Category: DR PATHAN-ARTICLES

  • مارون گهرن ملڪ جا، پنهنجن کان پناهه

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

     

    ”مارون گهرن ملڪ جا، پنهنجن کان پناهه“

     

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    اهو ماڻهو خوش بخت آهي، جنهن کي دوست آهن. پر اهو ماڻهو بدنصيب آهي، جنهن کي دشمن ڪونهن. اهي دشمن ئي آهن، جيڪي اسان کي احتياط ڪرڻ واري ڏانءَ تي هلڻ جا هيري بڻائين ٿا ۽ ماڻهو سينو تاڻي غلطي يا ڪوتاهي ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿو. دشمن اسان اڳيان اسان جي شخصيت ۽ ڪردار جا اهي پاسا ۽ پهلو آڻي ٿو، جن تي پنهنجي نظر نه پوندي آهي. ان ڪري يارن مان ياريءَ جو مزو ملندو آهي ته دشمن مان هوشياري جي دوا ملندي آهي. لطيف سائين دشمن جي ڏاڍن سهڻن لفظن ۾ ڳالهه سمجهائي آهي ۽ الله تعاليٰ کان دعا گهري آهي ته اهي کر زنده رهن ته جيئن محبوبن سان ميڙاڪي جو منظر ڏسي، انهيءَ ساڙ ۾ سڙي مرن.

    هر ڪنهن معاشري جيان دشمنيءَ جا داڻا اسان جي سنڌي سماج ۾ به آهن. پر اهي نهايت هاڃيڪار ۽ ماڻهپيءَ جا ويري ٿين ٿا. ڪيترا ماڻهون ته نانگن کان به دشمنيءَ ۾ ٻه قدم اڳتي آهن. سنڌي سماج ۾ دشمني لاءِ ڪنهن جائز جواب جو هجڻ ضروري ڪونهي. ان ڪري جنهن وٽ بغض آهي ۽ ڪينو آهي، اهو دشمنيءَ ۾ باقي ٻين کان ٻيڻو آهي. موقعو ۽ مهل هجي نه هجي، بس وڻن تان جهيڙا لاهبا ۽ دشمنيءَ کي پنهنجي دين ايمان جو لازمي جز ڪري کڻبو.

    سنڌي سماج ۾ دشمنيءَ جو ٻٽو معيار آهي: ڌارئي سان دشمني ڪبي، پر لفظي ۽ زباني. جيڪڏهن ڌارين جي ٻلي ست ڪئا کائي حج تي ويندي ته ان کان بندرگاهه تي ڀاڪر پائي موڪلائينداسين ۽ ان کي پنهنجي دين ايمان جي سلامتيءَ لاءِ دعائون گهرڻ جون گذارشون ڪنداسين. ڌارئي سان دشمنيءَ جو اهڙو  تاثر ڏينداسين ڄڻ اجهو ٿا سندس ٻچا ٻار تي پهچايون. پر اهو دشمن ڀلي ماڻهن-مار هجي ۽ ڪيترا اهڙا گناهه ڳچيءَ ۾ پيل هجنس، پر اسان جو وزير گورنر يا صدر بڻجي وڃي ته نهايت ادب ۽ احترام سان سندس تعبيداري ڪنداسين. اهو اسان وٽ قبول يا مقبول هوندو. پر جيڪڏهن پنهنجي کان ڪا معمولي غلطي ٿي وئي ته دنيا جي ڪا به طاقت هن کي اسان جي دشمنيءَ کان بچائي نه ٿي سگهي. هو موت کان بچي سگهي ٿو، ليڪن اسان جي وير ۽ قهر کان بچي نه ٿو سگهي. ڇو ته اسان ڌرتيءَ جا وِيرَ به آهيون ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جا ويري به آهيون.

    اهو ضروري ناهي ته ڪنهن پنهنجي اسان جون ٻليون ماريون هجن، پوءِ به هن سان دشمني ڪبي ۽ دل کولي ڪبي. ڪنهن جي اٿ ويهه اسان کان بهتر آهي ته به هن سان دشمني ڪرڻ اسان لاءِ فرض بڻجي پوندو. ڪنهن محنت سان ٻه ڏوڪڙ ڪمائڻ شروع ڪيا ته جهڙوڪ اسان جي گهران ملڪيت ٻهاري ويو ۽ اسان جو هن سان ازلي وير ٿيڻ واجب ٿي پوندو. ڪنهن نالو ڪمايو ۽ ڪڍيو ته اسان جهڙوڪ ايمان مان نڪري وينداسين ۽ هٿ ڌوئي هن جي پوئتان پئجي وينداسين.

    هونئن ڀلي ته دين ڌرم، اخلاق ۽ نظريي سان اسان جي تر جو به واسطو ڪو نه هجي، پر دشمنيءَ ۾ ملڪي آئين، قاعدن ۽ قانونن کان وٺي ديني اصولن ۽ نظرين جا دفتر اسان جي دلين کي روشن ۽ ذهنن کي منور ڪري ڇڏيندا. پنهنجي دشمني کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ مذهب، سياست ۽ سماج جا سمورا قدم اڳيان رکي، بلڪه استعمال ڪري هن کي عوام دشمن، مذهب دشمن، ڪرپٽ ۽ بي ايمان ثابت ڪنداسين. بنهه ڪاري مينهن واري روش اختيار ڪنداسين ۽ پڇ-ڪارين ٻڪرين کي پيا لوئينداسين.

    حقيقت اها آهي ته اسان کي ڇپر ۽ ڇانوءَ ٿيڻ به ڪو نه اچي ۽ دشمني ڪرڻ کان به بنهه ڪورا آهيون. اها انهن سنڌ واسين سٻاجهڙن کي خبر ته دشمني جو عذاب ماڻهن ڪيڏو نه قبر جي عذاب کان به وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ واسي هاڻي جهڙوڪ منجهي پيا آهن ته الله کان شيطان کان بچڻ جي دعا گهرن يا پنهنجن جي دشمنيءَ کان بچڻ جي دعا گهرن. ڇا اسان پنهنجا رويا بدلائي نه ٿا سگهون؟ جيڪڏهن دوستي ڪرڻ نه ٿي اچي يا معاف ڪرڻ نه ٿو اچي ته دشمني ته فضيلت سان ڪريون.

     

     

  • ”گفتا گُل: گل محمد جا“ لاءِ لکيل تعارفي مقدمو

    ممتاز علي پٺاڻ

     

    بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو سگهڙ گُل محمد چنجڻيءَ جي ڪتاب

     

    ”گفتا گُل: گل محمد جا“ لاءِ لکيل تعارفي مقدمو

     

     

    خدمت ۽ محبت اهڙا صدقا آهن، جيڪي سالن تائين قائم ۽ دائم رهن ٿا، پر اهي ماڻهپي جي اهڙي آبياري ڪن ٿا، جن مان ماڻهو مٽجي انسان ٿي پون ٿا. مون کي اها خبر به هئي ته مون اسيءَ جي پهرين ڏهاڪي ۾ جيڪا سنڌ جي سگهڙن جي نظرياتي ۽ ادبي تربيت ڪئي، انهيءَ آبشار مان ڪيترائي گل ۽ ٻوٽا پيا ڦٽندا ۽ وڌندا رهندا. گل محمد چنجڻي به انهيءَ سلسلي جو هڪ گل آهي، هي مانجهي مرد سگهڙن جي ٽين پيرهيءَ جو سگهڙ آهي. مون مرحوم  سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ کي اڳتي آندو، هن سگهڙ محمد لقمان کوکر جهڙا ڀلور سگهڙ پيدا ڪيا ۽ هاڻي سگهڙ محمد لقمان کوکر وري گل محمد چنجڻي جهڙا برجستا ۽ لائق سگهڙ تيار ڪيا آهن.

    سگهڙ گل محمد چنجڻي  محبت ۾ پنڌ ڪيا ۽ گل حيات جون مٽيون ڀريون، ان وقت هو پڪو ۽ پختو سگهڙ نه پر سگهڙن جو وڏو مداح ۽ سگهڙپڻي جي فن جو عاشق هوندو هو. هن جي من ۾ به مانڊاڻ موجود هو، پر ان لاءِ کيس تجربي ۽ مشاهدي جي اڃان وڌيڪ ضرورت هئي.

    مرحوم محمد ملوڪ عباسي به سدائين ڀڳت ڪنور رام جيان پاڻ سان سگهڙن جو ٽولو کڻي هلندو هو. جڏهن پنهنجون ڪچهريون ٿينديون هيون ته سندس نئين ساٿ سنگت جو ڀرپور تعارف به ٿيندو هو، سگهڙ گل محمد چنجڻي جڏهن مون سان پهريون دفعو مليو ته هن ۾ ٻن سببن ڪري منهنجي دلچسپي وڌي، پهريون ته هن جو نالو گل محمد آهي، جيڪو منهنجي مرحوم والد سائين جو به نالو هو. ان ڪري پڪي پختي سگهڙ نه هئڻ باوجود هن کي ”بابا چنجڻي“ ڪري سڏيندو هئس، هن ۾ دلچسپي جو ٻيو سبب اهو هو ۽ ان تي کيس ٽوڪيندو به هئس ته جنهن ڳوٺ خانڻ چنجڻي ۽ دادن فقير جهڙا برجستا شاعر پيدا ڪيا، ان ڳوٺ جو گل محمد چنجڻيءَ تي اثر ڇو نه پيو؟

    مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ جيان، هي همراهه خاموش ٿي ويندو هو. پر سندس خاموشيءَ مان هن جي پڪي پهه جو اندازو لڳائي سگهندو هئس ته هي يار گل محمد چنجڻي ڪڏهن نه ڪڏهن اسان جي لوڪ شاعريءَ واري باغ ۾ خوشبودار گل ٻوٽا ضرور پوکيندو، ۽ نيٺ هن اهو ڪري ڏيکاريو، هاڻي هي منهنجي اڳيان صاحب ڪتاب سگهڙ بڻجي آيو آهي. سال اڳ هن سان جيڪي چرچا ڪندو هئس، ان جي جواب ۾ شاعريءَ جا جهول ڀري اچي حاضر ٿيو آهي. واهه گل محمد چنجڻي تنهنجي موٽ، هن ساٿيءَ هڪ ئي وقت تي پنهنجي استاد سگهڙ محمد لقمان کوکر، ڳوٺائي شاعرن ۽ منهنجو نالو روشن ڪري ڏيکاريو.

    سگهڙ گل محمد چنجڻي 1971ع (پهرين جنوري) ۾ ڄائو، 1994ع ۾ سگهڙ محمد لقمان جي محبت ۽ تربيت ۾ سگهڙ ٿيو ۽ 2014ع ۾ پنهنجي شاعريءَ جو رسالو کڻي، استاد سگهڙن جي صف ۾ شامل ٿيو آهي.

    سنڌ جي سگهڙن ۾ هتي ڳالهه بنيادي ۽ هڪ جهڙي هوندي آهي ته غربت ۽ ماحول سبب کين روايتي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو گهٽ ملندو آهي. هو ڪاليجن ۽ يونيورسٽيءَ جا پڙهيل ڪو نه هوندا آهن، پر زمانو سندن استاد هوندو ۽ سڳوري سنڌ پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ جي کين ٿڃ پياريندي آهي. ان ڪري جيڪڏهن هنن وٽ ظاهري علم جون ڊگريون ڪو نه هونديون آهن، ته سپورنجائپ جون سوين سندون هونديون اٿن.

    سگهڙ  گل محمد چنجڻي به پهرين مال چاريندو هو، هڪ دفعي مال چاريندي اسڪولي شاگردن کي موٽندي ڏٺائين. ان تي هن جي دل به سٽ کاڌي ته ڪاش! هو به اسڪول پڙهڻ وڃي، گهر موٽيو ۽ اچي پيءُ ماءُ سان انگل ڪيائين. ڌنار جي روپ ۾ هو ته پيءُ ماءُ لاءِ وڏي وٿ پر انهن به پنهنجي هن اکين جي نور کي علم جي نور ڏيڻ جو رادو ڪيو. گل محمد چنجڻي يڪيءَ ساهيءَ پنج درجا پڙهي ويو. پوءِ سندس گاڏيءَ کان گاهه گهڻو ٿي پيو، سندس ڳوٺ ميان داد چنجڻي ۾ وڌيڪ امتحان ڏيڻ جي سهوليت ڪا نه هئي ۽ هن کان به اهو ڪو نه پڳو ته وڃي نصيرآباد ۾ امتحان ۾ ويهي، ائين تعليم پرائڻ جي حوالي سان سج ته اڀريو، پر ان تاءُ ڪو نه ڏيکاريو، گل محمد چنجڻيءَ جي تعليم اڌوري ۽ اڻپوري رهجي وئي.

    سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ انسان پنهنجي ڪمزورين اڌورائپ ۽ محرومين جي ازالي ڪرڻ خاطر وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏئي ويندا آهن. تعليم جي حوالي سان گل محمد چنجڻي به اڌورو انسان بڻجي پيو، پر انهيءَ اڻپورائپ کي پوري ڪرڻ لاءِ هن جيڪا جستجو ۽ جاکوڙ ڪئي، انهيءَ کيس سگهڙن جي پهرين صف ۾ آڻي بيهاريو.

    منهنجي تربيت، صحبت ۽ اثر هيٺ آيل سگهڙن جي هن وڏي انگ منهنجيءَ هڪ ”ادبي روايت“ کي دائم ۽ قائم پئي رکيو آهي. مون 1981ع ۾ سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ تي ڪتاب لکيو ۽ ان ۾ ڪتاب جو نالو ائين رکيم جنهن ۾ سگهڙ جو نالو به اچي وڃي، ان ڪتاب جو هو ”موتي مور ملوڪ جا“.ان کانپوءِ منهنجي نظرداري ۾ قلمي واهر سان جيڪي ڪتاب آيا، انهن مان ”موتين مُٺ ملوڪ جي“، ”لاتيون سڻ لقمان جون“ ۽ ”لوچون ڏس لقمان جون“ ذڪر لائق آهن. اسان جي هن سگهڙ گل محمد چنجڻيءَ جو هي ڪتاب ڇپجي رهيو آهي ته ان جو نالو تجويز ڪيو ويو ”گفتا گل: گل محمد جا“ هن ۾ سگهڙ جو نالو به اچي ويو ته ان جو فن ۽ فڪر به اچي ويو.

    ٽين پيڙهيءَ جو هي سگهڙ فن جي رنگ توڙي روپ، فڪر جي انداز توڙي بيان ۾ پنهنجي وڏن ٻن نسلن برابر آهي. فن ۽ فڪر جي حوالي سان هن جي جهولي ائين ئي ٽمٽار آهي، جيئن سندس استاد محمد لقمان کوکر جي ۽ جيئن پـڙ- استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي. مورن جا ٻچا مورئي ٿيندا آهن. بهترين سگهڙن جا شاگرد به ڀلور سگهڙ ٿيندا آهن. سگهڙ گل محمد چنجڻي به اهڙوئي پختو معياري ۽ برجستو سگهڙ آهي. ڌڻيءَ هن جي دل ۽ دماغ ۾ سگهڙائپ جي فن ۽ فڪر جا اهي ڀنڊار ڀري ڇڏيا آهن، جو هن جيڪو اسان کي پهريون ڪتاب ڏنو آهي، اهو معيار خواهه مقدار ۾ وڏن ۽ ڀلن ڪتابن کان گهٽ ڪونهي.

