932 (27- جنوري) علامه مرحوم جي گهرڌياڻي مدرايلسا قاضي سيد غلام مرتضي شاھ ڏي خط لکي انهي ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته “حڪمت مرڪز” جو قيام ۽ وطن واپسي جو بندوبست ٿي رهيو آهي .

    1932  ( 9- فيبروري) علامه مرحوم رمضان شريف جي عيد ملهائي ۽ ان موقعي تي خطن ذريعي پنهنجي دوستن احبابن کي عيد مبارڪون موڪليون.

    1932 ( 12- اپريل) مدر ايلسا قاضي سيد غلام مرتضي شاھ ڏي خط لکيو ، جنهن جي پڄاڻي هنن لفظن سان ٿئي ٿي “مون کي آرام ، شانتي، شعر ۽ دائميت جي حصول جي ضرورت آهي . مون کي هتي جي ڊانسنگ هالن جي جازي پيازن کان ڳوٺاڻي نار جو آواز وڌيڪ پسند ايندو.

    1932 ( 12- اپريل) علامه مرحوم جي گهرڌياڻي مدر ايلسا قاضي لنڊن مان اي . ڪي. بروهيءَ کي خط لکيو جنهن ۾ فارسي بيت ته “ڪئين گل مٽيءَ کي خوشبو پهچائي ٿو” جي تشريح ڪئي.

      1932 ( 17- اپريل) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ انهيءَ موقعي تي پنهنجي دوستن احبابن کي خطن ذريعي عيد مبارڪون موڪليون .

    1932 ( 27- اپريل) علامه مرحوم انگلينڊ مان خط لکي سيد غلام مرتضي شاھ کي ٻڌايو ته هو ٻه ٽي مهينا ترسي پوءِ وطن واپس ٿيندا . انهيءَ خط ۾ ڄيٺل پرسرام جي جيل پوڻ تي کيس خراج تحسين ڏيندي افسوس جو اظهار ڪيو اٿس ته سنڌ جا مسلمان اهڙي قرباني ڏيڻ کان به ڪيٻائين ٿا .

    1932 ( 22- آگسٽ) علامه انگلينڊ مان سيد غلام مرتضي شاھ ڏي خط لکي اها شڪايت ڪئي ته کين سندن خطن جي موٽ نه ٿي ملي . حاتم علوي ۽ شاھ صاحب کيس جواب نه ٿو ڏئي .

    1932 ( 6- آڪٽوبر) ائين ٿو محسوس ٿئي ته علامه آءِ . آءِ . قاضي وطن واسين جي اڳواڻن جي سرد مهري ڏسي پنهنجي وقت کي انتظار ۾ وڃائڻ بدران ، انگلينڊ ۾ رهي تبليغ تربيت ۽ تدريس جو ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو . اهڙي تاثر هن تاريخ سيد غلام مرتضي شاھ ڏانهن لکيل خط مان ملي ٿيو .

    1933 علامه مرحوم پنهنجي گهرڌياڻي سان گڏ انگريزي ۾ “ايڊوينچر آف دي برائون گرل ان سرچ آف هر گاڊ” لکيائون . دراصل برنارڊ شاجي هڪ ڪتاب جو رد هو .

    1933 انگلينڊ ۾ “جميعت المسلمين” جو پايو وڌائون ۽ اتي اسلامي تبليغ شروع ڪيائون .

    1933 ( 28- جنوري) علامه مرحوم رمضان شريف جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن کي احبابن عيد مبارڪون ڏنيون .

    1933 ( 6- اپريل) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن احبابن کي مبارڪون موڪليون .

    1934 ( 5- جنوري) علامه مرحوم لنڊن ۾ جمعي جي نماز پڙهائي ۽ خطبو ڏنو ، ۽ پوءِ هر هڪ جمعي تي نماز پڙهائيندا ۽ خطبو ڏيندا رهيا . اهو سلسلو آڪٽوبر 1934 تائين هليو .

    1934 ( 27- مارچ) علامه حج جي عيد لنڊن ۾ ملهائي ۽ ان موقعي تي وطن واسين مان ڪيترن ڄڻن کي عيد واڌايون موڪليائون .

    1934 ( 21- جون) معلوم ٿئي ٿو ته علامه مرحوم لنڊن ۾ جاءِ مٽائي اولڊ براڊ اسٽريٽ جي گهر نمبر 28 ۾ رهڻ لڳو جتان هن تاريخ تي سيد غلام مرتضي شاھ ڏانهن خط لکيو اٿن ته “هاڻ اسان کي خط ڇو نه ٿو لکين؟” ڇا ، دنيا جا معمولي معاملا توکي اهڙو مشغول رکيو ويٺا آهن جو دوستن کي وساري ڇڏيو اٿئي .

    1934 ( 6- آگسٽ) علامه آءِ . آءِ . قاضي انگلينڊ مان سيد غلام مرتضي شاھ ڏي خط لکيو ته جيڪڏهن تون وعدو ڪرين ، هڪ مسجد، هڪ خانقاھ ، هڪ ليڪچر روم ۽ پنجاھ شاگرد ميسر ڪري سگهين ته آئون سڀاڻي ئي ايڏانهن هليو اچان .هن مهيني جي آخري تاريخن ۾ پاڻ ولايت ڇڏي سنڌ ڏانهن روانا ٿيا .

    1934 ( 5- ڊسمبر) علامه مرحوم سکر مان پنهنجي ساٿين سان خط وڪتابت ڪئي .

    1935 (جنوري) علامه مرحوم ڪراچي پهتو ۽ برٽوروڊ جي گهر نمبر 934 ۾ رهائش پذير ٿيو .

    1935 ( 7- جنوري) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن کي مبارڪون موڪليون .

    1935 ( 3-مارچ) علامه مرحوم جي ڪوشش سان ڪراچي ۾ “ انجمن تبليغ اسلام” جو اجلاس ٿيو .

    1935 ( 16- مارچ) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليائين .

    1935 (اپريل) شِخ عبدالعزيز ڪتابن شايع ڪرائڻ جو خيال ڪري ، علامه مرحوم سان صلاح مشورو ڪيو ۽ کين پاڻ سان شريڪ ٿيڻ جي گذارش ڪئي .

    1935 ( 30- جون) سيد غلام مرتضي شاھ جي ڪوشش سان ڪراچي ۾ سنڌي سياستدانن ، مدبرن ۽ دانشورن جي گڏجاڻي ٿي ۽ صوبي جي نئين انتظامي جوڙجڪ جي روشني ۾ نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ لاءِ ويچار ڪيو ويو . هن گڏجاڻي ۾ علامه مرحوم پڻ شرڪت ڪئي .

    1935 ( 28- ڊسمبر) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ پنهنجي دوستن احبابن ڏانهن خطن ذريعي مبارڪون موڪليون .

