Category: COLUMN BY DR. PATHAN

  • 23 August 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    الطاف، ايم ڪيو ايم ۽ علائقائي سياسي صورتحال جون تقاضائون ۽ حڪمت عمليون

     

    ڪراچيءَ ۾ 22 آگسٽ 2016 تي شام وقت جو وهيو واپريو ۽ انهيءَ باهه ٻارڻ لاءِ الطاف حسين پنهنجي تقرير سان تيليون ٻاريون، ان تي جيترا وات هوندا اوتريون ڳالهيون ٿينديون. پر سوچڻ وارا اهو ضرور سوچيندا ته اهو جيڪو ڪجهه ٿيو انهيءَ جو ڪو پس منظر به آهي، ڪو تعلق به آهي يا نه؟ صورتحال کي سمجهڻ لاءِ ۽ واقعن جي روحاني راز کي ڄاڻڻ لاءِ اچو ته ڪي سوال پنهنجي ذهن ۾ اڀاريون.

    پاڪستان جي اندروني حالتن ۾ سياسي مخالفن جي توبن جا منهن حڪومت طرف آهن. پاناما جو اسڪينڊل گهنگهرو ٻڌي ايئن نچي رهيو آهي، انهيءَ اقدار ۾ ويٺل ماڻهن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستاني عوامي تحريڪ جا هر اول دستا وري روڊن ۽ رستن تي اچڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ اين آر او جي سياسي معاهدي ۽ فلاسافيءَ تحت اقتداري ڌر اهو وڏو خطرو محسوس نٿي ڪري پر پوءِ به ان جي حيران ۽ پريشان ٿيڻ جو هر سبب موجود آهي.

    پاڪستان جي خارجي حالتن ۾ ڪشمير جو مسئلو سنگين صورتحال اختيار ڪندو وڃي ٿو ۽ اهو پاڪستان توڙي ڀارت جي لاڳاپن کي به متاثر ڪري رهيو آهي. اها ڌڻيءَ کي خبر ته ڪشمير جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي وچ تي ڪي اندروني طور تي اهڙا لائحه عمل تيار ڪيا ويا هجن، جن جي خبر عام ۽ عوام کي ته نه هجي پر ان مان اهو احساس ملي ته هن مسئلي تي ٻنهي ملڪن جي وچ تي سوچڻ ۽ لوچڻ جي ڪا جائز گنجائش موجود ڪونهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ ڪشمير جي تازي تحريڪ ٻنهي ملڪن جي اقتداري ڌرين لاءِ سياسي خطري کان گهٽ ڪانهي.

    هاڻي اهي حالتون ٻڌائين ٿيون ته ڪو اهڙو واقعو رونما ٿئي ۽ اهڙيون حالتون جنم وٺن جن ۾ ڪشمير جو مسئلو عوام جي سوچ وارين اکين کان اوجهل ٿي وڃي ۽ اندروني طور تي حڪومت مخالف تحريڪن تان ماڻهن جو ڌيان کڄي وڃي. ان ڪري الطاف حسين جي قول ۽ فعل ۽ اچانڪ حڪمت عمليءَ هِتان جي توڙي هُتان جي اقتداري ڌرين کي وڏي مدد ڏني. اهو سالن کان وٺي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۽ ذهنن ۾ واضح ٿي چڪو آهي ته الطاف حسين ڀارت جي مالي مدد ۽ پٺڀرائپ سان ايم ڪيو ايم کي قائم ڪيو آهي ۽ سندس پوئلڳن ڀارت منجهان دهشتگرديءَ جي تربيت وٺي روشنين جي شهر ڪراچيءَ ۽ ٻين هنڌن تي قتل و غارت پئي ڪرائي آهي. انهيءَ اندازي لڳائڻ ۾ ويرم نه ٿي لڳي ته سندس سرپرست ۽ آقا، يعني ڀارت طرفان کيس هن ڊرامي رچائڻ جو حڪم مليو هجي ته جيئن ماڻهو ايم ڪيو ايم جي انهيءَ نا عاقبت انديش اڳواڻ جي پاڪستان دشمن روين ڏانهن ايترو ته متوجهه ٿي وڃن جو کانئن ڪشمير جو مسئلو ذري گهٽ وسري وڃي. ان ڪري ڪراچيءَ ۾ جيڪو وهيو واپريو اها الطاف لاءِ ڀارتي اسائنمينٽ هئي ۽ هن پنهنجي آقائن سان وفاداريءَ جو ثبوت ڏيندي اهو ڪجهه ڪيو، جنهن لاءِ خود ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن به نه سوچيو هوندو.

    ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ پاڪستاني سياستدانن لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ اهي نه فقط ايم ڪيو ايم کان لاتعلق ٿيڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجهندا پر ايم ڪيو ايم خلاف قائدي جي ڪارروائي ڪرڻ جي ڳالهه چوڻ کان به رهي نه سگهندا. هيءَ صورتحال مرڪزي حڪومت جي حق ۾ وڃي ٿي، جيڪا ايم ڪيو ايم خلاف برجستيءَ سان قدم کڻي الطاف جي پاڪستان دشمنيءَ کي ايترو مٿي کڻي ويندي، جو اهو پاڪستان جو اهم ۽ اولين سياسي اشو بڻجي ويندو ۽ ان جي روشنيءَ ۾ پاناما جو اشو ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جا ڌرڻا ذري گهٽ بي معنيٰ ٿي ويندا.

    اهي ماڻهو جيڪي سوچين ٿا ته الطاف جي پاڪستان دشمن بيانن جي پاداش ۾ ايم ڪيو ايم بحيثيت سياسي پارٽي جي ختم ٿي ويندي، تن کي پنهنجي سياسي بصيرت ۽ پيشن گوئين تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم تي پابندي به لڳي ته پوءِ به ان جو سياسي اثر ۽ هيئت تڪڙو ختم ٿيڻ وارا نه آهن. ڀلي ايم ڪيو ايم خلاف کڄندڙ قدم جي نتيجي ۾ انهيءَ پارٽيءَ جا ڪي سگهارا اڳواڻ پارٽي ڇڏي وڃي پاڪ سر زمين پارٽي ۾ شامل ٿين، ته به اهي وقتي فائدا چيا ۽ سمجهيا ويندا. اهڙيءَ ريت پارٽي مٽائڻ ڪنهن غيبي سگهاري ڌر جي سوچ جو نتيجو ٿي سگهي ٿي ته متان اها چاهيندي هجي ته ايم ڪيو ايم کي ٽوڙڻ ۽ ورهائڻ مستقبل جي سياست جي حق ۾ ٿيندو ۽ الطاف جي هڪ هٽي کي ٽوڙڻ جو اهڙو سونهري موقعو وري ڪڏهن نه ملندو.

    هن ڪالم ڇپجڻ کان ڪجهه ڪلاڪن جي اندر اندر سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جون چونڊون ٿينديون ۽ اهو انومان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪراچيءَ ۾ اهي ئي اميدوار ڪامياب ٿيندا، جيڪي ايم ڪيو ايم نامزد ڪيا آهن. جيڪڏهن نتيجا ايئن ۽ اهڙا نڪرن ٿا ته پوءِ اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ جهڙي آهي ته هن ڪالم ۾ بيان ڪيل موقف سورنهن آنا سچ آهي ۽ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڪنهن نه ڪنهن حڪمت عمليءَ جو نتيجو آهي. اسان وٽ وقتي طور تي پارٽين تي بندشون پونديون آيون آهن پر اهي ڪڏهن به ختم ڪو نه ٿيون پوءِ ڇو نه ان جو تعلق ساڄيءَ ڌر سان هجي يا کاٻيءَ ڌر سان هجي. سياست ۾ جيڪي اچانڪ تبديليون ايندي محسوس ٿينديون آهن، انهن جو پس منظر ۽ پيش منظر ٿئي ٿو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ دهشتگرديءَ، پاڪستان دشمنيءَ يا ويندي مذهب دشمنيءَ جي بنياد تي هن وقت تائين ڪنهن به پارٽيءَ کي اهڙيءَ ريت ختم نه ڪيو ويو آهي، جو اها ٻيهر سر کڻي نه سگهي. ان ڪري موجوده حالتن جو منطقي نتيجو ايم ڪيو ايم جو خاتمو نه سمجهڻ گهرجي، بلڪه ان کي ڪا اسائنمينٽ يا ڪن ڌرين جي ضرورتن جي تقاضا سمجهڻ گهرجي. سياست ۾ الطاف جهڙي بيوقوفي يا بدمعاشي انهيءَ ڪري جائز بڻجي پوندي آهي، جڏهن پٺڀرائپ ڪندڙ آقا اها تصديق ڏيندا آهن ته سندن وفادار جبل تان پاڻ ڇڏيندا ته کين هيٺ ڪرڻ نه ڏبو ۽ موت کان بچائي وٺبو.