    سنڌ جي سگهڙن جي فني ۽ ذهني، فڪري ۽ نظرياتي تربيت مون ائين ڪئي، جو هو منهنجي يا ڪنهن ٻئي جي محتاجي بدران پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن. شروعات ۾ هڪ اڌ سگهڙ جو ڪتاب لفظ لفظ لکي مرتب مون ڪيو، پر هاڻي سگهڙن انهيءَ بار کان بچائي وڌو آهي. هو صلاح مصلحت ضرور ڪن ٿا، پر پنهنجي مڙسي پاڻ ڪن ٿا. هو پنهنجن احوالن لکڻ ۽ شاعري منتخب ڪرڻ ۾ بنهه آزاد ۽ خودمختيار آهن.

    سگهڙ گل محمد چنجڻي کي به مون اها ئي ڇوٽ ڏني ۽ هن پنهنجي احوال ڏيڻ ۽ لکڻ ۾ ادبي تاريخ جا ورق محفوظ ڪري ڏنا آهن. هن اهڙي احوال لکڻ ۾ پاڻ سان گڏ پنهنجي ادبي ماحول کي قلمبند ڪيو آهي.

    مان سگهڙ گل محمد چنجڻي جي شاعريءَ تي تبصرو ڪو نه ڪندس. ڇو ته سگهڙ منهنجي ۽ منهنجي خدا جي محبوب محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جا عاشق آهن ۽ مان وري هنن عاشقن جو عاشق آهيان. جيتوڻيڪ عاشقن کي پنهنجي محبوبن جون خوبيون توڙي خاميون وڻنديون آهن، پر منهنجي محبوبن يعني سگهڙن ۾ خاميون ڪو نه پر خوبيون گهڻيون آهن، هو پنهنجي شاعريءَ جي ڪوزي ۾ دور جي حالتن، اخلاقيات ۽ اڻ ڳڻين موضوعن جي سمنڊ کي بند ڪري سگهندا آهن. سگهڙ گل محمد چنجڻي جي هن شاعريءَ جي آئيني ۾ اسان کيس به ڏسي سگهون ٿا ته پاڻ کي به پسي سگهون ٿا. انهيءَ ۾ دور جي جهلڪ به آهي ته سنڌ سڳوري جو فلسفو ۽ فڪر به آهي.

    آئون هتي اها ڳالهه وري ورجائيندس، جيڪا 1973ع کان چوندو پيو اچيان ته سرڪار نامدار کي لوڪ ادب جي اهميت ۽ عظمت کي ڌيان ۾ رکي ”سنڌي فوڪ لور انسٽيٽيوٽ“ قائم ڪرڻ گهرجي ڇو ته اسان جا هي سپورنج سگهڙ گهرٻاري  ڏياري ڪري رهيا آهن. ڪتابن لکڻ ۽ ڇپائڻ تي هو قرضن ۾ ڪارا ٿي وڃن ٿا. اسان سندن سار ته به نه ٿا لهون. پر هنن کان سندس ٻچڙن جي وات جو گرهه به کسي وٺون ٿا. جيڪڏهن”سنڌي فولڪ لور انسٽيٽيوٽ“ هجي ته سندن ڪتاب به شايع ٿي سگهن ٿا، ڪو ٽهِ ماهي رسالو ڪڍي، سندن فڪر ۽ فن کي اجاگر ۽ عام به ڪري سگهجي ٿو ۽ انهيءَ انسٽيٽيوٽ جي توسط سان هنن جي ”اجتماعي بيمه پاليسي“ڪرائي ڏک سک ۾ سندن پرگهور به لهي سگهون ٿا. پر اسان جي سرڪار پڙهيل نه آهي يا وري ان کي ڪن ڪو نه آهن، جن سان اسان جون دانهون ڪوڪون ٻڌي سمجهي سگهي.

    ٻيو ڪو دانهون ڪوڪون ٻڌي نه ٻڌي، پر سنڌ جو عوام، جنهن جي باشعور، وطن دوست ۽ ٻوليءَ دوست هجڻ لاءِ تاريخ به شاهدي ڏئي ٿي هاڻي ان جو فرض آهي ته ههڙن سگهڙن ۽ سندن ڪتابن جو قدر ڪن ۽ علم دوستيءَ جو مظاهرو ڪري. سگهڙن جا ڪتاب خريد ڪن ته جيئن سگهڙن جي همت افزائي ٿئي ۽ اهي ٻوليءَ  جي جهولي ڀريندا رهن.

     

     

  • ڪوڙو تو ڪفر سين، ڪافر ڪين سڏاءِ

    (تو بن جاني! هيءَ جهان)

     

    ”ڪوڙو تو ڪفر سين، ڪافر ڪين سڏاءِ“

     

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    ائين ڇو آهي ته اسان اهي ناهيون، جيئن نظر اچون ٿا؟ اسان جي اندر وارو انسان ايترو مخفي ۽ اڪثر ڪري ڀيانڪ ۽ وحشي ڇو آهي؟ ماڻهپي ۽ اشرف المخلوقات جي لقب کي اسان لبادي طور استعمال ڇو ٿا ڪريون؟ اڪثر ڪري عالم عالم ڇو  نه آهي؟ سياستدان سياستدان ڇو نه آهي؟ سماجي ڪارڪن سماجي سڌارڪ ڇو نه آهي؟

    ٻين روپن کي ڇڏيو، اچو سياستدانن جي سپنن، سوچن ۽ لوچن طرف. سياست جو هونئن ته مطلب آهي عوام جي جذبن ۽ احساسن، ضرورتن ۽ خواهشن مطابق ملڪي وهنوار هلائڻ، پر اسان ان کي ٺڳيءَ جو ٺاهه، سبز باغ ڏيکارڻ جي ڪرت ۽ عوام کي احمق بڻائڻ جو طريقو بڻائي ڇڏيو آهي. ٻه ماڻهو پاڻ ۾ وڙهندا ۽ جيڪڏهن انهن مان هڪ مار کائي ويندو ته هڪدم جواز ۾ چوندو ته سندس مخالف هن سان سياست ڪري ويو، معنيٰ ٺڳي ۽ دوکو ڪري ويو.

    دلين ۾ دوکا به ٿيندا آهن ۽ ماڻهون ٺڳيون به ڪندا آهن. پر سياستدان جيڪڏهن ٺڳ ۽ دوکي باز ٿي پون ته پوءِ ملڪ ۽ ماڻهن جو واهي الله. سياستدان، جيڪڏهن سچا آهن ته پوءِ دلين جي اتحاد ۽ عوام جي ٻڌيءَ جا آدرش ٿيندا آهن. اهي نه ته دليون تقسيم ڪندا آهن ۽ نه وري ملڪ تقسيم ڪندا آهن. پر اسان وٽ ڳالهه انهيءَ جي برعڪس آهي. هتي اسان جي اڳواڻن جي پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مقصدن خاطر من- مستي هلندي آهي. هتي ”جو پيا من ڀاوي“ واري پاليسي هلندي آهي.  ان ڪري  جڏهن ڪو چاهي ته ڇير ڇمڪائي اسان کي نچائي سگهي ٿو. جن ماڳن مڪانن جي مٽي اسان جي تاريخي اهڃاڻ ۽ عظمت جي نشان لاءِ ضروري هجي، چاهي ته ان تي نچي ٽپي ناچ گانا ڪري سگهي ٿو. ڪنهن جو وري مٿو ڦري ته سنڌ کي ڪاڳر جو ٽڪرو ڄاڻي پنهنجي بي عقليءَ ۽ بدنيتيءَ جي قينچيءَ سان ڪٽڻ شروع ڪري ٿو.

    سنڌ ورهائڻ ۽ ڪراچيءَ کي صوبي بڻائڻ جو وري ڪن همراهن تي دورو پيو آهي. انهيءَ دوري دوران جو اچي مرگهيءَ ورايو اٿن ۽ وڦلڻ لڳا آهن ته ڪراچيءَ ۾ نسلي فساد پڻ ٿي سگهن ٿا. هنن جي ابن ڏاڏن ۽ مٽن مائٽن ڊسمبر 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان کي الڳ ڪرايو ۽ هاڻي وري هي چون ٿا ته 5 ڊسمبر تي ٻيو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيندا ۽ الڳ صوبي لاءِ تحريڪ هلائيندا. ائين ٿو لڳي ته هنن کي لغام ڏيڻ وارو ڪوئي ڄائو ئي ڪونهي ۽ هنن کي من مستيءَ جي ڪو قاعدي قانون مطابق موٽ نه ٿو ڏئي.

    هي ڪٿان جو انصاف آهي ته جيڪڏهن جو سنڌي نوجوان بکن ۽ بي روزگارين، مسئلن ۽ مونجهارن کان تنگ اچي جذباتي ٿي سنڌو ديش جو نالو وٺي ته ان جي نڙيءَ تي نهن ڏجي ۽ هن کي ڪافرن جو ايجنٽ ۽ وطن دشمن چيو وڃي، پر جڏهن انهيءَ  پارٽيءَ جو اڳواڻ الڳ صوبي جو مطالبو ڪري، جنهن جي لاءِ ثابت ٿي چڪو هجي ته انهيءَ پارٽيءَ  جي ڪيترن ڪارڪنن ٻين ملڪن ۾ دهشتگرديءَ جي تربيت ورتي، ته اها پارٽي پوءِ به قابل قبول ڇو آهي ۽ ان جي سهڪار کانسواءِ ڪنهن به سرڪار جو گاڏو ڇو نه ٿو گڙي.  هيءَ ڪهڙي قسم جي سياست آهي ۽ هيءَ ڪهڙي قسم جي حڪمراني آهي جو دلين جي تقسيم ۽ ملڪ جي تقسيم جي ڳالهين کانسواءِ ڪن پارٽين جو سياسي ڪاروبار هلي ئي نه ٿو.

    هي همراهه نه فقط وات پٽ پٽي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، پر انهيءَ سان گڏوگڏ ٽارگيٽ ڪلنگ به ڪراچيءَ ۾ منهن ڪڍڻ شروع ڪيو آهي. جنهن مان اهو به مطلب ڪڍي سگهجي ٿو ته هو يا انهن جهڙا پنهنجي ڳالهين ۾ وزن پيدا ڪرڻ لاءِ دهشتگرديءَ ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ستل بگهيڙ کي وري جاڳائڻ چاهين ٿا.ان ڪري هي وقت آهي ته باشعور ۽ بااختيار ماڻهون اهڙن بيانن ۽ حالتن جو جائزو وٺن ته جيئن ڪنهن ممڻ مچڻ کان اڳ عوام ۽ ڌرتيءَ جي مفادن کي بچائي سگهجي.

     

     

  • سنڌ جي سياستدانن ڏانهن صورتحال جو سنيهو


    (تو بن جاني! هيءُ جهان)

     

    ”سنڌ جي سياستدانن ڏانهن صورتحال جو سنيهو“

     

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    اتر سنڌ ۾ ٿيندڙ مڪاني حڪومت جون چونڊون ۽ انهن جا نتيجا سنڌ جي وفاق-دوست خواهه سنڌ-دوست سياستدانن لاءِ کوڙ سارا پيغام کڻي آيون آهن. پنجاب ۾ پيپلزپارٽيءَ جي سياسي اثر  جي تڏا ويڙهه، هن پارٽيءَ ڏانهن به اکين کولڻ جو پيغام آهي، ته ملڪي سياست ۾ ايندڙ وڏيءَ تبديلي جو اهڃاڻ به آهي. بلاشڪ هيءَ حقيقت آهي ته هڪ ئي گهر جا ٻه ڀاتي مرڪز ۽ پنجاب ۾ حڪمران آهن ۽ انهن جي سياسي اثر کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي، پر پيپلزپارٽيءَ ته مطلق جابرن ۽ ڊڪٽيٽرن کي به ڏينهن جا تارا ڏيکاريا ۽ انهن جي دٻدٻي کي مٽيءَ  ۾ ملائي ڏيکاريو. ان ڪري هاڻي چٽي ڏينهن ۾ پاڻ لٽائڻ۽ پنجاب مان خالي توٻرا ڪلهن تي رکي چونڊن مان واپس ٿيڻ ۾ پيپلزپارٽيءَ لاءِ وڏو پيغام آهي. لڳي ٿو ته هاڻي ملڪي سياست تي صوبائي رنگ پڪو ٿيندو پيو وڃي. لڳي ٿو ته ڪو وقت متان اهڙو به اچي جو وفاق جي نالي ۾ سياست ڪندڙ سياستدان هيٺ لهي  اچي چون ته ”تون ايڏانهن ته مان هيڏانهن.“

    سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جا سياسي برتري مڃائي ورتي  پر اها برتري روايتي نه آهي مڙئي هٿ پير هڻي وڃي منزل ماڻي اٿس، ۽ ان جي ڀيٽ ۾ قومپرستن يا سنڌ دوستن کي ايڏي موٽ نه ملي. ان ۾ سنڌ-دوستن لاءِ هڪ کان وڌيڪ پيغام موجود آهن. سنڌ-دوستن جي اميدوارن جي ڀيٽ ۾ آزاد اميدوارن کي گهڻي ڪاميابي ملي آهي. ان مان هيءَ ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته ذات پات جو زنگ هاڻي سماج کان مان ٻاهر نڪري سياست جي ميدان تي به اثرانداز ٿي رهيو آهي. هن مان سنڌ جي قومي ۽ نظرياتي وحدت کي اڳتي هلي وڏو شيهو رسڻ وارو آهي. انهيءَ ڳالهه تي اسان جي ڏاهن ۽ سپورنجن کي سوچڻ گهرجي. انهيءَ حوالي سان دير ۾ خير ڪو نه ٿيندو. جيڪڏهن ذات-پات  جي بي پاڙي ول قومي وحدت واري وڻ کي وڪوڙي وئي ته اسان اندران ئي اندران زندهه لاش بڻجي وينداسين.

    اتر سنڌ ۾ قوم پرستن جي وڏي ڪاميابيءَ نه ماڻڻ جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته سنڌ جي مکيه قومپرست پارٽين جي قيادت ڏکڻ سنڌ ۾ مرڪوز آهي. اتر سنڌ جي دورن تي ته انهن جو وڃڻ ٿئي ٿو، مگر اتي سندن منظم نيٽ ورڪ ڪونهي. قيادت جي اهڙي مرڪزيت ۽ فقط سنڌ جي هڪ ڪنڊ ۾ هجڻ جا منفي اثر ته نڪرڻا آهن ۽ اهي اڳتي به نڪرندا.