    1936 ( 5- مارچ) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1936 ( 16- ڊسمبر) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1937 ( 22- فيبروري)  علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1937 ( 17- اپريل) علامه مرحوم لنڊن ۾ ئي موجود هيو ۽ هن تاريخ تي سنڌ جي مختلف اڳواڻن ڏانهن خط لکيائون ، جن مان سيد غلام مرتضي شاھ ڏانهن لکيل خط پڻ هڪ آهي .

    1937 ( 5- ڊسمبر) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1938 هن سال جي شروعات ۾ علامه مرحوم لنڊن ڇڏي وطن واپس وريا .

    1938 ( 11-فيبروري) پاڻ مسلم هاسٽل جي مسجد م جمعي جو خطبو ڏنائون ۽ ائين لڳاتار هر هڪ جمعي تي خطبو ڏيندا رهيا .

    1938 ( 12 فيبروري) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن عيد جو مبارڪون موڪليون .

    1938 ( 3- مئي) علامه مرحوم جو ڪراچي ۾ رهڻ ثابت ٿئي ٿو ، پاڻ انهيءَ تاريخ تي خط وڪتابت ڪئي اٿائون معلوم ٿئي ٿو ته هن دفعي کين سنڌ مدرسي ۾ وائيس پرنسپال ٿيڻ جو خيال پيدا ٿيو ليڪن مدرسي بورڊ اها ڳالهه منظور نه ڪئي .

    1938 (16- جون) “سنڌ مدرسه بورڊ”  جي گڏجاڻي ٿي ، جنهن وائيس پرنسپال جي آسامي ڀرڻ لاءِ ويچار ڪيو ويو علامه مرحوم پڻ انهي آساميءَ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي . ليڪن کين مايوس ڪيو ويو .

    1938 ( 15- جولاءِ) سنڌ جا سياستدان ۽ اڳواڻ سنڌ اسيمبلي ۾ جيئن سياست جي مٽي پليد ڪري رهيا هئا ، انهن ڳالهين کان متاثر ٿي ، علامه مرحوم هڪ خط ۾ لکيو آهي اڳواڻ انهن هزارن ماڻهن کان بهتر ڪونه آهن جن کي هر سال 11 قلم هيٺ بند ڪيو وڃي ٿو .

    1938 ( آگسٽ) “ دي مسلم اسٽوڊنٽ” ڪراچي جي پرچي ۾ سندن انهيءَ خطاب جو متن شايع ٿيو ، جيڪو پاڻ هن کان اڳ ڪراچي جي فارسي ڪميونٽي کي ڪري چڪا هئا .

    1938 ( 24- نومبر) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوست ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1938 ( 15- ڊسمبر) ڪراچي جي خالق ڏني هال ۾ “اردو ڊي” ملهايو ويو، جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي . پاڻ ان موقعي تي جيڪو خطاب ڪيائون اهو سندن ڪتاب “ڪيزيوئل پيپس ائٽ صوفيا ” ۾ شامل ڪيو ويو .

     1939 سنڌ سرڪار طرفان يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ ميران محمد شاھ جي چئيرميني ۾ 15 ڄڻن جي هڪ ڪاميٽي ٺاهي وئي . جن ۾ علامه مرحوم کي پڻ ميمبر طور کنيو ويو . هن ڪاميٽيءَ جون جملي 39 گڏجاڻيون ٿيون جن مان قاضي مرحوم ٻن گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي .

    1939 ( 1- فيبروري) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1939 ( 12 مئي) علامه مرحوم ڪراچيءَ ۾ پنهنجي تبليغي ۽ تربيتي تحريڪ کي جاري رکيو ۽ ان ڏس ۾ اڄوڪي تاريخ ۾ لکيل خط  مان معلوم ٿيو ته پاڻ ڪراچي ڇڏڻ لاءِ في الحال تيار ڪو نه آهن البت مولانا عبيدالله سنڌي جي سهڪار جي خواهش ضرور رکن ٿا .

    1939 ( 26- آگسٽ) اڄوڪي تاريخ ۾ لکيل خط مان معلوم ٿئي ٿو ته علامه مرحوم کي ڪورٽ آف وارڊس طرفان مقيم شاھ بخاري جي تربيت ۽ سنڀال جو ڪم سونپيو ويو هو، ۽ انهيءَ عرصي دوران پاڻ زميندار ماڻهن جي اولاد لاءِ ساڳي نوعيت جو ڪم ڪندا هئا .

    1939 ( 13- نومبر) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1940 ( 16- جنوري) علامه مرحوم “مسجد منزل گاھ تحريڪ” کي ناپسند ڪيو ۽ اهڙن جذبن جو اظهار اڄوڪي تاريخ ۾ لکيل خط ۾ ڪيائين. خط ۾ لکن ٿا ته مسلمانن جا سمورا ادارا مسلمانن هٿان برباد ٿي رهيا آهن . مسجدون ويران ٿي رهيون آهن . تعليمي ادارا ردي حالت کي پهچي رهيا آهن ۽ پوءِ به مسلمان هليا  آهن مسجد منزل گاھ تحريڪ هلائڻ!

    1940 (21 جنوري) علامه حج جي عيد ملهائي ۽ خطن جي ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1940 ( 7- جون) پاڻ مسلم هاسٽل جي  مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏنائون .

    1940 ( 8- جون) تڏهوڪي تعليمي وزير سنڌ فزيڪل ڪلچر سٽ جي آسامي ڀرڻ لاءِ هڪ اميدوار کي انٽرويو لاءِ علامه آءِ . آءِ . قاضي ڏانهن ڏياري موڪليو ، جنهن جو انٽرويو ورتو ويو .

    1940 ( 13- ڊسمبر) يونيورسٽي قائم ڪرڻ واري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، قاضي مرحوم خط لکي ان ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو اطلاع ڏنو . مسلم هاسٽل ۾ جمعي جو خطبو ڏنائون .

    1941 ( 9- جنوري) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1941 ( 19- فيبروري) ڪجهه وقت کان وٺي علامه مرحوم اڌ ڊزن کن شاگردن کي پاڻ وٽ رهائي تعليم ۽ تربيت جو خانگي تجربو ڪيو. ڪن حلقن اها تنقيد ڪئي ته علامه مرحوم جن ڏوڪڙن ڪمائڻ گهرن ٿا . هن تاريخ تي جي. ايم سيد ڏانهن خط لکي علامه آمدني ۽ روانگيءَ جا تفصيل ڏنا ، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ماهوار آمدني يارهن سو روپيا هئي ، جڏهن ته خرچ تيرهن سو روپيا ٿي آيو!

