Category: COLUMN BY DR. PATHAN

  • سنڌي ادب جو وڏو نالو- حميد سنڌي

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    سنڌي ادب جو وڏو نالو- حميد سنڌي

     

    ورهاڱي کانپوءِ جڏهن سنڌ مان مرضيءَ ۽ مجبوريءَ سان سنڌي هندو اديب، شاعر ۽ دانشور سنڌ ڌرتي ڇڏي ويا ته اسان جي ادبي دنيا ۾ ماٺار اچي ويو. لڏي ويل هندن جي ادبي جاکوڙ، سندن ادبي ادارن ۽ پرنٽنگ پريسن جي جاءِ ڀرڻ وارن جي شدت سان ڪمي محسوس ٿيڻ لڳي ليڪن ڌرتيءَ جي مٽيءَ پنهنجي خوشبوءِ ڏيکارڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجي ڪک مان اهڙن جوڌن جوانن کي جنم ڏيڻ جو آغاز ڪيو، جن ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ ۽ ادب جي آبياري ڪرڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ڏيکاريو. جوت ۽ جوهرن وارن نوجوانن مان حميد سنڌي به هڪ هئو.

    انگريزن جي دور ۾ ڪراچي سنڌي ٻولي، علم ادب ۽ ثقافت جو مکيه شهر هئو. حيدرآباد به انهيءَ سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي جوت جلائي رکي. پر پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ حميد سنڌيءَ ۽ هن جهڙن ٻين عللمي قلمي مجاهدن حيدرآباد کي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. هن شهر ۾ ادبي ڪارج ۽ قومي خدمت جي حوالي سان حميد سنڌيءَ سان گڏ جن ٻين بزرگن ساٿين جا نالا ڳڻائبا ته انهن مان محمد ابراهيم جتوئي، ع. ق. شيخ، ابن حيات پنهور، رسول بخش پليجو ذڪر لائق آهن.

    1947ع کان ملڪ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ تائين، سنڌ ۾ سياسي، ادبي ۽ تعليمي ۽ لساني حوالي سان ڪيتريون تحريڪون هليون، جن مان سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جي درجي ڏيارڻ جي تحريڪ، شريف ڪميشن جي سنڌ دشمن فيصلن خلاف تحريڪ، ون يونٽ خلاف تحريڪ ذڪر لزئق آهن. حميد سنڌي انهن سمورين تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سندس هيرآباد واري رهڻ جي جاءِ جهڙوڪ انهن  تحريڪن هلائيندڙن جي انڊر گرائونڊ ڪئمپ طور ڪم آئي.

    هي اهو زمانو هئو، جڏهن علمي ۽ ادبي سرگرمين کي منظم ڪرڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. حالتن جي تقاضائن جا ناد ٻڌندي حميد سنڌيءَ حيدرآباد مان ”روح رهاڻ“ رسالو جاري ڪيو. انهيءَ رسالي ڪيترن ئي تازه دم  قلم-ڌڻين کي لکڻ ۽ پڙهڻ جو پليٽ فارم مهيا ڪري ڏنو، ۽ بزرگ ليکڪن کي پنهنجي ادبي خواهه نظرياتي ورڇ ڪرڻ جو موقعو ڏنو.

    حميد سنڌي وقت گذرڻ سان گڏ دائمي طور تي پنهنجي ادبي ۽ قلمي شخصيت جا ٽي رخ مڃرائي ورتا، اهي هئا: تحريڪن ۾ روح ڦوڪڻ، سنڌي افسانوي ادب جي ترويج ڪرڻ ۽ نئين ادبي نسل جي دل و جان سان همت افزائي ڪرڻ. حميد سنڌي هڪ بهترين نثر نويس ۽ لاجواب افسانه نگار  طور سنڌ ۽ هند ۾ ڌاڪ ڄمائي ورتي. سندس اها حيثيت اڄ به قائم ۽ دائم آهي.

    حميد سنڌيءَ جو تعليمي منتظيم جي حوالي سان طويل سفر به مثالي ۽ منفرد رهيو آهي. هو هن حوالي سان سنڌ جو واحد قلم-ڌڻي آهي ته هن باقي ٻين کان وڌيڪ اعليٰ رتبا ماڻيا ۽ نڀائي ڏيکاريا. هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي امتحاني شعبي ۾ ملازمت ڪرڻ کانپوءِ حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول، تعليم جي ڊائريڪٽر ۽ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن طور سنڌ جي تعليمي نظام ۽ ادارن تي گهرا اثر ڇڏيا. سندس وائيس چانسلريءَ جي زماني ۾ خيرپور جي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جيڪا تحقيقي، تدريسي ۽ ادبي حوالي سان ترقي ڪئي، اها اڄ به گهڻن لاءِ مثالي جي حيثيت رکي ٿي.

    منصبي ذميوارين مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ به حميد سنڌي پنهنجي جوت جا اڃا به اڳي کان اڳرا جوهر ڏيکارڻ ۾ مصروف آهي. وٽس جيڪي ادبي گڏجاڻيون ۽ روح رهاڻيون ٿين ٿيون، اهي جيڪڏهن رڪارڊ ڪري شايع ڪرائيون وڃجن ته هوند سنڌي ادبي جي سرگرمين واريءَ تاريخ ۾ اهم باب جو اضافو ٿي وڃي.

    حميد سنڌيءَ سان منهنجو غائبانو تعلق انهن ڏهاڙن ۾ ٿيو، جڏهن هو ”روح رهاڻ“ رسالو ڪڍندو هو. پر جڏهن آئون سنڌالاجيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي آيس ته ان زماني ۾ حميد سنڌي صاحب حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول جو پرنسپال هئو. ان زماني ۾ حيدرآباد جي شيدي برادريءَ کي سماجي طور منظم ٿيڻ ۽ هوش محمد شيديءَ جا ڏينهن ملهائڻ جو شوق ٿيو. حميد صاحب انهن جي سرپرستي ڪئي ۽ مان سندن ٻانهن ٻيلي ٿي رهيس. انهيءَ حوالي سان ساڻس جڏهن به ڪچهري ٿي ته اها پبلڪ اسڪول ۾ ٿي، جتي هو شام لڙي تائين ويٺو هوندو هو. هڪ دفعي مون کائنس پڇيو ته ايڏي دير تائين آفيس ۾ ڇو ٿا ويهو؟ جواب ڏنائين، ”پيتي سرسيتي مصداق گوڏا ڀڃي ويهڻو ٿو پئي. هيءَ منهنجي ننڍڙي مگر مڪمل دنيا آهي. اداري جي ناماچاري، ملازمن جون پگهارون، تدريسي عمل تي نگاهه، کوڙ سارا ڪم آهن. فقط نوڪري ڪبي ته ڪم نه هلندو، خدمت ڪرڻ لاءِ وقت ۽ صلاحيت کي ڪم آڻڻ ئي پوي ٿو.“ حميد سنڌي صاحب هڪ جاکوڙي عملدار جي اها روايت پنهنجي منصبي ڄمار جو اٽوٽ انگ بڻائي پاڻ کي هڪ معاملي فهم، برجستو ۽ فعال انتظامي اڳواڻ ثابت ڪري ڏيکاريو.

    خدا کيس وڏي ڄمار ڏئي. هن شخص پنهنجي ڄمار کي ڪارائتو ڪري، ٻين لاءِ مثال قائم ڪيا آهن. هن ايترو ته علمي، ادبي ۽ انتظامي پورهيو ڪيو آهي، جنهن تي ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. هي وقت آهي ته حميد سنڌي صاحب پنهنجي آب-بيتي تي ڪم ڪري. ڇو ته هن جي دل ۽ دماغ ۾ اسان جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جا ڪيترائي باب موجود آهن.

     
  • حالتون ڪاڏي پيون وڃن؟

    حالتون ڪاڏي پيون وڃن؟

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    پاڪستان جي اترئين ۽ اولاهين سرحدي پٽيءَ ۾ طالبان ۽ دهشت گردن جي وٺ-پڪڙ کان وٺي ويندي، ڪراچيءَ طرف انهن مان ڪنِ جي ڀاڄ ۽ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي پي جو ٽانڊن تان گذرڻ جهڙين حالتن عجيب قسم جا ناد وڄائڻ شروع ڪيا آهن. هاڻي هر ڪو سوچڻ لڳو آهي ته هي حالتون ڪاڏي پيون وڃن ۽ اهي اڳتي هلي ڪهڙو رنگ لائينديون. سرڪاري عسڪري قوتن ۽ ڌرين بابت جيڪا ٻولي ڪجهه وقت اڳ الطاف حسين ٻولي، بنهه اهڙي ئي لهجي ۾ پي پيءَ جي اڳواڻ به ساڳي تند تنواري آهي. هنن حالتن ۾ هڪ تاريخي مثال به قائم ٿيو ته سنڌ جي ڪنهن وزير جي گهر تي ڇاپو لڳو، جيڪو واقعو هر وجهه کان غير معمولي نوعيت ۽ اثر وارو آهي.

    ”جيترا وات اوتريون ڳالهيون“ مصداق هر ڪو ماڻهو هن صورتحال کي پنهنجي نظر سان ڏسندو. اهو فطري عمل آهي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ جو حق پڻ حاصل آهي.پر جڏهن اهڙن حقن ۾ جيتري گهڻي برابري ۽ يڪسانيت هوندي، ان مان به فقط قومي سوچ جي رنگ روپ جي خبر پوندي، پر قومي اتحاد ۽ اتفاق جو اندازو به لڳائي سگهبو. پر اسان ڪيترن قومي مسئلن ۽ حالتن جي مامرن تي اتفاق ۽ برابري پيدا ڪرڻ بدران هڪ سر جي مسيت ٺاهيندا آهيون ۽ هنڌين ماڳين اهڙيون عبادت گاهون جوڙي ٻين کي سيس نمائڻ تي مجبور  ڪندا آهيون.