    ڀلي ڪو سنڌ سان محبت ڪندڙ سنڌ-دوست سياسي قيادت کي آئينو نه ڏيکاري، پر تاريخ ۽ حالتون انهيءَ حوالي سان سائنسي بنيادن تي ٻڌل اثرن جي نشاندهي ڪنديون رهنديون. قوم پرست سياسي ڌريون جڏهن شخصيت پسنديءَ ۽ شخصيت پرستيءَ تي گهڻو توجهه ڏينديون ته نظرياتي تربيت ۽ خدمت وارو ڪم پوئتي رهجي ويندو. اسان جي ڪيترين سنڌ-دوست پارٽين ۾ ”شخصيت“ اڳيان آهي ۽ ”نظريو“ ان جي پٺيان آهي. ان کانسواءِ هيءَ ڳالهه اهڙين پارٽين جي حق ۾ نه ٿي وڃي ته اهي اختيار ۽ اقتدار کان ايترو پري آهن جو عوام کي ڀلائيءَ وارا سبز باغ به ڏيکاري نه ٿا سگهن. اهي نه ته ڪنهن کي نوڪري وٺي ڏئي سگهن ٿا ۽ نه ڪنهن جي بدلي ڪرائي سگهن ٿا. بجليءَ جا ڪنيڪشن وٺي ڏيڻ ته پنهنجي جاءِ تي، پر اهي لوڊشيڊنگ جي مصيبت ۾ به عوام جي مدد نه ٿا ڪري سگهن. سنڌ-دوست سياسي ڌرين کي عوام جي دلين کٽڻ لاءِ هاڻي سماجي خدمتن ۽ ثقافتي سرگرمين جو سهارو وٺڻو پوندو. شخصيت پرستيءَ کي ڇڏي، عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻو پوندو. عوام جي قانوني مدد ڪرڻ لاءِ مفت ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ وارا وڪيلن جا پئنل ٺاهڻ گهرجن. تعليمي ڪانفرنسن بدران شاگردن لاءِ مفت ڪتابن ۽ مالي ساهتا جو بندوبست ڪرڻو پوندو.

    هي جو ڪيترين سنڌ-دوست پارٽين تي الزام آهي ته انهن ڦرلٽ جو ڪلچر عام ڪيو آهي ۽ مذهب خلاف لاهي پاهي ڪات ڪهاڙا  کنيا آهن، ان لاءِ اهڙين پارٽين کي ان جو پنهنجي قول ۽ فعل سان تدارڪ ڪرڻو پوندو. پارٽين کي عوام جي ڪورٽ ۾ اچي ثابت ڪرڻو پوندو ته هنن عوام جي دل نه آزاري آهي، ڪو ڏاڍ نه ڪيو آهي ۽ ڪنهن کي ڦريو لٽيو ناهي. کين اهو ٻڌائڻو پوندو ته هو پيرين اگهاڙي سياست ۾ وڃي، پيجارن ۽ بنگلن جا مالڪ ڪيئن ٿي ويا؟ بنهه اهڙيءَ ريت عوام جي نفسيات کي ڄاڻندي مذهب خلاف مامرا نه اٿارڻا پوندا، ڇو ته ماڻهو ڀلي ته روزو نه رکي ۽ نماز نه پڙهي، پر پوءِ به مذهب خلاف ٻڌڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. ماڻهو ڪنهن به دور ۾ مذهب کان پري نه رهيو آهي ۽ هاڻي ته بي مذهبي به خود جهڙوڪ مذهب بڻجي وئي آهي. جيڪڏهن نعم البدل ڏيڻ کانسواءِ مذهب کسڻ جي ڪوشش ڪبي ته نتيجا اهي نڪرندا، جيڪي اسان جي اڳيان آهن. هيءَ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڪي پارٽيون مٽيءَ جي قبرن تي پڙ وجهي ووٽن جون ڀريون ٻڌي وڃن ٿا ۽ ٻيون پارٽيون خواهه مخواهه جو مذهب سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجي گهر جا ووٽ به وڃائي اچن ٿيون.  مڪاني حڪومت جي چونڊن جا هي نتيجا هر قسم جي سياستدان لاءِ سوچڻ ۽ لوچڻ جو نئون رخ متعين ڪن ٿا. جيڪڏهن سياستدان پنهنجي روين ۽ حڪمت عملين ۾ تبديلي نه آندي ته نتيجا اهڙا ئي نڪرندا جيڪي اسان جي اڳيان آهن.

     

     

  • چونڊن جي ٻئي مرحلي مان ڪهڙيون ڳالهيون چونڊجن

    (تو بن جاني! هيءَ جهان)

     

     

    ”چونڊن جي ٻئي مرحلي مان ڪهڙيون ڳالهيون چونڊجن؟“

                                          

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

                                          

     

    مڪاني ادارن جي چونڊن جو ٻيو مرحلو به پورو ٿيو. نتيجن جي صورتحال اها ٻڌائي ٿي ته پنجاب مان پي پي پيءَ جي ۽ سنڌ مان نوازليگ جي تڏا ويڙهه ٿي رهي آهي. ان جو مطلب هي نڪتو ته هاڻي وفاقي سياست تي صوبائي رنگ چڙهڻ شروع ٿي چڪو آهي ۽ اڳتي هلي ڪنهن به پارٽيءَ کي وفاقي يا قومي اتحاد جي علامت سڏائڻ  ۾ تڪليف ٿيندي. سياسي مفڪر اها ڳالهه مڃيندا ته پاڪستاني سياست جو وفاقي ويس لاهي صوبائي جبو پائڻ ڪو سٺو سنئوڻ ڪونهي. پي ٽي آءِ ، جنهن لاءِ ڪن ماڻهن جو خيال هئو ته اها اقتدار ۾ واري وٽيءَ سان ايندڙ ٻن وڏين پارٽين جو اڳتي هلي نعم البدل ٿيڻ واري آهي، سا ڳالهه پڻ هنن نتيجن مان ثابت نه ٿي ٿئي. هن پارٽيءَ کي به خيبرپختونخواهه ۾ ئي پير کپائڻ جو موقعو ملندو ۽ ان جي اقتداري دور واري ڪارڪردگي سندس مستقبل واري سياست تي اثرانداز ٿيندي.

    جيئن هنن چونڊن جا نتيجا ٻڌائين ٿا ته پاڪستان اڳتي هلي ملڪي قيادت جي وڏي بحران جو شڪار ٿيندو، تيئن انهن مان سنڌ جي حوالي سان في الحال اها پيشنگوئي ملي ٿي ته حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي سياسي بالادستي رهندي ۽ باقي ضلعن ۽ ٻهراڙين ۾ پيپلزپارٽيءَ جو ساڳيو ئي غلبو رهندو ۽ وقت سان گڏ انهيءَ غبلي ۾ ڪٽوتي ايندي رهندي. بدين جي جي چونڊ نتيجن مان اهو صاف ظاهر آهي، جنهن هنڌ تي مرڪزي اثر رسوخ ۽ ذوالفقار مرزا جي جاکوڙ پيپلزپارٽيءَ جي سياسي سبقت تي اثر وڌا. هن چونڊ مهم ۾ بلاول جو وڃڻ ته سياسي قيادت جي فرض نڀائڻ برابر هئو، پر پيپلزپارٽيءَ کي سياسي حڪمت عمليءَ طور اهو ڪارڊ هلائڻ نه گهربو هو، جنهن به اها حڪمت عملي جوڙي، انهن بلاول جي ڪلهي تي انهيءَ وقت بندوق رکي هلائڻ گهري، جڏهن شڪار نشاني کان گهڻو پري وڃي چڪو هو.

    هنن نتيجن مان اسان جي قومپرست، سنڌ دوست ۽ ڪميونسٽ اڳواڻن لاءِ ساڳيو ئي پيغام ملي ٿو ته هو پنهنجي سياسي حڪمت عملين ۽ روين تي نظرثاني ڪن. انهن مان جيڪڏهن ڪو اهو چوي يا مڃي ٿو ته عوام چريو آهي ۽ عوام بي قدرو آهي ته پوءِ انهن تي جيترو به افسوس ۽ ارمان ڪجي، اهو گهٽ آهي. عوام کي گهٽ وڌ اهي ڳالهائيندا آهن، جيڪي زميني حقائق کي نه سمجهندا آهن يا سمجهي قبول نه ڪندا آهن.

    قومپرست ۽ سنڌ دوست سياستدانن پنهنجي سياسي حڪمت عملي جو پهريون بنياد ئي اهو انهيءَ ڳالهه تي رکيو ته چونڊن واري سياست بدران ذهن بدلائڻ تي گهڻو زور ڏنو ويندو. پوءِ ان تي نظرثاني ڪري، هاڻي چونڊن واري سياست ڪرڻ شروع ڪئي آهي. چونڊن جي سياست ۾ اسان وٽ پيرن اميرن ۽ خاندانن جو اثر باقي آهي. اهڙي طلسم مان عوامي سوچ ۽ لوچ کي ڪڍڻ ۾ سنڌ دوستن ۽ قومپرستن کي وقت لڳندو. کين اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻي پوندي ته  ڏهن مهينن کان اڳ  ٻار پيدا نه ٿيندو آهي. ان کانسواءِ جيڪڏهن سنڌ دوستن ۽ قومپرستن جا رويا ۽ انداز ئي پيراڻا ۽ وڏيراڻا هوندا ته هو پيرن ۽ وڏيرن جي ڊوهيءَ مان ماڻهن کي ڪيئن ڪڍي سگهندا؟

    سنڌ دوستن ۽ قومپرستن جي نظرياتي خزاني تي ڌاڙا هڻڻ لاءِ انهن جي صفن ۾ اهڙا ڏوهي ماڻهو شامل ڪرايا ويا، جن عوام سان آزار ڪيو ۽ جن کان عوام جي عزت ۽ دولت کي ڇيهو رسيو. اهڙن ڏوهي ماڻهن قومپرست پارٽين جي نالي کي بدنام ڪيو. قومپرست انهن سازش کي ٻنجو ڏئي نه سگهيا آهن. اسان جا تعليمي ادارا ۽ ٻيا ڪيترا مرڪز اهڙن ماڻهن جي نرغي ۾ آهن. قومپرست پارٽيون جيڪڏهن بهادريءَ ۽ برجستائيءَ سان انهيءَ ڪينسر جو خاتمو نه ڪنديون ته انهيءَ بيماريءَ کان پاڻ ۽ پنهنجي نظريئي کي بچائي نه سگهنديون.

    سنڌ دوست ۽ قومپرست ڌرين کي هاڻي اڳ کان وڌيڪ عوام جي ويجهو وڃڻو پوندو، عوام جي دکن دردن ۾ ان جو ٻانهن ٻيلي ٿيڻو پوندو. عقل ۽ دانائيءَ سان ان جي سوچن ۽ لوچن کي بدلائڻو پوندو ۽ نادري حڪمن هلائڻ بدران يا عوام مٿان حڪم مسلط ڪرڻ بدران کين قرب سان قائل ڪرڻو پوندو. عوام عزت ۽ پيار جو بکيو ٿئي ٿو ۽ اسان جي قومپرستن کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اهي ”جيها جي تيها، سي مون مارن مڃيا“ تي دل ۽ دماغ سان عمل ڪن ٿا ۽ جن جي روشن مستقبل جي ڳالهه ڪن ٿا انهن جي جهڙي تهڙي حال ۾ ڪا دک درد ۽ پريشانيءَ جو اضافو نه ٿا ڪن.

     

     

  • جي سوچين لوچين، تون سماج لاءِ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

     

    ”جي سوچين لوچين، تون سماج لاءِ“

     

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    ٻهراڙيءَ ۾ رهڻ وارن ڏهاڙن ۾ پاڙي ۽ ڳوٺ جي بجليءَ، پاڙيءَ، امن امان ۽ ٻين مسئلن ۾ منجهي پئبو هو ته يار دوست ميڙي ڪا سماجي تنظيم جوڙي وٺبي هئي. ”اچو سورن واريون، ڪيون سور پچار“ مصداق ٻوڙو ٻڌي آچار ڪبو هو. پوءِ ڪٿي لٺ ته ڪٿي ڄٺ ڏيکاري، ڪٿي هٿ ٻڌي ۽ ڪٿي ڪاوڙ ۾ ڦوڪجي ڳوٺ ۽ پاڙي جا مسئلا حل ڪرائبا هئا. ان وقت  اهو ئي سوچبو هو ته سماجي تنظيمون ائين ئي ٿينديون آهن ۽ ان لاءِ ئي ٺاهبيون آهن. پر جڏهن ٻهراڙيون ڇڏي وڏن شهرن ۾ اچڻ ٿيو ۽ وڏن وڏن هوٽلن ۾، بلڪه فائيو اسٽار هوٽلن ۾ سماجي تنظيمن جي گڏجاڻين ۽ سيمينارن ڏسڻ جو موقعو  مليو ته خبر پئي ته هيءُ ڪو جهان ئي ٻيو آهي. ٻهراڙيءَ ۾ ٻهراڙيءَ وارين سماجي تنظيمن جو رنگ ۽ ڍنگ ئي پنهنجو آهي ۽ هتي وڏن شهرن ۾ ڳالهه ئي اور آهي. هتي همراهن جي ايجنڊا الڳ، مسئلا نرالا ۽ انداز ئي شاهاڻا.

    انقلاب  پسند ماڻهن جو خيال آهي ته سماجي تنظيمون ڪرندڙ ديوارن کي ٽيڪي ڏيڻ جو ڪم ڪنديون آهن ۽ ان ڪري انقلاب يا تبديليءَ جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ ثابت ٿينديون آهن. ڇو ته ماڻهو سهارن ۽ آسرن جي آڌار تي تبديليءَ جي اهميت ۽ ضرورت کي ياد نه ڪندا آهن. ان ڪري ڪي  انقلاب پسند چاهيندا آهن ته حالتن کي ابتر ٿيڻ ڏيو ۽ ماڻهن کي بيساکي ڏيڻ بدران پنهنجي سوچن ۽ لوچن جي پيرن تي بيهڻ سيکاريو.

    هي نظريو  اسان جي سماجي صورتحال ۾ عوام کي انقلاب جي ويجهي آڻڻ بدران، ان کان پري ڪندو رهيو آهي. ڇو ته جڏهن سرڪاري نوڪري وٺڻ، بدلي ڪرائڻ ۽ مفت ۾ سهولتن وٺڻ جي هير ۽ عادت ماڻهن جي زندگيءَ جي ايجنڊا بڻجي وڃي ته پوءِ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن هلنديءَ پڄندي واري جو وڃي پاسو وٺن ٿا ۽ اتي ڪو نه ڪو اقتدار ۽ اختيار وارو پير سندن پڄائي وٺي ٿو. پوءِ ماڻهون جو نظرين، قدرن ۽ تبديلين سان ڇا وڃي ۽ ڇو وڃي؟

    اڄ جي حالتن ۾ اهو سياستدان مقبول ۽ عوامي بڻجي وڃي ٿو، جيڪو سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح، صحيح ۽ غلط طريقي سان ماڻهن جي انهيءَ ايجنڊا ۾ سندن مدد ڪري ٿو، جيڪا پاڻ مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو قوم پرستن ۽ هٿين خالي سياستدانن جي منطقي، اصولي ۽ صحيح ڳالهين تي به توجهه نه ٿا ڏين ۽ هر دفعي انهن بدران ڪنهن نه ڪنهن سبز باغ ڏيکاريندڙ يا ڪنهن حد تائين مدد ڪندڙ کي چونڊن ۾ ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن ٿا. جيڪڏهن انهيءَ صورتحال ۾ قوم پرستن ۽ هٿين خالي پرخلوص سياسي اڳواڻن ماڻهن جي سماجي ڪمن ۽ خدمتن کي پنهنجي سياسي حڪمت عمليءَ ۾ جاءِ نه ڏني ته ايوانن ۽ ڪائونسلن ۾ کين جاءِ نه ملي سگهندي. سو صورتحال ۽ زميني حقيقتون اهي آهن ته ”سماجي خدمتن“ جي اهميت ۽ ضرورت کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.

