Category: COLUMN BY DR. PATHAN

  • محبن معتبري، سکي پٽڪي ڊاهه ۾

    (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”محبن معتبري، سکي پٽڪي ڊاهه ۾“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    هر قوم جي نفسيات وقت ۽ حالتن پٽاندڙ عجيب قسم جا واچوڙا ورائي ويندا آهن، جيڪڏهن ڏاها دانشور ۽ مدبر انهن تي ڌيان نه ڏيندا آهن ته پوءِ اهي واچوڙا قومي نفسيات کي پنهنجي رنگ ۾ رينٽو ڪري ڇڏيندا آهن.

    مثال طور ڪي ماڻهون اذيت-پرست ٿي ويندا آهن ته ڪي اذيت-پسند، اذيت- پرستي اپر ڪلاس جي عنايت آهي. انهن جي ارهه-زورائي جي ڇانوءَ ۾ جڏهن به ڪڪڙن جي ويڙهه ٿيندي ته ماڻهن جا هجوم گڏ ٿي ويندا. رڇ ۽ ڪتي جي ويڙهه ٿيندي ته ماڻهن شرطن تي شرطون رکندا. اهي ظلمي ۽ ظلولمي ڪارروايون ڏسي ماڻهن کي اذيت-پرستي بي پاڙيءَ ول جيان وڪوڙي ويندي. اهڙيءَ ريت سنڌ جي وڏي اڪثريت وري اذيت- پسنديءَ جي ور چڙهيل محسوس ٿيندي. ماڻهن ويچارن جو الله کانسواءِ ڪو اوهي واهي ڪو نه. ڪو به ڪنهن جو همدرد ورلي ئي هوندو. ان ڪري مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ سمجهي پيا ظلم ۽ زيادتون برداشت ڪندا. دوڪاندار کان سامان وٺندا ته ان کان وڌيڪ ڇڙٻون کائيندا. وڏيري جي اوطاق تي ويندا ته موڙهي تي ويهي مهڻا برداشت ڪندا. ڪنهن پير فقير جي درگاهه تي ويندا ته مٽيون ڀريندا. اسپتال ۾ ويندا ته ڏينهن جا تارا ڏسندا، ٿاڻي تي ويندا ته اڌ مٿو ڪوڙائي ايندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪاموري ڏي ويندا ته پنهنجو هنياءُ ڏارائي ايندا.

    هن موڙ تي هڪڙي هوندي اذيت-پرستن جي ٽولي جنهن کي زيادتيون ڪندي ۽ زيادتيون ٿيندي ڏسي خوشي محسوس ڪندي. ٻي ٽولي هوندي اذيت- پسندن جي، جيڪي پنهنجي مٿان عذابن، دکن دردن جا پهاڙ ڪرندي ڏسي به حضرت ايوب جيان صبر ڪري ويهي رهندا ۽ چوندا ته نصيب ئي ڦٽل آهن ۽ مقدر ۾ ئي اهو لکيل آهي.

    هن موڙ تي ئي ڏاهن، سياڻن ۽ سپورنجن کي عوام دوستيءَ جو مظاهرو ڪرڻو آهي، ماڻهن کي وڏي واڪ ٻڌائڻو ۽ سمجهائڻو آهي ته جيڪو ظلم برداشت ڪري ٿو، اهو ظلم جي تسلسل، واڌاري ۽ ڦهلاءَ ۾ ظالم سان  ڀاڱي ڀائيوار آهي. ظلم ان ڪري وڌندو آهي جو مظلوم اکيون ٻوٽي ان کي قبول ڪندو آهي. جيڪڏهن ماڻهن ۾ ظلم ۽ زيادتي سان مهاڏي اٽڪائڻ جي هير پئجي وڃي ته ظالم ۽ ظلم جي پيرن ۾ ڏانوڻ پوڻ شروع ٿي سگهن ٿا.

    اذيت-پرستي ۽ اذيت-پسنديءَ جي ماحول ۾ مخالفن ۽ نقادن جي اهڙي کيپ تيار ٿي ويندي آهي، جنهن کي هر ڪنهن جي مخالفت ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي ۽ هر ڳالهه مان عيبن غلطين ڪڍڻ جي عادت پئجي ويندي آهي. اوهان هنن اڳيان سڄا سارا سون جا ٿي پئو پر اوهان جا پير هنن کي پتل جا نظر ايندا. هنن جي شر مان ڪو به شريف محفوظ نه هوندو. هنن کي وڏن ۾ رڳو وِڏون نظر اينديون ۽ ننڍن تي سندن نظر ئي ڪا نه ٻڏندي. اسان جي قلمڪارن ۽ نظرياتي اڳواڻن وڏيرن، پيرن، اميرن ۽ ڪامورن جي ڪرتوتن کي ته دل کولي وائکو ڪيو آهي، پر پنهنجي صفن ۾ ويٺل هنن زهريلن نانگن تي سندن نظر ڪا نه پئي آهي. نقادن جي نالي ۾ نقصانڪارن جو هي اهو طبقو آهي، جيڪي آدرشن سان ايتري ته دشمني ڪن ٿا، جيڪا ڪو وڏيرو، پير يا ڪامورو به ڪو نه ڪندو هوندو. بلڪه اهي اسان جي ۽ عوام جي محاذ تي رهندي ۽ هوندي عوام جي دشمنن لاءِ جنگ وڙهن ٿا.

    انهن عادي ڏوهارين جي نشاني اها آهي ته پاڻ کي ئي عقل جو اڪابر ۽ هر علم جو ماهر ڄاڻيندا. پر علم ۽ عقل کان وڌيڪ هنن جي ذهنن، زبانن ۽ دلين تي بغض ۽ تعصب جي حڪمراني ٿيندي آهي.

    تنقيد جي اهميت ۽ عظمت کان ڪير به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. ان سان ئي حق ۽ ناحق، سچ ۽ ڪوڙ، سٺي ۽ خراب جي فرق جي خبر پئي ٿي. پر ذاتي تنقيد ۽ پٽڪي ڊاهه واري تنقيد دليون ته آزاري سگهي ٿي، ليڪن ذهن بدلائي نه ٿي سگهي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • ٻوڙا ٻڌن ڪين، ساز اسان جي سورن جا

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ٻوڙا ٻڌن ڪين، ساز اسان جي سورن جا“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    چوندا آهن ته انسان جيڪو ۽ جهڙو اندر ۾ هوندو آهي، دنيا کيس ان جهڙي ئي نظر ايندي آهي ۽ هو دنيا کي فقط انهن ئي نظرن سان ڏسڻ گهرندو آهي. ان ڪري غلامن کي غلاميءَ جون ڳالهيون وڻنديون، بهادر کي بهادريءَ جون ڳالهيون سٺيون لڳنديون ۽ سچار کي سچ ئي پيو وڻندو.

    اسان مان اسي سيڪڙو آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جون ڳالهيون ڪندا آهن، پر اندر ۾ جو آزاديءَ ۽ خوشحالي جو مفهوم واضح نه هوندو آهي، ان ڪري انڌي هاٿيءَ جيان پنهنجي لشڪر کي نقصان رسائڻ کانسواءِ اسان جي سوچن ۽ لوچن جا نتيجا پيا نڪري نه ٿا سگهن.

    آزادي ۽ خوشحالي فقط سياسي ڪا نه ٿيندي آهي، بلڪه ائين چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته جيستائين سماجي، ثقافتي، نظرياتي، علمي ۽ ادبي آزادي ۽ خوشحاليء نه ٿي ماڻجي، ان وقت تائين سياسي آزادي ۽ خوشحالي جو خواب ڏسڻ جو مطلب آهي ڏينهن جا تارا ڏسڻ ۽ هوا ۾ لٺيون هڻڻ.