     

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 20 January 2017

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”نيچ نوڪري گند جي ٽوڪري

    انگريزن جي حڪمرانيءَ جي زماني ۾  سنڌي عوام دشمن مفڪرن ۽ دانشورن ماڻهن کي لقمو ڏنو ته ”نيچ نوڪري، اتم کيتي ۽ وڌندڙ واپار“. مقصد اهو ته ڀلي عام ماڻهو وڃي ٻني ٻارو ڪن يا هٽ- واڻيا ٿين ۽ اسان کي حڪمراني ڪرڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي، مسلمانن کي پنهنجي ئي اڳواڻن ماريو. هڪڙن همراهن فتوائون ڏنيون ته انگريزي پڙهڻ ڪفر ڪرڻ برابر آهي ته ٻين اپر ڪلاس جي ماڻهن کي انهيءَ فڪر منجهايو تي سندن سامنهن  پيڙهي يا مُڙهي تي ويهڻ وارا ماڻهون متان ڪا نوڪري ڪري ڪنهن ڪرسيءَ تي ويهن. ان ڪري انهن به عوام لاءِ سرڪاري نوڪرين جا دروازا بند ڪرڻ جا هر ممڪن وسيلا هلايا. انگريزن جي زماني ۾ سرڪاري نوڪري وڏي ڳالهه هئي، مجال هئي ڪنهن وڏيري يا ننڍيري کي جو ڪنهن انڌي منڊي ڪليڪٽر يا ڊپٽي ڪليڪٽر اڳيان ڪرسيءَ تي ويهي. جنهن تي سرڪار مهربان ٿيندي هئي يا مٿي تي هٿ رکي ڪو ڪم ڪڍڻ گهرندي هئي ته پوءِ ان لاءِ ڪرسيءَ تي ويهڻ جو آرڊر ڪڍندي هئي. انگريزن جي زماني ۾ جڏهن ”نيچ نوڪري گندي جي ٽوڪري“ واري لقمي هندن تي اثر ڪيو ته هنن مان ڪيترن ”وڌندڙ واپار“ واري ڳالهه مڃي ورتي ۽ خاص طور تي شڪارپور ۽ حيدرآباد مان ڪيترا هندو ڏيساور ويا ۽ ”سنڌ ورڪيءَ “ جي نالي سان مشهور ٿيا. هنن دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪري ناماچار ۽ ڏوڪڙ ڪمايو. انهن جي ڀيٽ ۾ عام مسلمان جي نصيب ۾ ڪنهن نه ڪنهن ننڍيري وڏيري جي ٻني ٻارو ڪرڻ لکجي ويو. کين انگريزي تعليم کان فتوائن ۽ تبليغ ذريعي پري رکيو ويو ۽ ان جي نتيجي ۾ اسان جي ڊڪشنرين ۾ ”ڄٽ“ لفظ مان مطلب عام سنڌي مسلمان وٺجڻ لڳو.

    اڄوڪي دور ۾ عام ۽ عوام سنڌ واسيءَ لاءِ جهڙوڪ زندگي ۽ موت جو مسئلو اهو بڻجي ويو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪا سرڪاري يا درٻاري نوڪري وٺجي. انهيءَ جاکوڙ ۽ جستجوءَ ۾ اسان سمورا حيران، پريشان ۽ سرگردان نظر ايندا آهيون. مون پنهنجي سنڌي سٻاجهن کي ٽن موقعن تي باجماعت حيران، پريشان پئي ڏٺو آهي، بلڪه جهڙوڪ جنگ جوٽڻ يا جنگ کي منهن ڏيڻ واريءَ صورتحال ۾ ڏٺو آهي. هڪڙو موقعو امتحانن جي سيزن ۾ ايندو آهي، جڏهن يارن ۽ مددگارن جون کيپون باقي ڪم ڪاري ڇڏي وڃي ڪاپي ڪرائينديون آهن. ان موقعي تي اهڙا مست ۽ متوالا نظر ايندا جو هنن کان باقي دنيا جهان وسري ويندو. ٻيو موقعو چونڊن جي ڏهاڙن ۾ جڙندو آهي. وانگاري يار پنهنجا گهر ٻار وساري ورڪ تي نڪري پوندا. پرائي ڄڃ ۾ احمق نه فقط نچندا، پر موقعو ملندن ته حريفن جون سسيون به لڻي ڏيکاريندا. هجومن جي صورت ۾ نڪرڻ جو ٽيون موقعو کين تڏهن ملندو آهي، جڏهن ڪا ڪوڙي سچي خبر ملندي آهي ته سرڪاري نوڪرين تان بندش لاٿي وئي آهي. هن سيزن ۾ فوٽو اسٽيٽ مشينن جي دوڪان تي هجوم لڳي ويندا ۽ نوڪريءَ لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ لاءِ قطارون لڳي وينديون. هر ڪا آفيس اها ڏِکَ پئي ڏيندي ته هئي قوم ڄڻ ڄائي ئي نوڪرين وٺڻ لاءِ آهي.

    سنڌ کي وڏيءَ سازش مطابق انهيءَ صورتحال جي چڪڻ ۾ ڦاسايو ويو آهي. هڪ طرف ڪاپي ڪلچر کي هٿي ڏئي نوجوانن جي هٿن ۾ ڪوڙيون ڊگريون ڏنيون ويون آهن. ٻئي طرف پارت سفارش ۽  رشوت جي ڏڍ تي نوڪرين وٺڻ جي روايت وجهي، لائق ۽ حقدار ماڻهن جي حياتيءَ ۾ زهر ملايو ويو آهي. ان ڪري ماڻهون وڃن ته ڪاڏي وڃن. سنڌ جي تاريخ ۾ هي پهريون مثال قائم ٿيو آهي ته صلاحيتن ۽ لياقتن جي بنياد تي نوڪرين ڏيڻ جي سفارش ڪرڻ واري اداري ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن“ جي حيثيت ۽ اهليت تي سوال اڀريا ۽ ان کي اهڙيءَ ريت اعتماد تي نه لهڻ ڪري غير فعال ٿيڻو پيو.

    مغربي ملڪن ۾ ٻار ڄمي ٿو ۽ تعليم پرائڻ شروع ڪري ٿو ته سندس صلاحيتن جو اندازو لڳائي هن لاءِ فيصلو ڪيو وڃي ٿو ته هو جڏهن لکي پڙهي عاقل ۽ بالغ ٿيندو ته کيس ڪهڙي نوڪري ڏني ويندي يا هو ڇا ڪندو ۽ ان وقت سماج کي يا حڪومت کي هن لاءِ انهيءَ حوالي سان ڪهڙيون آساميون موجود هونديون. پر اسان جي حڪومتن جي ائين سوچڻ انهن جي وس جي ئي ڳالهه ڪانهي. اهي ”تجارتي پاليسي“، ”تعليمي پاليسي“، ”ليبر پاليسي“، ”حج پاليسي“ وغيره ته بڻائينديون، پر بک ۽ بيروزگاري جي حوالي سان ڪا پاليسي ڪا نه ٺاهيندي، جنهن جي روشنيءَ ۾ بيروزگارن ۽ بنا نوڪريءَ وارن کي خبر پئي ته هنن جو به ڪڏهن وارو ايندو، يا هو پنهنجي لياقتن خواهه صلاحيتن ۾ ڪهڙو اضافو يا سڌارو آڻين ته جيئن اهي پنهنجي لاءِ ۽ قوم لاءِ ڪارائتا ثابت ٿي سگهن.  بيروزگاري  ۽ نوڪرين جي عدم موجودگي سڀني لاءِ هڪ سنگين مسئلو آهي. وقتي طور تي، جيڪڏهن پارت، سفارش ۽ رشوت جي ڪلچر جي پاڙ پٽجي وڃي ته نئين نسل جو اعتماد بحال ٿي سگهي ٿو ۽ اسان انهيءَ حوالي سان ڪنهن مثبت رخ ۾ قدم کڻي سگهون ٿا. هن سنگين مسئلي تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ ۽ ڪي حل ڪڍڻ  تمام ضروري آهي. ٻي صورت ۾ نئون نسل فرسٽريشن، مايوسيءَ ۽ احساس محروميءَ  ۾ مبتلا ٿي اهو دڳ وٺندو، جيڪو کيس ۽ اسان کي ڪنهن باهه جي منهن ۾ وڃي اڇلائيندو.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 20 May-2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ماندو ٿجي، پر مندو نه ٿجي“

    سنڌ جي دانشور، ڏاهي ۽ عوام جي خيرخواه اديب تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو دنيا جهان جي مامرن ۽ مسئلن تي سوچڻ ۽ لوچڻ بدران پنهنجي مٺڙن ماروئڙن ۽ ڌرتيءَ-ماتا جي دکن دردن ۽ سورن جي مذڪورن تي سوچي، لکي، لوچي. ڇو ته ”جيءُ خوش ته جهان خوش“ مصداق جيڪڏهن اسان پنهنجي سانگيئڙن کي سکي بڻائي نه ٿا سگهون ته دنيا مان دک درد ختم ڪرڻ جو سوچڻ به ٻاراڻي عقلي عياشي آهي.

