Category: COLUMN BY DR. PATHAN

  • 29 April-2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”دنيا بدلايون يا دل بدلايون؟“

     

    جيئن جيئن جوڌا ۽ جوان لنگ وجهي دنيا کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ جي خفت ۾ وڪوڙبا وڃن ٿا، تيئن تيئن دنيا دنگل ۽ فسادن جو گهوارو بڻبي وڃي ٿي، دل کي بدلائڻ بدران جڏهن دنيا جي بدلائڻ واري شوق جو بگهيڙ جاڳي پوندو آهي ته ائين ئي ماڻهن کي چيرڻ ڦاڙڻ ۽ کائڻ جو وهنوار شروع ٿي ويندو آهي. اهڙين خفتين مان ڪي تنظيمي ۽ اجتماعي روپ وٺن ٿا ته انهن مان ڪن کي طالبان، ته ڪن کي داعش وغيره سڏيون ٿا. ڪي وري انفرادي طور ساڳيو ئي ڪم  ڪن ٿا، پر انهن جو ڪو نالو نه ٿو وٺجي. جڏهن ته جت پنهونءَ جا ڀائر جيان آهن سڀئي هڪ ئي انسان-دشمن سوچ جا مالڪ. اسان اڄڪلهه اهڙن بي نام طالبانن ۽ داعشن جي ور چڙهيل آهيون.

    طالباني ۽ داعش دادن کي اونو آهي ته اهي مسلمانن کي وڌيڪ پاڪ ۽ صاف مسلمان بڻائڻ. غير مسلم کي مسلمان بڻائڻ لاءِ سوچڻ به هنن جي وس کان ٻاهر آهي. ان ڪري هو مسلمانن کي صاف مسلمان بڻائيندي سندن صفايو ڪرڻ ضروري ٿا ڄاڻن. کين اهو به ڊپ نه ٿو ٿئي ته دين اسلام ماڻهو مارڻ کي جهڙوڪ ڪائنات مارڻ جيترو ۽ جهڙو ڪڌو ڪرتوت قرار ڏنو آهي.

    اوهان سروي ڪري ڏسو، اسان مان اسي سيڪڙو ماڻهن ۽ خاص طور تي نوجوانن کي دنيا بدلائڻ جو اونو هوندو. هر ڪو چوندو ته زمانو خراب ٿي ويو آهي ۽ حالتون ابتر ٿي ويون آهن ان ڪري خراب دنيا کي بدلائڻ گهرجي، پر ڪو ڪو هوندو جيڪو انهيءَ سچائيءَ کي مڃيندو ته دنيا بدلائڻ لاءِ پهريون شرط اهو آهي ته اسان پاڻ کي بدلايون ۽ پنهنجي دل کي بدلايون. سج اوڀر کان اڀرندو آهي ۽ اولهه طرف لهندو آهي. مان ان کي ڪيئن ٿو بدلائي سگهان؟ جي سچ منهنجي اکين کي وٺي ٿو ته ان کي اکيون ڦوٽاري ڏسڻ بدران پنهنجو منهن مٽي ڇڏيان ته ان سان صورتحال سراسر بدلجي ويندي. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن اسان ڪنهن عيب گناهه يا انسان- دشمن عمل ۾ شريڪ ٿيڻ بدران ان جي مخالفت ڪيون ۽ منهن موڙي ويهون ته گهٽ ۾ گهٽ اهو انسان-دشمن عمل اسان کي ته هٿ ڪنڊو بڻائي، اسان جي وجود کي لتاڙي ٻئي وجود تائين نه پهچندو ۽ ان کي ڇيهو نه رسائيندو.

    دنيا بدلائڻ وارا خفتي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ناصح ۽ مبلغ ته ٿي سگهن ٿا، ليڪن عالم هوندي به عامل ٿي نه سگهندا. هو ٻين کي ته هشيون ڏيندا، صلاح ڏيندا ۽ نصيحتون وصيعتون ڪندا، پر پاڻ ڪک ڀڃي به ٻيڻو نه ڪندا. بنهه ائين جيئن اڄ جا ڪي مدبر ماڻهن کي ته مڃرائيندا ۽ مارائيندا، پر پاڻ ڪينٽيرنن ۾ اهڙا ته قابو ٿي ويهندا جو ڪنهن پکيءَ کي به پر هڻڻ جي همت نه ٿيندي. ڪيترا نه سياسي ملاکڙا ٿين ٿا، پر مجال جو آنسو گئس اڳواڻن جي اکين تائين پهچي، گرفتار ٿيندو ته عام ڪارڪن، لٺيون کائيندو ته واٽهڙو يا ورڪر. اڳواڻن جو وار به ونگو نه ٿيندو. هي طالبانين ۽ داعشين جا بابا ڏاڏا آهن. طالبانن ۽ داعشين مان ته گهڻا مرن يا مارجي وڃن ٿا، پر اسان جي ڪن مدبرن جي اڪثر قيامت جا تڏا ويڙهڻ جا قسم کڻي چڪي آهي. ڀلي الله تعاليٰ وڏي حياتي بخشين. پر شال ٻين جي حياتين جو به ڪجهه خيال ڪن.

    انساني حياتين جو اهو گهٽ ئي خيال ڪندو، جنهن کي دنيا بدلائڻ جي جنون کانسواءِ ٻي ڳالهه سمجهه ۾ ڪا نه ايندي. ان کي اها ڳالهه به سمجهه ۾ ڪا نه ايندي ته دنيا تڏهن بدلائي سگهجي ٿي، جڏهن پاڻ کي بدلائجي. اهو ماڻهو جيڪو هڪ اڪيلي ماڻهوءَ، يعني پاڻ کي بدلائي نه ٿو سگهي، سو سڄي دنيا جي ماڻهن يا سموري قوم کي ڪيئن بدلائي سگهندو؟

    اڄ اسان ذهني، فڪري ۽  نظرياتي چڪڻ ۾ ڦاسي پيا آهيون، ان جو وڏو ڪارڻ اهو ئي آهي ته پاڻ کانسواءِ باقي دنيا اسان جي نشاني تي آهي. اسان جي اندازن، اسان جي خطابن ۽ اسان جي لکڻين جي بندوقن جا منهن دنيا طرف آهن. اسان پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ بدران دوربينيون اکين تي چاڙهي ٻين جي غلطين ۽ ڪوتاهين کي ڳولهڻ کي پنهنجو دين ايمان بڻائي چڪا آهيون. پاڻ تي ڳالهائڻ ۽ پاڻ بابت ڳالهائڻ جهڙوڪ اسان لاءِ ڪفر جو ڪلمو آهي ۽ اهو پڙهڻ نه ٿا گهرون.

    هاڻي هيءَ وقت جي تقاضا آهي ته جيڪي پاڻ بدلائڻ بدران دنيا بدلائڻ جون ڳالهيون ڪن ته ڪا ڪسوٽي ٺاهي، انهن جي قول ۽ فعل، سوچ ۽ لوچ کي پرکڻ جي ڪوشش ڪريون. انهيءَ ڪسوٽيءَ جو بنياد هن اصول تي ٻڌل هجي ته اهو سوچيون ته ڪوئي مدبر يا مفڪر پنهنجي مرضيءَ مطابق دنيا ته بدلائڻ نه ٿو چاهي يا ڪنهن ازم جو مبلغ خليفو بڻجي اسان کي ڪنهن اوڙاهه ۾ ڦاسائڻ ته نه ٿو گهري. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو دنيا جي جيڪا تبديلي چاهي ٿو، ان جي رنگت ۽ خوشبوءِ به هن جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ آهي يا نه؟ ائين ته ناهي ته هو فقط اسان ۽ دنيا کي بدلائڻ گهري ٿو، ليڪن تبديليءَ سان سندس تر جيترو به واسطو ڪونهي.

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 28 October 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”تون پڻ ناهين جهان ري !!“

    اسان جي ڏاهن ۽ اڪابرن صدين کان وٺي سنڌ واسين کي پاڻ سڃاڻڻ ۽ پاڻ ڄاڻڻ جا درس ڏنا آهن. انهيءَ جو منطق ۽ روحاني  راز اهو ئي هئو ته هو ڀليءَ ڀت ڄاڻن پيا ته جيڪڏهن فرد نه ٺهيو ته قوم ڪا نه ٺهندي. اهي قومون ئي دنيا جهان ۾ ڳاٽ اوچو ڪري پاڻ بچائينديون ۽ نڀائينديون ۽ اڳتي وک وڌائينديون آهن، جن ۾ بهتر مثالي ۽ مڪمل انسان گهڻا هوندا آهن. جيڪڏهن انسانن بدران ماڻهن جا پاڇا ئي پاڇا هنڌين ماڳين هوندا ۽ نظر ايندا ته انهن اونداهيءَ جي اولڙن مان اجتماعي روشن مستقبل جي روشني يا روشنيءَ جا ڪرڻا نظر نه ايندا.

    اسان پڻ انهيءَ نازڪ دور مان گذري رهيا آهيون، جن ۾ ماڻهو ته گهڻا آهن، پر انسان گهٽ آهن. اسان جي تعليمي نظام، مڙهيل ثقافتي ۽ نظرياتي قدرن، سماجي صورتحال ۽ سياسي اصولن ۾ اها جان ئي نظر نه ٿي اچي، جنهن ڪري فرد-سازي مثبت انداز ۾ ٿئي. ان ڪري اسان مطلب-پرستن، مفاد-پرستن ۽ گروهه- نوازن جي ور چڙهي ويا آهيون، بلڪه انهيءَ رنگ ۾ پاڻ به ريٽا ٿيندا پيا وڃون. اسان جي ڀاڙيتو ڏاهن ۽ مدبرن کان جهڙوڪ اها ڏات ئي رسي وئي آهي ۽ سندن لفظن خواهه خيالن مان اهو اثر ۽ جادو ئي موڪلائي ويو آهي، جنهن ڪارڻ اسان پاڻ سڃاڻون ۽ ماڻهوءَ مان انسان ٿي سگهون.