    اسان جي معاشري ۾ اسان انهن مان ڪنهن به هڪ قسم جي آزادي کي نه برداشت ڪيو آهي، نه قبول ڪيو آهي ۽ نه وري ان کي هٿي ڏني آهي. بلڪه جڏهن به موقعو مليو آهي ته سماجي، ثقافتي، نظرياتي، علمي ۽ فڪري آزاديءَ جي ڳچيءَ ۾ ٽوڙهو وڌو آهي. هن آزاديءَ جو لازمي شرط اهو آهي ته اسان ٻين جي  فڪري، نظرياتي ۽ سماجي آزاديءَ کي قبول ۽ برداشت ڪيون نه ڪي ٻين ماڻهن کان اهڙي آزادي کسيون.

    اسان اهڙيءَ آزاديءَ جا دشمن آهيون. ان ڪري ”مخالفت“ ۽ ”دليل“ جا لفظ اسان پنهنجي سوچن ۽ لوچن جي لغتن مان ڪڍي ڇڏيا آهن. ان ڪري چاهينداسين ته ڀلي ڪو خدا ۽ خدا جي رسول خلاف ڳالهائي، پر جيڪڏهن اسان جي آدرش خلاف ڳالهائيندو ته سندس زبان وڍي ڍير تي اڇلائينداسين. ڪو پنهنجي ضمير، سوچ ۽ علم مطابق ڪو ليک لکندو ۽ ائين جيڪڏهن اسان کي نه وڻيو.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • وڏي وٿ ادا حميد

    شمس الحق ميمڻ

    ”وڏي وٿ ادا حميد“

    چوندا آهن ته ”ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، ونڊ نه ڏيندي ڀاڳ“. اها ڳالهه سورنهن آنا سچ آهي، پر ان کان وڌيڪ سچ اهو آهي ته سلڇڻا پٽ انهيءَ وڏي- ونڊ  مان وڏو حصو پنهنجن ڀائرن کي ئي ڏيندا آهن. جيڪڏهن وڏا ڀائر لائق ۽ فائق آهن ته اتي ”ٻه ته ٻارنهن“ واري چوڻي بلڪل سچ ثابت ٿئي ٿي. خوش بخت آهن اهي ماڻهو جن کي ڀائر آهن، پر بدنصيب آهن اهي ڀائر جن کي وڏڙن ڀائرن جي فيض ۽ شفقت مان به ونڊ نه مليو. مان پاڻ کي وڏو خوش بخت سمجهان ٿو، جنهن کي عبدالحميد جي روپ ۾ وڏو ڀاءُ مليو.

    منهنجي محترم ڀاءُ کي سنڌ ۽ هند ۾ حميد سنڌيءَ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هن اها ڄاڻ سڃاڻ وڏين محبتن ۽ محنتن سان حاصل ڪئي. الله پاڪ جيڪي کيس ادبي، انتظامي ۽ سماجي جوهر ڏنا، اها انهن جي جوت آهي، جنهن سندس شخصيت کي به جرڪايو ۽ خاندان جو نالو به روشن ڪيو. اهو سندس صلاحيتن ۽ لياقتن جو اثر هئو جو هن سالن جا سال حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول کي حقيقت جو روپ ڏنو،  ان ۾ ادا عبدالحميد جو رت ۽ ست شامل آهي. ادا عبدالحميد وڏا عهدا ماڻيا آهن ۽ انهن ۾  بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن جي دل ۾ سدائين سنڌ ۾ تعليم جي ترقيءَ جو اونو رهيو. پاڻ ڪاليجن جو ڊائريڪٽر، اسڪول ايجوڪيشن جو ڊائريڪٽر، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين، سنڌي لئينگويج اٿارٽي جو چيئرمين ۽ ايگريڪلچرل يونيورسٽيءَ خواهه شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو ۽ انهن ادارن کي اعليٰ ۽ افضل بڻائڻ ۾ مدد ڪئي.

    ادا عبدالحميد جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب سان جهڙوڪ عشق رهيو آهي. پاڻ ڄمندي اديب آهي ۽ هاڻي ادبي حلقن جو سرواڻ آهي. هندن جي لڏي وڃڻ کانپوءِ حيدرآباد ۾ جڏهن ادبي رسالن نڪرڻ تصوراتي ڳالهه بڻجي وئي هئي، ته اهڙيءَ صورتحال ۾ منهنجي ڀاءُ ”روح رهاڻ“ رسالو ڪڍي، ماٺار وارين حالتن کي ادبي جوش ۽ ولولي ۾ بدلائي ڏيکاريو. انهيءَ پليٽ فارم تان ادا عبدالحميد جيڪي جشن روح رهاڻ ادبي  ڪانفرنسون ڪوٺرايون ۽ محفلون مچايون، اهي حيدرآباد ۾ ادبي سرگرمين جي تاريخ ۾ سونهري باب برابر آهن. ادا عبدالحميد فقط ايڊيٽر ڪو نه هو، پر هو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ بهترين نثر نويس طور پڻ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، هن جيڪو به لکيو آهي، اهو سون تي سهاڳو آهي،  ۽ ادبي شاهڪار آهي.

    اهو مثالي اديب ۽ برجستو منتظم ادا عبدالحميد مون لاءِ وڏي وٿ آهي، بابا سائين جي جدائيءَ کانپوءِ هن ئي بابا سائين جون سڪون لاٿيون، انهيءَ شفقت ۽ محبت سان منهنجي وجود کي ٽمٽار ڪيو، جو آئون اڻپوري رهڻ کان بچي پيس، مون الله سائين جي ڪرم سان جيڪي به عهدا ۽ رتبا ماڻيا، انهن جي اهل بڻائڻ ۾ سندس شفقت، نظرداريءَ ۽ تربيت جو وڏو عمل دخل رهيو آهي. مون کي سوين سر هجن ته آئون پنهنجي هن مٺڙي ڀاءُ جي هڪ هڪ ادا تان گهوري ڇڏيان. هو منهنجي پيءُ جي جاءِ تي آهي. ڀاءُ آهي، يار آهي ۽ غمخوار آهي.

    ادا سان لاڳاپيل منهنجيون ساروڻيون منهنجي زندگيءَ جو اثاثو آهن. هن جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ اسانجي والد مرحوم سيٺ محمد اسماعيل جي تربيت جو وڏو عمل دخل هيو. بابا سائين مرحوم جون محبتون ۽ شفقتون، نسبتون ۽ تربيتون مون کي به وڏي ونڊ طور مليون. اهو رنگ ۽ اثر ادا جي معرفت ۽ محبت مان مون کي مسلسل ۽ مستقل طور ملندا رهيا آهن. چوندا آهن ته جيئن خزان ايندي آهي ۽ گل ختم ٿي ويندا آهن ته پوءِ گلن جي خوشبوءِ عطر مان ايندي آهي. بابا سائين مرحوم سيٺ محمد اسماعيل گل هيو ۽ ادا ان جو عطر آهي. ساڳي خوشبوءِ ۽ ساڳي روح جي راحت.

    اسان پاڻ ۾ ائين رهياآهيون، جيئن هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا يا ٻن جسمن ۾ ساڳيو هڪ روح. ادا تي اسان جي ڏاڏا سائين جو نالو آهي، ان ڪري اسان مان ڪي کيس ”بابا سائين“ چون ته ڪي ”نانا سائين“ چون. سندس پيار جو نالو ”مٺل سائين“ آهي. منهنجا فرزند محمد اسماعيل بابر ۽ بلال وري کيس ”بابا وڏو“ چوندا آهن.

