Category: COLUMN BY DR. PATHAN

  • راڻن کي نه راڄن کي، پر راضي رکجي روح

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”راڻن کي نه راڄن کي، پر راضي رکجي روح “

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    ٽيهه يا ايڪٽيهه سال اڳ جي ڳالهه آهي، سنڌالاجيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هئس، ان زماني ۾ اخبارن لاءِ ڪالم لکندو هئس. سنڌ يونيورسٽيءَ جهڙو ماحول جنهن ۾ جهڙوڪ شاگرد تنظيمن جو ٻج ڇٽيل هوندو هئو ۽ هڪ نه ٻيو شاگرد ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو پوئلڳ ۽ مبلغ هئو. مون سان ڪن شاگردن جو وفد ملڻ آيو، منهنجي ڪالمن جي تعريف ٿي ۽ پوءِ انهن يارن پنهنجي ڪم جي ڳالهه شروع ڪئي. هڪ شاگرد چيو ته: ”سائين! ڊاڪٽر آهيو، عالم ۽ عاقل آهيو، ڏاڍو سٺو لکو ٿا، پر اسان جي پارٽيءَ لاءِ به لکو ۽ هيئن لکو……“ مون هن ڏانهن چتائي ڏٺو ۽ پوءِ پاڻ جهلي نه سگهيس. چيومانس ته: ”ڊاڪٽر آئون، بقول تنهنجي عالم ۽ عاقل آئون، پر ائين لکان، جيئن تون چئين؟“ اهو ڏينهن ۽ اڄوڪي ڏينهن. ائين ڀانئبو آهي ته ڪي دوست ۽ ڪي ڌريون ليکڪن کان اهو چاهين ٿا ته هو سندن مرضيءَ مطابق لکن، کين راضي ڪرڻ لاءِ لکن ۽ سندن فرمائشي پروگرام تي پاڻ کي، پنهنجي قلم ۽ ضمير کي نچائيندا رهن.

    انهيءَ ۽ اهڙيءَ سوچ علم و دانش کي جهڙوڪ ڪمداريءَ جو ڪم  سونپي ڇڏيو آهي. ماڻهو اهو ٿا پڙهن جيڪو کين وڻي. هو مخالف ۽ غير جانبدار جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ئي ذهني طور تيار نه ٿيا ٿين، پوءِ مڃڻ وارو مامرو ته اڃان گهڻائون پري آهي. صورتحال هيءَ ٿي پئي آهي ته جيڪڏهن ڪو ڪافر لکي ۽ چوي ته الله هڪ آهي ۽ ان جو ڪو به ثاني ڪونهي، ته اسان اهو به پڙهڻ ٻڌڻ ۽ مڃڻ لاءِ شايد تيار نه ٿيون.

    جڏهن ته سچ فقط اهو ناهي، جيڪو اسان کي وڻي ٿو يا جيڪو اسان چئون ٿا. سچ ته روشني آهي ۽ سچ ته حق وانگر هر هنڌ موجود آهي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان ان کي ڏسي يا محسوس ڪري به سگهون ٿا يا نه.

    هاڻي هينئن جيڪڏهن اسان پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ۽ اکين تي پٽي ٻڌي ويهنداسين ته سچ يا سونهن نه سمجهي سگهنداسين ۽ نه ڏسي سگهنداسين. اسان نظرياتي طور ان ڪري ئي چاڪيءَ جا ڏاند بڻجي ويا آهيون ۽ گهاڻي چوڌاري ڏينهن رات هلندي اهو محسوس ٿا ڪريون ته منزل طرف کوڙ سارو پنڌ ڪري چڪا آهيون، جڏهن ته حقيقت ان جي برعڪس آهي. اسان اتي ئي آهيون ۽ اتي ئي رهنداسين.

    هن صورتحال ۾ ليکڪ کي پنهنجي حيثيت متعين ڪرڻي آهي. هو چاهي ته درٻاري يا سرڪاري ٿي ماضيءَ جي ڀٽن ۽ ڀانن جيان اهڙي ريت ڪرت ڪري جو سندس قلم ۽ علم هن لاءِ آمدنيءَ جو ذريعو بڻجي پون، يا اهو چاهي ته ڪن راڻن ۽ راڄن کي راضي ڪرڻ بدران پنهنجي ضمير کي راضي ڪري ۽ سچ ۽ سونهن جي ڳالهه ڪري، سڌو ڳالهائي ۽ لکي ۽ پاس خاطريءَ کان پاسو ڪري.

    سياڻن جو چوڻ آهي ته اهو لکجي جو پڙهيو وڃي ۽ اهو پڙهجي جنهن کي هينئن سان هنڊائي ان تي عمل ڪيو وڃي. اسان وٽ به کوڙ سارو اهو ۽ اهڙو لکيو وڃي ٿو، جيڪو پڙهيو وڃي ٿو، پر، ويڌن اها آهي ته اسان جا ذهن ۽ اسان جون دليون عجيب قسم جا اهڙا ڪنول جا گل بڻجي پيا آهن جو علم ۽ دانش، ادب ۽ لکت جو پاڻي انهن تي ڪو اثر ئي ڪو نه ٿو ڪري. ان ڪري اسان ڀلي اٺ ڪتابن جا پڙهون، پر اثر هڪ اکر ۽ حرف جو به ڪو نه ٿو ٿئي.

    سنڌ جا اهي نظرياتي مونجهارا ۽ مسئلا آهن، جن کي اسان جي ڏاهن ۽ سپورنجن وساري ڇڏيو آهي جنهنڪري ۽ ان جي نتيجي ۾ دقيانوسي ۽ انسان-دشمن نظام پنهنجا رنگ وجهڻ  شروع ڪيا آهن. اسان جي نئين نسل کان ڪتاب کسي سندن هٿ ۾ لٺ يا بندوق ڏني وئي ۽ منظم نموني سان تعليمي نظام ۾ ڪاپي ڪلچر جو ٻج ڇٽيو ويو ۽ استادن جي وڏي کيپ کي ڪلاس روم ته ڇا، پر تعليمي ادارن کان پري رکيو. اهڙيءَ صورتحال اسان لاءِ گهڻ-رخي تباهي آڻي ڇڏي آهي تان جو نئين نسل وٽ نقلي ڊگرين جا انبار لڳندا وڃن ٿا ۽ هو ڪنهن چٽاڀيٽيءَ جي امتحان ۽ ماحول ۾ منهن ڏئي مقابلو ڪري نٿا سگهن. پوءِ نوڪريون ٻين کي ملن ٿيون، عهدا ٻين کي ملن ٿا ۽ اسان تي حڪمراني ٻيا ڪن ٿا.

    جيستائين ڏاهن ۽ دانشورن انهيءَ سوچ کي قومي مسئلي طور کنيو ۽ قبول نه ڪيو آهي، ان وقت تائين اسان جي عام اديب ۽ شاعر، صحافي ۽ ليکڪ کي پاڻ سان وچن ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻ سان وڙهڻ گهرجي ته هو راڄن ۽ راڻن کي راضي ڪرڻ لاءِ نه، پر روح کي راضي ڪرڻ لاءِ قلم کڻندو ۽ پنهنجو علم ڪم آڻيندو.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • جت نانيءَ- ويڙهو، ات پيار نه، پر جهيڙو

    (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”جت نانيءَ- ويڙهو، ات پيار نه، پر جهيڙو“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    جتي اتحاد ۽ اتفاق ڪونهي، اتي سماج ۾ فقط سکڻا نالا ۽ نعرا ئي هوندا. ٻڌيءَ ۽ ٻانهن ٻيليءَ ٿيڻ سان دک درد ونڊجي وڃن ٿا ۽ سک سوايا ٿي پون ٿا. پر اها ٻڌي ڪهڙي ۽ ٻانهن ٻيلائپ ڪهڙي؟

    لطيف سائين به صلاح ڏني آهي ته سورن واريون گڏ ٿين ۽ سور پچار ڪن ته ان سان دکندا دور ٿيندا. ان ڪري تنظيم سازي ڪرڻ، جماعتون جوڙڻ ۽ ائسوسيئيشنس قائم ڪرڻ مان ”ٻه ته ٻارنهن“ مصداق طاقت ملي ويندي. سنڌ ۾ ماشاءَ الله زندگيءَ جي هر شعبي ۾ هزارين تنظيمون سرگرم عمل آهن؛ سياسي تنظيمون، سماجي تنظيمون، ادبي تنظيمون ته ايتريون آهن، جيئن آسمان ۾ تارا، روز بروز انهن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو.