    اسان جيڪڏهن پاڻ ۾ گم ٿي وڃون ته واهه واهه، پر اسان پنهنجي مطلبن، خدشن، وهمن، نفرتن ۽ حسرتن ۾ گم ٿي ويا آهيون. سو به الائي ڪٿي گم ٿي ويا آهيون. جڏهن ته اسان پاڻ جهان آهيون ۽ هن هيڏي ساري جهان جو اٽوٽ حصو آهيون. اسان جهان کانسواءِ ڪجهه به ناهيون ۽ جهان اسان کانسواءِ جهڙوڪ اڌورو ۽ اڻپورو آهي.

    ڪوئي ڪونهي جو اسان کي ٻڌائي ته اسان جانورن وانگر فقط پاڻ لاءِ ناهيون. اسان جي تن من ۾، اسان جي روح وجود ۾، اسان جي لياقتن ۽ صلاحيتن ۾ ساري جهان جو حصو آهي. ايڊيسن بلب ٺاهيو، اهو فقط هن لاءِ ڪو نه هئو. هو اڄ جهان ۾ ڪونهي، پر سندس لياقتن ۽ صلاحيتن مان هي جهان فائدو وٺي رهيو آهي. اهڙيءَ ريت هر عظيم انسان، ڏاهي انسان، سپوت ۽ سچي انسان، وفادار ۽ ايثادار ۽ محبتي ماڻهونءَ جا ڳڻ ۽ ڪارناما قيامت تائين انسان ذات کي ڪم ايندا آهن ۽ اچڻا آهن. ان ڪري ڪير ته هجي جو اسان کي سمجهائي ته اسان پاڻ ته آهيون، مگر پاڻ لاءِ ناهيون، هن ساري جهان مان آهيون ۽ جهان جا آهيون. جيڪڏهن جهان اسان سان ناهي ته ڇا ٿيو؟ اسان کي جهان جي ٿيڻ ۾ ڪير ٿو روڪي؟ جيڪڏهن جهان يا ڪوئي قبول نه ٿو ڪري ته ڇا ٿيو؟ ڪهڙو آسمان ڪرندو؟ اسان ڇو نه ڪنهن کي ۽ هن ساري جهان کي قبوليون؟

    اسان جيڪڏهن پاڻ کان ئي پري ٿي وينداسين ته ڪنهن جي ۽ جهان جي ويجهو ڪيئن اينداسين؟ اسان پاڻ سڃاڻينداسين ته پاڻ کڻي سگهنداسين. جيڪڏهن پاڻ کڻي سگهنداسين ته پوءِ باقي جهان پاڻ سان گڏ کڻي سگهنداسين. اسان  کي نه ته پاڻ کان پري ٿيڻو آهي ۽ نه وري جهان کان پري ٿيڻو آهي. هر اهو عاقل اسان سان دشمني ٿو ڪري جيڪو اسان کي راهب بڻائي دنيا جهان کان الڳ ٿلڳ ڪري ٿو. اسان ڪنهن کان الڳ ناهيون، نه پاڻ کان نه جهان کان.

    جڏهن چئون ٿا ته ”هي حسن منهنجو آهي ۽ هي عقل منهنجو آهي“، ”هي تن ۽ ڌن منهنجو آهي“ ته ان جو مطلب ٿيو ته ”هي منهنجو ۽ هي تنهنجو“ واري نظريئي سان اسان ٻين سان ۽ جهان سان وحدت واري رشتي کي ٽوڙيون ٿا. جڏهن ته اسان جو نظرياتي روپ اهڙو هجي جو دل ۽ دماغ مڃڻ لاءِ تيار هجن ته ”سڀ ڪجهه اسان جو آهي ۽ اسان سڀ ڪنهن جا آهيون.“ ڇو ته اسان ڪائنات جو اٽوٽ حصو آهيون. ڪائنات، سماج ۽ قوم جو اڻ-مٽ رنگ آهي، پنهنجين لياقتن ۽ صلاحيتن جو ڪارج وارو روپ آهيون. بيڪار نه آهيون ۽ نه وري ڪا فالتو مٽي هئي، جنهن مان ڪنهن مقصد کانسواءِ اسان کي جوڙيو ۽ ٺاهيو ويو. اسان مقصد سان هن جهان ۾ آيا آهيون.

    هيءَ وقت جي تقاضا آهي ته اسان احساس ڪمترين جا لبادا ڦاڙهي، منهنجي ۽ پنهنجي جي آپ-گهاتي سوچن مان ٻاهر نڪري، ڳاٽ اوچو ڪري اڪيلائي ۽ ويڳاٻائي جي قبرستانن جي ڪنڊن مان ٻاهر نڪري، هن جهان جا چنڊ ستارا بڻجي پئون. ورنه بي رونقون اسان کي، اسان جي معاشري کي، اسان جي قوم کي ۽ پوريءَ ڪائنات کي وڪوڙي وينديون. اچو ته اها ڳالهه دل سان مڃون ۽ ان تي عمل ڪريون ته اسان جهان مان آهيون، جهان اسان مان آهي بلڪه اسان جهان آهيون.

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 28 March-2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”جانب! جل ته جلئون جوت لاءِ“

     

    ڪنهن انسان تي ڏکيا ڏينهن ايندا آهن ته هن لاءِ ماڻهون چوندا آهن ته ويچاري لاءِ رڻ ٿو ٻري. ماڻهن بدران جيڪڏهن معاشرن ۽ ملڪن تي اهڙا ڏينهن اچن ته پوءِ ڪجهه چوڻ بدران ٻوڙو ٻڌي آچار ڪجي ۽ پنهنجي سوچن خواهه لوچن جا ڪعبا قبلا درست ڪرڻ گهرجن.

    اسان بنهه اهڙين حالتن مان گذري رهيا آهيون. اڳي چوندا هئا ته ساڙ ۽ حسد ۾ ماڻهن جون دليون جلنديون آهن پر هاڻي ته جهڙوڪ ڪک پن جلي ٿو ۽ سڪن سان گڏ ساوا به جلن ٿا. ملڪن ۽ معاشرن تي مصيبتون اينديون آهن ته ماڻهون ڌرتيءَ جي سيني تي رهڻ بدران ڌرتيءَ جي پيٽ، يعني قبر ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. اسان جي اڪثريت قبرن ۾ وڃي قرار ڪرڻ نه ٿي گهري، پر ڪي شاهينگ هڪ ئي ڌڪ ۾ هجومن جا هجوم ٻئي جهان ۾ ڌڪي ۽ ماري اماڻين ٿا.

    اقتصاديات جي هڪ ماهر مالٿس پنهنجو نظريو ڏنو هئو ته جڏهن آدمشماري وڌي ويندي آهي، تڏهن ٻوڏون، زلزلا، طوفان، بيماريون ۽ قتل و غارت جا واقعا رونما ٿيندا آهن ۽ آدمشماري وڃي انهيءَ سطح تي پهچندي آهي، جو ملڪي وسيلا ۽ ذريعا انهن جي ضرورتن جو پورائو ڪري سگهندا آهن. هي ۽ اهڙا نظريا ماڻهن ۾ ڊپ جي بنياد تي آدمشماري گهٽائڻ لاءِ هٿڪنڊي طور جوڙيا ويا. پر، اسان وٽ ته آدم ۽ آدم شماري جي ڪا اهميت ئي ڪانهي. حڪومتون آدمشماري ڪرائڻ کان ائين ڊڄن ٿيون، جيئن ڪانءَ ڀڄي ڪمان کان. انهيءَ ڪري مالٿس جي پاپوليشن واري ٿيوري اسان سان لاڳو نه ٿي ٿئي پر ڪا ٻي ماجرا آهي، ڪو ٻيو ڪارڻ آهي، جنهن ڪري شهر جلن ٿا، معاشرو جلي ٿو ۽ ماڻهو ٿوڪ جي حساب سان الله کي پيارا ٿيندا وڃن ٿا. تان جو اسان جون امام بارگاهون ڪوس گهر بڻايون وڃن ٿيون، مسجدون ۽ مندر محفوظ نه آهن، تعليمي ادارن ۽ تفريح گاهن ۾ ويندي موت جا پاڇا پيڇو ڪندا وتن ٿا. موت ڪڏهن به زندگين سان ايترو پيار نه ڪيو، بيمارين ۾ ايترا ماڻهو ن نه مئا، حادثن ايترن ماڻهن جون حياتيون نه ڳڙڪايون، پر ماڻهن جي هٿن ڏاڍا ماڻهون ماريا ۽ گهڻيون بي گناهه حياتيون ورتيون.

    هيءَ ۽ ههڙي صورتحال تڏهن جنم وٺي ٿي، جڏهن ماڻهو پاڻ کي عقل ڪل ۽ علم ۾ اڪابر سمجهي ضد ۽ هوڏ ڪري ٻين ماڻهن کي پنهنجو پيروڪار ۽ پوئلڳ بڻائي ٿو ۽ ان کي پنهنجي دين ايمان جو بنياد ڄاڻي ٿو ته جيڪو هن سان هم راءِ ڪونهي، جيڪو هن جي تجويز ڪيل ايجنڊا تي عمل ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿو، ان کي زندهه رهڻ جو ڪو حق ڪونهي.