    مان جڏهن حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج، ڪاري موريءَ ۾ پڙهندو هئس ته اسان ٻئي ڀائر لڳاتار ٻه سال هيرآباد جي 19- روپ محل ۾ رهياسين. اهي ٻه سال ادا جي محبتن ماڻڻ ۽ سندس صلاحيتن ڏسڻ جون جهڙوڪ ٻه صديون مون اکين سان ڏٺيون. روپ محل نه رڳو اسان لاءِ رهڻ جو فليٽ هئو، پر ڪيترين ادبي ۽ نظرياتي تحريڪن جي جوڙ جڪ جو مرڪز هئو. ان ڪري حيدرآباد ۾ هيءُ روپ محل تحريڪي دوستن جو وڏو مهمان خانو، رات جو ٺڪاڻو ۽ ننگر پاڻيءَ جو ذريعو هوندو هو . مون اتي ”روح رهاڻ“ رسالي کي جنم وٺندي ڏٺو ۽ دانشورن کي روح رهاڻيون ڪندي ڏٺو. هتي ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون ۽ سنڌ جي ادبي ايجنڊا کان وٺي ويندي ڌرتيءَ ماءُ جي روشن مستقبل بابت  صلاحون ٿينديون هيون. روپ محل جي ڪچهرين ۾ شامل هئا. مرحوم ناصر مورائي، مرحوم قاضي اشفاق، آغا سليم، شمشيرالحيدري، غياث الدين جوڻيجو، خواجه سليم (هاڻي خواجه نور حسين)، خواجه نثار، امداد حسيني، مرحوم حفيظ شيخ ۽ ٻيا.

    ادا عبدالحميد پنهنجي وجود ۾ هڪ انجمن آهي، تاريخ آهي ۽ تحريڪ آهي. مون کي فخر آهي ته آئون هن عظيم انسان جو ننڍو ڀاءُ آهيان.

     
  • مسئلو اقليت ۽ اڪثريت جي مخالفت جو

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”مسئلو اقليت ۽ اڪثريت جي مخالفت جو“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    اسان جي معاشري ۾ اڪثر لکيا پڙهيا اهو چوندا ۽ سمجهندا آهن ته جيڪڏهن معاشري جي طول و عرض ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي مخالفت ۾ واءُ گهلي ٿي ته اهو ڪو سٺو ماڻهو ڪونهي، ڇو ته عوام الله جو نغارو ٿيندو آهي ۽ گهڻن ماڻهن جون زبانون ملي سچ جو آواز آلاپينديون آهن.

    پر تاريخ جي پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته اسان جي اهڙيءَ سوچ ۾ گهڻا جهول نظر ايندا. تاريخ ته اهو ٻڌائي ٿي ته اڪثر ڪري ٿورائي وارا ماڻهون حق ۽ سچ تي هوندا آهن ۽ گهڻائيءَ وارا ظلم ۽ زيادتين جا نت نوان رڪارڊ قائم ڪندا آهن. سقراط کان وٺي امامن جي امام حضرت حسين سان ٿورن ماڻهن ساٿ ڏنو. منصور ۽ سرمد ٿورائيءَ ۾ هئا. ان ڪري اها ڪسوٽي بڻائي نه ٿي سگهجي ته جنهن جي گهڻي مخالفت آهي، اهو ڪو غلطي تي آهي. رهيو سوال ته عوام الله جو نغارو آهي يا نه؟ ان لاءِ هيءُ چوڻ ئي ڪافي آهي ته عوام قوت آهي ۽ سچ آهي ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي. واقعي عوام الله جو نغارو ٿيندو آهي، پر جڏهن الله جي نغاري ٿيڻ بدران ڪنهن گروهه، پارٽي يا ڌر جو نعرو بڻجي پئي ته هن کان رب جي نغاري هئڻ واري حيثيت ختم ٿي وڃي ٿي. عوام ڳالهائيندو آهي، پر مقصدي ماڻهن ۽ اڳواڻن جيان وڏي واڪ نه ڳالهائيندو آهي. هن مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ ڪري پئي گذاريو آهي. سندس دل ۾ درد ته هزارين هوندا آهن، پر اسان جي ويجهڙائي واري تاريخ ۾ عوام  درد دل ۾ رکي به دانهن زبان تي نه آندي آهي. جيڪڏهن انهن دردن جون دانهون اسان جا اڳواڻ، هادي ۽ رهبر ٻڌي سگهن ها، يا خود عوام اهو آواز اٿاري سگهي ها ته هوند حالتون اهي نه هجن ها، جن اسان کي بي پاڙيءَ ول جيان وڪوڙي ڇڏيو آهي ۽ اسان جو رت ست چوسي رهيون آهن.

    مغربي جمهوريت جو بنياد گهڻائيءَ تي رکيل آهي. اسان جي ملڪ ۾ رائج جمهوريت به ان تي قائم آهي ته جيڪو گهڻا ووٽ کڻي، اهو عوام جو نمائندو آهي. پر اسان جي جمهوري تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڌانڌلي ڪرڻ ئي ڪيترن سياستدانن جو سياسي دين ايمان رهيو آهي.  ايڪڙ ٻيڪڙ شفاف چونڊن کانسواءِ باقي چونڊون ڌانڌليءَ جو ئي نتيجو رهيون آهن. هاڻي جيڪڏهن ڪو سياستدان  ڌانڌليءَ ذريعي اقتدار ۾ اچي ٿو ته اهو ڪهڙي منهن سان پاڻ کي ”عوامي نمائندو“ چئي سگهي ٿو. هن رنگ ۽ ڍنگ ۾ ڪير ٿو مڃي ته عوام طاقت جو سرچشمو آهي. انهيءَ عظيم قوت ۽ طاقت جي سرچشمي کي ذاتين پاتين، دين ڌرم ۽ ٻين سبز باغن ذريعي وائڙو ڪري، سندس هٿن مان اقتدار ۽ اختيار جي قوت کسي وڃي ٿي، ان ڪري عوام ڀلي ٻين ملڪن ۾ طاقت جو سرچشمو ڇو نه هجي، پر اسان جي سياست ان کي دوکي ڏيڻ ۽ ڏٺي ۾ رکڻ کان مٿي سمجهيو ئي ڪو نه آهي. ان ڪري حاصل مطلب اهو ٿيو ته عوام الله جو نغارو آهي، پر ان کي نعرو بڻايو آهي. انهيءَ صورت ۾، بلڪه نعري بازي واري صورت ۾ جيڪڏهن گهڻا ماڻهو ڪنهن کي برو سمجهن ٿا ته اهو ڪنهن به صورت ۾ برو ڪونهي.

    حقيقت اها آهي ته ”مخالفت“ ۽ ”موت“ بابت اسان ماڻهن جا ويچار  ئي منفي رخ ڏانهن موڙي ڇڏيا آهن. ان ڪري موت جي ڊپ اسان کان زندگيءَ جون خوشيو کسي ڇڏيون آهن ۽ مخالفت اسان کان ڪنڌ کڻي هلڻ جي سگهه کسي ورتي آهي. حضرت نوح نبي هئو. پر سندس ونيءَ ۽ اولاد هن جي شديد مخالفت ڪئي، انهيءَ مخالفت سندس رتبي، مقصد ۽ ڪم تي ڪو به اثر ڪو نه وڌو. الله پاڪ مسلمانن لاءِ اها واقعا فقط ڳالهين ٻڌائڻ طور بيان ڪو نه ڪيا آهن، ليڪن اهو احساس ڏيڻ فرمايو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جا مٽ مائٽ به سندس مخالف آهن ته ڪا اربعا خطا ڪا نه ٿي. ان مخالفت جي ڪسوٽيءَ تي ڪنهن جي شخصيت ۽ حيثيت جي نفي نه ٿي ڪري سگهجي. گهر جي مخالفت هجي يا شهر جي مخالفت اها بي معنيٰ آهي، جيڪڏهن ماڻهو حق ۽ سچ تي آهي ۽ پوءِ کڻي ڇو اقليت ۾ هجي يا اڪيلو هجي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • مارون گهرن ملڪ جا، پنهنجن کان پناهه

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”مارون گهرن ملڪ جا، پنهنجن کان پناهه“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    ا هو ماڻهو خوش بخت آهي، جنهن کي دوست آهن. پر اهو ماڻهو بدنصيب آهي، جنهن کي دشمن ڪونهن. اهي دشمن ئي آهن، جيڪي اسان کي احتياط ڪرڻ واري ڏانءَ تي هلڻ جا هيري بڻائين ٿا ۽ ماڻهو سينو تاڻي غلطي يا ڪوتاهي ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿو. دشمن اسان اڳيان اسان جي شخصيت ۽ ڪردار جا اهي پاسا ۽ پهلو آڻي ٿو، جن تي پنهنجي نظر نه پوندي آهي. ان ڪري يارن مان ياريءَ جو مزو ملندو آهي ته دشمن مان هوشياري جي دوا ملندي آهي. لطيف سائين دشمن جي ڏاڍن سهڻن لفظن ۾ ڳالهه سمجهائي آهي ۽ الله تعاليٰ کان دعا گهري آهي ته اهي کر زنده رهن ته جيئن محبوبن سان ميڙاڪي جو منظر ڏسي، انهيءَ ساڙ ۾ سڙي مرن.