    1941 ( 13- مارچ) علامه مرحوم خانگي طور تي تعليم جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو ، ان تي ڪم ڪندي وقت بوقت شاگردن جي والدين سان خط وڪتابت ڪندا هئا ۽ کين حال احوال ڏيندا هئا . هن تاريخ تي پڻ اهڙا خط لکيائون ، جن مان هڪ خط سيد غلام مرتضي شاھ ڏي پڻ لکيو ويو .

    1941 ( 22- آڪٽوبر) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوست ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1941 ( 29- ڊسمبر) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1942 ( 11- آڪٽوبر) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1942 ( 18- ڊسمبر) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1943 ( 3- مارچ) سيد غلام مرتضي شاھ سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان جي ٺهراءُ پيش ڪرڻ وقت تقرير ڪئي، جنهن جي متن جو گهڻو تڻو مواد علامه مرحوم جن مهيا ڪيو .

    1943 ( 22- مارچ) 3- مارچ تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ واري ٺهراءُ پاس ٿيڻ کان پوءِ هندو مسلم اتحاد کي خطرو لاحق ٿيو . ان سلسلي ۾ علامه مرحوم ڌرتيءَ جي قرض لاهڻ لاءِ نهچلداس ۽ ٻين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، پر مثبت نتيجا نه نڪتا . انهن ڳالهين جو اظهار اڄوڪي تاريخ ۾ لکيل هڪ خط ۾ ڪيو اٿس .

    1943 ( 29- مئي) علامه مرحوم پنهنجي جاءِ تي خانگي تعليم جو جيڪو سلسلو جاري ڪيو هو ، ان سلسلي جي ڪڙيءَ طور شاگردن جي والدين کي اطلاع ڏنو ويو ته جون کان کين ويڪيشن ڏني پئي وڃي .

    1943 ( 3- ڊسمبر) علامه مرحوم سيد غلام مرتضي شاھ ڏي خط لکي آل انڊيا مسلم ليگ ڪانفرنس جي استقباليه ڪاميٽيءَ جي صدر طور پيش ڪندڙ خطبي جي متن تي پنهنجي راءِ ڏني .

    1943 (7- ڊسمبر)  علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1943 ( 24- ڊسمبر) ڪراچيءَ ۾ ٿيل آل انڊيا مسلم ليگ اجلاس ۾ محترمه جي. ايم. سيد جيڪو صدر استقباليه طور خطبو پڙهيو ،ان جي متن جي تياريءَ ۾ علامه مرحوم سندن مدد ڪئي .

    1943 ( 31- ڊسمبر) پاڻ مسلم هاسٽل جي مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏنائون . اهو سلسلو 1938 ع کان شروع ڪيو هيائون .

    1944 ( 6- جنوري) علامه مرحوم خط لکي سيد غلام مرتضي شاھ کي صلاح ڏني ته هو سنڌ مدرسي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي خالي ٿيندڙ جاءِ تي ميمبر ٿي اچڻ لاءِ ڪوشش ڪري .

    1944 ( 24- مئي) علامه مرحوم پنهنجي گهر واري ۽ خانگي شاگردن سميت سولن ۾ رهيو

    1944 ( 18- سيپٽمبر) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1944 ( 26- نومبر) علامه مرحوم جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1945 ( 17- جنوري) شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ 1924 ۾ هڪ ليڪچر ڏنو جيڪو “هندوستان جي سياسي مسئلن تي هڪ نظر” جي نالي سان رسالي جي صورت م شايع ٿيو .هن تاريخ جي علامه مرحوم ان جو تعارف لکيو .

    1945 ( 2- مئي) علامه مرحوم آرام ۽ سير سفر لاءِ سولن ، شملا روانو ٿي ويو .

    1945 ( 3- آگسٽ) علامه مرحوم پنهنجي گهرڌياڻي ۽ شاگردن سميت سولن کان ڪراچي لاءِ روانو ٿيو.

    1945 ( 9- سيپٽمبر) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1945 ( 29- سيپٽمبر) علامه آءِ . آءِ . قاضي سيد غلام مرتضي شاھ کي خط لکي پارت ڪئي ته ڏيپلي جي قاضي احمد ايڊوڪيٽ کي سنڌ اسيمبلي جي اميدوار جي ٽڪيٽ ڏني وڃي .

    1945 ( 29- سيپٽمبر) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1945 (ڊسمبر) سنڌ اسيمبلي جي ا ميدوارن ۾ ٽڪيٽ ورهائڻ جي مسئلي تي سنڌ مسلم ليگ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيو اهي اختلافي ڳالهيون علامه مرحوم ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ، پر کين ايتري ڪاميابي ڪانه ٿي .

    1946 ( 6- اپريل) علامه مرحوم پنهنجي شاگردن جي ابتدائي تربيت ڪرڻ کان پوءِ کين سٺن اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ پاڻ ڪوشش وٺندا رهيا . ان سلسلي ۾ مختلف ادارن جي پرنسپالن سان رابطو رکيو ايندا هئا . اها ڳالهه اڄوڪي تاريخ ۾ لکيل خط مان ثابت ٿئي ٿو .

    1946 ( 29- آگسٽ) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1946 ( 5- نومبر)  علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1947 ( 26- اپريل) سنڌ يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آيو.

    1947 ( 26- اپريل) علامه مرحوم سيد غلام مرتضي شاھ طرفان موڪليل “نئين سنڌ لاء جدو جهد” ڪتاب جو مسودو ڏسي پورو ڪيو ۽ انهيءَ لاءِ راءِ ڏنائين ته ڪتاب دلچسپ آهي . پهرين نون فصلن ۾ وڌيڪ وضاحت ٿيڻ گهرجي .

    1947 ( 19- آگسٽ) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنيج دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1947 ( 3- سيپٽمبر) ڪراچي ۾ راڪ هائوس ۾ اجي. ايم. سيد “شاھ لطيف جو قومي تخيل” جي موضوع تي تقرير ڪئي . جنهن کي علامه مرحوم پڻ ساراهيو .

    1947 ( 26- آڪٽوبر) علامه  مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن  ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1947 (آڪٽوبر) هندوستان جي تقسيم کان پوءِ ننڊي کنڊ ۾ قتل وغارت جي جيڪو ماحول پيدا ٿيو . تنهن علامه مرحوم کي ولايت اسهڻ تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو .

    1947 ( نومبر) علامه مرحوم هن مهيني جي آخري تاريخن ۾ انگلينڊ پهچي ويو . اتي تعليم جي اهميت تي ڪتاب لکڻ جو ڪم شروع ڪيائين .

     1948 هن عرصي دوران پاڻ لندن جي ايينتو وڊ جي گهر نمبر 45 ۾ رهڻ لڳا .

    1948 ( 7- آگسٽ) علامه مرحوم هن سال تائين انگلينڊ جي پوئٽري سوسائٽي جو نائب صدر رهيو .