    اهو ئي سبب آهي جو مون پنهنجي دور ۽ ڌرتيءَ جي مسئلن کي ئي هنن ڪالمن لاءِ بنيادي موضوع بڻايو آهي. اسان جي اڌوري ۽ اڻپوري ۽ بي مقصدي تعليمي نظام فردن جي شخصيت ۽ ڪردار کي سنوارڻ سڌارڻ بدران گهڻي ڀاڱي بگاڙيو آهي. ان ڪري ”الڪاسب حبيب الله“ تان اسان جو ايمان ئي کڄي ويو آهي. سهل پسندي ۽ محنت کانسواءِ مکڻ جون ماڙيون اڏڻ جو شوق دامنگير ٿي پيو آهي. ٻئي کي بيوقوف بڻائڻ اسان جي عقلمنديءَ جو بنيادي اصول بڻجي ويو آهي. اسان کي انفرادي طور تي يا نانيءَ-ويڙها ٺاهي ذريعن، وسيلن ۽ سهولتن تي قابض ٿيڻ جو وڌيڪ ڏانءُ ملي ويو آهي. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ جيڪي به سياسي، سماجي ۽ فڪري تحريڪون هلن ٿيون، ان جو ڪو کڙ تيل ڪو نه ٿو نڪري، پر اڪثر ڪري اهڙن تحريڪن جي پڄاڻي ڪنهن نه ڪنهن بت بڻائڻ سان ٿئي ٿي. پوءِ باقي وقت انهيءَ بت جي پوڄا ۽ پرگهور ۾ گذري وڃي ٿو.

    هنن حالتن ۾ اها وقت جي تقاضا آهي ته اسان جيڪڏهن چاهيون ٿا ته ”گڏيل مستقبل“ سنواريون ته ان کان پهريون فردن کي سنوارڻ لاءِ سندن مثبت طريقي سان ذهني ۽ فڪري تربيت ڪيون. اسان سندن شخصيت ۽ ڪردار کي اهڙي نموني تيار ڪيون جيڪي حق ۽ سچ جي بار کڻڻ ۽ تبديلي آڻڻ جو ڪارڻ بڻجي پون.

    اڄ سنڌ ۾ هر ڪو جهڙوڪ ويڳاڻو آهي ۽ ماندو آهي. اها صورتحال صدين کان قائم ۽ دائم آهي. ان ڪري ته لطيف سائين فرمايو ته ”ماندي ٿي نه مارئي، تنهنجو الله به آهي“. تنهنجو الله به آهي، مان هيءَ ئي مراد وٺي سگهجي ٿي ته جڏهن ماڻهو ماڻهوءَ جو نه رهي ۽  ماڻهن مان آسون ۽ اميدون ختم ٿي وڃن ته پوءِ الله جي پاڪ ذات کانسواءِ ڪو به ڪنهن کي اوهي واهي نه سمجهندو.

    هاڻي غور ۽ فڪرانهيءَ ڳالهه تي ڪرڻو آهي ته اسان مان هر ڪو ماندو ڇو آهي؟ اسان پنهنجو ساهه ٻوساٽبو ڇو ٿا محسوس ڪيون؟ ان جو مختصر جواب هي آهي ته جتي مندا هوندا، اتي ماندا اوس ئي ٿيندا. اسان مان هڪٻئي لاءِ خير خواهي موڪلائي وئي آهي. اسان ڪنهن جي چڱائيءَ ۾ خوش ناهيون، بلڪه ٻئي کي خوش ڏسي، اسان جي خوشي ختم ٿي وڃي ۽ ننڊ ڦٽي وڃي ٿي. اسان ٻين جي پير ڪڍڻ کي پنهنجو دين ايمان بڻائي ويهون ٿا. ڪو نالي ماتر ترقي ڪندو ته اسان هن جي تنزل لاءِ سوچڻ ۽ لوچڻ شروع ڪنداسين، ڪنهن محنت سان ٻه ڏوڪڙ ڪمايا ته ڄڻ اسان کي ڌاڙو لڳي ويو. ڪنهن جي عزت ٿي ته اسان پنهنجي بي عزتي سمجهنداسين.

    ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته ساڙ، حسد ۽ ڪيني مان هر فرد جي جان ڇڏائجي.  ماروئڙن ۽ ماڻهن کي اهو سمجهائڻو آهي ته ڪنهن کي محنت ۽ مقدر ڪارڻ ڪا حيثيت يا اهميت جي راڻي راضي ٿئي ٿي ته اسان الله سان جنگ جوٽي ڀاڳوند جي مخالفت نه ڪيون ۽ هن جا پير نه ڪڍون. کيس الله ڏنو آهي ۽ الله جي ڏني تي اسان اعتراض ۽ احتجاج ڪرڻ بدران پنهنجي محنت، سوچ ۽ لوچ سان ان ڀاڳوند کان وڌيڪ ڀاڱو حاصل ڪريون.

    ماڻهو مندو ٿيندو ته پنهنجي لاءِ به مصيبت بڻبو ۽ ٻين لاءِ به آزار ٿيندو. ضروري آهي ته اسان پاڻ مندي ٿيڻ کان بچون، ڇو ته ان سان ٻين کي ماندي ٿيڻ کان بچائي سگهنداسين. مندو اهو ئي ماڻهو ٿئي ٿو، جيڪو مسهپ جي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي. اسان کي بردباريءَ سان هر ڪنهن جي خوشي، ترقي ۽ چڱائي برداشت ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اسان جيڪڏهن ڪنهن ٻئي کي برداشت نه ڪنداسين ته پوءِ اسان کي به ڪيترائي برداشت نه ڪندا. صبر موڪلائي ويندو ۽ اسان صبر ۽ سوچ کانسواءِ پنهنجو ۽ پرائو نقصان ڪندا رهنداسين. اڄوڪي سنڌ جي اها ئي صورتحال آهي. ان ڪري جهڙوڪ خوشيون اسان کان موڪلائي ويون آهن ۽ ٻين جي چهرن تي خوشيءَ جي رونق ڏسڻ بدران انهن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسڻ گهرون ٿا. هر ڪو ماندو ماندو نظر اچي ٿو، ڇو ته اسان مندي ٿيڻ جو قسم کائي چڪا آهيون.

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 19 August 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”قرب ۽ قربت جا ڪاٿا، هي ته ناهن هوت“

    ماڻهوءَ جي ملهه بابت هر دور ۾ چيو ۽ ڳالهائيو ويو آهي ۽ اهڙي ٻڌل راءِ ڪن اصطلاحن ۽ لفظن کي به جنم ڏنو. اديبن ۽ ليکڪن، شاعرن ۽ دانشورن جي حوالي سان انهن جي رغبتن، نسبتن ۽ روين ڪري ڪي درٻاري ۽ سرڪاري سڏيا ويا ته ڪي عوامي ۽ انقلابي چيا ويا.

    هر ڪو ماڻهو موتيءَ-داڻو آهي ۽ هن جو ملهه ڪٿڻ يا ملهه مقرر ڪرڻ جي ممڪن آهي ته پوءِ اهو مشڪل به ضرور آهي. قومن جي عظمتن جا اندازا ۽ انهن جي روشن مستقبل طرف سفر جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهبو آهي ته معاشري ۾ ماڻهو جو ڪيترو  قدر آهي. ماڻهو يا فرد ئي سماج ۽ قوم جي اڪائي آهي، بلڪه پيڙهه آهي. ان ڪري جنهن معاشري ۾ ماڻهوءَ جو قدر ڪو نه هوندو، اها قوم ٻين قومن وٽ قدر وڃائي ويهندي، بلڪه ذهني ۽ فڪري غلاميءَ تي گذارو ڪندي.

    اسان جي معاشري ۾ ماڻهوءَ جو ڪيترو قدر آهي؟ ان جو هڪ هٽ-واڻيئي وانگر سولائيءَ سان حساب ڪتاب لکي ۽ سمجهي سگهي ٿو. اسان جي آدمشماريءَ جي ذري گهٽ اڌ آبادي عورت ذات تي مشتمل آهي. ان کي اسان جي معاشري ۾ سيڪنڊ ڪلاس سٽيزن جي حيثيت به حاصل ڪانهي. اسان  ان جي هر هڪ عظمت ڀرئي روپ جا ويري آهيون. زال آهي ته جهڙوڪ زرخريد غلام آهي، ماءُ آهي ته جهڙوڪ مفت جي نوڪرياڻي آهي، ڀيڻ آهي ته سر تي وبال آهي. ڌيءُ آهي ته پٽ کان گهڻو هيٺ ۽ گهٽ آهي. کيس پڙهائيندي، جهڙوڪ اسان کي ٻرو ٿيندو. هوءَ شادي ۾ ور ۽ گهر جي چونڊ جو سوچيندي ته اسان جي غيرت تباهه ٿي ويندي. هن نوڪري ڪئي ته جهڙوڪ اسان جو نڪ وڍجي ويو. اسان عورت ذات جو قدر ائين ڪيون ٿا ۽ عورت جي گود کي انسان جي پهرين درسگاهه طور ۽ ماءُ جي پيرن هيٺان جنت هجڻ واري ڳالهه مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهيون. ائين پنهنجي اڌ آباديءَ جي بي قدري ڪيون ٿا.