    هر ڪنهن معاشري جيان دشمنيءَ جا داڻا اسان جي سنڌي سماج ۾ به آهن. پر اهي نهايت هاڃيڪار ۽ ماڻهپيءَ جا ويري ٿين ٿا. ڪيترا ماڻهون ته نانگن کان به دشمنيءَ ۾ ٻه قدم اڳتي آهن. سنڌي سماج ۾ دشمني لاءِ ڪنهن جائز جواب جو هجڻ ضروري ڪونهي. ان ڪري جنهن وٽ بغض آهي ۽ ڪينو آهي، اهو دشمنيءَ ۾ باقي ٻين کان ٻيڻو آهي. موقعو ۽ مهل هجي نه هجي، بس وڻن تان جهيڙا لاهبا ۽ دشمنيءَ کي پنهنجي دين ايمان جو لازمي جز ڪري کڻبو.

    سنڌي سماج ۾ دشمنيءَ جو ٻٽو معيار آهي: ڌارئي سان دشمني ڪبي، پر لفظي ۽ زباني. جيڪڏهن ڌارين جي ٻلي ست ڪئا کائي حج تي ويندي ته ان کان بندرگاهه تي ڀاڪر پائي موڪلائينداسين ۽ ان کي پنهنجي دين ايمان جي سلامتيءَ لاءِ دعائون گهرڻ جون گذارشون ڪنداسين. ڌارئي سان دشمنيءَ جو اهڙو  تاثر ڏينداسين ڄڻ اجهو ٿا سندس ٻچا ٻار تي پهچايون. پر اهو دشمن ڀلي ماڻهن-مار هجي ۽ ڪيترا اهڙا گناهه ڳچيءَ ۾ پيل هجنس، پر اسان جو وزير گورنر يا صدر بڻجي وڃي ته نهايت ادب ۽ احترام سان سندس تعبيداري ڪنداسين. اهو اسان وٽ قبول يا مقبول هوندو. پر جيڪڏهن پنهنجي کان ڪا معمولي غلطي ٿي وئي ته دنيا جي ڪا به طاقت هن کي اسان جي دشمنيءَ کان بچائي نه ٿي سگهي. هو موت کان بچي سگهي ٿو، ليڪن اسان جي وير ۽ قهر کان بچي نه ٿو سگهي. ڇو ته اسان ڌرتيءَ جا وِيرَ به آهيون ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جا ويري به آهيون.

    اهو ضروري ناهي ته ڪنهن پنهنجي اسان جون ٻليون ماريون هجن، پوءِ به هن سان دشمني ڪبي ۽ دل کولي ڪبي. ڪنهن جي اٿ ويهه اسان کان بهتر آهي ته به هن سان دشمني ڪرڻ اسان لاءِ فرض بڻجي پوندو. ڪنهن محنت سان ٻه ڏوڪڙ ڪمائڻ شروع ڪيا ته جهڙوڪ اسان جي گهران ملڪيت ٻهاري ويو ۽ اسان جو هن سان ازلي وير ٿيڻ واجب ٿي پوندو. ڪنهن نالو ڪمايو ۽ ڪڍيو ته اسان جهڙوڪ ايمان مان نڪري وينداسين ۽ هٿ ڌوئي هن جي پوئتان پئجي وينداسين.

    هونئن ڀلي ته دين ڌرم، اخلاق ۽ نظريي سان اسان جي تر جو به واسطو ڪو نه هجي، پر دشمنيءَ ۾ ملڪي آئين، قاعدن ۽ قانونن کان وٺي ديني اصولن ۽ نظرين جا دفتر اسان جي دلين کي روشن ۽ ذهنن کي منور ڪري ڇڏيندا. پنهنجي دشمني کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ مذهب، سياست ۽ سماج جا سمورا قدم اڳيان رکي، بلڪه استعمال ڪري هن کي عوام دشمن، مذهب دشمن، ڪرپٽ ۽ بي ايمان ثابت ڪنداسين. بنهه ڪاري مينهن واري روش اختيار ڪنداسين ۽ پڇ-ڪارين ٻڪرين کي پيا لوئينداسين.

    حقيقت اها آهي ته اسان کي ڇپر ۽ ڇانوءَ ٿيڻ به ڪو نه اچي ۽ دشمني ڪرڻ کان به بنهه ڪورا آهيون. اها انهن سنڌ واسين سٻاجهڙن کي خبر ته دشمني جو عذاب ماڻهن ڪيڏو نه قبر جي عذاب کان به وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ واسي هاڻي جهڙوڪ منجهي پيا آهن ته الله کان شيطان کان بچڻ جي دعا گهرن يا پنهنجن جي دشمنيءَ کان بچڻ جي دعا گهرن. ڇا اسان پنهنجا رويا بدلائي نه ٿا سگهون؟ جيڪڏهن دوستي ڪرڻ نه ٿي اچي يا معاف ڪرڻ نه ٿو اچي ته دشمني ته فضيلت سان ڪريون.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • رحم ۽ رحمت لاءِ ترسندڙ قوم

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”رحم ۽ رحمت لاءِ ترسندڙ قوم“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    اسان جن حالتن مان گذري رهيا آهيون، اهي انهيءَ موڙ تي اچي پهتيون آهن، جتي مذهب يا سياست کانسواءِ  ڪنهن جي زبان تي ٻي واٽ ئي ڪانهي. ڪا ڳجهي طاقت آهي، ڪا ڌر آهي جنهن ٻنهي شعبن ۾ رت جي ريج سان پنهنجي مقصد جا ٻوٽا پوکڻ شروع ڪيا آهن. مذهب جي نالي تي جيڪا اسلامي ملڪن ۾ دهشتگردي ٿي رهي آهي، ۽ جهڙيءَ ريت ڪي مسلمان باقي مسلمانن کي مسلمان بڻائڻ ۽ جنت ۾ جايون وٺڻ لاءِ ملڪن ۾ رڻ ٻاريو آهي، اهو نه فقط ماڻهن کي مذهب کان متفر ڪري رهيو آهي، بلڪه ڳجهن هٿن کي ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ ۾ وڏي هٿي ڏئي رهيو آهي. موجوده دور ۾ مسلمان ملڪ ئي هن باهه جو ٻل بڻجي رهيا آهن. ائين ٿو لڳي جهڙوڪ مسلمانن مان ڪن شاهينگن صليبي جنگين جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪا به خبر نه ٿي پئي ته ان جو ڪهڙو انت ٿيندو ۽ مسلمانن کي ان جا ڪهڙا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

    عالمي سطح تي مسلمان کي مسلمان خلاف ائين ڪتب آندو پيو وڃي ۽ داخلي طور تي اسان انهن دهشتگرد ٽولن کي ڌڪاريندي به ڪڏهن سني ته ڪڏهن شيعي جي ڪنڌ تي ڪاتي رکڻ مذهبي عقيدت ۽ محبت سمجهي ويهون ٿا. اسان مان جيڪڏهن ڪو ائين ڪاتيون ۽ ڪهاڙيون هٿن ۾ کڻي ٿو، سو حقيقت ۾ دين دشمن قوتن جو مفت ۾ هراول دستو بڻجي ڪم ڪري ٿو.

