Category: COLUMN BY DR. PATHAN

  • 07 October 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”نئون دور ۽ نوان يزيد“

    هر دور ۾ ڏاڍ ۽ ڏمر، ظلم ۽ تشدد جا طريقا ۽ نمونا ته بدلبا رهندا آهن، ليڪن روايتون ساڳيون ئي برقرار رهنديون آهن. اسان مسلمانن جي تاريخ ۾ محسن-ڪشيءَ جا ڇرڪائيندڙ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا هاڻي جهڙوڪ روايتن جو روپ وٺي چڪا آهن. تاريخ جي ورقن ۾ اچي ٿو ته اڙين جي آڌار ۽ نبين جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ کي به زهر ڏنو ويو ته جيئن سندن حياتي کي نقصان ڏنو وڃي. زهر ته ڏنو ويو، ليڪن دشمن جون مرادون خاڪ ۾ ملي ويون. چئن خليفن مان ٽن کي شهيد ڪيو ويو. نبي ڪريم جن جي ڏوهٽن کي شهيد ڪيو ويو. اسان مسلمانن جي تاريخ ائين محسنن کي مارڻ جو اهڙو رڪارڊ قائم ڪيو آهي، جيڪو ائين ۽ اهڙيءَ ريت ٻين مذهبن جي تاريخ ۾ گهٽ نظر ايندو. اسان انهيءَ حقيقت کي ثابت ڪري چڪا آهيون ته مسلمانن کي جيترو خطرو مسلمانن کان رهيو آهي ۽ جيترو نقصان مسلمان مسلمان کي ڏنو آهي، اوترو ڪنهن ٻئي ڪو نه ڏنو آهي. مسلمانن ۾ هر دور ۾ يزيد پيدا ٿيندو رهيو آهي، پر هر نئين دور جي نئين يزيد جا طريقا الڳ ۽ نوان ٿين ٿا.

    اسان جي ملڪ ۾ جيڪي سياسي يزيد پيدا ٿيا آهن، انهن مان هر نئين يزيد جا انسان ۽ انسانيت- دشمن رويا اڳئين کان اڳرا ۽ اگرا رهيا آهن. مثال طور ڪراچيءَ جي حوالي سان اسان ڪيتريون ئي لونءَ-ڪانڊاريندڙ ڳالهيون پئي ٻڌيون آهن: سنڌي ٻوليءَ واري بل خلاف هتي هنگامن ۾ معصوم ماڻهن کي گجرن وانگر وڍيو ويو. ٻورين ۾ بند لاشن جون روايتون هن ئي شهر کان شروع ٿيون. ٽارچر سيل قائم ٿيڻ جو رواج هتي ئي پيو. نياڻين جي سينن تي تتل لوهه سان نشان هتي ئي  ڏنا ويا. ٽارگيٽ ڪلنگ جو ڪلچر هتي ئي پيدا ٿيو، اهي ڪرتوت ڪنهن غير مسلم، ڪنهن اسرائيلي يا ڪنهن ڌاريئي ملڪ جي ماڻهن ڪو نه ڪيا. ليڪن پاڻ کي مسلمان سڏائيندڙ ۽ پاڻ کي پاڪستان ٺاهيندڙن طور پڏائيندڙ ماڻهن جا اهي ڪم ڪيا، جيڪي هاڻي وقت جي نزاڪت ڪري چپ آهن. وري جي حالتن جي بارش پئي ته ممڪن آهي ته اهي برساتي ڏيڏر ٻيهر پنهنجي ٻرن مان ٻاهر  نڪري اچن.

    ڪجهه ڏينهن ٿيندا جو ڪراچيءَ جي عزيز آباد مان اهڙو ۽ ايترو اسلحو بارود ڳولهي لڌو اٿن، جيڪو ماڻهن بدران ملڪن وٽ هجڻ گهرجي. اسلحي جي فقط اها هڪ کاڻ نه هوندي، ڇو ته سڀني کي خبر آهي ته اسلحي بارود جا الائي ڪيترا ڪنٽينر جيڪي افغانستان لاءِ آندا ويا هئا، سي ڪراچيءَ ۾ رستا وڃائي ڪن مخصوص ڪالونين ۾ گم ٿي ويا ۽ کين ڌرتي ڳهي وئي!

    اهو سڀ ڪجهه سنڌ کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ لاءِ ئي ته ڪيو پئي ويو. سنڌ جن ننڌڻڪن کي پناهه ڏني هئي، انهن مان ئي ڪي سنڌ جا اهڙيءَ ريت ويري ٿي پيا. اهو سڀ ڪجهه اچانڪ ڪو نه ٿيو آهي. ان جو پسمنظر آهي، ان جا سبب آهن ۽ ان جو ڪارڻ آهي. ڪتابن جي پاڙهو ماڻهن کي خبر آهي ته ڪانگريسي اڳواڻن پنهنجي قول ۽ فعل سان ۽ ڪتابن ۾ لکي اڳڪٿيون ڪيون هيون ته پاڪستان اڄ نه ختم ٿيو ته سڀاڻي ضرور ختم  ٿيندو. اهي ڪي پير فقير وليءَ ڪو نه هئا جو کين ايندڙ دور جي خبر ٿي پئي. ها، البته انهن کي اها خبر ضرور هئي ته هو ڏتڙيل ۽ مظلوم مسلمانن پناهگيرن سان گڏ اهڙن ماڻهن کي به موڪلي رهيا آهن، جيڪي پاڪستان ۾ وڃي ڏڦيڙ وجهندا.