    اسان جي ذهني ۽ فڪري ڪيفيت اها وڃي جڙي آهي ته چئون ۽ سمجهون ٿا ته جيئن ته اسان سچ تي آهيون، ان ڪري باقي ڪوڙا آهن ۽ هن دنيا مان ڪوڙن جو خاتمو ڪرڻ اسان جو فرض آهي. جڏهن ته اسان ۽ اسان جي معاشري خواهه ملڪ جو بچاءُ ان ۾ آهي ته پاڻ ۾ محبت، ايثار ۽ برداشت ڪرڻ واريءَ قوت کي زور وٺرايون. انساني عقل ۽ منطق تي يقين ڪريون ته ان ۾ پاڻ سنوارڻ ۽ سڌارڻ جي خصلت موجود آهي. اسان کي ڪو اهو سمجهائي ته انسان کي ماري ته سگهجي ٿو، ليڪن مڃرائي نه ٿو سگهجي. اسان پنهنجي مڃتا جي شوق ۾  ٻين کي تباهه ۽ برباد ته ڪري سگهون ٿا، ليڪن سچ، حق ۽ سونهن کي قائم ۽ دائم رکي نه ٿا سگهون. لڳي ٿو ته اسان جي اندر وارو انسان رستو وڃائي ويٺو آهي ۽ خود اسان جي انساني احترام واري رستي جي روڪ بڻجي پيو آهي.

    اسان کي جيترو پاڻ تي سچي هجڻ جو يقين آهي تيئن اهو به سمجهئون ته ٻين ماڻهن وٽ به عقل ۽ علم آهي، سوچ ۽ لوچ آهي ۽ اهي به پنهنجو برو يا ڀلو سمجهي سگهن ٿا. وقت جي تقاضا آهي ته اسان سچ ۽ سونهن جو پاڻ کليو ڪتاب بڻجي پئون ۽ پنهنجي ايثار ۽ پيار سان اهڙي جوت جلايون جنهن ۾ اونداهيءَ هيٺ آيل سمورا رستا روشن ٿي پون.

     

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 27 JUNE-2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ڇا سنڌ جي سياست جا خدوخال اهي ئي رهندا؟“

    پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي سياسي وايو منڊل ۾ غير متوقع انقلابي تبديليون آيون: سنڌ جي مٿئين طبقي 1936ع ۾ سنڌ کي انهيءَ اميد تي ممبئيءَ کان جدا ڪرايو ته جيئن ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻ بدران سنڌ جي اڇي ڪاري جا پاڻ مالڪ ٿي وڃن. 1947ع کان پوءِ انهيءَ طبقي سياسي صورتحال کي ائين بدلجندي ڏٺو جو سندن پيرن هٿان ڌرتي ڇڏائڻ لڳي. حالتن سان سمجهوتو ڪرڻ لاءِ هنن پهريون ضابطي کان ٻاهر لاتعداد پناهگيرن کي قبول ڪيو ۽ ڪراچيءَ تان هٿ کنيو ۽ پوءِ ون يونٽ کي اکيون ٻوٽي قبول ڪيو. پر ايڏين ۽ اهڙين قربانين باوجود اسان جو اپر ڪلاس پنهنجي سياسي استحڪام کي واريءَ جي ڪوٽ جيان محسوس ڪرڻ لڳو.

    پناهگيرن جي آمد نه ته ڪو تقسيم واري اسڪيم ۾ شامل هئي، ۽ نه وري انهن کي ڪنهن هڪ صوبي ۾ وڏي تعداد ۾ آباد ڪرڻ ۾ ڪا منصفاڻي حڪمت عملي شامل هئي. سنڌ جي وس واري ۽ وسن واري طبقي مهمان نوازيءَ جا اهڙا مثال قائم ڪيا، جيڪي ڌرتيءَ جي تاريخ ۾ اڻلڀ هئا. پر اهڙيءَ تاريخي مهمان نوازيءَ ۾ سياسي بصيرت ۽ مفادن کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ماضي قريب جي سياسي چرپر کي صفا وساريو ويو.

    پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي هندن جي هڪ طبقي اها ڪوشش ڪئي هئي ته ”تقسيم واري اسڪيم“  ۾ سنڌي هندن لاءِ هڪ الڳ ۽ آزاد حصي جي گنجائش رکي وڃي. سندن ذهن ۾ انهيءَ آزاد سنڌ هندو رياست جو نقشو ذري گهٽ اهو هيو، جنهن کي اڄ ڪلهه اسان ڪڏهن جناح پور يا مهاجر صوبي جي نالي ۾ ٻڌون ٿا. سنڌ جي ڪن هندو اڳواڻن انهيءَ مقصد ماڻڻ لاءِ گانڌيءَ ۽ ٻين ڪانگريسي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪيون، پر وقت جي وير گهڻو اڳ وهي چڪي هئي ۽ خواهشمندن جون خواهشون پوريون ٿي نه سگهيون. پوءِ به ڪيترا سنڌي هندو سنڌ مان لڏي سنڌ جي سرحدن ڀرسان واقع رياستن ۾ وڃي انهيءَ آس اميد سان آباد ٿيا ته من ڪو اهڙو واءُ گهلي جو ڪا بهتر تبديلي اچي. پر سنڌ ۽ هند جي حالتن سندن انهيءَ آس تي جهڙوڪ پاڻي ڦيري ڇڏيو. سنڌي هندن جي الڳ ۽ آزاد رياست جو تصور تي ٻين جا هٿ وڃي کتا. پوکيو هڪڙن ۽ انهن کي لڙڻ جي ڪوشش ٻين شروع ڪئي.

    تنهن دور جي سنڌي سياستدانن کي مهاجرن جي آبادڪاريءَ واري حڪمت عملي جا روحاني راز تڪڙا سمجهه ۾ ڪو نه آيا، بلڪه سمجهه ۾ آيا ئي ڪو نه يا هو حالتن اڳيان آڻ مڃي ويهي رهيا. اهو هنن جي شايد وهم گمان ۾ ئي نه آيو ته اڳتي هلي انهيءَ حڪمت عملي جي نتيجي ۽ اثر هيٺ ڪڏهن سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ٿينديون ۽ ان سان گڏ سنڌ ۾ رهندڙن سمورن ماڻهن جي دلين ورهائڻ جو چوٻول ٿيندو.

     هاڻي اسان انهيءَ ئي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون. دائمي طور تي دلين جي تقسيم جو وهنوار جاري آهي ۽ وقفي وقفي سان سنڌ جي تقسيم لاءِ هاءِ گهوڙا ڪئي وڃي ٿي. ٻنهي عملن جو بنياد نفرتن ۽ غلط فهمين تي رکيو ويو آهي. ان ڪري هڪ ڌر ٻٽاڪون هڻي ته هو پاڪستان پاڻ سان ڪلهن تي کڻي آيا آهن ۽ ان لاءِ ڪنڌ ڪپائي آيا آهن، ۽ ٻيا وضاحتن ۽ وڪالتن ۾ پورا آهن ته سنڌ اسيمبليءَ جيڪو پاڪستان سان الحاق وارو ٺاهه پاس ڪيو، اهو پاڪستان ٺاهڻ وارو واعدو نه هئو ته ٻيو ڇا هيو؟ جڏهن مسلم ليگ ٺهي ته ان جي اڳواڻي آغا خان جي صورت ۾ سنڌيءَ ڪئي ۽ جڏهن پاڪستان تحريڪ هلي ته ان جي قيادت قائداعظم جي روپ ۾ هڪ سنڌيءَ ڪئي. پوءِ سنڌين تي الزام ۽ بهتان هڻڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟

    سياسي دوڪانداري چمڪائڻ لاءِ دلين جي تقسيم کان وٺي سنڌ جي تقسيم واري ناعاقبت انديشيءَ واري سياسي حڪمت عملي معصوم ماڻهن کي تباهه ۽ بربادڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪو نه ڏيندي. ٽارگيٽ ڪلنگ، بي گناهه انسانن جو قتل عام ۽ شهرن ۾ امن امان جي صورتحال بگاڙڻ انهيءَ انسان دشمن سياسي حڪمت عملين جا گر بڻجي چڪا ۽ ڪانون کي وري جو لڙ مان مزو اچي ٿو سي وري سمورا ۽ سڀني جا لولا کائي وڃن ٿا.