    مذهبي متڀيد  ۽ نفرت سنڌ جي منطق ۽ فلسفي جي بنهه ابتڙ آهي. سنڌ صدين کان باهمي ڀائيچاري امن ۽ سڪون جي ماحول جي روايتن کي قائم رکيو آهي، ان ۾ اهڙا واقعا سنڌ-دوستي جي خلاف آهن. انگريزن جي دور کان اڳ سنڌ ۾ ڪيتريون مسجديون ۽ ڪيترا مندر لڳو لڳ هوندا هئا ۽ هر ڪنهن کي مذهبي آزادي هوندي هئي. اختلافن جو اهو ٻج انگريزن ڇٽيو. هنن جي ڇاڙتن پادرين پنهنجي مذهب جي سرڪاري سرپرستي ۾ تبليغ ڪئي ۽ هندن خواهه مسلمانن جي مذهبن تي ڇوهه ڇنڊا. اهڙيءَ ڇڙواڳيءَ ڪٽر هندن ۽ مسلمانن کي مذهبي مت ڀيد پيدا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ ان جي پڄاڻي مسجد منزل گاهه جي خوني ڊرامي سان ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ سدا ۽ سٻاجهڙا سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي جدا جدا ڪئمپن ۾ ورهائجي ويا.

    سوچڻ جو مقام آهي ته ٻين ڪيترن ملڪن ۾ دهشتگرديءَ کي سياست جو حربو ڪري هلايو وڃي ٿو ۽ هتان جي هڪ اڌ پارٽي به انهيءَ اصول تي دين ايمان رکي ٿي. پر اسان پنهنجي ڌرتيءَ تي مذهب ۽ دهشتگرديءَ کي هڪ سڪي جا ٻه پاسا سمجهي ويٺاسين ته اهڙي ڪرنسيءَ سان ڪو به اسان جي ماڻهپي جو ملهه ڪٿي نه سگهندو. اسان انساني تاريخ ۾، بلڪه پنهنجي تاريخ ۾ ٽڪي ملهه به ڪو نه وڪاڻباسين.

    چئون ٿا ته اسان هي ملڪ مذهب جي نالي تي قائم ڪيو. پر محرم جا ڏهه ڏينهن هجن يا ربيع الاول جا ٻارنهن ڏينهن. اسان جو ساهه مٺ ۾ آهي. رستا بند آهن، موبائلون بند آهن ۽ اسان جا هٿ مٿي، پر اکيون بند آهن. هيءَ ڪهڙي مذهبي آزادي آهي ۽ هيءَ اسان جي ڪهڙي دين دوستي آهي؟

    چوندا آهن ته عوام طاقت جو سرچشمو ٿيندو آهي. ڇا اهو عوام  پنهنجي مذهبي اڳواڻن، هادين ۽ رهبرن کي فهمائش نه ٿو ڪري سگهي ته دين ته محبتن جا روپ ٿين ٿا ۽ دين ۾ ڪا زبردستي ڪا نه ٿيندي آهي، پوءِ اهي دين کي ديندارن جي ويڙهائڻ ۽ مارڻ لاءِ ڪتب ڇو ٿا آڻين؟ اسان مان جيڪڏهن ڪو ديني عالم دين جي نالي تي ويڙهائڻ جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو ته اسان ان تي ايمان ڇو ٿا آڻيون؟ ۽ ان تي عمل ڇو ٿا ڪريون؟ سوچڻ جو مقام آهي ته اسان اهڙا سادا ۽ سٻاجها ڇو ٿا بڻجي وڃون جو اکيون ٻوٽي هر انهيءَ ڳالهه تي به عمل ڪريون ٿا، جيڪا سمورن دينن ۾ حرام آهي.

    هاڻي ربيع الاول جي ٻارنهين اچڻ واري آهي اسان جي مذهب دوستي ۽ ماڻهپي جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگهبو ته پنهنجي رسول مقبول صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي ولادت جي ڏينهن کي ڪيئن ٿا ملهايون. هو پاڻ ته رحمت العالمين آهن. ڏسڻو آهي ته اسان پنهنجي لاءِ رحمت ٿا بڻجون يا زحمت؟ شل اسان رحم دل بڻجي پئون ۽ رحم خواهه رحمت کانسواءِ ڪا ڳالهه پسند نه ڪيون. ڪاش اسان رحم ۽ رحمت لاءِ ترسندڙ ۽ تمنا ڪندڙ قوم نه بڻجون.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • چونڊن جي ٻئي مرحلي مان ڪهڙيون ڳالهيون چونڊجن؟

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”چونڊن جي ٻئي مرحلي مان ڪهڙيون ڳالهيون چونڊجن؟“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    مڪاني ادارن جي چونڊن جو ٻيو مرحلو به پورو ٿيو. نتيجن جي صورتحال اها ٻڌائي ٿي ته پنجاب مان پي پي پيءَ جي ۽ سنڌ مان نوازليگ جي تڏا ويڙهه ٿي رهي آهي. ان جو مطلب هي نڪتو ته هاڻي وفاقي سياست تي صوبائي رنگ چڙهڻ شروع ٿي چڪو آهي ۽ اڳتي هلي ڪنهن به پارٽيءَ کي وفاقي يا قومي اتحاد جي علامت سڏائڻ  ۾ تڪليف ٿيندي. سياسي مفڪر اها ڳالهه مڃيندا ته پاڪستاني سياست جو وفاقي ويس لاهي صوبائي جبو پائڻ ڪو سٺو سنئوڻ ڪونهي. پي ٽي آءِ ، جنهن لاءِ ڪن ماڻهن جو خيال هئو ته اها اقتدار ۾ واري وٽيءَ سان ايندڙ ٻن وڏين پارٽين جو اڳتي هلي نعم البدل ٿيڻ واري آهي، سا ڳالهه پڻ هنن نتيجن مان ثابت نه ٿي ٿئي. هن پارٽيءَ کي به خيبرپختونخواهه ۾ ئي پير کپائڻ جو موقعو ملندو ۽ ان جي اقتداري دور واري ڪارڪردگي سندس مستقبل واري سياست تي اثرانداز ٿيندي.

    جيئن هنن چونڊن جا نتيجا ٻڌائين ٿا ته پاڪستان اڳتي هلي ملڪي قيادت جي وڏي بحران جو شڪار ٿيندو، تيئن انهن مان سنڌ جي حوالي سان في الحال اها پيشنگوئي ملي ٿي ته حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي سياسي بالادستي رهندي ۽ باقي ضلعن ۽ ٻهراڙين ۾ پيپلزپارٽيءَ جو ساڳيو ئي غلبو رهندو ۽ وقت سان گڏ انهيءَ غبلي ۾ ڪٽوتي ايندي رهندي. بدين جي جي چونڊ نتيجن مان اهو صاف ظاهر آهي، جنهن هنڌ تي مرڪزي اثر رسوخ ۽ ذوالفقار مرزا جي جاکوڙ پيپلزپارٽيءَ جي سياسي سبقت تي اثر وڌا. هن چونڊ مهم ۾ بلاول جو وڃڻ ته سياسي قيادت جي فرض نڀائڻ برابر هئو، پر پيپلزپارٽيءَ کي سياسي حڪمت عمليءَ طور اهو ڪارڊ هلائڻ نه گهربو هو، جنهن به اها حڪمت عملي جوڙي، انهن بلاول جي ڪلهي تي انهيءَ وقت بندوق رکي هلائڻ گهري، جڏهن شڪار نشاني کان گهڻو پري وڃي چڪو هو.

    هنن نتيجن مان اسان جي قومپرست، سنڌ دوست ۽ ڪميونسٽ اڳواڻن لاءِ ساڳيو ئي پيغام ملي ٿو ته هو پنهنجي سياسي حڪمت عملين ۽ روين تي نظرثاني ڪن. انهن مان جيڪڏهن ڪو اهو چوي يا مڃي ٿو ته عوام چريو آهي ۽ عوام بي قدرو آهي ته پوءِ انهن تي جيترو به افسوس ۽ ارمان ڪجي، اهو گهٽ آهي. عوام کي گهٽ وڌ اهي ڳالهائيندا آهن، جيڪي زميني حقائق کي نه سمجهندا آهن يا سمجهي قبول نه ڪندا آهن.

