Category: COLUMN BY DR. PATHAN

  • امن پيار اتحاد جي، آءٌ ته بڻايون ايجنڊا سائين

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”امن پيار اتحاد جي، آءٌ ته بڻايون ايجنڊا سائين!“

    نئين سال اسان جي ڄمار ۾ تازو پير پاتو آهي. دنيا جهان جي ماڻهن پنهنجي پنهنجي روايتن سان ان جو آڌرڀاءُ ڪيو. ڪن اڌ رات جو اڀ ڏاريندڙ گولين جا ٺڪاءَ ڪڍيا، ته ڪن ماڻهن اهو سوچيو ته نئين سال اچڻ سان هو ڄمار ۾ ته وڏا ٿي ويا، ليڪن عمر مان انهن جو هڪ سال گهٽجي ويو. نئون سال آيو آهي ۽ اهو به ماضيءَ جي هزارها سالن جيان گذري ويندو. پر باشعور قومون اهڙن موقعن تي پنهنجي گذريل سال جي ڪارڪردگيءَ تي نظر وجهنديون آهن ۽ نئين سال جي ايجنڊا مرتب ڪنديون آهن.

    اسان گذريل سال ڪيئن گذاريو؟ هر ڪا ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي ڌر پنهنجي پنهنجي حوالي سان مثبت نتيجن ۽ ڪارنامن جي دعويٰ ڪندي، پر جڏهن اسان اخبارن جا ورق ورائي سنڌ واسين جي اجتماعي ڪاوشن ۽ ڪارنامن جو وچور ٺاهينداسين ته ان ۾ سياسي ڌرين طرفان ڌرڻن ۽ جلوسن، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن طرفان ڪانفرنسن ۽ ڪچهرين، سماجي تنظيمن طرفان سيمينارن ۽ ورڪشاپن جي ڀرمار نظر ايندي. وڏن هوٽلن ۽ هنڌن تي بيٺڪون ۽ چوواٽن تي ڌرڻن مان قوم جا ڪهڙا مسئلا حل ٿيا؟ ڪا بک ۽ بيروزگاري ختم ٿي؟ ڪو ڏاڍ ۽ ڏمر جو خاتمو ٿيو؟ ڪي جهالت جا در بند ٿيا؟ ڪاروڪاريءَ جي روپ ۾ نوجوانن کي مارڻ واريءَ روايت ۾ ڪا ڪمي آئي؟ ڪنهن پير فقير وڃي مريدن معتقدن جا اڱڻ ٻهاريا؟ ڪنهن وڏيري پنهنجي فصل جو وڏو حصو وڃي ڪو غريبن ۾ ورهايو؟ ڪنهن ڪاموري عريضيدارن کي گهر ويٺي سندن عرضن گذارشن جو تدارڪ ڪيو؟ ڪڏهن به نه ۽ ڪٿي به نه! البته شخصيت پرستيءَ جون بي مثال روايتون قائم ٿيون. لاشن تي سياست به جام ٿي ته نظرياتي تبليغ جا واهڙ به وهي هليا. اسلام کان اڳ ڪعبي ۾ شايد ايترا بت نه هوندا. جيترا اسان پنهنجي سنڌ ۾ جوڙي رکيا آهن. هر ڪنهن سياسي ڌر جو پنهنجو بت آهي. ڀلي ته انهن بتن جا قبرن ۾ هڏا به ڳري ويا هجن، پر اهي جنن ۽ ڀوتن جيان اسان جي ذهنن ۾ ائين ته واسو ڪري ويٺا آهن جو انهن خلاف سوچڻ ۽ چوڻ به اسان جا ٻئي جهان خراب ڪري سگهي ٿو.

    منهنجي خيال ۾ اسان جي پوڙهن توڙي جوانن، مردن توڙي عورتن جي وڏيءَ اڪثريت پنهنجو قيمتي وقت فيس بوڪ، لنڪنڊن، گوگل ۽ ڪنهن نه ڪنهن  ٻئي انٽرنيٽ گروپ تي ڏنو هوندو. نه ته اسان مان ڪنهن انٽرنيٽ جو ڪو اهڙو ميڪنيزم تيار ڪيو ۽ نه وري پنهنجي اجتماعي ۽ قومي مسئلن ۽ مونجهارن تي سوچي ڪو مستند ڊاڪيومينٽ جوڙي دنيا جهان جو پنهنجي سورن جي مذڪورن ڏانهن توجهه ڇڪرايو.  اسان ٻوليءَ، تاريخ ۽ ثقافت جي حوالي سان ڪي بين الاقوامي حيثيت ۽ اهميت وارا ادارا ته قائم ڪو نه ڪيا، البته ايڪڙ ٻيڪڙ موجوده ادارن کي غير فعال بڻائڻ يا منڍي مٽ ڪرڻ کي قومي قرض ۽ فرض ڄاڻي ڪات ڪهاڙا تيز ضرور ڪياسين.

    اسان جي ائين اجتماعي ڀينگ ان ڪري ٿي ٿئي جو اسان فرد سازيءَ تي ڪو توجهه نه ٿا ڏيون. اسان مان هر ڪو جهڙوڪ اڌورو ۽ اڻپورو آهي. هر ڪنهن کي پاڻ ٺاهڻ ۽ مڃرائڻ جي ڳڻتي آهي، ليڪن پاڻ سنوارڻ جي ڪانهي. ڪيترا استاد آهن جو دل جي حضور، سچائيءَ ۽ قومي قرض لاهڻ لاءِ اسڪولن ۽ تعليمي ادارن تي پورو وقت ۽ توجهه ڏين ٿا ۽ ٻار پڙهائين ٿا؟ ڪيترا ڊاڪٽر آهن جيڪي پورو وقت سرڪاري اسپتالن کي ڏئي مريضن ۽ سندن دوا درمل جو خيال رکن ٿا؟ اسان مان هرڪو آهي جيڪو چاهي ٿو ته سرڪاري نوڪري ملي. پر جڏهن نوڪري ملي ته ملازمت اسان جا دشمن ڪن. ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. بس فقط مفت ۾ پگهار کڻڻ جو اونو هوندو.

    ڇا اسان جي دانشورن ۽ مدبرن جي اها ايجنڊا ڪانهي ته اسان جي سوچن کي بدلائن ۽ اهو احساس ڏيارين ته ”سرڪاري ملازمت“ ئي زندگيءَ جو مقصد نه هجڻ گهرجي. اها به ته هڪ غلامي آهي ۽ اسان پاڻ ان جا عاشق ڇو ٿي پيا آهيون؟ ڇا هنر، تجارت، واپار، مزدوري ڪي انساني عيب آهن؟ اسان کا ڇو وساريو ويو آهي ته ”پورهيت الله جو يار ٿيندو آهي“  ۽ ”نيچ نوڪري، اتم کيتي ۽ واپار وڌندڙ ٿيندو آهي“.

    ڪاش! هن سال اهو اسان جي ايجنڊا ۾ هجي ته ٻين کي نه به، پر پاڻ کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ کي اوليت ۽ اهميت ڏيون، اسان پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ نفرت ۽ وير کي جڳهه نه ڏيون، ايثار ۽ قرباني ۾  مثال قائم ڪيون. ماروئڙن ۽ سانگيئڙن سان محبتون، نسبتون ۽ رغبتون رکون. معاف ڪرڻ ۽ درگذر ڪرڻ کي شيوه بڻايون. امن ۽ اتحاد قائم ڪيون، ٻين جا پير نه ڪڍون، پر سندن سهارو ٿيون. ڀلي ڪو جهاز يا راڪيٽ نه ٺاهيون، ڪي اڏرندڙ کٽوليون نه ٺاهيون، ڪا سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڪو ڪارنامو سرانجام نه ڏيون، پر پاڻ کي سنواريون.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • قلم ڪياڙيءَ جي وهيو، تون تان ڪٽ نه ڪنڌ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”قلم ڪياڙيءَ جي وهيو، تون تان ڪٽ نه ڪنڌ“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 

    انسان صدين کان وٺي ويساهه-گهاتين جي پلصراط تان پئي گذريو آهي. ڪڏهن پاڻ سان ويساهه-گهاتيون ڪيون اٿس ته ڪڏهن ٻين پئي هن سان ويساهه- گهاتيون ڪيون آهن. بس، هن ائين طلسم جي جهان کي پئي منهن ڏنو آهي. هر ڪنهن سماج جي سرت-وندن ۽ معاشري جي جي مفڪرن انهيءَ صورتحال مان جان ڇڏائڻ لاءِ پئي کيس دڳ ۽ پيچرا ڏسيا آهن.

    ماڻهوءَ کي اهو آٿت، ڀروسو ۽ يقين ڏياريو ويو آهي ته ماضيءَ کان مستقبل تائين، هر ڳالهه جو فيصلو ڪيو ۽ لکيو ويو آهي. ان کي ڪي قسمت چون ٿا ته ڪي مقدر سڏن ٿا. ”مقدر“ جي ڳالهه ۽ تشريح اسان پارن ماڻهن سان ائين ڪئي وئي آهي، جو بي بسيءَ کانسواءِ اسان وٽ چارو بچي ئي ڪو نه ٿو. حالانڪه ”مقدر“ لفظ جو بنياد آهي ”قدر“. قدر ۽ قيمت جو مطلب اهو آهي ته ڪهڙي شئي جو ڪيترو ملهه آهي. منهنجي خيال ۾ ان حوالي سان ”مقدر“ جو مطلب آهي اسان جي سوچن ۽ لوچن، قولن ۽ فعلن جي قيمت. مطلب ته جهڙا عمل هوندا، اهڙا نتيجا نڪرندا ۽ جهڙي سوچ هوندي، اهڙو رنگ لائيندي. ان ڪري انسان پنهنجو مقدر سنوارڻ يا بگاڙڻ جو پاڻ ذميوار آهي. هو پنهنجي سوچن ۽ لوچن جي نتيجن لاءِ ڪنهن ٻئي کي ذميوار بڻائي نه ٿو سگهي. جيڪو سندس ڪُنيءَ ۾ هوندو ۽ پچندو ، اهو ئي سندس پاٽ ۾ پوندو. ڪو ماڻهو دال چاڙهي، اهو بانور ڪري نه ٿو سگهي ته هن جي ٿالهيءَ ۾ ڪڪڙ جون ٻوٽيون ۽ ڪباب پوندو.