    هاڻي اچو ٻارن جي آباديءَ تي. گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ اسڪولن ۽ ادارن کلڻ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سڄيءَ آدمشماري جو ذري گهٽ چوٿون يا پنجون حصو ٻارن جو آهي. ٻار، اسان جي معاشري ۾ مڇ جو وار آهي. هو وڏن آڏو ڳالهائي ته بداخلاق سمجهيو ويندو. استاد کان سوال ڪري ته بدتميز ڄاتو ويندو. اسان هن کي گهر مان ڪڍي اسڪولن جي چوديواريءَ ۾ واڙيون ٿا. ڪٿي هن لاءِ استاد غائب ته ڪٿي اسڪول جي اڌوري ۽ اڻپوري عمارت، تعليمي ادارن ۾ لائبريرين، ليبارٽرين ۽ راند جي ميدانن جو ته اسان فقط خواب ئي ڏسي سگهون ٿا. جيڪڏهن ٻار جو اسان قدر ڪيون ها ته باجماعت مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان هن کي ڪاپي نه ڪرايون ها. هن کي تعليمي اداري ۾ وڃي ڏسون ها ۽ استادن سان ملئون ها ته اسان جو ٻار پڙهي ٿو يا اتي کري ٿو. استادن ۽ انتظاميه ٻارن کي پنهنجو نه ڪيو ۽ اسان جي شاگرد ٻارن جي وڏي اڪثريت کي جلوسن ۽ گوڙن وارن سياست جو ٻارڻ بڻايو ويو.

    اهڙي ريت ٻارن کي ڇڏي ٻڍڙن ۽ وڏڙن جي قدردانيءَ جو اندازو لڳايون. هتي وري اسان وهيءَ-وڇوٽي ۽ پيڙهيءَ-وڇوٽيءَ جي تلوار هٿ ۾ کنيون بيٺا آهيون. اسان پوڙهي گهوڙي جو ته خيال رکنداسين، پر پوڙهي پيءُ ۽ ماءُ کان اهو به نه پڇنداسين ته هنن پيٽ ڀري ماني به کاڌي آهي يا نه؟ اسان اهو سمجهندا آهيون ته پوڙهو ماڻهو ڪڏهن بيمار به ڪو نه ٿيندو آهي. هن کي مکين مارڻ کانسواءِ ۽ اجائي تنگ ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ايندو به ڪونهي. اولڊ از گولڊ ۽ پوڙهو اٺ ٻن ڪنواٽن برابر جون چوڻيون اسان جي فقط ڪتابن ۾ آهن ۽ نه ڪي اسان جي سوچن ۽ لوچن ۾!

    عورتن، پوڙهن ۽ ٻارن جي قدرداني جو اهو عالم آهي. هاڻي اچو باقي بچيل آباديءَ تي، اٿڻ ويهڻ وارن انهن باقي بچيل ماڻهن جو حشر ڏسڻو هجي ته سرڪاري ادارن ۽ اسپتالن جو چڪر لڳايو. وڏيري جي ڪمدار کان وٺي سرڪاري عملدار تائين ويچاري ماڻهوءَ سان ائين ڪئي وڃي ٿي جو ٻرڙن به اهڙي ٻارن سان ڪا نه ڪئي هوندي.

    اسان هنڌين ماڳن پنهنجو مقدر ڦٽايو ۽ منهن پٽايون گهمندا وتون ٿا. ڪو حال پڇڻ وارو ڪونهي ۽ ڪو قياس ڪرڻ وارو ڪونهي. اسان جو جيڪڏهن ڪٿي قدر آهي ته ان ڪري ته اسان قدر ڪندڙ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪم اچي سگهون ٿا. پوءِ ڪم لٿو ۽ ڊکڻ وسريو.

    هنن حالتن ۾ جتي جڏهن ڪنهن جو ڪو قدر ڪو نه ٿيندو ته پوءِ اتي لياقتن ۽ صلاحيتن جي نيلاميءَ ۽ خريداريءَ جي بازار گرم ٿيندي آهي. پر جيڪڏهن ڪو عوامي يا انقلابي ٿيو  ته نه ان کي ڏسبو نه ٻڌبو نه ان سان سهڪار ڪبو نه ان جي ويجهو وڃبو. پوءِ ماڻهن جي نئين سر صف بندي ٿيندي آهي. ڪي سرڪاري بڻجي ويندا آهن ته ڪي درٻاري. اهو به ايتري قدر جو ماڻهپي ۽ انسانيت جي زبان تي به زاري ۽ زاريءَ جا لفظ اچي ويندا آهن.

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 18 March-2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”شايد مون ۾ ناهين تون، يا تو ۾ نه آهيان مان“

     

    صديون اڳ لطيف سائين دشمن ۽ مخالف کي ڪارائتي صلاح ڏني ته ”مون کي نه مار، ڇو ته مون ۾ تون ئي آهين ۽ متان تنهنجو وار، جيڪو مون مٿان ڪري رهيو آهين، اهو توکي نه لڳي“. سيد جي صلاح انهيءَ منطق تي ٻڌل هئي ته انسان ڌرتي ۽ نظرين جي اٽوٽ رشتن ۾ هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن. انهن سان ئي قومي ۽ نظرياتي وجود جنم وٺندا آهن. ڪنهن به وجود يا جسم جي ڪنهن به هڪ عضووي کي تڪليف ٿيندي ته سمورو جسم دکي ٿيندو ۽ انسان پريشان ٿي ويندو. اهڙيءَ ريت قوم جي ڪنهن هڪ فرد کي تڪليف ٿئي ٿي ته اهو نه فقط  پاڻ پريشان ٿيندو، پر پاڻ سان گڏ ٻين کي به پريشان  ڪندو. ان ڪري اهي ماڻهو جيڪي ٻين کي پريشان ڪن ٿا، سي دراصل پاڻ کي ئي پريشان ڪن ٿا.

    هاڻي هڪ ڳالهه جيڪا اسان کي سوچڻي آهي اها آهي ته لاکيڻي لطيف لڳ ڀڳ اڍائي سو سال اڳ واري سنڌ جي معاشري جي صورتحال بيان ڪئي آهي. انهيءَ صورتحال ۾ رتيءَ جو به فرق ڪو نه آيو آهي. پر جيئن ”ٿڌ تيئن وڌ“ جي مصداق انهيءَ صورتحال ۾ اڃا به وڌيڪ ابتري آئي آهي. چوندا آهن ته قيامت جي ڏينهن هر ڪو پنهنجيءَ نفانفسيءَ ۾ هوندو. اتي ڪوئي ڪنهن جو مٽ مائٽ نه هوندو، ڪو يار دوست نه هوندو. هر ڪنهن کي پنهنجي لڳي پئي هوندي. لڳي ٿو ته اسان جو سنڌي  معاشرو جهڙوڪ قيامت وارين انهن ۽ اهڙين حالتن مان گذري رهيو آهي. ان ڪري ڪنهن جو ڪنهن کي خيال ڪونهي ۽ اونو ڪونهي. سنڌي سنڌيءَ جا ائين پير ڪڍي ٿو ۽ اهڙي دشمني ڪري ٿو، جهڙوڪ اسان هڪ ڌرتيءَ جا ڄاوا ناهيون. آمريڪا مان ڪي آدمي اچي اسان سان ظلم ۽ زيادتيون نه ٿا ڪن. اسرائيل ڪو ڌاڙيل ۽ چورن کي ڪو نه ٿو موڪلي، ڪنهن ٻئي ملڪ جا عملدار اسان وٽ رعيت آزار بڻجي ڪو نه آيا آهن. ڪٿان ڪي بي رحم ڊاڪٽر اچي هن ملڪ جي اسپتالن ۾ مقرر ڪو نه ٿيا آهن. پير به هتان جا ۽ وڏيرا به هتان جا. ظالم به هتان جا ته مظلوم به هتان جا. تير به پنهنجا ۽ سينا به پنهنجا. هٿوڙا به پنهنجا ته مٿا به پنهنجا. ٻين کي ڪهڙيون ميارون ڏيون ۽ ڌارين تي ڪهڙيون ميارون رکون.

    ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪرڻ ۽ وڻن تان جهيڙا لاهڻ ڪو اسان کان سکي. ڪنهن معمولي غلطي ڪئي ته اسان جي دينداريءَ ۽ تقويٰ کي تاءُ اچي ويندو. ڀل ۾ ڪيل غلطيءَ وارو ڀلي مري وڃي ۽ سندس هڏا به ڳري وڃن، ليڪن اسان جون نفرتون هن جو پيڇو ڪو نه ڇڏينديون. اسان هر ڳالهه جا ويسارا. قومي محبت وسري ويندي، ڪيترين حالتن ۾ ماڻهپو ياد نه رهندو، پر دشمني ۽ وير ڪڏهن به ڪو نه وسارينداسين. ڪاريهر نانگ پنهنجو وير وساري سگهي ٿو، ليڪن اسان کان نفرتون ۽ انتقام ۽ ٻين جون معمولي غلطيون ڪو نه وسرنديون، وياج ويندو وڌندو ۽ چڙهندو، تان جو ڪنهن ٻئي جو تختو ئي  ڪڍي ڇڏينداسين.