    قومپرست ۽ سنڌ دوست سياستدانن پنهنجي سياسي حڪمت عملي جو پهريون بنياد ئي اهو انهيءَ ڳالهه تي رکيو ته چونڊن واري سياست بدران ذهن بدلائڻ تي گهڻو زور ڏنو ويندو. پوءِ ان تي نظرثاني ڪري، هاڻي چونڊن واري سياست ڪرڻ شروع ڪئي آهي. چونڊن جي سياست ۾ اسان وٽ پيرن اميرن ۽ خاندانن جو اثر باقي آهي. اهڙي طلسم مان عوامي سوچ ۽ لوچ کي ڪڍڻ ۾ سنڌ دوستن ۽ قومپرستن کي وقت لڳندو. کين اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻي پوندي ته  ڏهن مهينن کان اڳ  ٻار پيدا نه ٿيندو آهي. ان کانسواءِ جيڪڏهن سنڌ دوستن ۽ قومپرستن جا رويا ۽ انداز ئي پيراڻا ۽ وڏيراڻا هوندا ته هو پيرن ۽ وڏيرن جي ڊوهيءَ مان ماڻهن کي ڪيئن ڪڍي سگهندا؟

    سنڌ دوستن ۽ قومپرستن جي نظرياتي خزاني تي ڌاڙا هڻڻ لاءِ انهن جي صفن ۾ اهڙا ڏوهي ماڻهو شامل ڪرايا ويا، جن عوام سان آزار ڪيو ۽ جن کان عوام جي عزت ۽ دولت کي ڇيهو رسيو. اهڙن ڏوهي ماڻهن قومپرست پارٽين جي نالي کي بدنام ڪيو. قومپرست انهن سازش کي ٻنجو ڏئي نه سگهيا آهن. اسان جا تعليمي ادارا ۽ ٻيا ڪيترا مرڪز اهڙن ماڻهن جي نرغي ۾ آهن. قومپرست پارٽيون جيڪڏهن بهادريءَ ۽ برجستائيءَ سان انهيءَ ڪينسر جو خاتمو نه ڪنديون ته انهيءَ بيماريءَ کان پاڻ ۽ پنهنجي نظريئي کي بچائي نه سگهنديون.

    سنڌ دوست ۽ قومپرست ڌرين کي هاڻي اڳ کان وڌيڪ عوام جي ويجهو وڃڻو پوندو، عوام جي دکن دردن ۾ ان جو ٻانهن ٻيلي ٿيڻو پوندو. عقل ۽ دانائيءَ سان ان جي سوچن ۽ لوچن کي بدلائڻو پوندو ۽ نادري حڪمن هلائڻ بدران يا عوام مٿان حڪم مسلط ڪرڻ بدران کين قرب سان قائل ڪرڻو پوندو. عوام عزت ۽ پيار جو بکيو ٿئي ٿو ۽ اسان جي قومپرستن کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اهي ”جيها جي تيها، سي مون مارن مڃيا“ تي دل ۽ دماغ سان عمل ڪن ٿا ۽ جن جي روشن مستقبل جي ڳالهه ڪن ٿا انهن جي جهڙي تهڙي حال ۾ ڪا دک درد ۽ پريشانيءَ جو اضافو نه ٿا ڪن.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • نه سبب نه سرت، نوڙت رڳو نفرت سان

    (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”نه سبب نه سرت، نوڙت رڳو نفرت سان“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    چوندا آهن ته اکين ڏٺي تي اعتبار ڪجي، پر پوءِ به ور ور ڏئي اکيون مهٽي ڏسجي ته آئون ڇا پيو ڏسان. پر اسان وٽ هٿ- ٺوڪين ڏاهن ۾ ايترو ته اضافو اچي ويو آهي، جيڪي ڏسڻ بدران ٻڌڻ تي ڳنڍ ٻڌي ماڻهن لاءِ رايا قائم ڪندا . پوءِ مجال جو انهيءَ دين ايمان تان ڦرن. نه فقط ايترو، پر اهو پنهنجو فرض ڄاڻندا ته ٻڌيءَ ڳالهه کي تصديق ڪرڻ بدران گهر گهر ۽ در در پهچائين. انهن جي اهڙي اڍنگي روش ماڻهن کان پنهنجا آدرش کسي ورتا آهن. هنن ائين ڪيترن آدرشن کي عوام دشمن ۽ عوام دشمنن کي آدرش بڻائي ڇڏيو آهي. هنن جي انهيءَ ڪرت ڪيترن لٽيرن کي ليڊر ۽ رهبرن کي رهزن جو نالو ڏئي ڇڏيو آهي. ڪيترا شريف، ڪيترا محنتي ۽ ڪيترا ڀل مانس ماڻهو انهيءَ سازش ڪري زندهه هوندي به مئلن ۾ شمار ٿي چڪا آهن.

    اهو احمقپڻو يا بي وقوفي نه آهي. پر هڪ مذموم سازش آهي. جڏهن غير يا عوامي خير خواهي جون دشمن قوتون ڪنهن کي اجتماعي مفاد وٽان ڪم ڪندي ڏسنديون آهن. جڏهن ڪو ماڻهو ذهني ۽ فڪري انقلاب آڻڻ لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو آهي ته پنهنجن ئي ماڻهن مان ڪنهن کي انڌو هاٿي بڻائي لشڪر جو ذيان ڪرايو ويندو آهي.

    سنڌ ۾ اهڙن ڪوٽ-کٽندڙ ۽ وانگار تي آدرشي انسانن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻڻ وارن جي ڪمي ڪانهي. اهو اسان جي شعور جو امتحان آهي ۽ اها هڪ گندي سازش آهي، جنهن تي اسان جي حقيقي ڏاهن، دانشورن ۽ مفڪرن کي سوچڻ ۽ لوچڻ گهرجي.

    مخالفت ٿيڻ گهرجي، شڪايت ٿيڻ گهرجي ۽ تنقيد ٿيڻ گهرجي. پر ان جو سبب هجي، ڪارڻ هجي يا اها سرت سمجهه سان ڪئي وڃي. نه ڪي اکيون ٻوٽي ڪنهن جا لاهه ڪڍيا وڃن. هن تباهيءَ برباديءَ مان بچڻ جو واحد طريقو اهو آهي ته مخالفت ڪندڙ يا تنقيد ڪندڙ جيڪڏهن ڪنهن سبب کانسواءِ آهي ۽ هنن وٽ ڪا شاهدي ثابتي ڪانهي ته گهٽ ۾ گهٽ اسان انهيءَ جي چوڻ، لکڻ ۽ يا ٻڌڻ تي ايمان آڻي نه ويهون ۽ پاڻ سوچڻ جي ڪوشش ڪريون ته انهيءَ تنقيد مان، انهيءَ مخالفت مان پنهنجو قدبت وڌائڻ چاهي ٿو، اسان کي دڳ لائڻ گهري ٿو يا اجائي پٽڪي ڊاهه ڪري ٿو. ان ڪري سياڻن چيو آهي ته اهي ڪن پون ٻن، جيڪي ستي نه وٺن سرت سان.