    هن صورتحال ماڻهن کي منجهائي ڇڏيو آهي. هي ڪمائڻ وارا هڪ غريب ماڻهو،  پر کائڻ وارا ٻيا. روڊن ۽ رستن تي مرڻ وارا به ماڻهو، جيلن ڀرڻ وارا به ماڻهون. بس عوام آهي ۽ سندن زهر جهڙي زندگي! هوڏانهن ڪي اڳواڻ آهن جو سندن سينن ۾ نفرتن جا اوڙاهه ٿيا پيا ٻرن. سندن زبانن مان جي ڪجهه نڪري ٿو، اهو زهر آهي ۽ اها نفرت آهي، جيڪا دليون تقسيم ڪري ٿي ۽ سنڌ جي تقسيم ڪرڻ جي بدنيتي رکي ٿو. سنڌ ته صدين کان امن جو گهوارو رهي آهي انهيءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي ۽ ڪنهن جو ڏوهه ڪيو آهي؟ ڇا سنڌ جي سياست جا خدوخال اهي ئي رهندا؟ ڇا اسان جو سياستدان مدبر ۽ مفڪر، ليکڪ ۽ دانشور انهيءَ انسان دشمن دکيل دونهينءَ کي محسوس نه ٿو ڪري؟ ڇا ان جو تدارڪ نٿا ڪري سگهون؟

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 25 November 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”پاڻ جو پنهنجي ليکي ۾ ناهيون“

    تضادن جي هن دنيا ۾ ڪڏهن ڪڏهن فردن کي دک ۽ سک جو فرق ئي محسوس نه ٿيندو آهي. ماڻهو سمجهي ئي ڪو نه سگهندو آهي ته باقي ٻيا جو سمجهن ٿا ته هو سکي آهي ۽ سڪون ۾ آهي، پر اهو سک ۽ سڪون ته هن کي نصيب ئي ڪونهي. انهيءَ حساب سان ڪو به سک ۽ سڪون ۾ ڪونهي، ڪا ويڌن آهي جو هر ڪنهن کي وڪوڙي ويئي آهي، ڪنهن جي هلي ڪا نه ٿي، ڪنهن کي ڪو اختيار ئي ڪونهي ۽ ڪو ڪنهن جي ليکي ۾ ئي ڪونهي. بي بسي آهي ۽ بي وسي آهي. امير آهي ته هن کي اڃا وڌيڪ دولت هٿ ڪرڻ جي تانگهه آهي. جنهن کي اختيار آهي، اهو مطلق اختيار حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. جنهن وٽ آهي، اهو وڌيڪ ڪرڻ جي ڌُن ۾ آهي ۽ جنهن کي ناهي، اهو ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪرڻ جي فڪر ۾ آهي. ٻين جي برابر ٿيڻ لاءِ، ٻين جهڙي ٿيڻ لاءِ، بلڪه سڀني کان اڳتي وڌي وڃڻ لاءِ.

    هيءَ صورتحال ان ڪري پيدا ٿي آهي، جو هر ڪو پنهنجي درد جي دوا پاڻ وٽ نه ٿو ڳولهي ۽ ٻين جي دلين يا درن کي کڙڪائي ٿو. اها صورتحال کيس ٻين جو محتاج بڻائي ٿي ۽ اها محتاجي کيس پنهنجي حال مان ڪڍي ڇڏي ٿي. هو پاڻ کي ڪجهه نه ٿو ڀانئي، پر پاڻ کي ٻين جهڙو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڪلهوڪلهي ۾ ملائڻ جي تانگهه ڪري ٿو ۽ سمجهي ٿو ته جيڪو هن وٽ نه آهي، اهو جي پني يا ڇني وٺي ته به گناهه ڪونهي. ان ڪري هن وٽ گناهه ۽ ثواب جو فرق رهي ئي ڪو نه ٿو. پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي خوشي ۽ گم، سڪون ۽ بي چينيءَ جو فرق ڪيئن محسوس ٿيندو؟

    اسان ان ڪري اهڙيءَ صورتحال مان پيا گذرون جو پاڻ پنهنجي ليکي ۾ ئي ڪونهيون ۽ پاڻ ٿيڻ بدران ٻين کي ڏسي انهن جهڙي ٿيڻ جي ڪوشش ۾ مگهن ٿي ويا آهيون. ائين ڪرڻ سان جهڙوڪ اسان جو پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن تي ڀروسو ڪونهي يا ائين ٿا سمجهون ته ڪا فالتو مٽي بچي هئي، جنهن مان الله پاڪ اسان کي ٺيڪي تي ٺهرايو آهي. جيڪو ماڻهو پاڻ تي ايمان نه ٿو رکي، اهو جهڙوڪ پنهنجي خلقيندڙ تي ايمان نه ٿو رکي. جڏهن ته رب پاڪ اسان کي ۽ هن ڪائنات کي اجايو يا بي سود نه بڻايو آهي. اسان جي تخليق ۽ پيدائش جو ڪو نه ڪو سبب آهي ۽ ڪارڻ آهي. جنهن اهو سبب ڄاتو، تنهن پاڻ کي ڄاتو. جنهن پاڻ ڄاتو تنهن پنهنجي خدا کي ڄاتو.

    ڳالهه هيءَ آهي ته اسان ”سماجي جانور“ هوندي، پاڻ کي ”جانور“ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ”سماجي“ ٿيڻ ۾ ڪا جهڙوڪ ڪرڀ ٿي اچي. سماجي ٿيڻ جي معنيٰ آهي ٻئي جي ڪم اچڻ ۽ ان جي بدلي مان ٻئي کي ڪم اچڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ. اسان مان هر ڪنهن کي شڪل صورت ته هڪ جهڙي آهي، پر لياقتن ۽ صلاحيتن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. اهو فرق اسان کي پنهنجو ”انفرادي تشخص“ ڏئي ٿو، ۽ اهو فرق ئي ٻين جي ضرورت بڻجي ٿو. انهن فرقن جي مٽاسٽا سان ئي سماج پنهنجو توازن برقرار رکي سگهندا آهن. جيڪو ڪجهه مون وٽ آهي ۽ا هو ڪنهن ٻئي فرد وٽ ناهي ته انهيءَ فرد جو  ان ۾ حصو آهي.

    اهڙيءَ ريت جيڪو مون وٽ ناهي ۽ اهو ٻئي وٽ آهي ته ان ۾ منهنجو حصو آهي. اسان اهڙيءَ ريت هڪ ٻئي جي لياقتن ۽ صلاحيتن، ذريعن ۽ وسيلن ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهيون. جڏهن اها ورهاست، ٻين جو حق ۽ پنهنجو حق سمجهه ۾ آيو ته پوءِ ڪو به عمل، ڪا به ڳالهه فقط ۽ فقط پاڻ لاءِ نه سمجهي ويندي. پر اسان سڀڪجهه پاڻ لاءِ ۽ فقط پاڻ لاءِ سمجهنداسين ۽ سياري جي باهه فقط پاڻ ڏانهن سورينداسين ته اهڙا ئي مونجهارا پيدا ٿيندا، جن اسان جي ذهنن ۽ وجودن کي وڪوڙي رکيو آهي.

    اسان انهيءَ ئي صورت ۾ سک ۽ سڪون ماڻي سگهون ٿا، جڏهن پنهنجي ليکي ۾ هجون ۽ اهو ڏسون ته اسان ٻين کي ڇا ٿا ڏئي سگهون جنهن جي موٽ ۾ اسان کي ڪجهه ملي سگهي ٿو. اسان جيڪڏهن فقط وٺڻ جي ڌن ۾ هونداسين ته اهو ڇني ۽ پني ته وٺي سگهون ٿا، پر پاڻ-هرتو ڪجهه به ڪو نه ملندو. پاڻ-هرتو تڏهن ملندو، جڏهن اسان پاڻ- هرتو ٻين جي ضرورتن ۽ تقاضائن مطابق کين ڏينداسين.

    اسان کي ڏسڻو اهو آهي ته پاڻ وٽ ڇاهي، نه ڪي اهو ڏسڻو آهي ته ٻين وٽ ڇاهي. ٻين وٽ جيڪو ڪجهه آهي يا ٻيا جيئن آهن، اهو ڏسي پنهنجو رنگ ۽ روپ مٽائڻو ڪونهي ۽ انهن جيان ٿيڻو ناهي. بس جيڪي اسان پاڻ آهيون، اهي ٿي پئون.ٻين جي ليکي ۾ هجڻ واري اجائي محتاجي نه ڪريون، ليڪن پنهنجي ليکي ٿي پئون. پاڻ سڃاڻون ۽ پنهنجو قدر ڪريون. پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن جي رنگن روپن کي سنواري سينگاري دنيا آڏو آڻيون. ضرورتمند پاڻ اسان کي ڳولهي لهندا ۽ ڪجهه ڏيڻ ۽ ڪجهه وٺڻ جو ڪارونهوار پاڻ ئي پيو هلندو. اسان کي حيران، پريشان ۽ سرگردان ٿيڻ جي ڪا ضرورت ڪا نه پيش ايندي. فقط اسان کي پنهنجي ليکي ٿيڻو آهي.

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 25 JULY-2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”جهڙي سٺ، تهڙي ٽي ويهان “

    اهو لڳ ڀڳ پڌرو ٿي چڪو آهي ته سنڌ سرڪار جي مُنڍيءَ-مَٽَ واري رسم ادا ٿي رهي آهي. شايد هن ڪالم شايع ٿيڻ تائين اهو معلوم ٿي ويندو ته صورتحال ۾ تبديلي اچي به اٿي، يا اهي فقط ڳالهيون هيون. جيڪڏهن انهيءَ تبديليءَ پٽاندر اگر سيد مراد علي شاهه جي مٿي تي اهو تاج رکيو وڃي ٿو ته تاريخ هينئن جڙندي ته سنڌ ۾ پيءُ ۽ پٽ پيپلز پارٽيءَ جي زماني ۾ وڏ-وزارت ماڻي. جيڪڏهن نثار کهڙي کي سنڌ جي محبت ۽ خدمت جو موقعو ملي ٿو ته ان مان به اهو ثابت ٿيندو ته وڏ-وزارت جي ڪرسي هڪ کان وڌيڪ دفعا ڳوٺ عاقل جي کهڙن جي حوالي ٿي. انهن بدران جيڪڏهن ڪڻو آغا سراج درانيءَ جي نالي نڪري ٿو ته ڳڙهي ياسين جي تاريخ جهڙوڪ پاڻ ورجائيندي. هن شهر جي آغا خاندان تحريڪ آزاديءَ کان وٺي سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر ۽ اسپيڪر ٿيڻ تائين پنهنجو نالو ڪمايو آهي. انهيءَ ٽه-مورتيءَ بدران جيڪڏهن ڪو ٻيو نالو به اڳيان اچي سگهي ٿو، ۽ اها ڳالهه به ناممڪن ڪانهي. سياست ۾ هر ڪا شئي ٿيندي آهي ۽ جائز آهي. پر سياسي قيادت ۾ تبديلي هروڀرو حالتن جي تبديليءَ جو ڪارڻ ڪو نه ٿيندي آهي. ڇو ته جيستائين نظام نٿو بدلجي، انهيءَ وقت تائين ماڻهن-مٽ ڪنهن انقلابي تبديليءَ آڻڻ جو باعث ڪا نه ٿيندي آهي.