    موجوده حالتون ڪاڏي پيون وڃن؟ ان لاءِ مختلف ماڻهن جا مختلف رايا ۽ ويچار آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته حالتن جو فصل ڪهڙو به پڇي راس ٿئي، پر ان جي پنهنجي مرضيءَ واري بٽئي شريف برادران ئي ڪندا. ڇو ته پي پي ۽ ايم ڪيو ايم سان سندن پڳ مٽي ياري ڪانهي ۽ جيڪڏهن انهن ٻنهي پارٽين کي ڪو نقصان ٿيو يا ڏينهن جا تارا ڏسڻا پيا ته هو ٻئي ڀائر پنهنجيون راتيون سڪون سان گذاري سگهندا. ان ڪري ڀلي ته حالتن مٽائڻ وارا اهي اغراض و مقاصد نه هجن، پر جي ڪاتي گدري تي ڪرندي ته به نقصان گدري کي ٿيندو ۽ جيڪڏهن گدرو ڪاتيءَ تي ڪريو ته به نقصان گدري کي ٿيندو.

    مون هنن ڪالمن ۾ اترين علائقن مان آپريشن دوران ماڻهن جي سنڌ ڏانهن ڀاڄ ۽ سنڌ جي وس وارن ماڻهن جي آڌر ڀائي روين تي لکندي، انهيءَ ڪالم ۾ خدشو ڏيکاريو هيو ته انهيءَ ڀاڄ جو فائدو وٺي ڪيترا دهشت گرد سنڌ جو رخ ڪندا ۽ سنڌ ۾ اوس ئي امن امان جي صورتحال ڪو ٻيو روپ وٺندي. هڪ ڪالم ۾ مون ”ذوالفقار آباد پراجيڪٽ“ جو ذڪر هينئن ڪيو هئو ته اهو پراجيڪٽ بين الاقوامي سياسي تناظر “ نيو ورلڊ آرڊر جي مفڪرن ۽ مدبرن کي ڪنهن به صورت ۾ پسند نه ايندو، ان ڪري پي پي ۽ ان جي مکيه اڳواڻن تي ان جا ڇنڊا ضرور پوندا. هاڻي حالتون منهنجي اهڙي اندازي جي پٺڀرائي ڪري رهيون آهن ۽ پي پي قيادت ۽ ملڪي عسڪري قيادت جا اختلاف ڪر کڻي رهيا آهن.اڳتي هلي وقت ڇا به ثابت ڪري، پر منهنجو خيال آهي ته ”ذوالفقار آباد“ نالي ڪنهن شهر ٺهڻ جو خيال گهڻي ڀاڱي خواب برابر وڃي رهيو آهي. ان مان هاڻي فقط ڪن ماڻهن کي زمين کپائڻ ۽ خريد ڪرڻ جو لاڀ ئي ملندو ۽ بس. ان ڪري ڳچ عرصي تائين هي پراجيڪٽ پنن ۽ ڪاڳرن ۾ رهندو ۽ شهر اڏڻ جي حوالي سان ڪا تڪڙي پيش رفت ڪا نه ٿيندي.

    ”ذوالفقار آباد پراجيڪٽ“ تي پيش رفت ٿئي نه ٿئي،پر ان جي پس منظر ۽ پيش منظر جي حوالي سان حالتن مٽجڻ ۾ پيش رفت ٿي رهي آهي. حالتون جنهن ريت  پير کڻي رهيون آهن، انهن تي ڪنهن ٻئي طريقي سان به نظر وجھي سگهجي ٿي. نائين زيرو تي آپريشن ٿيو ته ايم ڪيو ايم محتاط انداز واري سياست جو درس پڙهڻ شروع ٿيو، پر هاڻي وقت گذرڻ سان گڏ انهيءَ هڙتالي سياست جو سهارو وٺڻ شروع ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت خوجن کي مارڻ واري سانحي مان اهو احساس اڀرڻ لڳو آهي ته هاڻي مار ڌاڙ مقامي سياست جي مطلبن پوري ڪرڻ بدران بين الاقوامي سياسي مفادن جو رخ ڪري رهي آهي. حالتن جي واچوڙي جو رخ في الحال عام ماڻهو جي اندازي کان ٻاهر آهي. پر هاڻي وڌيڪ ويرم نه لڳندي ستت سموري صورتحال ڪر کڻي اسان اڳيان اچي بيهندي.

     
  • دردن جي دوا جو هيءُ ئي ديار يار

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”دردن جي دوا جو هيءُ ئي ديار يار“

     

    ڳالهيون اتفاقي هجن يا حادثاتي، پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي ذهنن ۾ عجيب قسم جا سوال اڀارينديون آهن. عام ماڻهو ته ڇا، پر سياڻن ۽ سپورنجن کي به ڳالهيون سمجهه ۾ ڪو نه اينديون آهن. مثال طور اسان جي ملڪ جا مدبر، حاڪم ۽ ناميارا سياستدان بيماريءَ يا تيمارداريءَ ڪارڻ لنڊن جو منهن ڪندا آهن. جڏهن ڪيترا سياستدان وڃي لنڊن ۾ موجود ٿيندا آهن ته هتي ماڻهن ۾ چميگويون شروع ٿي وينديون آهن ته اجهو ٿو ڪو ”لنڊن پلان“ جنم وٺي.

    گذريل هفتي کوڙ سارا سياستدان وڃي لنڊن پهتا آهن. ڪن جا ٻچا ٻار ويا آهن ته ڪن جا يار ويا آهن. ڪي اسپتالن مان فوٽو ڪڍي موڪلن ٿا ته ڪن جا بيان اتان جي خبر رسان ادارن طرفان جاري يا نشر ڪيا وڃن ٿا.

    ڳالهه ڪهڙي به هجي: پوءِ ڪو نئون لنڊن پلان جنم وٺي يا ڪو زندگي بچائڻ لاءِ اسپتالن جا چڪر هڻي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي وس وارا ۽ وسن وارا ماڻهو اقتدار- ڌڻي هوندي به اهڙيون اسپتالون پنهنجي ملڪ ۾ ڇو نه ٿا قائم ڪن جو ناڻي جا توٻرا ڀري ٻين ملڪن ۾ دوا درمل ڪرائين ٿا؟ ائين ڇو آهي ته وڏن- گهراڻن جا ٻار پڙهن ته ٻاهرن ملڪن ۾ ۽ بيمار دوا درمل ڪرائن ته پرڏيهه مان. جيڪڏهن اهي ماڻهو پنهنجي ملڪي اسڪولن، بلڪه سرڪاري اسڪولن ڪاليجن ۾ پنهنجا ٻار پڙهائين ته تعليم جي ماحول ۽ معيار ۾ انقلابي سڌارو اچي وڃي. اهڙي نموني جيڪڏهن اسان جا مدبر ملڪي اسپتالن مان دوا درمل ڪرائين ته اسان جي ويڄ طبيبن جي روين ۽ عوام دوستيءَ ۾ اڃا وڌيڪ نکار اچي وڃي. پر شايد اسان جا وڏا ڪم ئي جڏا ڪندا آهن. سندن اهڙن روين مان اهو آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هنن جي دنيا الڳ آهي ۽ اسان عوام جي دنيا الڳ آهي. هنن لاءِ اها ڳالهه اهم ناهي ته اسپتالن ۾  ڊاڪٽرن کانسواءِ باقي رڃ لڳي پئي آهي ۽ اسڪولن ۾ جيڪڏهن استاد آهن ته ليبارٽريون ڪونهن، جيڪڏهن لائبرريون آهن ته راندين جا گرائونڊ ڪونهن. هاڻي ته اسان اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ اهڙي رڃ ڪري ڇڏي آهي جو ڪن استادن کي اتي وڃڻ کان ئي ڊپ ٿئي ٿو. دنيا ڀلي کين ”گهوسٽ استاد“ چون. پر هو ان ۾ خير سمجهن ٿا ته اسڪولن کان پري رهڻ ۾ ئي هو پنهنجي عزت ۽ دولت ۾ واڌارو ڪري سگهن ٿا.

    درحقيقت اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين ادارن ۾ ان ڪري ئي ڀينگ ٿئي ٿي جو استاد، ڊاڪٽر ۽ سرڪاري ملازمن کان وڌيڪ اسان جا وس وارا ۽ وسن وارا ”گهوسٽ حڪمران ۽ نگران“ بڻجي ويا آهن. انهن جي جيڪڏهن ٽڪي جي به نظر ۽ دلچسپي هجي ها ته اهڙي ڀينگ نه ٿي ها. پر ”جي اتر ڊاهي انهن جي، ته ڪنهن کي ڪارون ڪن؟“ان وانگر ماڻهون دانهون ڏين ته ڪنهن کي ڏنڀ ڏين؟

    اچو ته موضوع نه مٽايون، ۽ پنهنجيءَ ڳالهه تي موٽي اچو ته لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪهڙو جادو آهي، جتي اسان جا مدبر وڃي مٿو ٽيڪي ٻوڙا ٻڌي آچار ڪن ٿا؟ ڇا هو اهي ڳالهيون هن ملڪ جي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويهي نه ٿا ڪري سگهن؟ جڏهن ڳالهيون عوامي مفاد جون آهن، جڏهن ملڪي سياست کي سنوارڻو ۽ سڌارڻو آهي ته پوءِ پنهنجي ماروئڙن کان ايترو پري وڃي ڇو ويچار ونڊن ٿا؟ ائين ته نه آهي ته ڪو شاهينگ يا ڪو اڃا وڌيڪ وس وارا هٿ ڪنهن جي ڪنن يا ڪنڌن تي پهچي شينهن ۽ ٻڪري کي گڏ ويهاري ۽ چاري ٿو ۽ کين ڪن شرطن تي کير کنڊ ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿو.