    جيڪي ماڻهون ڏين، پر ڏکوئن ڪو نه. انهن خلاف ذهنن ۾ زهر رکڻ سان پنهنجي شخصيت ۽ وجود جي نفي ڪرڻ برابر آهي. اهڙي نفي اڳتي هلي اجتماعي نفيءَ جي صورت وٺي ٿي. اهڙين حالتن ۾ جڏهن عوام جو ڪو اوهي واهي ڪونهي، جڏهن ماڻهو ماڻهوءَ کي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ ڪو ماڻهو پنهنجي هڙان ۽ وڙان عوام جي خدمت ڪري ٿو، قوم جي چڱائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو، ته اسان هن پٺيان لاهي پاهي پونداسين ته پنهنجو ئي نقصان ڪنداسين. لطيف سائين فرمائي ۽ صلاح ڏئي ويو آهي ته ”جيها جي تيها، سي مون مارون مڃيا.“ اسان ڪهڙي ڏاهي ۽ فيلسوف جي ڳالهه مڃي آدرشي انسانن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻون ٿا. جيڪو ماڻهو ڌرتيءَ جي ماڻهن سان محبت نه ٿو ڪري، اهو ڌرتيءَ سان دوستيءَ جي ڪوڙي دعويٰ ڪري ٿو. ڪو ڌرتيءَ جو ويري آهي ۽ عوام جو دشمن آهي ته ان کي شاهدين ثابتين سان وائکو ڪرڻ وطن دوستي ۽ عوام دوستي آهي، باقي بنا سرت ۽ سوچ جي، بنا سبب ۽ ڪارڻ جي مخالفت ڪندڙ قوم جو ويري آهي ۽ هو انڌيءَ هاٿيءَ جيان پنهنجي لشڪر کي ناس ڪرڻ وارو آهي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • ڪاڳر ڪارا ڪري ڪوه! ستي ڏي ڪا سرت جي

    (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ڪاڳر ڪارا ڪري ڪوه! ستي ڏي ڪا سرت جي“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    ڇپائيءَ جي شروعات کانپوءِ دنيا ۾ اڪيچار ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن شايع ٿيڻ ۽ عوام تائين پهچڻ وارو مثالي انقلاب آيو. سنڌ ۾ 1853 ۾ سنڌي لپي ٺهڻ کانپوءِ اهڙي تبديلي آئي. انهيءَ ڏيڍ صديءَ ۾  سنڌ واسين کي اڻ ڳڻيا ڪتاب، بي شمار اخبارون ۽ هزارين رسالا پڙهڻ لاءِ مليا. جيئن جيئن وقت گذرندو وڃي ٿو، تيئن تيئن قلم جي رفتار ۽ گفتار ۾ ندرت، تيزي ۽ سونهن سوڀيا ايندي وڃي ٿي. اهو اڪيچار علم ۽ دانش جا موتي نه ته ماڻهو مٽائي سگهيا آهن ۽ نه وري حالتن ۾ ڦيرو آڻي سگهيا آهن. غريب روزانو وڌيڪ غريب ٿيندو وڃي ٿو. بک ۽ بيروزگاري ساڳئي ريت آدم-بوءِ آدم-بوءِ ڪنديون رهن ٿيون. قهر جون ڪارروايون ساڳئيءَ ريت عام جام آهن. پوءِ اهي ڪاروڪاريءَ جي نالي ۾ ٿين، يا قبائلي جهيڙن جي روپ ۾ ٿين. ذات پات جو زنگ ساڳئي ريت رنگ ۽ نسل سان ملي ماڻهپي کي ڪٽي ۽ ڪارو ڪري رهيو آهي.

    هينئن ۽ ههڙيءَ ريت علم ارزان به ٿيو، پڙهڻ ۽ پرجهڻ جا موقعا به بي انت ميسر ٿيا. پر پوءِ ائين ڇو ٿو ٿئي ته اسڪول ۽ ڪتاب ته آهن، پر اسڪولن ۽ تعليمي ادارن مان ڪيترا استاد گم آهن. ائين ڇو آهي ته پنهنجا ئي عملدار پنهنجي ئي رعيت لاءِ بڻجي رهيا آهن؟ ائين ڇو آهي ته لطيف سائين جو ڏوراپو ته ”هاريا! ويڄ مياس، ترس نه رکي تر جو“، اهو هر دل جي دانهن بڻجي ويو آهي؟ ائين ڇو آهي ته سالن ۽ صدين کان فقط مخصوص خاندان اختيار ۽ اقتدار جا ڌڻي بڻيا ويٺا آهن؟ ائين ڇو آهي ته دوکي، ٺڳي ۽ ظلم جي ڏڍ تي پنج ماڻهو اوچ جي آسمان کي ساڳئيءَ ئي ريت ڇهڻ جي سگهه وٺي وڃن ٿا؟ هي علم، هي ادب، هي فڪر ۽ هيءَ دانش ڪيترن ماڻهن تي اثر ڇو نه ٿا رکن؟ اديبن جون انساني عظمت واريون ڪهاڻيون، شاعرن جي شعور بخشيندڙ شاعري، صحافين جون سچ تان پردو هٽائڻ واريون لکڻيون هن اسان جي معاشري ۾ بي اثر ڇو آهن؟

    چوندا آهن ته بارش جو قطرو سمنڊ جي سپ جي منهن ۾ پوندو آهي ته موتي پيدا ڪندو آهي، ۽ اهو ساڳيو قطرو نانگ جي منهن ۾ پوندو آهي ته زهر بڻجي پوندو آهي. علم جا قطرا ۽ دانش جا ڦڙا اسان جي ذهنن ۽ زبانن کي زهر آلوده ڇو ٿا بڻائين؟

    ڪارڻ ڀلي ٻيا به هجن، پر وڏي کان وڏو ڪارڻ اهو آهي ته اسان جون قلمي ڪاوشون ۽ علمي سرگرميون اسان مان هر ڪنهن کي معاشري جو ماڻهو بڻائڻ لاءِ آهن، ڪرڻ يا پنهنجي ڌر جي نظرياتي تشهير لاءِ لکون ٿا. اسان ڊاڪٽر، انجنيئر، عملدار يا عهديدار پيدا ڪرڻ لاءِ پڙهايون ٿا، ۽ نه ڪي ماڻهن جي مدد ڪريون ٿا ته هنن ۾ ڪهڙيون صلاحيتون آهن ۽ اهي ڪيئن اجاگر ٿي سگهن ٿيون. اسان قوم کي پاڻ جهڙو ڪرڻ گهرون ٿا ۽ نه ڪي پاڻ کي قوم جهڙو بڻائڻ گهرون ٿا. ان ڪري پڙهون اهو ٿا، جيڪو دل کي وڻي ٿو. پڙهايون اهو ٿا، جيڪو ماڻهن کي ۽ مائٽن کي وڻي. انهيءَ صورتحال ۾  اٺ ڪتابن ، رسالن ۽ اخبارن جا کڻي ڇپجن، پر اثر ٽڪي جو به ڪو نه ٿيندو. ڪاڳر کوڙ ڪارا ٿيندا، پر سرت جي ستي ڪا نه ملندي.

     
  • ٻوليءَ جي جهولي، پنهنجن ۽ پراون جا گل ۽ ڪنڊا

    (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ٻوليءَ جي جهولي، پنهنجن ۽ پراون  جا گل ۽ ڪنڊا“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    سپريم ڪورٽ پاران اڙدو ۽ صوبائي ٻولين بابت فيصلو  ڇا آيو، جهڙوڪ اصلي ۽ نقلي دانشورن جي الله ٻڌي. هاڻي قلم هٿ ۾ کڻي صحافت ۽ علم ادب جي ميدانن ۾ ڪاهي پوندا. ماڻهن کي پڙهڻ جو موضوع ۽ هنن کي موقعو ملي ويندو. اها خراب ڳالهه ڪانهي، اهم مامرن ۽ مسئلن تي عام راءِ کي هموار ڪرڻ گهرجي. پر ائين نه ٿئي جو نماز پڙهڻ کانپوءِ بانگون ڏجن.