    موجوده وڏو-وزير جيڪڏهن وڃي ٿو ته هو به پنهنجي خاندان جي مثالي تاريخ جوڙيون ويندو. سائين قائم علي شاهه سنڌ جي انهن ٿورن سياستدانن مان هڪ ليکيو ويندو، جيڪو شهيد ڀٽي، شهيد راڻي ۽ موجوده دور ۾ گهڻا دفعا ۽ انتهائيءَ طويل ترين دور تائين اقتدار ۾ رهيو.

    ڳالهه ڪنهن جي اچڻ ۽ وڃڻ جي اهم ناهي، پر پوءِ به ڳالهيون هر هڪ جون ڳائبيون ۽ تاريخ جي ورقن مان انهن کي ميساري نه سگهبو. اسان تاريخ جا اهي ورق ڦاڙي ڦٽي ڪري نه ٿا سگهون ته ايوب کهـڙي جنهن سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ ۾ بي مثال ڪارناما سرانجام ڏنا ۽ ڪراچيءَ کي مرڪز حوالي ڪرڻ تي مهاڏا اٽڪايا، تنهن پنهنجي هٿن سان سنڌ کي ”ون يونٽ“ جو ڳٽ وڌو. اسان تاريخ مان اهو باب ڪڍي نه ٿا سگهون ته الله بخش سومري سنڌ-دوستيءَ ۽ عوام-دوستيءَ جون نيون روايتون قائم ڪيون، پنهنجا لقب القاب ڦٽي ڪيا ۽ پنهنجي جان تان هٿ کنيو.

    پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ کي جيڪي وڏا وزير مليا، انهن جيڪو ڪجهه ڪيو، ڀلي اهو اسان کان وسري وڃي، ليڪن تاريخ جي سيني ۾ انهن جا ڪارناما يا ڪرتوت صدين تائين سانڍيا رهندا.

    هن ڪالم جي حوالي سان جيڪا ڳالهه هڪ ٻئي سان ونڊڻي آهي، اها هيءَ آهي ته اسان اهو نه وساري ويهون ته سٺ ۽ ٽي ويهان ۾ ڪو فرق ڪونهي. سياسي پارٽين جون پنهنجون حڪمت عمليون، مقصد ۽ مجبوريون ٿين ٿيون. ان ڪري ڪا به تبديلي عوام لاءِ تبديلي ڪا نه ٿيندي آهي. عوام لاءِ تبديلي تڏهن ايندي ۽ ٿيندي آهي، جڏهن عوام پاڻ تبديلي آڻي.

    اسان صدين کان وٺي ساڳي نظام ۾ رهون ٿا. اسان وٽ نه فقط مذهبي موروثيت جي حوالي سان صدين کان گاديون قائم ۽ دائم آهن، بلڪه هاڻي اها مذهبي روايت سياسي روايت جو به روپ وٺي چڪي آهي. سياسي موروثيت جو ان کان وڌيڪ واضح مثال ٻيو ڪهڙو ٿيندو ته پاڪستان ۾ مرڪز ۽ وڏي صوبي ۾ ٻه ڀائر اقتدار ۾ آهن. اهڙيءَ ريت  سنڌ ۾ سياسي موروثيت اقتدار خواهه اختلاف وارين ڌرين ۾ موجود آهي ۽ قائم دائم رهندي.

    ٻيو پهلو، جنهن طرف اسان کي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اها هي آهي ته اسيمبلين جي تاريخ ڏسو، وزارتن جي تاريخ ڏسو، معتبر ماڻهن کي ڏسو، اهي ئي صدين کان وٺي اقتدار ۽ اختيار جي هندوري ۾ لڏندا نظر ايندا. ڪي ذاتيون آهن ۽ ڪي خاندان آهن جن جي اثر رسوخ ۽ اقتدار جو سج لهڻو ئي ڪونهي. ڳالهيون انهن جون هلنديون ۽ حڪم انهن جا هلندا، اهڙي نظام هوندي ڪا تبديلي ڪا نه ايندي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن هاڻي ڪا ماڻهوءَ-مٽ ٿي ته تبديلي ڇو ايندي؟ ڇو ته جهڙي سٺ، تهڙي ٽي ويهان.

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 25 April-2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”نانيءَ ويڙهن جي نوبت ڇو ايندي آهي؟“

     

    انسان سماجي جانور آهي ۽ ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين ساٿ ڏيڻ ۽ ساٿ وٺڻ لاءِ مجبور آهي. ڏي وٺ جي اها ضرورت ۽ صورت سماج جي خدوخال کي واضح ڪندي آهي. ماڻهو ٻين کان پري نه ٿو رهي، پر پاڻ کي پري رکي ٿو. اها صورتحال سماج ۾ انا ۽ خود-پرست کي پروان چاڙهيندي آهي. جو ٻين لاءِ جيئندو، اهو صدين تائين جيئندو. ڀلي هن جو طبعي موت ٿئي، پر ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن ۾ هو قائم ۽ دائم رهندو.

    ڏي- وٺ ۽ گهر ته گهران جي اها جبلت سماج ۾ تنظيمن، جماعتن ۽ ادارن جي اڪائين کي جنم ڏئي ٿي. دنيا جي قانونن ۽ آئينن ۾ انهيءَ جماعت سازيءَ ۽ اداري سازيءَ کي ”بنيادي حق“ طور تسليم ڪيو ويو آهي. اهو حق اسان جي ملڪ ۽ معاشري به اسان کي ڏنو ۽ تسليم ڪيو آهي. انهيءَ حق جي روشنيءَ ۾ علمي، ادبي، تعليمي، ثقافتي، سماجي، سياسي ۽ مذهبي تنظيمون قائم ۽ دائم آهن.

    پر جڏهن هڪ مقصد، بلڪه ساڳيئي مقصد لاءِ هڪ کان وڌيڪ تنظيمون ۽ جماعتون جڙن ته پوءِ اهو سمجهڻ گهرجي ته تنظيمون ٽڪرا ٽڪرا ٿي نانيءَ ويڙهن جو روپ وٺي رهيون آهن. پوءِ سمجهيو وڃي ته ڪڏهن قيادت ته ڪڏهن طريقه ڪار جي فروعي مسئلي تي ڪي ماڻهون ”عظيم مقصدن“ لاءِ نه، پر ”ذاتي يا گروهي مفادن“ لاءِ قوم کي ورهائي ۽ تقسيم ڪري رهيا آهن.

    اسان بنهه اهڙيءَ صورتحال مان گذري رهيا آهيون. ان ڪري اسان جون تنظيمون هڪ هٽيءَ جي روپ ۾ نانيءَ ويڙها بڻجي رهيون آهن. جنهن ڪري ناني ورهائڻ واري ۽ ڏوهٽا کائڻ وارا، باقي ٻيا پيا ٻاٿون کائين ۽ چپ چٽن. هنن حالتن ۾ محبتون ۽ خدمتون فقط ۽ فقط پنهنجي ذاتي ۽ گروهي گهاڻي جي چوڌاري اکين ٻڌيل ڏاند جيان پيو هلنديون آهن. هنن حالتن اسان جي تنظيمن ۽ جماعتن جي نوعيت ۽ هيئت ئي مٽائي ڇڏي آهي. تنظيم ڪهڙي به قسم جي هجي، اهي خانداني ۽ گروهي قبضن جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل هونديون آهن. مجال جو ڪو انهن ۾ اندر داخل ٿي سگهي يا انهن کي اهڙن پنجوڙن مان آزاد ڪري سگهي.

    ڳالهه ڪندا آهن ته ڪو وڏيرو مري ويو. هڪ غريب ٻار اچي پنهنجي ماءُ کان پڇيو ته ”هاڻي پڳ ڪنهن کي ٻڌائيندا؟“ جواب مليس ته ”سندس پٽ کي“. اهو ٻڌي وري ڇوڪر ماءُ کان پڇيو ته ”امڙ اهو به مري وڃي ته پوءِ ڪنهن کي پڳ ٻڌائيندا؟“ جواب مليس ته ”ان جي ڀاءُ کي“. وري ڇوڪري ماءُ کان پڇيو ته ”امان! اهو به مري وڃي ته؟“ ماڻهنس ڇڙٻيندي جواب ڏنس  ”ڀلي سڀ مري وڃنس. ڇورا! پر توکي پڳ ڪو نه ٻڌرائيندا.“

    سو هن وڏيرڪي نظام ۾ وڏيري جو پٽ ئي پڳ ٻڌندو. هن انوکي روحاني نظام ۾ مرشد جو پٽ ئي گاديءَ تي ويهندو. جهڙوڪ اهي اهو الله کان لکرائي آيا آهن ۽ اها روايت پٿر تي ليڪ وانگر آهي، جيڪا ڪير به ڊاهي نه ٿو سگهي.