    ”سماجي خدمتن“ واري شعبي کي نظرانداز ڪرڻ مان منفي ۽ خطرناڪ نتيجا هي نڪتا آهن ته اسان جي ڪيترين سماجي تنظيمن کي بين الاقوامي سياست ۽ مفادن جي تناظر ۾ ”چريئي کي ڳڙ چٽائي ڪلهي تي ڪاٺ رکڻ“ واري حڪمت عملي جڙي پئي آهي. ڪن سماجي تنظيمن کي امداد يا پراجيڪٽس جي نالي ۾ ناڻي جا جهول ته ڀري ڏنا وڃن ٿا، پر ان جي موٽ ۾ نقصان گهڻو ڏنو وڃي ٿو. پراجيڪٽس ٺاهڻ وقت پروفائيل ٺاهڻ جي نالي ۾ سنڌ جي جاگرافيائي، سماجي، تاريخي ۽ سياسي تاريخ ۽ صورتحال بابت قيمتي معلومات مفت ۾ غير ملڪي ڊونر ايجنسين کي ملي وڃي ٿي. جيڪا اهي وڏي جاسوسي نظام جي ڄار وڇائڻ ۽ ڏوڪڙ خرچ ڪرڻ کانپوءِ به وٺي نه ٿيون سگهن. ٻي ڳالهه اها آهي ته پراجيڪٽس اهڙا ٺهرايا وڃن ٿا، جن مان فائدو عوام بدران انهن کي ٿئي ٿو. مثال اوزون جا تهه اهي ڦاڙڻ پر وڻ اسان لڳايون. ٽين ڳالهه اها آهي ته ڀلي ڪرپشن نه چئون، پر اهڙو ڪلچر پيدا ٿئي ٿو، جنهن ۾ محلن ۾ ويهي غريبن جي دکن دردن لاءِ سوچيو وڃي ٿو. جن گڏجاڻين، ڪانفرسن ۽ مذاڪرن ۾ عوام جي شرڪت ئي ڪا نه آهي. اهڙين ڪانفرنسن ۾ فيصلا ڪري، ڪتاب جوڙي عوام کي چيو وڃي ٿو ته هاڻي هن ڪتاب يا ڪلمي تي ايمان آڻيو. ان ڪري سنڌ ۾ جيڪي به سماجي تنظيمون بي حسيءَ سان سماجي خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن، انهن کي وقت بوقت ڪارڪردگيءَ جون رپورٽون ڇپرائي عوام جي عدالت آڏو پيش ڪرڻ گهرجن، ۽ مجموعي طور تي سمورين سياسي تنظيمن کي نظرانداز ڪرڻ بدران انهن جي ڪارڪردگيءَ، ايجنڊا ۽ مالي آمدني ۽ روانگيءَ تي نظر رکڻ به ضروري آهي.

     

     

  • اسان جي معاشري ۾ مخالفت جو مسئلو

    (تو بن جاني! هيءَ جهان)

     

     

    ”اسان جي معاشري ۾ مخالفت جو مسئلو“

     

     

     

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

                                                         

    اسان جي معاشري ۾ اڪثر لکيا پڙهيا اهو چوندا ۽ سمجهندا آهن ته جيڪڏهن معاشري جي طول و عرض ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي مخالفت ۾ واءُ گهلي ٿي ته اهو ڪو سٺو ماڻهو ڪونهي، ڇو ته عوام الله جو نغارو ٿيندو آهي ۽ گهڻن ماڻهن جون زبانون ملي سچ جو آواز آلاپينديون آهن.

    پر تاريخ جي پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته اسان جي اهڙيءَ سوچ ۾ گهڻا جهول نظر ايندا. تاريخ ته اهو ٻڌائي ٿي ته اڪثر ڪري ٿورائي وارا ماڻهون حق ۽ سچ تي هوندا آهن ۽ گهڻائيءَ وارا ظلم ۽ زيادتين جا نت نوان رڪارڊ قائم ڪندا آهن. سقراط کان وٺي امامن جي امام حضرت حسين سان ٿورن ماڻهن ساٿ ڏنو. منصور ۽ سرمد ٿورائيءَ ۾ هئا. ان ڪري اها ڪسوٽي بڻائي نه ٿي سگهجي ته جنهن جي گهڻي مخالفت آهي، اهو ڪو غلطي تي آهي. رهيو سوال ته عوام الله جو نغارو آهي يا نه؟ ان لاءِ هيءُ چوڻ ئي ڪافي آهي ته عوام قوت آهي ۽ سچ آهي ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي. واقعي عوام الله جو نغارو ٿيندو آهي، پر جڏهن الله جي نغاري ٿيڻ بدران ڪنهن گروهه، پارٽي يا ڌر جو نعرو بڻجي پئي ته هن کان رب جي نغاري هئڻ واري حيثيت ختم ٿي وڃي ٿي. عوام ڳالهائيندو آهي، پر مقصدي ماڻهن ۽ اڳواڻن جيان وڏي واڪ نه ڳالهائيندو آهي. هن مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ ڪري پئي گذاريو آهي. سندس دل ۾ درد ته هزارين هوندا آهن، پر اسان جي ويجهڙائي واري تاريخ ۾ عوام  درد دل ۾ رکي به دانهن زبان تي نه آندي آهي. جيڪڏهن انهن دردن جون دانهون اسان جا اڳواڻ، هادي ۽ رهبر ٻڌي سگهن ها، يا خود عوام اهو آواز اٿاري سگهي ها ته هوند حالتون اهي نه هجن ها، جن اسان کي بي پاڙيءَ ول جيان وڪوڙي ڇڏيو آهي ۽ اسان جو رت ست چوسي رهيون آهن.

    مغربي جمهوريت جو بنياد گهڻائيءَ تي رکيل آهي. اسان جي ملڪ ۾ رائج جمهوريت به ان تي قائم آهي ته جيڪو گهڻا ووٽ کڻي، اهو عوام جو نمائندو آهي. پر اسان جي جمهوري تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڌانڌلي ڪرڻ ئي ڪيترن سياستدانن جو سياسي دين ايمان رهيو آهي.  ايڪڙ ٻيڪڙ شفاف چونڊن کانسواءِ باقي چونڊون ڌانڌليءَ جو ئي نتيجو رهيون آهن. هاڻي جيڪڏهن ڪو سياستدان  ڌانڌليءَ ذريعي اقتدار ۾ اچي ٿو ته اهو ڪهڙي منهن سان پاڻ کي ”عوامي نمائندو“ چئي سگهي ٿو. هن رنگ ۽ ڍنگ ۾ ڪير ٿو مڃي ته عوام طاقت جو سرچشمو آهي. انهيءَ عظيم قوت ۽ طاقت جي سرچشمي کي ذاتين پاتين، دين ڌرم ۽ ٻين سبز باغن ذريعي وائڙو ڪري، سندس هٿن مان اقتدار ۽ اختيار جي قوت کسي وڃي ٿي، ان ڪري عوام ڀلي ٻين ملڪن ۾ طاقت جو سرچشمو ڇو نه هجي، پر اسان جي سياست ان کي دوکي ڏيڻ ۽ ڏٽي ۾ رکڻ کان مٿي سمجهيو ئي ڪو نه آهي. ان ڪري حاصل مطلب اهو ٿيو ته عوام الله جو نغارو آهي، پر ان کي نعرو بڻايو آهي. انهيءَ صورت ۾، بلڪه نعري بازي واري صورت ۾ جيڪڏهن گهڻا ماڻهو ڪنهن کي برو سمجهن ٿا ته اهو ڪنهن به صورت ۾ برو ڪونهي. ان ڪري هيءُ سمجهڻ ته جيڪڏهن گهڻا ماڻهو ڪنهن جي مخالفت ڪن ٿا ته اهو ماڻهو برو هوندو، ڇو ته اهو الله جي نغاري جو آواز نه پر مفاد پرستن جي نعري جو آواز آهي.

    حقيقت اها آهي ته ”مخالفت“ ۽ ”موت“ بابت اسان ماڻهن جا ويچار  ئي منفي رخ ڏانهن موڙي ڇڏيا آهن. ان ڪري موت جي ڊپ اسان کان زندگيءَ جون خوشيون کسي ڇڏيون آهن ۽ مخالفت اسان کان ڪنڌ کڻي هلڻ جي سگهه کسي ورتي آهي. حضرت نوح نبي هئو. پر سندس ونيءَ ۽ اولاد هن جي شديد مخالفت ڪئي، انهيءَ مخالفت سندس رتبي، مقصد ۽ ڪم تي ڪو به اثر ڪو نه وڌو. الله پاڪ مسلمانن لاءِ اهڙا واقعا فقط ڳالهين ٻڌائڻ طور بيان ڪو نه ڪيا آهن، ليڪن اهو احساس ڏيڻ فرمايو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جا مٽ مائٽ به سندس مخالف آهن ته ڪا اربعا خطا ڪا نه ٿي. ان مخالفت جي ڪسوٽيءَ تي ڪنهن جي شخصيت ۽ حيثيت جي نفي نه ٿي ڪري سگهجي. گهر جي مخالفت هجي يا شهر جي مخالفت، اها بي معنيٰ آهي. جيڪڏهن ماڻهو حق ۽ سچ تي آهي ۽ پوءِ کڻي ڇو نه اقليت ۾ هجي يا اڪيلو هجي.

     

     

  • تصوف جي غلط تشريح

    تصوف جي غلط تشريح ۽ نيو ورلڊ آرڊر جون تقاضائون،

     

    (رسالو الصادق، جولاءِ/آگسٽ 2007)

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    اسلام ۾ جن به مڪتب فڪرن ۽ فقهن پنهنجي حيثيت ورتي، اهي پنهنجي پنهنجي مبلغ، هاديءَ يا امام جي نالي سان منسوب ٿيون، جهڙوڪ حنفي، شافعي ۽ مالڪي وغيره، پر تصوف ئي هڪ اهڙو مڪتب فڪر آهي، جنهن جي پهرين مبلغ ۽ امام جي خبر نٿي پئي. نه فقط ايترو پر ان جي نالي مان به ان جي اصل نسل جي ڄاڻ نٿي ملي. اهوئي سبب آهي جو “تصوف” لفظ جي ڇنڊڇاڻ به هر ڪنهن صوفي عالم پنهنجي پنهنجي خيال سان ڪئي آهي. ڪنهن ان لفظ کي “اهل صفه” ڏانهن منسوب ڪيو آهي ته ڪنهن وري ان کي گيڙو ڪپڙن سان اچي ملايو آهي.

    اسلام “اختلاف” جو حق ڏنو آهي. ديني ڪتابن ۾ اچي ٿو ته خدا جي ذات پاڪ تي اختلاف ڪرڻ کانسواءِ باقي ٻين ڪيترين ڳالهين ۾ اختلاف ڪرڻ ڪا خراب ڳالهه ڪانهي. بلڪ ترقي جو ڪارڻ آهي. انهيءَ ڪسوٽي ۽ اجازت پٽاندڙ “تصوف” کي هڪ الڳ مڪتب فڪر ڪري مڃڻ ۾ آئون ڪو عار نٿو سمجهان پران ۾ آئون ايترو اضافو ضرور ڪندس ته تصوف ڪنهن فرد جي ذاتي، روحاني ۽ مذهبي واردات جو روپ آهي. تصوف ۾ مجاهدن، رياضتن، عبادتن ۽ روين جا مختلف دڳ ۽ پيچرا ته تجويز ڪري سگهجن ٿا، پر سمورن صوفين جي مشاهدن، تجربن ۽ محسوسات کي هڪ جهڙو بڻائي نٿو سگهجي. ان ڪري تصوف ۾ هر ڪنهن صوفي جي حيثيت مختلف، الڳ ۽ نرالي ٿي پوندي آهي. ان ڪري سچل سرمست، شاهه لطيف، منصور حلاج، رابعه بصري، حسن بصري ۽ ٻيا صوفي هوندي به هڪ جهڙا نه آهن. هر ڪنهن اها ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا هن محسوس ڪئي  آهي. هر ڪنهن جا روحاني واردت جا تجربا ۽ مشاهدا هڪ ٻئي کان الڳ ۽ نرالا رهيا آهن، انهيءَ انفراديت ۽ نرالائپ ڪري خود تصوف ۾ ڪيترائي فڪري مڪتب قائم ٿيا، جن مان اويسي،قادري، نقشبندي، سهر وردي ۽ چشتي ذڪر لائق آهن.

    سنڌ ۽ هند ۾ تصوف جي عام ۽ مقبول ٿيڻ جا ڪارڻ انسان دوستي، ڌرتي ۽ بندي کي ڌڻي پاڪ ڏانهن راغب ڪرڻ جي بنيادن تي رکيل هئا. تصوف انهن حالتن ۾ ڪُر کنيو، جڏهن اسان جا ديني عالم ٻن واضح ڌڙن ۾ تقسيم ٿي چڪا هئا. هڪڙا هئا “درٻاري ۽ سرڪاري عالم” جن وقت جي حڪمرانن کي “الله جو پاڇو” قرار ڏيندي سندن سياسي ۽ ذاتي مفادن کي پروان چاڙهڻ لاءِ “دين الاهي” جي روپ ۾ “حڪومتي دين ۽ شريعت” کي رائج ڪرايو ۽ ان کي جائز قرار ڏياريو ۽ ڏنو. ٻيا هئا حق پرست ديني عالم، جن کي سرڪاري ۽ درٻاري ذريعن، وسيلن ۽ طاقت سان غير فعال ۽ بي آواز بڻايو ويو. هنن حالتن ۾ عوام نڌڻڪو ٿي پيو. ڪو سندس سارسنڀال لهڻ ۽ خير خواهي ڪرڻ وارو ڪونه رهيو. ائين کڻي چئجي ته الله پاڪ کان سواءِ سندن ڪو آسرو ڪونه هو. پردکن، دردن، مصيبتن ۽ مجبورين هنن کي اهڙو ۽ ايترو ته منجهائي ڇڏيو هو. جو هنن کان جهڙوڪ هي وساريو ويو هئو ته رب پاڪ ئي سڀ جي سولي ڪرڻ وارو، عزت ڏيڻ وارو ۽ رزق ڏيڻ وارو آهي. هو پنهنجي انگ ڍڪڻ، پيٽ ڀرڻ ۽ سولي زندگي گذارڻ لاءِ حاڪمن يا سندن ڪارندن جا اهڙا ته محتاج بڻجي ويا هئا، جو انهن کان اياڪ نعبد واياڪ نستعين جو درس ئي وسري ويو هو.