    1948 ( 14- آڪٽوبر) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1949 ( 28- جولاءِ) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1949 ( 4- آڪٽوبر) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1949 ( 23- ڊسمبر) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1950 ( 17- جولاءِ) علامه مرحوم اڄوڪي تاريخ ۾ سيد غلام مرتضي شاھ ڏي لکيل هڪ خط ۾ وطن واپس ورڻ جي خواهش ڏيکاري .

    1950 ( 23- سيپٽمبر) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1951 ( 9- اپريل) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    علامه آءِ . آءِ . قاضي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ عهدو سنڀاليو .

    1951 ( 28- اپريل) علامه آءِ. آءِ. قاضي جي ڪوششن سان سنڌ گورنمينٽ کي يونيورسٽي ڪئمپس جي جامع رٿا پيش ڪئي ويئي .

    1951 ( 4- مئي) علامه مرحوم جي ڪوششن سان سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد ڏانهن منتقل ڪيو ويو .

    1951 ( 6- جولاءِ) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1951 سنڌ يونيورسٽي ۾ ماھ سيپٽمبر ۾ پهريون شعبو (ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ) قائم ڪيائون .

    1951 ( 12 سيپٽمبر) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1951 ( 11- نومبر) دادو ۾ يارهين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ٿي ، جنهن لاءِ علامه مرحوم صدارتي خطبو لکي ڏياري موڪيلو .

    1952 علامه مرحوم جي گهرڌياڻي جو انگريزي ناول “اولڊ انگلش گارڊن سيفوني” شايع ٿيو .

    1952 علامه مرحوم لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ “ميڊيڪل اسٽوڊنٽس يونين” جو افتتاح ڪيو .

    1952 علامه مرحوم جي ڪوششن سان سنڌ يونيورسٽي ۾ ايڪسٽينشن ليڪچرس جو سلسلو شروع ٿيو .

    1952 ( 25- جون) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1952 ( 1- سيپٽمبر) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1953 ( 1- فيبروري) سنڌ يونيورسٽي ۾ علامه مرحوم جي صدارت هيٺ ايڪسٽينشن ليڪچر ٿيو، جنهن ۾ پاڻ “سرڪاري ملازم” جي موضوع تي خطاب ڪيائون ..

    1953 علامه مرحوم جي صلاح ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ حڪيم شمس الدين ، ڊاڪٽر بلوچ ، ۽ ٻين “سنڌ طبي ڪاليج ائسوسيئيشن” ٺاهي جنهن اڳتي هلي حيدرآباد ۾ سنڌ طبيه ڪاليج قائم ڪيو.

    1953 ( 14- جون) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1953 ( 21- آگسٽ) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1953 ( 30- آڪٽوبر) “شاھ لطيف جو دنيا جي شاعرن ۾ مقام ” جي عنوان سان علامه مرحوم جو انگريزي مضمون حيدرآباد جي “ٽارچ فورٽ نائيٽلي” ۾ شايع ٿيو .

    1953 ( 30- نومبر) انگريزي اخبار “ٽارچ فورٽ نائيٽلي” ۾ علامه مرحوم جي تحرير “شاھ لطيف جي دنيا جي شاعرن ۾ حيثيت” جي عنوان سان شايع ٿي .

    1953 ( 3- نومبر) علامه  آءِ. آءِ . قاضي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر جي حيثيت ۾ حيدرآباد جي اورينٽئل ڪاليج جو دورو ڪيو ۽ ان موقعي تي عملي کي خطاب ڪيو .

    1953 ( 15- نومبر) علامه مرحوم وائيس چانسيلر جي حيثيت ۾ جيڪو “اورينٽئل ڪاليج” جو دورو ڪيو ۽ ان وقت خطاب ڪيو . انهي دوري جي تفصيلي خبر ۽ خطاب جو متن انگريزي اخبار “ٽارچ فورٽ نائٽلي” ۾ شايع ٿيو .

    1953 ( 30- نومبر) يارهين فيبروري 1953 تي سنڌ يونيورسٽي ۾ علامه مرحوم جي صدارت هيٺ ڊاڪٽر حميد جيڪو ليڪچر ڏنو ۽ ان موقعي تي علامه مرحوم صدارتي خطبو ڏنو . انهن جو متن “ٽارچ فورٽ نائيٽلي” ۾ شايع ٿيو .

    1953 ( 11- ڊسمبر) علامه مرحوم جي صدارت هيٺ سنڌ يونيورسٽي جي سينٽ هال ۾ ڊاڪٽر ڪي. اي. حميد شعبه فلاسافي“ايمان ۽ ان جو منهنجي فلسفي تي اثر” جي موضوع تي ليڪچر ڏنو .

    1953 ( 18- ڊسمبر) سنڌ يونيورسٽي ۾ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار آغا تاج محمد “هڪ صحيح استاد” جي موضوع تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو . جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي ان موقعي تي صدارتي خطبو ڏنائون .

    1953 ( 25- ڊسمبر) سنڌ يونيورسٽي جي انگلش ڊپارٽمينٽ جي تڏهوڪي سربراھ پروفيسر جي ڊبيلو سعيد “جمهوريت ۽ اسلام” جي موضوع تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو . ان موقعي تي علامه مرحوم “اسلام ۾ سيڪيولر جمهوريت” جي عنوان سان صدارتي خطبو ڏنو .

    1954 ( 1- جنوري) سنڌ يونيورسٽي جي سينٽ هال ۾ سنڌي شعبي جي تڏهوڪي سربراھ پروفيسر علي  نواز جتوئي گروهڙيءَ جي فلاسافي تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي پاڻ انهيءَ موقعي تي تعارفي خطبو پڻ ڏنائون .

    1954 ( 8- جنوري) سنڌ يونيورسٽي جي سينٽ هال ۾ پروفيسر شفيع محمد ميمڻ “موت کان پوءِ جي حياتيءَ” جي موضوع تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو . جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي . پاڻ ان موقعي تي تعارفي ۽ صدارتي خطبو پڻ ڏنائون .

    1954 ( 15- جنوري) اسلام ۽ سيڪيولر جمهوريت جي عنوان تي علامه مرحوم جي صدارت هيٺ پروفيسر سعيد جيڪوليڪچر ڏنو ۽ علامه مرحوم  صدارتي خطبو پڙهيو ، انهن جو متن “ٽارچ فورٽ نائيٽلي” ۾ شايع ٿيو .

    1954 ( 22 جنوري) سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر اين اي- جي خان “لازمي تعليم” جي موضوع تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو، جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي . ان موقعي تي پاڻ صدارتي خطبو پڻ ڏنائون.

    1954 (27- جنوري) علامه مرحوم سنڌ يونيورسٽي جي و ائيس چانسيلر جي حيثيت سان “اسٽوڊنٽس يونين” جو افتتاح ڪيو.