    سنڌ ۾ سماجي نفسيات جي ماهرن کي مٿو ٽيڪي، گوڏا ڀڃي، گهڻي سوچڻ ۽ لوچڻ جي ضرورت آهي. اسان جا عالم ۽ دانشور، اسان جا سماجي ڪارڪن ۽ سياسي مدبر ڀلي ماڻهن لاءِ سونا محل نه اڏائين، پر فقط ماڻهن جي دلين مان نفرتون دور ڪن ۽ ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان محبت ڪرڻ سيکارين. اسان کي انساني احترم ڪرڻ سيکارين. سنڌ ۾ شل ڪو اهڙو پير ۽ بزرگ پيدا ٿئي جيڪو جنهن جي دعا يا بددعا سان اسان کي اهڙي ويسر جي بيماري لڳي جو اسان بدلا، انتقام ۽ وير وساري ويهون.

    هن دور ۾ جڏهن سنڌ خارجي خطرن جي ور چڙهيل آهي، اتي داخلي طور تي ڌرتيءَ-ڄاوا جيڪڏهن هڪ ٻئي جا ويري بڻيا رهيا ته پوءِ اهڙا وريام ڪٿان پيدا ٿيندا، جيڪي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن جي دردن جي دوا ڪن. اسان جا ڏاها ۽ سياڻا ٻيو ڪجهه به نه ڪن پر ويڄ طبيب بڻجي، اهڙي ستي پيارن جو ان نشي ۽ اثر هيٺ اسان هڪ ٻئي کي معاف ڪيون، هڪ ٻئي جي عيبن تي پردو رکون ۽ هڪ ٻئي کي آزارڻ کان پاسو ڪيون. في الحال ته حالتون اهو ٿيون ٻڌائين ته جهڙوڪ اسان هڪ ٻئي ۾ ناهيون ۽ هڪ ٻئي لاءِ ناهيون.

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 18 JULY-2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”سنڌي ادبي بورڊ يا ڪشمير جو مسئلو “

    سنڌ پنهنجي عظمت ۽ اهميت ڪارڻ ۽ ان جي ماضي، حال خواه مستقبل تي علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي ادارا لهڻا. ٿيڻ ته هيئن گهرجي ها ته سنڌ ۾ هسٽاريڪل ريسرچ، تحريڪ آزادي جي تاريخ، عورتن جي ادب، ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ ۽ ان کانسواءِ بائيوگرافيڪل ريسرچ، لوڪ ادب ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن سان لاڳاپيل کوڙ سارا ادارا هجن ها. جيڪي سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ علم ادب جي حوالي سان اهڙي خدمت ڪن ها، جو دوستن توڙي دشمنن جي زبان تي واهه واهه جا لفظ پيا لهن چڙهن ها. پر ائين ڪو نه ٿيو. سنڌ ۾ ادارا آهن، سي به اٽي ۾ لوڻ برابر. هاڻي اهو لوڻ به اٽي مان ڪڍي جهڙوڪ پاڻيءَ ۾ وڌو ويو آهي ۽ لوڻ وڃي ٿو ڳرندو ۽ ادارا وڃن ٿا غير فعال ٿيندا. سنڌي ادبي بورڊ، جو مثال اسان اڳيان آهي. هي ادارو هاڻي جهڙوڪ اهڙو، محاذ بڻجي ويو آهي، جنهن تان فقط هالن جي مخدومن خلاف جنگ جا ناد وڄائي سگهجن ٿا.

    سنڌي، ادبي بورڊ هاڻي جهڙوڪ جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي. سيڪريٽريءَ ۽ باقي ملازمن جي اڪثريت جا هڪٻئي سان تر سنوان ڪونهن ۽ چانڊين مگسن جهڙو ماحول جڙي چڪو آهي. هڪڙن جو چوڻ آهي ته سالن کان بورڊ آف گورنرس جي گڏجاڻي ڪا نه ٿي آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪي ترقياتي ڪم ٿيا آهن ۽ ڪي ما لي منظور ڏنيون ويون آهن ته اهي ڪنهن ڏنيون ۽ ڪئين ڏنيون؟ ڪن جو خيال آهي ته چيئرمين صاحب بورڊ جي مامرن ۾ چاهه نه ٿو وٺي ۽ سندس هوندي حالتون روز بروز گنڀير ٿينديون وڃن ٿيون.

    اهو اخبارن ۾ اچي چڪو آهي ۽ ڪچهرين ۾ وثوق سان ڳالهيون ٻڌجڻ ۾ اچن ٿيون ته چيئرمين صاحب وڏي وزير سان ملاقات ڪري نه فقط پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪئي آهي، بلڪه نئين بورڊ تشڪيل ڏيڻ لاءِ نون ميمبرن ۽ چيئرمين لاءِ نالا به تجويز ڪيا آهن. انهيءَ ڳالهه کي به ٻه اڍائي مهينا ٿيندا. پر ان جو به اڃا کڙ تيل ڪو نه نڪتو آهي. نتيجي ۾ ڪي ماڻهون حڪومت خلاف ته ڪي ماڻهون مخدومن خلاف ڳالهائڻ لڳا آهن. سرڪار نامدار جي پنهنجن حڪمت عملي ٿي سگهي، پر جيئن جيئن ڪنهن قدم کڻڻ ۽ فيصلي ڪرڻ ۾ دير ٿئي ٿي، ان جا نه راههِ مولا ۽ نه راههِ رسول ڇنڊا مخدوم صاحب تي ئي وڌا وڃن ٿا، جنهن واقعي انتهائي بردباري، صبر ۽ تحمل سان پئي سَٺا ۽ برداشت ڪيا آهن ۽ انهيءَ حوالي سان ”هالا جي مخدومن جي ڪلچر“ جي ريت نڀائي رهيو آهي. جڏهن هن خلاف ڳالهه مان ڳالهڙو بڻائڻ ۾ سندن پنهنجن خواهه پراون جو به ڪردار هوندو.

    مخدوم صاحب استعيفيٰ ڏني، اها قبول پئي يا نه، پر سالن کانپوءِ سندس غير موجودگيءَ ۾ بورڊ جي هڪ گڏجاڻي ٿي ۽ مون ميمبر هئڻ باوجود ان ۾ انهيءَ جواز تي شرڪت نه ڪئي ته اها بي انصافي ٿيندي جو جڏهن چيئرمين به هجي ۽ ان کانسواءِ چند ميمبر بورڊ گڏجاڻي ڪري بنيادي ڳالهين تي اهم فيصلا ڪن. اها هڪ اڌ گڏجاڻي ٿي ۽ اها خدا کي خبر ته چيئرمين صاحب جي دل تي ڇا گذري هوندي ته هن جي هوندي ڪيئن ۽ ڇو ائين بورڊ جو ڪارونهوار هلايو پيو وڃي؟

    بورڊ جو مسئلو هاڻي جهڙوڪ ڪشمير جو مسئلو بڻبو پيو وڃي، جيڪو جهڙوڪ حل ٿيڻ جي موڙ تي ئي نه ٿو اچي.جيئن جيئن انهيءَ ۾ ويرم پوندي ويندي، تيئن تيئن ان تي سياست جا نت نوان ٻج ڇٽيا ويندا ۽ سڪن سان گڏ ساون کي به ساڙيو ويندو.

    سنڌي ادبي بورڊ اسان جي بزرگن جي نشاني آهي. ٺاهيندڙ وارو وڄائي ويا ۽ ان جي سنگ لاخ حالتن واريءَ زمين تي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ گل ٻوٽا لڳايا. پر سندس چيئرمينيءَ واري زماني ۾ به هن بورڊ تي سياست ۽ سازش جون توبون رکي، انهن جو منهن هالن طرف ڪيو ويو. هاڻي بورڊ کي وڌيڪ مخدومن خلاف محاذ آرائيءَ جو اڏي بڻجڻ يا بڻائجڻ واري روايت يا سياست  جو خاتمو ٿيڻ گهرجي.

    ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مخدوم صاحب پاڻ استعيفيٰ ڏيندي، جن ماڻهن جا نالا چيئرمين طور تجويز ڪيا هئا. انهن ۾ مانائتي مادام نفيسه شاهه جو نالو به هئو. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته مخدوم صاحب جي خدشن ۽ ناراضپي جي ڪارڻن کي ختم ڪري کيس واڳ وٺڻ تي آماده ڪيو وڃي. پر جيڪڏهن ڳالهه نه ٿي جڙي ته پوءِ مادام نفيسه شاهه يا سنڌ جي تعليم جو وزير بورڊ جو چيئرمين ٿئي ته جيئن بورڊ جي گنڀير ۽ نهايت خراب ٿيل حالتن کي پنهنجي اثر رسوخ، اختيار ۽ هلنديءَ پڄنديءَ سان ٻنجو ڏئي سگهن ۽ اداري کي غير فعاليءَ جي بلا جي وات مان ڪڍي سگهن.