    ڳالهه ڇا به هجي ۽ هنن واقعن ۽ اتفاقن جا روحاني راز ڪهڙا به هجن، پر عوام کي اهو حق پهچي ٿو ته هو ڳالهه کي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين نه به، پر اهو ٿورو ڪجهه ڄاڻين ته هنن لاءِ پنهنجا هادي ۽ رهبر ڪهڙي کچڻي بچائين ٿا. ڇو ته اتي جيڪو به رڌو پچايو ويندو اهو ئي عوام کي کائڻو آهي. پوءِ کين وڻي يا نه وڻي.

    هيءُ پڻ عوام جو حق بڻجي ٿو ته پنهنجي اڳواڻن ۽ مدبرن کي اهو محسوس ڪرائين ۽ مڃرائين ته جڏهن اڳواڻن جون خدمتون ۽ محبتون آهن ئي عوام لاءِ ته پوءِ انهيءَ عوام کي ائين ته ڇني پاڻ کان ڌار نه ڪن ۽ انهيءَ ڳالهه کي مڃين قبولين ته درد جيڪڏهن عوام لاءِ آهن ته انهن جي دوا درمل جو ديار به ماروئڙن جي ذهنن ۽ دلين ۾ هجڻ گهرجي، ۽ نه ڪي تمام گهڻو پري ست سمنڊ پار ۽ ماڻهن کان مخفي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • سنڌ جو سنجيده مسئلو فرد-سازي آهي

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”سنڌ جو سنجيده مسئلو فرد-سازي آهي“

    سنڌ جا عالم ۽ اديب، مدبر ۽ مفڪر ٻه اکر ٻوليندا آهن، يا ڪجهه لکندا آهن ته دل ٺري پوندي آهي. ڇا نه الله پاڪ کين ڏات ۽ ڏاهپ ڏني آهي! ساري جڳ جهان جي حالتن تي نظر اٿن. ڪٿي ڪو دک درد جنم وٺي ٿو ته سندن سينا سورن- هاڻا ٿي پون  ٿا. ڪٿي ظلم ٿئي ٿو ته هنن جو روح  روئڻ لڳي ٿو. جهڙوڪ دنيا سرنهن جي داڻي جيان سندن تريءَ تي آهي. جتي جتي ڪجهه وهي واپري ٿو، ان بابت ننهن کان چوٽيءَ تائين کين خبر هجي ٿي.

    پر ڏيئي هيٺان اوندهه ڇو ٿئي ٿي؟ اها ڪهڙي ڳالهه آهي ۽ ڪهڙي مجبوري يا مصلحت آهي ته سنڌ جي سينڌ سينگارڻ ۾ اهي تيل ڦليل ڪجل ۽ مينديون ڪو نه ٿيون ڏسڻ ۾ اچن، جن کي هو ڪتب آڻي، ڪنهن نئين ڪهاڻي کي جنم ڏين ۽ پنهنجيءَ سرت جي سونهن سان سنڌ واسين کي به حصو ڏين.

    ها، اها ڳالهه برابر آهي ته سنڌ جي سورن جي مذڪورن جا وٽن داستان موجود آهن. سندن قلم ۽ قول ۾ ماڻهن جي مجبورين جا آواز موجود آهن. هي به سچ آهي ته صحافي ۽ اديب قلم کي ڪات ڪهاڙا بڻائي سنڌ-دشمن قوتن ۽ سازشن جو مقابلو ڪري رهيا آهن. هيءَ به حقيقت آهي ته سنڌ دوست مدبر ۽ سياستدانن جي حڪمت عملين سنڌ جي نوجوانن ۾ جوش ۽ ولولي کي دائم رکيو آهن. ان ڪري اسان جون محفلون به آباد آهن ته جيل خانا به ويران ڪو نه آهن. روڊ ۽ رستا به بلاڪ ٿين ٿا ته اخبارن ۽ ٽي ويءَ تي دونهاندار ۽ زبردست بيان ۽ بحث به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

    پر سوال ٿو اُٿي ته هي هيڏو سارو ۽ سڀ ڪجهه ٿئي ٿو، پر پوءِ به تريءَ تيل ڇو نه ٿو لڳي؟ پوءِ به حالتون ڇو ٿيون مثبت موڙ وٺن. پنجن منجهان پندرهن ڇو نه ٿا ٿين؟ ايڪو ۽ اتحاد قائم  ڇو نه ٿو ٿئي؟ شهرن مان قهر بند ڇو نه ٿو ٿئي؟ ٻهراڙين مان بک ۽ بيروزگاريءَ جي باهه ڇو نه ٿي وسي؟ ڪٿي نه ڪٿي ڪا ڪمي ضرور آهي. ڪٿي نه ڪٿي ڪو حڪمت عمليءَ ۽ طريقه ڪار ۾ نقص ضرور آهي.

    تحريڪون وڏي زور سان هلن ٿيون، پر اچانڪ بي مقصد دم ٽوڙي وڃن ٿيون. اتحاد جڙن ٿا، پر اڻ-ٻڌايو بي عمل ٿي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪيترا قربانيءَ جو ٻڪرو به ٿين ٿا، ڪيترا نقصان به برداشت ڪن ٿا. ڪيترن کي ڇيهو به رسي ٿو.

    اهو سڀ ڪجهه ويساهه-گهاتيءَ ڪارڻ ٿئي ٿو. قوم سان هر نازڪ موڙ تي ويساهه-گهاتي ٿئي ٿي. ڪو نه ڪو فرد پنهنجي گروهه کي، ماڻهن کي بلڪ قوم کي ٻُنڀي ۾ وجهي ڇڏي ٿو. ڪو نه ڪو ذاتي يا گروهي مفادن تي سڄيءَ قوم جو وڪرو ڪري ويهي ٿو ۽ قوم کي ان جي ڪا به ڪل ڪا نه ٿي پئي. اسان جي اڪثر تحريڪن دوران ائين ٿيو. ماڻهن جون محنتون ۽ محبتون اڪثر ڪري پنهنجي منطقي نتيجي تي ڪو نه پهتيون آهن. ڪنهن وڏيري جي روپ ۾، ڪنهن پير جي روپ ۾، ڪنهن سياستدان يا سماجي ڪارڪن جي روپ ۾ موقعي ملڻ تي معتقد ماڻهن سان بي وفائي ڪئي. ڪنهن ٽي. وي يا اخبار جي ڌڻيءَ ٿوري مفاد تي عوام کي سچ ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو. سنڌ سان ۽ سنڌ واسين سان ائين ويڌن ٿيندي آئي آهي. سنڌ يا سنڌي ڪهڙيءَ ڪورٽ ۾ وڃي داد فرياد ڪن؟ جي اتر ڊاهي ان کي ته ڪنهن کي ڪارون ڪن؟ جيڪڏهن خواجا خضر ئي ٻيڙي ٻوڙي تي ڪنهن کي دانهن ڏبي؟ جي رهبر ئي رهزن ٿين ته ڪٿي ڀڄي جند ڇڏائبي؟

    هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿئي ٿو جو اسان فرد جي تربيت تي توجهه نه ڏنو آهي ۽ انسان- سازيءَ جي عمل کي نظرانداز ڪيو آهي. اسان ماڻهوءَ کي ماڻهو ٿيڻ جو موقعو ئي ڪو نه ڏنو آهي. بيشڪ اسان کي فرشتن ٿيڻ جو شوق نه هجڻ گهرجي. ڇو ته فرشتن ته اسان جي ڏاڏي کي سجدو ڪيو هو. اسان سجدن جا ائين شائق ڇو ٿيا آهيون؟ اسان فقط سجدا ڇو ٿا ڪريون؟ اسان معمولي مفاد حاصل ڪرڻ تي سيس نوائي ڇو ٿا ويهون؟ هيءَ اسان جي ڪهڙي فرد-سازي ڪئي وئي آهي؟ هيءَ اسان جي ڪهڙي انسان-سازي ٿي آهي؟ اسان ائين ڇو ٿا ڪريون جو هاڻي ته شيطان به رضا خوشيءَ سان رٽائرمينٽ وٺي هتان پاڻ کي جلاوطن ڪري ويو آهي. ان جي غير حاضري ۾ اسان مان ڪيترا سندس سفير ۽ نمائندا بڻجي ڇو سرگرم عمل ٿي ويا آهن؟ ڇا هيءَ ئي اسان جي ۽ هينئن ئي اسان جي شخصيت سازي ٿي آهي؟

    لڳي ٿو ته اسان جي نظام ۾ اهڙي ڪا گنجائش ئي موجود ڪانهي، جا ماڻهوءَ کي ماڻهو ٿيڻ ۾ مدد ڪري. لڳي ٿو ته اسان کي ماڻهونءَ مان انسان ٿيڻ ۾ اڃان ڪيتريون صديون لڳنديون. اچو ته انهن صدين کي گهٽايون، پاڻ کي جوڙيون، پاڻ کي ڳولهيون ۽ مکڻ جهڙا ماڻهو، بي لوث، قرباني ڏيندڙ، بخشيندڙ، معاف ڪندڙ، ڀلائي ڪندڙ، دوکو نه ڏيندڙ، ڏنڀ نه ڏيندڙ، دشمني نه ڪندڙ انسان بڻايون ۽ ائين پاڻ به ٿي پئون.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • ڪجهه هوشياري، مٿان اچي پئي آدمشماري

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ڪجهه هوشياري، مٿان اچي پئي آدمشماري“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    اسان سنڌ واسين ڪيترين ڳالهين ۾ لاتعلقي ۽ عدم دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪري، پاڻ کي ڏاڍو نقصان پهچايو آهي. سڀ کان وڏو نقصان آدمشماريءَ ۾ هوشياري نه ڪرڻ ڪري برداشت ڪيو آهي. ملڪ آدمشماري ان ڪري ڪرائيندا آهن ته جيئن انهيءَ جي آڌار تي آئيندي لاءِ منصوبه بندي ڪري سگهن. ليڪن اسان وٽ آدمشماريءَ کي ڪي ڌريون پاڻ مڙهڻ ۽ مڃرائڻ جو جنگي محاذ بڻائي ڇڏينديون آهن. سنڌي ماڻهو ن ڪثرت ۾ هوندي به هر سال وڃن ٿا کٽندا ۽ اقليت ۾ تبديل ٿيندا. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اسان نه ته پاڻ آدمشماريءَ دوران ڪا دلچسپي وٺون ٿا ۽ نه وري آدمشماري ڪندڙ عملو سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل ننڍڙن ڳوٺن ۽ واهڻن تائين پهچي ٿو. نتيجو اهو ٿو نڪري ته ذري گهٽ ماڻهن جو چوٿون حصو آدمشماريءَ جي رڪارڊ کان ٻاهر رهجي وڃي ٿو.

    ڪيڏي نه ڏک ۽ تعجب جي ڳالهه آهي ته جڏهن ڪا اليڪشن ٿئي ٿي ته اميدوار ماڻهن کي جهڙوڪ قبرن مان به اٿاري اچي پولنگ اسٽيشنن تائين پهچائين ٿا، پر جڏهن قومي بچاءَ جو مامرو اچي ٿو ته اسان مان هر ڪو مونن ۾ منهن وجهي ڪنڊ وٺي ويهي رهي ٿو. ڀلي مٿان ڪات ڪهاڙا وهي وڃن، نه پنهنجي ڪنڌ جي پرواهه ۽ نه وري قوم جي پرواهه. اسان جا اهي آپگهاتي رويا ڌڻي ڄاڻي ته ڪڏهن بدلبا ۽ ڪڏهن اسان کي قوم جي حيثيت ۾ زندهه رهڻ ۽ قوم کي زندهه رکڻ جو خيال ايندو.

    هن کان اڳ 1998ع ۾ آدمشماري ٿي، ان ۾ اسان انفرادي، اجتماعي ۽ قومي طور گهربل تقاضائن جو پورائو نه ڪيو ۽ ڪن مخصوص هنڌن تي انگن اکرن کي ڏسي يقين ٿي ويو ته اهي آدمشماريءَ جا انگ اکر چالبازي جو نرالو نمونو آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ وانگر مارچ 2016ع ۾ ٿيندڙ آدمشماري به فوجي نگرانيءَ ۾ ٿيڻي آهي. هن آدمشماريءَ ۾ هر آدمشماريءَ وانگر مردم شماري به ٿيندي ۽ گهر شماري به ٿيندي. ڌيان انهيءَ ڳالهه تي ڏيڻو آهي ته نه فقط انهيءَ بابت اسان جا انگ اکر ۽ تفصيل پورا هجن، پر وڏن شهرن ۾ رهندڙ سنڌ دشمن ڌڙن کي اهو موقعو نه ملي ته جيئن اهي وڌائي چڙهائي انگ اکر  لکرائين. هن لاءِ سڄاڻ ڌريون سرڪار اڳيان اها تجويز به رکي سگهن ٿيون ته وڏن شهرن ۾ آدمشماريءَ دوران فوج ۽ آدمشماريءَ جي عملي سان گڏ ڪي آبزرور پڻ هجڻ. جيڪڏهن ڪو سياسي يا انتظامي مسئلو پيدا نه ٿئي ته سنڌ دوست سياسي نظرياتي ۽ سماجي ڌريون سرڪار کي اهڙا والنٽيئر مهيا ڪن.

    ٿيندڙ آدمشماريءَ ۾ سنڌ جو اهو به حق جڙي ٿو ته آدمشماريءَ کانپوءِ ڪڍيل نتيجن جي بنياد تي انگ اکر ڏئي اهو ٻڌايو وڃي ته سياسي، معاشي ۽ امن امان جي نالي ۾ ٻين صوبن ۽ خاطر طور تي اترين علائقن کان سنڌ ڏانهن ڪيتري لڏپلاڻ ٿي آهي؟ جنهن جي آڌار تي ڪاٿو لڳائڻ ممڪن ٿي سگهندو ته انهن جي آبادڪاريءَ ڪري سنڌ جي ذريعن وسيلن تي ڪيترو بار پيو ۽ ان ڪري بجليءَ، پاڻي، امن امان ۽ ٻين مالي وسيلن تي ڪهڙا اثرا پيا ۽ ان جو اين ايف سي ايوارڊ ۽ گڏيل ذريعن وسيلن مان پورائو ڪيو ويو يا سمورو بار سنڌ جي ڪلهن تي رکيو ويو. اين ايف سي ايوارڊ يا گڏيل ذريعن وسيلن جي ورڇ وقت سنڌ کي اهڙي خرچ ۽ مالي بار لاءِ اضافي حصي وٺڻ جو حق رسي ٿو ۽ اهو کيس هر صورت ۾ ملڻ گهرجي.

    سنڌ لساني رواداريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سنڌ واسي جيڪڏهن لساني تعصب ۾ وڪوڙيل هجن ها ته هتي هفت زبان شاعر جنم نه وٺن ها. پر آدمشماريءَ وقت اسان کي انهيءَ سچائيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جي ضمانت ڏيڻي آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي اقليتي ٻولي بڻائڻ جي ڪا سازش نه ٿئي ۽ نه وري اسان پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي ٻوليءَ واري خاني ۾ ڪا ٻي ٻولي لکي پاڻ کي اقليت بڻايون. سنڌ جي ڪيترن خاندانن ۽ گهرن ۾ ڀلي ته سرائيڪي، بلوچڪي يا بروهڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن، پر جيئن ته اهي سنڌ ۾ رهن ٿا، سنڌيءَ ۾ لکن پڙهن ٿا ۽ روزمره جي وهنوا ر۾ سنڌي ڳالهائين ٿا، ان ڪري اصولي ۽ اخلاقي تقاضا اها آهي ته اهي سنڌيءَ کي ئي ”مادري زبان“ واري خاني ۾ لکرائين ۽ ان کي ”گهر ۾ ڳالهائيندڙ چوديواري واري ٻولي“ اڳيان قربانيءَ جي ٻڪري نه بڻائين. ان ۾ ئي اسان جو اجتماعي مفاد آهي ۽ ان ۾ ئي اسان جو بچاءُ آهي. ان ڪري گهر ۾ ڳالهائيندڙ ٻولي سنڌ جي تشخص ۽ حيثيت کي مجروح نه ڪري.

    ٿيندڙ آدمشماريءَ ۾ جيڪڏهن اسان اهو محسوس ڪريون ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا ويساهه گهاتي ٿي آهي ته خالي بيان بازي ڪرڻ يا ٻن ٽن جلوسن ڪڍڻ بدران قانوني چاره گوئي جو رستو اختيار ڪيون. اهڙن مشڪوڪ نتيجن لاءِ اپيلون داخل ڪري سگهجن ٿيون ۽ ڪورٽ جا دروازا کڙڪائي سگهجن ٿا.

     هر وجهه کان ايندڙ آدمشماري سنڌ واسين جي سياسي، نظرياتي ۽ قومي تقاضائن جو وڏو امتحان آهي. ساڃاهه وند ڌرين جو ڪم آهي ته هن پلصراط تان گذرڻ وقت اهي عوام جي ڀرپور شعوري مدد ڪن، ڇو ته ٿيندڙ آدمشماري سندن قومي وجود جي انگ ۽ رنگ کي نمايان ڪندي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • ڇورا! توکي پڳ ڪو نه ٻڌرائيندا

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ڇورا! توکي پڳ ڪو نه ٻڌرائيندا!“

    چوندا آهن ته ڪنهن ڳوٺ جو وڏيرو مري ويو ته غريب گهراڻي جي ٻار وڃي پنهنجي ماءُ سان سور سليا ۽ وڏيءَ اڻ تڻ ۾ پڇيائينس ته:”امڙ! وڏيرو جو مري ويو آهي ته هاڻي ڪنهن کي پڳ ٻڌرائيندا؟“ ماڻهنس جواب ڏنو ته: ”سندس پٽ کي“، غريب ٻار ان جواب مان مطمئن ڪو نه ٿيو، تنهنڪري وري پڇيائينس ته: ”امڙ! جيڪڏهن اهو به مري وڃي ته پوءِ ڪنهن کي پڳ ٻڌرائيندا؟“ ان تي جواب مليس ته : ”سندس ڀاءُ کي“. وري ٻار بي قرار ٿي ويو ۽ پڇيائينس ته: ”امڙ! جيڪڏهن اهو به مري وڃي ته پوءِ……..“. ماڻهنس تپي لال ٿي وئي ۽ چيائينس ته: ”مان سمجهان ٿي ته تون ڇا پيو سوچين ۽ ڇا پيو پڇين. پر ڇورا! توکي پڳ ڪو نه ٻڌرائيندا“. سو منهنجا سائين سنڌ جو گورنر گذاري ويو ۽ اسان مان ڪنهن کي خوشفهمي نه ٿيڻ گهرجي ته هاڻي مان ته مون جهڙو ڪو ٻيو گورنر ٿيندو. ڇو ته اڻندو اها ئي، جيڪا ڪوريءَ جي من ۾. پر ڪوريءَ ڌاڳن مان نه ليڪن انهن پنجوڙن مان اڻندو، جيڪي اسان پنهنجي لاءِ پاڻ ٺاهيا آهن. 1973ع کان مائي بيگم رعنا لياقت علي خان کان وٺي مري ويل گورنر سعيد الزمان صديقيءَ تائين سنڌ جا جملي اڻويهه گورنر ٿيا، جن مان چئن گورنرن: عبدالقادر شيخ، محمد هارون، ايئر مارشل عظيم دائود پوٽي ۽ محمد ميان سومري کانسواءِ باقي پندرهن گورنر اهڙا ٿيا جيڪي اسان مان ته هئا، پر انهن مان ڪنهن به باقي چئن گورنرن وانگر ڌرتيءَ- ڄائي نج سنڌي ماءُ جي ٿڃ نه پيتي. بيشڪ اهڙا وڏا عهدا ۽ رتبا ته ڇا، پر اهم منصب لساني حوالن سان ورهائڻ ونڊن ملڪي آئين ۽ روايتن سان ٺهڪي نه ٿا اچن. ملڪ جو ڄائو، ملڪ جي ڪنهن عهدي ۽ رتبي تي مقرر ٿي سگهي ٿو. ليڪن سنڌ ۾ گورنريءَ جي تقرريءَ جا مخصوص پيمانا ۽ ماپا آهن. سنڌ جي حوالي سان اهو ڄڻ ”اڻ-لکيئي آئين“ جو حصو يا روايت بڻجي وئي آهي ته 1973ع کانپوءِ ڪوشش ڪري ”نون سنڌين“ کي ئي هن عهدي تي رکڻ ۽ رهڻ جو موقعو وڌيڪ ڏنو ويندو. مري ويل گورنر سعيد الزمان ويچارو فقط ٻه مهينا عهدي تي رهيو، پر انهن ٻن مهينن ۾ گهڻا ڏينهن اسپتال ۾ گذاريائين. کائنس اڳ واري گورنر سنڌ جي تاريخ جي ۾ چوڏهن سالن جي طويل عرصي تائين عهدي ماڻڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪو به گورنر ايڏي وڏي عرصي تائين انهيءَ عهدي تي نه رهيو. هو مشرف جي زماني ۾ آيو ۽ ملڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين جي اقتدار وارن ڏهاڙن ۾ به گورنر ٿي رهيو تان جو ٻه مهينا اڳ کيس رخصت ڪيو ويو. گورنر مرڪز جو ئي نمائندو ٿئي ٿو، ۽ هن جي مقرريءَ ۾ مرڪز کي صوابديدي اختيار حاصل هوندا آهن. مرڪز چاهي ته صوبائي حڪومت سان صلاح مشورو ڪري، ۽ جيڪڏهن مشورو نه ڪري ته ان تي ڪا قانوني يا آئيني پابندي ڪانهي. عشرت العباد کي تڪڙو فارغ ڪري ۽ ڪنهن وقت وڃائڻ کانسواءِ سعيد الزمان کي گورنر مقرر ڪرڻ واري ڳالهه تي چوٻول به ٿيو ته چميگويون به ٿيون. ڪن ڌرين جو خيال هئو ته نوازليگ چونڊن کان اڳ سنڌ ۾ افهام تفهيم واري تحرڪ دوران قومپرست ڌرين ۽ پيپلزپارٽيءَ جي مخالف ڌرين کان غير معمولي گرم جوشيءَ واري موٽ ماڻي هئي. سنڌ جي ڪن سياستدانن نوازليگ جي اقتدار ۾ اچڻ بعد گورنر يا صدر ٿيڻ واريءَ خوشفهميءَ ۾ ڪڙتا ۽ شيروانيون به سبرائي ڇڏيون. ماڻهن – مٽ ته ٿي، پر خوشفهمين جي غلط فهمين ۾ ورتل ڪنهن کي به موقعو ڪو نه مليو. عشرت العباد جي وڃڻ کانپوءِ به خوشفهمين جي اهڙي لهر وري سنڌ جي ڪن سياسي ڌرين کي بهار جي مند مثال لڳي، ليڪن سعيد الزمان جي گورنر ٿيڻ سندن سوچن تي سياري جي پاري جهڙو اثر وجهي ڇڏيو. هاڻي ويچارو سعيد الزمان به هن جهان ۾ ڪو نه رهيو آهي. حالتن هن جي پڇاڙي اجري ائين ڪئي جو انهن ٻنهي مهينن ۾ مرحوم جي پرگهور ۽ دوا درمل تي جيڪو خرچ پکو آيو هوندو، اهو شايد سندس گورنر نه هجڻ واري صورت ۾ ايترو نه به اچي ها. ڀلا ڀاڳن سان ڪنهن جي ريس! ”ڪي جيئري ئي جنت ۾ ته ڪي مئا مس مڙن“. سندس گورنر مقرر ٿيڻ تي جيڪي چميگويون هليون هيون، انهن ۾ اها ڳالهه به شامل هئي ته ڪو اهڙو ماڻهو ته گورنر ڪري رکيو وڃي ها، جيڪو صحت ۽ عمر جي حساب سان منصب سان انصاف ڪرڻ جي طاقت ۽ سگهه رکندو هجي ها. پر اهو مسئلو مرڪزي سرڪار جو هئو ته اها ڪنهن تي اعتبار ڪري ٿي؟ ڇو ته ڪنهن کي گورنر رکڻ نه رکڻ جا روحاني راز اها ئي سمجهي ٿي. هاڻي گورنر ڪير ٿيو ؟ ۽ ڇو ٿيو؟ اهو اسان جو مامرو ڪونه هو. پر اسان سان جيڪا ڳالهه واسطو رکي ٿي ۽ ڪم جي آهي، اها هيءَ آهي ته حالتن جي امڙ اسان کي چئي ٿي ته: ”ڇورا! توهان کي پڳ ڪو نه ٻڌرائيندا!“. ڇو ته سنڌي ٻوليءَ واري بل جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ڪشيدگي ۽ غلط فهمين کي دور ڪرڻ لاءِ اسان جي مدبرن اها روايت قائم ڪئي ته اهو عهدو اسان جي نون ڀائرن جي حوالي ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪا ان جي برعڪس مقرري ٿئي ٿي ته اها مارشل لا جي زماني ۾ هوندي يا غير معمولي حالتن ۾ ٿيندي. Email: gulhayat2010@gmail.com Website: www.drpathan.com

     
  • ڪجهه هوشياري، مٿان اچي پئي آدمشماري

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ڪجهه هوشياري، مٿان اچي پئي آدمشماري“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    اسان سنڌ واسين ڪيترين ڳالهين ۾ لاتعلقي ۽ عدم دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪري، پاڻ کي ڏاڍو نقصان پهچايو آهي. سڀ کان وڏو نقصان آدمشماريءَ ۾ هوشياري نه ڪرڻ ڪري برداشت ڪيو آهي. ملڪ آدمشماري ان ڪري ڪرائيندا آهن ته جيئن انهيءَ جي آڌار تي آئيندي لاءِ منصوبه بندي ڪري سگهن. ليڪن اسان وٽ آدمشماريءَ کي ڪي ڌريون پاڻ مڙهڻ ۽ مڃرائڻ جو جنگي محاذ بڻائي ڇڏينديون آهن. سنڌي ماڻهو ن ڪثرت ۾ هوندي به هر سال وڃن ٿا کٽندا ۽ اقليت ۾ تبديل ٿيندا. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اسان نه ته پاڻ آدمشماريءَ دوران ڪا دلچسپي وٺون ٿا ۽ نه وري آدمشماري ڪندڙ عملو سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل ننڍڙن ڳوٺن ۽ واهڻن تائين پهچي ٿو. نتيجو اهو ٿو نڪري ته ذري گهٽ ماڻهن جو چوٿون حصو آدمشماريءَ جي رڪارڊ کان ٻاهر رهجي وڃي ٿو.

    ڪيڏي نه ڏک ۽ تعجب جي ڳالهه آهي ته جڏهن ڪا اليڪشن ٿئي ٿي ته اميدوار ماڻهن کي جهڙوڪ قبرن مان به اٿاري اچي پولنگ اسٽيشنن تائين پهچائين ٿا، پر جڏهن قومي بچاءَ جو مامرو اچي ٿو ته اسان مان هر ڪو مونن ۾ منهن وجهي ڪنڊ وٺي ويهي رهي ٿو. ڀلي مٿان ڪات ڪهاڙا وهي وڃن، نه پنهنجي ڪنڌ جي پرواهه ۽ نه وري قوم جي پرواهه. اسان جا اهي آپگهاتي رويا ڌڻي ڄاڻي ته ڪڏهن بدلبا ۽ ڪڏهن اسان کي قوم جي حيثيت ۾ زندهه رهڻ ۽ قوم کي زندهه رکڻ جو خيال ايندو.

    هن کان اڳ 1998ع ۾ آدمشماري ٿي، ان ۾ اسان انفرادي، اجتماعي ۽ قومي طور گهربل تقاضائن جو پورائو نه ڪيو ۽ ڪن مخصوص هنڌن تي انگن اکرن کي ڏسي يقين ٿي ويو ته اهي آدمشماريءَ جا انگ اکر چالبازي جو نرالو نمونو آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ وانگر مارچ 2016ع ۾ ٿيندڙ آدمشماري به فوجي نگرانيءَ ۾ ٿيڻي آهي. هن آدمشماريءَ ۾ هر آدمشماريءَ وانگر مردم شماري به ٿيندي ۽ گهر شماري به ٿيندي. ڌيان انهيءَ ڳالهه تي ڏيڻو آهي ته نه فقط انهيءَ بابت اسان جا انگ اکر ۽ تفصيل پورا هجن، پر وڏن شهرن ۾ رهندڙ سنڌ دشمن ڌڙن کي اهو موقعو نه ملي ته جيئن اهي وڌائي چڙهائي انگ اکر  لکرائين. هن لاءِ سڄاڻ ڌريون سرڪار اڳيان اها تجويز به رکي سگهن ٿيون ته وڏن شهرن ۾ آدمشماريءَ دوران فوج ۽ آدمشماريءَ جي عملي سان گڏ ڪي آبزرور پڻ هجڻ. جيڪڏهن ڪو سياسي يا انتظامي مسئلو پيدا نه ٿئي ته سنڌ دوست سياسي نظرياتي ۽ سماجي ڌريون سرڪار کي اهڙا والنٽيئر مهيا ڪن.

    ٿيندڙ آدمشماريءَ ۾ سنڌ جو اهو به حق جڙي ٿو ته آدمشماريءَ کانپوءِ ڪڍيل نتيجن جي بنياد تي انگ اکر ڏئي اهو ٻڌايو وڃي ته سياسي، معاشي ۽ امن امان جي نالي ۾ ٻين صوبن ۽ خاطر طور تي اترين علائقن کان سنڌ ڏانهن ڪيتري لڏپلاڻ ٿي آهي؟ جنهن جي آڌار تي ڪاٿو لڳائڻ ممڪن ٿي سگهندو ته انهن جي آبادڪاريءَ ڪري سنڌ جي ذريعن وسيلن تي ڪيترو بار پيو ۽ ان ڪري بجليءَ، پاڻي، امن امان ۽ ٻين مالي وسيلن تي ڪهڙا اثرا پيا ۽ ان جو اين ايف سي ايوارڊ ۽ گڏيل ذريعن وسيلن مان پورائو ڪيو ويو يا سمورو بار سنڌ جي ڪلهن تي رکيو ويو. اين ايف سي ايوارڊ يا گڏيل ذريعن وسيلن جي ورڇ وقت سنڌ کي اهڙي خرچ ۽ مالي بار لاءِ اضافي حصي وٺڻ جو حق رسي ٿو ۽ اهو کيس هر صورت ۾ ملڻ گهرجي.

    سنڌ لساني رواداريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سنڌ واسي جيڪڏهن لساني تعصب ۾ وڪوڙيل هجن ها ته هتي هفت زبان شاعر جنم نه وٺن ها. پر آدمشماريءَ وقت اسان کي انهيءَ سچائيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جي ضمانت ڏيڻي آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي اقليتي ٻولي بڻائڻ جي ڪا سازش نه ٿئي ۽ نه وري اسان پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي ٻوليءَ واري خاني ۾ ڪا ٻي ٻولي لکي پاڻ کي اقليت بڻايون. سنڌ جي ڪيترن خاندانن ۽ گهرن ۾ ڀلي ته سرائيڪي، بلوچڪي يا بروهڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن، پر جيئن ته اهي سنڌ ۾ رهن ٿا، سنڌيءَ ۾ لکن پڙهن ٿا ۽ روزمره جي وهنوا ر۾ سنڌي ڳالهائين ٿا، ان ڪري اصولي ۽ اخلاقي تقاضا اها آهي ته اهي سنڌيءَ کي ئي ”مادري زبان“ واري خاني ۾ لکرائين ۽ ان کي ”گهر ۾ ڳالهائيندڙ چوديواري واري ٻولي“ اڳيان قربانيءَ جي ٻڪري نه بڻائين. ان ۾ ئي اسان جو اجتماعي مفاد آهي ۽ ان ۾ ئي اسان جو بچاءُ آهي. ان ڪري گهر ۾ ڳالهائيندڙ ٻولي سنڌ جي تشخص ۽ حيثيت کي مجروح نه ڪري.

    ٿيندڙ آدمشماريءَ ۾ جيڪڏهن اسان اهو محسوس ڪريون ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا ويساهه گهاتي ٿي آهي ته خالي بيان بازي ڪرڻ يا ٻن ٽن جلوسن ڪڍڻ بدران قانوني چاره گوئي جو رستو اختيار ڪيون. اهڙن مشڪوڪ نتيجن لاءِ اپيلون داخل ڪري سگهجن ٿيون ۽ ڪورٽ جا دروازا کڙڪائي سگهجن ٿا.

     هر وجهه کان ايندڙ آدمشماري سنڌ واسين جي سياسي، نظرياتي ۽ قومي تقاضائن جو وڏو امتحان آهي. ساڃاهه وند ڌرين جو ڪم آهي ته هن پلصراط تان گذرڻ وقت اهي عوام جي ڀرپور شعوري مدد ڪن، ڇو ته ٿيندڙ آدمشماري سندن قومي وجود جي انگ ۽ رنگ کي نمايان ڪندي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • تون جا چئين تبديلي، ان جا گهڻا انگل

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”تون جا چئين تبديلي، ان جا گهڻا انگل “

    اها انساني فطرت آهي ته هو ”حال“ ۽ ”حالتن“ مان خوش نه هوندو آهي ۽ انهن کي بدلائڻ جا ڏاڍا وڏا جتن ڪندو آهي. ايتري قدر جو انهيءَ اڻ-ڏٺي تبديليءَ لاءِ هو پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻ کان به ڪو نه ڪيٻائيندو آهي. ڪي اهڙا انفرادي ۽ اجتماعي خواب آهن، جن جي تعبير لاءِ هو هميشه حيران، سرگردان ۽ پريشان رهي ٿو.

    بهتر کان بهترين ٿيڻ جو شوق ۽ ڪا تبديلي آڻڻ جي آس جيڪڏهن منطقي طريقن سان واڳيل ناهن ته پوءِ نتيجا ڏاڍا ڀيانڪ ۽ تباهه ڪن ئي نڪرندا. ڇا اها تبديلي انهيءَ سوچ ۽ لوچ جو نالو آهي ته دنيا جهان کي ته بدلائجي، پر پنهنجي اندر ۽ ٻاهر ۾ ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چگهه واري صورتحال هجي! هن خفت ۾ ماڻهو ٻين جو هٿ ٺوڪيو هادي ۽ رهبر ٿئي ٿو، پر پنهنجو منڪر ۽ ويري بڻجي وڃي ٿو. هن ئي موڙ تي ”نظرياتي مبلغ“ ٺيڪيدار بڻجي، بلڪه ڪمدار بڻجي قوم جي نظرياتي تشخص ۽ اجتماعي سوچ کي ڇيهو رسائيندا آهن ۽ بلڪه داعش يا طالبان جو ڪردار ادا ڪندا آهن. پوءِ اهي، ماڻهو سڌارڻ بدران ماڻهو مارڻ کي ئي عين ثواب ۽ زندگيءَ جو مقصد بڻائي ڇڏيندا آهن.

    ان ڪري ڪنهن به تبديليءَ جو بنيادي شرط اهو آهي ته پهريون اها تبديلي پاڻ ۾ اچي ۽ اها تبديلي اسان کي ٻين اڳيان کليو ڪتاب بڻائي ڇڏي ته جيئن ماڻهو ان کي پڙهي پرجهي سگهن ۽ اتساهه وٺي سگهن. ايئن ئي تبديليءَ جي آس ٻين جي من ۾ واسو ڪري سگهي ٿي.

    تبديليءَ جو ٻيو شرط اهو آهي ته اها وقت ۽ حالتن مان ڦٽي نڪري ۽ انهيءَ حوالي سان دلين خواهه ذهنن جي زمين ۾ اهڙو ٻج ڇٽيو وڃي. هن کي ٻين لفظن ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته زميني حقائق کي سمجهڻ ۽ انهن جي برعڪس سوچڻ ۽ لوچڻ سان تبديليءَ جو رستو ته روڪي سگهجي ٿو، ليڪن ان کي منطقي نتيجي طرف وڌائي نه ٿو سگهجي. ان ڪري جيڪو زميني حقائق کي نه ٿو مڃي ۽ سمجهي، ان ۾ معامله فهمي جي صلاحيت گهٽ آهي ۽ هن جي سوچ ۽ لوچ جا مقصد ۽ مرادون هن لاءِ نقصانڪار ۽ ٻين لاءِ هاڃيڪار بڻجي ويندا. مثال طور منجهند ٽاڪ جو جڏهن نٽهڻ اس ۾ ڪانوءَ جي اک به نڪرندي هجي، اسان سج کي لاهي يا رات کي آڻي نه ٿا سگهون. ان لاءِ اسان کي انتظار ڪرڻو پوندو يا ڌرتتيءَ وقت پاڻ کي بچائڻو پوندو. ان ڪري ڪنهن به تبديلي لاءِ اوس ئي وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو ڇو ته وقت کي پاڻ بدلائي نه ٿا سگهون، البته حالتون بدلائي سگهبيون، جيئن ڌرتتيءَ جو پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اها ڪوشش جهڙوڪ حالتون بدلائڻ برابر آهي.

    اهي دوست جيڪي ڪا سياسي، سماجي يا نظرياتي تبديلي آڻڻ لاءِ آتا آهن، انهن کي اڳ ۾ حالتون بدلائڻ جا جتن ڪرڻا پوندا ۽ حقيقتن، يا چئجي ته زميني حقائق کي نظرانداز ڪرڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو. اهڙيءَ ريت اجتماعي تبديلين آڻڻ لاءِ اجتماعي ذهنن ۽ زبانن، عملن ۽ روين جي زمين تي هڪ جاکوڙي هاريءَ جيان ڪم ڪرڻو پوندو.

    جيڪڏهن آئون ڪا تبديلي چاهيان ٿو ته ان جو اهو مطلب به مون کي وٺڻ نه گهرجي ته هر ڪو اکيون ٻوٽي اها ۽ اهڙي تبديلي چاهيندو ۽ گهرندو هوندو. ڇو ته انسان هڪ ئي وقت شاندارماضيءَ جي يادن ۽ حال جي صورتحال کان تڪڙو پاڻ آزاد ڪري نه سگهندو آهي. ان ڪري ماضيءَ ۾ مگن ۽ حال ۾ مست ماڻهو مستقبل، يعني تبديليءَ کي تڪڙو قبول ڪو نه ڪندا آهن.

    اسان مان جيڪو ڪنهن نه ڪنهن ”تبديليءَ“ لاءِ سوچي ۽ لوچي ٿو، ان کي اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته هن جي خاندان ۽ هن جي قوم مان وڏي اڪثريت ماضيءَ سان محبت ۽ حال سان نسبت ڪري ڪنهن اهڙيءَ تبديليءَ کي قبول نه ڪندي، جنهن ۾ ان کي اهڙيءَ تبديليءَ ۾ ڪا ماضيءَ جي جهلڪ يا حال جي خوشبوءِ نه ٿي ملي. انهن ۽ ايترن ماڻهن جي مخالفت سان گڏوگڏ زميني حقيقتون پڻ ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن تبديليءَ کي تڪڙو قبول ڪو نه ڪنديون آهن، بلڪه ان جي شدت سان مخالفت ڪنديون آهن.

    اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ تبديليءَ لاءِ سوچيندڙن ۽ لوچيندڙن کي پنهنجي حڪمت عملين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، پاڻ کي تبديليءَ جو کليو ڪتاب بڻائڻو پوندو. ٻيءَ صورت ۾ فقط نعرن تي گذارو ڪرڻو پوندو.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • ادبي دهشتگرديءَ جا انوکا اسرار

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ادبي دهشتگرديءَ جا انوکا اسرار“

     

    چوندا آهن ته ”نانءَ چڙهيو چور ڦاهيءَ چڙهي ۽ نانءَ چڙهيو واپاري کٽيو کائي“. انهيءَ مصداق اسان جي قلمي جهاد ۾ اڳ پير ۽ وڏيرو نشانو بڻيو. ليڪن انهن کي نشانو بڻائيندي اسان پنهنجي اندر ۾ پير ۽ وڏيري جهڙا انسان پيدا ڪري ورتا. اهڙيءَ ريت هاڻي طالبان ۽ داعش وري حاڪمن ۽ عالمن قلم-ڌڻين جي نشاني تي آهن پر ان سان گڏ پنهنجي وجود ۾ اسان طالبان ۽ داعش به پيدا ڪندا پيا وڃون. نه ته اسان مان ڪيترا جيءَ ۾ جهاتي پائي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ پيرن وڏيرن ۽ طالبان يا داعش تي ڪڙي نظر رکن ٿا، ۽ نه وري ڪو انهيءَ ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته حالتن ۽ مفادن جي حمام خاني ۾ اسان سمورن جي حيثيت ۽ حالت هڪ جهڙي آهي. پوءِ اتي ڪو پير هجي يا امير، وڏيرو هجي يا ننڍيرو، شريف هجي يا بدمعاش.

    دراصل اهو سڀ ڪجهه انساني فطرت ۽ ماحول جو رنگ آهي، جن ۾ اسان جون سوچون ۽ لوچون، نظريا ۽ قدر روپ وٺن ٿا. اقتدار ملندو ته ڪيترا ماڻهو مٽجي ويندا، دولت ملندي ته ڪيتريون دليون مٽجي وينديون ۽ لالچ يا طمع جي تانگهه ٿيندي ته نظريا ۽ قدر مٽجي ويندا. اسان ماحول ئي اهڙي ۾ رهون ٿا، جيڪو اسان کي ته مٽائي ڇڏي ٿو، پر اسان مان ڪو آهي جو ماحول مٽائڻ لاءِ هٿ پير هڻي ٿو.

    تعليم ۽ ادب هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. ٻنهي جو ڪم ساڳيو آهي. تعليم انسان کي پڙهڻ پرجهڻ سيکاري ٿي ۽ وڌيڪ علم خواهه شعور جڏهن ضرورت بڻجي پون ٿا ته ادب ان جو پورائو ڪري ٿو. ان ڪري تعليم، علم ۽ ادب هڪ ئي تسلسل جي مالها جا موتي آهن. انهن جو انسان سان ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين رشتو آهي. پر اسان انهيءَ تسلسل کي ڄمڻ کان مرڻ تائين رکڻ  ۽ قبول ڪرڻ بدران ٻه اکر پڙهي ايترا ته عالم، عاقل ۽ فاضل بڻجي ويندا آهيون، جو وڌيڪ سکڻ، ٻڌڻ ۽ پڙهڻ بدران ٻين کي ٻڌائڻ، سيکارڻ ۽ پڙهائڻ جا ٺيڪيدار بڻجي ويندا آهيون. انهيءَ ٺيڪيداريءَ جي خفت ۾ اسان انهيءَ منزل تي وڃي پهچندا آهيون، جتي ڏينهن ۽ رات، عيب ۽ ثواب جا فرق مٽجي ويندا آهن.

    ”هڪ هٽي“ فقط اقتصادي اصطلاح ڪونهي، پر جيئن اقتصاديات تي ان جا منفي اثر پون ٿا، تيئن اها ”هڪ هٽي“ معاشري ۾ سياست ۾، علم ادب ۾، ادارن ۾ به ڀينگ ڪرڻ جا اثر وجهي ٿي. ڇا اسان ڪڏهن انهيءَ ڳالهه ڏانهن به توجهه ڪيو آهي ته اسان جي ادبي، سماجي ۽ سياسي ادارن جي اڪثريت کي ”هڪ هٽيءَ“ جي بي پاڙي ول ڪيئن ۽ ڇو وڪوڙي وئي آهي؟ اسان انهيءَ سان نئين نسل، نئين رت ۽ نئين هوا جا دروازا بند ڇو ٿا ڪريون. اهو ڇو نه ٿا سوچيون ته اها هڪ هٽي سياست ۾ آهي ته آمريت کي جنم ڏئي ٿي، مذهب ۾ آهي ته طالبان ۽ داعش کي جنم ڏئي ٿي ۽ سماج ۾ آهي ته پيرن ۽ وڏيرن کي پيدا ڪري ٿي، صنعت ۽ واپار ۾ آهي ته سرمائيدارن کي جنم ڏئي ٿي، اها  علمي ۽ ادبي ادارن ۽ تنظيمن ۾ هوندي ته ڪوڙ ۽ مفادن تي ٻڌل نظرين ۽ قدرن کي جنم ڏيندي.

    جيڪڏهن ڪو اها ڳالهه نه ٿو مڃي ته اها ”هڪ هٽي“ اسان جي عملي ۽ ادبي ادارن خواهه جماعتن ۾ ڪانهي، ته پوءِ اهڙي انڪار کان انڪار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪهڙو چارو رستو رهي ٿو؟ سچ ته اهو آهي ته انهيءَ ”هڪ هٽي“ ڪارڻ اسان ادبي دنيا ۾ آمريت ۽ دهشتگرديءَ جو ٻج ڇٽيون ٿا.

    ادبي ادارن ۽ تنظيمن جا اڳواڻ ساڳيا، ادبي ۽ ثقافتي ميڙاڪن ۽ سيمينارن ۾ چهرا ساڳيا، ٽي وي تي مذاڪرن ۽ مباحثن ۾ مهانڊا ساڳيا! ڇا سنڌ جي فقط اها ئي دانش آهي ۽ اسان جي اها ئي دانشمندي آهي. سچ ته اهو آهي ته اها دانشمندي نه پر دهشتگردي ۽ آمريت آهي.

    سنڌي ادب ۾ انهيءَ دهشتگرديءَ ۽ آمريت کوڙ سارا انوکا مثال قائم ڪيا آهن. سچ يا ڪوڙ، چوندا آهن ته اتر سنڌ جو هڪ شاعر جڏهن مشاعرن ۾ ويندو هئو ته پاڻ سان گڏ هٿيارن پنهوارن وارا ماڻهون به وٺي ويندو هو. مجال جو مون پارو ماڻهو هن کي سندس شاعريءَ تي داد نه ڏئي يا شاعريءَ جي ڪنهن اوڻائي جي نشاندهي ڪري.

    مون پاڻ ايترا ڪتاب-ڌڻي ليکڪ ڏٺا، جن ڏاڍ، مڙسيءَ جي ڏڍ تي پنهنجي ڪتابن لاءِ مقدما ۽ تعارف لکرايا. دڙڪا ۽ ڌهمان ٻڌي ڊڄي ڪتاب جي مسودي پڙهڻ کانسواءِ مون به هڪ اڌ ڪتاب جا تعارف لکيا، پنهنجي باقي عزت به بچائي ۽ همراهه جو نالو به روشن ڪيو. ڪيترا اديب شاعر موبائيل ذريعي ڄمڻ جي تاريخ لکي موڪليندا آهن ته اها مان اخبارن ۾ ڏيان. انهيءَ اوپري ماڻهوءَ جي اڌوري معلومات تي ٻڌل ڄمڻ جي تاريخ جڏهن اخبار ۾ نه ايندي آهي ته پوءِ اهڙيون ست سريون ٻڌائيندا آهن،جيڪي منهنجي فرشتن به ڪو نه ٻڌيون هونديون.

    انهن روين، انهن ”هڪ هٽين“ ۽ اهڙين دهشتگرديءَ جي روايتن کي بدلائڻ جي ضرورت آهي. اسان جيڪڏهن ائين نه ٿا ڪريون ته پوءِ جهڙوڪ پڙهندڙن ۽ عوام تي اهو ڪجهه نظرياتي بار وجهون ٿا، جيڪو هنن جون واٽون ويهه ته ڪري سگهي ٿو، ليڪن اجتماعي مفاد ۽ اجتماعي روشن مستقبل جي نويد ٿي نه ٿو سگهي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • مئن مٿان مامرا، هيئن نه وجهجن هوت

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”مئن مٿان مامرا، هيئن نه وجهجن هوت “

    زندگي ۽ موت سچائيءَ جي سڪي جا ٻه پاسا آهن ۽ ڪنهن به پاسي کي خالي رهڻو ڪونهي، جيڪو گهڻو ٺهيو آهي سو اوس ئي ڊهي. ان ڪري سياڻن چيو آهي ته ”مرڻو ناهي ميار، پرڻو ناهي گار“. هن فاني دنيا ڏاڏي آدم کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين بيشمار انسان ڏٺا ۽ هر ڪو پنهنجو وارو وڄائي ويو. اهو سلسلو تيستائين قائم رهندو جيستائين دنيا قائم آهي.

    ماڻهو ڄمندا به رهندا ته مرندا به رهندا. پر انهن واقعن تي ردعمل قومن جي نفسيات جي تصوير چٽيندا آهن. مشرقي ملڪن ۾ انسان دوستي ڪنهن حد تائين وڌي وڃي انسان پرستي بڻجي پوي ٿي. اهو انسان جو ڪمال آهي جو پاڻ جهڙي انسان کي پنهنجي محبت ۽ عقيدت سان ايترو ته مٿي کڻي وڃي ٿو جو هن جي انهيءَ آدرش جو جيڪو نانءُ وٺي، تنهن جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ کان به نٿو لهرائي. آدرش ۽ اڳواڻ هادي ۽ رهبر ڇڙوڇڙ ٿيل قوم کي ايڪي ۽ اتحاد جي مالها ۾ موتين جا پوئيندا آهن ۽ نظرياتي خواهه فڪري تربيت ڪندا آهن. پر جيڪڏهن اها آدرش دوستي آدرش پرستيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ته پوءِ غلاميءَ جو نئون زنجير ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ بڻائي وڌو وڃي ٿو. اسان وٽ تقريبن ائين ئي ٿئي ٿو. نتيجي طور شخصيتون ۽ آدرش اڳتي وڌي وڃن ٿا ۽ نظريا خواهه اصول نظرانداز ٿي وڃن ٿا. آدرش پرستي جا شائق اهو وساري ويهن ٿا ته آدرش به انسان ٿيندا آهن ۽ اهي بي مثال خدمتن خواهن خوبين باوجود ڪڏهن نه ڪڏهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن غلطيءَ جا مرتڪب به ٿيندا آهن. ان ڪري آدرشن کي انسان طور ئي پيش ڪجي۽ نه ڪي مافوق الفطرت هستي ۽ گناهن غلطين کان پاڪ سمجهيو وڃي. جيڪڏهن آدرش پرستيءَ يا آدرش پرچاريءَ کي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ، گروهه بندي ڪرڻ ۽ ماڻهن جو احساساتي استحصال ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو ته قوم کي جهڙوڪ چاڪيءَ جي ڏاند وانگر گهاڻي جي چوڌاري ڦيرايو ويندو ۽ ان کي منزل طرف وڌڻ جو موقعو ئي نه ملندو.

    اسان آدرش پرچاريءَ ۾ وڏيون غلطيون ڪري رهيا آهيون، جيڪي اڳتي هلي اسان جي اجتماعي روشن مستقبل کي اونداهون ڪري ڇڏينديون. هيءُ ڪٿان جو انصاف آهي ته اسان ساڳئي ئي سوچ ۽ محبت سان پنهنجي آدرشن يا لٽيرن کي هڪ ئي قطار ۾ آڻي بيهاريون. اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس ڌيءَ شهيد راڻي جي مزار تي به پڙ پون ٿا، ته اهڙيءَ ريت مخدوم بلاول جي مزار ۽ پرو چانڊئي جي قبر تي به پڙ پون ٿا. انهن سمورين شخصيتن جي حيثيت الڳ الڳ آهي. شهيد ڀٽو ۽ سندس نياڻي سياستدان هئا، مخدوم بلاول وطن دوست ديني عالم هو ۽ پرو چانڊيو هڪ ڌاڙيل هو. جڏهن اسان جي دور ۾ به پڙن پوڻ جو اهو رواج موجود آهي ته صديون پوءِ پرو چانڊيو پڻ اسان لاءِ هڪ وڏو پير فقير بڻجي ويندو. اسان کي پنهنجن اهڙن روين ۽ اهڙي آدرش پرستيءَ تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن پاڻ ائين نه ڪيو ته پوءِ تاريخ جي غلط روايت قائم ٿي ويندي ۽ ڪيترا رهزن اسان جا رهبر ڄاتا ويندا ۽ ڪيترن رهبرن جو پنڊيءَ تي به نالو ڪو نه هوندو.

    مون فقط چند نالا مثال طور پيش ڪيا آهن. جڏهن ته سياسي شعبي ۾ اسان آدرشن کي ائين ٿا مڃون ۽ مٿي تي کڻون جيئن انهن کي اسان جو پڪو دين ايمان هجي. هر ڪنهن کي حق آهي ته پنهنجي سياسي هادي ۽ رهبر کي دل جي حضور سان مڃي، پر اهو ڪنهن کي به حق نٿو رسي ته پنهنجي آدرش کي ٻين مٿان زوري ۽ زبردستي مڙهيو وڃي. اسان کي پنهنجي آدرشن جي دل جي گهرائين سان تعريف ڪرڻ گهرجي، پر ان جو اهو مطلب نه هجڻ گهرجي ته ٻئي ڪنهن جي آدرش جي توهين يا تذليل ڪئي وڃي.

    اسان مئن توڙي زندهه آدرشن سان حقيقت ۾ انصاف نه ڪيو آهي. اسان اهڙي قوم بڻجي ويا آهيون، جنهن کي زندگيءَ جي بدران موت ڏاڍو وڻي ٿو. شل نه ڪو آدرشي انسان مري، پوءِ اسان جو جهڙوڪ مڪو مچي ويو. سندس موت تي قلم اڀا ٿي ويندا، يادگيريون لکجڻ شروع ٿي وينديون ۽ اکين مان ائين ڳوڙها وهندا ڄڻ ته مري ويل اسان کانسواءِ ماني نه کائيندو هو يا اسان ان کان هڪ پل به پري نه هئاسين. ان جو موت اسان جو موضوع بڻجي پوندو، پوءِ اسان ڳالهين جا ڳهير اهڙا ته داستان ڇيڙينداسين جو توبه نعوذ بالله جو ملڪ الموت به پريشان ٿي ويندو ته هن ڪيڏو نه ڪيس ڪيو آهي. پر اسان جي روين کي ڪو به باريڪ بينيءَ سان ويهي ڏسي ته صورتحال ئي نئين اڳيان اڀري ايندي. مثال طور نامور سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي گذاري ويو ۽ اسان کيس گارڊ آف آنر ۽ 21 توپن جي سلاميءَ سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو. اهو اعزاز  قائداعظم کي مليو ۽ ان کانپوءِ ضياءَ الحق جي مداحن به اهڙو موقعو هٿان نه وڃايو ۽ ٽيون عبدالستار ايڌي هو، جنهن کي اهڙيءَ ريت اعزاز سان دفنايو ويو.

    هاڻي سوچڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته عبدالستار ايڌيءَ جيان ڊاڪٽر اديب رضوي، ڊاڪٽر صالح ميمڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا ماڻهو اسان جي محبتن جي مينارن برابر آهن. عبدالستار ايڌيءَ جي جنازي نماز پڙهڻ وقت ڊاڪٽر اديب رضوي به موجود هئو، پر ان تي ڪنهن جي به نظر ڪا نه ٻڏي، هو پهرينءَ صف ۾ ڪو نه هو پر ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي هڪ عظيم انسان کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيو هو. هن جي موجودگي ڪو معمولي واقعو نه هو پر هن کي ته ان وقت ڪنهن وي آءِ پي ٽريٽمينٽ ڪو نه ڏنو ۽ ڪنهن نگاهه کڻي به ڪو نه ڏٺس، پوءِ هي ڪٿان جو انصاف چئبو ٿه اسان زندهه آدرشن کي کيڪاريون به ڪو نه ۽ اهو انتظار ڪيون ته ڪو مري پوءِ اسان جي محبت ۽ عقيدت جا رنگ ڏسي. اسان معاشري ۾ وڏ ماڻهپ جي منزل ماڻڻ ۽ مئي کانپوءِ پنهنجي قبرن تي پڙ چاڙهڻ لاءِ موت کي جهڙوڪ لازمي شرط بڻائي ڇڏيو آهي. اسان کي جهڙوڪ آدرشن جي موت جو انتظار هوندو آهي ۽ زندگي يا زندهه آدرشن سان تر جيترو به واسطو نه رهندو آهي. هيءُ ڪٿان جو انصاف آهي ۽ هيءُ ڪهڙي حڪمت عملي آهي ته موت تي جشن جهڙو سماءُ پيدا ڪيون ۽ حياتيءَ تي موت جهڙي خاموشي اختيار ڪيون. زندهه آدرشن جو جيڪا قوم قدر نٿي ڪري، اها مري ويلن آدرشن تي مانگر مڇ وارا ڳوڙها ڳاڙي ٿي. هاڻي اسان کي اهي روايتون ختم ڪرڻ گهرجن. اسان مري ويلن سان وڏو آزار ڪيو آهي. انهن جي قدرن ۽ نظرين کي ڪوشش ڪري پنهنجي مفادن ۽ مقصدن طور ٽوڙي ۽ مروڙي پيش ڪيون ٿا، هنن جي نانءُ کي مصيبت بڻائي ٻين جي ذهنن ۽ نظرين کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ ڪتب آڻيون ٿا. اڄ جي لطيف زندهه هجي ها ته هن کي اسان جي افعالن ۽ روين تي وري ڪي نوان داستان لکڻا پون ها. اڄ جي سچل زندهه هجي ها ته هو حيران ٿي وڃي ها ته هن جي تصوف جي اسان ڪهڙي نه تشريح ڪري رهيا آهيون. اڄ جيڪڏهن سامي زندهه هجي ها ته هوند به هو ويدن جي واڻيءَ سان ٿيندڙ زيادتي تي روئي پوي ها. اسان کي دودي سومري، مخدوم بلاول، هوشوءَ، هيمون، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، شهيد راڻي، سائين جي ايم سيد تان جو ويندي عبدالستار ايڌي جهڙن آدرشن جي نظرين ۽ قدرن جي تبليغ تي زور ڏيڻ گهرجي، ڇو ته ان ۾ ئي اسان جي نظرياتي ڀلائي آهي. باقي جيڪڏهن ڪنهن گذاري ويل شخصيت کي اکيون ٻوٽي قبول ڪرڻ لاءِ پير فقير بڻايو ويو يا سندس مزار تي پڙ چاڙيا ويا ته اها آدرش پرستي به چئبي ته پر آدرش پرچاري ڪا نه چئبي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com