    1954 ( 29- جنوري) سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽ هال ۾ڊاڪٽر هاليپوٽي “شاھ ولي الله جو سماج بابت تصور” جي موضوع تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو، جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ صدارتي خطبو پڻ ڏنو .

    1954 ( 16- فيبروري) سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شروع ڪيل ايڪسٽينش ليڪچرس جي سلسلي جي ڪڙيءَ طور ڊاڪٽر نبي بخش قاضي ليڪچر ڏنو، جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي .

     1954 ( 15- فيبروري) سنڌ يونيورسٽي جي عظيم اجتماع کي خطاب ڪيائون .

    1954 ( 19- فيبروري) سنڌ يونيورسٽي جي مسلم هسٽري ڊپارٽمينٽ جي تڏهوڪي سربراھ قاضي احمد ميان اختر “ آڳاٽن مسلمانن جو سائنسي کوجنائن ۾ حصو” جي موضوع تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو . ان موقعي تي علامه مرحوم ساڳي طرح صدارتي خطبو ڏنو .

    علامه مرحوم هڪ مهيني لاءِ موڪل تي ويو .

    1954 ( 30- مارچ) “سائنسي ايجادات ۾ مسلمانن جو حصو” جي عنوان جي علامه مرحوم جي صدارت هيٺ جيڪو پروفيسر قاضي اختر سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏنو ۽ علامه مرحوم صدارتي خطبو پڙهيو . ان موقعي جو متن “ٽارچ فورٽ نائيٽلي” ۾ شايع ٿيو.

    1954 ( 30- مئي) پروفيسر نبي بخش قاضي جي ڏنل ليڪچر وقت علامه مرحوم جيڪو صدارتي خطبو پڙهيو هو، ان جو متن “ٽارچ فورٽ نائيٽلي” ۾ شايع ٿيو.

    1954 (3- جون) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1954 (15- جولاءِ) ٽارچ فورٽ نائيٽلي جي اڄوڪي پرچي ۾ علامه مرحوم جو انگريزي مضمون “شري ڪرشنا جو تاريخي پهلو” شايع ٿيو .

    1954 (26- جولاءِ) سنڌ يونيورسٽي ۾ عيد ملن پارٽي ملهائي وئي، هن موقعي تي علامه مرحوم جن خطاب ڪيو .

    1954 (30- جولاءِ) ٽارچ  فورٽ نائيٽلي” جي اڄوڪي پرچي ۾ علامه مرحوم جي انهيءَ خطاب جو متن شايع ٿيو، جيڪو پاڻ پروفيسر شفيع محمد ميمڻ جي ليڪچر “موت بعد جي حياتي” جي صدارت ڪندي ڏنو هئائون .

    1954 ( 10- آگسٽ) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون.

    1954 ( 15- آگسٽ) “ٽارچ فورٽ نائيٽلي” جي اڄوڪي پرچي ۾ علامه مرحوم جو “رفليڪشن” جي عنوان سان مضمون شايع ٿيو .

    1954 (30- آگسٽ) علامه مرحوم جي مضمون رفليڪشن جي ٻي قسط “ٽارچ فورٽ نائيٽلي” ۾ شايع ٿي .

    1955 ( 24- مئي) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1955 (30- مئي) عيدالفطر جي موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي استادن کي خطاب ڪيائون .

    1955 (20 جولاءِ) سنڌ يونيورسٽي جي سينٽ هال ۾ نئين تعليمي سيشن جي شروعات جي موقعي تي علامه مرحوم استادن کي خطاب ڪيو ۽ تعليم جي موضوع تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.

    1955 (31 جولاءِ) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون.

    1955 (5 آگسٽ) سنڌ يونيورسٽي جي سينٽ هال ۾ “طبيعات” جي موضوع تي ايڪسٽينشن ليڪچر ٿيو، جنهن ۾ علامه مرحوم صدارتي خطاب ڏنو.

    1955 (19 آگسٽ) سنڌ يونيورسٽي جي زولاجي ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر فاروقي “فش ڪلچر” جي موضوع تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو، جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي، پاڻ انهي موقعي تي  صدارتي خطبو پڻ ڏنائون.

    1955 (21 آگسٽ) سنڌ يونيورسٽي ۾ محترمه نقوئي “دنيا جا ڪئلينڊر” جي عنوان تي ليڪچر ڏنو، ان موقعي تي علامه مرحوم “اسلامڪ ڪئلينڊر” جي عنوان سان صدارتي خطبو ڏنو.

    1955 (19 سيپٽمبر) سنڌ يونيورسٽي ۾ “انساني حياتي جا ثقافتي بنياد” جي موضوع تي ڊاڪٽر ڪي. اي حميد جو ايڪسٽينشن ليڪچر ٿيو، جيڪو سندس پاران شفيع محمد ميمڻ ڏنو، هي ليڪچر علامه مرحوم جي صدارت هيٺ ٿيو ۽ پاڻ موقعي جي مناسبت سان خطاب ڪيائون.

    1955 (1 آڪٽوبر) سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ سنڌ يونيورسٽي جي “جنرل آف ايڊيوڪيشن” جو عالمانه انداز ۾ مهاڳ لکيائون، جنهن جو عنوان هئو “تعليم ڇا لاءِ؟”

    1955 سنڌ يونيورسٽي جو چوٿون ڪانووڪيشن ٿيو، جنهن ۾ تڏهوڪي سنڌ جي گورنر نواب آف ممدوٽ چانسلر جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي، علامه مرحوم ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي رپورٽ پيش ڪئي.

    1955 (8 فيبروري) علامه مرحوم انگلنڊ کان واپس ٿيڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي استادن کي خطاب ڪيو.

    1956 (24 فيبروري) “سنڌ يونيورسٽي” ۾ تاريخ جي شعبي جي صدر ڊاڪٽر خان “مغل دور” تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو. ان موقعي تي علامه مرحوم پڻ انهي موضوع تي صدارتي تقرير ڪئي.

    1956 (27 فيبروري) سنڌ يونيورسٽي جي سينٽ هال ۾ علامه مرحوم “سائنس” جي موضوع تي تقرير ڪئي.

    1956 (12 مئي) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون.

    1956 (19 جولاءِ)  علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون.

    1956 (23 جولاءِ) سنڌ يونيورسٽي جي 57-1956 جي پهرين اڪيڊمڪ سيشن جو افتتاح ڪيائون ۽ “تعليم جو عمل ۽ مقصد” جي موضوع تي استادن ۽ شاگردن کي خطاب ڪيائون.

    1956 (آگسٽ) چند ماڻهن طرفان علامه مرحوم جي يونيورسٽي بابت پاليسي خلاف اردو اخبارن ۾ پروپيگنڊا شروع ڪئي وئي، ۽ ان سلسلي ۾ ڪي خط لکي وڏن ماڻهن ڏي پڻ موڪليا ويا.