    انهن حالتن ۽ اسان جي حالتن ۾ تر جيترو به فرق ڪونهي.  اڄ ڪلهه به نوڪري وٺڻ، ترقي ڪرڻ، تبادلي ڪرائڻ عزت سان زندگي گذارڻ، ڪنهن ڏاڍي جي ڏاڍ کان بچڻ لاءِ ماڻهو خدا پاڪ کي ڇڏي ڪنهن نه ڪنهن امير، وزير. حڪمران يا ڏاڍي جي در تي سيس نوائي ٿو. فرق رڳو اهو آهي ته گذريل زماني ۾ انسان دوست. ڌرتي دوست ۽ ڌڻي جي نيڪ بندن اهو مناسب ڄاتو ته مايوس، سرگردان، پريشان ۽ بدحال انسان جي سوچن جو قبلو درست ڪجي ۽ جڏهن ته سڀ ڪجهه ڌڻي پاڪ جي ئي هٿ وس آهي ته پوءِ ڇو نه بندي کي ڌڻي ڏي راغب ڪري ثابت ڪجي ته “جنهن رب تنهنجو سڀ” يا “ڪک سڙن پن سڙن سڙي سائو گاه” جن ريجهايو الله تئه نه اچي تن کي.

    سنڌ ۽ هند ۾ تصوف انهيءَ پس منظر ۾ پير کوڙيا. تصوف نه فقط هڪ طرف روحاني ۽ ٻئي طرف قومي تحريڪ طور اڀريو پر حق پرست عالمن جي غير فعالي واري ڪيفيت ۽ سرڪار پرست عالمن جي دين دشمني واري ڪڌي ڪرت کي به پنهنجي تحريڪ ۽ تبليغ ۾ نشاندهي ڪرڻ جو اصول بڻايو. انهن صوفين اڳيان حق پرست عالمن جي بي بسي، ٿورائي ۾ هجڻ بي مثال قرباني ڏيڻ ۽ سندن ذريعن وسيلن جي ڪمي جي تجربن ۽ مشاهدن جو رڪارڊ موجود هو. ان ڪري هنن “لعل به لڀي ۽ پريت به بچي” واري واٽ ورتي. اها واٽ جنهن ۾ طاغوتي طاقتن جي مقابلي جو خطرو به گهٽ هجي ۽ ذريعن وسيلن جي ڪميءَ جو احساس به نه ٿئي. سنڌ جي صوفين انهي حڪمت عمليءَ کي اختيار ڪندي، بندي کي ڌڻي پاڪ ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ حڪمرانن جي طاغوتي طاقتن جي مقابلي ڪرڻ جا مثال قائم ڪيا. سندن تصوف هڪ ئي وقت تي روحاني ۽ قومي تحريڪون هونديون هيون. انهيءَ پس منظر ۾ اوهان شاه ڪريم جو مطالعو ڪيو. وقت جي ڌارين حڪمرانن کي جڏهن تقين ٿيو ته شاه ڪريم سندن عوام دشمني ۽ دين دشمني خلاف ڪم ڪري رهيو آهي ته هنن سندس زندگي کي عذاب بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس هڪ فرزند کي ماريو ويو. هن کي مارڻ لاءِ ڌاڙيلن جي روپ ۾ هن پٺيان ماڻهو ڇڏيا ويا. ويچارو، مگر دانشمند سيد رات جو مختلف مسجدن جون مٽيون ڀريندو پاڻ بچائيندو رهيو. ڪنهن کي به خبر ڪانه هوندي هئي ته شاه ڪريم رات ڪٿي گذاري يا گذاريندو. رات جو شاه ڪريم شاهينگن کي موقعو نه ڏنو ته هڪ ڏينهن سندس ٻني تي اچي وارد ٿيا. ان وقت شاه جي ٻني تي نار هلي رهيو هو ۽ هو پنهنجي ٻني کي پاڻ ڏئي رهيو هو. شاهينگن کي سيد کي قتل ڪرڻ جو بهانو گهربو هو. ڇو ته ڏينهن ڏٺي جو اوسي پاسي جي ماڻهن جي موجودگي ۾ ڪنهن جواز کان سواءِ کيس مارڻ سندن سياسي حڪمت جي خلاف ٿي ويو. مٿن “خون ناحق” جو الزام لڳي ٿي سگهيو. ان ڪري هنن بهانن مٿان بهانا ڳولهيا. پهريون هن جي ٻني جا ٻارا ڀڄي پاڻي ٻئي ٻني ڏي ڇوڙيائون. شاه ڪريم خاموش رهيو ۽ هنن کي وڙهڻ جو موقعو نه ڏنائين، پوءِ هنن نار ۾ وهندڙ ڏاند ڇوڙيا. شاه صاحب اتي به خاموش رهيو. نيٺ شاه کي ٺاهوڪا سوٽا وهائي ڪڍيائون. پر ان تي به شاه ڪريم کلندو رهيو، شاهينگن ڪنهن بهاني تلاش ڪرڻ لاءِ شاه صاحب کان آڏي پڇا شروع ڪئي.

    شاهينگ: تنهنجي ٻنيءَ جو پاڻي ڀڳوسين، تون ناراض ڇو نه ٿئين؟

    شاه ڪريم: بابا! مان ناراض ڇو ٿيان، اوهان ته سٺو ڪم ڪيو، مان خود غرض ٿي فقط پنهنجي ٻني سيراب ڪري رهيو هئس. باقي الله جي زمين غير آباد ڇورهي؟ اوهان الله جي زمين آباد ڪئي.

    شاهينگ: هلندڙ نار مان ڍڳا ڇوڙياسين. ان تي تون ناراض ڇو نه ٿئين؟

    شاه ڪريم: اوهان رحمدلي ڏيکاري، شايد ڏاندن کي آرام جي ضرورت هئي.

    شاهينگ: توکي ٺاهوڪي مار ڪڍيسين، تون اسان سان وڙهڻ لڙڻ بدران خاموش ڇو ٿي وئين؟

    شاه ڪريم: بابا! ڏوهه ڪيا هيم. زمين فقط پنهنجي ٿي آباد ڪيم ۽ الله جي زمين نظرانداز ڪيم. ڍورن  تي رحم نه ڪيم، انهن ڏوهن جي سزا ملي، ان ڪري مان ناراض ٿي اوهان سان ڇو وڙهان ها؟

    شاهينگن کي سيد قتل ڪرڻ جو بهانو نه مليو ۽ هو لاجواب ٿي هليا ويا. شاه ڪريم ۽ اهو شاه ڪريم بچائڻو هو، جيڪو بندي کي رب ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ مصروف هو ۽ جيڪو ظالم ۽ جابر حڪمران کي ڌرتي- ڌڻين تي قابض ڏسڻ نه پيو گهري تاريخ جا ڪتاب اها ڳالهه ثابت ڪن ٿا ته شاه ڪريم ڪنهن انڊر گرائونڊ تحريڪ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪري رهيو هو ۽ سندس رابطا ٻين ملڪن جي هم خيال ماڻهن سان به هئا.

    تصوف جو سنڌ ۾ تاريخي ڪردار اهوئي رهيو آهي. شاه عنايت شهيد جي شخصيت ۽ ڪردار کي ڌيان ۾ آڻيو. سڄي صورتحال واضح ٿي ويندي ته تصوف کي حق ۽ سچ جي تلوار طور ڪيئن سنڌ ۾ مانوس ڪرايو ويو. لطيف سائين انهيءَ زماني ۾ تصوف جي تند تنواري بندي کي خدا پاڪ ڏانهن راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن حاڪم ۽ حڪمران تخت ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪٻئي جي ڄنڊاپٽ ۾ مصروف هئا ۽ ڌارين جي رهبريءَ ۽ سندن پروانن حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجي عوام کي وساري، بلڪ نظرانداز ڪري چڪا هئا. اڄ ۽ ڪلهه جي سنڌي حڪمرانن ۾ اهو فرق رهيو آهي. ڪالهوڪا حڪمران افغانستان تائين ڊوڙون پائيندا هئا ۽ اڄ جا اقتدار دوست ٿورو اورتي درگاهه تي ڀيٽا ڏين ٿا. عوام اڳ به آزار ۾ هئو ۽ هاڻي به سورن ۾ آهي. ڪالهه به سنڌ واسين کي پڇڻ کان سواءِ سنڌ کي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو ۽ اڄ به ائين ئي ٿئي پيو.

    تصوف جو ڪهڙو به مڪتب فڪري هجي، اهو پنهنجو روحاني رشتو ۽ سلسلو چئن يارن معرفت رسول الله صه جي ذات مقدس تائين جوڙي ٿو. ڪنهن به صوفي دين اسلام کان منهن نه موڙيو آهي. ايتري قدر جو منصور حلاج جهڙي صوفي به موت جي سزا کان اڳ نماز پڙهي. تصوف جو بنياد شريعت ۽ اسوه حسنه ئي آهي. تصوف ان کان سواءِ بي معنيٰ، بي سود بلڪ ڪفر آهي. تصوف جي جنهن به سلسلي ۾ مذهب کان غير جانبداري يا مذهب کان پاسيري رهڻ جي ڳالهه يا تلقين ڪئي وڃي ٿي. اهو ڪنهن به صورت ۾ اسلامي تصوف ٿي نٿو سگهي. بلڪ تصوف جي نالي ۾ تصوف ۽ اسلام خلاف هڪ سازش آهي. تصوف جي سچائي کي پرکڻ لاءِ اسان کي انساني ۽ اسلامي تاريخ جا ورق ورائڻا پوندا. جڏهن فرعون، نمودو ۽ شداد پاڻ کي خدا سڏايو ته خدا تعاليٰ مٿن عذاب نازل ڪيو ۽ اسان به انهن تي لعنت ملامت ڪرڻ کي پنهنجي ايمان جو جز ڄاڻون ٿا هي ڪٿان جو انصاف آهي ته ڪلهه فرعون، نمرود ۽ تشداد پاڻ کي خدا سڏايو ته انهن کي ته اسان لعنتي چئون، پر پاڻ ساڳئي ئي حماقت ڪيون. اهو ڄاڻندي به ته اسان ڪيئن ۽ ڪهڙي پاڻي مان پيدا ڪيا ويا آهيون ۽ پوءِ به دعويٰ فرعون، نمرود ۽ شداد وانگر ڪيون. جڏهن ڌارين، خاص طور تي تنها سپر پاور کي پنهنجي محققن ۽ عالمن جي مطالعي، مشاهدي ۽ تحقيق مان پتو پيو آهي ته تصوف هاڻي بندي کي ڌڻي ڏانهن راغب ڪرڻ بدران نعوذ بالله ڌڻي تي قابض ٿيڻ جو فڪر بڻجي ويو  آهي. جڏهن تصوف هاڻي روحاني ۽ قومي تحريڪ بدران ڌڻي پاڪ سان جهيڙي جوٽڻ جي تحريڪ بڻجي رهيو آهي ته سپرپاور اسان کي صوفي ٿيڻ جا درس ڏيڻ شروع ڪيا آهن ۽ انهي لاءِ اهڙي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي ته جيئن هنڌين ماڳين سرڪاري ۽ درٻاري سرپرستي ۾ “صوفي ڪانفرنسون” ٿين ۽ تصوف جي انهيءَ تشريح کي عام ڪيو وڃي، جنهن مان اسان جو“اسلامي تشخص” ختم ٿي وڃي ۽ اسان پاڻ پنهنجي هٿن سان ٻئي جهان خراب ڪري ڇڏيون. نتيجي ۾ سرپاور کي اسان تي بي خوف حڪمراني ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي.

    پاڻ کي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي اهو مڃڻو پوندو ته تصوف جا ڪيترا گادي نشين علم تجربي ۽ مشاهدي جي حوالي سان ڪنهن به صورت ۾ گادي ڌڻين ۽ صوفي اڪابرن سان همسري ڪري نٿا سگهن. هي پڻ ناقابل ترديد حقيقت آهي ته سنڌ ۾ تصوف جي تفسير ۽ تشريح تي مسلمانن کان وڌيڪ غير مسلم عالمن ڪم ڪيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ تصوف ۽ صوفي اڪابرن کي اهڙي انداز سان پيش ڪرڻ جي روايت پئجي وئي آهي. جيڪا تصوف جي اصلي روح ۽ صوفي اڪابرن جي منشا جي خلاف نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ حضرت سچل سائين کي “منصور ثاني” چئي، هن عظيم انسان ۽ بي بدل صوفي کي دين کان دور هجڻ تاثر ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته حقيقت ان جي برعڪس آهي. سچل سائين تصوف ۽ پنهنجي “صوفياڻي تشخص” تي روشني وجهندي فرمائي ٿو ته:

    حڪمت شرعت برسر ڪرڻا

    ٻاهر قدم  نه    هڪو     ڌرڻا

    تابع       تنهن      امر دي هان

    سچل سائين تصوف ۾ هڪ مثالي مفڪر جي حيثيت رکندڙ هو. هن پنهنجي  شاعري جي ڪوزي ۾ درياه بند ڪيو آهي ڏک جي ڳالهه اها آهي ته سچل سائين کي سمجهڻ لاءِ سچل سائين جي عملي ڄاڻ ۽ حيثيت جي ڪمي آهي. هونئن نه ته سچل اهو سچ ٻڌايو آهي، جنهن لاءِ صوفي ۽ سچار صدين کان ٻڌڻ لاءِ سڪندا ٿي آيا. ٿورو غور ڪيو، سچل سرمست جي “گهڙولي، جو هي بند ڌيان ۾ رکو. فرمائي ٿو:

    سر تي سينهون هٿ گهڙولي

    محڪم خيال دي دم ڪڙولي

    جام قدح  ڪوثر  دي    هان

    سچل سائين جي گهڙولي جي هن هڪ بند تي هڪ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. هن جي سر تي ڪهڙو سينهون هو؟ سندس هٿ ۾ڪهڙي گهڙولي هئي؟ سندس محڪم خيال ڪهڙو هو؟ ۽ سندس دم ڪڙولي ڇا هئي؟ انهن سوالن جي جواب ۾ سچل سرمست جي تصوف ۾ منزل ۽ حيثيت جو تعين ٿئي ٿو. انهن سمورن اشارن، استعارن ۽ اصطلاحن کي سچل سائين “ڪوثر” سان لاڳاپي رکيو آهي. هي اهو ڪوثر آهي، جنهن مان گهڙولي ڀري پيئڻ جي سچل سرمست کي آس ۽ پياس آهي. اهو ڪوثر آهي جنهن مان گهڙولي ڀري هو پاڻ پيئڻ گهري ٿو ۽ ٻين کي به پيارڻ چاهي ٿو. هي اهو ڪوثر آهي جنهن تي توجه ڏيڻ سان انسان جي مٿان روحانيت ۽ تصوف جا هزارين راز ظاهر ٿي پون ٿا. ڪوثر ۽ آب ڪوثر کي سمجهڻ لاءِ اسان کي قرآن شريف ۽ حديثن مان مستفيد ٿيڻو پوندو. اوهان سورۃ “الڪوثر” جو مطالعو ڪيو، اوهان تي اڻ ڳڻيا راز کُلي پوندا. قيامت جي ڏينهن حضور ڪريم  صه جن حوض ڪوثر تي موجود هوندا. انهي حوض جي حوالي سان 50 روايتون حديثن مان ملن ٿيون. توجه ڇڪرائڻ واروپهلو اهو آهي ته حضور ڪريم صه جن فرمايو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي منهنجي طريقي کي بدلائن ٿا يا بدلائيندا، سي حوض ڪوثر کان هٽايا ويندا.