    پر هيءُ ته ڪنهن آسماني ڪتاب ۾ لکيل ڪونهي ته سياست، علم ادب ۽ ثقافت ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ مورثيت ۽ گروهيت جون روايتون قائم هجن.

    هي ڪٿان جو انصاف آهي ته جيڪي تنظيمون ۽ جماعتن ٺاهين ٿا ۽ سالن پڄاڻي سندن پير ته قبرن جي ڪنڌين تائين پهچن ٿا، پر سندن هٿ ساڳيا ئي انهيءَ تنظيم جي ڳچيءَ ۾ پيل آهن. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته تنظيم سازي انسان جو ”بنيادي حق“ آهي. پر اهو ڪنهن جو حق نه ٿو ٿئي ته ڪنهن تنظيم کي مورثيت يا گروهيت جي قيد ۾ رکي استحصال کي هٿي ڏئي ۽ ان کي پنهنجي لاءِ ترقيءَ جي پل پر ٻين لاءِ پلصراط بڻايو وڃي. هي نسورو ”انساني حقن“ جي ڀڃڪڙي آهي.

    اسان مان اهڙا جوڌا جوان لنگ ٻڌي نڪري ڇو نه ٿا پون ته غلامي مسلط ڪرڻ ۽ ناجائز نموني ذريعن وسيلن کي اهڙي ريت غلط ڪم آڻڻ خلاف ڪا تحريڪ هلائين؟ هن روايت کي هر محاذ تي چئلينج ڪرڻ گهرجي ته ڪو به عهديدار لڳاتار ٻن اڍائي مدن کان پوءِ اميداوار ٿيڻ جو به نه سوچي.

    جيڪڏهن اسان اهڙي رستي روڪ ڪري نه ٿا سگهون ته پوءِ اسان کي انهن دانهن ڪوڪن ڪرڻ جو به حق نه ٿو رسي ته ڪانفرنسون ٿين ٿيون ته اسان کي ڪوٺ نه ٿي ملي. ميلا ۽ جهميلا ٿين ٿا ته اسان انهن جي ڪنڊ پاسي ۾ به ڪونهيون ۽ جڏهن ڪنهن ونڊ ورهاست جي ڳالهه ٿئي ٿي ته اسان جو پنڊيءَ تي به نالو ڪونهي.

    تنظيمن ۽ جماعتن کي جيڪا مورثيت ۽ گروهيت جي وبا وڪوڙي وئي آهي ۽ اهي نانيءَ-ويڙهن جي بي پاڙي ول ۾ وڪوڙبيون پيون وڃن، اسان انهن جي جند نه ڇڏائي ته پوءِ اسان جي جند ڪو به ڇڏائي نه سگهندو.

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 24 October 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”نازن وارا او نخريلا اربيلا !!“

    انساني فطرت آهي ۽ هر ڪو چاهيندو آهي ته هو ڪنهن کي چاهي ۽ ڪوئي کيس چاهي. انسان جيئن ڪي پيار جو بکيو آهي، هن کي پيار-ڀري عزت گهرجي، هن کي خلوص وارو توجهه گهرجي. پر اسان وٽ مامرو ئي اور آهي. نفرت اسان جي نس نس ۾ ائين ته واسو ڪري وئي آهي، جو محبت، خلوص ۽ عزت سان دل ئي نه ٿي لڳي. ڪنهن ماڻهوءَ جو مٿو ڦيرائڻو هجي ته هن کي اهو محسوس ڪرايو ته اوهان کيس محبت ڪريو ٿا ۽ سندس عزت ڪريو. همراهه جي ڪنڊي تي ائين ڪاوڙ چڙهي ويندي جو لک لٽائڻ ۽ عرض گذارشون ڪرڻ سان به ڪو نه لهندي. هيءَ آهي سنڌ واسين جي طبعيت ۽ فطرت جو انوکو روپ، جنهن ڏانهن نفسياتي علم جي ماهرن ۽ دانشورن کي توجهه ڏيڻ گهرجي. هيءَ اسان جي اها نفسيات آهي جو اسان هر بهتر ۽ پر خلوص روين جي نفي ڪيون ٿا. ڪو چڱائي ڪري ٿو ته دلين ۾ شڪ پيدا ٿين ٿا. جو پيار ڪري ٿو، تنهن جا ويري بڻجي پئون ٿا. جو احسان ڪرڻ گهري ٿو ته اسان اسان وهمن گمانن ۾ وڪوڙجي وڃون ٿا.

    پنهنجي روين جو جائزو وٺي ڏسو، اوهان کي انهن ماڻهن کان ئي نفرتون ملنديون، جن سان اوهان چڱائي ڪئي هوندي ۽ ماڻپي جو پير کنيو هوندو، ٻين معاشرن ۾ روايت آهي ته چڱائي ڪري درياهه ۾ اڇلائيندا، پر اسان وٽ چڱائي بدران چڱائي ڪندڙ کي درياهه ۾ ٻوڙيندا. هن نفسياتي هلت ڪارڻ ماڻهو ٻئي سان چڱائي ڪرڻ کان لهرائين ٿا. ڪو روڊ رستي تي پيو ڦٿڪندو ته ڪوئي واٽهڙو هن کي اسپتال تائين نه پهچائيندو. ڪنهن کي قتل ٿيندي ڏسبو ته انهيءَ ڏوهه ۽ ڏوهيءَ تي ڪو شاهدي به ڪو نه ڏيندو. مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ ڪري، هر ڪو چپ ٿي ويندو، جيئن ته سندس اکين ڪجهه ڪو نه ڏٺو ۽ ڪنن ڪي ڪين ٻڌو.

    هي سنڌ جا سنگين نفسياتي مسئلا آهن، پر اسان انهن ڏانهن جوڳو توجهه نه ٿا ڏيون، بلڪه ايترو اهم نه ٿا ڄاڻون. هن صورتحال ۾ ڪهڙيون اجتماعي انقلابي تبديليون اينديون ۽ ڪهڙو گڏيل سڌارو ٿيندو؟ اسان جا عالم، دانشور ۽ ليکڪ دنيا جهان جي دکن دردن تي ته لکن ٿا، پر هنن ههڙن سنگين مسئلن تي ڇو نه ٿا لکن ؟

    اسان کي هاڻي هي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته اڄوڪي سنڌ اها ناهي، جنهن ۾ ماڻهن جو ميل جول فقط چند ماڻهن سان ٿيندو هئو. هاڻي هنڌين ماڳين ماڻهن جا هجوم آهن، جن سان واسطو پئي ٿو. اسان جي واسطي ۾ هاڻي فقط گهر جا ڀاتي ڪو نه آهن. اسڪولن کان اسپتالن تائين، دفترن کان بازارن تائين، سوين ماڻهو آهن، جن سان ميل جول ٿئي ٿو. اسان انهن مان هر ڪنهن سان مٿاڇرو نه ٿا ملون. روز بس ۾ چڙهندي بس ڪنڊيڪٽرن سان فري ٿيون ٿا ته جيئن بس ۾ عزت سان جاءِ ملي. اسان اسپتالن ۾ ويندي جيڪڏهن ڊاڪٽرن جو آشيرواد وٺي نه ٿا سگهون ته ڪمپائونڊرن کي ئي پنهنجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته جيئن ڪو قهر بدران قرب سان دوا درمل ۾ مدد ڪري. اسان دفترن ۾ پنهنجي صاحبن کي خوش ڪرڻ کي ضروري ڄاڻو ٿا ته جيئن عزت جي رهجي اچي ۽ نائبن کي راضي رکڻ گهرون ٿا ته جيئن ڪو ناراض نه ٿئي. مطلب ته ٻارن کان وٺي يارن تائين، پيرن کان وٺي فقيرن تائين، عملدارن کان وٺي جيڏن سرن تائين اسان کي خلوص، محبت ۽ عزت وٺڻ ڏيڻ جي ضرورت ٿئي ٿي. پوءِ اسان ان ۾ منافقي ڇو ڪريون؟ پوءِ ان ۾ پنهنجا رويا منفي رنگ ۾ ريٽا ڇو ڪريون؟ اها ڪهڙي ضرورت ۽ مجبوري آهي جو اسان انساني رشتن ۾ مطلب، وير ۽ منافقيءَ جو زهر ملايون؟

    جڏهن ڀٽي جي بادشاهي هئي ۽ پيپلزپارٽيءَ جي پهريون دفعو حڪمراني ٿي ۽ اندرون سنڌ جا کوڙ ماڻهو وڏن شهرن ۽ ڪراچيءَ ۾ آيا ته اسان جي انهيءَ عجيب نفسيات اسان کي قومي نقصان ڏنو. سنڌي ماڻهن ۽ نوجوانن غير سنڌي ڇوڪرين سان شاديون ڪيون. ڇو ته سندن خيال ۾  سنڌي نياڻيون نماڻيون ته هيون پر سياڻيون ڪو نه هيون. سنڌي نياڻين جي روين ۾ اها ئي نفسيات ڪار فرما هئي، جنهن جي نشاندهي شروع ۾ ڪري چڪا آهيون. نتيجي ۾ اسان جا ڪيترا دوست ”دولها ڀائي“ جي خطاب جي نشي ۾ پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت جا دروازا بند ڪري ويٺا. انهيءَ ڏوهه ۾ انهيءَ دور ۽ اهڙي عمل ۾ اسان جا مرد نوجوان به ڏوهي هئا ته اسان جي ٻي ڌر به روايتي نفسيات جي زنجيرن کان ٻاهر نڪري نه سگهي.