    سپريم ڪورٽ جي فيصلي اچڻ کانپوءِ ٻين صوبن وارن به ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. هن دفعي ”جيترا وات اوتريون ڳالهيون“ وارو قصو ڪونهي. خدشن ۽ اعتراضن جو رنگ جتي ڪٿي هڪ جهڙو نظر اچي ٿو. ڪيترا سوال ماڻهن کي منجهائي رهيا آهن ته هي ويندڙ جو ويندي ويندي عجلت وارو فيصلو هئو يا وقتائتو قدم؟ هن فيصلي جي ٻڌڻيءَ دوران اسان جون لاڳاپيل ڌريون، تنظيمون ۽ قومي خير خواهه ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ بدران رلهي پائي ڪهڙي ڪنڊ ۾ سمهي پيا. اسان جي ايوانن ۾ روايتي خاموشي ڇو رهي؟ جيڪڏهن ڪنهن دهل به ٻڌا ته پوءِ ٻن ٽن جلسن جلوسن ڪڍڻ سان ته ايوانن تائين آواز پهچائي ڇو نه سگهيا. جهنگ ۾ جيڪڏهن مور نچندو ته ڪير ڏسندو؟ اسان جا چونڊيل نمائندا، امير وزير ۽ وس وارا ماڻهو ڪٿي هئا؟

    سپريم ڪورٽ جو فيصلو فقط ۽ فقط اڙدو ٻوليءَ بابت ڪونهي، پر اها هن ڳالهه سان مشروط ٿيل آهي ته صوبائي حڪومتون پنهنجي پنهنجي صوبي جي ٻوليءَ جي تدريس ۽ ترقيءَ کان علاوه ان کي صوبي ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ قانوني قدم کڻنديون. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ پاڪستاني آئين جي آرٽيڪل 251 تي صوبائي ۽ مرڪزي حڪومتن کي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. آرٽيڪل نمبر 251 ٽن شقن تي مشتمل آهي ۽ ان جي شق نمبر 3 جا لفظ آهن ته ”قومي ٻوليءَ جي حيثيت کان منحرف نه ٿيندي، صوبائي اسيمبلي قومي ٻوليءَ سان گڏ صوبائي ٻوليءَ جي تدريس، ترقي ۽ استعمال لاءِ قانون جوڙي اپاءَ وٺي سگهي ٿي.“

    فيصلو جيئن  به آهي ۽ جهڙو به آهي، ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ بدران، ان ۾ رکيل ۽ ڏنل گنجائش کي ڌيان ۾ رکي اسان کي ٻوڙو  ٻڌي آچار ڪرڻو آهي ۽ نه ڪي ڦرين واريون دانهون  ڪري، ماڻهو خوش ڪري، پنهنجي مقبوليت جو قدبت وڌائڻو آهي. اسان کي سستي شهرت حاصل ڪرڻ بدران سنجيدگيءَ سان صورتحال کي سنڀالڻو آهي ۽ بهتريءَ لاءِ سوچڻو ۽ لوچڻو آهي. اسان جي تاريخ ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿي ته تمام وڏا ۽ اهم فيصلا ائين ئي ٿيندا رهيا آهن ۽ اسان جو اپر ڪلاس خاموشي تماشائيءَ جيان هر ڳالهه کي ڏسندو ۽ قبول ڪندو رهيو آهي. هاڻي اسان کي گهرجي ته صوبائي حڪومت تي آئين ۽ فيصلي تي عمل ڪرڻ جو بار وجهي مطالبو ڪيون ته  سنڌ ۾ بنا دير ”مهين جي دڙي جي اسڪرپٽ پڙهڻ وارو تحقيقي ادارو“، ”لوڪ ادب جي تحفظ ۽ ترقيءَ جو ادارو“، ”سنڌي لغت جو ادارو“، ”سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جو ادارو“، ”ببليوگرافي ۽ بائيو گرافيءَ جو ادارو“، ”ٻاراڻي ادب جي ترقي ۽ تحفظ جو ادارو“، ”عورتن جي ادب جي ترقيءَ ۽ تحفظ جو ادارو“، ”سنڌي صحافت تي تحقيق جو ادارو“، ”سنڌ جي تاريخ تي تحقيق جو ادارو“ ۽ ٻيا اهڙا ادارا قائم ڪيا وڃن، جيڪي سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح سنڌي ٻولي جي ترقي، استعمال ۽ تحفظ جو ڪارڻ بڻجن. آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ واضح طور تي اهو لکيو ويو آهي ته صوبائي حڪومتون صوبائي ٻولين جي تعليم ۽ تدريس کي هٿي وٺرائينديون. سنڌ ۾ اهڙا قانوني قدم کڻڻ حڪومت جو فرض، سنڌي ٻوليءَ جو قرض ۽ سنڌ واسين جو حق آهي. سنڌ ۾ رهندڙ سمورن غير سنڌين کي پنهنجي مادري ۽ قومي ٻولي کان علاوه سنڌي سکڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ جو پابند بڻايو وڃي. اها آئين جي تقاضا آهي، جنهن کي سياسي مفادن خاطر قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي نه ٿو سگهجي.

    اسان سنڌ واسين ۽ خاص طور تي عام سنڌين کي پنهنجي اپر ڪلاس ۾ سنڌي ٻوليءَ کي دل سان قبول ڪرڻ واري تحريڪ پڻ هلائڻ گهرجي. تاريخ جا ورق شاهد آهن ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ قومي ٻوليءَ لاءِ جيڪا ويڙهاند شروع ٿي، ان ۾ اسان جي اپر ڪلاس پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا نه ڪيو. بنگال جي صوبائي اسيمبليءَ ۽ ان جي ميمبرن تنهن زماني ۾ ٺهراءَ پاس ڪيا. اسان جي شآگردن ۽ ادبي تنظيمن بي مثال تحريڪ هلائي، پر اسان جي اپر ڪلاس ان جي ڪنهن به قسم جي پٺڀرائي نه ڪئي. مون ڪيترن وڏن معتبرن کي جلسن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ ڀڀڪيدار تقريرون ڪندي ٻڌو، پر سندن گهرن ۾ سنڌي ڳالهائڻ تي جهڙوڪ پابندي مڙهيل هئي.

    سنڌي ٻوليءَ کي تاريخي، آئيني ۽ سماجي حق ڏيڻ لاءِ عام سنڌ واسين ۽ انهن جي شاگردن ۽ تنظيمن جي ڪارنامن تي ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي، پر ان کان وڌيڪ ڪارنامو اهو ڄاتو ويندو ته سپريم ڪورٽ جي جهڙي ڪي تهڙي فيصلي جي روشنيءَ ۾ اسان پنهنجي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ گل وجهون ۽ نه ڪي پنهنجن يا پراون جيان ان ۾ ٽانڊن مٿان ٽانڊا وجهندا رهون. اسان کي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ سان منافقيءَ وارا رويا ختم ڪرڻا پوندا، پنهنجي ٻارن کي انگلش ميڊيم بدران سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻو پوندو، يونيورسٽين کي سمورا سبجيڪٽس سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌ واسين کي باقي دنيا جي علوم مان مستفيد ٿيڻ جو حق ڏنو ويندو.

    سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڪن شقن تي اسان کي ”نظرثاني ڪرڻ“ واريون اپيلون داخل ڪرڻ گهرجن. خاص طور تي شناختي ڪارڊن ۽ ماڳن مڪانن کي جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ نه لکيو ويو ته سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ سان بي انصافي ٿيندي. ڇو ته غير سنڌيءَ ۾ لکڻ سان نه فقط ٻوليءَ جي تلفظن ۾ بيگاڙو ايندو، بلڪه ڪيترين صورتن م تمسخر ۽ مذاق جو باعث بڻجي ويندو. سنڌيءَ جا ڪيترا اهڙا لفظ، نالا ۽ ذاتيون آهن، جيڪي اڙدوءَ ۾ لکڻ سان اهي پڙهندڙن لاءِ ڪچيون گاريون ٿي پونديون. اڙدوءَ ۾ سامي چئنراءِ ته صحيح لکي سگهجي ٿو، ليڪن سامي چئنراءِ لنڊ لکڻ ڏاڍو بيهودو لڳندو. ان ڪري عقل ۽ منطق کان ڪم وٺندي سنڌيءَ ٻوليءَ کي اهڙي قسم جي هٿ چراند ڪرڻ نه گهرجي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com