    اسان انهيءَ حديث پاڪ جي پس منظر ۽ پيش منظر ۾ جڏهن سچل سائين جي “گهڙولي” جي انهي بند ڏانهن توجه ڪيون ٿا ته اها ڳالهه صاف ظاهر ٿئي ٿي ته هن پاڻ کي حوض ڪوثر جي نزديڪ هئڻ وارن ماڻهن ۾ شريڪ ڪيو آهي. مطلب ته هو نه ته طريقت محمدي کان منهن مٽڻ وارو ماڻهو آهي ۽ نه وري طريقت محمدي کي مٽائڻ وارو صوفي  آهي. هتي ذڪر به ڪبو هلجي ته “حقيقت محمدي” تصوف ۾ هڪ اهم ترين منزل جي نشاندهي ڪرڻ وارو اصطلاح آهي. هتي اها ڳالهه به عيان ٿئي ٿي ته “حقيقت محمدي” جي منزل ماڻڻ لاءِ طريقت محمديءَ جو رستو وٺڻو پوندو، ڇو ته طريقت کان سواءِ حقيقت تي پهچڻ ناممڪن آهي. هاڻي وري اچو ته ڪلام پاڪ ۾ “ڪوثر” ۽ “صاحب ڪوثر” جي ڪهڙي ڳالهه ڪئي وئي آهي. هي سورۃ  ٽن آيتن تي مشتمل آهي. پهرين آيت ۾ ڪوثر جي عطا ٿيڻ جي خوشخبري موجود آهي. ٻي آيت ۾ شڪر ادا ڪرڻ ۽ عبديت جا طور طريقا ڏسيا ويا آهن ۽ ٽين آيت ۾ تمام وڏي ۽ اهم ڳالهه ڪئي وئي آهي. هن آيت ۾ “طريقت محمد” جي منڪرن جو تفصيل ڏنو ويو آهي. رب پاڪ فرمائي ٿو ته

    اي نبي! “تنهنجو دشمن ئي پاڙ پٽيل آهي.”

    هاڻي ذهن ۾ رکجي ته هي سورۃ مڪي آهي. پاڻ حضور اڪرم  صه جن جڏهن مڪي ۾ هئا ته وٽن ڌن دولت يا حڪومت ته ڪانه هئي. جو ان ڪري ساڙيلا ماڻهو سندن دشمن ٿين. اتي نبين جي سردار صه سان ڪافرن ان ڪري دشمني ڪئي جو پاڻ صلعم جن “طريقت محمدي” ۽ “حقيقت خدائي” جي ڳالهه ڪئي. الله تعاليٰ جهڙوڪ فيصلو صادر ڪرڻ فرمايو ته:

    “تنهنجو دشمن ئي پاڙ پٽيو آهي”

    هن جو اهو مطلب ٿيو ته “طريقت محمدي” ۽ “حقيقت خدائي” جو منڪر پاڙ پٽيو آهي ۽ اهو حوض ڪوثر تائين پهچڻ جو تصور به ڪري نٿو سگهي. سچل سائين پنهنجي “گهڙوليءَ” ۾ پنهنجي مذهبي. روحاني ۽ صوفياڻي طريقي تي روشني وجهڻ کان سواءِ پنهنجي صوفياڻي نظريئي جي به نشاهدي ڪئي آهي. آب ڪوثر جي تمنا ۽ اتان گهڙولي ڀرڻ جو شوق ثابت ڪري ٿو ته سچل سائين وڏي واڪ ٻڌائي ٿو ته سچو صوفي “طريقت محمدي” کي ترڪ ڪرڻ جو تصور به ڪري نٿو سگهي. سچل يا ڪنهن ٻئي صوفي کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ “منتخب طريقو” مطلب ۽ مقصد کان ڪوهين ڏور وٺي ويندو. ان لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن به صوفي شاعر جي سموري ڪلام کي ۽ صوفي مفڪر جي سمورن ارشادات کي ماضي، حال ۽ متقبل جي روشني ۾ پڙهيو وڃي. هتي ماضي مان مطلب تاريخ آهي. اسلامي ۽ انساني تاريخ تي نظر نه هوندي ته گهڻيون ڳالهيون سمجهه ۾ ڪونه اينديون. مثال طور هن شعر کي ڏسو:

    جيڪا راهه رسول جي تاڏي نه ڀريان پير

    جيڪو وٺي نانءُ نبي جو،تنهن سان منهنجووير.

    هي مصراعون ڪنهن تاريخ جي اناڙي اڳيان پڙهبيون ته هو ان جو مطلب اهو. وٺندو ته شاعر فرمائي ٿو ته “رسول پاڪ جي دڳ ۽ طريقي تي مان نه هلندس ۽ جيڪو به منهنجي اڳيان سندن اسم مبارڪ زبان تي آڻيندو ته مان ان سان وير وجهندس ۽ دشمني ڪندس.” پر حقيقت ۾ شعر جو مطلب ان جي برعڪس آهي. هي شهر هڪ شاعريءَ جي صنف ۾ “ڏور” آهي. ”ڏور” اهڙي بيت کي چئبو آهي جنهن جي ظاهري معنيٰ ته هڪڙي هوندي آهي، پر باطني معنيٰ ئي ان شعر جي اصلي معنيٰ ٿيندي آهي. جيئن هن شعر/ بيت جي آهي. هي هجرت واري واقعي سان واسطو رکندڙ ڳالهه آهي، پاڻ ڪريم صلعم حضرت ابوبڪر سان گڏ غار ۾ آهن، مڪي جا ڪافر ٻنهي جهانن جي سردار جي تلاش ۾ اتي اچي پهچن ٿا جو شخص ڄاڻي ٿو ته خدا جو رسول صلعم ڪٿي آهي. ان کان پڇيو وڃي ٿو ته ٻڌاءِ محمد صه جن ڪٿي آهن، ان تي هو جواب ڏئي ٿو ته: جنهن رستي سان لولاڪ جو ڌڻي صه جن ويا آهن. مان اوهان کي انهيءَ واٽ تي وٺي نه هلندس، پر خبردار! جيڪڏهن اوهان اڙين جي آڌار ۽ نبين جي سردار صه جو نالو ورتو ته مان اوهان سان وڙهڻ لاءِ به تيار ٿي ويندس.

    شاعريءَ کي ان ڪري پسند نه ڪيو ويو ته ان ۾ مبالغه آرائي جائز هوندي آهي. ڳالهه ۽ واقعي وغيره کي اهڙي ته ماهرانه انداز سان لڪايو ويندو آهي جو عام ماڻهو جي سمجهه کان مٿي ٿي پوندو آهي. شاعريءَ کي سمجهڻ ڪا سولي ڳالهه ڪانهي. جيڪڏهن شاعر چئي ٿو ته “منهنجو محبوب مکڻ آهي” ته سندس محبوب اصلي مکڻ ڪونه هوندو آهي ۽ مکڻ مان ٺهيل ڪونه هوندو آهي. جيڪڏهن  شاعر چئي ٿو ته “منهنجو محبوب جو چهرو چنڊ آهي” ته ان جي اها معنيٰ ڪانهي ته واقعي سندس محبوب جو چهرو چنڊ آهي. انهيءَ ڪسوٽيءَ جي مطابق جيڪڏهن ڪو صوفي شاعر چئي ٿو ته “مان بندو نه  آهيان پر ٻيو ڪجهه آهيان” ته ان جو مطلب به ائين ئي وٺبو، جيئن ”مکڻ” ۽ “چنڊ” جو ورتو ويو. اهڙيءَ ريت شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ مختلف ويس مٽائيندو آهي، ڪڏهن پنهنجي ذاتي ڳالهه ڪندو آهي ته ڪڏهن ڪنهن ڪردار جو روپ وٺي سندس زباني ڳالهه ڪندو آهي. مثال طور جيڪڏهن لطيف جي شاعري ۾ سسئي پنهنجي سورن جو ذڪر ڪري ٿي، جهنگ جي جناورن سان ڳالهائي ٿي يا سج کي سنيهو ٿي ڏئي ته تون لهڻ وارو آهين ۽ پرين کي ٻڌائجانءِ، ته پٺيان سسئي اچئي ٿي ته اهڙي شاعري شاعر جي ذاتي ترجماني نه پر ڪردار جي ترجماني هوندي آهي. اها نه ته شاعر جي ذهني ۽ فڪري ڪيفيت هوندي آهي ۽ نه وري ان مان شاعر حيثيت مقرر ڪري سگهبي آهي. انهيءَ ڪسوٽي مطابق جڏهن سچل چئي ٿو ته:

    ڇا ٿيون ڀانئيون ڀيڻيون، آهيان رب ستار

    ته پوءِ اهو ڇو سمجهڻ ڪري ته اهو سچل پاڻ ڏي اشارو ڪري ٿو. هن جو مطلب هينئن ڇو نه وٺڻ گهرجي ته رب پاڪ پنهنجي بندن تي واضح ڪرڻ فرمائي ٿو ته اوهان پاڻ کي الائي ڇا مان ڇا ڀانئيو. پر ياد رکو ته رب ۽ ستار فقط ۽ فقط مان آهيان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه رب ۽ ستار ڪونهي. اسان شاعري جي فني لوازمات، شاعريءَ جي تخليق وقت حالتن جي تناظر ۽ ماضي، حال ۽ مستقل جي ڄاڻ کان وانجهيل ٿي جڏهن صوفياڻي شاعري پڙهون ٿا ته پنهنجي ڪم علمي ۽ ڪم عقلي ڪري تصوف جي اها تشريح ڪري ويهون ٿا. جنهن مان اسلام دشمن قوتن کي به ڏڍ ملي ٿو ۽ پاڻ به گمراه ٿي وڃون ٿا، اهڙي صورتحال کي ڏسي هاڻي اسان جي مٿي تي هٿ رکيو پيو وڃي ۽ غيرن طرفان تصوف جي تند تنواري پئي وڃي ۽ اسان  کي بانور ڪرايو پيو وڃي ته صوفين ۽ سنتن جي هن سرزمين تي صوفياڻيون ڪانفرنسون ٿين ۽ عوام ۾ اهڙي تصوف کي عام جام ڪيو وڃي.

     

    منهنجي خيال ۾ سچن صوفين ۽ حق پرست عالمن تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته دشمن جي چال کي نظر ۾ رکن ۽ تصوف کي تلوار بڻائي غيرن جي هٿ ۾ نه ڏين، جنهن سان هو اسان جي نطرين، قدرن، قوميت ۽ وجود جا ڪنڌ ڪٽي ڇڏن.

  • خيرپور جي سرمستي

    خيرپور جي سرمستي ۽ الستيءَ جو زمانو

     

    (آشڪار شمارو نمبر 7)

    ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ

    خيرپور، سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترين ڳالهين ڪري منفرد حيثيت رکي ٿي، جيتوڻيڪ مذهبي ۽ روحاني حوالي سان هن خطي جو جوڳو مطالعو نه ڪيو ويو آهي، پر جڏهن به ڪو تاريخ جا ورق ورائيندو ته اهو خيرپور جي عظمت جي واکاڻ ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو. 1130هه مطابق 1718ع ۾ جهوڪ جي جوان شاهه عنايت کي شهيد ڪيو ويو ته ٺيڪ پندرهن سال پوءِ هتي کهڙن ۾ مخدوم عبدالرحمان وقت جي سرڪار هٿان شهادت جو جام پيتو. فرق رڳو اهو هئو ته پهريون خون ناحق ميان يار محمد جي ڏينهن ۾ ٿيو ۽ هي ٻيو ڪلور نور محمد ڪلهوڙي جي ايامڪاريءَ ۾ ٿيو. اهڙيءَ ريت جيئن ٺٽي جا عالم افغاني حڪمرانن سان سڌي لکپڙهه ڪرڻ لاءِ مشهور آهن، ائين کهڙن جي مخدومن به افغاني حڪمرانن لک پڙهه سان اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. جيئن ٺٽو ۽ ڏکڻ سنڌ جا ٻيا شهر درس و تدريس جا مثالي مرڪز رهيا. شاهه عبداللطيف جيتوڻيڪ خيرپور ۾ ڪونه ڄائو پر ڀلاري ڀٽائيءَ هن حصي ۽ خطي جا دل کولي ڀيرا ڪيا. اهڙيءَ ريت شاهه عنايت شهيد پنهنجي اولاد ۽ فڪر ذريعي هن حصي کي آباد ڪيو. انهن مثالن مان خيرپور ضلعي جي اهميت ۽ عظمت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. مذهبي ۽ روحاني حوالي سان هن ضلعي جو نئون جنم ڪلهوڙن جي آخري دور کان شروع ٿيو ۽ ٽاليون جي ايامڪاريءَ ۾ پايئه تڪميل تي پهتو. انهيءَ کان اڳ واري دور کي اسان “معلمن جو دور” چئي سگهون ٿا. جنهن ۾ خيرپور جي مختلف هنڌن تي دين جي درس و تدريس جو عمل جاري رهيو. هي ٻيو دور يعني خيرپور جي مذهبي۽ روحاني جنم واري دور کي “مبلغن جو دور” چئي سگهجي ٿو. ڇو ته هن دور ۾ جن مذهبي شخصيتن جي آبادڪاري ٿي، انهن جو انداز ۽ مقصد مبلغانه هو.

    ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ جيڪي به ٻاهريان ماڻهو مذهب جي نالي تي پنهنجي پنهنجي فڪر جي تبليغ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيا ته انهن مان ڪن کي خود ڪلهوڙن نفسياتي ڊپ وچان خيرپور طرف رخ رکرايو ۽ ڪن وري مذهبي ۽ روحاني شخصيتن سان ڪلهوڙن جي سخت گير پاليسي ڏسي، پاڻ مرادو انهن کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪئي. حنفي مڪتب فڪر جي مبلغن ۽ ڪلهوڙن کان ناراض صوفي بزرگن جي خيرپور ۾ انهن ڪارڻن ڪري آبادڪاري ٿي. ان کانپوءِ جڏهن ٽالپور واڳ ڌڻي ٿيا ته اهل تشيعت جي مبلغن پنهنجي قدرداني ۽ همت افزائي جو ماحول ڌيان ۾ رکي هتي آباد ٿيڻ شروع ڪيو. خيرپور جي روحاني ۽ مذهبي سماج جي ائين نئين سر جوڙ جڪ ٿي.انهن مبلغن ۽ معلمن جي موجودگيءَ ۾ اسان کي انهيءَ دور ۾ خيرپور جي ڀرپاسي ۾ تصوف جي منظم نموني سان تند تنواريندي محسوس ٿئي ٿي. انهيءَ حوالي سان هر ڪنهن جو توجهه درازن جي درويشن ڏانهن ڇڪجي وڃي ٿو. جن مان سچل سرمست کليو کلايو وحدت الوجود جون ڳالهيون ڪيون ۽ پاڻ کي هروجه کان سرمست ۽ منصور ثاني ڪيو.مان سندس ئي قول ۽ فعل، پيغام ۽ ڪلام کي خيرپور جي مستي ۽ الستي دور جي مستي ۽ سرمستيءَ وارو آواز سڏيان ٿو.