    اسان جي نخريلي ۽ نازن واري انهيءَ فطرت ۽ نفسيات اسان کان گهڻو ڪجهه کسيو آهي. وڏو قومي ۽ اجتماعي نقصان ڏنو آهي. اچو ته ان جو تدارڪ ڪريون ۽ پاڻ کي، قوم کي ۽ مستقبل کي بچايون.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 23 Septembr 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”صاحب! سنڌي ڪير سڏائي!“

    گل سان گڏ خوشبوءِ نه هجي ته پوءِ گل ڇا جو؟ چنڊ هوندو ته چانڊوڪي ضرور ٿيندي. اهڙي نموني سان سنڌ هوندي ته ان سان گڏ سور ضرور هوندا ۽ سنڌي هوندو ته پوءِ سورن جا مذڪور به گهٽ ڪو نه هوندا. انهن کي هڪٻئي کان الڳ ڪري نه ٿو سگهجي. اهو ڪو قدرت جو فيصلو ڪونهي، پر سنڌ کي سور اسان ئي ڏنا آهن ۽ سنڌين کي عذابن ۾ اسان ئي وڌو آهي.

    ماضي قريب ۾ ٽن ماڻهن پاڻ کي سنڌي سڏايو، اهي هئا: مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مولانا عبدالواحد سنڌي. پر انهن تي ڇا گذري ۽ پنهنجن سنڌين ساڻن ڪهڙا قرب ڪيا؟ ان تي تاريخ جا ورق اسان خلاف شاهديون ڏين ٿا. ٽنهي جي پڇاڙي ڏکن جي ڪهاڻي بڻجي وئي.ٽنهي جي زندگي جڏهن شام کي پهتي ته کانئن حافظو موڪلائي ويو. هو جهڙوڪ گمناميءَ جي حالت ۾  اسان کان وڇڙجي ويا.

    ڪن ليکڪن جو چوڻ آهي ته مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي زهر ڏنو ويو يا ڏياريو ويو. هن عظيم انقلابيءَ ۽ انگريز سامراج جي دشمن گڏيل هندستان جي سياسي تاريخ کي نئون موڙو ڏنو. سباش چندر بوس جهڙو باغي سندس ئي قدمن جي نشانن تي هليو ۽ بي بدل وطن دوست تڏهوڪي پير پاڳاري سورهيه بادشاهه ۽ مولانا سنڌيءَ جي انگريز- دشمنيءَ ۾ هڪ جهڙي شدت ۽ مماثلت هئي. سورهيه بادشاهه پير پاڳاري انگريزن آڏو سر جهڪائڻ بدران سر قربان ڪرڻ کي ترجيح ڏني.

    مولانا عبيدالله سنڌي وطن واپس وريو ته هن چند رفيقن کانسواءِ پاڻ کي اڪيلو ڄاتو. اهڙيءَ ريت شيخ عبدالمجيد سنڌي جي پڇاڙي به ائين ئي ٿي. هن کي سنڌي سڏائڻ جو لقب ان وقت مليو، جڏهن پنجاب ۾ هڪ وڏي جلسي ۾ خوابن لهندڙ هڪ وڏي سياسي ۽ نظرياتي مفڪر کي جلسي جي صدارت ڪرڻ ۽ تقرير ڪرڻ کي نه قبوليندي، جلسي ۾ شامل ماڻهن وڏو گوڙ ڪيو. جلسو ڦٽڻ لڳو ته شيخ عبدالمجيد سنڌي شير بڻجي اسٽيج تي نمودار ٿيو ۽ ماڻهن جي هجوم مان آواز اچڻ لڳا ته ”سنڌيءَ کي ٻڌو، سنڌيءَ کي ٻڌو“. جلسي ۾ ٺاپر اچي وئي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تقرير کانپوءِ  باقي جلسي جي ڪارروائي سڪون سان هلي. ان ڏينهن کانپوءِ شيخ عبدالمجيد جي نالي سان گڏ ”سنڌي“ لفظ جو جهڙوڪ لازمي اضافو ٿي ويو.  هن عظيم انسان جو آخري ڏهاڙن ۾ کائنس حافظو موڪلائي ويو تان جو گهران نڪرندو هئو ته گهر موٽڻ جو رستو وسري ويندو هئس. گم ناميءَ ۾ وفات ڪري ويو، ڪنهن کي نه غم ٿيو ۽ نه وري ڏک ٿيو. خلافت تحريڪ جي زماني ۾ جيل ويو هئو ته هندستان جي وڏن وڏن سياستدانن جهڙوڪ سکر جيل جو طواف ڪيو هو ۽ اندر ٻاهر هن جي حق ۾ بلند ڪيل نعرن سان سڄو سکر شهر گونجي اٿيو هو.

    مولانا عبدالواحد سنڌي ذات جو انڍهڙ هيو. اعليٰ تعليم وٺڻ لاءِ سنڌ ڇڏي ويو. سيد ذاڪر حسين جڏهن دهليءَ ۾ ”جامعيه مليه“ قائم ڪئي ته ان ۾ ملازمت ڪيائين ۽ ٻارن جي هاسٽل ۾ نوڪري مليس. شادي سيدن مان ئي ڪيائين، پر جيئن ته هو هندستاني مسلمان نه هئو ۽ ڌاريو هئو، ان ڪري ”سنڌي“ سڏيو ۽ چيو ويو. بي بي سيءَ لنڊن ۾ ڪم ڪندڙ سيد آصف جيلاني سندس ئي پٽ آهي. مرحوم طارق روڊ ڪراچيءَ واري انهيءَ ئي ايراضيءَ ۾ رهندو هو، جتي مان به سندس پاڙيسري هوندو هئس. اسان جون پاڻ ۾ ڏاڍيون ڪچهريون ٿينديون هيون. ڪي ڏينهن گذريا ۽ ڪي مهينا گذريا ۽ هن جي عمر وڌندي وئي ۽ حافظو کائنس موڪلائيندو ويو. مون سان ملڻ لاءِ گهر کان نڪرندو هئو ته ڪڏهن ڪلفٽن وڃي پهچندو هئو ته ڪڏهن ملير ۾. گهر جا ڀاتي پوءِ کيس گهر ۾ بند ڪري ويندا هئا. مان ڪاليج مان موٽي هن سان ملڻ ويندو هئس. سندس گهر وارن ان لاءِ مون کي الڳ ڪنجي ٺهرائي ڏني هئي.

    انهن ٽنهي عظيم انسانن جي پڇاڙي هڪ جهڙي ٿي، جن کي سندن ويجهو اچڻو هئو، اهي کانئن پري ٿي ويا. حافظو هنن کان موڪلائي ويو ۽ گمنائي ۾ هي جهان ڇڏي ويا. جهڙوڪ اسان کان رُسي ڪاوڙجي چوري هليا ويا. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو انت ته مون نه ڏٺو، ليڪن باقي هنن ٻنهي سنڌين جي پڇاڙي منهنجي اکين اڳيان گذري. سندن موت تي مون سمجهي ورتو ته جيڪڏهن سنڌي سڏائڻ تي ايڏي وڏي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي ٿي ته پوءِ سنڌي ٿيڻ ۾ ڪيڏا نه دک درد ڏسڻا پوندا ۽ سور سهڻا پوندا.

    سنڌ ۽ سنڌين کي اهڙا ڏينهن ڏسڻا ئي پوندا. سور سنڌ ۽ سنڌين کان منهن نه موڙيندا ۽ سنڌي ڪنهن سبب ۽ جواز کانسواءِ پاڻ-هرتو پاڻ کي پيا سور ڏيندا ۽ سورن ۾ وجهندا. بي شڪ سنڌ ۽ سنڌين کي دک درد ڌاريا به ڏين ٿا، پر سنڌ ۽ سنڌين کي جيڪو ڇيهو پنهنجن کان مليو آهي، ان جي تلافي ڪرڻ جيڪڏهن ممڪن به آهي ته مشڪل به ضرور آهي.