    1956 (30 نومبر) سنڌ يونيورسٽي ۾ علامه مرحوم جي صدارت هيٺ “جيالاجي جو تعارف” جي عنوان تي ايس ايم –  شعيب ليڪچر ڏنو.

    1956 (14 ڊسمبر) سنڌ يونيورسٽيءَ جي زولاجي ڊپارٽمينٽ جي ڊاڪٽر فاروقي “حياتيءَ جو تصور” جي موضوع تي ايڪسٽيشن ليڪچر ڏنو، جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي، ان موقعي تي پاڻ صدارتي خطبو پڻ ڏنائون.

    1956 (17 ڊسمبر) “ٽارچ” جي ايڊيٽوريل ۾ “دي پائيونيئر بلڊر“ جي عنوان سان علامه مرحوم تعليمي خدمتن تي روشني وڌي.

     1956 ٽه ماهي “مهراڻ” نمبر 2، 1956 واري پرچي ۾ علامه مرحوم جي سورهين سنڌي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي ڏنل پيغام شايع ٿيو.

    1956 ٽه ماهي مهراڻ جي نمبر 2، 1956 ۾ علامه مرحوم جو اهو پيغام شايع ٿيو، جيڪو پاڻ سورهين سنڌي ادبي ڪانففرنس لاڙڪاڻه جي موقعي تي ڏنو هئو.

    1957 (12 جنوري) ڪامن ويلٿ وائيس چانسلر ائسوسيئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ جو معائنو ڪيو، ۽ علامه مرحوم جي بي لوث خدمتن جي واکڻ ڪئي، هي وفد سورهن وائيس چانسلرن تي مشتمل هو.

    1957 (12 جنوري) “ٽارچ” جي اڄوڪي ايڊيٽوريل ۾ برمنگهم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ائٽڪن جي خراجِ تحسين کي ڌيان ۾ رکي علامه مرحوم جي يونيورسٽي لاءِ ورتل خدمتن تي روشني وڌي وئي.

    1957 ( 25 فيبروري) سنڌ يونيورسٽي ۾ محترمه حسن شعبه نفسيات “ذهن ۽ جسم” جي موضوع تي ايڪسٽينشن ليڪچر ڏنو جنهن جي صدارت علامه مرحوم ڪئي پاڻ انهي موقعي تي صدارتي خطبو پڻ ڏنائون . 

    1957 (2 مئي) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون.

    1957 (7 مئي) علامه مرحوم سنڌ يونيورسٽي مان موڪل تي ويو، سندس اها موڪل 18 سيپٽمبر 1957 تائين هلي.

    1957 (9 جولاءِ) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون.

    1957 (19 سيپٽمبر) موڪل ڪاٽڻ کانپوءِ علامه مرحوم وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ چارج ورتي.

    1957 (30 سيپٽمبر) سنڌ يونيورسٽي جي ايڊيوڪيشن شعبي ۾ ٽيچرس ڊپلوما ڪلاسن کي خطاب ڪندي استاد جي ذميوارين تي روشني وڌائون.

    1957 (7 آڪٽوبر) سيپٽمبر 1957 ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ “ٽيچرس ڊپلوما” حاصل ڪندڙ کي الوداعي پارٽي ملڻ واري وقت علامه مرحوم جيڪو خطاب ڪيو، ان جو متن “ٽارچ” اخبار ۾ شايع ٿيو.

    1957 (25 آڪٽوبر) حيدرآباد جي حڪيم شمس الدين احمد ۽ مشهور عالم عبدالعزيز مينائي سنڌ يونيورسٽي لائبريري کي ڪتابن جو تحفو ڏنو، ان موقعي تي پاڻ خطاب ڪيائون ۽ ڪتاب جي اهميت تي روشني وڌائون.

    1957 (5 نومبر) ورلڊ يونيورسٽي جي مقمي شاخ سنڌ يونيورسٽي ۾ اسٽوڊنٽس ڊسپينسري قائم ڪئي، انهي موقعي تي خطاب ڪندي ورلڊ يونيورسٽي سروس تي روشني وڌائون.

    1957 (6 ڊسمبر) سنڌ يونيورسٽي ۾ شرو ڪيل ايڪسٽينشن ليڪچرس جي سلسلي ۾ علامه مرحوم جن “خلفاءِ راشدين جي دور جهوريت جي موضوع تي مظهر الدين صديقي جي ڏنل ليڪچر جي صدارت ڪئي ۽ تعارفي خطبو ڏنو.

    1957 (13 ڊسمبر) سنڌ يونيورسٽي ۾ “هيومن رائٽس ڊي” ملهايو ويو،  جنهن موقعي تي علامه مرحوم گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪئي ۽ خطاب ڪيو.

    1958 (23 فيبروري) علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽي جي باٽني شعبي طرفان منعقد ڪيل گلن جي نماءُ جو افتتاح ڪيو.

    1958 (5 مارچ) پاڪستان جي يونيورسٽين جي گڏيل ڪوششن سان حيدرآباد ۾ “تحقيق ۽ اعليٰ تعليم” جي موضوع تي ڪانفرنس ٿي، جنهن جو افتتاح پاڪستان جي تڏهوڪي صدر، اسڪندر مرزا ڪيو. علامه مرحوم انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان جي چيئرمين جي حيثيت ۾ آڌر ڀائي تقرير ڪئي.

    1958 ( 15 مارچ) سنڌ يونيورسٽي جي ڪوششن حيدرآباد ۾ “آل پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس” جو پنجون اجلاس ٿيو جنهن جو افتتاح علامه مرحوم وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ ڪيو سندن افتتاحي خطبو ڪتاب “ڪيزيوئل پيپس ائٽ صوفيا” ۾ ڏنو ويو آهي .

    1958 ( 18 مارچ) سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ “پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس” جي پنجين اجلاس کي خطاب فرمايو سندن اها تقرير ٽه ماهي “مهراڻ” جي 1959،1 واري پرچي ۾ شايع ٿي  

    1958 (1 اپريل) ڪراچي ۾ “علامه اقبال ڊي” ملهايو ويو جنهن ۾پاڻ خطاب ڪيائون .

    1958 (21 اپريل) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1958 (31 مئي) حيدرآباد ۾ 18- آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ٿي، جنهن جو افتتاح علامه آءِ . آءِ . قاضي ڪيو . هيءَ ڪانفرنس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿي .

    1958 ( 9 جون) “ٽارچ ويڪلي” جي اڄوڪي ايڊيٽوريل ۾ “سنڌي ادبي ڪانفرنس” جي حوالي سان علامه مرحوم جي خطاب تي روشني وڌي وئي .