    هتي مون کي اوهان سان جا ڳالهه سلڻي آهي. اها هيءَ آهي ته جڏهن سچل سرمست منصوري مام سمجهائي رهيو هو ته انهيءَ تحريڪ ۾ تصوف جي منظم نموني سان تعليم ڏيڻ ۾ هو اڪيلو هئو يا سندس ڀرپاسي سٺ نه ته ٽي ويهان چوڻ وارو ۽ تصوف جي تند تنوارڻ وارو به ڪو هئو؟ جيڪڏهن اهڙي ڳالهه ٻئي هنڌان به ٻجهڻ ٻڌڻ ۾ اچي پئي ته اسان کي ان مان به سچل ۽ سندس پيغام جي ساک ملندي ۽ ان مان هي به ثابت ٿيندو ته سچل جيڪا ڳالهه ڪئي، اها دور جي تقاضا هئي ۽ سموريءَ سنڌ جو آواز هو. هن ڳالهه کي کولي بيان ڪرڻ لاءِ مون ڏسي وائسي پنهنجي مقالي جو عنوان “خيرپور جي سرمستي ۽ الستي جو زمانو” تجويز ڪيو آهي. “سرمستي” ۽ “الستي” جا اصطلاح ڏسي وائسي هن ڪري ڪم آندا اٿم ته جيئن ٻڌائي سگهان ته سچل سائين جيڪڏهن سرمستيءَ جا ساز وڄائي رهيو هو ته سندس ڀرپاسي ۾ پير محمد راشد روضي ڌڻي واري ماڻهن کي “الست بربڪم” وارو ۽ ان جو جواب ياد ڏياري رهيو هو. انهن ٻنهي بزرگن ۾ ڪوبه تضاد يا اختلاف ڪونه هو. ٻئي هڪ سڪي جا ٻه پاسا هئا. ٻنهي جو مقصد ساڳيو هئو ته ماڻهن کي محبت ۽ معرفت جا جام پيارجن، جيڪڏهن ڪو فرق هئو ته طريقه ڪار جو، هونءَ نه ته ٻنهي بزرگن جي وچ ۾هڪ عجيب ۽ اٽوٽ روحاني رشتو موجود آهي. ٻئي بزرگ تصوف ۾ پنهنجي پنهنجي طريقي جا مثالي اڳواڻ هئا. ٻنهي دور جي حالتن کي ڏٺو، محسوس ڪيو ۽ ڀوڳيو. ٻئي عملي زندگي جو کليو کلايو ثبوت هئا. هنن پاڻ کي ٻين اڳيان راهب جي حيثيت ۽ صورت ۾ پيش نه ڪيو، پر انسان دوست ۽ وطن دوست آدرش بڻجي پنهنجي عوام جي اڳيان آيا.

    اسان هتي سچل سرمست ۽ روضي ڌڻيءَ جي دور تي نه ٿا ڳالهايو، انهيءَ دور جي نزاڪت ۽ حالتن جي سنگيني جو نه فقط هن دور جي محقق کي احساس آهي پر اڄوڪو محقق اها تصديق اوس ئي ڪندو ته هنن ٻنهي روحاني رهبرن ڌرتيءَ ڌڻين جي دک کي شدت سان محسوس ڪيو، جنهن جي جهلڪ اسان کي سندن شاعريءَ مان به ملي ٿي. جتي سچل سائين فرمائي ٿو ته:

    لهر بحر جا حاڪم ڄاڻي، شوريا وتن شاهه

    هند ۽ سنڌ تي فلڪ نه آڻن، مارن ملڪ سپاهه

    وائڙا رکن تن مٿان، ويچارا ويساهه

    آسرا آڌڻين جا، آهن منجهه الله

    ڏيئي پاند پناهه، رکي وٺندو راڄ ڌڻي

    اتي محمد راشد روضي ڌڻي درد جي دانهن ڪري ٿو ته:

    مولا ڪڍ ملڪ مان، هاديٰ سڀ حڪام

    ڏيو آبرو اسلام کي، ڪريو زير ظلام

    ياجوجي جا يا نبي!خطرا خلق ددام

    لاهيو غبار غيرجا، ڪريو آجا سڀ انام

    وطن دوستي ۽ انسان دوستي ئي فقط ٻنهي بزرگن ۾ موجود ڪامن فيڪٽرس ڪونه آهن، پر سندس روحاني تخليق جو پس منظر ۾ زندگي جو مقصد پڻ ساڳيو آهي، سچل سرمستيءَ جو آواز هو ۽ پير محمد راشد روضي ڌڻي الستي آواز جو پرچارڪ هو. هاڻي اچو ته سندن هڪ ٻئي مگر اهم ڪامن فيڪٽرجي به نشاندهي ڪيون. ٽالپورن جي دور کان اڳ ئي درازن ۽ مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئي جون درگاهون مشهور ۽ مقبول هيون. پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي والد سيد محمد بقا نقشبندي طريقي جا سلوڪ مخدوم محمد اسماعيل کان ئي پرايا. انهيءَ جي وفات کانپوءِ روحاني سڪون لاهڻ لاءِ هو بزرگ درازين به ايندو هو. سيد محمد بقا شاهه درازين اچڻ اها ڳالهه ثابت ڪري ٿو ته اڳتي هلي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان درازن جي درگاهه ۽ پير ڳوٺ جي درگاهه وچ ۾ تضادن بدران افهام و تفهيم پيدا ٿيڻي هئي. درازن ۽ پير ڳوٺ جي درگاهن ۾ قربت آڻڻ جو وڏو ڪارڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي کهڙن وارن مخدومن وٽ به ايندو هو ته شاهه عنايت شهيد جي فرزند مخدوم سلام الله ڏي به ڀيرو ڪندو هو.

    شاهه لطيف جڏهن درازين آيو ته سچل سرمست کي ڏسي چيائين ته “اسان جيڪو ڪنو چاڙهيو آهي، ان جو ڍڪڻ هي ٻالڪ کوليندو.” تقريباَ شاهه لطيف جو اهوئي سئر سفر آهي. سندس ملاقات پير محمد بقا شاهه سان ٿئي ٿي، جيڪو شاهه لطيف کي پنهنجي معتقدن ۽ مريدن جي ٽولي سان ڏسي ڀوڳ ٿو ڪري ته “شاهه صاحب! هيترن ماڻهن کي کڻي رلايو ٿي.” ان تي شاهه لطيف پيشن گوئي ڪندي وراڻيس ته “توکي جيڪو فرزند ڄمندو اهو ته وڏي خلق کي رلائيندو.” ٻنهي بزرگن جا جملا روحاني معنيٰ ۽ مطلب رکن ٿا. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ائين خيرپور ضلعي جي سار لهڻ. شاهه عنايت شهيد جي فرزند سان ملڻ، سچل سائين ۽ پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ لاءِ پيشن گويون ڪرڻ، ثابت ڪري ٿو ته هن سنڌ ۾ جنهن تصوف جي تعليم جو بنياد رکيو هو، تن ٻن مکيه مرڪزن لاءِ ماحول قائم ڪرڻ لاءِ هو هتان جا ڀيرا ڪندو هو.

    جهڙوڪ کيس يقين ٿي چڪو هجي ته جنهن روحاني تحريڪ جو ٻج هو پاڻ ۽ شاهه عنايت شهيد ڇٽي چڪا آهن، اهو هتي ئي وڌي وڻ ٿيندو ۽ انهيءَ کي رکوالا ۽ مالهي هتان ئي ملندا. لطيف کي جهڙوڪ روحاني وارث هتي ملي چڪا هجن. اهڙي ريت لطيف ۽عنايتي فڪر کي وارث ضلعي خيرپور مان ئي مليا. شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ ڏٺو وائٺو، ٽي الڳ شخصيتون آهن. پر ٽنهي تند ساڳي ئي تنواري آهي، فڪر ۽ خيال جي هڪ جهڙائي جو هي مثال ملاحظ فرمايو:

    شاهه لطيف ٿو فرمائي:

    هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوهه پرياڻ،

    ونحن اقرب اليه من حبل الوريد، تنهنجو توهي ساڻ،

    پنهنجو آهنِ پاڻ، آڏو عجيبن جي

    سچل ٿو چئي ته:

    پنهون پنهون ٿي ڪريان، پنهون آهيان پاڻ

    اديون ٿيس اڻ ڄاڻ، جو ڪين سڃاتم پاڻ کي

    پير محمد راشد ٿو چئي ته:

    سڄڻ ڪول لڌم، جنهن لئه ڏونگر ٿي ڏوريم

    دوستن دير دل ۾، مون ٿي پريان پارپڇيم

    يا

    گڏيون وتن گڏ، سڄڻ ساهه پساهه ۾

    ڪهڙو ڪبو سڏ، اهڙي هيڪاند کي

    سچل سرمست ۽ پير محمد راشد روضي ڌڻي ۾ ڪيتريون ڳالهيون هڪ جهڙيون آهن، ٻنهي جو تعلق قادري طريقي سان هيو.  البته سچل سرمست وٽ چشتي طريقو به موجود آهي ۽ اهڙي ريت پير پاڳاري وٽ نقشبندي طريقو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سچل جي ڪلام پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته رومي سعدي، جامي، بايزيد بسطامي، عطار وغيره جهڙا صوفي مفڪر سندس ڪلام تي اثر انداز آهن.

    اهڙي ريت جيڪڏهن اسان پيرپاڳاري جي ملفوظات جا ورق ورائيندا سين ته تنهن ذڪر ڪيل بزرگن کان علاوه حسن بصري، عبدالله احرار، يعقوب چرخي، رابع بصري ۽ خواجه بهاءالدين ذڪريا جا نالا ۽ حوالا پڻ ملندا. “توحيد” ۽ “وحدانيت” جي تشريح سچل سائين ڪيئن ڪئي آهي؟ انهيءَ جي سڀني کي ڪل آهي. پر اچو ته ڏسون ته پير محمد راشد روضي ڌڻي انهيءَ حوالي سان ڇا ٿو فرمائي، ملاحظه ٿئي

    سندس هي به شعر:

    ونحن اقرب ڪيائون، عجيبن کي نيڻين اکيون لاتائون

    فاينما تولو رکيائون رايو، فثم وجه الله ائين حق فرمايو،

    نظر تنين کي غير نه آيو، ڏٺائو هر حال ۾ حبيبن کي

    يا

    وفي انفسکم ڏٺائون منجهه ڏيل

    ٻي  سڀ  ڇڏيائون    قال    قل

    صوفي فنا في الله جي منزل ماڻي ٿو يانه؟ فنا في الله جي منزل مان مراد ڇا آهي؟ انهيءَ سوالن جا جواب جڏهن اسان پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ کان پڇون ٿا ته اسان جي نظر سندس انهيءَ خط جي جواب تي پئي ٿي. جيڪو هن مير سهراب خان ٽالپر جي خط جي موٽ ۾ ڏنو آهي. مير سهراب خان مثنوي شريف جي ٻن شعرن جي تشريح گهري آهي. اهي شعر آهن:

    من آن وقت بودم که آدم نبود

    که ذات و صفات خداهم نبود

    من آن وقت کردم خدارا سجود

    که آدم نبود و خدا  هم   نبود

    پير محمد راشد روضي ڌڻي جي تفصيلي جواب جو اقتباس ملاحظ ٿي:

    “منهنجا من! هي گفتگو انهيءَ شخص جي آهي، جيڪو شهودي توحيد ۾ آهي، جنهن پنهنجي وجود کي امڪان جي کڙڪئي، مان ذرن وانگر ٻاهر ڪڍي پاڻ کي حقيقي سج جي نور ۾ گم ڪري ڇڏيو يا قطري وانگر جنهن پاڻ کي هويت جي بحر ۾ گم ڪري، مان سج ۽ مان ئي درياهه آهيان چوڻ لڳو.

    پير روضي ڌڻي هڪ سچي صوفيءَ جيان حقيقت تان پردو هن ريت هٽائي ٿو:

    ڪُن ڪنهن چيو، فيڪون ڪير ٿيو

    جي عدم تي احديت جو، پرتو پيو

    تنهين مجهان ٿيو، مادو معلومات جو

    جيئن شاهه لطيف فرمايو، تيئن پاڳارو تند تنواري ٿو ته:

    پڙهيو سڀ وسار، وسريو الف ياد ڪر،

    ناحق ڪي م نهار، پنا ٻيا پرينءَ لئي

    پير پاڳارو اها منزل ماڻي پوءِ ٻين کي درس ڏئي ٿو، جيئن ته سچل اها منزل ماڻي چڪو هو، انڪري پنهنجو حال هيئن ٿو اوري

    الف اسان نون يا پڙهايا،

    بي دي بانس نه بون

    شاهه درازين سچل وسدا

    من جو مرحوم تون

    گدازنامي ۾ سچل سرمست فرمائي ٿو

    جابجا موجود آهي هڪ خدا

    سربسر مشهور آهي هڪ خدا

    هر جڳهه تي آهي هو جلوه نما،

    ظاهر و باطن سندس آهي لقا

    پير روضي ڌڻيءَ ساڳي ڳالهه هن ريت ٿو ڪري:

    ونحن اقرب سڀ کان، اوڏو آهه من حبل الوريد

    لاوجودي ماسويٰ، الله غير الا الله جو،

    پاڻ ٿيو “راشد” مرشد، حامد و محمود پڻ،

    ٿيو اچي مرشد مربي شهه ولي الله جو.

    پير پاڳاري جي ملفوظات، مڪتوبات ۽ شاعري مان کوڙ سارا مثال ڏئي ثابت ڪري سگهجي ٿو ته، سچل سرمست جي هم عصر ۽ پاڙيسري بزرگ تصوف جي مثالي تدريس ڪئي، جيڪي ماڻهو سندس طريقي ۾ شامل ٿيا، انهن جي ذاتي طور تي روحاني تربيت ڪيائين، کين ٻين بزرگن، فقيرن ۽ صوفين جو ادب احترام ڪرڻ سيکاريائين، هن جي زبان ۽ عمل سان سندس معتقدن ۽ مريدن کي الستي آواز ٻڌڻ ۾ آيا. پير پاڳاري تصوف جي تربيت کي شريعت جي تاج بڻايو. هن جهڙوڪ ڇٻر ۾ هاٿي لڪايو يا ائين چئجي ته شيشي کي لوهه سان زوردار طريقي سان ٽڪرايائين انهيءَ ٽڪراءَ جا آواز ته ٻڌڻ ۾ آيا، مگر شيشو ڪونه ٽٽو. ان جي برعڪس سچل ٻنهي تربيت، ماحول ۽ دل هٿان مجبور هو. بقول سچل جي.