    ڪٿي آهي سنڌ ۾ قوميت لاءِ گهربل وحدت ۽ محبت؟ ماڻهون جهڙوڪ هڪٻئي جي پيرن ڪڍڻ جي پوئتان آهن. نفرت ڪرڻ ۽ ٻئي کي نقصان ڏيڻ، وير وٺڻ ۽ ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪرڻ اسان سنڌين جي نفسيات بڻجي وئي آهي. اسان گروهن ۾ ورهائجي گروهن کي جنگ جو محاذ بڻائڻ پنهنجو ڪلچر بڻائي چڪا آهيون. اسان مان ڪيترا  ڪنهن نه ڪنهن پير ۽ اميرجو، سياستدان يا هلنديءَ پڄنديءَ واري جو بت بڻائي ان جي پوڄا ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. بس هنڌين ماڳين بت سازي آهي ۽ هر ڪنهن وٽ پوڄا لاءِ پنهنجي مورتي آهي. ڪير چوندو اسان ذهني، فڪري ۽ نظرياتي طور تي آزاد آهيون ۽ پنهنجن کي اهڙي آزادي ڏيڻ لاءِ ڪو تيار آهيون؟ هي سڀ ڪجهه سنڌ ۾ ٿئي ٿو ۽ سنڌين سان ٿئي ٿو. سنڌي ٿيڻ ۽ سنڌي سڏائڻ ڪيڏو نه اوکو ڪم ٿي پيو آهي؟

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 23 December 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ايجها ڪام ڪريجي، جنهن وچ آدم آپ بڻيجي“

    سچل سائين صلاح ڏني ته ”ايجها ڪام ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي.“ الله الله آهي ۽ بندو بندو آهي. بندو خدا ٿي نه ٿو سگهي ۽ خدا بندو ٿي نه ٿو سگهي. پر ديني ۽ روحاني ڪتابن ۾ اچي ٿو ته بندي کي پاڻ ۾ خدا جون صفتون پيدا ڪرڻيون آهن. اها ئي ڳالهه سچل سائين ڪئي ۽ سمجهائي آهي. خدا غفور ۽ رحيم آهي، اهڙيءَ طرح انسان کي ٻين کي معاف ڪرڻ ۽ ٻين تي رحم ڪرڻ گهرجي. الله رزاق، ان ڪري اسان کي به انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جي سار سنڀال لهڻ گهرجي. سچل سائين جو چوڻ آهي ته انسان کي پاڻ ۾ الله جون صفتون پيدا ڪرڻ گهرجن. اهو ئي سندس پيغام آهي.

    سچل سائين جي انهيءَ صلاح کي ٿورو بدلائي، مون پاڻ کي ۽ ٻين کي گذارش ڪئي آهي ته اسان کي ڪجهه اهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي جو جيئن ماڻهو ۽ انسان ۽ ابن آدم هئڻ جي ڪسوٽيءَ تي پورا اچي سگهون. اسان جي معاشري ۾ جنهن ڳالهه جي سخت ضرورت آهي.

    دنيا جي قومن کي ڏسو ۽ هن عظيم سنڌي قوم جي فردن کي ڏسو. قومن جي ماضي، حال ۽ مستقبل کي ڏسو ۽ ان ۾ پنهنجي ڪردار ۽ ڪارنامن جي حصي تي نظر وجهو. معلوم ٿيندو ته ٻي دنيا وڃي چنڊ ستارن تي پهتي آهي، پر اسان وڃون ٿا پٺتي پوندا. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ دنيا اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن جو انسانن جون ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون، پر اهڙيءَ ترقيءَ، اهڙي ڪنهن ڪارنامي، ڪنهن ايجاد يا کوجنا ۾ اسان جو معمولي به ڪردار ڪونهي. موبائيل ۽ انٽرنيٽ جو اسان استعمال ته ڪريون ٿا، پر انهن جا خالق پاڻ ڪو نه آهيون. حالت هيءَ آهي جو جيڪڏهن ڪنهن غير خلاف ڪو به جلسو ٿا ڪريون ۽ ڪاوڙ ۾ جوشيليون تقريرون ڪندي، جيڪڏهن مائيڪ خراب ٿي پئي ٿو ته انهن ڏي ئي کڻي وڃون ٿا ته مائيڪ ٺاهي ڏيو ته اوهان کي ست سريون ٻڌايون.

    پاڻ کي نه قاعدن تي مهارت نه قانون تي دسترس، نه دل کولي پنهنجيءَ يا ٻيءَ ٻوليءَ ۾ اثرائتي انداز ۾ پنهنجا دک درد بيان ڪري سگهون يا حق گهري سگهون، ان ڪري منشي رکي پيا ڪم هلائينداسين يا ٻين جا محتاج ٿي فقط ڪنڌ لوڏي ها ۾ ها ملائينداسين. ان ڪري حاڪم هوندي به محڪوم ٿي ويا آهيون.

    پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن تي اعتبار ئي ڪو نه ايندو. ان ڪري پاڻ تي ڀاڙڻ بدران ڪنهن نه ڪنهن جيئري يا مُئي ماڻهوءَ جا خادم ۽ نوڪر بڻجي وينداسين. بت سازي ۽ بت پرستيءَ کانسواءِ ٻيو ڪم ئي ڪو نه ايندو. پاڻ به غلام بڻجي وينداسين ۽ ٻين کي به غلام بڻائڻ کي پنهنجي دين ايمان جو لازمي جز بڻائي ڇڏينداسين. ائين پنهنجي لاءِ به آزار ته ٻين لاءِ به مصيبت. مجال آهي ڪنهن جي جو اسان جي پير مرشد، وڏيري ننڍيري، سياسي اڳواڻ ۽ رهبر کي پنهنجو هادي ۽ رهبر ڪري نه مڃي يا هن خلاف ڪو لفظ زبان مان ڪڍي! بلاشڪ محبتون ۽ عقيدتون انسانن جو وڙ آهي، پر اهي اسان لاءِ مصيبتون بڻيل آهي. شايد اسان انسانن وانگر محبتون ۽ عقيدتون نه ٿا ڪريون. ڀلا ڪهڙي مجال جو اهو چئجي ته اسان ٻين ماڻهن وانگر انسان نه آهيون. پر هن چوڻ ۾ به وڌاءُ ڪو نه ٿيندو ته اسان به عقيدتن ۽ محبتن ڪرڻ ۾ ماڻهوءَ جي روپ ۽ خوشبوءَ جو احساس ضرور ڏياريون، جيڪو في الحال نظر نه ٿو اچي.

    مهين جي دڙي جي کوٽائي مان ثابت ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ اسان علم-ڌڻي به هئاسين ته قلم-ڌڻي به هئاسين. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا اهڃاڻ انهن کنڊرن ۾ به موجود آهن. پر ان کان پوءِ اسان ڇا ڪيو آهي؟ ڪا طوتري به ڪا نه ٺاهي آهي. هوائي جهاز جا پَرَ به ڪو نه ٺاهي سگهيا آهيون.

    هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ اسان ڪهڙي ڪم ۾ مصروف آهيون؟ ڪارو ڪاري جي رسم کي مذهبي روايتن طور نافذ ڪرڻ ۾؟ هڪ ٻئي جي ٽنگن ڪڍڻ ۾؟ وڻن تا جهيڙا لاهي ٻين جي ڳچين ۾ وجهڻ ۾؟ ذات پات جو زنگ اسان جي نظرين ۽ قدرن کي وڪوڙي ويو آهي. رنگ نسل جو راڄ اسان وٽ ئي هلي ٿو. محبت سان نفرت ڪرڻ ۽ ماڻهپي کي ٻڌي ٻار ۾ اڇلڻ جي ريت اسان وٽ ئي آهي. دين ڌرم کي اسان ئي دلين ۾ ديوار ٺاهڻ جي ڪم آڻيون ٿا. اسان عقل ۾ ايترا ته اڪابر ٿي ويا آهيون جو پاڻ کانسواءِ باقي ماڻهو اسان کي بي وقوف لڳندا آهن. اسان ايترا ته عالم بڻجي ويا آهيون، جو دنيا ۾ جاهلن کانسواءِ ٻيو ڪجهه نظر ئي نه ٿو اچي! دشمنيون ڪرڻ ڪو اسان کان سکي، نفرتون ڪرڻ ڪو اسان جون ڏسي!!

    اها آهي اسان جي سماجي ۽ نظرياتي بيهڪ. انهيءَ صورتحال ۾ ڪو ته هجي جو دانهون به ڪري ۽ صلاح به ڏئي ته ”ايجها عام ڪريجي، جنهن وچ آدم آپ بڻيجي.“ جيڪڏهن گستاخي نه ٿئي ته اهو ضرور پڇڻو پوندو ته اسان ماڻهن کي انسان ٿيڻ ۾ اڃا ڪيترو وقت لڳندو؟

    اڄ سنڌ جيئن واڳن جي ور چڙهيل آهي، صدين کان ڪي مخصوص خاندان ۽ ذاتيون انهيءَ تي حاڪمي ۽ حڪمراني ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ عام ۽ عوام جو نه عمل دخل آهي نه وري ڪوئي مفاد، انهيءَ داخلي ۽ بيروني ڳنڀير صورتحال کي بدلائڻ لاءِ پهريون اسان کي پاڻ بدلائڻو پوندو ۽ ماڻهوءَ مان انسان ٿيڻو پوندو. ڇو ته اسان جنهن ڪم ڪار ۾ لڳا پيا آهيون اها پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻڻ برابر آهي. سنڌ ۽ سنڌين کي جيڏو ۽ جيترو خطرو اسان پاڻ مان آهي ان جيڏو ڪنهن ڌاريءَ قوم يا ڌاري ملڪ مان ڪونهي. هي وقت آهي ته اسان پاڻ سنڀاليون، پنهنجا اختلاف دور ڪريون، هڪٻئي کي معاف ڪيون، اجائي ڳالهين بدران مثبت ڪم ڪريون، جنهن مان پنهنجي خاندان، قوم  ۽ انسانيت کي فائدو ملي. ڪو اسان مان اهڙو ماڻهو ته پيدا ٿيڻ گهرجي جيڪو ڪنهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان، علم ۽ علم جي حوالي سان، مثالي اصولن، قدرن ۽ نظرين جي حوالي سان دنيا جهان ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ۽ اسان جي سڃاڻ ٿي پوي. اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اسان پاڻ کي انسان اشرف المخلوقات طور ثابت ڪنداسين.

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com