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 18 January-2016

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ڪي گٽر بندن بغض مان، ڪي وڄائن پيا گٽار

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    ٿر ۾ ٻارن تي مصيبتون ۽ ٻين ٻهراڙين ۾ يارن تي بي روزگاريءَ جون آفتون پاسيريون ڪري، جڏهن شهرن کي ڏسون ٿا ۽ خاص طور تي رنگ برنگي ڪراچيءَ تي نظر وجهون ٿا ته اتي سياست جا اهي رنگ نظر اچن ٿا، جيڪي انڊين فلمن ۾ ڏيکاريا ويندا آهن. ٽارگيٽ ڪلنگ جي سين پوري ئي ڪا نه ٿيندي، ته ڪو ٻيو منظر اڳيان اچي ويندو. اڄ ڪلهه ڪراچيءَ ۾ ڪي شاهينگ ڪلين ۽ واريءَ جون ٻوريون ڀري گٽرن ۾ وجهي، انهن کي اهڙو ته بند ڪري ڇڏن ٿا جو هنڌين ماڳين وينس شهر جو نظارو پيو ڏسڻ ۾ اچي. لڳي ٿو ته هاڻي ڪراچيءَ جي رستن ۽ روڊن تي رڪشن ۽ ٽيڪسن بدران ٻيڙيون ۽ طبيلا هلندا.

    ساڃاهه وند سوچيندڙ آسانيءَ سان انهيءَ نتيجي تي پهچن ٿا ته هٿ اهو ئي ساڳيو آهي، جيڪو ڪڏهن ٻورين ۾ لاش وجهي ٿو ته ڪڏهن ٻورين ۾ مٽي ۽ واري وجهي ٿو. ڪي گڏهه آهن، بلڪه گڏهه جي نفسيات جا مالڪ آهن، جن کي ٻورن ۽ ٻورين کڻڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿو اچي. انهن جو انسانيت سان، ماڻهپي سان، ماڻهن جي خير خواهيءَ سان ڪو واسطو ئي ڪونهي. منفي سوچ جا مالڪ آهن ۽ سندن چوڻ لوچڻ جو اندازو اهو ئي آهي.

    ڪراچي شهر صدين کان تاريخ جا نازڪ دور ڏٺا آهن. ڪو وقت هئو جو اڄ جي ٽارگيٽ ڪلرس مانگر مڇن جيان سامونڊي مانگر مڇ مورڙئي جا مٽ مائٽ ماريندو ۽ کائيندو ويندو هو.  پر تاريخ اهو ثابت ڪيو ته ماڻهو جڏهن شعور جي دستور تي عمل ڪن ٿا ته مورڙئي جي معذوري به سگهه بڻجي پئي ٿي ۽ هو ويڙهاند جا نت نوان طريقا ڳولهي ماڻهون ماريندڙ مانگر مڇن کي ماري ڇڏن ٿا.

    نڀاڳو چارلس نيپئر جڏهن 1847ع ۾ سنڌ جي ڀريا چار سال تباهي ڪري واپس پئي وريو ته ڪراچي ڇڏڻ وقت سندس اکيون ڀرجي آيون ۽ حسرت مان چوڻ لڳو ته ”اي ڪراچي! ڪاش مان تنهنجو جوڀن جواني ڏسي سگهان ها.“ اهو چنڊو ته هاڻي ڪونهي پر جيڪڏهن هجي ها ته هن کان دانهون نڪري وڃن ها ته هيءَ اها ئي ڪراچي آهي جنهن جي روشن مستقبل کي هن محسوس ڪري ورتو هو.

    ڪراچيءَ جي جنگي، دفاعي ۽ تجارتي اهميت کي اسان سنڌين ڪو نه سڃاتو. نتيجي ۾ 1947ع ۾ هڪ منظم سازش طور همدرديءَ ۽ مهمانوازي جو اسان کي نشو ڏئي ڏسندي ڏسندي پاڻ کي اقليت ۾ بدلائڻ جا سانباها ڪيا ويا. وار مٿان وار ڪندي، ڪراچيءَ کي وفاق جي حوالي ڪيو ويو ۽ انهيءَ زماني ۾ ڪراچيءَ کي گورنر جي ماتحت صوبي بڻائڻ لاءِ آواز اٿاريا ويا. حالتون ايتريون ابتر ٿيڻ لڳيون ۽ امن امان ايترو ته خراب ٿيڻ لڳو جو ملڪي حاڪمن مسئلي جي حل ڪڍڻ بدران ڀڄي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ائين اسلام آباد شهر اڏيو ويو.

    ڪراچيءَ جي لٽڻ، ڦرڻ ۽ کسڻ واري پاليسي جيئن ٿڌ تيئن وڌ جيان، وڃي ٿي زور وٺندي ۽ نوان رنگ ڪڍندي. هاڻي ٻورن توٻرن وارن ملڪ کي ويهن صوبن ۾ ورهائڻ جون به ڳالهيون شروع ڪيون آهن. جيئن ”طالبان“ ۽ ”داعش“ جي روپ ۾ پاڪستان سميت ڪيترن مسلم ملڪن ۾ ”صليبي جنگيون“ جاري ۽ ساري آهن ۽ نام نهاد جهادي مسلمان مسلمانن کي ماري رهيا آهن، تيئن ڪراچيءَ به اهڙي سوچ ۽ نيت رکندڙن جي لاءِ جنگ جو محاذ رهي آهي. ملڪ کي ويهن صوبن ۾ ورهائڻ نه ته ”پاڪستان ٺهراءَ“ جو ڪو بنيادي نقطو هئو ۽ نه وري منطق ئي ان جي اجازت ڏئي ٿو. مشرف جو ملڪ ۾ ”ضلعي حڪومتون“ قائم ڪيون، ته ان مان ڪهڙا مسئلا حل ٿيا؟ ڪهڙا ڏک جا ڏونگر ڏري پيا؟ ڪيڏي نه تعجب جي ڳالهه آهي ته انتظامي ورهاڱي جي ڳالهه نوجوان سنڌي ڪري ته اهو غدار ۽ دشمن ملڪ جو ايجنٽ قرار ڏنو وڃي. پر ساڳي ڳالهه هڪ مخصوص پارٽي ڪري ته ان کي سندن سياسي تدبر ڄاتو وڃي.

    ڪراچي تي صليبي جنگين جيان لڳاتار جنگ مڙهي وئي آهي. ڪراچيءَ جي رستن کي ڪڏهن رت سان ريٽو ڪرڻ ۽ ڪڏهن گٽرن جي گندي پاڻيءَ سان ريج ڏيڻ انهيءَ جنگ جو تسلسل آهي. سنڌ واسين کي انهيءَ يلغار جو گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ فقط گٽارون وڄائي پنهنجي پيرن هيٺان ڌرتي نه کسرائبي. نه ته ايندڙ نسل ۽ تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندا. ڪراچيءَ جو دفاع اقتدار ۾ ويٺلن ۽ اقتدار کان ٻاهر سياستدان جو هڪ جهڙو ۽ گڏيل مسئلو آهي. ٻين ڳالهين تي ڀلي اختلاف ڪجن، پر هن مسئلي تي سمورن کي هڪ ٿيڻ گهرجي.

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 17 JUNE-2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”دنيا جي دردن سان گڏ، سنڌ جا سور به ياد ڪريون“

    ڪو زمانو اهڙو به آيو جو اسان جي دانشورن، سياسي ڪارڪنن ۽ ليکڪن کي ٻيءَ دنيا جا دک درد ڏاڍو ستائيندا هئا. ڪشمير کان وٺي ڪمبوڊيا تائين، آفريڪا کان وٺي ويٽنام تائين دنيا جي ڪنڊڪڙڇ جا دک درد نه فقط يارن کي بر زبان ياد هوندا هئا، پر اهي انهن ۽ اهڙن ئي موضوعن تي گهڻو لکندا هئا. سندن خوش فهمي تي ٻڌل خيال هوندو هئو ته هو بين الاقوامي شخصيت ۽ سوچ وارا آهن، اهڙيون لکڻيون پڙهي ۽ اهڙا رويا ڏسي کلڻ به ايندو هو ته روئڻ به ايندو هو. ”جهنگ ۾ مور نچي ته ڪنهن ڏٺو؟“ جي مصداق اسان جي قلم ڌڻين جون اهي ڪوششون ته فقط سنڌ واسي ئي پڙهي سگهندا هئا، باقي هو جن لاءِ روئندا رڙندا هئا، انهيءَ کي ڪهڙي خبر ته هنن لاءِ قلمي جهاد ڪير پيو ڪري؟

    خاطر طور تي ڪميونسٽ روس جي ٽٽڻ ۽ ٻين ملڪن ۾ جاگرافيائي- انتظامي تبديليون اچڻ ڪري، اسان مان ڪيترن کان ڪميونزم ۽ سوشلزم به وسرڻ لڳي. حالانڪه ڪميونسٽ ملڪ ٽٽو هئو پر ڪميونزم جو نظريو ڪو نه ٽٽو هو يا ختم ٿيو هو. پر اهڙيءَ تبديلي کانپوءِ اسان جي ڪن ليکڪن جا موضوع ۽ مضمون ته ڪي قدر مٽجي ويا، ليڪن سندن نفسيات مڪمل طور تي نه مٽجي سگهي.

    انهيءَ قوم سان اها ڪيڏي نه زيادتي آهي جو سندس جن ليکڪن جي لکڻين ۾ جڏهن جادو جهڙو اثر هجي ۽ هو پنهنجي لفظن سان باهه ٻاري سگهن، منتشر ۽ ٻرندڙ ذهنن کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ پنهنجي لکڻين ۾ پاڻيءَ جو اثر پيدا ڪري سگهن، سي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن بدران ٻين جا وڪيل بڻجي وڃن ۽ پنهنجي لاءِ ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍن. ڏيئي  هيٺيان اوندهه ٿيندي آهي پر هي ته لاٽ آهن ۽ لاٽ جي روشني جتي ڪٿي اوندهه جا نشان ختم ڪندي آهي.