    اسان سان ويڌن اها ٿي يا ڪئي وئي ته ”مقدر“ جي معنيٰ ماٺ ڪرڻ، صبر ڪرڻ ۽ قبول ڪرڻ ٻڌائي وئي. چيو ويو ته چپ ڪري ويهي رهو ۽ اکيون ٻوٽي انهيءَ ايجنڊا تي عمل ڪيو، جيڪا اسان لاءِ ڄمڻ کان اڳ والدين ۽ مائٽن جوڙي هئي. ائين انسان جنم ٻين کان وٺي ٿو، نالو ٻين کان وٺي ٿو ۽ پوءِ دين ڌرم کان وٺي ازدواجي ايجنڊا، ذريعه معاش، رهڻي ڪڻي، طور طريقا، قدر ۽ نظريا ورثي ۾ وٺي ٿو ۽ هن کي اکيون ٻوٽي انهيءَ ايجنڊا تي هلڻو آهي. جيڪڏهن منهن ڦيريندو ته باغي سڏيو ويندو. ان لاءِ هن کي ڏوهه يا عمل مطابق سزا ۽ موٽ ملندي.

    فقط اها ئي ايجنڊا هجي ته ماڻهو ڪس ڪسر کائي ڪم هلائي سگهي ٿو. پر ويڌن اها آهي ته هن تي ايجنڊا مٿان ايجنڊا ٿاڦي وڃي ٿي. سياستدانن جي ايجنڊا، عالمن ۽ اديبن جي ايجنڊا، دانشورن جي ايجنڊا، پيرن فقيرن اميرن ۽ وڏيرن جي ايجنڊا، سماجي سڌارڪن جي ايجنڊا، سياستدانن جي ايجنڊا، عملدارن رعيت آزارن جي ايجنڊا، ۽ ٻيون کوڙ ساريون ايجنڊائون.

    حالتون ائين ۽ اهڙيون جڙي پون ٿيون جو انسان پاڻ بچائڻ ۽ ٻين کي راضي رکڻ واري گهاڻي۾ چاڪيءَ جي ڏاند وانگر وهندو رهي ٿو ۽ ڪنهن ٻئي منزل طرف وڃڻ ۽ وڌڻ لاءِ سوچي به نه ٿو سگهجي. انسان اهڙي رستي تي بنهه ائين ٿو هلي جهڙوڪ ميلن جا ميل، بلڪه ساري حياتي هوا ۾ لڏندڙ ڏوريءَ تان گذري ٿو.

    ڇا ههڙي صورتحال اسان کان اها تقاضا نه ٿي ڪري ته انسان کي ڪجهه آزاد ڇڏيو وڃي. هن جو جيڪو ”مقدر“ آهي. ان کي سمجهڻ لاءِ کيس موقعو ڏنو وڃي ۽ سندس انهيءَ مقدر ۾ ڪا ڦيرگهير ڪري، ڪجهه لکي يا ڊاهي وڌيڪ ملاوٽ نه ڪئي وڃي. انسان جي ذهني ۽ فڪري آزادي ئي بهتر ۽ سڀ جي فائدي واري روشن مستقبل جي ضمانت آهي. هن تي ذهني ۽ فڪري بيگر مڙهي وئي ته هو پاڻ ۽ پوري معاشري کي بيگار ڪئمپ بڻائي ڇڏيندو هو. هو ٻين لاءِ ايجنڊا ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ واري ڪرت سان لڳي ويندو ۽ نتيجي ۾ پنهنجي لاءِ ۽ ٻين لاءِ آزار بڻجي ويندو.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • ساهرن سان گڏ، پيڪن سان به کڻي رهائجي

    (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ساهرن سان گڏ، پيڪن سان به کڻي رهائجي“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    انهن حالتن ۾ جڏهن گهر گهر ۾ سياست هجي ۽ هر گهر ۾ سياسي ڌاڙا هجن، اتي جڏهن سياست تي ڳالهائبو ته هزارن ڌڙن ۽ گروپن مان فقط ۽ فقط هڪ اڌ ڌڙو هم خياليءَ سبب خوش ٿيندو، باقي ٻيا وڙهڻ جي حد تائين رسي پوندا. نه فقط ايترو پر جنهن جي حق ۾ ڳالهه ڪبي، اهو به سو في صدي خوش نه ٿيندو ۽ چوندو ته اسان تي ڪلمو ته پڙهيئي پر اهو پورو نه بلڪه اڌورو هئو. انهيءَ صورتحال ۾ ”ڪل پيران دا خير“ سواءِ ٻي ڪا حڪمت عملي جڙي ئي نه ٿي. پر سوچڻ ۽ لوچڻ وارا پوءِ به ڳالهائيندا. ڇو نه پوءِ سندن اندر مان آواز اٿن ته ”جي ٿو ڪڇان، ته پٽجن ٿيون مڇان- جي ٿو ڪريان ماٺ ته پوان ٿو ڪاٺ.“ سنڌ هن وقت سياست جو عجيب گلدستو بڻيل آهي. هتي پرستي ئي پرستي لڳي پئي آهي ان لاءِ اسان وٽ قوم پرست به آهن ته وفاق پرست به آهن. ڪميونزم پرست به آهن ته اسلام پرست به. هر ڪو پنهنجيءَ ڪرت سان لڳو پيو آهي. پر تنقيد ۽ تعريف جو رڪارڊ انهن جو ٺهندو، جيڪي ڪو اقتدار يا اختيار رکي ٿو. جيئن ته هن وقت سنڌ ۾ اقتداري ڌر اها وفاق پرست پارٽي آهي، جيڪا سنڌ- ڄائي ٺاهي ۽ ان جي اڄ به قيادت سنڌ-ڄاوا ڪري رهيا آهن. وفاق کان سواءِ سنڌ ۾ هن ئي پارٽيءَ وڏي عرصي تائين حڪمراني ڪئي آهي. هن پارٽيءَ کي نه فقط ٻين صوبن جي وفاق پرست پارٽين جي مخالفت ملڻي آهي، ليڪن سنڌي نفسيات پٽاندڙ سنڌي سنڌيءَ جي ئي گهڻي مخالفت ڪندو، ان حساب سان هن پارٽيءَ کي اها ”نفسياتي مخالفت“ به ڏسڻي پئي ٿي. سنڌي قوم پرست ڀلي اقتدار ۾ نه هجن، پر انهن جو انگ به ڪو گهٽ ڪونهي. جيئن ته سنڌي قومپرست اکيون ٻوٽي وفاق پرست کي قبول نه ڪندو، ان ڪري اقتدار واري وفاق پرست پارٽيءَ کي قوم پرستن جي مخالفت به سياسي ورثي طور ملندي رهندي. ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ هڪ ئي وقت سنڌي قوم پرست ۽ سنڌي وفاق پرست لاءِ وڏي حريف ۽ چئلينج برابر آهي. ان ڌڙي جي مخالفت به اقتدار واري وفاق پرست پارٽيءَ جو نصيب بڻيل رهندي. سنڌ جا وفاق پرست هجن يا قوم پرست سياستدان يا پارٽيون، اهي اهي سنڌ جي تقسيم يا سنڌ ۾ رهندڙن ماڻهن جي دلين جي تقسيم واري سياست کي رد ئي ڪندا. ڇو ته ان ۾ سندن روشن ضميريءَ، انسان-دوستيءَ ۽ سنڌ-دوستيءَ جو راز سمايل آهي. سنڌ ۾ اقتدار ۾ آيل وفاق پرست پارٽيءَ پنهنجي سياسي حڪمت عملي سان دلين جوڙڻ، همدرديون وٺڻ ۽ حريفن جي ووٽ بئنڪ کي ٽوڙڻ جي بهتر ڪوشش ڪئي آهي. البته ان جي اندروني سنڌ ۾ پنهنجي ووٽ بئنڪ بئلنس کي محفوظ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ منظم ڪوشش ڪرڻي پوندي. قوال امجد فريد جي مارجي وڃڻ واري واقعي کي اقتداري پارٽي سهڻي نموني سان ڪئش ڪيو. قوال جو تعلق ايم ڪيو ايم سان رهيو ۽ ايم ڪيو ايم جي هڪ ڌڙي کان ٻئي ڌڙي طرف سندس قدم کڄيا ئي ڪو نه جو ان کان اڳ هو الله کي پيارو ٿي ويو. هن سان حڪومتي همدرديءَ ۽ مالي سهائتا حڪومت-مخالف ڌرين کي وائڙو ڪري ڇڏيو. لالوکيت عرف لياقت آباد- ياترا اقتداري ڌر جي وڏي سياسي ڪاميابيءَ کان گهٽ ثابت نه ٿيندي. ان سان مخالف ڌر جي ووٽ بئنڪ تي اثر پوندو ۽ ڪن مهاجرن جي سنڌي-مخالفت وارن روين ۾ به مثبت تبديلي ايندي. هي دلين جي تقسيم جو نه پر دلين جوڙڻ وارو ڪم چئي سگهجي ٿو. اهڙين بهتر سياسي حڪمت عملين باوجود اندرون سنڌ جي حوالي سان ڏيئي هيٺان اوندهه جي ڏِکَ ملڻ نه گهرجي. مثال قوال امجد فريد کي ماريو ويو ته ٻئي طرف اندرون سنڌ ۾ سنڌي ڳائڻو الهڏنو خاصخيلي روڊ حادثي ۾ الله کي پيارو ٿي ويو. پنهنجو ۽ پرائو ذهن ۾ نه ٿا رکون. پر جيڪڏهن الله ڪارڻ ڳالهه ڪبي ته الهڏنو هر وجهه کان امجد فريد کا وڌيڪ سگهارو ۽ باصلاحيت ڳائڻو هئو. هر سنڌي فنڪار وانگر هن جي بدقسمتي هيءَ هئي ته کيس ماحول ۽ موقعو نه مليو جو دنيا ۾ پنهنجي فن ۽ صلاحيتن جو ڌاڪو ڄمائي ها. ٻئي ڀلا فنڪار هئا، ليڪن هڪ جي موت تي جهڙوڪ دنيا جهان ۾ ڪانڌپو ڪرايو ويو ۽ ٻئي جي موت بعد ان جي قبر تي ايڪڙ ٻيڪڙ ڏيئا مس ٻاريا ويا. اهو متڀيد چئجي يا حڪمت عملي؟ جيڪڏهن الهڏني خاصخيلي جي موت تي به گهڻيون اکيون آليون ٿين ها ۽ هن سان به امجد قوال جي شهادت جي واقعي وانگر همدريون ۽ مالي سهائتاون ساڳي انداز ۽ نموني سان ٿين ها ته هوند هر سنڌيءَ جي دکي دل ۾ حڪومتي روين جي نتيجي ۾ ڪا محفوظ ۽ مضبوط ڪنڊ جڙڻ لڳي ها. ان ڪري اقتداري ڌر کي اها منزل اڃا ماڻڻي آهي ۽ اهڙيون حڪمت عمليون جوڙڻيون آهن. جن جي نتيجي ۾ عام سنڌي پاڻ کي ٻين جي برابر سمجهڻ لڳي ۽ پنهنجي دل ۾ حڪومت لاءِ ٿڌي جاءِ جوڙي سگهي. انهيءَ طرف گهٽ توجهه ڏيڻ ڪري عام سنڌيءَ جي ذهن ۾ وهم واهيرا ڪرڻ لڳن ٿا، سوچن ۾ تبديليون اچن ٿيون ۽ ووٽ بئنڪ کي ڇيهو رسي ٿو. ڪراچيءَ ۾ ٻه ڏينهن پاڻي نه ٿو ملي ته رڻ ٻري وڃي ۽ هوڏانهن ٿر جي اڪثر حصن ۾ سال جا سال پاڻي نه پهچي ته ڪنهن جي سيانڊري به نه ٿي اڀري. ڪراچيءَ جي روڊن تي ٻه ڏينهن گندو پاڻي بيهي ٿو ته آسمان کي مٿي کنيو ٿو وڃي، پر اندرون سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن جون گهٽيون مهينن جا مهينا گندي پاڻي سان ڀريون پيون آهن، ان ڏانهن ميڊيا يا شهري بابن جو ڌيان نه ٿو وڃي! شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ زمين آسمان جو فرق ٿيندو پيو وڃي. ٻهراڙين ۾ بجلي ڪانهي، روڊ رستا ڪونهن ۽ ماڻهو ٿي رهڻ واريون سهولتون ئي موجود ڪونهن. اها به ته اسان جي اقتداري ڌر يا اقتدار کان ٻاهر واريءَ ڌر جي ايجنڊا ٿيڻ گهرجي. Email: gulhayat2010@gmail.com Website: www.drpathan.com