    هاڻي سوچڻو انهيءَ ڳالهه تي آهي روز بروز جماعتن ۾ واڌارو ۽ تنظيم سازيءَ جو اهو  عمل ترقي ۽ واڌاري جو سبب به آهي  يا نه؟ ان کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ يا ائين سمجهجي ته اڳين جماعتن ٻوٽو نه ٻاريو، جنهن لاءِ ضروري ٿي پيو ته ڪا نئين جوت جلائجي؟

    سچ اهو آهي ته جڏهن تنظيمون ۽ جماعتون ذاتي، خانداني ۽ گروهي جاگيرون بڻجي وڃن ٿيون ۽ ”اجتماعي مفادن“ بدران ذاتي، خانداني ۽ گروهي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ ڳنڍ ٻڌي بيهن ٿيون ته پوءِ انهن ۾ اندروني خلفشار پيدا ٿئي ٿو. ڇو ته ٻئي کي سوچڻ، لوچڻ ۽ حاصل ڪرڻ جو ونڊ نه ٿو ملي. دروازا اهڙيءَ ريت بند ڪيا وڃن ٿا جو تازي هوا جو جهوٽو به اندر نه ٿو وڃي سگهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ پنجن پارٽين مان پندرهن ٿي پون ٿيون، ۽ انهن ۾ ٽٽڻ ۽ نئين پارٽين جي ڦٽڻ جون حالتون پيدا ٿين ٿيون. سنڌ ۾ ڪيترين ادبي، سماجي ۽ سياسي پارٽين جي صورتحال اها آهي. هڪ دفعو جيڪو شخص يا گروهه ڪنهن پارٽيءَ تي قابض ٿي ويو ته ان جا هٿ پٽائڻ ڪشمير جو مسئلو بڻجي پئي ٿو. ڪنهن به سماجي قاعدي قانون ۾ اهو شرط ڪونهي ته ڪو ماڻهو ڪيترا دفعا يا ڪيترا سال ڪنهن پارٽيءَ، ڪنهن تنظيم يا جماعت جو هادي ۽ رهبر ٿيندو. ان ڪري اسان جي تنظيمن مان ڪو مئي مارائي به هٿ پٽڻ لاءِ تيار ڪونهي.

    ماڻهو ڪاوڙ ۾ دين خلاف به ڳالهائي وڃن ٿا، پر هنن پارٽين، تنظيمن ۽ جماعتن جي قابض اڳواڻن خلاف ڳالهائڻ ڪفر کان به مٿي جو گناهه سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري جيڪو ڪرسيءَ تي ويٺو آهي، ان کي هر ڪو پيو سلام ڪندو. جيڪو سندس وات مان اکر نڪرندو، ان کي ئي اکيون ٻوٽي قبول ڪيو ويندو.

    سنڌ ۾ جيستائين سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن ۽ جماعتن مٿان قابض اڳواڻ ٻاهر نه ٿا نڪرن، ان وقت تائين اهي قومي، عوامي ۽ اجتماعي تنظيمون نه، پر ”نانيءَ- ويڙها“ بڻيل رهنديون. اهڙيءَ صورتحال ۾ انهن ۾ ”اچو ته سورن واريون، ڪيون سور پچار“ واري ڳالهه نه هوندي. پر سندرا ٻڌي بچاءَ-بند پيا ٻڌبا ته ڪو ڀل ۾ بند دروازا کولي اندر نه ڪاهي اچي ۽ مزن خواهه مفادن ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻجي وڃي.

    اهڙي ماحول ۾ اهڙين تنظيمن ۽ جماعتن وڏيرڪي چال هلندي پنهنجي ڪمدارن ۽ واٺن جو اهڙو ته هراول دستو تيار ڪري رکيو آهي، جو مجال ڪنهن جي جو ڪنهن اڳواڻ خلاف گٿا لفظ ڳالهائي يا پارٽي پروگرام تي تنقيد ڪري. مجال جو ڪو ڪنهن سماجي تنظيم کان اهو پڇي ته اوهان هن وقت تائين ڪهڙو ٻوٽو ٻاريو آهي؟ مجال جو ڪنهن ادبي تنظيم کان پڇي ته اوهان ڪهڙو ذهني ۽ فڪري انقلاب آندو آهي؟

    اسان سياست کان وٺي مذهب تائين، الائي ڪهڙي ڪهڙي، واضح ۽ مبهم آزاديءَ جي ڳالهه ڪيون ٿا، پر هنن نانيءَ- ويڙهن جي غلاميءَ کان معاشري کي پاڪ ۽ صاف ڇو نه ٿا ڪريون؟اسان قومي ۽ اجتماعي مفادن وارين تنظيمن ۽ جماعتن کي خانداني، ذاتي يا گروهي هڪ هٽيءَ وارين تنظيمن ۽ جماعتن جي روپ ۾ قبول ڇو ٿا ڪريون؟ پوءِ اسان کي ڪهڙو ٿو حق پهچي ته قوم ۽ عوام جي خدمت ۽ محبت جي دعويٰ ڪيون. اسان ته پنهنجي ذاتي گروهي ۽ خانداني مفادن جي غلاميءَ ۾ اهڙو جڪڙجي ويا آهيون جو اجتماعي روشن مستقبل نظر ئي ڪو نه ٿو اچي. اسان قومي اتحاد جي نالي ۾ نانيءَ ويڙها ٺاهڻ ۾ پورا آهيون ۽ جتي ناني ويڙهو هوندو اتي جهيڙو ئي جهيڙو هوندو. اچو ته انهن نانيءَ ويڙهن مان جان ڇڏايون ته جيئن اجتماعي مفاد ۽ قومي غرض لاءِ سوچي ۽ لوچي سگهون.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • جي نينهن نشابر نه ڪري، سو تان ناهي نينهن

    (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”جي نينهن نشابر نه ڪري، سو تان ناهي نينهن“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    الله جنت نصيب ڪري مرحوم علي احمد بروهيءَ کي، نصيحتون ڪندو هو ته ”کلي مخالفت ڪري کوڙيءَ کي گهمرو نه ڏي. ائين دشمنيون وڌي ويندءِ ۽ تون ادبي لڏي ۾ جي. ايم. سيد ٿي ويندين ۽ اڪيلو رهجي ويندين.“ مکڻ ماڻهو هو جيترو ٻڌائيندو هو، ان کان وڌيڪ ٻڌندو هو، منهنجو موقوف اهو هوندو هو ته ڪنهن فرد واحد جي مخالفت ڇو ڪجي؟ مسئلو نظام جي خرابيءَ جو آهي، ان ڪري نظام، سوچ ۽ روين خلاف ٿي بيهجي ته بهتر آهي. انهن جي ئي  ته اوٽ ۾ ماڻهو ماڻهوءَ  کي بي وقوف  بڻائي ٿو، ان  جو استحصال ڪري ٿو ۽ نظرياتي غلام بڻائي رکي ٿو. مان کيس عرض ڪندو هئس ته ان ڪري مان نظام خلاف لکان ٿو، طبقن ۽ گروهن خلاف لکان ٿو، جن اسان جي روشن مستقبل واريءَ واٽ جي رستا روڪ ڪئي آهي. پوءِ ان ۾ کڻي ڪير به شامل هجي ۽ ان جو ڪهڙو به روپ هجي: وڏيري جو به روپ هجي يا پير فقير جو، استاد جو روپ هجي يا عملدار جو، ڊاڪٽر جو روپ هجي يا قلمڪار جو، جيڪڏهن انهن مان ڪنهن جا به رويا، ڪنهن جون به سرگرميون ۽ ڪنهن جا به عمل قوم جي اجتماعي مفاد خلاف وڃن ٿا ته ان خلاف لکڻ گهرجي، ڳالهائڻ گهرجي ۽ آواز بلند ڪرڻ گهرجي. جڏهن ۽ جتي به پنهنجي مفادن جي لاءِ ڪا هڪ هٽي قائم ٿيل هجي يا هٽ واڻيا اچي گڏ ٿين ته انهن ڊوهين جي ڊوهي ختم ڪرڻ گهرجي. اها ڪنهن دور جي نفي ناهي، اها ڪنهن نسل جي مخالفت ڪانهي ۽ اها ڪنهن طبقي تي مجموعي تنقيد ڪانهي، فقط ڪارين رڍن يا ڪنيءَ مڇيءَ جي نشاندهي ڪرڻ آهي.

    ليکڪ جڏهن به سمجهوتي ۽ غير جانبداريءَ جي ور چڙهيو ته هن جي ڏات ۽ هن جو ڏانءَ ڪاڳر جا گل بڻجي ويندا. جن ۾ مقصد جي خوشبوءِ هوندي ئي ڪو نه. اهڙي تحرير پاڻ کي خوش فهمين ۽ پڙهندڙن کي دلبي جي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيندي.

    جيڪڏهن قوم سان عشق آهي ۽ جيڪڏهن گڏيل روشن مستقبل جي آس آهي ته اها محبت لڪائي نه ٿي سگهجي. ان تي ڪنهن عقل، مت ۽ شرم جو ڦيڻو اثرانداز نه ٿي سگهندو. پر محبت پنهنجو رنگ ڏيکاريندي ۽ عشق مان اهڙا آوازا اٿندا، جيڪي زمين آسمان جي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ڪري ڇڏيندا. سچ ٻڌجي، عشق جي آواز سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، پوءِ ڀل ته اسان جي ڪنن جون پاپڙيون به ڳاڙهيون ڇو نه ٿي وڃن.

     سچ اهو آهي ته سنڌ  سورن ۾ آهي ۽ اسان مان هر ڪنهن سان دکن دردن جي هڪ مڪمل دنيا ساڻ آهي. ڪلهه  اسان سسئي  کي رولي ماريو، سهڻيءَ کي ٻوڙي ماريو ۽ مومل کي ساڙي ماريو. اڄ به ڪارو ڪاريءَ جي روپ ۾ عورت-ذات جو اهو ڪوس جاري آهي، پوءِ ڪير مڃيندو ته سنڌ ۾ روشن ضميريءَ پنهنجا پير پختا ڪيا آهن؟ چوندا آهن ته ”يار به چاڪي سينڌ به اڻڀي.“ پوءِ اهو ڪهڙو سبب آهي جو اڻ-ڳڻين مدبرن، مفڪرن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن هوندي به اسان جي ڀينگ لڳي پئي آهي ۽ اسان لات منات بابت بڻائي فڪر- دوستيءَ بدران شخصيت- پرستيءَ جي رنگ ۾ ريٽا ٿي رهيا آهيون. اسان کي فقط گروهه، ذاتيون ۽ پنهنجا گروپ ڇو ٿا وڻن؟ اسان کان عقل ڇو موڪلائي ويو آهي ته پرو چانڊئي جي قبر تي به پڙ وجهون ته بينظير ۽ سندس پيءُ جي قبر تي به پڙ وجهون. اهڙي نموني قلندر ۽ ڀٽائيءَ جي مزارن تي به پڙ وجهون. اسان انهن ڪردارن جي ڪارڪردگيءَ ۽ ڪم ۾ فرق ڇو نٿا محسوس ڪيون ۽ سمجهون. اسان مجاورن ۽ موالين جي قوم ڇو بڻجي رهيا آهيون. اسان جي زندگيءَ جو مقصد پڙ وجهڻ، پٽڻ يا پنڻ يا ڇنڻ ڇو بڻجي ويو آهي؟

    اهو احتساب ڪنهن جو ٿيڻ  گهرجي؟ عوام جنهن جو الله کانسواءِ اوهي واهي ڪونهي؟۽ بنهه بي يار مددگار بڻيو ويٺو آهي، يا انهن ڪاروباري سياستدانن جو، جيڪي پيرين پنڌ سياست ۾  داخل ٿين ٿا ۽ راتورات بنگلن ۽ پيجارن جا مالڪ بڻجي وڃن ٿا؟ انهن قلم-ڌڻين جو احتساب ڪريون، جيڪي ڳاڙهي ٻوڙ تي تاڙين وڄائڻ ۾ خوش ٿين ٿا يا محفلون مذاڪرا منعقد ڪري ذهني عياشيءَ کي قوم جي عظيم خدمت سمجهن ٿا؟ ڪو نينهن ته نشابر ٿئي، ڪو سچ ته عوام اڳيان اچي!!

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • سنڌ کي سماجي مفڪرن جي ضرورت آهي

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”سنڌ کي سماجي مفڪرن جي ضرورت آهي“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    ڏاهن جي هن ڏيهه ۾ سوچڻ ۽ لوچڻ واري جي ڪا به ڪمي ڪانهي، پر پوءِ به ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته جيڪو زندهه آهي، سو ڄڻ زندان ۾ آهي. جيئن ٿڌ، تيئن وڌ جيان وڃن ٿا سورن جا مذڪور وڌندا. مسئلا ۽ مونجهارا ايترا وڌي وڻ ٿيا آهن، جو گهڻن ماڻهن جي گاڏيءَ کان گاهه کڻڻ مشڪل ٿي پيو آهي. پر مزي جي ڳالهه ته اها روايت بڻجي وئي آهي ته ڪو پنهنجي غلطي يا ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. ابتڙ حالتن ۽ پنهنجي تشويشناڪ صورتحال جو ڏوهه ٻين تي ڌرڻو آهي ۽ پاڻ کي بي ڏوهي، متقي ۽ اصول پرست ثابت ڪرڻو آهي.

    هاڻي جڏهن هر ڪو عالم ۽ اديب، شاعر ۽ صحافي، سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن قوم جي مقدر بدلائڻ ۽ مثبت تبديلي آڻڻ جي دعويٰ ۽ جاکوڙ به ڪري ٿو ته پوءِ اهو ڪهڙو جادو آهي جو تريءَ تيل ئي نه ٿو لڳي ۽ زبان تي تري اچي ٿو ته ”يار به چاڪي ۽ سينڌ به اڻڀي…“ آسمان ۾ جڏهن سج ۽ چنڊ نظر نه ايندا آهن ته تارا ستارا ئي ايڏي روشني ڪندا آهن جو ڪو واٽهڙو انهيءَ آڌار تي واٽ منجهي نه سگهندو آهي. پوءِ اها ڪهڙي ماجرا آهي  جو ڌرتيءَ تي ڪيترا سورج جهڙا سهڻا ۽ چنڊ جهڙا چمڪندڙ مفڪر، مدبر ۽ سماجي رهبر موجود آهن، پر پوءِ به ڀينگ مٿان ڀينگ ٿيندي رهي ٿي. حالتون سڌرن ئي ڪو نه ٿيون.

    اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته اسان ۾ انهن ويڄن طيبن جي ڪمي آهي، جيڪي مرض ڄاڻي درد جي دوا ڪن. معاشري ۾ تبديلي تڏهن ايندي، جڏهن ماڻهن ۾ تبديلي اچي، ماڻهن ۾ تبديلي تڏهن ايندي، جڏهن انهن جي ذهنن ۽ دلين کي تبديل ڪيو وڃي.  دلين ۽ ذهنن ۾ تبديلي تڏهن ايندي جڏهن مبلغ ۽ مفڪر پنهنجا ذهني، فڪري ۽ نظرياتي قبلا درست ڪندا ۽ چاڪي جي ڏاند وانگر فرسوده سوچن لوچن جي گهاڻي جو چوڌاري نه ڦرندا. اسان سان حشر اهو آهي ته سالن کان وٺي ساڳيو راڳ آلاپيون ٿا ۽ اسان وٽ مدهوش ڪرڻ لاءِ جهڙوڪ نئين ڌن آئي ئي ڪانه. اهي روايتون ساڳيون، اهي رسمون ساڳيون ۽ خوابن تي ٻڌل اهي منزلون ساڳيون. پاڻ جهڙوڪ مبلغ ۽ انقلابي ماڻهو جبل جي چوٽيءَ تي بيهي، گهڻو هيٺ بيٺل ماڻهن کي ڌرتيءَ جي خوبصورتيءَ ڏسڻ ۽ تازي هوا کائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. ان ڪري جيڪڏهن سچ به چئون ٿا، پر ٻڌڻ سمجهڻ وارا گهڻو پري آهن ۽ پنهنجي ڳالهه اثر نه ٿي ڪري.

    پنهنجي ڳالهه اثر ڪري ها ته هر دفعي پيرن ۽ وڏيرن کي ووٽ نه ملن ها. پنهنجي ڳالهه اثر ڪري ها ته نياڻيون ۽ نماڻا ماڻهون ڪاروڪاري ٿي نه مرن ها. پنهنجي ڳالهه اثر ڪري ها ته ذات پات جو زنگ اسان جي ذهنن تي نه چڙهي ها. پنهنجي ڳالهه اثر ڪري ها ته وڏا انقلاب اچي وڃن ها. صاف ظاهر آهي ته پنهنجي ڳالهه ان ڪري ٻڌي سمجهي نه ٿي وڃي جو يا ته پاڻ کي ڳالهه ڪرڻ نه ٿي اچي، يا پنهنجي ڳالهه ٻڌڻ سمجهڻ وارا ڪن ۽ ذهن ڪو نه آهن. انهيءَ صورتحال ۾ سوچڻ ۽ لوچڻ وارن کي اهو دڳ به ملي ٿو ته سياست جي سينڌ سنوارڻ، سماجي خدمتن جا ساز وڄائڻ ۽ ادبي يا صحافتي دنيا کي چار چنڊ لڳائڻ کانسواءِ اڃا ٻيو به ڪو ڪم آهي جنهن تي اسان کي ٻوڙا ٻڌي آچار ڪرڻ گهرجي. بنهه ائين  جيئن لطيف سائين فرمايو ته ”روزا نمازون اهو پڻ چڱو ڪم، پر اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي“. ان حساب سان ڀلي اسان آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جون ڳالهيون ڪيون پر اهڙن روزن نمازن سان گڏ اهو ڪم به ڪيون ۽ اهم فهم به ڪتب آڻيون، جنهن سان مقصد کي حاصل ڪرڻ آسان ٿي پئي.

    اهو ڪم آهي ته سنڌي عوام جي سماجي نفسيات جو مطالعو ڪيو وڃي ۽ ان جي آڌار تي نتيجا ڪڍي دردن ۽ مرضن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ دوا درمل لاءِ ڪي دڳ ۽ پيچرا ڪڍيا وڃن. سنڌ جو ماڻهو ۽ ان جي نفسيات اسان نظرانداز ڪنداسين ته ان جي ذهني، فڪري ۽ نظرياتي خدمت خواهه تربيت نه ڪري سگهنداسين. پوءِ هوندا ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چگهه، ان ڪري موجوده سنگين حالتن ۾  اڄ سنڌ کي سماجي مفڪرن جي ضرورت آهي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • رانول! روايتون، قائم دائم اصل کان

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”رانول! روايتون، قائم دائم اصل کان“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    پاڪستان ٻه ٽڪر ٿيو، هڪ ملڪ مان ٻه ملڪ بڻجي ويا ۽ پوءِ ماڻهن جا وات کليا ته هاڻي ٻن مان ٻارنهن ٿيندا ۽ ڪڻي مان ڪيچ ٿيندا. ذوالفقار علي ڀٽي کي ملڪ جي واڳ ملي ۽ هن سنڌ ۽ بلوچستان جي حالتن کي ڏسندي چيو ته نه گريٽر بلوچستان قائم ٿيندو ۽ نه وري سنڌوديش ٺهندو. هو پاڻ ته نه رهيو پر ماڻهن جون سوچون ۽ لوچون باقي رهيون.

    شهيد ڀٽي جيڪي چڱا ڪم ڪيا، انهن مان هڪ هيءُ به هئو ته جهڙوڪ ديڳ چاڙهي سنڌي ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ نوڪريون به ڏنائين ۽ پلاٽ به ڏنائين. سندس ذهن ۾ اهو هئو ته ڪراچيءَ ۾ لساني توازن قائم ڪجي. هن کان اڳ ايوب به ائين ڪيو هئو. سندس ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ بي لغام هل هنگامن جو ٽوڙ  هن ٻن طريقن سان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پهريون ته پٺاڻن کي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيڻ لاءِ ماحول پيدا ڪري ڏنائين ۽ ٻيو ته ملڪ جي گادي مٽائڻ جو فيصلو ڪيائين ته جيئن حڪمراني ڪندڙن کي عادي وڳوڙين جي مصيبت کان بچائي سگهجي. ايوب جو پٺاڻن پيغام سمجهي ورتو. ان ڪري پٺاڻن چوڪيداريءَ، بوٽ پالش ڪرڻ، ۽ ننڍڙن هوٽلن هلائڻ  وارن ڪمن تي هڪ هٽي قائم ڪري ورتي. هڪ ننڍڙي جاءِ به ٽن شفٽن جي صورت ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اڄ ڪراچيءَ ۾ اهي پاڻ کي قوت طور مڃائي چڪا آهن.

     ان جي برعڪس ڀٽي جي ڳالهه اسان  ماڻهن کي ٻئي طريقي سان سمجهه ۾ آئي. جن کي پلاٽ مليا، تن مان ڪيترن پلاٽ وڪرو ڪري، ڏوڪڙ کيسي ۾ رکي واپس وڃي پنهنجا وٿاڻ سنڀاليا، جن کي نوڪريون مليون، تن مان ڪيترن غنيمت ڄاڻي ڪراچيءَ کي ٻک وجهي رهڻ جو فيصلو ڪيو، انهن مان جن جي هلندي پڄندي هئي، سي بدليون ڪرائي پنهنجي ڳوٺن ڏانهن موٽي ويا. پلاٽ وڪرو ڪندڙ ۽ بدلي ڪرائيندڙن کي امڙ ماتا ته ياد آئي، پر ڌرتي ماتا وساري ويٺا. نتيجي ۾ ڪراچي ٻين حوالي ڪري روئڻ ۽ پٽڻ شروع ڪيائون ته ڪراچي سنڌين جي پيرن هيٺان نڪرندي پئي وڃي.

    ڪراچي هاڻي به سنڌين کان خالي ڪانهي، پر سنڌين جي ”مفاداتي لڏپلاڻ“ ڪراچيءَ ۾ باقي رهيل سنڌين کي سمجهوتي واري زندگي گذارڻ تي آماده ڪيو. هنن لاءِ ان کانسواءِ ڪو چارو ئي ڪو نه رهيو ته اهي اڌ ڪاٺ جاءِ اڌ لوهه جا ٿي رهن. قومي اتحاد ۽ اتفاق جي نالي ۾ پنهنجي گهرن مان پنهنجي مادري زبان کي نيڪالي ڏين. ڪن همراهن قومي يڪجهتيءَ جي عظيم تر مفاد ۾ شاديون مراديون به هتي غيرن ۽ غير زبانن وارن مان ڪيون. پوءِ ”دولها ڀائي“ جي لقب ماڻڻ لاءِ پنهنجي مستقبل ۽ ثقافت جي نسوري ڀينگ ڪري ڇڏي. عبدالواحد انڍهڙ اڳ ۾ ائين شادي ڪئي ۽ هن کي ”جيلاني“ اولاد پيدا ٿيو. سندس اولاد انڍهڙ سڏائڻ بدران جيلاني سڏرايو ۽ سنڌي ڳالهائڻ ۾ عيب  سمجهيو. مرحوم عبدالڪريم سعدي سنڌ جو مايه ناز صحافي هئو. هن ”دولها ڀائي“ جي گهر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. وڏي ۽ شاندار گهر ۾ کيس نوڪرن وارو ڪمرو مليل هئو. پاڻ گهر کان ٻاهر سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ۾ ڀريندو هو ۽ گهر ۾ سندس جهوليءَ ۾ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جو گاهه گند اڇليو ويندو هو.

    اهڙيءَ  ريت گهڻو اڳ ڪراچيءَ ۾ اسان سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ ترقيءَ لاءِ وڏا وڏا ميڙ ڪندا هئاسين، جلسا ڪندا هئاسين ۽ اجلاس گهرائيندا هئاسين. انهن ميڙن ۾ جيڪو گهڻيون دانهون ۽ ڪوڪون ڪندو هو، ان جي گهر جي چوکٽ کان اندر سنڌي ٻولي جو نالو نشان به ٻڌڻ ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو هو.

    ڀٽي کان وٺي بينظير ۽ انهن ٻنهي شهيدن کان وٺي ويندي اڄوڪي دور تائين سنڌ ۾  اڪثر حڪومتون سنڌين جون ئي رهيون آهن. هاڻي حڪمرانن ۾ ڀٽي جهڙي سوچ نه رهي آهي. هنن وٽ منظم نموني سان ڪراچيءَ ۾ لساني توازن قائم ڪرڻ ۽ سنڌين جي ڪراچيءَ تي حق قائم ڪرڻ جي ڪا منظم ۽ واضح  حڪمت عملي ڪانهي. پر جت پنهونءَ جا ڀائر مصداق ماڻهن جي به پنهنجي عظيم شهر ۽ باقي شهرن سان لاتعلقي واري ساڳي تحريڪ جاري آهي. حڪومت خواهه اسان انهن روايتن کي اڃا به قائم ۽ دائم رکندا پيا اچون. اسان جون دانهون ۽ ڪوڪون به ساڳيون آهن، عمل ۽ افعال به ساڳيا آهن. ان ڪري صورتحال به ساڳي آهي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

  • ايندڙ مڪاني چونڊون، سسين جو چونڊو نه ٿين

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ايندڙ مڪاني چونڊون، سسين جو چونڊو نه ٿين“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    تازو ٿيل مڪاني چونڊن دوران سچل جي نگريءَ ۾ ماڻهن مارڻ جو جيڪو افسوس ناڪ ۽ مذمت جوڳو واقعو ٿيو، شل رت جي اهڙي راند باقي رهيل مڪاني چونڊن دوران نه کيڏي وڃي. سچل جي درگاهه تان امن ۽ انسان-دوستيءَ  جا ناد وڄندا آهن، پر اليڪشن ڏينهن اتي دانهن ۽ ڪوڪن باشعور ماڻهن جي ضمير جي ڌرتيءَ ۽ آسمان کي لوڏي ڇڏيو ۽ اسان لاءِ ڪيترن سوالن کي جنم ڏنو. هن واقعي کي ڪيترن ئي رخن کان ڏسي ۽ پرکي سگهجي ٿو، ان جي منفي اثرن جي احاطي جو اندازو به لڳائي سگهجي ٿو.

    سڀ کان وڏو سوال حڪومت لاءِ پيدا ٿئي ٿو ته امن امان قائم ڪرڻ ۽ عوام جي جان، عزت ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. جڏهن پولنگ اسٽيشنن ۽ انهن جي ڀرپاسي پوليس ۽ امن قائم ڪندڙ ايجنسيون به موجود هجن ۽ پوءِ به گولين جون بارشون ٿين ۽ ماڻهن جون منڊيون لڻيون وڃن ته ڪنهن کي ميار ڏجي؟ سنڌ ۾ ماڻهن مارڻ جي هيءَ ڪهڙي تاريخ لکجي رهي آهي جو جڏهن بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم آهي ته هن جي ڪونڌر ڀاءُ کي ڪٺو وڃي ٿو. جڏهن خيرپور واسي سنڌ جو وزيراعليٰ آهي ته سچل جي نگريءَ ۾ ڪوس ٿو ٿئي. تاريخ لکڻ وارا انهن واقعن جي ڏوهن جا بار اقتدار ڌڻين جي ڪلهن تي به اڇلائيندا ۽ ائين ڪرڻ ۾ هو بنهه حق بجانب هوندا.

    سچل جي نگريءَ وارو واقعو متان پلاند وٺڻ واري منفي سوچ ۽ ڪوڙيءَ مڙسيءَ جي ور نه چڙهي وڃي ۽ ائين نه ٿئي ته ان جو بدلو ڪنهن ٻئي هنڌ ڪن ٻين مظلومن مارڻ جو روپ بڻجي اسان جي اڳيان اچي. ائين ٿيو ته پوءِ اسان کي پنهنجي عقل تي ماتم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڇا نصيب ٿيندو؟

    سياست چمڪائڻ لاءِ ماڻهو ائين به ڪندا آهن جيئن ڪا مائي پرائي تڏي تي وڃي پنهنجي مري ويل مائٽن کي ياد ڪري روئڻ شروع ڪندي آهي. ڪراچيءَ ۾ ته اها هاڻي ريت رسم بڻجي وئي آهي. جيڪو ٿو ڪو واٽهڙو مري ته هڪ مخصوص پارٽي لاش ڪلهي تي رکي روئڻ پٽڻ شروع ٿي ڪري ته سندس ڪارڪن ماريو ويو آهي. انهيءَ ناخلف پارٽيءَ واري سياست حڪمت عملي درازن واري ڏکوئيندڙ واقعي تي لاڳو ٿيڻ نه گهرجي. حياتيون وڃائيندڙ ماڻهن کي هاڻي ڪنهن پارٽيءَ جي حمايتن ۽ مخالفن جي لسٽ ۾ شامل  نه ڪرڻ گهرجي، بلڪه اسان کي اهو ڏوهه قبولڻ گهرجي ته سچل، جنهن  انساني محبت، ادب ۽ احترام جي ڳالهه ڪئي، ان جي نگريءَ ۾ ماڻهون ماريا ويا. ان ڪري هن واقعي کي لاشن تي سياست ڪرڻ واري ڪرت نه بڻايو وڃي.

    جيڪڏهن هن واقعي جو ڪارڻ سياسي دشمني يا سياست نه آهي ۽ ان جون پاڙون قبائلي يا خانداني دشمنين جي پاتال ۾ کتل آهن ته پوءِ انهيءَ واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ بدران سماجي ڪوتاهين ۽ سماج جي بدبودار روايتن جي پسمنظر  ۾ ڏسڻ گهرجي. ”قبائلي جهيڙا“ به ”ڪارو ڪاري“ واري ڪڌي روايت جيان اسان جي وڏيرا شاهي نظام جي آشيرواد سان ئي هلندا ۽ هن انسان- دشمن نظام جي ڇانوءَ ۾ پلبا آهن. ”قبائلي جهيڙا“ سالن جي طويل ترين جنگ ۾ ان ڪري تبديل ٿي ويندا آهن جو انهن جا فيصلا جرگن ذريعي ڪيا ويندا آهن. پر جيڪڏهن انهن جو نبيرو عدالتن ذريعي ٿئي ته لاڳاپيل ڌريون فيصلن جي پابندي ڪرڻ لاءِ ٻڌل رهن. جرگن جي فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ئي هن فرسودي نظام جي جادوگري آهي. ان ڪري جيڪڏهن درازن واري ڏکوئيندڙ واقعي تي ڪو قبائلي يا خانداني تڪرار جو اثر آهي ته ان مسئلي کي انهيءَ حوالي سان ڏٺو ۽ حل ڪيو وڃي. هن واقعي جي لڪل ۽ ظاهر سببن جي تصديق يا ترديد ته تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ڪا غيرجانبدارانه انڪوائري ڪرائي وڃي.

    هن واقعي جا سنڌ جي سياست تي اهي منفي اثر پوندا ته ماڻهن کي دهشتگردي يا جان وڃائڻ واري ڊپ ۾ ايترو ته مايوس ۽ بي دليو بڻايو وڃي، جو هو چونڊن ٿيڻ وقت پنهنجي ووٽ جي استعمال ڪرڻ ۾ ڪيٻائڻ شروع ڪن. ان ڪري اهڙا خوني واقعا بيلٽ باڪس ۽ عوام جي حق تي ڌاڙي هڻڻ جا ڪارڻ ٿيندا. تنهن لاءِ ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته هاڻي اسان جي چونڊن جا ماڳ مڪان ڪوس گهر نه بڻجن. اهي لاشن تي سياست ڪرڻ واري روايت نه وجهن ۽ چونڊون ڦٽين جي چونڊي وانگر سسين جي چونڊي جي سيزن نه بڻجي وڃن. هاڻي سنڌ کي چونڊن وقت انساني رت جي نه، پر اسان جي ست ۽ سرت جي ضرورت آهي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • جي سوچين لوچين، تون سماج لاءِ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”جي سوچين لوچين، تون سماج لاءِ“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    ٻهراڙيءَ ۾ رهڻ وارن ڏهاڙن ۾ پاڙي ۽ ڳوٺ جي بجليءَ، پاڙيءَ، امن امان ۽ ٻين مسئلن ۾ منجهي پئبو هو ته يار دوست ميڙي ڪا سماجي تنظيم جوڙي وٺبي هئي. ”اچو سورن واريون، ڪيون سور پچار“ مصداق ٻوڙو ٻڌي آچار ڪبو هو. پوءِ ڪٿي لٺ ته ڪٿي ڄٺ ڏيکاري، ڪٿي هٿ ٻڌي ۽ ڪٿي ڪاوڙ ۾ ڦوڪجي ڳوٺ ۽ پاڙي جا مسئلا حل ڪرائبا هئا. ان وقت  اهو ئي سوچبو هو ته سماجي تنظيمون ائين ئي ٿينديون آهن ۽ ان لاءِ ئي ٺاهبيون آهن. پر جڏهن ٻهراڙيون ڇڏي وڏن شهرن ۾ اچڻ ٿيو ۽ وڏن وڏن هوٽلن ۾، بلڪه فائيو اسٽار هوٽلن ۾ سماجي تنظيمن جي گڏجاڻين ۽ سيمينارن ڏسڻ جو موقعو  مليو ته خبر پئي ته هيءُ ڪو جهان ئي ٻيو آهي. ٻهراڙيءَ ۾ ٻهراڙيءَ وارين سماجي تنظيمن جو رنگ ۽ ڍنگ ئي پنهنجو آهي ۽ هتي وڏن شهرن ۾ ڳالهه ئي اور آهي. هتي همراهن جي ايجنڊا الڳ، مسئلا نرالا ۽ انداز ئي شاهاڻا.

    انقلاب  پسند ماڻهن جو خيال آهي ته سماجي تنظيمون ڪرندڙ ديوارن کي ٽيڪي ڏيڻ جو ڪم ڪنديون آهن ۽ ان ڪري انقلاب يا تبديليءَ جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ ثابت ٿينديون آهن. ڇو ته ماڻهو سهارن ۽ آسرن جي آڌار تي تبديليءَ جي اهميت ۽ ضرورت کي ياد نه ڪندا آهن. ان ڪري ڪي  انقلاب پسند چاهيندا آهن ته حالتن کي ابتر ٿيڻ ڏيو ۽ ماڻهن کي بيساکي ڏيڻ بدران پنهنجي سوچن ۽ لوچن جي پيرن تي بيهڻ سيکاريو.

    هي نظريو  اسان جي سماجي صورتحال ۾ عوام کي انقلاب جي ويجهي آڻڻ بدران، ان کان پري ڪندو رهيو آهي. ڇو ته جڏهن سرڪاري نوڪري وٺڻ، بدلي ڪرائڻ ۽ مفت ۾ سهولتن وٺڻ جي هير ۽ عادت ماڻهن جي زندگيءَ جي ايجنڊا بڻجي وڃي ته پوءِ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن هلنديءَ پڄندي واري جو وڃي پاسو وٺن ٿا ۽ اتي ڪو نه ڪو اقتدار ۽ اختيار وارو پير سندن پڄائي وٺي ٿو. پوءِ ماڻهون جو نظرين، قدرن ۽ تبديلين سان ڇا وڃي ۽ ڇو وڃي؟

    اڄ جي حالتن ۾ اهو سياستدان مقبول ۽ عوامي بڻجي وڃي ٿو، جيڪو سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح، صحيح ۽ غلط طريقي سان ماڻهن جي انهيءَ ايجنڊا ۾ سندن مدد ڪري ٿو، جيڪا پاڻ مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو قوم پرستن ۽ هٿين خالي سياستدانن جي منطقي، اصولي ۽ صحيح ڳالهين تي به توجهه نه ٿا ڏين ۽ هر دفعي انهن بدران ڪنهن نه ڪنهن سبز باغ ڏيکاريندڙ يا ڪنهن حد تائين مدد ڪندڙ کي چونڊن ۾ ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن ٿا. جيڪڏهن انهيءَ صورتحال ۾ قوم پرستن ۽ هٿين خالي پرخلوص سياسي اڳواڻن ماڻهن جي سماجي ڪمن ۽ خدمتن کي پنهنجي سياسي حڪمت عمليءَ ۾ جاءِ نه ڏني ته ايوانن ۽ ڪائونسلن ۾ کين جاءِ نه ملي سگهندي. سو صورتحال ۽ زميني حقيقتون اهي آهن ته ”سماجي خدمتن“ جي اهميت ۽ ضرورت کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.

    ”سماجي خدمتن“ واري شعبي کي نظرانداز ڪرڻ مان منفي ۽ خطرناڪ نتيجا هي نڪتا آهن ته اسان جي ڪيترين سماجي تنظيمن کي بين الاقوامي سياست ۽ مفادن جي تناظر ۾ ”چريئي کي ڳڙ چٽائي ڪلهي تي ڪاٺ رکڻ“ واري حڪمت عملي جڙي پئي آهي. ڪن سماجي تنظيمن کي امداد يا پراجيڪٽس جي نالي ۾ ناڻي جا جهول ته ڀري ڏنا وڃن ٿا، پر ان جي موٽ ۾ نقصان گهڻو ڏنو وڃي ٿو. پراجيڪٽس ٺاهڻ وقت پروفائيل ٺاهڻ جي نالي ۾ سنڌ جي جاگرافيائي، سماجي، تاريخي ۽ سياسي تاريخ ۽ صورتحال بابت قيمتي معلومات مفت ۾ غير ملڪي ڊونر ايجنسين کي ملي وڃي ٿي. جيڪا اهي وڏي جاسوسي نظام جي ڄار وڇائڻ ۽ ڏوڪڙ خرچ ڪرڻ کانپوءِ به وٺي نه ٿيون سگهن. ٻي ڳالهه اها آهي ته پراجيڪٽس اهڙا ٺهرايا وڃن ٿا، جن مان فائدو عوام بدران انهن کي ٿئي ٿو. مثال اوزون جا تهه اهي ڦاڙڻ پر وڻ اسان لڳايون. ٽين ڳالهه اها آهي ته ڀلي ڪرپشن نه چئون، پر اهڙو ڪلچر پيدا ٿئي ٿو، جنهن ۾ محلن ۾ ويهي غريبن جي دکن دردن لاءِ سوچيو وڃي ٿو. جن گڏجاڻين، ڪانفرسن ۽ مذاڪرن ۾ عوام جي شرڪت ئي ڪا نه آهي. اهڙين ڪانفرنسن ۾ فيصلا ڪري، ڪتاب جوڙي عوام کي چيو وڃي ٿو ته هاڻي هن ڪتاب يا ڪلمي تي ايمان آڻيو. ان ڪري سنڌ ۾ جيڪي به سماجي تنظيمون بي حسيءَ سان سماجي خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن، انهن کي وقت بوقت ڪارڪردگيءَ جون رپورٽون ڇپرائي عوام جي عدالت آڏو پيش ڪرڻ گهرجن، ۽ مجموعي طور تي سمورين سياسي تنظيمن کي نظرانداز ڪرڻ بدران انهن جي ڪارڪردگيءَ، ايجنڊا ۽ مالي آمدني ۽ روانگيءَ تي نظر رکڻ به ضروري آهي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • رينجرس جي اختيارن وارو مامرو ڪهڙو رنگ لائيندو؟

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”رينجرس جي اختيارن وارو مامرو ڪهڙو رنگ لائيندو؟“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    شهيد راڻي بينظير اقتدار جي مسند تي ويٺي ته  ايم ڪيو ايم جي اختلافن سنڌ ۾ رڻ ٻاري ڏنو. سيد قائم علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هئو ۽ هن ڪرسيءَ ته وڃائي، پر اصولن تي سودو نه ڪيو. اڄ جڏهن رينجرس جي اختيارن واري مامري منهن ڪڍيو آهي ۽ نواز حڪومت جا هراول دستا هن ڳالهه کي ڪشمير جو مسئلو بڻائي رهيا آهن، ته ان وقت سنڌ ۾ ساڳيو ئي قائم علي شاهه وڏيءَ وزارت جي ڪرسيءَ تي ويٺل آهي. هن جي پنهنجي پارٽيءَ سان وفاداري ۽ ان جي حڪمت عملين کي دل و جان سان لاڳو ڪرڻ ۽ تحمل ۽ اڏولپڻي واري طبعيت کان مرڪزي حڪومت ڀليءَ ڀت باخبر هوندي.

    پيپلزپارٽيءَ ۽ نوازليگ ۾ جيڪڏهن انهيءَ مامري تي اختلاف چڙهي چوٽ تي پهتا ته ان مان نقصان ٻنهي پارٽين کي ٿيندو ۽ ڪا  ٽين ڌر حالتن مان فائدو وٺندي. ان ڪري هاڻي صورتحال اها آهي جو جيڪڏهن ڪاتي گدري تي ڪري يا گدرو ڪاتيءَ تي ڪري، نقصان گدري کي ئي ٿيندو، پر مزي جي ڳالهه اها ته عوام نه ته گدرو آهي ۽ نه ڪاتي آهي. البته گدرو انهيءَ جي ٻنيءَ جو آهي ۽ ڪاتي ان جي بورچيخاني جي آهي. پوءِ به حالتن جو اٺ ڪهڙي پاسي به ليٽي، ليڪن بار عوام تي ئي پوندو. ڇو ته ماڻهن ۾ هاڻي ايترو شعور اچي چڪو آهي جو اهي انڌي منڊي جمهوريت کي ته پسند ڪندا، مگر ڪا سورن جي ٻي سست سالي کين نه وڻندي.

    مامري تي حالتون ڳنڀير نه ٿينديون. ان جا گهڻا ئي ڪارڻ آهن. سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو ”ميثاق لنڊن“ آهي، جنهن جو سهرو ته بينظير جي سر تي اچي ٿو، پر ان ۾ ملڪ جي ڪيترن مدبرن گوڏا ڀڃي اهو فيصلو ڪيو ته ”حڪومت ڪريو ۽ حڪومت ڪرڻ ڏيو“ واري حڪمت عملي ئي سياسي نظام ۽ سياستدانن جي حق ۾ آهي. ان ڪري افهام ۽ تفهيم ۽ سمجهوتي کي ئي سياست جي سونهن بڻائڻ گهرجي، ان ڪري گمان اهو ئي وٺڻ گهرجي ته نوازليگ سياسي رنگ قائم ڪرڻ لاءِ ڀڀڪيون ته گهڻيون ڏيندي، ليڪن مامري کي ٽوڙهو بڻائي پنهنجي ۽ پرائي ڳچيءَ ۾ نه وجهندي. هونئن به حالتن ميان نواز جي گهراڻي تي اهڙا احسان ڪيا آهن جن جو انهن کي شايد تصور ئي نه هجي. هڪ ئي گهر مان هڪ ڀاءُ ملڪ جو وزيراعظم آهي ته ٻيو ڀاءُ ملڪ جي وڏي صوبي جو وڏو وزير آهي. نوازليگ يا نواز-گهراڻو جذباتي سياست ڪري، انهيءَ سونهري موقعي کي نه وڃائيندو. ان ڪري هنن حالتن رينجرس جي اختيارن واري مامري کي پيپلزپارٽيءَ کان وڌيڪ نوازشريف ۽ سندس حڪومت لاءِ پلصراط تان گذرڻ جهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي. ٻئي پارٽيون ڀلي اکيون ڦوٽاري هڪ ٻئي سان ڳالهائين، پر سندن من ۾ پنهنجي نظام کي بچائڻ واري تمنا ضرور موجود هوندي.

    ڏسڻ سوچڻ وارا ماڻهو اهو ضرور سوچن ٿا ته موجوده حالتن ۾ فقط هڪ وڏي صوبي کان سواءِ باقي ملڪ جي طول و عرض ۾ آئين ۽ قانون جي ڇانون ۾  جهڙوڪ آئين ۽ قانون کان مٿاهان قدم کنيا پيا وڃن. سنڌ جي حوالي سان اها صورتحال هر ڪنهن سنڌ واسيءَ لاءِ ڳڻتيءَ جوڳي آهي. ڇو ته سنڌ جا سور ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سرسا آهن. صوبي کي ورهائڻ ۽ نئين صوبي ٺاهڻ جون ڳالهيون هتي ئي ٿين ٿيون. بي گناهه شهرين کي رستن ۽ روڊن تي مارڻ جون روايتون هت ئي قائم رکيون وڃن ٿيون. ڀتاخوري ۽ سينا زوري هن ئي صوبي جي وڏن شهرن جو ڪلچر بڻايو ويو آهي. هٿ وٺي حالتون ائين اهڙي نموني بڻايون ويون آهن جو هڪ طرف امن امان قائم ڪرڻ جي نالي ۾ سنڌ جي سون جا خزانا خالي ٿين ٿا ته ٻئي طرف حڪومت انهيءَ مڙهيل مامري ته ايترو توجهه ڏئي ٿي جو عام ماڻهوءَ جي ڀلائي ۽ بهتريءَ وارن ڪمن ۾ رخنو پئي ٿو ۽ ماڻهن ۾ مايوسيءَ ۽ سياست سان عدم دلچسپي پيدا ٿئي ٿي.

    رينجرس جي اختيارن وارن مامري تي صوبائي حڪومت کي به پنهنجا تحفظات آهن ته عوام به انهيءَ مسئلي تي پنهنجي حساب سان سوچي ٿي. بلاشبه شهري ماڻهن کي ڪجهه رليف به ملي ٿو، پر عوام جهڙوڪ هڪ ئي وقت تي جمهوري، حد کان وڌيڪ اختيار ۽ هڪ اڌ ٻئي نظام جي لٺ سان هلايو وڃي ٿو. ماڻهوءَ کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته سندس ڪهڙو عمل ڪهڙي جمهوري يا حد کان وڌيڪ غير جمهوري حڪم جي ڀڃڪڙي ثابت ٿيندو. ان ڪري عوام ڪاٺ ۾ پوڻ بدران ماٺ ۾ رهڻ ئي ڀلو ڄاڻي ٿو. اها سياستدانن ۽ اقتدار ڌڻين جي ذميواري آهي ته اهي عوام کي صحيح معنيٰ ۾ اقتدار جو ڌڻي سمجهن ۽ بڻائين، انهن لاءِ  امن امان ۽ ترقيءَ کي يقيني بڻائين ۽ اڻ ڳڻين جمهوري خواهه غير جمهوري عتابن ۽ عذابن کان محفوظ رکن. اهو به ضروري آهي ته اقتدار جي ڪرسين تي ويٺل ماڻهو فروعي مسئلن تي پنهنجي انا ۽ اختلافن جي ٻوٽن کي پاڻي ڏئي وڻ نه بڻائين. عوام عزت جي زندگي، سک ۽ سڪون جي حالتن جو حقدار آهي. جيڪڏهن عوام ڏانهن حڪومتن جو ڌيان گهٽ ٿو وڃي ته پوءِ ماڻهو پنهنجي مٿي پٽڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ڪندا؟ هو جن کي ووٽ ڏئي اقتدار جي ڪرسين تي ويهارين ٿا،  اهو ئي چاهيندا ته سندن ڀلو ٿئي ۽ سڀني جو ڀلو ٿئي.

    عوام مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ ڪري زندگيءَ جا گهنگهر گهاري ٿو ۽ خاموش آهي. پر سياست ماٺ ڪرڻ واري مخلوق ڪانهي. هن جي حڪمت عملي کي خطرو ٿيو ته هو بي قرار ٿي ويندو. هن جي نظام کي ڇيهو رسڻ جو انديشو ٿيندو ته قرار سان نه ويهندو. ان ڪري رينجرس جي اختيارن وارو مامرو به انهيءَ پاليسيءَ تحت طئي ٿيندو. ٿيندو ائين ته ٽڪريءَ کي سور ٿيندا ۽ ڄمندو ڪئو.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • جي ڪم ڪرين سڪارتا، صاحب نه ڪر اڪارتا

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ            

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”جي ڪم ڪرين سڪارتا، صاحب نه ڪر اڪارتا“

     

    اسان هوائن ۾ لٺيون هڻڻ جا اهڙا ته ماهر بڻجي ويا آهيون، جو ڪو قومي نوعيت جو مسئلو هجي نه هجي پر پاڻ نوڙيءَ مان انگ ٺاهينداسين پوءِ وري نانگ بدران ويٺا ليڪو ڪٽينداسين. پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن جا جوهر ضرور ڏيکارينداسين. ليڪن عوام کي انهيءَ ايجنڊا تي هلڻ تي مجبور ڪنداسين، جيڪا ان لاءِ اسان جوڙي آهي ۽ اسان کي پسند آهي.

    جيڪي وري فروعي مسئلن جي گهاڻي ۾ پاڻ ۽ پنهوارن کي نه ٿا پيڙهن، تن مان گهڻا وري ڍنگرن تي اٽو هارن ٿا. ڍنگهرن تي اٽي هارڻ جو اهو مقصد ناهي ته هو اجايو ۽ بيڪار ڪم ڪن ٿا. سندن ڪم ۽ خدمت اهميت کان خالي ڪونهن، ليڪن انهن کي دائمي ۽ تاريخي حيثيت ڏيڻ ۾ ڪو ڪردار ادا نه ٿا ڪن. انهن کي عرض آهي ته ”جي ڪم ڪرين سڪارتا، صاحب نه ڪر اڪارتا“ ڇو ته جيڪڏهن سندن قول ۽ فعل جو رڪارڊ رکيو وڃي ته اهو اسان ۽ ايندڙ نسلن لاءِ اتساهه ڏيندڙ مثال بڻجي وڃي.

    مثال طور تازو سنڌ جي طول و عرض ۾ ڪجهه اهم ادبي ڪارناما سرانجام ڏنا ويا. ”خانه بدوش ڪيفي“ طرفان اياز ميلو مچايو ويو. انهيءَ روايت کي لاڙڪاڻي جي آرٽس ڪائونسل وارن ان کان به اڳرو ڪري ڏيکاريو. پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ قادري خاندان جي قلم قبيلي جي ڪتابن جو مهورت ٿيو. لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ طرفان ”ڇهين تاريخي ڪانفرنس“ جو انعقاد ٿيو ۽ ڪلهه ڪلهوڻيءَ هالا ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جي از سرنوءِ تنظيم سازي ڪئي وئي. انهن چند ادبي واقعن مان صاف صاف ظاهر آهي ته سنڌ جاڳي پئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ۾ اسان جا عالم، اديب، شاعر ۽ ادب-دوست روزبروز نت نوان گل وجهندا رهن ٿا. پر انهن گلن جي خوشبوءِ کي تڏهن ئي محفوظ ڪري سگهجي ٿو، جڏهن منتظمين پاڻ يا اسان جا ادبي ادارا ۽ رسالا انهن مثالي سرگرمين جون تفصيلي رپورٽ عوام اڳيان آڻين. پر ان سلسلي ۾ منتظمين، ادارن ۽ رسالن جا رويا ڍنگرن تي اٽي هارڻ برابر آهن. مطلب ته سجائي ڪم کي به هڪ ڏينهن جو کيل بڻائي اجايو ڪيو وڃي ٿو.

    هي جيڪي مثالي ڪم ٿين ٿا ۽ اهم ادبي واقعا رونما ٿين ٿا، انهن جي تنظيم ۽ انعقادي انداز سان اختلاف ڪري سگهجن ٿا، پر انهن جي اهميت کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. انعقاد ۽ انتظام جي حوالي سان اسان جي اهڙن ادبي ڪارنامن تي اڪثر ڪري ”ناني ويڙهي“ جو رنگ چڙهيل هوندو آهي. ان ڪري رڌڻ واري ناني ۽ کائڻ وارا ڏوهٽا، باقي ٻيا وڃي چپ چٽن. اسان کي پنهنجا اهم ادبي ڪارناما ائين پنهنجي لابين ۽ سنگت ساٿ يا گروهه جي ور چاڙهڻ نه گهرجن. ائين ڪرڻ سان اهڙن ڪارنامن کي اسان اجتماعي ۽ قومي ڪارج بڻائڻ کان پري رکون ٿا. آئون اڪثر ڪري اهڙين ڪانفرنسن، ادبي ميڙاڪن ۽ ڪتابن جي مهورتي پروگرامن ۾ انڪري نه ويندو آهيان جو ايجنڊا ۽ ڪاڄ اڳ ۾ طئي ٿيل هوندو آهي ۽ پاڻ کي وڃي اتي فقط واهه واهه ڪرڻي هوندي آهي. ان ڪري اهڙي واهه واهه ڪرڻ بدران بهتر آهي ته ڪنڊ وٺي ڪو قومي اهميت جو ڪم ڪجي.

    ڳالهه پئي هلي ته نيٺ ڇا ڪجي جو اسان ائين پنهنجي ڪارائتن ڪمن کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪري ايندڙ دور لاءِ مثال بڻايون. ان لاءِ تجويز اها آهي ته جيڪي محسن ۽ مهربان ڪتابن جا مهورتي پروگرام ڪرائين ٿا، جيڪي ادبي ميلا ۽ ڪانفرنسون سڏرائين ٿا ۽ اهڙي اهميت وارو ڪو ٻيو ڪم ڪن ٿا، انهن کي انهيءَ واقعي جي پس منظر، تفصيل ۽ افاديت تي هڪ جامع رپورٽ به جاري ڪرڻ گهرجي. ان کانپوءِ ادبي رسالن جو اهو فرض ٿئي ٿو ته اهي هر ادبي، علمي ۽ ثقافتي واقعي کي پنهنجي ورقن جي جيءَ ۾ جاءِ ڏين ته جيئن ايندڙ دور جا عالم ۽ محقق ان مان جامع ۽ مسند ادبي تاريخ مرتب ڪرڻ لاءِ استفادو ڪن.

    جيڪا قوم چڱيون ڳالهيون ڪري، ان کي هڪ اڌ ڏينهن جي ڳالهين ۽ يادين تائين محدود رکي ٿي، اها جهڙوڪ تاريخ مان واقعن جي تسلسل کي هٿ وٺي گم ڪري ٿي. جڏهن ته ڪو به واقعو اجتماعي جذبن، امنگن ۽ ڪاوشن جي پيداوار ٿيندو آهي، ان ڪري انهن واقعن کي قلم بند نه ڪرڻ جهڙوڪ تاريخ جي خون ڪرڻ برابر آهي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

     
  • جي ڪم ڪرين سڪارتا، صاحب نه ڪر اڪارتا

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ            

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”جي ڪم ڪرين سڪارتا، صاحب نه ڪر اڪارتا“

     

    اسان هوائن ۾ لٺيون هڻڻ جا اهڙا ته ماهر بڻجي ويا آهيون، جو ڪو قومي نوعيت جو مسئلو هجي نه هجي پر پاڻ نوڙيءَ مان انگ ٺاهينداسين پوءِ وري نانگ بدران ويٺا ليڪو ڪٽينداسين. پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن جا جوهر ضرور ڏيکارينداسين. ليڪن عوام کي انهيءَ ايجنڊا تي هلڻ تي مجبور ڪنداسين، جيڪا ان لاءِ اسان جوڙي آهي ۽ اسان کي پسند آهي.

    جيڪي وري فروعي مسئلن جي گهاڻي ۾ پاڻ ۽ پنهوارن کي نه ٿا پيڙهن، تن مان گهڻا وري ڍنگرن تي اٽو هارن ٿا. ڍنگهرن تي اٽي هارڻ جو اهو مقصد ناهي ته هو اجايو ۽ بيڪار ڪم ڪن ٿا. سندن ڪم ۽ خدمت اهميت کان خالي ڪونهن، ليڪن انهن کي دائمي ۽ تاريخي حيثيت ڏيڻ ۾ ڪو ڪردار ادا نه ٿا ڪن. انهن کي عرض آهي ته ”جي ڪم ڪرين سڪارتا، صاحب نه ڪر اڪارتا“ ڇو ته جيڪڏهن سندن قول ۽ فعل جو رڪارڊ رکيو وڃي ته اهو اسان ۽ ايندڙ نسلن لاءِ اتساهه ڏيندڙ مثال بڻجي وڃي.

    مثال طور تازو سنڌ جي طول و عرض ۾ ڪجهه اهم ادبي ڪارناما سرانجام ڏنا ويا. ”خانه بدوش ڪيفي“ طرفان اياز ميلو مچايو ويو. انهيءَ روايت کي لاڙڪاڻي جي آرٽس ڪائونسل وارن ان کان به اڳرو ڪري ڏيکاريو. پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ قادري خاندان جي قلم قبيلي جي ڪتابن جو مهورت ٿيو. لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ طرفان ”ڇهين تاريخي ڪانفرنس“ جو انعقاد ٿيو ۽ ڪلهه ڪلهوڻيءَ هالا ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جي از سرنوءِ تنظيم سازي ڪئي وئي. انهن چند ادبي واقعن مان صاف صاف ظاهر آهي ته سنڌ جاڳي پئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ۾ اسان جا عالم، اديب، شاعر ۽ ادب-دوست روزبروز نت نوان گل وجهندا رهن ٿا. پر انهن گلن جي خوشبوءِ کي تڏهن ئي محفوظ ڪري سگهجي ٿو، جڏهن منتظمين پاڻ يا اسان جا ادبي ادارا ۽ رسالا انهن مثالي سرگرمين جون تفصيلي رپورٽ عوام اڳيان آڻين. پر ان سلسلي ۾ منتظمين، ادارن ۽ رسالن جا رويا ڍنگرن تي اٽي هارڻ برابر آهن. مطلب ته سجائي ڪم کي به هڪ ڏينهن جو کيل بڻائي اجايو ڪيو وڃي ٿو.

    هي جيڪي مثالي ڪم ٿين ٿا ۽ اهم ادبي واقعا رونما ٿين ٿا، انهن جي تنظيم ۽ انعقادي انداز سان اختلاف ڪري سگهجن ٿا، پر انهن جي اهميت کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. انعقاد ۽ انتظام جي حوالي سان اسان جي اهڙن ادبي ڪارنامن تي اڪثر ڪري ”ناني ويڙهي“ جو رنگ چڙهيل هوندو آهي. ان ڪري رڌڻ واري ناني ۽ کائڻ وارا ڏوهٽا، باقي ٻيا وڃي چپ چٽن. اسان کي پنهنجا اهم ادبي ڪارناما ائين پنهنجي لابين ۽ سنگت ساٿ يا گروهه جي ور چاڙهڻ نه گهرجن. ائين ڪرڻ سان اهڙن ڪارنامن کي اسان اجتماعي ۽ قومي ڪارج بڻائڻ کان پري رکون ٿا. آئون اڪثر ڪري اهڙين ڪانفرنسن، ادبي ميڙاڪن ۽ ڪتابن جي مهورتي پروگرامن ۾ انڪري نه ويندو آهيان جو ايجنڊا ۽ ڪاڄ اڳ ۾ طئي ٿيل هوندو آهي ۽ پاڻ کي وڃي اتي فقط واهه واهه ڪرڻي هوندي آهي. ان ڪري اهڙي واهه واهه ڪرڻ بدران بهتر آهي ته ڪنڊ وٺي ڪو قومي اهميت جو ڪم ڪجي.

    ڳالهه پئي هلي ته نيٺ ڇا ڪجي جو اسان ائين پنهنجي ڪارائتن ڪمن کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪري ايندڙ دور لاءِ مثال بڻايون. ان لاءِ تجويز اها آهي ته جيڪي محسن ۽ مهربان ڪتابن جا مهورتي پروگرام ڪرائين ٿا، جيڪي ادبي ميلا ۽ ڪانفرنسون سڏرائين ٿا ۽ اهڙي اهميت وارو ڪو ٻيو ڪم ڪن ٿا، انهن کي انهيءَ واقعي جي پس منظر، تفصيل ۽ افاديت تي هڪ جامع رپورٽ به جاري ڪرڻ گهرجي. ان کانپوءِ ادبي رسالن جو اهو فرض ٿئي ٿو ته اهي هر ادبي، علمي ۽ ثقافتي واقعي کي پنهنجي ورقن جي جيءَ ۾ جاءِ ڏين ته جيئن ايندڙ دور جا عالم ۽ محقق ان مان جامع ۽ مسند ادبي تاريخ مرتب ڪرڻ لاءِ استفادو ڪن.

    جيڪا قوم چڱيون ڳالهيون ڪري، ان کي هڪ اڌ ڏينهن جي ڳالهين ۽ يادين تائين محدود رکي ٿي، اها جهڙوڪ تاريخ مان واقعن جي تسلسل کي هٿ وٺي گم ڪري ٿي. جڏهن ته ڪو به واقعو اجتماعي جذبن، امنگن ۽ ڪاوشن جي پيداوار ٿيندو آهي، ان ڪري انهن واقعن کي قلم بند نه ڪرڻ جهڙوڪ تاريخ جي خون ڪرڻ برابر آهي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com