    1958 ( 30 جون) “ٽارچ) اخبار جي اڄوڪي پرچي ۾علامه مرحوم جي انهيءَ خطاب جو متن شايع ٿيو، جيڪو پاڻ حيدرآباد ۾ سڏايل 18- آل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي ڪيائون.

    1958 ( 1 جولاءِ) علامه مرحوم سنڌ يونيورسٽيءَ مان موڪل تي ويو . سندس اها موڪل سيپٽمبر 1958 تائين هلي .

    1958 ( 1 آڪٽوبر) علامه مرحوم موڪل تان واپس اچي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ چارج ورتي .

    1958 ( 20 ڊسمبر) سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايڊيوڪيشن شعبي ۾ بي. ٽي ڪلاس کي خطاب ڪيائون .

    1959 ( 19 مارچ) علامه مرحوم موڪل کائي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي حيثيت سان چارج سنڀالي .

    1959 ( 10 اپريل) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1959 ( 25 مئي) علامه مرحوم سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ آخري دفعو آفيس ۾ آيو ۽ ان کان پوءِ استعيفي ڏئي ڇڏيائين .

    1959 ( 17 جون) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1959 ٽه ماهي “مهراڻ” جي نمبر 4 1959 ۾ “ادب ۽ زندگي” جي عنوان سان علامه مرحوم جي اها صدارتي تقرير شايع، ٿي جيڪا پاڻ 18- آل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي ڪئي هئائون .

    1959 ٽه ماهي “مهراڻ” جي 1- 1959 واري پرچي ۾ علامه مرحوم جي “پاڪستان فلاسا فيڪل ڪانگريس” جي پنجين اجلاس ۾ ڪيل تقرير جو متن شايع ٿيو .

    1959 (29 مارچ) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1960 علامه مرحوم جي گهرڌياڻيءَ جي انگريزي شاعريءَ جو ڪتاب “ٽيرسٽريل ائنڊ سيلسشل اڪوز” شايع ٿيو .

    1960 سنڌ مدرسي جي پليٽينم جوبلي ملهائي وئي . انهيءَ موقعي تي علامه مرحوم پڻ پيغام ڏنو، جنهن ۾ ٻڌايو ته هو پاڻ 1904 ع ۾ هن اداري جو شاگرد رهي چڪو آهي.

    1960 ٽه ماهي “مهراڻ” جي نمبر 1-2/1960 ع ۾ علامه مرحوم جو اهو مضمون شايع ٿيو ، جيڪو پهريون ڊسمبر 1920 ۾ “سنڌ زميندار” سکر ۾ شايع ٿيو .

    1961 ( 19 مارچ) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1961 ( 26 مئي) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1961 “سنڌي ادبي بورڊ” علامه مرحوم لاکيڻي لطيف جي فن جي مطالعي تي ڪتاب “اي اسٽڊي آف شاھ عبدالطيف” شايع ڪيو.

    1962 (8 مارچ) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1962 (15 مئي) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1963 ( 26 فيبروري) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1963 ( 5 مئي)  علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1964 ( 23 اپريل) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1964 ( 2 جولاءِ) سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳواڻي وائيس چانسيلر جي حيثيت ۾ سنڌي شعبي طرفان شايع ٿيندڙ مخزن “سوکڙي” لاءِ پيغام لکيو .

    1964 علامه مرحوم جي گهرڌياڻيءَ جي انگريزي شاعريءَ جو ڪتاب “ڊپارچر آف ڊسگسٽيڊ ڪانسائنس” شايع ٿيو جنهن جو مهاڳ علامه مرحوم پاڻ لکيو .

    1965 ( 4 فيبروري) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1965 ( 13 اپريل) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1965 سنڌي ادبي بورڊ علامه مرحوم جي تقريرن ۽ تحريرن شايع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو . هن ڪم لاءِ ڊاڪٽر بلوچ ، ڊاڪٽر هاليپوٽي ، شفيع محمد ميمڻ ، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي ۽ محمد ابراهيم جويي تي مشتمل هڪ ڪاميٽي ٺاهي وٺي . ته جيئن مواد هٿ ڪري .

    1965 “مهراڻ” نمبر 3-4/1965 ع ۾ علامه مرحوم جي تقريرن بعنوان “علم ادب” شايع ٿي .

    1966 ٽه ماهي “مهراڻ” جي 1-2/1966 ع واري پرچي ۾ علامه مرحوم جي 1954 ۾ ڪيل تقرير “محبت جي ضرورت” جي عنوان سان شايع ٿي .

    1966 ٽه ماهي “مهراڻ” 3-4-/1966 ع واري پرچي ۾ علامه مرحوم جي انهي خطاب جو متن شايع ٿيو، جيڪو پاڻ ان وقت ڪيو هئائون ، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ کين “ڊاڪٽر آف لا” جي اعزازي ڊگري پيش ڪئي هئي .

     

    1966 ( 24 جنوري) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1966 ( 2 اپريل) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي .

    1966 ( 4 مئي) شاگردن لاءِ پاڻ روزانه “عبرت” کي پيغام ڏنائون ، جيڪو “مهراڻ” 1-1967 ع ۾ پڻ شايع ٿيو .

    1966 ( 4 مئي ) سنڌ يونيورسٽيءَ علامه آءِ . آءِ . قاضي کي “ڊاڪٽر آف لا” جي اعزازي ڊگري پيش ڪئي .

    1966 ( 4 مئي) سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪانووڪيشن جي موقعي تي خطاب ڪيائون .

    1967 ( 13 جنوري) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1967 ( 22 مارچ) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1967 ( 28 مئي) علامه آءِ . آءِ . قاضي جي پياري گهرڌياڻي مدر ايلسا قاضي رحلت ڪئي .

    1967 سنڌي ادبي بورڊ علامه مرحوم جي پندرهن مضمونن ۽ تقريرن جو مجموعو “ ڪيزيوئل پيپس ائٽ صوفيا “ شايع ڪرايو .

    1968 ( 2 جنوري) علامه مرحوم رمضان جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

    1968 ( 10 مارچ) علامه مرحوم حج جي عيد ملهائي ۽ خطن ذريعي پنهنجي دوستن ۽ احبابن ڏانهن مبارڪون موڪليون .

     

    1968 ( 13 اپريل) علامه مرحوم رحلت ڪئي .