    اسان سنڌ واسين جي نفسيات ئي عجيب آهي. انهيءَ تي صدين جي غلامي جي وڏي ۽ گهري دز پيل آهي، جنهن کي لاهڻ بدران ان جا نرڙ تي نشان ڏئي فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري هلون ٿا. اسان وٽ فقط آڱرين تي ڳڻجڻ جيتريون ذاتيون آهن، جيڪي ان ۾ پنهنجو شان محسوس ڪن ٿيون ته اهي اصل سنڌ جون آهن. باقي نه ته جهڙوڪ کوڙيءَ کي ئي گهمرو . ڪي پاڻ کي عربن جو اولاد ثابت ڪن ٿا ته ڪي افغانين ۽ ايرانين ۾ پنهنجي وڏن کي تلاش ڪن ٿا. ڪن کي هندستان جي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏڙن جي مٽيءَ جي خوشبو اچي ٿي ته ڪي وڃي ڪشمير ۾ پنهنجي تاريخ جا خيما کوڙين ٿا. هر ڪو انهيءَ خفت ۾ لڳو پيو آهي ته سنڌ سان ماضيءَ جي رشتن کي ڪيئن ٽوڙجي.  جيڪي ماڻهو سنڌ جي شاندار ماضيءَ مان جان ڇڏائڻ ۾ لڳا پيا آهن، اهي سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ ڪهڙي جاکوڙ ڪندا؟ يا ان ۾ ڪهڙي دلچسپي وٺندا؟

    انهيءَ منفي نفسيات جو اثر اسان جي ڪيترن ليکڪن ۽ دانشورن جي سوچ، لوچ ۽ ڏات کي پنهنجو نرغي ۾ وٺي چڪو آهي. ان ڪري سنڌ ۽ سنڌ واسين تي لکڻ ۾ انهن کي جهڙوڪ لڄ ٿي اچي يا پنهنجي گهٽتائي محسوس ڪن ٿا. ان ڪري سنڌ جي مسئلن تي جيڪڏهن ڪو هاءِ گهوڙا  ڪري ٿو ته تنظيمن جا نوجوان ڪارڪن جيڪي پنهنجي تعليم جي قرباني ڏئي روڊن ۽ رستن، جلسن ۽ جلوسن ۾ نڪري اچن ٿا. چوندا آهن ته ڀوليءَ جا جڏهن پير سڙندا آهن ته اها پنهنجي ٻچڙن کي پنهنجي پيرن هيٺان رکندي آهي. بلڪ اهڙيءَ طرح اسان جي ڪن سياسي تنظيمن جا اڳواڻ اسان جي نئين نسل کي حالتن جي باهه مان گذرڻ وقت پاڻ کي باهه کان بچائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. حالانڪه هن ڳالهه تي قومي جرڳا ويهڻ گهرجن ۽ اهڙا فيصلا ٿيڻ گهرجن ته اسان جو نئون نسل قومي مسئلن ۾ ڀلي دلچسپي وٺن، پر پنهنجي تعليم ۽ تربيت کي ان لاءِ قرباني جو ٻڪرو نه بڻائين. سالن کان اسان اهڙيون قربانيون ڏيندا آيا آهيون ۽ پنهنجي اجتماعي روشن مستقبل کي داءَ تي لڳائيندا رهيا آهيون. ان ڪري بنا ڊگرين، لياقتن ۽ صلاحيتن جي هراول دستا پيدا ڪندا رهيا آهيون. پوءِ چٽاڀيٽيءَ جي دنيا ۾ اسان ڪو مقابلو ڪري نه ٿا سگهون. نتيجي ۾ نوڪريون ملن ته ٻين کي ۽ عهدا ملن ته ٻين کي، اسان ساڳيائي رستن ۽ روڊن تي.

    هي اسان جا قومي مسئلا آهن، ۽ اسان جا ڪيترا دانشور يا مدبر اهڙيون اربعا خطائون ڪندا رهن ٿا. هنن مسئلن تي سوچڻ ۽ لوچڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جو اسان جي ليکڪن تي اهو قرض آهي ته اهي دنيا جهان تي لکڻ سان گڏ سنڌ جي سورن تي به لکن. سنڌ جي روشن مستقبل جي تقاضا اهو سياستدانن کان لهڻو ته اهي پنهنجي حڪمت عملين ۾ انقلابي تبديليون آڻين ۽ ٻارن بدران پنهنجي يارن کي پنهنجي قوت طور روڊن رستن تي آڻين.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 16 Mayl-2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”اهو عشق علم بنا، جانب! آهه جنون“

    تاريخ نويسن جي ڪمن ۽ قسمن جي ورهاست ڪبي ته انهن جا اسان کي ٻه مڪتب فڪر نظر ايندا. پهرين قسم ۾ اهي تاريخ دان اچي وڃن ٿا، جيڪي ”واقعن“ کي وڏي اهميت ۽ اوليت ڏين ٿا. ٻئي قسم ۾ اهي محقق آهن، جيڪي ”ڪردارن“ يا ”شخصيتن“ کي پنهنجي قلمي ڪاوشن ۾ ڪليدي جاءِ ڏين ٿا. انهن جو خيال آهي ته واقعن ۽ حالتن کي شخصيتون ئي جنم ڏين ٿيون، ان ڪري تاريخ ۾ انهن شخصيتن کي ئي موضوع بڻايو وڃي. جڏهن ٻئي مڪتب فڪر جو خيال آهي ته واقعا ۽ حالتون شخصيتن جي نظرثاني ۽ فڪري ڪردار کي رنگ روپ ڏين ٿا، ان ڪري اوليت واقعن ۽ حالتن کي ڏني وڃي.

    اسان جي مشرقي ملڪن ۽ خود اسان وٽ ”شخصيت“ کي ايڏي اهميت ڏني وڃي ٿي جو اها ڪڏهن شخصيت دوستيءَ جو ڪڏهن شخصيت پرستيءَ جو روپ وٺي ٿي. جيڪڏهن  چئجي ته اسان شخصيت پرست آهيون ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ ڪو نه ٿيندو. اسان جي شخصيت پرستيءَ جو رنگ ڏسڻو هجي ته پوءِ سياست جي شعبي تي ئي نظر وجهو. اسان جا سياسي رهبر اسان لاءِ پير مرشد به آهن ته وڏيرا جاگيردار به. ڪنهن وڏيري يا پير کي ايترو نه مڃينداسين، جيترو سياسي اڳواڻ کي مڃينداسين. حقيقت ته اها آهي جو هاڻي ڪيترا پير فقير ۽ وڏيرا امير به دل سان يا لاچار کان سياسي پنڊتن اڳيان سيس نمائن ٿا. جنهن جي هٿ ۾ ڪا سياسي قيادت آهي. اهو پيرن، فقيرن ۽ وڏيرن کان وڌيڪ بااختيار ۽ ڪانيءَ ڪرامت جو مالڪ آهي. هو ست سمنڊ پار ۽ پري رهي به پنهنجيءَ هڪ ڦوڪ سان ملڪ ۾ رڻ ٻاري سگهي ٿو يا شطرنج جي مهرن کي هلائي سگهي ٿو.

    اڳي هاٿيءَ لاءِ چئبو هو ته جي اهو جيئرو ته هڪ لک جو ۽ مري ته ٻن لکن جو. پر اها چوڻي هاڻي سورنهن آنا سچي فقط نام ڪٺين سياستدانن تي ثابت ٿئي ٿي. ڪو مئو ناهي جو هيڏانهن اسان جو مڪو مڃي ويندو، پر جي ڪو ماريو ويو ته سڀئي آڱريون گيهه ۾. هن جي نالي ۾ ۽ هن جي مزار جي مٽيءَ ۾ اهڙي ته ڪيميا پئدا ڪئي ويندي  جو مجال جو چڱو ڀلو ان جو منڪر ٿئي. ويچاري جي قيامت ئي ڪاري ٿي ويندي.

    اسان جون شخصيتون ۽ قيادتون مئي جيئري اسان جي دلين ۽ ذهنن تي ان ڪري حڪمرانيون ڪن ٿيون جو اسان انهن سان علم کانسواءِ عشق ڪيون ٿا ۽ سرت کانسواءِ سچائي ڏيکاريون ٿا. ان ڪري شخصيت پرستيءَ جو جادو اسان تي تڪڙو اثر ڪري ٿو. سياسي مبلغ ۽ خليفا مئي يا جيئري سياسي اڳواڻ جا اهڙا ڳڻ ڳائيندا ۽ بيان ٻڌائيندا جو اٻوجهه ۽ سادا ماڻهون يقين ڪري ويهندا ته انهن اڳواڻن جي ئي اشاري سان سج لهي ۽ چڙهي ٿو.