     
  • رانول تنهنجا رنگ هزار

    توبن جاني! هيءُ جهان

    ”رانول تنهنجا رنگ هزار“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    ملڪي حالتون جيئن گهونگهٽ لاهين ۽ مٽائين ٿيون، جيئن سياست سانڍي جيان رنگ بدلائڻ شروع ڪيا آهن، انهن حالتن ماڻهن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي هر ڪو جهڙوڪ اهڙي انتظار ۾ ويٺو آهي ته اڄ ڪي سڀان ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. اجهو ٿو آسمان ڪري ۽ اجهو ٿي ڌرتي ڦاٽي. ڪي ماڻهو منجهي پيا آهن ۽ ڪي ماڻهو  اکيون ڦاڙي ڪنهن اوچتي تبديليءَ جو انتظار ڪرڻ لڳا آهن.

    پر، جادوءَ جي هن سياسي نگريءَ جا رنگ ئي نرالا آهن. ائين نه ٿيندو، جيئن اسان سوچي رهيا آهيون. ڪنهن پارٽيءَ جون پاڙون ڪو نه پٽبيون، ڪن سياستدانن جي سسي نه وڍي ويندي. بس هي دهمان آهي، ماڻهن کي مشغول رکڻ لاءِ، پنهنجي پنهنجي سياسي چال کيڏڻ لاءِ. عام ماڻهو ته عام ماڻهون جو جاني دشمن ٿي سگهي ٿو،  هڪٻئي کي ڳاري ۽ ماري سگهي ٿو، ليڪن سياستدان سياستدان ئي ٿيندا آهن. ڀلي دنيا وڙهي ڍينگو ڍيري ٿي وڃي، پر سياستدان بلاشبه ڀڀڪين تي ڀڀڪيون ڏيندا. هڪٻئي جي پٽڪن ۾ به هٿ وجهندا، پر هڪٻئي جا جاني دشمن نه ٿيندا. هڪٻئي کي اقتدار کان پري رکڻ جي ضرور ڪوشش ڪندا. ڪجهه ڪنهن جي هٿن مان کسي وٺندا. پر هڪٻئي سان دشمني ڪري، پنهنجي پيري تي ڪهاڙو ڪو نه هڻندا.

    ملڪ ۾ جيڪو وهي واپري رهيو آهي، اها ڪا نئين تبديليءَ جي نويد ڪانهي. پر اهي سياسي دهل ۽ شرنايون آهن، جيڪي اسان ملڪ جي قيام کان ٻڌندا پيا اچون. اهي وڄندا اچن ٿا ۽ وڄندا رهن ٿا. اسان کي اهي ٻڌي نه ته تاڙيون وڄائڻيون آهن ۽ نه وري هنبموشي هڻڻي آهي. ڇو ته اهو ئي ٿيندو جيڪي اقتدار ڌڻي ۽ اقتدار کان ٻاهر سندن ڀائر سوچي رهيا آهن. هيءَ سياسي بازيگري ۽ سياسي جادوگري آهي، جيڪا عوام جي سوچڻ جي نه لوچڻ جي.

    هي حالتن جي تبديلي نه آهي، پر حالتن کي پنهنجي وس ڪرڻ، اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪرڻ يا اقتدار مان ڀاڱي وٺڻ جي بازي آهي. اقتداري ڌر سدائين وتائي فقير جيان اهو چاهيندي آهي ته امڙ سيون پچائي مري وڃي ته مان سموريون سيون کائي وڃان. اهڙيءَ ريت اقتداري ڌر اهو چاهيندي آهي ته اها کائڻ ۽ کارائڻ ۾ ايترو آزاد هجي جو ڪو ٻيو سندس نانءُ ئي نه وٺي.

    پاڪستان جي تاريخ ۾ جڏهن وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏجي افهام تفهيم، ڇڏ ته ڇڏيانءِ ۽ اچو ته واريءَ واٽيءَ سان کائون جو سياسي معاهدو ڪيو، ته ان کانپوءِ ڀلي طوفان اچن ۽ ائين لڳي ته اجهو ٿا ته سياستدان هڪٻئي جا ڄنڊا پٽن، پر اهو فقط دهمان هوندو ۽ ان پٽيان ڪورن ۽ ڀانڊن واري ويڙهه ڪا نه هوندي.

    ملڪ تي ملڪ جڙڻ کان اڳ ۽ پوءِ جيڪي اقتدار ۾ آهن ۽ اقتدار ۾ نه هوندي به اقتدار کان پري نه آهن، انهن کي به انهن جي مفادن کي ۽ انهن جي اقتدار کي ڪو خطرو ڪونهي. بنهه ائين حالتن کي به ڪو خطرو ڪونهي. ها، جيڪڏهن خطرو آهي ته عوام کي، جنهن کي رانولن جي رنگ سالن کان منجهائي رکيو آهي ۽ اڳتي به منجهائي رکندو. اها صورتحال تيستائين رهندي جيستائين عوام ڏاڍي خلوص، عقيدت ۽ محبت سان پنهنجو سيس نمائيندو رهندو ۽ سوچڻ ۽ لوچڻ جي ۽ ڪنهن تبديلي آڻڻ جي ڪوشش نه ڪندو. ان وقت تائين جيڪي سندس حاڪم آهن اهي هن جا حڪمران ئي رهندا، پوءِ جيڪڏهن ”ادي مئي ته ادو ڄمي پوندو“. ماڻهوءَ مٽ ٿيندي، منڍي مٽ ٿيندي پر حالتن جي مٽ نه ٿيندي.

     
  • الطاف جي عافيت پاڪستان ۾ ئي آهي

    تون بن جاني! هيءُ جهان

    ”الطاف جي عافيت پاڪستان ۾ ئي آهي“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    ڳالهه ڪندا آهن ته ڪو مسلمان پنهنجي هندو دوست سان ملڻ ويو. هن ڏٺو ته سندس يار جو ٻار گهر ٻاهران ليٿڙيون پيو پائي. دوست پاڻ ۾ مليا ته پهرين ڳالهه ٻار جي نڪتي. ڪاڪي وڏي اطمينان سان جواب ڏنس ته ”هندوءَ جو ٻار آهي، ڪو نه ڪو مقصد ضرور هوندس. ائين مفت ۾ ليٿڙيون ڪو نه پائيندو.“ سو انهيءَ مصداق ايم ڪيو ايم جي ابي وقت به وقت جي قلابازيون پئي کاڌيون آهن، ڪڏهن سياستدانن کي به گهٽ وڌ ڳالهائي، ڪڏهن حڪمرانن کي پيو اکيون ڏيکاري، ڪڏهن فوجين خلاف پيو ڳالهائي ته ڪڏهن وڏيرن خلاف پيو رڙيون ڪري. سندس هڪ هڪ جملو ۽ واري وٽيءَ سان ائين ڳالهائڻ مقصد ۽ مطلب سان آهي.

    اسان ماڻهو سادڙا ۽ سٻاجهڙا هر ڳالهه کي پنهنجي نفرت ۽ محبتن جي ترازوءَ ۾ توراينداسين. الطاف وڏيرن کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو ته اسان مان ڪيترا هن جي عظمت کي سلام ڪرڻ لاءِ ڪنڌ نمائي ڊاڙ هڻن ٿا.خوش ان ڪري ٿا ٿيون ته وڏيرن اڳيان اسان جي دال نه ٿي ڳري ۽ ٻيو ڪو به انهن خلاف ڳالهائي ٿو ته اسان جون مڇون ڦڙڪڻ لڳن ٿيون. اهڙا رويا ڪنهن جي جملن ۽ بيانن جي سائنسي بنيادن واري تشريح يا معاملي فهمي نه چئبي.

    الطاف جي طوفاني بيان بازيءَ جو وڏو روحاني راز آهي. حقيقت اها آهي ته همراهه برطانيه ۾ مني لانڊري ۽ ٻين ڪيسن ۾ اهڙو ته ٻه ٽنگو ڦاسي پيو آهي، جو اتي رهڻ هن لاءِ ۽ هن جي سياسي ساک پت لاءِ هاڃيڪار ٿي پيو آهي. برطانيه ڪو مسلمانن جو ملڪ ڪونهي، پر انهن جو عدل ۽ انصاف هندستان ۾ به اهڙو هئو جو ماڻهو اڄ به چوندا آهن ته ”انگريز شينهن ٻڪريءَ کي گڏ چاري ويو.“ اڄ به ڪنهن کي انصاف نه ملندو آهي ته چوندا آهن ته ”ڪونهي ڪو ملڪ ۾ راڻو راڻي“. سو الطاف ڀائي انهيءَ راڻي ۽ راڻيءَ جي جي ملڪ ۾ هلڙبازي ڪري عدالتن ۽ اتان جي حڪمراني تي زور بار وجهي پنهنجا من-پسند فيصلا ڪرائي نه ٿو سگهي. اهي ڳالهيون هن لاءِ هتي پاڪستان ۾ نه فقط ممڪن آهن پر آسان به آهن. هن جي پارٽيءَ سالن کان وٺي ڪراچيءَ جو امن امان يرغمال ڪري رکيو آهي. هتي ٽارگيٽ ڪلنگ به آسان آهي ته ٽارچر سيل به موجود آهن. سڀني چواڻيءَ ته هن وٽ هڪ غيرقانوني مگر دهشتگردن جي منظم کيپ موجود آهي. ان ڪري الطاف جيڪڏهن پاڪستان ۾ آيو ته هو پنهنجي جان بچائي سگهي ٿو ۽ وڃائيندر سياسي ساک بحال ڪري سگهي ٿو. ان ڪري همراهه هر هڪ تقرير ۾ آپي کان نڪري وڃي ٿو ته جيئن پاڪستان حڪومت کي چيڙائي، پاڻ ٻڌرائي اچي هتي پڌاري ۽ پوءِ هن جا سورنهن آنا سون جا ٿي وڃن.

    شايد هتان جون سياسي ڌريون به همراهه کي ڄاڻي ويون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن کي ڪاوڙ اچي ٿي ۽ الطاف خلاف سخت بيان ڏئي ٿو. باقي خير!

    الطاف جي دونهان دار بيانن مان هن جي عوام دوستي ۽ وطن سان حب جا پتا پڌرا ٿيندا وڃن ٿا. اها چڱي ڳالهه آهي ته ماڻهن کي خبر پئي ته جن کي پوڄا جي حد تائين چاهيو ٿو وڃي، انهن جا اصلي افعال ۽ پرڪار ڪهڙا آهن؟

    اسان سنڌ واسي ههڙن بيانن ۽ حالتن تي اجائي جهمر نه وجهون. سياست شطرنج جي چال آهي. جن کي اسان قائد، هادي ۽ رهبر چئون ٿا، اهي پاڻ ۾ اصل وڙهيل نه هوندا آهن. اهي پاڻ ۾ رسندا پرچندا به ڪو نه آهن. مڙئي ماڻهن کي وڙهائڻ ۽ بي وقوف ڪرڻ جي هيءَ راند آهي ۽ اها راند انهن اڳواڻن لاءِ نه فقط جائز آهي، بلڪه سندن ذهانت ۽ صلاحيت جي نشاني آهي. ان ڪري پاڻ کي ڪهڙي خبر ته الطاف ۽ سندس قد ڪاٺ وارا پاڪستاني سياستدان ڪڏهن ٿا پاڻ ۾ پرچي پون. هو پرچي پوندا ته به اسان کان ڪو نه پڇندا، ۽ جي سياسي چالبازيءَ ۾ هڪٻئي جي پٽڪي ڊاهڻ جون ڳالهيون ڪندا ته ان ۾ ڪڏهن به هڪ ٻئي تي ناراض نه ٿيندا، ان ڪري اسان ڇو هڪٻئي سان ناراض ٿيون؟ ناراض ٿيڻ بدران اها ڳالهه ذهن ۾ رکون ته همراهه برطانيه ۾ ڪا مفت ۾ جهمر نه ٿو هڻي، پر انهيءَ جهمر جو کيس معاوضو ملي ٿو يا نه؟ اهو حالتن تي ڇڏي سگهجي ٿو.

     
  • ادل سدا آرام ۾، ڀائر پيا ڀٽڪن

    (تون بن جاني! هي جهان)

    ”ادل سدا آرام ۾، ڀائر پيا ڀٽڪن“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    سج ۽ سچائي کاري ۾ لڪائي نه ٿا سگهجن، اهي جتي ڪٿي نظر ايندا. فرق اهو آهي ته ڪٿي اها حقيقت مڃرائڻ لاءِ وڏي مٿاڪٽ ڪرڻي پئي ٿي، ۽ ڪٿي انهيءَ حقيقت جي وڏي واڪ ڳالهه ڪرڻ تي کل لهراڻي پئي ٿي.

    گهر کان وٺي شهر تائين، شهر کان وٺي سنڌ سموريءَ تائين ۽ سنڌ کان ويندي، هر ڪنهن صوبي تائين اها ئي سچائي آهي ۽ اها ئي سج جيان روشن  حقيقت آهي ته وڏو ادو سدائين سک ۽ سڪون ۾ هوندو، پر ٻين ننڍن ڀائرن لاءِ مسئلن جي باهه ٻري پئي هوندي. پر جيئن چوندا آهن ته ”جي ٿو ڪڇان، ته پٽجن ٿيون مڇان. جي ٿو ڪريان ماٺ ته پوان ٿو ڪاٺ.“ انهيءَ مصداق دانهن ۽ آهن کي لڪائڻو پئي ٿو. اڳ چوندا هئا ته ”چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي“، پر هاڻي مظلوم، محڪوم ۽ بي وس ماڻهوءَ کي به ائين ئي ڪرڻو ۽ ڀرڻو پئي ٿو.

    ان ڪري ڪنهن کي مجال آهي جو جزوي يا ڌرائتي حڪمرانيءَ تي احتجاج ڪندي چئي ته ملڪ جي ٽن صوبن ۾ باهه ٿي ٻري ۽ وڏو صوبو بدامني، دهشتگرديءَ ۽ ٻين قهري ڪلورن کان بچيل آهي. انهيءَ صورتحال لاءِ ڪنهن تي ميار نه ٿي رکي سگهجي، پر حڪمرانيءَجي اڍنگي ڏان تي ڪاوڙ ڪرڻ ۽ سوچڻ جو هر ڪنهن کي حق آهي.

    چوندا آهن ته ڪو غريب فقير وڏيري ڏي ويو. فقير ڪنهن وٽ اچڻو نه وڃڻو، سو هن کي ڏسي وڏيرو گل جيان ٽڙي پيو ته نيٺ انهيءَ فقير به هن اڳيان حاضري ڀري. فقير کان پڇيائين ته ”ڪيئن قرب جا قدم ڀري آيا آهيو؟“ فقير وراڻيس ته ”الله جي مٽاسٽا ڪرڻ آيو آهيان. اسان جي الله ته نعوذ بالله اسان جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي ۽ تو وارو الله ته تنهنجا ڀريل مٽ به پيو ٿو ڀري.“ وڏيري کي ڪاوڙجڻ جو موقعو ملي ويو. فقير کي ڇنڊ پٽيندي چيائين ته ”ڪفر ٿو بڪين، الله هڪ آهي. اهو توکي به ٿو ڏئي ته مون کي ٿو ڏئي. ساري جهان کي ڏئي ٿو، جيڪو مڃيس ان کي به ڏئي ۽ جيڪو نه مڃينس، ان کي به ڏئي“. ان تي فقير وراڻيس ته ”سائين!“ اهو ئي ته سمجهائڻ سمجهڻ لاءِ آيو آهيان. جڏهن ڏيڻ وارو سڀني کي ڏئي ٿو ته وچ تي شوداگيري ڪير ٿو ڪري جو هر شئي اوهان ڏي اچي ٿي. ڏيڻ واري جو ڏوهه ڪونهي، وچ تي هيراڦيري ڪير ٿو ڪري. پڪ ئي پڪ اوهان ٿا ڪريو، يا اوهان جا ڀاڙيتا دوست.“

    وڏيري ۽ فقير هڪٻئي جي ڄنڊاپٽ ڪئي يا نه ڪئي، ان سان اسان جو ڪم ڪونهي. اسان جو ڪم انهيءَ ڳالهه جي روحاني راز سان آهي ته ملڪ هڪ، نظريو هڪ ۽ نعرو هڪ. پر صوبن ۾،  ماڻهن ۾، سوچن ۾، لوچن ۾ ۽ صورتحال ۾ زمين آسمان جو فرق موجود اهي. اها ڳالهه فقير وانگر اسان پارن ڪيترن ماڻهن جي سمجهه کان مٿي آهي.

    اڳي عبدالرب نالي هڪ پوليس عملدار ٿي گذريو آهي. هن پوءِ آپ گهات ڪيو هو. هن لاءِ مشهور هئو ته هو اڪثر چوندو هو ته ”مٿي رب ۽ هيٺ عبدالرب.“ وڏو ڪڙڪيدار آفيسر هو. سو اهڙي طرح هاڻي تاريخ عجيب مثال قائم ڪئي آهي ته مرڪز ۽ هڪ صوبي ۾ هڪ ئي پيءُ جي ٻن پٽن جي حڪمراني آهي. هيٺين حڪومت ۾ هڪ ڀاءُ ۽ مٿئين حڪومت ۾ ٻيو ڀاءُ. ڏک جي ڪا ڳالهه ڪونهي. اسان جو جهڙو نظام آهي نتيجا به اهڙا نڪرندا. پر ڏک جي ڳالهه اها آهي ته سمورن صوبن ۾ ڀائر بڻجي عوام جي خدمت ڇو نه ٿي ڪئي وئي؟ ائين ڇو آهي ته ڪٿي اڌ ڪاٺ جو آهي ته اڌ لوهه جو آهي؟ ڪٿي ڪو بااختيار آهي ته ڪٿي جهڙوڪ بي اختيار! ڪٿي امن ۽ امان اختيار سان قائم ڪرايو ٿو وڃي ته ڪٿي وانگار تي!! حالانڪ حڪمران ۽ سياستدان مارشل لائن کان ايترو رت ٿي چڪا آهن جو ”افهام تفهيم“ جي حڪمت عملي طئي ڪري ورتي اٿن. پر ان جو اهو مطلب ته نه ٿيڻ گهرجي ته ”حڪومت ڪيو ۽ حڪومت ڪرڻ ڏيو.“ اهو افهام تفهيم ته پنهنجي اقتدار کي بچاءَ بند ڏيڻ برابر ٿيو. ان ۾ عوام جي شرڪت ۽ عوام جو مفاد ڪٿي آهي؟ حڪمران ۽ سياستدان جيڪڏهن فقط پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ بچاءَ بند ٻڌندا ته پوءِ بي امني ۽ بي روزگاري جي ٻوڏ کان عوام  کي ڪير بچائيندو؟

    جيستائين ننڍن ۽ وڏن ڀائرن واري سوچ ۽ رويا قائم رهندا ۽ جيستائين اقتدار بچائڻ جو اونو رهندو، ان وقت تائين عوام جو ڪو به اوهي واهي ڪو نه لڀندو. ان ڪري روشن مستقبل ۽ بهتر حالتن پيدا ڪرڻ جي تقاضا آهي ته سياستدانن کي ڪو نئون سياسي معاهدو به ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ غربت، افلاس ۽ بدامنيءَ جي خاتمي وارين ڳالهين سان گڏ خانداني ۽ مورثي حڪمرانيءَ ۽ سياست جي خاتمي کي انهيءَ معاهدي جي شرطن ۾ شامل ڪيو وڃي. نه ته ادل سدا آرام ۾ هوندا ۽ ڀائر پيا ڀٽڪندا رهندا. وڏ ڀائپي گهرن ۽ شهرن ۾ ته هلي سگهي ٿي پر ملڪ ۾ هلائڻ سان ملڪ سان ويساهه گهاتي ڪرڻ برابر ٿيندي.

     
  • ڪرسين، عهدن ۽ رتبن سان واڳيل واسطا

    تون بن جاني! هيءُ جهان

    ”ڪرسين، عهدن ۽ رتبن سان واڳيل واسطا“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    چڙهندي سج جو پوڄاري بنهه ڍنڍ جو پکي بڻجي پوندو آهي: ڪڏهن هن ڀر ته ڪڏهن پرينءَ ڀر اسان جي سياسي دنيا جي اها ئي صورتحال آهي. سياست لچڪدار هئڻ سان گڏ اهڙي ته ڦرڻي گهرڻي ٿي پئي آهي، جو جيڪڏهن سياستدان ڦرڻو گهرڻو نه ٿيو ته پوءِ جهڙوڪ سياستدان ئي ڪو نه ٿيو. اصولي سياست ڪيائين ته ڪنهن وڻ جي ڇانوءَ ۾ وڃي وسرام ڪري. سياست ۾ اها ڦير گهير ان وقت عجيب رنگ وٺي بيهندي آهي، جڏهن وڏيرا پنهنجي راڄن ۽ ڀاڳن سميت، پير پنهنجي هزارها مريدن سميت ڪنهن پارٽيءَ ۾ ائين ڌوڪي ڪاهي ايندا آهن، جيئن درياهه دهشت ۾ اچي وسندين ۾ ڪاهي پوندو آهي. هٿ مضبوط ڪرڻ وارو اهو سلسلو تڏهن ختم ٿيندو، جڏهن انهيءَ پارٽيءَ يا ان جي اڳواڻ جي ڀينگ ٿي ويندي. ايوب جي زماني ۾ به ايوب جي هٿن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ شهرن يا شهر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ سندس پارٽيءَ ۾ ڪاهي پيا هئا ۽ هن جي قيادت ۾ دين ايمان رکڻ وارا دهل وڄايا هيائون، پر جڏهن همراهه جي اقتدار جا ڏينهن پڄڻ تي پهتا ته ڪنهن سار به ڪا نه لڌس. مزي جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ ايوب مارشل لا هڻڻ وقت سياستدانن تي جيڪي الزام بهتان هنيان هئا، انهن مان هڪ اهو به هئو ته سياستدان پنهنجي  ڊريس به ايتري تڪڙو تبديل نه ٿا ڪن، جيتريون پارٽيون مٽائين ٿا.

    سياستدانن جا وري هڪڙا آهن ننڍا ڀائر. اهي اڀرندي سج جا پوڄاري هوندا ئي هوندا، پر ٻه رتيون اڳتي وڌي ڪو ”نانءَ- چڙهيو“ اڳيان بيهاري پيا ٻوڪڙ ڪندا ۽ ڏوڪڙ ڪمائيندا. چوندا آهن ته نانءَ چڙهيو“ چور ڦاهيءَ چڙهي ۽ نانءَ چڙهيو واپاري کٽيو کائي.“اسان وٽ وري نانءَ چڙهيا دانشور ۽ مفڪر آهن، جن کان سواءِ ٽي ويءَ جا پروگرام، اخبارن جا صفحا، اجلاسن جون ڪارروايون ۽ سرڪاري دعوتن جا دستر خوان اڌورا ۽ اڻپورا آهن. ان ڪري ڪوٺ انهن کي ٿيندي، دعوت انهن کي ملندي ۽ تقريرون خواهه تحريرون انهن جون ئي هونديون. نظرياتي اڳواڻ اهي ئي آهن، مفڪر ۽ دانشور اهي ئي آهن. باقي جهڙوڪ ڀينگ لڳي پئي آهي. حالانڪ ڀينگ ڪرڻ ۾ انهن جو ئي عمل دخل ۽ ڪردار موجود آهي.

    ذرائع ابلاغ، اخبارن ۽ سرڪاري ادارن کي اهي ماڻهون آسانيءَ سان دستياب ٿي وڃن ٿا. ان کانسواءِ سندن تقرير ۽ تحرير مان ڪنهن کي نافرماني ۽ اختلاف جي بدبوءِ به ڪا نه ٿي اچي. ان ڪري اهي ئي قبول پوڻ جي قابل آهن، ڇو ته انهن ذريعي جو به چاهبو اهو چورائي سگهبو، ڇو ته اهي بنيادي طور تي اهڙا مبلغ آهن، جن جا واسطا ۽ جن جون وفاداريون ڪرسين، عهدن ۽ رتبن سان واڳيل آهن. مکڻ پئي ڀلا انهن جو مٿو ڇو سڙندو؟ پذيرائيءَ ۽ شهرت لاءِ ماڻهو ڇا مان ڇا نه ٿو ڪري؟ هنن کي ته ان لاءِ ڪک ڀڃي به ٻيڻو ڪرڻو نه ٿو پئي.

    هاڻي پنهنجو اهو مقصد هئڻ نه گهرجي ته ويهي ڪنهن جي گلا يا شڪايت ڪريون. پر بهتر تنقيد اها آهي جنهن مان ڪو رستو ملي ۽ دڳ نڪري. هن ۽ ههڙيءَ صورتحال ۾ عوام کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. منهنجي خيال ۾ هاڻي ڪن دوستن کي ويهي اهڙن اڪابرن، عالمن ۽ شاعرن جون لسٽون ٺاهڻ گهرجن، جيڪي هر مرڻي ۽ پرڻي تي هر سرڪار، هر درٻار، هر فنڪشن، اڪثر ٽي وي جي پروگرامن ۾ موجود رهن ٿا، سو به بلاناغي اسان کي اهڙن دانشورن ۽ پنهنجي روايتي سوچ مان جان ڇڏائڻي پوندي. ماڻهن کي اهو بانور ڪرائڻو پوندو ته سرڪاري، درٻاري ۽ گروهي سوچ به هاڻي سامراجي سوچ بڻبي پئي وئي ۽ ماڻهن کي اهو ۽ ايترو سچ ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي ڪي مخصوص گروهه چاهين ٿا. اهو ڪنهن به صورت ۾ سمورو سچ ڪونهي. سچ اهو آهي ته عام ماڻهو سوچن ۽ لوچن ۾ نه ڪنهن کان متاثر ٿئي ۽ نه وري ان جو مطيع ٿئي. پاڻ سوچي ۽ پاڻ لوچي، پر ان سوچ ۽ لوچ جو ٻيو ڇيڙو ڪنهن ڪرسيءَ، درٻار يا سرڪار سان نه ملندو هجي.

  • متان وڙهندي سانهن، لتاڙجن ٻوڙا

    (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”متان وڙهندي سانهن، لتاڙجن ٻوڙا“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    ”نفرت“ ۽ ”اختلاف“ ڪي برا رويا ڪونهن. ظلم سان نفرت نه ڪبي ته ڏاڍ جا ڏونگر ڪو لتاڙي نه سگهندو. اختلاف نه ڪبو ته سوچن ۽ لوچن جو نئيون راهون نه کلنديون. جيڪڏهن نفرت ۽ اختلاف انا ۽ اجائي ضد جو نتيجو آهن ته پوءِ ماڻهپي کي باهه وڪوڙي ويندي ۽ سانهن وڙهندا، نتيجي ۾ ٻوڙا لتاڙجي ويندا. ان ڪري انساني احترام، نظرين ۽ قدرن جي پاسداري کانسواءِ نفرت ۽ اختلاف بي پاڙي ول جيان جيڪڏهن ذهنن کي وڪوڙي ويندو ته وڏي تباهيءَ جو ڪارڻ ٿيندو.

    مان لکندو ۽ چوندو رهيو آهيان ته سنڌ جي سورن جي ڪهاڻي اڃان پڄاڻيءَ تي نه پهتي آهي، ”جيئن ٿڌ تيئن وڌ“ جي مصداق ڌرتيءَ جي دردن ۾ پنهنجن خواهن پراون جي پرڪارن ڪري واڌ ئي ٿيندي رهي آهي. سنڌ کي فروعي مسئلن جي ور چاڙهي، حزب اختلاف ۽ حزب اقتدار جو توجهه عوامي ڀلائي وارن ڪمن کان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان ڪري ماڻهن جي مجبورين ۾ گهربل ڪمي اچي نه سگهي آهي، البته مايوسيءَ کي چوٽ چڙهڻ جو موقعو مليو آهي. بک ۽ بيروزگاريءَ کي اڃا ٻنجو ڪو نه آيو آهي. عوام جون اميدون اڃا پوريون نه ٿيون آهن. عوام ۽ سياستدان کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري، ڪن شاهينگن نادري حڪمن ۽ حڪمت عملين سان سنڌ جي روشن مستقبل ۽ خوشحاليءَ تي ڌاڙا لڳايا آهن. ڪن پارٽين جي ناعاقبت انديش ويڙهاڪ هراول دستن سياسي برتري حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ دهشتگرديءَ ڪاميابي جو راز بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙيءَ  صورتحال ۾ جيڪڏهن سنڌ جا سياستدان، پوءِ اهي اقتدار ۾ هجن يا اختلافي صفن ۾ شمار هجن، کين سنڌ جي عظيم تر مفاد ۾ ائين هلڻ گهرجي، جيئن هو پلصراط تان گذري رهيا هجن، انهن کي جيڪڏهن مسهائپ جو مرض وٺي ويندو ۽ معامله فهميءَ بدران جيڪڏهن مونجهارن جو شڪار ٿي ويندا ته نقصان سنڌ کي ئي ٿيندو.

    خيرپور ۽ سانگهڙ جي ڏکوئيندڙ واقعن کانپوءِ سنڌ ۾ حڪومت مخالف اتحاد قائم ٿيڻ هر ساڃاهه  وند ماڻهوءَ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. ڪي ماڻهو سوچيندا ضرور ته اهو سڀ ڪجهه اصولن، نظرين ۽ قدرن جي پاس خاطريءَ جو نتيجو آهي، يا ڪن خاص مقصدن لاءِ ٿيندڙ نئين ويڙهاند جي شروعات آهي؟ اهو شخصيتن جي عدم پسندي ۽ انا جو روپ آهي يا ڪنهن مثبت تبديليءَ جو اهڃاڻ آهي؟

    اقتدار ۽ اقتدار کان ٻاهر سياستدانن ۾ اصولي اختلاف بهتر حڪمرانيءَ جي ضمانت ۽ عوامي خيرخواهيءَ جو پڙاڏو ٿيندو آهي. پر اهو پڙاڏو جيڪڏهن جنگ جي نادن ۾ تبديل ٿي ويندو ته مصيبت ۾ ماروئڙا ۽ سانگيئڙا اچي ويندا. بي ڏوهي نشانو ٿيندا ۽ پوءِ ڪانون کي لڙ مان مزو ايندو ۽ هار جيت جا نتيجا ڪنهن ٻئي جي جهوليءَ ۾ پوندا. پاڻ تماشبين طور اهو ڏسندا ئي رهجي وينداسين. ان ڪري سنڌ جي صورتحال هر ڪنهن سياستدان کان وطن دوستي ۽ عوام-دوستيءَ واري تدبر جي تقاضا ڪري ٿي. سنڌ اهڙي سياسي ويڙهاند ۽ ڌماچوڪڙي کي برداشت ڪرڻ جي سگهه نه ٿي رکي، جنهن ۾ ان کي يا عوام کي ڇيهو رسي، جنهن ۾ دلين ۽ ذهنن جي تقسيم ٿئي ۽ رت سان ليڪا ڪڍي سنڌ جي سياست جي نئين نموني سان نقش ونگاري ڪئي وڃي.

    هونئين به سياستدان چوندا آهن ته ”عوام ئي اصلي قوت جو سرچشمو آهي.“ ان ڪري جهڙيءَ ريت اقتدار ۾ اچي عوامي ڀلائي جا ڪم نه ڪرڻ گناهه آهي، اهڙي ريت اختلاف ۾ رهي، عوام کي سبز باغ ڏيکارڻ يا انهن کي پنهنجي مقصدن لاءِ مڇرائڻ سياسي ڪلچر نه پر سياسي ڏوهه آهي. ان ڪري حالتن جو اٺ ڪهڙي به پاسي ليٽي، پر عوام جي احترام ۽ عزت مال ۽ جان کي ٻنهي ڌرين مان ڪو خطرو هئڻ نه گهرجي. ائين نه ٿئي جو وڙهن سانهن ۽ لتاڙجن ٻوڙا. هن موڙ تي ٻنهي ڌرين تي واجب ٿئي ٿو ته عوام کي اعتماد ۾ وٺي سموريءَ صورتحال کان آگاهه ڪن، پنهنجي اقتدار يا اختلاف جي حڪمت عمليءَ جي کليل لفظن، دليلن ۽ انگن اکرن سان وضاحت ڪن. پنهنجا مسئلا ۽ مونجهارا عوامي عدالتن ۾ پيش ڪن ۽ نه ڪي ماڻهن جا هجوم لڳائي، انهن کي هڪٻئي جي دوست بڻجڻ بدران دشمن بڻائي ڇڏن.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

  • AWAMI AWAZ, 17th October,2017


    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ


    هي سياسي وايو منڊل، پر ناهي تو لاءِ دنگل
    ڏٺو وائٺو ملڪ 2018ع وارين چونڊن طرف پيو وڃي، ملڪي ۽ بين الاقوامي مفاداتي سياست جي تناظر ۾ چونڊن کان اڳ ٻي ڪا صورتحال به جُڙي سگهي ٿي، في الحال صورتحال سسياسي دنگل جو ڏيک ٿي ڏئي، پر اهو دنگل نه عوام لاءِ آهي ۽ نه وري عوام جو آهي. طويل عرصي کان اقتدار جا گهنگهرو پائي پاڻ نچڻ به ان عوام کي نچائيندڙ ۽ سياست کي بزنس طور ڪم آڻيندڙ ماڻهن جو ئي ملاکڙو آهي.

    هن وقت پوئلڳن جو وڏو انگ پاڻ سان رکندڙ ٽي پارٽيون سياسي ميدان ۾ جهڙوڪ هارپو ڪن ٿيون ۽ پوکي راهي ڪن ٿيون، پنهنجي پوک کي ڀاڻ ۽ پاڻي ڏين ٿيون ته جيئن فصل سٺو ٿئي ۽ اهو هو اليڪشن ۾ کڻي، ڪاسي مان خرار ڪري اقتدار جي ڪرسي وٺي يا خريد ڪري سگهن. ظاهري طور هر ڪو پنهنجي لاءِ مستقبل ظاهري سياسي رستو هموار ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي. پر باطني طور اڃا ٻيو ڪجهه پيو ٿئي، جنهن جو مستقبل جي سياست تي گهرو اثر پوندو پر ان جا ملڪي جاگرافي ۽ ٻين شعبن تي به ڇنڊا پوڻ جو خدشو محسوس ڪري سگهجي ٿو.

    سياست جي ٽه مورتي: پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن)۽ پاڪستان تحريڪ، انصاف جيڪي سياسي پيچ ۽ داءَ هلائي رهي آهي. اهي ملڪي سياسي تاريخ ۾ انوکا به آهن ۽ انهن لاءِ سياسي ماحول به مختلف آهن، اهي ٽئي پارٽيون هڪ ٻئي کي اهڙي نموني سان ڪاٽا ڪرڻ ۾ مگهن ٿي ويون آهن، جن مان عام ماڻهوءَ ۽ اقتدار جي اڻ ڄاتل شوقينن کي اهو تاثر ملي ٿو ته کوڙي کي ئي گهمرو آهي. جت پنهون جا ڀائر آهن، هر ڪنهن پارٽيءَ جهڙوڪ عوام سان ويساهه گهاتي ڪري پنهنجا ڀريا مٽ ڀرڻ جو نه ٽٽڻ وارو رڪارڊ قائم ڪري رکيو آهي. پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) لاءِ اهو تاثر ڏنو ٿو وڃي ۽ تحريڪ انصاف کي ڪنهن اڻ ڏٺي طاقت جي اشارن تي نچڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. جيئن جيئن ۽ جيترو اهو لُڙ وڌندو،ڪانون کي ان ۾ ئي مزو ايندو، حالانڪ اهي ٽئي پارٽيون انهيءَ خدشي کي محسوس به ڪن ٿيون ” پر اڻندو اها، جيڪا ڪوريءَ جي من ۾“ حسرتون، خواهشون ۽ ضرورتون ته هر ڪنهن پارٽي جون آهن، ليڪن سانڊي جيان رنگ بدلائيندڙ سياست جو ڪهڙو رنگ دائمي بڻجي ٿو؟ اهو ڪنهن به پارٽيءَ يا ان جي قيامت جي هٿ وس ڪونهي، ايتري قدر جو چونڊن جي شفافيت ۽ مستند هجڻ به هنن جي اختيار کان ٻاهر هوندو.

    شهيد راڻي بينظير ڀٽو جڏهن پنهنجي ڀاءُ جي شهادت کانپوءِ، بلڪه جڏهن سندس شهيد ڀاءُ جو خون به ڪو نه سڪو هو ۽ هن کي اقتدار تان هٽايو ويو هئو ته سندس خواهش تي منهنجي ساڻس ملاقات ٿي، انهي ملاقات بابت اخبارن ۾ ۽ پنهنجي لکڻين ذريعي ان جا تفصيل رڪارڊ تي آڻي چڪو آهيان، شهيد راڻي جي خواهش هئي ته مان ساڻس کلي طرح ۽ ڪنهن رک رکاءُ کان سواءِ ڳالهايان، ان ڪري هن ڪيترا سوال ڪيا، پر هڪ سوال جي جواب جيءَ جهنجهوڙي وڌو، پڇيائن ته” اسان عوام جي خمدت ڪئي، ، ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو، پر ماڻهو ايترا بي حس ڇو آهن، جو منهنجو بابو شهيد ڪيو ويو ته دلين جون ڌرتيون ڪو نه ڌڏيون، منهنجا ٻه ڳڀرو ڀاءُ شهيد ڪيا ويا ته عوام جي اکين جا آسمان ڪو نه رنا، مون کي اقتدار تان هٽايو ويو ته به سانت ۽ چپ چپات!ايئن ڇو آهي؟ ايتري بي حسي ۽ خاموشي ڇو آهي؟

    مون کيس چيو ته ” جان ۽ عزت جي پناهه ملي ته جواب ڏيان“ چيائين” جيڪو چوڻو اٿئي، وات ڦاڙي چئي ڏئي، مون کي ٻڌڻ وارا ڪن ۽ سمجهڻ وارو دماغ آهي“ مون چيو ته ” مادام !اسان جي معاشري ۾ ڪنهن مائي جو مڙس مري ويندو آهي، يا عورت کي طلاق ڏيندو آهي ته مائٽ سندس ٻئي هنڌ شادي ڪرائيندا آهن ۽ عورت خاموشيءَ سان ان کي قبول ڪندي آهي“ شهيد راڻيءَ چيو ته ” ٻڌان پئي ڳالهاءِ“ مون ڳلهائڻ شروع ڪيو” اسان جي معاشري ۾ عورت کي گهر ۽ ور چونڊڻ جو اختيار ڪونهي ۽ عوام کي پنهنجيءَ مرضي خوشيءَ سان ڪنهنکي اقتدار ۾ آڻڻ جو حق ڪونهي” مون محسوس ڪيو ته شهيد راڻي ڪنهن وڏي سچ يا احمقاڻي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ سنجيده ٿي وئي ۽ مون ڳالهائڻ شروع ڪيو“.

    اسان وٽ اقتدار جي ڪرسي ٺيڪي تي ملندي آهي، چونڊن جو نالو هوندو آهي،ليڪن مامرو اقتدار ٺيڪي تي ڏيندڙن ۽ وٺڻ وارن جي وچ جو هوندو آهي“ شهيد راڻيءَ معنيٰ خيز انداز سان مون ڏي ڏٺو ۽ مون موقعي جو فائدو وٺندي چيو” ميڊم منهنجي نظر ۾ سچ اهو آهي ۽ ايئن ٿيندو آهي، ان ڪري ته تو جيڪا اليڪشن هارائي ۽ نوازشريف جو بيان رڪارڊ تي آهي ته اسان کي ايتري توقع ڪا نه هئي، جهڙوڪ فرشتن اسان کي اچي ووٽ ڏنا آهن“ مون چيو: ” ميڊم ! چونڊون برابر ٿينديون آهن، پر انهن جي نتيجن جي چوري هن ئي ملڪ ۾ ٿيڻ ممڪن هوندي آهي، ميڊم! اوهان ئي ٻڌايو ته هڪ هڪ اڌ چونڊن کان سواءِ باقي چونڊن ۾ ڌانڌلين ٿيڻ جون ڳالهيون ٿيون“ شهيد راڻي مون کي غور سان ڏسندي رهي ۽ مون ڳالهائڻ بند نه ڪيو، ليڪن جاري رکيو:

    ميڊم !ٺيڪيداري نظام ۾ ڪيترين چونڊن ۾ اسان تي حڪمران ٿاڦيا ويا، اسان کي اهي ماڻهو نه ڏنا ويا جن کي اسان چونڊيو هئو، پوءِ منهنجي دل جڏهن نه ٿي مڃي ته حڪمران اسان جا چونڊيل ۽ اسان مان آهن ته انهن مان ڪو آيو يا ويو ته ان سان اسان جو ڇا؟ مائي جو مڙس مري ويندو ته دل سان يا زماني طور ڪجهه ڏينهن روئي چپ ٿي ويندي، ڇو ته کيس خبر آهي ته هن کي وري ڪو نه ڪو ٻيو مڙس ڏنو ويندو. تنهن ڪري ماڻهو ڪنهن اڳواڻ کي اقتدار مان هٽائڻ تي رڻ ڇو ٻارن؟ باقي اوهان جي خاندان جي شهيدن تي ماڻهن پاڻ به ساڙيو ۽ رت به رنو

    آئون اڄ به پنهنجي انهيءَ احمقاڻي راءِ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ڪونهان، ان ڪري هن چوڻ ۾ ڪو به ڊپ يا شڪ ڪو نه ٿو ڪريان، ڀلي اقتدار جي جنگ وڙهندڙ ٽن پارٽين جي اها ٽه مورتي چونڊن لاءِ پوک پوکي، ڀاڻ ۽ پاڻي ڏئي، پر ٻج هنن جو پوکيل نه هوندو، فصل اهو ئي ٿيندو جيڪو ٻج ڇٽيو ويندو ۽ فصل اهو لڻندو ۽ اوترو ئي لڻندو، جيڪي ملڪي ۽ بين الاقوامي حالتن جو وڏيرو چاهيندو، ٽه مورتيءَ جي ڪوشش ملڪي ۽ بين الاقوامي مفادن جي مارڪيٽ ۾ بارگيننگ وارو مرحلو آهي، جيڪو جيترو واڪ ڏيندو ۽ ٽينڊر ۾ وڌيڪ رعايتون آڇيندو، ڪرسيءَ جو فيصلو ان مطابق ٿيندو، هونئن نه ته انهن مان هر ڪو ڄاڻي ٿو ته مينڊيٽ چوري به ٿي سگهي ٿو يا ان تي ڌاڙو به لڳي سگهي ٿو.

    حالتون هن وقت ٽه واٽي تي بيٺيون آهن، راهداري ۽ ايپڪ تي زور ڏيڻ ڪري لڳي ٿو ته مسلم ليگ (ن) مان نوازشريف جو خاندان ٻاهر ٿي وڃي، جيڪڏهن تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي هڪ ٻئي جي ڳچي پڪڙن ٿيون ته ان کي جواز بنائي ڪو ٻيو ڪرسيءَ تي ويهي، هنن کي اقتدار جي حصول واري جنگبندي ڪرائي سگهي ٿو، ٽيون رستو اهو آهي ته چونڊن ذريعي مطلق اڪثريت بدران هر ڪا پارٽي واضح طور تي حڪومت نه ٺاهڻ جيتريون سيٽون کڻي ايوانن ۾ اچي.

    هن وقت اقتداري پارٽيءَ جو مفاد ۽ ضد ان ۾ آهي ته فاٽا کي به ملڪ سان ملائي راهداريءَ کي باقي خطرن کان بچائي سگهجي. دنيا جي وڏي طاقت راهداري تي اجاراداري ٽوڙڻ لاءِ کليءَ طرح ميدان ۾ اقتدار ۾ ويٺل پارٽيءَ تي دٻاءُ وجهي رهي آهي ته وقتي حڪومت ۽ وڏي طاقت وارو مامرو ملڪ تي ڪي ڏکيا ڏينهن به آڻي سگهي ٿو، صورتحال گلن جي سيج وارو ڏيک نه ٿي ڏئي، داخلي طور تي اقتدار ۾ اچڻ لاءِ خاندانن جي وچ ۾ ويڙهاند آهي ۽ خارجي طور تي راهداري ۽ اقتصادي مفادن جي موضوع تي جهيڙو آهي، پر ان کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه هيءَ ۽ آهي ته عوام جي اڪثريت سياست کان غير جانبدار ٿيندي پئي وڃي، جڏهن ته سڀاڻي جيڪو ڪجهه ٿيندو، ان لاءِ ڀوڳڻو عوام کي ئي پوندو، ان ڪري حالتن ۽ عوام جي بي رخيءَ کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هي سياسي وايو منڊل ڪڏهن به ڪنهن به صورت ۾ عوام جو دنگل ۽ عوام لاءِ دنگل ڪو نهي، باهه ٻري ٿي ۽ ان ۾ عوام ئي ڪاٺين وانگر ٻاريو ويندو، ڪاش! عوام سبز باغن جي شوق ۽ فريب ۾ تقسيم نه ٿئي ۽ پنهنجي راءِ پنهنجي مفادن جي روشنيءَ ۾ جوڙِي وٺي.

    AWAMI AWAZ, 17th October,2017

     

     

  • 29 August 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”گهڻن منهنجن غمن تي، رهجان تاريخ تون گواهه “

    اسان جي رنگ برنگي دنيا ۾ ست رنگي سياست جيڪي کيل تماشا ڪيا آهن، انهن تي تاريخ جا ورق صدين تائين روئيندا رهندا. ڇو ته ”ڪنهن ٻوڙي؟ خواجا خضر ٻوڙي“ مصداق اسان پاڻ ئي پنهنجي قوميت جي ٻيڙي ٻوڙڻ ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. جڏهن گهر ٻڌل ڪو نه هئو ته اسان جي عملن جي شامت ڪڏهن نادر کي ڪاهڻ تي آماده ڪيو ته ڪڏهن مدد خان جي لٽن ڦرن اسان کي نيست نابود ڪيو. پنهنجي حڪمرانيءَ جو وارو آيو ته اسان جي حاڪمن هڪ طرف پنهنجن مٽن مائٽن کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي ٻوڙايو ته ٻئي طرف ڌارين جو دلال ٿي شاهه عنايت جهڙي فڪري ۽ نظرياتي شهزادي کي مارايو. انگريزن سنڌ ۾ پير رکڻ جي ڪوشش ڪئي ته وس وارن ۽ اقتدار- ڌڻين هڪٻئي جا پير ڪڍڻ شروع ڪيا. وري جڏهن انگريز آيا ۽ پنهنجو جادو هلايائون ته اسان سنڌي هندو ۽ مسلم ڪئمپن ۾ پاڻ کي ورهائي ويٺاسون. هڪ ٻئي پٺيان ٻه مهاڀاري جنگيون لڳيون ۽ ان جي نتيجي ۾ انگريزن کي جڏهن پنهنجي گهر ڀيڙي ٿيڻ جي ضرورت محسوس ٿي ته اسان جي وڏڙن اهو ڪو نه سوچيو ته فرنگين جيئن ۽ جهڙي بنياد تي ملڪن تي قبضا ڪيا ۽ قومن کي غلام ڪيو، سي تيئن ۽ تهڙي نموني انهن کان ائين آزادي وٺن. پر فيصلو ٿيو ته آزاديءَ سان پنهنجي دين تي هلڻ لاءِ سمورن مسلمانن جي ڀلائي خاطر الڳ ۽ خودمختيار رياستون وٺبيون. پوءِ اڳتي هلي رياستن بدران اهو هڪ گڏيل رياست جو مطالبو بڻجي ويو. اسان ائين صدين کان وٺي ها ۾ ها ملائڻ ۽ پاڻ وڃائڻ کي پنهنجي تدبر جو معراج ڄاڻندا آيا آهيون. ان ڪري اسان جي حالتن جي پاٽ ۾ اهو ئي پوندو رهيو آهي، جيڪو اسان پاڻ پنهنجي سوچن ۽ لوچن جي ڪُنيءَ ۾ وجهندا رهيا آهيون.

    1947ع کانپوءِ جيڪي به حالتون جڙيون آهن، ان ۾ اسان جي مدبرن ۽ مفڪرن جي سهولت ڪاريءَ، ساهتا ۽ سمجهوتي جو ئي وڏو عملي دخل رهيو آهي. ڪراچيءَ شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ کي مرڪز حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ٿي ته وڏڙن ان کي ”محلاتي سياست“ تائين محدود رکيو ۽ ان خلاف عوامي تحريڪ هلائڻ کان پاسو ڪيو. ون يونٽ جو ڳٽ تيار ٿيو ته اسان جي وڏڙن پاڻ ان اڳيان وڃي ڳچيون رکيون. اهڙيءَ ريت هاڻي ايم ڪيو ايم سان رسڻ پرچڻ به اسان جي انهيءَ تاريخي مفلوج تدبر جو پڙاڏو آهي.

    سنڌ ۾ سيد آيا، پٺاڻ آيا ۽ الائي ڪير ڪير آيا. هن نگپال ڌرتيءَ انهن کي پنهنجو ڪيو ۽ پنهنجي تشخص جي رنگ ۾ ريٽو ڪيو. تاريخ جو اهو تسلسل پاڻ-هرتو ٿيندو آهي ۽ آزاد سماج پنهنجي ائين جوڙجڪ ۽ نئين سر تشڪيل ڪندا رهندا آهن. پر جڏهن سماجي ۽ ثقافتي حالتن کي سياسي ڏاڍ يا ڏڍ تي مٽائبو ته ملڪن ۾ ائين ڏڦيڙ پوندو، جيئن اسان جي صوبي ۾ ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو آهي.

    چيو ٿو وڃي ته فلاڻي يا فلاڻي پارٽيءَ کي مينڊيٽ حاصل آهي. پر اهو ڪير نه ٿو ٻڌائي ته مينڊيٽ لٺ يا چٺ جي زور تي ڪو نه حاصل ٿيندو آهي. جڏهن ڊپ يا آسري جي آڌار تي مينڊيٽ حاصل ڪجي ٿو ته اهو مينڊيٽ نه پر قبضو آهي ۽ دوکو آهي. ڪي پارٽيون ڊپ يا آسري جي بنياد تي اهڙي نقلي مينڊيٽ کي ان ڪري پنهنجي سياسي قوت جو سرچشمو ٿيون سمجهن جو ٻيون پارٽيون پنهنجي مفادن ۽ مجبورين سبب اهڙي ڪوڙي مينڊيٽ کي قبول ڪن ٿيون ۽ پنهنجي سياسي ساک، هيئت ۽ حيثيت بچائڻ لاءِ پنهنجن يا پنهنجي عوام جي قاتلن سان ٺاهه ڪرڻ کان به نٿيون ڪيٻائين. انهن جا اهڙا سياسي رويا عوامي اتحاد بدران دليون ورهائڻ جي اصول تي ٻڌل ٿين ٿا. ڇو ته انهن کي اقتدار عزيز آهي ۽ نه ڪي عوام.

    سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي، عوام آهي ۽ انسان آهي ۽ سياسي خواهه سماجي ۽ ثقافتي حوالي سان هڪ ٻئي جهڙو ۽ برابر آهي. پر بدقسمتيءَ سان اسان جي پنهنجن سياستدانن ڪراچيءَ جي حوالي سان لساني بنيادن واريءَ سياست کي قبول ڪري پنهنجي تاريخي مفلوج تدبر کي ورجايو آهي. ان جا نتيجا اهي نڪتا آهن ته هڪ ئي قسم جو آئين ۽ قانون هڪڙن لاءِ هڪڙو ۽ ٻين لاءِ ٻيو! سکر جي ايئرپورٽ تان جي ايم سيد پاڻ پاڪستان جو جهنڊو ڪو نه هٽايو هو، پر غداريءَ جو ڪيس هن تي هليو. الطاف انگلينڊ ۾ ويهي پاڪستان جي خلاف ڳالهايو ۽ ماڻهن کي عوام دشمن حرڪتن ڪرڻ جون هشيون ڏنيون، ان بابت صاف ۽ واضح طور تي سرڪار طرفان  غدار هجڻ جو نه ته اعلان ٿيو  ۽ نه وري ڪٿي ڪو ڪيس ڪيو ويو.

    هيءَ ڪهڙي سياست آهي ته الطاف حسين عرف علي بابا کي الڳ ڪري، باقي چاليهه چورن کي حاجي سمجهي سياسي آکاڙي ۾ متقي ملهه پهلوان طور لاٿو وڃي؟ هي ته ”سٺ نه، پر ٽي ويهان“ وارو کوڙو ٿيو. ڪير دانهن ڪوڪ ڇو نه ٿو ڪري ته جت پنهونءَ جا ڀائر ٿيندا آهن. سياسي مصلحتن کانسواءِ بي شڪ سياست جو هلڻ مشڪل هوندو آهي. پر ”مصلحت“ ۽ ”قومي مفاد“ ۾ به ته ڪو فرق هئڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو فرق نه رکبو ته پوءِ ملزم به ميئر ٿي سگهندا. سياستدانن تي الزام لڳندا آهن ته اهي وزارتون ۽ صدارتون به ڇڏي ويندا آهن، پر سنڌ ۾ الزامن لڳڻ کانپوءِ ماڻهو ميئر ٿين ٿا  يا وڏا عهدا ماڻين ٿا. اسان ڪهڙي تدبر جي تاريخ پيا مرتب ڪيون؟ تاريخ اسان جي ڪهڙين ڪهڙين غلطين جي گواهي پنهنجي سيني ۾ سانڍي اسان تي روئيندي رهندي؟

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com