Category: COLUMN BY DR. PATHAN

  • هي سور، جي ساجن! تنهنجي سماج ۾

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”هي سور، جي ساجن! تنهنجي سماج ۾“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    جڏهن جنت جي شوق ۾ ماڻهن جي حياتي کي دوزخ بڻايو وڃي، جڏهن خدمت جي نالي ۾ ماڻهن کي بي قوف بڻايو وڃي ۽ جڏهن رهبريءَ جي نالي ۾ رهزني ڪئي وڃي، تڏهن سماجي مفڪرن کي وڏي باريڪ بينيءَ سان سوچڻ ۽ لوچڻ گهرجي. اهي ارهه زورايون ۽ ارڏايون جڏهن وڏي پئماني تي نظر اچن ته اهو وساري نه ويهجي ته انهن اوڳڻن عوام جي دلين ۾ به جن وانگر واسو ڪيو آهي.

    جڏهن ههڙي انسان-دشمن صورتحال پيدا ٿئي ته ان جي مذمت ڪرڻ به گهرجي. اسان فقط انهن جي مذمت ڪيون ٿا، جيڪي سياسي، نظرياتي ۽ سماجي افق تي اڳواڻن جي روپ ۾ چنڊ ستارن جي حيثيت ۾ نظر اچن ٿا. پر اهو وساري ويهون ٿا ته انهيءَ وبا اسان کي ۽ عوام کي ڪيتري قدر نرغي ۾ ورتو آهي؟ اسان جي اندر ۾ ڪيترا پير ۽ وڏيرا موجود آهن، جيڪي روزمره جي زندگيءَ ۾ اسان کان به اهي ڪڌا ڪرتوت ڪرائين ٿا، جيڪي اسان جا نام نهاد اڳواڻ ۽ رهبر ديناداستي ۽ دليريءَ سان ڪن ٿا. فرق اهو آهي ته اسان جا اڳواڻ اهو ظاهر ظهور ڪن ٿا ۽ اسان انهن کي عام رواجي عمل طور ڪنهن نظرياتي هٻڪ ۽ رنڊڪ کانسواءِ نه محسوس ڪندڙ انداز سان ڪيون ٿا، صورتحال کي ٻن ٽن لفظن ۾ بيان ڪبو ته ائين چئبو ته ”جهڙو راجا، تهڙي پرجا“، يا ”جهڙا روح تهڙا ختما“. ڪي صفا ڪارا ته ڪي پڇ-ڪارا.”جت پنهونءَ جا ڀائر“هتي استحصالي حالتن ۾ ننڍيرن وڏيرن ۽ غريبن اميرن ۽ پيرن مريدن جا سوچن ۽ لوچن جي حوالي سان فرق ئي مٽجي وڃن ٿا.

    اهڙيءَ صورتحال ۾ ماڻهن ۽ معاشرن ۾ غلطيءَ ۽ گناهه ڪرڻ، لٽڻ ۽ لٽجڻ تي سمجهوتي واري سوچ پيدا ٿي پوندي آهي. ماڻهو ٻئي کي برو ڀلو ڪيئن چوندو، جيڪو پاڻ اهڙي چڪڻ مان چڙهي نه سگهيو آهي؟ اهو ماڻهو ڪيئن حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندو، جيڪو پاڻ مفادن، مطلبن ۽ غرضن جي ور چڙهيل آهي؟ ان ڪري سماجي مفڪرن جو اهو ڪم بڻجي ٿو ته هو ماڻهن جي ذهني ۽ فڪري مطالعو ڪري، ان جي روشنيءَ ۾ مثبت تربيت ڪن ۽ اسان جهڙن ماڻهن جا فڪري خواهه نظرياتي قبلا درست ڪن. جهڙيءَ ريت معاشي ۽ اقتصادي طور تي اسان ماڻهن کي ”مٿئين“، ”وچولي“ ۽ ”هيٺيئن“ طبقن ۾ ورهائيندا آهيون، اهڙيءَ طرح نظرياتي ۽ سماجي طور تي به ماڻهن جي تقسيم ان ريت ئي ٿيندي. ”هيٺيئون طبقو“ نظرياتي هجي، معاشي طور تي هجي يا سماجي طور تي هجي، اهو سادو به آهي ۽ سچو به آهي. هن کي ”مقدر“ جي مهر هڻي هڪ خاص  ۽ مخصوص ايجنڊا تي هلڻ جو پابند رکيو ۽ بڻايو ويو آهي. هن جو نالو، هن جو نظريو، مذهب ۽ قوميت هن لاءِ اڳ ئي مقرر ڪيل هوندا آهن ۽ هن کي انهيءَ دائري مان نڪرڻو ئي ڪو نهي.  هن جي سوچ ۽ لوچ اڳيان ”مقدر“ واري اهڙي ته چين جي ديوار جوڙيل هوندي آهي، جو ان کي هو ٽوڙي ئي نه ٿو سگهي.

    معاشرن ۾ تبديلي آڻڻ ۾ وڏي رڪاوٽ ”وچيئون“ طبقو ٿي  ٿيندو آهي. پوءِ اهو معاشي شعبي جو هجي يا نظرياتي شعبي جو هجي، هن کي ”مٿيئن طبقي“ ۾ شامل ٿيڻ جو خفت ڏوهن، ڊوهن ۽ سمجهوتن جي سمورن پيچرن تان گهمائي ٿو. سندس ڄاڻ سڃاڻ اها هوندي ته ماڻهن کي مجبور ڪندو، عوام جو رت چوسيندو ليڪن سڌو سنئون پنهنجي نالي سان نه پر ڪنهن نه ڪنهن کي ڇپر ۽ ڇانوءَ بڻائيندو، ڪٿي منشي ٿيندو ته ڪٿي ڪمدار ٿيندو، ڪٿي نظرياتي مبلغ ٿيندو ته ڪٿي ڪنهن نظرياتي ڌر جي خلافت ڪندو. زبان هن جي هوندي پر آواز ڪنهن ٻئي جو نڪرندس، ذهن ته هن جو هوندو پر ڪو ٻيو مشين ۽ پرزي طور استعمال ڪندس، سوچ ۽ لوچ ڏٺي وائٺي ته سندس هوندي پر ڪنهن ٻئي جي وڪالت ۽ وضاحت ڪندو، پوءِ اهو ڪو نظريو هجي يا شخصيت. هو ان لاءِ سماج ۾ طالبان ۽ داعش جهڙو ڪردار پيو ادا ڪندو.

     اهو نظرياتي، ذهني، معاشي ۽ اقتصادي وچئون طبقو ئي اسان جي ذهني ۽ فڪري آزاديءَ جو ويري رهيو آهي. انهيءَ ئي اسان جي سماجي حيثيت ۽ حقن تي ڌاڙا هنيا ۽ هڻايا آهن. اسان کي انهيءَ وچئين طبقي جي سوچن ۽ لوچن جا قبلا درست ڪرڻا آهن ۽ سماج جي انهيءَ سور ۽ ناسور کي ختم ڪرڻ جو تدارڪ ڪرڻو آهي. اها اسان جي سماجي مفڪرن لاءِ ايجنڊا آهي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • مَ ڪي روءُ نه رڙ، نه ڪي ڪر دانهون

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”مَ ڪي روءُ نه رڙ، نه ڪي ڪر دانهون

    پنهنجي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ميدانن ۾ قائم ٿيل هڪ هٽين ۽ نانيءَ ويڙهن کي ڏسي، ڪيترن ڏات-ڌڻين تي جهڙوڪ ڏکن جا ڏونگر ڪري پون ٿا. بلاشڪ انهيءَ ڪري جو ڏات کي ڏانوڻ وڌا وڃن ٿا ۽ عوام کي علم، عقل ۽ دانش جو اهو دڳ ڏيکاريو ۽ وٺرايو وڃي ٿو، جيڪو وس وارن جي مرضيءَ مطابق آهي. جڏهن ڪانفرنسن ۾  ڪن خاص ۽ مخصوص ماڻهن کي ور ور ڏئي گهرايو ويندو، جڏهن ٽي وي اسڪرينن کي ساڳين چهرن سان لتاڙيو ويندو، جڏهن اخبارن ۽ رسالن ۾ هڪڙا هڻڻ وارا ۽ ٻيا کڻڻ وارا گروهي ثنا خواني ۽ حريفن جي پٽڪي ڊاهڻ لاءِ قلم کي ڪات ڪهاڙي وانگر تکو ڪيون ويٺا هوندا، ۽ جڏهن ڪي سرڪاري يا درٻاري ادارا جُڙن ۽ ڪاميٽيون ٺهن ته ان ۾ من پسند ماڻهن کي رکيو ۽ ٿاڦيو وڃي ته پوءِ عوام کي اجتماعي ۽ قومي حڪمت ۽ ڏاهپ جا ڏس ڪيئن ملندا ۽ ڇو ملندا؟

    اهڙيءَ صورتحال اسان کي ڏاهپ، دانش ۽ فڪر جي حوالي سان ڏيوالي ڪڍڻ واري نوبت تي آڻي پهچايو آهي. ماڻهن کي جهڙوڪ هٿ-ٺوڪيو ۽ من- پسند سچ ٻڌايو وڃي ٿو ۽ عوام تي اڌورا ۽ اڻپورا عالم، دانشور ۽ مُدبر ٿاڦيا ۽ مسلط ڪيا وڃن ٿا. سچ اهو ڪونهي جيڪو ڪنهن ريڊيو اسٽيشن يا ٽي وي چئنل تان ٻڌو وڃي، اهو به سورنهن آنا سچ ڪونهي جيڪو اسان اخبارن ۽ رسالن ۾ پڙهون ٿا. سچ ته دکي عوام جي چهرن تي لکيل آهي. سچ ته اهو آهي، جيڪو مظلوم ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي چوواٽن تي ٿيل ميڙن ۾ موجود آهي. مصيبتن جا ڪڪر ڏسڻا هجن ته ڪنهن دفتر يا اسپتال جو وڃي در وٺجي. اهو ئي سچ آهي جيڪو سنڌ جي سينڌ ۾ سندُور بدران سور وانگر وڌو وڃي ٿو.

    اسان وٽ  سچ ٻڌائڻ ۽ ونڊڻ، ڏاهپ ورهائڻ ۽ عام ڪرڻ تي جيڪي هڪ هٽيون قائم ٿيل آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪي لائق ۽ فائق ماڻهو نظرانداز ڪيا وڃن ٿا، مسئلو انهن جي نظرانداز ٿيڻ جو نه آهي. بلڪه مسئلو اهو آهي ته استحصال ۽ مسلط پذيريءَ جي انهيءَ مامري کي ڪيئن ۽ ڪيترو وائکو ڪجي ۽ ان جو تدارڪ ڪيئن ڪجي.

    جيڪي ماڻهون اهليت، لياقت ۽ صلاحيت جي ڏڍ بدران پارت، سفارش يا رشوت  جي ذريعي ڪا ڪليدي ڪرسي ماڻن ٿا، انهن کي پنهنجي عيبن لڪائڻ ۽ ڪرسيءَ بچائڻ لاءِ هڪ هٽيءَ ۽ ارهه زورائيءَ جي نظام ۾ ئي پناهه وٺڻي پئي ٿي ۽ ادارتي سياست مان فائدو وٺڻو پئي ٿو. اهي جيڪڏهن باصلاحيت ماڻهن کي پري نه رکندا ته پنهنجا پير پختا ڪري نه سگهندا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان جا ادارا غير فعال بڻجي وڃن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ادارن ۽ تنظيمن جي ڪرسيءَ تي ويٺل ماڻهو عهدي رتبي کي مرڻ مارڻ کانسواءِ ڇڏڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن.

    سنڌ جي ادارن ۽ تنظيمن تي اها صورتحال سالن کان طاري آهي. پر جڏهن باصلاحيت ماڻهو پاڻ کي نظرانداز ٿيندي ڏسي آهون ۽ دانهون ڪرڻ شروع ڪن ته پوءِ عوام جو ڇا ٿيندو؟ باصلاحيت ماڻهن کي ته فقط موقعا نه ٿا ملن، پر عوام کي ته سچ ۽ صداقت، ڏات ۽ ڏاهپ کان محروم رکيو وڃي ٿو. حق ته اهو آهي ته انهن جي حقن جي ڳالهه ڪجي ۽ نه ڪي پنهنجي محرومين ۽ مجبورين جي.

    مون پنهنجي حياتيءَ ۾ اهڙا انوکا ۽ عجيب رنگ ڏٺا آهن. لطيف ۽ سچل جي ڪانفرسن جي موقعن تي مون کي تاڙين وڄائڻ لاءِ دعوت ناما ملندا آهن. ڪن اهم سرڪاري لرينڊ باڊيز جو ميمبر آهيان، پر انهن جي اڪثر گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪو سڏ به ڪو نه ملندو آهي. ٽن چئن سالن کان هڪ اهم ادبي اداري جو  ميمبر آهيان. ڪڏهن ڪنهن شايع ٿيل ڪتاب يا رسالي جي ڀل ۾ به اعزازي ڪاپي ڪا نه ملندي آهي. ڪراچيءَ ۾ جهڙوڪ آرٽس ڪائونسل ۽  ٻين سرڪاري يا درٻاري ادارن سان ورو وري تي آهي. انهن طرفان ذري گهٽ روزانو فنڪشن  ٿين ٿا ۽ ڪانفرسن جو انعقاد ٿئي ٿو. اهي همراهه ته تاڙين وڄائڻ لاءِ به ڪو نه گهرائيندا آهن. اهڙيءَ صورتحال ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪانفرسن ۾ ڪير سڏائيندو ۽ گهرائيندو.

    پر پنهنجا سور پٽڻ سان سنڌ جي ۽ سنڌي عوام جي سورن جي مذڪور ۾ ڪهڙي ڪمي ايندي. مسئلو ماروئڙن جو آهي ۽ آزار نظام جو آهي. عوام تان آزار پوءِ ڪيئن لهندو جو هنن لاءِ ادي مري پئي ته ادو ڄمي پئي. سياست ڏي منهن ڪن ته کين ساڳيا چهرا مٿي ۾ لڳين. ٽي وي  ڏسن ته ساڳيان مهانڊن جو منهن ڏسن، اخبارون ۽ رسالا پڙهن ته انهن ئي ساڳين ماڻهن جا مقالا ۽ مضمون پڙهن ۽ جيڪڏهن ڪانفرنسون ٿين ته هر دفعي ساڳيا ماڻهو ڪن ڪڍي اچي سندن اڳيان بيهن. ڇا اسان انهن مان جند ڇڏائي نه ٿا سگهون؟ ڇا اسان جي نصيب ۾ فقط ۽ فقط روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ ئي لکيل آهي؟

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • جانب! جزوي طور، ڪرين ڪوهه قبول؟

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”جانب! جزوي طور، ڪرين ڪوهه قبول؟

    اڌوري ۽ اڻپوري انسان جي ڄاڻ سڄاڻ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهندي ته هو هر ڳالهه کي، هر انسان کي، تان جو پاڻ کي به اڌورو، اڻپورو ۽ جزوي طور تي قبول ڪندو. هي اهڙو ٻه- دليو انسان آهي، جنهن جا فيصلا، نظريا، قدر ۽ اصول، وقت ۽ حالتن مطابق تبديل ٿيندا رهندا آهن. اهڙي ماڻهوءَ کي اعتبار جوڳو سمجهڻ پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻڻ برابر آهي. اهو اهڙو انڌو هاٿي آهي جيڪو فقط پنهنجي ئي لشڪر جو نقصان ڪندو آهي.

    هاڻي اچو ته ڏسون اسان جي معاشري ۾ ته اهڙا اڌورا ۽ اڻپورا ماڻهون ته ڪو نه آهن؟ ڪنهن کي ڪاوڙ نه لڳي ته سچ اهو آهي ته کوڙيءَ کي ئي گهمرو آهي.  هزارن ۾ ڪو هڪ هوندو جنهن کي ڪامل، بااعتماد ۽ ڀروسي جوڳي وارو چئي سگهجي ٿو. اهڙا ماڻهو آهن، جن جي ڪري اسان جو سماجي چرخو هلي رهيو آهي، پر انهن آڱرين تي ڳڻجڻ جيترن انسانن تي اسان جيڪي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جا پهاڙ ڪيريون ٿا، انهن جو به ڪو حساب ڪونهي.

    مڪمل طور تي قبول ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته انسان کي خوبين سان گڏ خامين سميت قبول ڪيو وڃي. جزوي طور تي قبول ڪرڻ جو مطلب آهي ته جنهن جو نڪ وڻي ته واهه واهه ڪجي ۽ جيڪڏهن اکيون نه وڻن تي اهي ڪڍي ڪانگن کي ڏجن.

    اسان جي انهيءَ نفسياتي مونجهاري قومي وحدت محبت کي ڪاپاري ڌڪ لڳايو آهي. سماج جي ڍانچي کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ سوچ ۽ روين ڪري ڪنهن کي ڪا خبر نه ٿئي پئي ته هن جا دوست بدلجي دشمن ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيندا؟ اسان مان هر ڪنهن کي هميشه پنهنجي خلوص، ايثار، مثبت ۽ بي لوثيءَ تي اوچتي پاڻي ڦرڻ جو ڊپ دامنگير رهي ٿو. اسان مان هر ڪو انهيءَ خوف ۾ ورتل آهي ته اُٺ ڪهڙي ٿو پاسي ليٽي، ان ڪري هر ڪنهن کي تڪڙو تبديل ٿيڻ ۽ منهن ڦيرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم ئي نه ٿو سُجهي. ان ڪري اسان به اڌوري ۽ اڻپوري طور قبول ڪندڙن جي وڏي قطار ۾ ڪلهو هڻي بيهي رهون ٿا.

    ڏک ۽ تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ٻين کي ته ڇڏيو، پر اسان ته پاڻ کي به اڌورو ۽ اڻپورو قبول ڪريون ٿا. ان ڪري اسان جو پاڻ تي به اعتبار ڪونهي. ان ڪري اسان پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن کي نه ٿا سمجهي سگهون ۽ اسان کي اها خبر نه ٿي پئي ته پاڻ ڪهڙي باغ جي موري آهيون. هن صورتحال ۾ اسان صبح جو هڪ فيصلو ڪريون ٿا ته شام جو ٻيو فيصلو ڪريون ٿا. ڪا اهڙي سوچ ڪونهي، ڪو اهڙو نظريو ڪونهي جنهن تي يقين سان پنهنجو ذهن ٽِڪَ ٻڌي بيهي رهي  ۽ ڪا مستقل مزاجي اسان جو تشخص بڻجي سگهي. جهڙوڪه ڪک پن آهيون ۽ حالتن جي هوا جاڏي چاهي تاڏي اڏائي.

    اسان پاڻ کي قبول نه ٿا ڪريون يا اڌورو ۽ اڻپورو قبول ڪريون ٿا ته جهڙوڪ پاڻ سان به دوکو ڪريون ٿا ۽ ٻين سان به فريب ڪريون ٿا. ان ڪري اسان ”انسان خطا جي پتلي“ کي فرشتي جي روپ ۾ ٻين اڳيان آڻڻ گهرون ٿا. جڏهن ته سچائي انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته دوست خواهه دشمن اڳيان اسان اڳ ۾ ئي پنهنجي خامين ۽ خوبين سميت موجود آهيون. پر پاڻ آهيون جو پاڻ کي انهيءَ روپ ۾ مڃڻ، ڏسڻ ۽ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه آهيون. اهو انسان جو پاڻ کي فرشتو سمجهي ٿو، ان جو مطلب هيءُ ٿيو ته هو ٻين کي پاڻ جهڙو فرشتو نه ٿو سمجهي ۽ گهٽ ڄاڻي ٿو. جڏهن ته نه هو پاڻ فرشتو آهي ۽ نه وري ڪو ٻيو فرشتو آهي. ڇو ته انسان انسان آهي، هو نه ته شيطان آهي ۽ نه وري ڪو فرشتو آهي.

    اڌوري ۽ اڻپوري طور تي قبول ڪرڻ جو اهو به مقصد آهي ته اسان سان ڪو هزار چڱايون ڪري، پر جيڪڏهن ڪنهن ڪارڻ هن کان اسان جي ”فرمائشي چڱائي يا مدد“ نه ٿئي ته پوءِ اڳيون چڱايون به وسري وڃن ۽ رونگ ۾ اسان هن جا حريف ۽ مخالف ٿي بيهون. اڌوري ۽ اڻپوري طور قبول ڪرڻ واري کي فقط ۽ فقط پنهنجا مطلب ۽ مقصد، غرضون ۽ لالچون نظر اينديون ۽ هن کي باقي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي: نه علم نه حلم، نه عمر نه جنس، نه محبت نه خلوص. پوءِ ان چوڻ ۾ ڪهڙو وڌاءُ ته اڻپورو ۽ اڌورو قبول ڪرڻو وارو نپٽ اڌو آهي، جيڪو نه پاڻ کي ڏسي ٿو ۽ نه ٻين کي ڏسي سگهي ٿو.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • بره بنا نه بدلجن، هوت ۽ حالتون هي، جانب جوت-نگر جا، ڪجهه تان سياڻو ٿي

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”بره بنا نه بدلجن، هوت ۽ حالتون هي،

    جانب جوت-نگر جا، ڪجهه تان سياڻو ٿي“.

     

    ڪو ڪياڙي کنهندي ۽ اڌ اکيون ٻوٽي جيڪڏهن چوي ٿو ته هو سُکي آهي ۽ هن کي ڪا حيراني ۽ پريشاني ڪانهي، ته هو باقي ماڻهن سان ڪوڙ ٿو ڳالهائي ۽ پاڻ کي ٺڳي ٿو. ڇو ته جيڪو ڄائو آهي ۽ هن دنيا ۾ آيو آهي ته هن لاءِ اڳ ئي گهڻي پِسي پئي آهي. اسان مسلمانن جي چواڻيءَ مطابق قيامت ۾ هر ڪو پلصراط تان گذرندو. بنهه اهڙيءَ طرح دنيا به تلوار کان تکي ۽ وار کان سنهي پلصراط آهي. ماڻهو ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين انهيءَ پلصراط تان گذري ٿو. امير هجي يا غريب، پير هجي يا فقير، حاڪم هجي يا محڪوم، هر ڪنهن جي دردن جا داستان کليا پيا آهن. جهڙوڪ سک، سڪون ۽ چين خواب آهن ۽ ماڻهو ننڊ مان اک کولي ٿو ته سندس سمورا خواب ڪافور ٿي وڃن ٿا. تان جو وري روڄ راڙو، دانهون ۽ ڪوڪون. ڪنهن جو به قلب قراري نه هوندو. ڪا نه ڪا اڻ تڻ هوندي ۽ هر ڪو همراهه انهيءَ هڻ کڻ ۾ مصروف هوندو.

    هنن حالتن ۾ اهڙو حشر ۽ اهڙو حال ٿي وڃي ٿو جو دليون ۽ دماغ باهه جا کورا بڻجيو پون. نفرتن ۽ ڪدورتن، مساهپ ۽ اڳتي وڌڻ واريءَ انهيءَ آگ ۾ سمنڊ به ٽهڪي پون ٿا ۽ بر ٿر شهر به باهه بڻجي پون ٿا. ماڻهو ماڻهوءَ کي ڌڪارڻ لڳي، مارڻ لڳي ٿو ۽ گناهن ڀري زندگي گهارڻ تي سندرو ٻڌي بيهي ٿو.

    پر، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿئي ٿو ته ماڻهو پاڻ سڃاڻڻ ڇڏي ڏئي ٿو. هن کان وسري وڃي ٿو ته هو ڪنهن شئي منجهان جڙيو آهي؟ ۽ هن کي ”انسان“ ڇو ٿو چيو وڃي ۽ انسان ۽ حيوان ۾ به ڪو فرق آهي يا نه؟

    جيڪڏهن انسان مٽيءَ مان جوڙيو ويو آهي ۽ مٽي هن جي فطرت جو بنياد آهي ته پوءِ ڪهڙي قسم جي مٽي ٿئي؟ ڪنهن گٽر جي مٽي ٿئي؟ جا لڳي ته بدن به بدبودار ٿي پئي ۽ ڪپڙا به خراب ٿي پون؟ مِٽي جو ڦوڙهه  بڻجي پئي؟ جو ڪنهن جي مٿي ۾ لڳي ته مٿو ڦاڙي وجهيس؟ دز بڻجي پئي؟ جا اکين ۾ پئي ته ذري گهٽ انڌو ڪري ڇڏي؟ يا ساحلي چيڪي مٽي ٿئي، جنهن تي گهمڻ واري جي پيرن ۾ به لڦون نه پون ۽ نه وري ڪو ان جو بدن يا وڳو خراب ٿئي؟ ان ڪري جيڪڏهن ماڻهو مٽيءَ جي پيداوار آهي ته پوءِ انسان کي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته هو ڪهڙي مٽي ٿيندو؟

    اسان ”ماڻهو“ چئون يا ”انسان“، جهڙي سٺ تهڙي ٿي ويهان مصداق ڳالهه ساڳي آهي. سنڌيءَ ۾ چئون ”ماڻهو“ ۽ عربيءَ ۾ چئون ”انسان“. لغت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته عربي لفظن جو بنياد ٽن حرفن وارو لفظ ٿيندو آهي. انهيءَ حساب سان جيڪڏهن ”انسان“ لفظ مان ٽه حرفي بنيادي لفظ ڳولهينداسين ته اهو ٿيندو ”انس“. اعرابن جي ٿوري ڦيرگهيرڪبي ته ”انس“ جي معنيٰ ٿيندي، پيار ۽ محبت. هن مان اهو مطلب وٺي سگهجي ٿو ته انسان جو جهڙوڪ بنياد ئي انس آهي ۽ انس ناهي ته انسان حيوان آهي ۽ نفرت جو ڀنڊار آهي. انسان ۽ شيطان جو به بنيادي فرق هي آهي ته شيطان انسان سان متڀيد ڪيو ۽ هن سان نفرت ڪئي ته مٽيءَ مان جوڙيل انسان کي سجدو ڇو ڪري؟

    لڳي ٿو ته هاڻي اسان پنهنجو انس وارو بڻ بڻياد وساري، نفرت ۽ متڀيد تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا آهيون. ماڻهو ماڻهن جهڙا، کائين پيئن ۽ اٿن ويهن ساڳئي طرح پر هڪڙن کي هيچ ڄاڻون ۽ ٻين جا پير ڌوئي پيئون. اسان هر انسان جي ساخت ۽ هيئت کي صفا وساري ويهون ٿا ۽ سمجهون ٿا ته خدا تعاليٰ اسان کي پاڻ ويهي پنهنجي هٿن سان ٺاهيو آهي ۽ ٻين کي ٺيڪي تي ٺهرايو آهي.

    ان جي بدران، پر جيڪڏهن اسان مان هر ڪو پاڻ کي سڃاڻي ته پنهنجي ڌڻيءَ کي به سڃاڻي سگهي ۽ ڌڻيءَ جي بندن کي به سڃاڻي وڃي. پوءِ ئي ماڻهوءَ کي خبر پئي ته هو نوري به ناهي ۽ ناري به ناهي. هن کي پنهنجي مفادن، تعصب ۽ متڀيد جي باهه ۾ جلڻو ڪونهي، بلڪه محبت، ايثار ۽ وفا جي جوت بڻجي جلڻو ۽ هلڻو آهي ته جيئن حالتن جي اونداهن رستن مان پاڻ به صحيح دڳ سان هلي ۽ ٻين کي به انهيءَ روشني مان رستي ڏسڻ ۽ ڳولهڻ جو موقعو ملي.

    هن ماڳ ۽ منزل ماڻڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ڪو پاڻ کي هادي يا رهبر نه ڄاڻي، علم جو اڪابر ۽ باقي ماڻهن کان پاڻ کي معتبر نه ڄاڻي، بلڪه ”جت پنهونءَ جا ڀائر“ مصداق سمجهي ته هو به اهڙوئي انسان آهي جهڙا ٻيا انسان آهن. ذاتين پاتين رنگن نسلن جو فرق پاڻ ٺڳڻ ۽ ٻين کي ٺڳڻ جو طريقو آهي. اميري ۽غريبي اچڻيون وڃڻيون آهن. فقط محبت ئي ماڻهپو آهي ۽ انهيءَ ماڻهپي کي وڃائڻ يا وسارڻ سان ئي معاشرا مصيبتن ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. اسان بنهه انهن ۽ اهڙين حالتن مان گذري ويا آهيون. درد لا علاج ڪونهي. فقط دلين ۾ انسان دوستيءَ کي جاءِ ڏيڻي آهي ۽ لاکيڻي لطيف وانگر ”جيها جي تيها، مون مارون مڃيا“. کي قول ۽ فعل سان قبول ڪرڻو آهي ۽ ٻين کي معاف ڪرڻو آهي، ٻين جا عيب ڍڪڻا آهن ۽ پنهنجن جي خوبين کي وڏي واڪ دنيا کي ٻڌائڻو آهي. محبت بڻجڻو آهي ۽ محبت کي ونڊڻو ورهائڻو آهي. ان لاءِ ته آئون عرض ڪريان ٿو ته ”بره بنا نه بدلجن، هوت ۽ حالتون هي، جانب جوت-نگر جا، ڪجهه تان سياڻو ٿي“.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • نئون دور ۽ نوان يزيد

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”نئون دور ۽ نوان يزيد

    هر دور ۾ ڏاڍ ۽ ڏمر، ظلم ۽ تشدد جا طريقا ۽ نمونا ته بدلبا رهندا آهن، ليڪن روايتون ساڳيون ئي برقرار رهنديون آهن. اسان مسلمانن جي تاريخ ۾ محسن-ڪشيءَ جا ڇرڪائيندڙ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا هاڻي جهڙوڪ روايتن جو روپ وٺي چڪا آهن. تاريخ جي ورقن ۾ اچي ٿو ته اڙين جي آڌار ۽ نبين جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ کي به زهر ڏنو ويو ته جيئن سندن حياتي کي نقصان ڏنو وڃي. زهر ته ڏنو ويو، ليڪن دشمن جون مرادون خاڪ ۾ ملي ويون. چئن خليفن مان ٽن کي شهيد ڪيو ويو. نبي ڪريم ﷺ جن جي ڏوهٽن کي شهيد ڪيو ويو. اسان مسلمانن جي تاريخ ائين محسنن کي مارڻ جو اهڙو رڪارڊ قائم ڪيو آهي، جيڪو ائين ۽ اهڙيءَ ريت ٻين مذهبن جي تاريخ ۾ گهٽ نظر ايندو. اسان انهيءَ حقيقت کي ثابت ڪري چڪا آهيون ته مسلمانن کي جيترو خطرو مسلمانن کان رهيو آهي ۽ جيترو نقصان مسلمان مسلمان کي ڏنو آهي، اوترو ڪنهن ٻئي ڪو نه ڏنو آهي. مسلمانن ۾ هر دور ۾ يزيد پيدا ٿيندو رهيو آهي، پر هر نئين دور جي نئين يزيد جا طريقا الڳ ۽ نوان ٿين ٿا.

    اسان جي ملڪ ۾ جيڪي سياسي يزيد پيدا ٿيا آهن، انهن مان هر نئين يزيد جا انسان ۽ انسانيت- دشمن رويا اڳئين کان اڳرا ۽ اگرا رهيا آهن. مثال طور ڪراچيءَ جي حوالي سان اسان ڪيتريون ئي لونءَ-ڪانڊاريندڙ ڳالهيون پئي ٻڌيون آهن: سنڌي ٻوليءَ واري بل خلاف هتي هنگامن ۾ معصوم ماڻهن کي گجرن وانگر وڍيو ويو. ٻورين ۾ بند لاشن جون روايتون هن ئي شهر کان شروع ٿيون. ٽارچر سيل قائم ٿيڻ جو رواج هتي ئي پيو. نياڻين جي سينن تي تتل لوهه سان نشان هتي ئي  ڏنا ويا. ٽارگيٽ ڪلنگ جو ڪلچر هتي ئي پيدا ٿيو، اهي ڪرتوت ڪنهن غير مسلم، ڪنهن اسرائيلي يا ڪنهن ڌاريئي ملڪ جي ماڻهن ڪو نه ڪيا. ليڪن پاڻ کي مسلمان سڏائيندڙ ۽ پاڻ کي پاڪستان ٺاهيندڙن طور پڏائيندڙ ماڻهن جا اهي ڪم ڪيا، جيڪي هاڻي وقت جي نزاڪت ڪري چپ آهن. وري جي حالتن جي بارش پئي ته ممڪن آهي ته اهي برساتي ڏيڏر ٻيهر پنهنجي ٻرن مان ٻاهر  نڪري اچن.

    ڪجهه ڏينهن ٿيندا جو ڪراچيءَ جي عزيز آباد مان اهڙو ۽ ايترو اسلحو بارود ڳولهي لڌو اٿن، جيڪو ماڻهن بدران ملڪن وٽ هجڻ گهرجي. اسلحي جي فقط اها هڪ کاڻ نه هوندي، ڇو ته سڀني کي خبر آهي ته اسلحي بارود جا الائي ڪيترا ڪنٽينر جيڪي افغانستان لاءِ آندا ويا هئا، سي ڪراچيءَ ۾ رستا وڃائي ڪن مخصوص ڪالونين ۾ گم ٿي ويا ۽ کين ڌرتي ڳهي وئي!

    اهو سڀ ڪجهه سنڌ کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ لاءِ ئي ته ڪيو پئي ويو. سنڌ جن ننڌڻڪن کي پناهه ڏني هئي، انهن مان ئي ڪي سنڌ جا اهڙيءَ ريت ويري ٿي پيا. اهو سڀ ڪجهه اچانڪ ڪو نه ٿيو آهي. ان جو پسمنظر آهي، ان جا سبب آهن ۽ ان جو ڪارڻ آهي. ڪتابن جي پاڙهو ماڻهن کي خبر آهي ته ڪانگريسي اڳواڻن پنهنجي قول ۽ فعل سان ۽ ڪتابن ۾ لکي اڳڪٿيون ڪيون هيون ته پاڪستان اڄ نه ختم ٿيو ته سڀاڻي ضرور ختم  ٿيندو. اهي ڪي پير فقير وليءَ ڪو نه هئا جو کين ايندڙ دور جي خبر ٿي پئي. ها، البته انهن کي اها خبر ضرور هئي ته هو ڏتڙيل ۽ مظلوم مسلمانن پناهگيرن سان گڏ اهڙن ماڻهن کي به موڪلي رهيا آهن، جيڪي پاڪستان ۾ وڃي ڏڦيڙ وجهندا.

    مورڙئي واري ڪراچي اسان جي اڳئين وڏي نسل سواري ۽ دل تان لاهي ڇڏي. ڪراچيءَ کي نئين ملڪ  جي گاديءَ جو هنڌ بڻائڻ، ڪراچيءَ کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ، ڪراچيءَ کي ڪمشنر جي اختيار ۾ رکڻ جو مطالبو، ڪراچي کي هندن کان پاڪ ڪرڻ، ڪراچيءَ کي چونڊن لاءِ مخصوص ماڻهن لاءِ ڪانسٽيٽوٽنسي بڻائڻ، اهو سڀ ڪجهه هڪ وڏيءَ سازش جو تسلسل هئو، جنهن جي منطقي  صورت سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ هيو. لاشن جون ٻوريون، ٽاگيٽ ڪلنگس، ٽارچر سيل انهيءَ منصوبي کي هٿي وٺرائڻ جا حيلا وسيلا هئا ۽ بارود گڏ ڪرڻ انهيءَ سلسلي جي ڪڙي هئي.

    نئين يزيديت جي هن هڪ روپ ظاهر ٿيڻ تي اسان کي خوش ٿي هنبوشيون هڻڻ نه گهرجن. ڇو ته اسان کي ڪنهن وڏي ڪارڻ ۽ مقصد لاءِ اهو روپ ڏيکاريو پيو وڃي. جڏهن ته نئين يزيديت اڃا پنهنجي سمورن روپن رنگن سان قائم ۽ دائم آهي، پر اسان جي اکين کان اوجهل آهي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • هي تان ڏس هوش سان، هلي ڪيئن جهان

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”هي تان ڏس هوش سان، هلي ڪيئن جهان

    اهي به ڏينهن هئا جڏهن اڃا مهين جو دڙو به تباهه نه ٿيو هو. سنڌ ملڪ سکيو ۽ ستابو هئو. ثقافتي ۽ سماجي طور تي هڪ مثال هئو، عدل ۽ انصاف، امن ۽ خوشحاليءَ جو گهنوارو هئو ۽ ڏيساور ۾ نه فقط ان جي واپار جي هاڪ هئي، ليڪن ناماچار به هئو. صديون گذريون آهن، سنڌ ته ساڳي آهي، سنڌي قوم به آهي، پر ايترو ته پوئتي پئجي وئي آهي جو يقين نه ٿو ٿئي.

    ٻيا ملڪ آهن ۽ ٻيون قومون آهن جو وڃي چنڊ تي پهتيون آهن. اسان آهيون جو ڪا توتري به ڪو نه ٺاهي سگهيا آهيون. ان قوم جنهن دنيا کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا سبق ڏنا، سا اڄ ڪاپي ڪري ڊگري وٺڻ لاءِ آتي آهي. دنيا ۾ ڪي ملڪ آهن جو سڄيءَ دنيا تي جهڙوڪ  حڪمراني ڪن ٿا، سيٽلائيٽ ۽ ٻين ذريعن سان گهر ويٺي دنيا کي ڏسن ٿا. بنا پائليٽ جهاز جوڙي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن چاهين ته ڪنهن ماڳ مڪان کي اک ڇنڀ ۾ نيست ۽ نابود ڪري سگهن ٿا. اهڙن ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان ڪٿي آهيون؟ ۽ اسان ڇا پيا ڪريون؟

    فخر سان چئون ٿا ته اسان سنڌي قوم آهيون، پر ڪي پنهنجو اصل نسل عربن ۾ تلاش ڪن ٿا، ته ڪي اوڀر طرف منهن ڪري بيهن ٿا، اسان مان ڪيترا جهڙوڪ راضي ئي نه آهن ته پنهنجي ماضيءَ جو رشتو هن ڌرتيءَ سان جوڙن. اسان ڪهڙي قوم آهيون جو کائون ته سنڌ جو، پر ڳايون ڪنهن ٻئي ملڪ يا نظريئي جو. ڇا اسان دنيا کي ڪو نظريو ڏئي نه ٿا سگهون؟ ڇا اسان سنڌين جو ڪو نظرياتي تشخص ئي ڪونهي؟ سچ پچ ته اڄوڪي دور جي اسان سنڌين فقط سنڌي سڏائڻ کي قومي قرض لاهڻ جو واحد ۽ آخري فرض ڄاتو آهي. جڏهن ته اسان ۾ قوم سڏائڻ وارو ڪو به لڇڻ نظر نه ٿو اچي. اها خود-فريبيءَ واري صورتحال ان ڪري پيدا ٿي آهي جو اسان قوم ته ڇا، پر فرد به بڻجي نه سگهيا آهيون. اسان ۾ علم ۽ عالم سان دشمني، نفرت سان محبت، مطلب پرستي سان لڳاءُ جيءَ ۾ جايون ڪري ويٺا آهن. اسان غيرن جي غلامي ته قبول ڪنداسين، پر پنهنجن کي ڀر ۾ به بيهڻ نه ڏينداسين. برابريءَ ۽ همسري اسان جي سوچن ۽ لوچن مان نڪري وئي آهي. ان ڪري اسان جي معاشري ۾ ڪٿي رنگ نسل جو راڄ ٿو هلي ته، ڪٿي ذاتين پاتين جو ظلم ۽ جبر ٿو هلي. زال مڙس جي ٻانهي آهي، ٻار والدين جا خادم آهن، هتي روحانيت جي نالي ۾ پيرن ۽ فقيرن جا راڄ آهن، غربت ۽ افلاس ڪري ماڻهن جون سوچون ۽ لوچن وڏيرن جون جاگيرون بڻجي چڪيون آهن. هتي، اسان جي معاشري ۾ جيڪڏهن عملدار رعيت آزار نه ٿئي، جيڪڏهن ويڄ عوام جو رت نه چوسي ۽ جيڪڏهن ماڻهو ماڻهوءَ جو ويري نه ٿئي، جيڪڏهن ٻه اکر پڙهي ڪو سازشون ۽ مخالفون نه ڪري ته پوءِ ڏاهو، عاقل ۽ بالغ سنڌي ڪيئن سڏائيندو؟

    نانگن وير وٺڻ وساري ڇڏيو، پر اسان ڪنهن کي به معاف نه ٿا ڪريون. اسان جي انا پرستي ايترو ته ڪنڌ تي چڙهي وئي آهي جو عزت ۽ محبت، ايثار ۽ وفاداري جاڳڻ اسان لاءِ بي ڪار ۽ بي سود بڻجي ويا آهيون. هي ڪهڙا مامرا ۽ مسئلا آهن، جن اسان کان ماڻهو ٿيڻ، قوم ٿيڻ ۽ دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ کان ڪوهين ڏور رکيو آهي.

    هيءَ اسان جي ڪهڙي سنڌ آهي، جنهن جي گهر گهر ۾ اختلاف آهي؟ شهر شهر ۾ وڳوڙ آهي؟ دلين ۾ ڪدورت آهي، ذهنن ۾ خلل آهي ۽ زبانن ۾ زهر آهي؟ هي اسان جا ڪهڙا افعال آهن جو ڌرتي پنهنجي پيرن هيٺان کسڪندي پئي وڃي. اهي اسان جون ڪهڙيون خطائون آهن، جن ڪري ڌرتيءَ تان اسان کان مالڪاڻا حق کسبا پيا وڃن؟ حالتن اسان کي ڪهڙيءَ سزا جي ڏوهه ۾ غيرن جي پيرن ڌوئي پيئڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو آهي. هي سنڌ جي عظيم قوم کي ڇا ٿيو آهي ۽ ڇو ٿيو آهي؟

    سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي هن دور ۾ اسان ڪٿي آهيون؟ اسان نفرتن ۽ دشمنن جي ڪهڙي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي هٿي ڏئي رهيا آهيون؟ اسان کي هوش ڪڏهن ايندو؟ اسان دنيا ۽ پنهنجي ڀيٽ ڪڏهن ڪنداسين؟ اسان پنهنجي ماضيءَ ۽ حال جي فرق کي ڪڏهن محسوس ڪنداسين؟

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • تون تان اڌ کان مٿي آهين ڪائنات

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”تون تان اڌ کان مٿي آهين ڪائنات “

    اهو سچ آهي ته قومن جي مقدر بدلائڻ ۽ سنوارڻ ۾ دانشورن ۽ مدبرن جو وڏو عمل دخل ٿيندو آهي، پر سورنهن آنا سچ هيءُ آهي ته انهن مدبرن، مفڪرن ۽ دانشورن کان وڌيڪ عمل دخل عورت-ذات جو ٿئي ٿو، جنهن کي اسان اڌ-ڪائنات چئون ٿا. جڏهن ته اڌ ڪائنات کان به مٿي آهي.

    قومون خوشحال آهن يا خوشحاليءَ طرف وڌي رهيون آهن، انهيءَ ڳالهه جو اندازو هن مان لڳائي سگهبو آهي ته انهن معاشرن ۾ عورت ذات ڪهڙي حيثيت ۽ رتبي آهي ۽ عورتون ذهني خواهه فڪري طور تي ڪهڙي ڏاڪي تي بيٺيون آهن.

    سنڌي معاشري ۾ عورت پنهنجي هر روپ سان آزار ۾ آهي. نياڻي آهي ته کين ”ست قرآن“ به سمجهنداسين، پر ڪنهن ڏانهن اک کڻي ڏٺائين يا دل جي ڳالهه مڃيائين ته پوءِ ڪاري ڪري ماري ويندي. عورت-ذات لاءِ اسان جا رايا ۽ اسان جون سوچون منافقيءَ تي ٻڌل آهن. چئون ٿا ته نياڻي آهي ته اکين جو ٺار آهي، ڊاڙ هڻون ٿا ته ڀيڻ آهي ته لڄ ۽ حياءَ جو روپ آهي، زال آهي ته دک سک جو ساٿي آهي، ماءُ آهي ته سندن پيرن هيٺان جنت آهي. پر اسان جي مرد-معاشري ۾ اهي فقط ڳالهيون آهن. ڪيڏي نه کل جهڙي ڳالهه آهي ته سهڻيءَ کي ٻوڙي ماريوسين، سسئي کي رولي ماريوسين ۽ مومل کي ساڙي ماريوسين ۽ پوءِ ان ڏينهن کان اڄوڪي ڏينهن تائين، بلڪه قيامت تائين انهن لاءِ روئيندا پٽيندا رهنداسين ۽ کين عظيم آدرش ۽ مثال ڪردار جي روپ ۾ ياد ڪندا رهنداسين، جنهن معاشري ۾ عورت ذات سان ائين ۽ اهڙيءَ منافقي سان هلبو، ۽ پنهنجي اڌ-ڪائنات تي قهر ۽ ڪِيس ڪبا رهبا ته پوءِ معاشري جو بدلجڻ ۽ سڌرجڻ ناممڪن ئي ٿيندو. اسان وٽ ائين ئي ٿي رهيو آهي.

    مردن، عورت-ذات سان ائين پئي ڪيو آهي، پر ڏسڻ ۽ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ مظلوم طبقي اهڙيءَ غلاميءَ مان نجات پائڻ لاءِ پاڻ ڇا ڪيو آهي؟ ههڙن سورن جي مذڪورن باوجود ٻهراڙيءَ جي عورت گهر کان ٻني ٻاري تائين اقتصادي واڌاري لاءِ مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري ٿي. اسان جي اهڙي عورت-ذات جي اقتصادي ڪارج ۽ سماجي خدمتن جو ڏوڪڙن ۽ مالي معاوضي جي حوالي سان اڃا اسان جي اقتصادي ماهرن ڪاٿو ڪو نه هنيو آهي. اهڙيءَ ريت شهري عورتن ملازمت، واپار، تجارت، ثقافت ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ پير پائي خاندان جي اقتصادي مسئلن کي ڪلهو ڏنو آهي ۽ پنهنجي سماجي حيثيت به مڃرائڻ شروع ڪئي آهي. ان ڪري اسان جي ٻهراڙيءَ ۽ شهري عورت پاڻ کي اڪارتي هجڻ کان بچائي ورتو آهي. ٻنهي هنڌن تي هوءَ اقتصادي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

    هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته پنهنجي حيثيت جي اهڙي نموني سان ساک ڏيڻ باوجود اسان جي سنڌي عورت عزت ۽ جان بچائڻ ۾ ڇو آتي آهي؟ انهيءَ مسئلي تي مرد کان وڌيڪ عورت ذات کي ئي ڏسڻ سوچڻ گهرجي. ڇو ته علم ۾ اضافو ۽ روشن خياليءَ ۾ اڳڀرائپ اچڻ باوجود عورتن تي نت نوان عذاب، دک ۽ درد نازل ٿيندا رهن ٿا.

    چوندا آهن ته ماءُ جي گود انسان جو پهريون درسگاهه آهي. اهو درسگاهه جيڪڏهن غير فعال بڻجي ويو يا ان کي ”گوسٽ درسگاهه“ بڻايو ويو ته پوءِ هر پيدا ٿيندڙ مرد پنهنجي هر روپ ۽ رشتي ۾ وحشي، مطلب پرست ۽ درندو ٿي وڏو ٿيندو. ڀاءُ ٿيو ته ڀيڻ کي ڪاري مارڻ ۾ هن کي قياس نه ٿيندو. ڀاءُ  ٿيندو ته ظلم ۽ زيادتي ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو، تان جو پيءُ ٿيندو ته به ڌيءَ هن جي ڏمر ڏاڍ کان مشڪل سان ئي بچي سگهندي. ان ڪري عورت ذات کي جيڪڏهن پاڻ بچائڻو آهي ۽ معاشري کي بچائڻو آهي ته پنهنجي گود کي هڪ ”مثالي درسگاهه“بڻائڻو آهي. ان ۾ ئي سڀني جو فائدو آهي ۽ ان مان ئي اسان جي سوچن لوچن کي مثبت موڙ ملندو.

    عورت فقط ۽ فقط ماءُ جو روپ ڪونهي. ٻهراڙين کان وٺي شهرن تائين اسان جون کوڙ ساريون عورتون زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ غير شادي شدو روپ ۾ ڪم ڪن ٿيون. اسان جي عورت-ذات جي هن حصي کي اڃا به وڌيڪ مثالي ٿيڻو آهي. ڇو ته هي طبقو مرد تي تڪڙو ۽ ترت اثر وجهي ٿو، ۽ ان بابت مرد جو مشاهدو سموري عورت-ذات لاءِ ڪنهن نه ڪنهن نظريي کي جنم ڏئي ٿو. انهيءَ طبقي کي روايتن جي قيد مان آزادي ماڻي گهٽي، دفتر ۽ ارادي ۾ پهچڻ کان پوءِ اهڙن دقيانوسي قدرن ۽ نظرن مان به پاڻ کي آزاد ڪرڻو آهي، جيڪي کيس چالبازيءَ سان قيد رکڻ لاءِ جوڙيا ۽ مڙهيا ويا آهن. هن موڙ تي معاشري کي ”مرد معاشري“ يا ”عورت معاشري“ قائم ڪرڻ بدران انساني ۽ برابريءَ واري معاشري ۽ ماحول قائم ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ آهن. ائين ئي عورت ذات ٻن گروهن کي هڪ قوم ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن عورت هن موڙ تي ڪوڙي انا خوديءَ، معاملي فهميءَ بدران هوڏ کان ڪم ورتو ۽ قدرين، نظرين ۽ اصولن کي مردن لاءِ الڳ ۽ عورتن لاءِ الڳ سمجهيو ۽ قبول ڪيو ته ان مان اسان جي اهڙي عورت ذات جو تشخص ۽ ڪردار اڀري نه بيهندو، ويترصورتحال مونجهاري جو شڪار ٿيندي. وقت جي تقاضا آهي ته عورت ذات پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ماءُ جي روپ ۾ پنهنجي گود کي مثالي درسگاهه بڻائي ۽ ٻين روپن ۾ مثالي خواهي آدرشي انسان وارو ڪردار ادا ڪري. ان ۾ ئي عورت ذات جي ڀلائي آهي ۽ ان ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • ملڪي سياست ۾ سلطاني گواهن جو ڪلچر

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ملڪي سياست ۾ سلطاني گواهن جو ڪلچر“

     

    مصطفيٰ ڪمال جي سياسي قلابازي ملڪي سياست ۾ ڪو پهريون يا آخري واقعو ڪونهي، سلطاني گواهن جو اهو ڪلچر گهڻي وقت کان وٺي ملڪي سياست تي پڪي رنگ جيان اثرانداز ٿيڻ لڳو آهي. قدآور شخصيتون نوازشريف کي ڇڏي ويون، پيپلزپارٽيءَ کان پري ٿي ويون ۽ ايم ڪيو ايم کان الڳ ٿي رهيون آهن. اهڙين تبديلين جا ڪي ته ڪارڻ آهن، ڪا ته  پلاننگ آهي ۽ ڪنهن مخفي ڌر جا ان ۾ مفاد ٿي سگهن ٿا. ڪنهن سبب کان سواءِ نالي وارا سياستدان ڪک پن جيان چري نه ٿا سگهن. ڪو سندن اندر جو يا ٻاهر جو طوفان آهي، جنهن جي تيز هوا کين ائين چوري پوري ٿي.

    ايم ڪيو ايم ڪنهن جوڙي؟ ڪيئن جڙي؟ ۽ هن پارٽيءَ جي اڳواڻن غربت کان محلاتن طرف ڪيئن هجرت ڪئي؟ توٻرن ۾ بند لاشن ۽ لاشن جي سياست جي انهن ابتدا ڪئي يا ٻين ڪئي؟ انهن اهم ۽  گنڀير سوالن جا جواب هر ڪنهن دل ۽ دماغ ۾ موجود آهن.

    ايم ڪيو ايم جي ماضي قريب جي سياست، الطاف ۽ سندس ويجهن ساٿين تي ڪيسن جا ڪڙا، سگهارين ڌرين طرفان نائن زيرو تي ڇاپو، صولت مرزا طرفان رازن تان پردو کڻڻ، الطاف جو ملڪي آرميءَ تي ڪاوڙجڻ ۽ ڪاوڙجي معافي وٺڻ، سنڌ کي ورهائڻ جا مطالبا اهڙا واقعا آهن، جن مان ايم ڪيو ايم جي ماضي، حال مستقبل جو عڪس چٽي سگهجي ٿو.

    ايم ڪيو ايم تي لڳي ٿو اهو ئي نسخو استعمال ٿيڻ شروع ٿيو آهي، جيڪو سنڌ جي قومپرست سياسي قوت تي ڪم آندو ويو. جيئن سنڌ جي قومپرست قوت پنجن مان پندرهن ٿيڻ لڳي آهي ۽ ان ۾ پنهنجن يا پراون تقسيم در تقسيم جو ٻج ڇٽيو. ائين هاڻي ايم ڪيو ايم به ساڳيءَ ريت ورهائجڻ ۽ تقسيم ٿيڻ واري مرحلي مان گذاري ويندي.

    جيئن چوندا آهن ته ”لڳي ڀاڳ ته وڌي واڙي“، انهيءَ مصداق جيڪڏهن ڪنهن پارٽيءَ جو ڀلي ڀاڳ نه هجي، پر اها عوام جي مفاد ۾ آهي ته عوام دشمن قوتن ۾ ٽوٽ ۽ ڦوٽ اچي.

    ايم ڪيو ايم ۾ ڦوٽ پئي ٿي ته ان مان سنڌ جي سياست تي به اثر پوندا. اردو ڳالهائيندڙ سنڌ دوست ماڻهن  کي موقعو ملي سگهي ٿو ته اهي ڪنهن آمرانه انداز تي هلندڙ پارٽيءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاهي، پنهنجي انهن سنڌي ڀائرن جي ويجهو وڃن، جن جي وڏڙن سندن وڏڙن کي انهيءَ وقت جيءَ ۾ جايون ڏنيون، جيڪي ورهاڱي کانپوءِ بي گهر ٿي سنڌ ۽ سنڌيءَ جي در تي پهتا. مهاجرن جو اهو مجبور طبقو آزاديءَ سان سنڌ ۽ ملڪي سياست ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي لائق ٿي ويندو. ان مان سنڌ جي اهڙن ماڻهن کي سنڌ دوست اردو ڳالهائيندڙن جي ويجهي وڃڻ جو موقعو ملندو، جن جي ذهنن ۽ زبانن تي ڪن ٻين اثرن جا بار رکيا ويا آهن.

    مصطفيٰ ڪمال پنهنجي محسنن کان ناراض ٿيو آهي، ان جا کوڙ سارا اندروني ۽ بيروني، داخلي ۽ خارجي سبب هوندا. هو ايم ڪيو ايم کان الڳ ٿي ڀلي وڃي پنهنجي پارٽي ٺاهي. پر ڪن ڳالهين تي سوچڻ، ناراض ٿيڻ ۽ نئين راءِ قائم ڪرڻ جو حق ۽ موقعو اسان کي به ملڻ گهرجي. مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم ۽ ان جي باني اڳواڻ لاءِ وڏيون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ انهن جي غلط ڪارين ۾ ملوث ماڻهن جي پڻ نشاندهي ڪئي آهي.

    اهي ڳالهيون اسان کان وسرڻ نه گهرجن. اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته ٻليون ست ڪئا کائي حج تي ڇو وينديون آهن ۽ اسان انهن کي حاجاڻيون ڇو ڪري مڃيندا آهيون. مصطفيٰ ڪمال جي چواڻي ايم ڪيو ايم ۽ ان جي بانيءَ سالن جا سال قومي گناهه ڪيا ۽ غداري جو مرتڪب ٿيا. انهيءَ ڪم ۽ عمل ۾ ان وقت تائين مصطفيٰ ڪمال به شامل رهيو، جيستائين انهن کان الڳ نه ٿيو. ڇا اسان جا حڪمران، ۽ اسان جا ضمير ان تي ڪو پاڻمرادو نوٽيس وٺي نه ٿا سگهن؟ هي ڪٿان جو انصاف آهي ته سلطاني گواهه جو داغدار ماضي اک ڇنڀ ۾ پاڪ ۽ صاف بڻجي ۽ وڃي ۽ وڏين شاهدين ثابتين ملڻ کانپوءِ به انسان دشمن ۽ قومي غدارن جو وار به ونگو نه ٿئي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • ماڻهو مَٽجن ڪو نه، مٽجي سگهن من

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني ! هيءَ جهان)

    ”ماڻهو مَٽجن ڪو نه، مٽجي سگهن من“

    پاڻ جن حالتن مان گذري رهيا آهيون، انهن تي اسان مان ڪو به خوش ته ڪونهي، پر خاموش هر ڪو آهي. خوش هجڻ يا نه هجڻ سان انفرادي طور تي ذهني ۽ فڪري جهنجهوڙ ته ٿئي ٿي، پر خاموش رهڻ سان ان جا منفي اثر سموري سماج ۽ ان جي فردن تي پون ٿا. جيئن چرئي کي ڳڙ چٽائي ڪلهي تي ڪاٺ کڻايو ويندو آهي، تيئن اسان کي احمق بڻائڻ لاءِ اهو بانور ڪرايو ويو آهي ته ”خاموشي“ ۽ ”صبر“ ماڻهپي جون بنيادي خوبيون آهن. ڪن ڳالهين ۾ برابر ”خاموشي“ ۽ ”صبر“ وڏي حڪمت ۽ دانائيءَ جا ڳڻ بڻجي پون ٿا، پر سماجي ۽ سياسي حوالي سان اڪثر ڪري ”خاموشي“ ۽ ”صبر“ ڪبيرا گناهه بڻجي پوندا آهن. فرد واحد تي ڪو زيادتي ڪري، ظلم ڪري يا ڏاڍ ڪري، ان تي ”صبر“ڪرڻ اعليٰ ۽ افضل عمل آهي، پر اجتماعي ۽ قومي ظلم زيادتي کي ڏسي خاموش ٿيڻ ۽ صبر ڪرڻ قومي غداريءَ کانپوءِ ٻيو وڏو قومي ۽ سماجي ڏوهه ٿئي ٿي.

    استحصال ۽ پرماريت کي جڏهن عام ماڻهو سمجهڻ لڳو ته ان جي خالقن، مالڪن ۽ وارثن استحصال ۽ پرماريت کي مضبوط طريقي پير کپائڻ لاءِ نوان رنگ ۽ ڍنگ ڏنا ۽ نوان ويس پهرايا. ان لاءِ غلط تشريحن جو ڏڍ ۽ سهارو وٺڻ جو آغاز ٿيو. ”خاموشيءَ“ ۽ ”صبر“ جي به غلط تشريح ۽ تبليغ انهيءَ سلسلي جي ڪڙي بڻجي وئي.

    چور چوري ڪري ۽ گهر ٻُهاري ۽ انهيءَ ڪارروائيءَ دوران ڀاڳيا جاڳي پون ۽ چور جيڪڏهن انهن کي رب جي رضا، خاموشيءَ ۽ صبر جي تلقين ڪري ته اها چور جي بدنيتي ۽ ڀاڳين جي بي وقوفي چئجي. اهڙيءَ ريت قومي ذريعن، وسيلن ۽ موقعن جي لُٽَ ٿيندي رهي ۽ اهڙي ڀينگ ڏسي خاموشي کي ”صبر ۽ تحمل“ جو نالو ڏئي چپ ڪري ويهبو ته اها قومي ۽ اجتماعي آپگهات ٿي پوندي. اڄ ڪلهه جو بين الاقوامي استحصالي سياسي نظام جي ڇانوءَ ۾ اسان کي تصوف جي تند تنوارڻ ۽ صوفي ٿيڻ واري نشي جي گوري کارائي وڃي ٿي، ان جو به اهو ئي ڪارڻ آهي ته اسان اکيون ٻوٽي ۽ زبان تي تالو هڻي ويهي رهون ۽ لٽيرا پنهنجي من ماني ڪندا رهن. نه فقط ايترو پر اسان تصوف جي اصلي ۽ سچي تشريح وساري ويهون، جيڪا مخدوم بلاول، شاهه عنايت، لطيف ۽ سچل پنهنجي قول ۽ فعل سان ڪئي هئي. خيرپور رياست ۾ جڏهن مذهبي رواداريءَ بدران مذهبي جنون پروان چڙهيو ۽ حڪمرانن مذهب کي سياست ۽ حڪمرانيءَ کان الڳ رکڻ وارو ڪم ڪندي، مذهبي مداخلت نه ڪئي ته سچل جهڙا انسان پيدا ٿيا، جن ملان واري مذهب ۽ اسلام واري مذهب ۾ فرق ظاهر ڪري ڏيکاريو ۽ ملان واري مذهب جي شديد مخالفت ڪري مذهبي اقليتن جي حقن ۽ خدشن جي ترجماني ڪئي. لطيف سائين ماڻهن کي گنديءَ حڪمرانيءَ جي بدبوءِ محسوس ڪرائڻ لاءِ حڪمرانن کي ماڻهو بڻائڻ ۽ ماڻهن کي انسان ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي. شاهه عنايت تصوف جي علم ۽ عمل کي تلوار ۽ سر ڏيڻ جي صورت ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو. مخدوم بلاول سرگهاڻي ۾ ڏئي اهو درس ڏنو ته جابر ۽ ظالم حڪمرانن دين کي دلين جوڙڻ بدران سسيون لڻڻ لاءِ ئي ڪم آڻيندا آهن. اسان جي انهن امر ۽ عظيم صوفين اهو ۽ اهڙو ”صبر“ ۽ اهڙي ”خاموشي“ اختيار نه ڪئي، جنهن جون سُتيون اڄڪلهه اسان کي پياريون وڃن ٿيون. هنن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته علم ۽ عمل، قلم ۽ سر تصوف ۾ هڪ ئي شئي جا مختلف نالا ۽ روپ آهن. اهي الڳ ناهن، پر هڪٻئي جو اٽوٽ انگ ۽ حصو آهن.

    اسان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي دکن دردن ۽ مصيبتن ۽ مجبورين باوجود زندهه قوم آهيون. ڪلاشنڪوفن جون گوليون ۽ اغوائون به اسان کي خاموش ڪري نه سگهيون، هيروئن ۽ هشيش به اسان جي مت منجهائي نه سگهيون. وڏيرن، ننڍيرن يا اصلي نقلي پيرن جون حڪمت عمليون به اسان جا ذهني دڳ روڪي اسان کي ”صابرين“ بڻائي نه سگهيون. اهو ئي سبب جو جيڪڏهن ڪو عملدار رعيت آزار بڻجي پوندو آهي ته اسان خاموش ٿي نه ويهندا آهيون.  جيڪڏهن استاد برادريءَ جو ڪو حصو تعليمي ادارن ۽ ٻارن پڙهائڻ کان لنوائيندو آهي ته اسان انهن گوسڙو گهوسٽ استادن خلاف قلم ۽ عمل کي ڪات ڪهاڙو بڻائي ڇڏيندا آهيون. جيڪڏهن ڊاڪٽر اسپتالن جي عوامي ۽ سرڪاري وقت ۾ غائب رهندا آهن ته اسان ”هاريا ويڄ مياس، ترس نه رکين تر جو“ نغمو آلاپڻ لڳندا آهيون. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن ڪو قلم ڌڻي، صحافي ۽ اديب درٻاري ۽ سرڪاري ٿي پوندو آهي ته اسان جو قلم جنبش ۾ اچي ويندو آهي.

    اسان جي اهڙي بي صبري، بي قراري ۽ عدم خاموشي ئي اسان جي اجتماعي زندهه رهڻ جي سگهه آهي، پر هڪ اڃان به اهڙي خاموشي باقي آهي، جنهن اسان جي ماڻهپي واري رنگ تي زنگ چاڙهڻ شروع ڪيو آهي ۽ اڏوهيءَ وانگر وڃي پئي رشتن ناتن، روين اندازن ۽ نسبتن رغبتن کي کائيندي. اسان هڪ ٻئي کي موٽ نه ٿا ڏيون. اسان هڪٻئي جي دلين جي دانهن ڪوڪ  ڪو نه ٿا ٻڌون، اسان اکين مان وهندڙ آب ڏسي به خاموش ٿي وڃون ٿا. اسان دوستيءَ، خلوص ۽ ماڻهپي کي ڪا موٽ نه ٿا ڏيون. اسان خاموش آهيون، بنهه ڀتين ۽ ديوارن وانگر. ان ڪري ڪنهن سوال جو جواب نه ٿا ڏيون ۽ ڪنهن رابطي يا عرض کي اهميت نه ٿا ڏيون. اسان ويجهو هوندي به هڪٻئي کان پري آهيون ۽ دور آهيون ۽ مجبور آهيون. اسان نه ته پاڻ مٽائي سگهون ٿا ۽ نه ماڻهو مَٽائي سگهون ٿا ۽ نه وري انهن جون دليون يا من مٽائي سگهون ٿا.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • عجب جهڙيون عادتون، پرين ۾ آهن

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    عجب جهڙيون عادتون، پرين ۾ آهن!

    کير ۾ جيتري کنڊ وجهبي آهي، اوترو مٺو ٿيندو. ڪڏهن ائين نه ٿيندو ته اهو کير کنڊ وجهڻ سان ڪوڙو ٿي پوي. پر پوءِ اسان جي معاشري ۾ ائين ڇو ٿو ٿئي ته چڱائي، خلوص ۽ پيار اسان جو من ئي ميرو ڪري ڇڏين ٿا ۽ ماڻهپي مان ئي ڪڍي ڇڏين ٿا. نفرت جو ذائقو وٺڻو هجي ته ڪنهن کي ڪن ۾ ٿوري ڦوڪ ڏيو ته ”مان توکي چاهيان ٿو“. ڏينهن جا تارا نه ڏيکاري ته سنڌي ڪيئن سڏائيندو؟ ڪنهن سان انتهائي سچائيءَ ۽ خلوص سان هلو، همراهه اوهان کي بي وقوفن جو بادشاهه بڻائي ڇڏيندو. سمجهندو ته اوهان جهڙو احمق هن دنيا ۾ آهي ئي ڪو نه. اوهان ڪنهن سان چڱائي ڪري ڀلي چڱائي درياهه ۾ لوڙهي اچو، پر جنهن سان چڱائي ڪندا، اهو اوهان کي درياهه ۾ نه لوڙهي ته پوءِ اسان تي ڏنڊ! ڪڏهن اسان سوچيو آهي ته اسان جي معاشري ۾ ائين ڇو آهي؟ لطيف سائين صديون اڳ انهيءَ صورتحال جي نشاندهي ڪندي چيو ته ”اوڳڻ رسي سڀڪو، ڳڻين پرين رٺام.“ اوڳڻ هجي، عيب هجي ته ڀلي هر ڪو رسي پئي. پر، هتي مصيبت اها آهي ته رسڻ ۽ ڏمرجڻ لاءِ اسان وٽ اهو ئي سبب ڪافي آهي ته ڪو ڳڻائتو آهي. جنهن ۾ ڪو ماڻهپو آهي اهو جهڙوڪ اسان لاءِ آزار آهي ۽ اسان هن لاءِ آزار آهيون. پنهنجي لاءِ ڪشمير جو مسئلو بڻجي ويندو ته هن جا تختا ڪيئن ڪڍجن. هن جي عظمت ۽ عزت جي مينارن کي سومناٿ جو مندر سمجهي ڪاهن مٿان ڪاهون ڪنداسين ۽ ڪا نه ڪا اهڙي سترهين ارڙهين ڪاهه ڪنداسين جو وڃي نيٺ ڪامياب ٿينداسين.

    هي اسان جو انتهائي سنگين ۽ ڳنڀير نفسياتي ۽ سماجي مسئلو آهي. آهي ڪو اسان مان ڏاهو، جيڪو ٻڌائي ته اسان پيار جي موٽ نفرت سان ڇو ٿا ڏيون؟ آهي ڪو دانشور جو ٻڌائي ته ان ماڻهوءَ سان وڌيڪ دشمني ڇو ٿي ڪئي وڃي، جيڪو اسان سان خيرخواهي ۽ نيڪي ڪري ٿو؟ آهي ڪو اهڙو سياڻو جيڪو اهو حساب سمجهائي ته خلوص ۽ بي لوث خلوص جو  جوڙ ڪنهن جي عقل جي ٻڙي ڪيئن ٿو ٿئي؟

    ها، صديون اڳ حضرت علي سان منسوب هڪ مثال انسانن کي ٻڌايو ۽ سمجهايو ويو. چون ٿا ته حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته بارش جڏهن سمنڊ جي سِپَ جي منهن ۾ پوندي آهي ته ان مان موتي پيدا ٿيندا آهن، پر جڏهن جهنگ جي سَپَ جي منهن ۾ پوندي آهي ته اها زهر بڻجي پوندو. بارش ۽ ان جا قطرا ته ساڳيا آهن. پر وقت، جاءِ ۽ حالتن جي مٽجڻ ڪري، پنهنجي حيثيت، اهميت ۽ مقصد جي تبديلي ڏسن ٿا.

    هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسان جا ذهن سمنڊ جي سِپَ بدران جهنگ جو سَپُ ڪيئن بڻجي ويا آهن؟ پيار جي بارش، خلوص جو مينهن ۽ چڱائي جي برسات اسان کي، اسان جي سوچن ۽ ذهنن کي زهر ڇو ٿا بڻائي ڇڏن؟ هي ڪٿان جو ماڻهپو آهي ۽ ڪٿان جي انسانيت آهي؟

    سنڌ جو سياستدان عوام کي قومي مسئلن تي متوجهه ۽ مرڪوز ڪرڻ جو ذميوار آهي، ۽ اهو اها ذميواري ڀرپور انداز ۾ پوري ڪري ٿو. ان ڪري اسان جون سنسان گهٽيون ۽ دليون قومي درد جي آواز سان گونججي پون ٿيون. پر انهن سياسي مدبرن کي به اهو بار کڻڻو آهي ۽ پنهنجي پوئلڳن جي ذهني ۽ فڪري تربيت ڪرڻ تي توجهه ڏين. ٻيءَ صورت ۾ نه ته ماڻهن بدران پاڇا ئي هنن جي پوئلڳي ڪندا رهندا ۽ ڪنهن لالچ يا ڪارڻ جي سچيءَ ڪوڙي روشنيءَ ۾ سندن پاسو ئي ڇڏي ويندا. سماجي ڪارڪنن سنڌ ۾ کوڙ سارو چڱو ڪم ڪن پيا. پر منهنجي مٿن اها ڪاوڙ هوندي آهي ته پراون ڌارين ۽ ٻاهرين ملڪن جي ايجنڊا مطابق پنهنجي معاشري کي مٽائڻ جي ڪوشش نه ڪن ۽ سون تي سيڻ نه مٽائن. پر جيڪي سماجي تنظيمون بي لوثيءَ سان سماجي خدمتون ڪن ٿيون، تن کي گذارش آهي ته ”هيومن ڪئپيسٽي بلڊنگ“ تي به ڪم ڪن ۽ ماڻهن کي انسان بڻائڻ لاءِ به جتن ڪن.

    دانشور ڌرتيءَ جي ڏات ۽ فڪر جا حافظ ۽ محافظ انهيءَ صورت ۾ ئي سڏائي سگهن ٿا، جڏهن اهي پاڻ انسانيت ۽ انسان-دوستيءَ جا کليا ڪتاب بڻجي وڃن ۽ اسان کي به اهڙا درس ڏين. نه ته ٻيءَ صورت ۾ سندن قلمي پورهيو ذهني عياشيءَ کان مٿي اهميت وارو نه ٿيندو.

    انهن سمورين ڌرين کي پيار، خلوص ۽ چڱائي کي بي موت مرڻ، غلطيءَ ۽ گناهه جي معنيءَ ۾ وٺڻ کان بچائڻو آهي، اسان کي بچائڻو آهي ۽ پاڻ کي بچائڻو آهي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com