    جنهن دل پيتا مئي دا جام

    سا دل مستئون مست مدام

    سوليءَ تي منصور چڙاهيا،

    انا       الاحق     ڪلام

     

    انڪري سچل سائينءَ جي ڪهاڻي سرمستيءَ جي ڪهاڻي ۽ پير پاڳاري جي ڪهاڻي الستيءَ جي ڪهاڻي بڻجي پئي.

  • برهمو سماج ۽ سنڌي ادب

    برهمو سماج ۽ سنڌي ادب

     

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    سنڌي ٻوليءَ پنهنجي عالمن ۽ اديبن کان گهڻو ڪجهه لهڻو آهي. علم ادب جا ڪيترائي پهلو آهن، جن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌي ٻولي ۽ علم جو مطالعو اڃا مختلف زاوين کان ڪري سگهجي ٿو. اهڙي قسم جي مطالعي جي  ضرورت هن ڪري محسوس ٿئي ٿي جو اسان جنهن روايتي ۽ مروج طريقي کي آڏو رکي جيڪو مطالعو ڪندا آهيون، انهيءَ مان ماضي ۽ حال کي سمجهڻ ۾ ڪابه مدد نه ٿي ملي. اهڙي قسم جي مطالعي ماضيءَ کي سمجهڻ کان ماڻهن جي دل کٽي ڪري ڇڏي آهي. هاڻي عام طو تي ائين سمجهيو وڃي ٿو ته ماضيءَ جو مطالعو بيڪار ۽ قبرن کوٽڻ واري ڌنڌي برابر آهي. ليڪن حقيقت ائين ڪونه آهي. ماضيءَ جي مطالعي مان خبر پوندي ته اسان جي بزرگن ڪهڙين حالتن ۾ ڪهڙو عمل اختيار ڪيو ۽ ان عمل جا ڪهڙا نتيجا نڪتا. جيئن ان مثال کي آڏو رکي حال جا مسئلا حل ڪري سگهجن. اسان جنهن روايتي مطالعي ۾ ايمان رکون ٿا، اهو ماضيءَ جي مڪمل تصوير نٿو پيش ڪري. اهوئي سبب آهي جو اسان شاعرن کي رڳو “مذهبي شاعر” جي حيثيت ۾ پڙهندا آهيون، ۽ سندن باقي روپ جهڙوڪ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي روپ نظر انداز ڪري ويندا آهيون. حقيقت ۾ مطالعو ان کي چئبو آهي ته ان دور جي سمورين سياسي، مذهبي، سماجي، اقتصادي، تعليمي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي حالتن کي نظر ۾ رکي ڪنهن به شيءَ، شخصيت، ڪردار يا واقعي کي پرکڻ گهرجي. پوءِ ئي صحيح صورتحال اڳيان اچي بيهندي. هاڻي انهيءَ ڪسوٽيءَ کي اڳيان رکون ٿا ته پوءِ هن چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته اسان صحيح معنيٰ ۾ مطالعو ڪيون ئي ڪونه ٿا.

    اسان ادبي تاريخن سان ته نسورو ناحق ڪيو آهي. رڳو تخليق ڪارن جي زندگيءَ جو مختصر احوال ۽ سندن خدمتن جو وچور ڏئي، کڻي ان تي ٿا نالو رکون “ادبي تاريخ” جيڪا حقيقت ۾ “ادبي تاريخ” جي معيار کي نٿي رسي. ادب جي تاريخ مرتب ڪرڻ وقت اسان کي اهو به ڏسڻ ۾ ڏيکارڻ گهرجي ته وقت جي حالت علم ادب تي اثر ڇڏيو ۽ علم ادب وري حالتن کي ڪيئن متاثر ڪيو؟ منهنجو هي مضمون اهڙي قسم جي مطالعي جي هڪ لڇ آهي؛ جنهن ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته “برهمو سماج جي تحريڪ” انگريزي راڄ دوران سنڌي علم ادب تي ڪهڙا اثر ڇڏيا. فرنگي راڄ دوران ڏيهي ماڻهن جڏهن وڃي ٻين آزاد ملڪن جو ماحول ڏٺو ته کين به نت نوان خيال اچڻ لڳا ۽ سنڌ توڙي هند ۾ ڪيترين تحريڪن جنم ورتو.  برهمو سماج جي تحريڪ به انهن مان هڪ هئي. هن تحريڪ بنگال جي ڌرتيءَ تي جنم ورتو ۽ ان جو باني هو راجا رام موهن راءِ. هن تحريڪ جو خاص مقصد هو ته هندو ڌرم جي پوئلڳن ۾ اهڙي قسم جو سياسي، سماجي ۽ مذهبي شعور پيدا ڪيو وڃي، جيئن اهي وقت ۽ حالتن جي چئلينج جو جواب ڏئي سگهن. هن تحريڪ شاديءَ جي غلط رسمن ۽ عورتن کي اڻ پڙهيل رکڻ خلاف ڀرپور ڪم ڪيو.

    جڏهن سنڌ بمبئي پرڳڻي جو حصو هئي، ۽ سنڌ جي شاگردن کي مئٽرڪ جي امتحان ڏيڻ يا اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئي وڃڻو پوندو هو. تڏهن سنڌ جي ڪيترن هندن ۾ برهمو سماج جي تحريڪ کي مقبول ٿيندي ڏٺو ۽ انهيءَ کان متاثر ٿي هنن به سنڌ ۾ ساڳيءَ تحريڪ جو ٻج ڇٽيو. جيئن سنڌ کان ٻاهر پهريون راجا رام موهن راءِ ان کان پوءِ ديوندر ناٿ ٽئگور ۽ برهمانند ڪشب چندرسين هن تحريڪ کي مقبول بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، اهڙي نموني سان سنڌ ۾ وري ساڌو نولراءِ، ڪوڙيمل چندن مل ۽ ساڌو هيرانند هن تحريڪ کي زور وٺرايو.  برهمانند ڪشب چندرسين 1866ع کان 1870ع تائين ڪلڪتي ۾ برهمو سماج جي ڀرپور تبليغ ڪئي هئي. سندس تقريرون ڇپجي جڏهن سنڌ ۾ آيون ته سڀ کان اول ساڌو نولراءِ انهن کان متاثر ٿيو ۽ هن آخرڪار 1873ع ۾ڪلڪتي ۾ وڃي برهمانند سان ملاقات ڪئي. سندن اها ملاقات اڳتي هلي دوستيءَ ۾ بدلجي ويئي ۽ ساڌو نولراءِ جي ڀاءُ ساڌو هيرانند کي هن دوستي مان اهو فائدو مليو جو، هو سالن جا سال برهمانند جي گهر جو ڀاتي رهيو. هن تي عرصي دوران سندس ڏيٺ ٻين برهمو مبلغن سان به ٿي، جن مان ڀائي پرتاب چندر، ڪنتي چندر متر، مهيندر ناٿ بوس، گوئر گوبندراءَ گرش چندرسين، اگهور ناٿ گپت ۽ ترلوڪ ناٿ جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن.

    “برهمو سماج” تحريڪ سنڌ جي سماجي، تعليمي، مذهبي ۽ ادبي حالتن تي گهرا اثر وڌا. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، شڪارپور ۽ ڀريا هن تحريڪ جا خاص مرڪز بڻيا. ڪراچيءَ ۾ برهمو سماج وارن هڪ “برهمو مندر” ۽ “نائيٽ اسڪول” کوليو. ڪراچيءَ ۾ جن ماڻهن هن تحريڪ کي زور وٺرايو، تن ۾ سيٺ هرچندراءِ ساڌو نولراءِ، ساڌو هيرانند، نند لعل سين، ڊاڪٽر ربن ۽ ڀڳت روپچند خاص اهميت رکن ٿا. ڀڳت روپچند نه رڳو برهمو سماج جي مالي مدد ڪندو هو، پر اتان جي نائيٽ اسڪول ۾ مفت ۾ پڙهائيندو به هو. سيٺ هر چندراءِ برهمو سماج جو ٽرسٽي ٿي رهيو. ڊاڪٽر ربن وري ڇوڪرين لاءِ “نولراءِ ٻالڪ ودياليه” نالي اسڪول قائم ڪيو.

    جڏهن ساڌو هيرانند ڪراچي ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهيو ته اتي به “برهمو سماج” جي پرچار لاءِ پاڻ پتوڙيائين. هن صاحب جي ذاتي ڪوششن سان حيدرآباد ۾ ”اين_ ايڇ اڪيڊمي” قائم ٿي، انهيءَ اداري طرفان ماهوار “سر سوتي” رسالو جاري ٿيو، جنهن سالن جا سال “برهمو ادب” جي تبليغ ڪئي. هن شهر جي برهمو سماجين مسٽر ڪندن مل ۽ مسٽر هوتچند ڏيئلعل ڇوڪرن جو اسڪول کوليو. ديوان پرڀداس وري “نوودياليه” ۽ ڪنيا ودياليه” نالي ٻه هاءِ اسڪول قائم ڪيا.ساڌو واسواڻيءَ جي ڪوشش سان سکر ۾ “اپاشنا منڊلي” ۽ لاڙڪاڻي ۾ “سڌار سڀا” قائم ٿي. سکر ۾ ساڌو گوڪداس “برهمو سماج” لاءِ جو بيمثال ڪم ڪيو هو، انهيءَ کي ڪڏهن به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. شڪارپور ۾ وري واڌو مل اڪيڊمي قائم ڪئي. ڪوڙيمل جي ڪوشش سان “ڀريا” ۾ ڇوڪرين جو اسڪول قائم ٿيو ۽ بعد ۾ اتي “ڪوڙو مل اڪيڊمي” به قائم ٿي.

    برهمو سماجين سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ عملي توڙي نظري ڪم ڪيو. هن تحريڪ کي عام ڪرائڻ لاءِ سڀ کان  پهريون ڪوڙيمل چندن مل “پڪو پهه” نالي ڪتاب لکيو. جيڪو عورتن جي تعليم جي مسئلي تي انگريزي راڄ ۾ لکيل پهريون ڪتاب هو. برهمو سماج جي اثر هيٺ سنڌ ۾ ڪيترائي چڱا ڪم ٿيا. هڪ طرف عورتن ۾ تعليم وٺڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ ٻئي طرف مردن واري شراب نوشي ۽ ٻئي نشي کان پرهيز ڪرڻ شروع ڪئي. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي “نشي ناشڪ ڪانفرنسون” به ٿيون. جڏهن سنڌ ۾ “برهمو سماج” جي تحريڪ زور شور سان هلي رهي هئي، تڏهن سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ٻه دفعا وبا پکڙي هئي. انهيءَ نازڪ موقعي تي سنڌ جي “برهمو سماجين چڱيءَ طرح پاڻ موکيو. پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي مريضن جي سار سنڀال ۽ دوا درمل جو بندوبست ڪيائون ۽ شهرن جي صفائي لاءِ اپاءَ ورتائون. سنڌ جي برهمو سماجين جي اهڙين خدمتن جو ذڪر “سنڌي سونهارا” “سنڌ جا مڻيا” “سنڌ ۽ هند جا سنت” ۽ ٻين ڪيترن ڪتابن ۾ ڏنو ويو آهي.

    سنڌ جي برهمو سماجين پنهنجي وطن ۾ برهمو سماج جا ڪيترائي ساليانه سميلن به سڏايا. انهن کال سواءِ سنڌ کان ٻاهر، خاص ڪري ڪلڪتي ۾ جڏهن اهڙا ميڙ ٿيندا هئا ته سنڌ مان ڪيترا ماڻهو ڪهي وڃي انهن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. مثال طور جنوري 1881ع ۾ ڪلڪتي ۾ جڏهن جلسو ٿيو ته ساڌو نولراءِ ديوان تاراچند، مسٽر اوبا وشنو (حيدرآباد ۾ تڏهوڪو سب جج) ديوان ڌرم داس ڀوڄراج ۽ ديوان گربومل جوهر سنگ انهيءَ ۾ شرڪت ڪئي هئي. برهمو سماج جي تحريڪ جتي سنڌ جي هندو سماج، تعيلم ۽ مذهب کي متاثر ڪيو، اتي اسان جي ٻولي ۽ علم ادب تي به پنهنجا اثر ڇڏيا. سنڌ جي برهمو سماجين مان اڪثريت تعليمدانن ۽ اديبن جي هئي، جن مان ڪن ڪلاس جي ڪمرن ۾ وڃي شاگردياڻين جي ٻولي ۽ سوچ تي سڌو سنئون اثر وڌو ۽ ٻين وري قلم وسيلي ساڳيو پيغام قوم تائين پهچايو. جيتوڻيڪ اهڙن اديبن جو سموريون لکڻيون “برهمو سماج” جي تحريڪ جو پڙاڏو نه آهن، پر ان هوندي به هنن ڪيترائي اهڙا ڪتاب لکيا جن کي نج برهمو سماج جو ادب چئي سگهجي ٿو. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ برهمو سماج جون جيڪي شاخون هيون، انهن ڪجهه ڪتاب به شايع ڪرايا. ان کانسواءِ ديوان ڪوڙيمل چندن مل جي ڪتاب “پڪو پهه” ۽ اين جي ايڇ اڪيڊميءَ طرفان نڪرندڙ رسالا “سرسوتي” ۽ “سڌار پتريڪا” کي به برهمو سماج جي ادب صحافت ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

    انهن ڪتابن ۽ رسالن کان سواءِ هي ڪتاب به سنڌيءَ ۾ برهمو سماج جي تحريڪ سبب لکيا ۽ ترجمو ڪيا ويا:

    “آريه ناري چرتر” (ديوان ڪوڙومل 1905ع) “مهاتمائن جا درشن” ايضاَ 1907ع نئو وڌان جي اصليت” (ڪرپال سنگهه 1912ع) “جيون ويد” (ڊاڪٽر پريتمداس 1921ع) “راجا رام موهن راءِ جو جيون چرتر” (نرملداس گربخشاڻي_ 1932ع) “مهارشي ديوند ناٿ جو جيون چرتر” (نرملداس گربخشاڻي 1938ع) “نئون سنهتا” (ڪيشب چندرسين- ديوان چند مير چنداڻي- 1940ع) “پرلوڪ جو پيغام”(ڪيشب چندرسين- ديوان چند مير چنداڻي- 1941ع) “ساڌو هيرانند جو جيون چرتر” (واڌو مل مولچند 1933) “ديوان موتيرام شوقيرام جو جيون چرتر” (واڌو مل مولچند 1946ع) ”اميريڪا جا مهاپرش” (نرملداس گربخشاڻي) “گوتم ٻڌ” “پريم مالها (ڀڄن) “روپ مالها (ڀڄن)” “پشپا تجلي (ڀڄن)” “سنڌ جو هيرو”(سوانح) “ڀڳت روپ چند” (سوانح).

    ڪنول جو گُل ۽ ڏيڏر، ٻئي هڪ ئي تلاءَ ۾، پاڻيءَ ۾ رهن ٿا. پر سندن وچ ۾ پريم جُڙي نه سگهيو آهي. ڏيڏرن کي اها سُڌئي نه آهي ته مٿي سطح تي ڪنول ڦلاريو بيٺو آهي.

     

    (قاضي قادن جي ٻن بيتن جو متن)