  • ايران جي علقمندي

     ايران جي علقمنديءَ کانپوءِ؟

     

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

                 يمن جي ويڙهاند شروع ٿيڻ کان جلد پوءِ شايد ايران خطي ۾ ايندڙ ڀيانڪ تبديليءَ جو اندازو لڳائي ورتو ۽ سگهارين ڌرين سان جوهري سمجھوتو ڪري ورتو. ايران کي پنهنجي قومي مفاد ۾ ۽ يمني حالتن ۾ تڪڙي ابتر تبديليءَ اچڻ واري رستي روڪ ڪرڻ لاءِ ائين ڪرڻ مناسب لڳو. هن تڪڙي پيش رفت تي ايران جي سياسي تدبر جي جيتري واکاڻ ڪجي، اوتري گهٽ آهي. پر سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته ايران جي اها عقلمندي مستقبل ۾ ايران بابت مهاڀاري سگهارين قوتن جي دلين تي ڇنڊو وجھندي؟ ۽ يمن ۾ ٻاريل باهه کي وسائي سگهندي؟ حالتن جو منهن ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اهڙيون اميدون اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. ڳالهه اتي دنگ نه ٿي ٿئي. پر هاڻي ته اسان جي جونءَ به ننڊ پئي آهي، ان ڪري سيانڊڙي نه ٿي اڀري. پر جڏهن توٻرا ٻڌجڻ شروع ٿيندا ته اسان جي اندرجا اٺ پاڻهن رڙڻ لڳندا. سمجھون ٿا ته يمن ۾ ٻرندڙ باهه جو اسان کي ڪو تئُه نه ايندو، اها اسان جي ڀل به آهي ته اڻڄاڻائي به.

    اڻڄاڻائي هن ڪري آهي ته اسان وٽ کوهه جي ڏيڏرن ۾ ڪمي  ڪانه آئي آهي. ان ڪري سمجھون ٿا ته سارو جهان اهو ئي کوهه آهي، جنهن ۾ رهون ٿا. دنيا ۾ ڇا پيو وهي واپري، ان جا ٺڪاءَ ته ٻڌون ٿا، پر ان جي پسمنظر ۽ پيش منظر جي سمجھڻ لاءِ جهڙوڪه اسان وٽ وقت ئي ڪونهي. هي اڻ کٽ طوفان جيڪو  ٽريڊ سينٽر تي حملي سان شروع ٿيو، عراق ۾ صدام جو ساهه ڪڍي اچي افغانستان پهتو، اتان رنگ بدلائي واچوڙا پوئتي رهائي جو وڃي يمن ۾ منهن ڪڍيو اٿس. اهو اسان وانگر آزاد ۽ ڇڙواڳ ڪونهي. انهيءَ رمندي طوفان جو مقصد آهي.

    يمن جي تار يخ، جاگرافي ۽محل وقوع بنهه انهيءَ اهميت ۽ افاديت جهڙو آهي، جيئن هتي اسان وٽ ڪراچي جي حيثيت آهي، جنهن خطي ۾ گهڻي کان گهڻن نبين جنم ورتو، جنهن خطي ۾ تيل جا انبار آهن ۽ جنهن خطي ڀر ۾ سمنڊن جون جهڙوڪه قطارون لڳيون پيون آهن. اهڙي سهڻي ۽ تيل سبب سدا آباد رکندڙ خطي تي پنهنجن توڙي پراون جي نظر ڪيئن نه پوندي؟ اتي  جيڪڏهن يمن جهڙوڪ ملڪ به هجي ته پوءِ پوري خطي تي نظر رکڻ ۽ ان تي اثرانداز ٿيڻ نهايت آسان ٿي سگهي ٿو.

    پر ان لاءِ صدين جي تاريخ کان وٺي وقت حالتن جو مطالعو ڪرڻو پوندو ۽ حالتون پنهنجي موافق ڪبيون ته پوءِ به ڪجهه حاصل ڪري سگهبو. ان ڪري يمن جو انتخاب اڄ نه، پر ان وقت ڪيو ويو هو، جڏهن دنيا ۾ نيو ورلڊ آرڊر نافذ ڪرڻ لاءِ حڪمت عمليون جوڙيون پئي ويون. يمن پرشن گلف تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ ڪليدي ماڳ جي حيثيت رکي ٿو. هن ملڪ ۽ ان جي ڀرپاسي مان مغرب کي تيل جي پاڻيءَ وارن جهازن رستي رسائي  ٿيندي رهي ٿي، جيتوڻيڪ ڪن ملڪن مان پائيپن ذريعي به تيل وڃي ٿو، پر اهي جوکي جا طريقا سمجھيا پيا وڃن. ان ڪري يمن جي حيثيت مٽجڻ شروع ٿي. يمن مڊل ايسٽ ۽ آفريڪا جي ميلاپ جو باعث آهي. ميڊيٽيرن سمنڊ ۽ عربي سمنڊ تائين آسانيءَسان پهچڻ جو دڳ آهي.

    يمن جي گهرو لڙائي جو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ هٿ وٺي اتان جون اقتصادي ۽ معاشي حالتون بهتر نموني سان بدلجڻ نه ڏنيون ويون. القاعده کي افغانستان وانگر هتي پاليو ويو. يمن ۽ عربستان جي تاريخي لاڳاپن جو مطالعو ڪيو ويو ته جيئن ٻنهي ملڪن جا منهن هڪٻئي طرف ڪري سگهجن. يمن اهو ملڪ آهي، جنهن جو گورنر ابره ڪعبي کي ڊاهڻ لاءِ هاٿين جو لشڪر وٺي ڪاهيو هيو، تاريخ جي انهيءَ پس منظر ۾ يمن جي ڪن ڌرين عربستان سان اچائڻ به شروع ڪيو. سمگلنگ جا سلسلا به شروع ٿيا ۽ عربي فوج ۾ يمني ماڻهن جي ڀرتي به وڌڻ لڳي.

    مسلمانن ۽ مسلم ملڪن ۾ ڏڦيڙ فقط ۽ فقط ملڪ جي بنياد تي وجھي سگهجي ٿو. شام کان وٺي يمن تائين شيعت ۽ غير شيعت جي تضاد وارو نسخو ڪامياب ثابت ٿيو. يمن انهيءَ ئي اختلاف جي بنياد تي گهرو لڙائي  کي جنم ڏنو. جيڪا ڪنهن به صورت ۾ گهرو لڙائي ناهي، پر مسلڪي ۽ فرقيوارانه آهي، عربستان داخلي ۽ خارجي سببن ڪري ان ۾ شريڪ ٿيو آهي ۽ هاڻي اهو ٻن ملڪن جو، پر گهڻن ملڪن جو مسئلو بڻجي ويو آهي. هنن حالتن پاڪستان کي به ٻه-واٽي تي آڻي بيهاريو آهي. يمن جون حالتون ۽ لڙائي ڍنگهري بڻجي ڳچيءَ ۾ پئجي ويون آهن. جي پاڻ ڇڏائبو ته به رتوڇاڻ ۽ جي نه ڇڏائبو ته به رتوڇاڻ. ان ڪري يمن ۾ جن مقصدن ڪري باهه ٻاري وئي  آهي، اهي مقصد هر حالت ۾ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي..