Category: COLUMN BY DR. PATHAN

  • 10 August-2

    تون بن جاني! هيءُ جهان

    ”الطاف جي عافيت پاڪستان ۾ ئي آهي“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    ڳالهه ڪندا آهن ته ڪو مسلمان پنهنجي هندو دوست سان ملڻ ويو. هن ڏٺو ته سندس يار جو ٻار گهر ٻاهران ليٿڙيون پيو پائي. دوست پاڻ ۾ مليا ته پهرين ڳالهه ٻار جي نڪتي. ڪاڪي وڏي اطمينان سان جواب ڏنس ته ”هندوءَ جو ٻار آهي، ڪو نه ڪو مقصد ضرور هوندس. ائين مفت ۾ ليٿڙيون ڪو نه پائيندو.“ سو انهيءَ مصداق ايم ڪيو ايم جي ابي وقت به وقت جي قلابازيون پئي کاڌيون آهن، ڪڏهن سياستدانن کي به گهٽ وڌ ڳالهائي، ڪڏهن حڪمرانن کي پيو اکيون ڏيکاري، ڪڏهن فوجين خلاف پيو ڳالهائي ته ڪڏهن وڏيرن خلاف پيو رڙيون ڪري. سندس هڪ هڪ جملو ۽ واري وٽيءَ سان ائين ڳالهائڻ مقصد ۽ مطلب سان آهي.

    اسان ماڻهو سادڙا ۽ سٻاجهڙا هر ڳالهه کي پنهنجي نفرت ۽ محبتن جي ترازوءَ ۾ توراينداسين. الطاف وڏيرن کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو ته اسان مان ڪيترا هن جي عظمت کي سلام ڪرڻ لاءِ ڪنڌ نمائي ڊاڙ هڻن ٿا.خوش ان ڪري ٿا ٿيون ته وڏيرن اڳيان اسان جي دال نه ٿي ڳري ۽ ٻيو ڪو به انهن خلاف ڳالهائي ٿو ته اسان جون مڇون ڦڙڪڻ لڳن ٿيون. اهڙا رويا ڪنهن جي جملن ۽ بيانن جي سائنسي بنيادن واري تشريح يا معاملي فهمي نه چئبي.

    الطاف جي طوفاني بيان بازيءَ جو وڏو روحاني راز آهي. حقيقت اها آهي ته همراهه برطانيه ۾ مني لانڊري ۽ ٻين ڪيسن ۾ اهڙو ته ٻه ٽنگو ڦاسي پيو آهي، جو اتي رهڻ هن لاءِ ۽ هن جي سياسي ساک پت لاءِ هاڃيڪار ٿي پيو آهي. برطانيه ڪو مسلمانن جو ملڪ ڪونهي، پر انهن جو عدل ۽ انصاف هندستان ۾ به اهڙو هئو جو ماڻهو اڄ به چوندا آهن ته ”انگريز شينهن ٻڪريءَ کي گڏ چاري ويو.“ اڄ به ڪنهن کي انصاف نه ملندو آهي ته چوندا آهن ته ”ڪونهي ڪو ملڪ ۾ راڻو راڻي“. سو الطاف ڀائي انهيءَ راڻي ۽ راڻيءَ جي جي ملڪ ۾ هلڙبازي ڪري عدالتن ۽ اتان جي حڪمراني تي زور بار وجهي پنهنجا من-پسند فيصلا ڪرائي نه ٿو سگهي. اهي ڳالهيون هن لاءِ هتي پاڪستان ۾ نه فقط ممڪن آهن پر آسان به آهن. هن جي پارٽيءَ سالن کان وٺي ڪراچيءَ جو امن امان يرغمال ڪري رکيو آهي. هتي ٽارگيٽ ڪلنگ به آسان آهي ته ٽارچر سيل به موجود آهن. سڀني چواڻيءَ ته هن وٽ هڪ غيرقانوني مگر دهشتگردن جي منظم کيپ موجود آهي. ان ڪري الطاف جيڪڏهن پاڪستان ۾ آيو ته هو پنهنجي جان بچائي سگهي ٿو ۽ وڃائيندر سياسي ساک بحال ڪري سگهي ٿو. ان ڪري همراهه هر هڪ تقرير ۾ آپي کان نڪري وڃي ٿو ته جيئن پاڪستان حڪومت کي چيڙائي، پاڻ ٻڌرائي اچي هتي پڌاري ۽ پوءِ هن جا سورنهن آنا سون جا ٿي وڃن.

    شايد هتان جون سياسي ڌريون به همراهه کي ڄاڻي ويون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن کي ڪاوڙ اچي ٿي ۽ الطاف خلاف سخت بيان ڏئي ٿو. باقي خير!

    الطاف جي دونهان دار بيانن مان هن جي عوام دوستي ۽ وطن سان حب جا پتا پڌرا ٿيندا وڃن ٿا. اها چڱي ڳالهه آهي ته ماڻهن کي خبر پئي ته جن کي پوڄا جي حد تائين چاهيو ٿو وڃي، انهن جا اصلي افعال ۽ پرڪار ڪهڙا آهن؟

     

    اسان سنڌ واسي ههڙن بيانن ۽ حالتن تي اجائي جهمر نه وجهون. سياست شطرنج جي چال آهي. جن کي اسان قائد، هادي ۽ رهبر چئون ٿا، اهي پاڻ ۾ اصل وڙهيل نه هوندا آهن. اهي پاڻ ۾ رسندا پرچندا به ڪو نه آهن. مڙئي ماڻهن کي وڙهائڻ ۽ بي وقوف ڪرڻ جي هيءَ راند آهي ۽ اها راند انهن اڳواڻن لاءِ نه فقط جائز آهي، بلڪه سندن ذهانت ۽ صلاحيت جي نشاني آهي. ان ڪري پاڻ کي ڪهڙي خبر ته الطاف ۽ سندس قد ڪاٺ وارا پاڪستاني سياستدان ڪڏهن ٿا پاڻ ۾ پرچي پون. هو پرچي پوندا ته به اسان کان ڪو نه پڇندا، ۽ جي سياسي چالبازيءَ ۾ هڪٻئي جي پٽڪي ڊاهڻ جون ڳالهيون ڪندا ته ان ۾ ڪڏهن به هڪ ٻئي تي ناراض نه ٿيندا، ان ڪري اسان ڇو هڪٻئي سان ناراض ٿيون؟ ناراض ٿيڻ بدران اها ڳالهه ذهن ۾ رکون ته همراهه برطانيه ۾ ڪا مفت ۾ جهمر نه ٿو هڻي، پر انهيءَ جهمر جو کيس معاوضو ملي ٿو يا نه؟ اهو حالتن تي ڇڏي سگهجي ٿو.

  • Column’s By Dr. Pathan..

    Column’s By Dr. Pathan

  • Columns By Dr. Pathan

    Columns By Dr. Pathan

  • 10 August

    تون بن جاني! هيءُ جهان

    ”ڪرسين، عهدن ۽ رتبن سان واڳيل واسطا“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    چڙهندي سج جو پوڄاري بنهه ڍنڍ جو پکي بڻجي پوندو آهي: ڪڏهن هن ڀر ته ڪڏهن پرينءَ ڀر اسان جي سياسي دنيا جي اها ئي صورتحال آهي. سياست لچڪدار هئڻ سان گڏ اهڙي ته ڦرڻي گهرڻي ٿي پئي آهي، جو جيڪڏهن سياستدان ڦرڻو گهرڻو نه ٿيو ته پوءِ جهڙوڪ سياستدان ئي ڪو نه ٿيو. اصولي سياست ڪيائين ته ڪنهن وڻ جي ڇانوءَ ۾ وڃي وسرام ڪري. سياست ۾ اها ڦير گهير ان وقت عجيب رنگ وٺي بيهندي آهي، جڏهن وڏيرا پنهنجي راڄن ۽ ڀاڳن سميت، پير پنهنجي هزارها مريدن سميت ڪنهن پارٽيءَ ۾ ائين ڌوڪي ڪاهي ايندا آهن، جيئن درياهه دهشت ۾ اچي وسندين ۾ ڪاهي پوندو آهي. هٿ مضبوط ڪرڻ وارو اهو سلسلو تڏهن ختم ٿيندو، جڏهن انهيءَ پارٽيءَ يا ان جي اڳواڻ جي ڀينگ ٿي ويندي. ايوب جي زماني ۾ به ايوب جي هٿن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ شهرن يا شهر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ سندس پارٽيءَ ۾ ڪاهي پيا هئا ۽ هن جي قيادت ۾ دين ايمان رکڻ وارا دهل وڄايا هيائون، پر جڏهن همراهه جي اقتدار جا ڏينهن پڄڻ تي پهتا ته ڪنهن سار به ڪا نه لڌس. مزي جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ ايوب مارشل لا هڻڻ وقت سياستدانن تي جيڪي الزام بهتان هنيان هئا، انهن مان هڪ اهو به هئو ته سياستدان پنهنجي  ڊريس به ايتري تڪڙو تبديل نه ٿا ڪن، جيتريون پارٽيون مٽائين ٿا.

    سياستدانن جا وري هڪڙا آهن ننڍا ڀائر. اهي اڀرندي سج جا پوڄاري هوندا ئي هوندا، پر ٻه رتيون اڳتي وڌي ڪو ”نانءَ- چڙهيو“ اڳيان بيهاري پيا ٻوڪڙ ڪندا ۽ ڏوڪڙ ڪمائيندا. چوندا آهن ته نانءَ چڙهيو“ چور ڦاهيءَ چڙهي ۽ نانءَ چڙهيو واپاري کٽيو کائي.“اسان وٽ وري نانءَ چڙهيا دانشور ۽ مفڪر آهن، جن کان سواءِ ٽي ويءَ جا پروگرام، اخبارن جا صفحا، اجلاسن جون ڪارروايون ۽ سرڪاري دعوتن جا دستر خوان اڌورا ۽ اڻپورا آهن. ان ڪري ڪوٺ انهن کي ٿيندي، دعوت انهن کي ملندي ۽ تقريرون خواهه تحريرون انهن جون ئي هونديون. نظرياتي اڳواڻ اهي ئي آهن، مفڪر ۽ دانشور اهي ئي آهن. باقي جهڙوڪ ڀينگ لڳي پئي آهي. حالانڪ ڀينگ ڪرڻ ۾ انهن جو ئي عمل دخل ۽ ڪردار موجود آهي.

    ذرائع ابلاغ، اخبارن ۽ سرڪاري ادارن کي اهي ماڻهون آسانيءَ سان دستياب ٿي وڃن ٿا. ان کانسواءِ سندن تقرير ۽ تحرير مان ڪنهن کي نافرماني ۽ اختلاف جي بدبوءِ به ڪا نه ٿي اچي. ان ڪري اهي ئي قبول پوڻ جي قابل آهن، ڇو ته انهن ذريعي جو به چاهبو اهو چورائي سگهبو، ڇو ته اهي بنيادي طور تي اهڙا مبلغ آهن، جن جا واسطا ۽ جن جون وفاداريون ڪرسين، عهدن ۽ رتبن سان واڳيل آهن. مکڻ پئي ڀلا انهن جو مٿو ڇو سڙندو؟ پذيرائيءَ ۽ شهرت لاءِ ماڻهو ڇا مان ڇا نه ٿو ڪري؟ هنن کي ته ان لاءِ ڪک ڀڃي به ٻيڻو ڪرڻو نه ٿو پئي.

     

    هاڻي پنهنجو اهو مقصد هئڻ نه گهرجي ته ويهي ڪنهن جي گلا يا شڪايت ڪريون. پر بهتر تنقيد اها آهي جنهن مان ڪو رستو ملي ۽ دڳ نڪري. هن ۽ ههڙيءَ صورتحال ۾ عوام کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. منهنجي خيال ۾ هاڻي ڪن دوستن کي ويهي اهڙن اڪابرن، عالمن ۽ شاعرن جون لسٽون ٺاهڻ گهرجن، جيڪي هر مرڻي ۽ پرڻي تي هر سرڪار، هر درٻار، هر فنڪشن، اڪثر ٽي وي جي پروگرامن ۾ موجود رهن ٿا، سو به بلاناغي اسان کي اهڙن دانشورن ۽ پنهنجي روايتي سوچ مان جان ڇڏائڻي پوندي. ماڻهن کي اهو بانور ڪرائڻو پوندو ته سرڪاري، درٻاري ۽ گروهي سوچ به هاڻي سامراجي سوچ بڻبي پئي وئي ۽ ماڻهن کي اهو ۽ ايترو سچ ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي ڪي مخصوص گروهه چاهين ٿا. اهو ڪنهن به صورت ۾ سمورو سچ ڪونهي. سچ اهو آهي ته عام ماڻهو سوچن ۽ لوچن ۾ نه ڪنهن کان متاثر ٿئي ۽ نه وري ان جو مطيع ٿئي. پاڻ سوچي ۽ پاڻ لوچي، پر ان سوچ ۽ لوچ جو ٻيو ڇيڙو ڪنهن ڪرسيءَ، درٻار يا سرڪار سان نه ملندو هجي.

  • 21 December

    (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”متان وڙهندي سانهن، لتاڙجن ٻوڙا“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    ”نفرت“ ۽ ”اختلاف“ ڪي برا رويا ڪونهن. ظلم سان نفرت نه ڪبي ته ڏاڍ جا ڏونگر ڪو لتاڙي نه سگهندو. اختلاف نه ڪبو ته سوچن ۽ لوچن جو نئيون راهون نه کلنديون. جيڪڏهن نفرت ۽ اختلاف انا ۽ اجائي ضد جو نتيجو آهن ته پوءِ ماڻهپي کي باهه وڪوڙي ويندي ۽ سانهن وڙهندا، نتيجي ۾ ٻوڙا لتاڙجي ويندا. ان ڪري انساني احترام، نظرين ۽ قدرن جي پاسداري کانسواءِ نفرت ۽ اختلاف بي پاڙي ول جيان جيڪڏهن ذهنن کي وڪوڙي ويندو ته وڏي تباهيءَ جو ڪارڻ ٿيندو.

    مان لکندو ۽ چوندو رهيو آهيان ته سنڌ جي سورن جي ڪهاڻي اڃان پڄاڻيءَ تي نه پهتي آهي، ”جيئن ٿڌ تيئن وڌ“ جي مصداق ڌرتيءَ جي دردن ۾ پنهنجن خواهن پراون جي پرڪارن ڪري واڌ ئي ٿيندي رهي آهي. سنڌ کي فروعي مسئلن جي ور چاڙهي، حزب اختلاف ۽ حزب اقتدار جو توجهه عوامي ڀلائي وارن ڪمن کان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان ڪري ماڻهن جي مجبورين ۾ گهربل ڪمي اچي نه سگهي آهي، البته مايوسيءَ کي چوٽ چڙهڻ جو موقعو مليو آهي. بک ۽ بيروزگاريءَ کي اڃا ٻنجو ڪو نه آيو آهي. عوام جون اميدون اڃا پوريون نه ٿيون آهن. عوام ۽ سياستدان کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري، ڪن شاهينگن نادري حڪمن ۽ حڪمت عملين سان سنڌ جي روشن مستقبل ۽ خوشحاليءَ تي ڌاڙا لڳايا آهن. ڪن پارٽين جي ناعاقبت انديش ويڙهاڪ هراول دستن سياسي برتري حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ دهشتگرديءَ ڪاميابي جو راز بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙيءَ  صورتحال ۾ جيڪڏهن سنڌ جا سياستدان، پوءِ اهي اقتدار ۾ هجن يا اختلافي صفن ۾ شمار هجن، کين سنڌ جي عظيم تر مفاد ۾ ائين هلڻ گهرجي، جيئن هو پلصراط تان گذري رهيا هجن، انهن کي جيڪڏهن مسهائپ جو مرض وٺي ويندو ۽ معامله فهميءَ بدران جيڪڏهن مونجهارن جو شڪار ٿي ويندا ته نقصان سنڌ کي ئي ٿيندو.

    خيرپور ۽ سانگهڙ جي ڏکوئيندڙ واقعن کانپوءِ سنڌ ۾ حڪومت مخالف اتحاد قائم ٿيڻ هر ساڃاهه  وند ماڻهوءَ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. ڪي ماڻهو سوچيندا ضرور ته اهو سڀ ڪجهه اصولن، نظرين ۽ قدرن جي پاس خاطريءَ جو نتيجو آهي، يا ڪن خاص مقصدن لاءِ ٿيندڙ نئين ويڙهاند جي شروعات آهي؟ اهو شخصيتن جي عدم پسندي ۽ انا جو روپ آهي يا ڪنهن مثبت تبديليءَ جو اهڃاڻ آهي؟

    اقتدار ۽ اقتدار کان ٻاهر سياستدانن ۾ اصولي اختلاف بهتر حڪمرانيءَ جي ضمانت ۽ عوامي خيرخواهيءَ جو پڙاڏو ٿيندو آهي. پر اهو پڙاڏو جيڪڏهن جنگ جي نادن ۾ تبديل ٿي ويندو ته مصيبت ۾ ماروئڙا ۽ سانگيئڙا اچي ويندا. بي ڏوهي نشانو ٿيندا ۽ پوءِ ڪانون کي لڙ مان مزو ايندو ۽ هار جيت جا نتيجا ڪنهن ٻئي جي جهوليءَ ۾ پوندا. پاڻ تماشبين طور اهو ڏسندا ئي رهجي وينداسين. ان ڪري سنڌ جي صورتحال هر ڪنهن سياستدان کان وطن دوستي ۽ عوام-دوستيءَ واري تدبر جي تقاضا ڪري ٿي. سنڌ اهڙي سياسي ويڙهاند ۽ ڌماچوڪڙي کي برداشت ڪرڻ جي سگهه نه ٿي رکي، جنهن ۾ ان کي يا عوام کي ڇيهو رسي، جنهن ۾ دلين ۽ ذهنن جي تقسيم ٿئي ۽ رت سان ليڪا ڪڍي سنڌ جي سياست جي نئين نموني سان نقش ونگاري ڪئي وڃي.

    هونئين به سياستدان چوندا آهن ته ”عوام ئي اصلي قوت جو سرچشمو آهي.“ ان ڪري جهڙيءَ ريت اقتدار ۾ اچي عوامي ڀلائي جا ڪم نه ڪرڻ گناهه آهي، اهڙي ريت اختلاف ۾ رهي، عوام کي سبز باغ ڏيکارڻ يا انهن کي پنهنجي مقصدن لاءِ مڇرائڻ سياسي ڪلچر نه پر سياسي ڏوهه آهي. ان ڪري حالتن جو اٺ ڪهڙي به پاسي ليٽي، پر عوام جي احترام ۽ عزت مال ۽ جان کي ٻنهي ڌرين مان ڪو خطرو هئڻ نه گهرجي. ائين نه ٿئي جو وڙهن سانهن ۽ لتاڙجن ٻوڙا. هن موڙ تي ٻنهي ڌرين تي واجب ٿئي ٿو ته عوام کي اعتماد ۾ وٺي سموريءَ صورتحال کان آگاهه ڪن، پنهنجي اقتدار يا اختلاف جي حڪمت عمليءَ جي کليل لفظن، دليلن ۽ انگن اکرن سان وضاحت ڪن. پنهنجا مسئلا ۽ مونجهارا عوامي عدالتن ۾ پيش ڪن ۽ نه ڪي ماڻهن جا هجوم لڳائي، انهن کي هڪٻئي جي دوست بڻجڻ بدران دشمن بڻائي ڇڏن.

     

     

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com