    شخصيت پرستيءَ جي جنون واري ماحول ۾ محقق ۽ تاريخ نويس ئي ماڻهن کي نظرياتي ۽ فڪري ڌاڙن کان بچائي سگهن ٿا. اهي جڏهن به ڪنهن شخصيت يا قيات جي منڪري ڪندا ته پنهنجو مٿو ڦاڙائيندا ۽ نظرياتي ڪم سان سچي تاريخ نويسي ڪري نه سگهندا. جنهن قوم کي ڪي شاهينگ علم بنا عشق ڪرڻ جا درس ڏين، اتي عوام کي انهيءَ جنون مان ڪڍڻ لاءِ ”شخصيت“ سان گڏوگڏ ”واقعن“ ۽ ”حالتن“ تي به قلم کڻڻو پوندو.

    سنڌ ۾ به اسان مان ڪيترا شخصيت پرستيءَ  جي ڪاروبار واري دوڪانداري چمڪائڻ ۽ عوام کي نظرياتي طور رلائڻ ۾ مصروف آهن. ان ڪري شخصيتن تي اهو لکيو وڃي ٿو، جيڪو ٻڌو يا خيالي جوڙيو وڃي ٿو. اهڙا ڪتاب ۽ اهڙو لٽريچر نوجوانن جي هٿن ۾ اچڻ کانپوءِ حرف آخر بڻجي وڃي ٿو، جڏهن ڪيترين حالتن ۾ اهو حقيقت کان ڪوهين ڏور هوندو آهي.

    ماضي قريب ۽ اسان جي دور جي سياسي ڪردارن ۽ نوجوانن جي ذهنن سان انصاف ڪرڻ جو بهتر طريقو اهو آهي ته عوام اڳيان انهن شخصيتن سان گڏ سندن دور تي به تحقيق ٿيڻ گهرجي. مثال طور سنڌ انهيءَ عرصي دوران جيڪا سياسي قيادت پيدا ڪئي انهن جي سياسي ڪردار کي ڏسڻ پرکڻ لاءِ ان دور جي اسيمبلين جون ڪاروايون، سرڪار طرفان مرتب ڪيل مخفي يا ظاهر رپورٽون، اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل خبرون ۽ ٻيو مواد نظر مان ڪڍي، پوءِ ڪنهن سياسي شخصيت لاءِ راءِ قائم ڪريون. اسان جيڪڏهن انهن رخن سان ۽ انهن رخن کان ڪنهن سياسي قيادت کي نه ٿا پڙهون ته پوءِ اسان انڌي عقيدت جي چڪڻ ۾ ڦاسي پونداسين، پوءِ اسان جو ان سان عشق هوندو، پر علم ۽ عقل کانسواءِ.

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 15 April-2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”دردن جي دوا جو هيءُ ئي ديار يار“

     

    ڳالهيون اتفاقي هجن يا حادثاتي، پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي ذهنن ۾ عجيب قسم جا سوال اڀارينديون آهن. عام ماڻهو ته ڇا، پر سياڻن ۽ سپورنجن کي به ڳالهيون سمجهه ۾ ڪو نه اينديون آهن. مثال طور اسان جي ملڪ جا مدبر، حاڪم ۽ ناميارا سياستدان بيماريءَ يا تيمارداريءَ ڪارڻ لنڊن جو منهن ڪندا آهن. جڏهن ڪيترا سياستدان وڃي لنڊن ۾ موجود ٿيندا آهن ته هتي ماڻهن ۾ چميگويون شروع ٿي وينديون آهن ته اجهو ٿو ڪو ”لنڊن پلان“ جنم وٺي.

    گذريل هفتي کوڙ سارا سياستدان وڃي لنڊن پهتا آهن. ڪن جا ٻچا ٻار ويا آهن ته ڪن جا يار ويا آهن. ڪي اسپتالن مان فوٽو ڪڍي موڪلن ٿا ته ڪن جا بيان اتان جي خبر رسان ادارن طرفان جاري يا نشر ڪيا وڃن ٿا.

    ڳالهه ڪهڙي به هجي: پوءِ ڪو نئون لنڊن پلان جنم وٺي يا ڪو زندگي بچائڻ لاءِ اسپتالن جا چڪر هڻي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي وس وارا ۽ وسن وارا ماڻهو اقتدار- ڌڻي هوندي به اهڙيون اسپتالون پنهنجي ملڪ ۾ ڇو نه ٿا قائم ڪن جو ناڻي جا توٻرا ڀري ٻين ملڪن ۾ دوا درمل ڪرائين ٿا؟ ائين ڇو آهي ته وڏن- گهراڻن جا ٻار پڙهن ته ٻاهرن ملڪن ۾ ۽ بيمار دوا درمل ڪرائن ته پرڏيهه مان. جيڪڏهن اهي ماڻهو پنهنجي ملڪي اسڪولن، بلڪه سرڪاري اسڪولن ڪاليجن ۾ پنهنجا ٻار پڙهائين ته تعليم جي ماحول ۽ معيار ۾ انقلابي سڌارو اچي وڃي. اهڙي نموني جيڪڏهن اسان جا مدبر ملڪي اسپتالن مان دوا درمل ڪرائين ته اسان جي ويڄ طبيبن جي روين ۽ عوام دوستيءَ ۾ اڃا وڌيڪ نکار اچي وڃي. پر شايد اسان جا وڏا ڪم ئي جڏا ڪندا آهن. سندن اهڙن روين مان اهو آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هنن جي دنيا الڳ آهي ۽ اسان عوام جي دنيا الڳ آهي. هنن لاءِ اها ڳالهه اهم ناهي ته اسپتالن ۾  ڊاڪٽرن کانسواءِ باقي رڃ لڳي پئي آهي ۽ اسڪولن ۾ جيڪڏهن استاد آهن ته ليبارٽريون ڪونهن، جيڪڏهن لائبرريون آهن ته راندين جا گرائونڊ ڪونهن. هاڻي ته اسان اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ اهڙي رڃ ڪري ڇڏي آهي جو ڪن استادن کي اتي وڃڻ کان ئي ڊپ ٿئي ٿو. دنيا ڀلي کين ”گهوسٽ استاد“ چون. پر هو ان ۾ خير سمجهن ٿا ته اسڪولن کان پري رهڻ ۾ ئي هو پنهنجي عزت ۽ دولت ۾ واڌارو ڪري سگهن ٿا.

    درحقيقت اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين ادارن ۾ ان ڪري ئي ڀينگ ٿئي ٿي جو استاد، ڊاڪٽر ۽ سرڪاري ملازمن کان وڌيڪ اسان جا وس وارا ۽ وسن وارا ”گهوسٽ حڪمران ۽ نگران“ بڻجي ويا آهن. انهن جي جيڪڏهن ٽڪي جي به نظر ۽ دلچسپي هجي ها ته اهڙي ڀينگ نه ٿي ها. پر ”جي اتر ڊاهي انهن جي، ته ڪنهن کي ڪارون ڪن؟“ان وانگر ماڻهون دانهون ڏين ته ڪنهن کي ڏنڀ ڏين؟

    اچو ته موضوع نه مٽايون، ۽ پنهنجيءَ ڳالهه تي موٽي اچو ته لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪهڙو جادو آهي، جتي اسان جا مدبر وڃي مٿو ٽيڪي ٻوڙا ٻڌي آچار ڪن ٿا؟ ڇا هو اهي ڳالهيون هن ملڪ جي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويهي نه ٿا ڪري سگهن؟ جڏهن ڳالهيون عوامي مفاد جون آهن، جڏهن ملڪي سياست کي سنوارڻو ۽ سڌارڻو آهي ته پوءِ پنهنجي ماروئڙن کان ايترو پري وڃي ڇو ويچار ونڊن ٿا؟ ائين ته نه آهي ته ڪو شاهينگ يا ڪو اڃا وڌيڪ وس وارا هٿ ڪنهن جي ڪنن يا ڪنڌن تي پهچي شينهن ۽ ٻڪري کي گڏ ويهاري ۽ چاري ٿو ۽ کين ڪن شرطن تي کير کنڊ ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿو.

    ڳالهه ڇا به هجي ۽ هنن واقعن ۽ اتفاقن جا روحاني راز ڪهڙا به هجن، پر عوام کي اهو حق پهچي ٿو ته هو ڳالهه کي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين نه به، پر اهو ٿورو ڪجهه ڄاڻين ته هنن لاءِ پنهنجا هادي ۽ رهبر ڪهڙي کچڻي بچائين ٿا. ڇو ته اتي جيڪو به رڌو پچايو ويندو اهو ئي عوام کي کائڻو آهي. پوءِ کين وڻي يا نه وڻي.

    هيءُ پڻ عوام جو حق بڻجي ٿو ته پنهنجي اڳواڻن ۽ مدبرن کي اهو محسوس ڪرائين ۽ مڃرائين ته جڏهن اڳواڻن جون خدمتون ۽ محبتون آهن ئي عوام لاءِ ته پوءِ انهيءَ عوام کي ائين ته ڇني پاڻ کان ڌار نه ڪن ۽ انهيءَ ڳالهه کي مڃين قبولين ته درد جيڪڏهن عوام لاءِ آهن ته انهن جي دوا درمل جو ديار به ماروئڙن جي ذهنن ۽ دلين ۾ هجڻ گهرجي، ۽ نه ڪي تمام گهڻو پري ست سمنڊ پار ۽ ماڻهن کان مخفي.

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com