    مورڙئي واري ڪراچي اسان جي اڳئين وڏي نسل سواري ۽ دل تان لاهي ڇڏي. ڪراچيءَ کي نئين ملڪ  جي گاديءَ جو هنڌ بڻائڻ، ڪراچيءَ کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ، ڪراچيءَ کي ڪمشنر جي اختيار ۾ رکڻ جو مطالبو، ڪراچي کي هندن کان پاڪ ڪرڻ، ڪراچيءَ کي چونڊن لاءِ مخصوص ماڻهن لاءِ ڪانسٽيٽوٽنسي بڻائڻ، اهو سڀ ڪجهه هڪ وڏيءَ سازش جو تسلسل هئو، جنهن جي منطقي  صورت سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ هيو. لاشن جون ٻوريون، ٽاگيٽ ڪلنگس، ٽارچر سيل انهيءَ منصوبي کي هٿي وٺرائڻ جا حيلا وسيلا هئا ۽ بارود گڏ ڪرڻ انهيءَ سلسلي جي ڪڙي هئي.

    نئين يزيديت جي هن هڪ روپ ظاهر ٿيڻ تي اسان کي خوش ٿي هنبوشيون هڻڻ نه گهرجن. ڇو ته اسان کي ڪنهن وڏي ڪارڻ ۽ مقصد لاءِ اهو روپ ڏيکاريو پيو وڃي. جڏهن ته نئين يزيديت اڃا پنهنجي سمورن روپن رنگن سان قائم ۽ دائم آهي، پر اسان جي اکين کان اوجهل آهي.

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 5 Septembr 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”هي تان ڏس هوش سان، هلي ڪيئن جهان“

    اهي به ڏينهن هئا جڏهن اڃا مهين جو دڙو به تباهه نه ٿيو هو. سنڌ ملڪ سکيو ۽ ستابو هئو. ثقافتي ۽ سماجي طور تي هڪ مثال هئو، عدل ۽ انصاف، امن ۽ خوشحاليءَ جو گهنوارو هئو ۽ ڏيساور ۾ نه فقط ان جي واپار جي هاڪ هئي، ليڪن ناماچار به هئو. صديون گذريون آهن، سنڌ ته ساڳي آهي، سنڌي قوم به آهي، پر ايترو ته پوئتي پئجي وئي آهي جو يقين نه ٿو ٿئي.

    ٻيا ملڪ آهن ۽ ٻيون قومون آهن جو وڃي چنڊ تي پهتيون آهن. اسان آهيون جو ڪا توتري به ڪو نه ٺاهي سگهيا آهيون. ان قوم جنهن دنيا کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا سبق ڏنا، سا اڄ ڪاپي ڪري ڊگري وٺڻ لاءِ آتي آهي. دنيا ۾ ڪي ملڪ آهن جو سڄيءَ دنيا تي جهڙوڪ  حڪمراني ڪن ٿا، سيٽلائيٽ ۽ ٻين ذريعن سان گهر ويٺي دنيا کي ڏسن ٿا. بنا پائليٽ جهاز جوڙي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن چاهين ته ڪنهن ماڳ مڪان کي اک ڇنڀ ۾ نيست ۽ نابود ڪري سگهن ٿا. اهڙن ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان ڪٿي آهيون؟ ۽ اسان ڇا پيا ڪريون؟

    فخر سان چئون ٿا ته اسان سنڌي قوم آهيون، پر ڪي پنهنجو اصل نسل عربن ۾ تلاش ڪن ٿا، ته ڪي اوڀر طرف منهن ڪري بيهن ٿا، اسان مان ڪيترا جهڙوڪ راضي ئي نه آهن ته پنهنجي ماضيءَ جو رشتو هن ڌرتيءَ سان جوڙن. اسان ڪهڙي قوم آهيون جو کائون ته سنڌ جو، پر ڳايون ڪنهن ٻئي ملڪ يا نظريئي جو. ڇا اسان دنيا کي ڪو نظريو ڏئي نه ٿا سگهون؟ ڇا اسان سنڌين جو ڪو نظرياتي تشخص ئي ڪونهي؟ سچ پچ ته اڄوڪي دور جي اسان سنڌين فقط سنڌي سڏائڻ کي قومي قرض لاهڻ جو واحد ۽ آخري فرض ڄاتو آهي. جڏهن ته اسان ۾ قوم سڏائڻ وارو ڪو به لڇڻ نظر نه ٿو اچي. اها خود-فريبيءَ واري صورتحال ان ڪري پيدا ٿي آهي جو اسان قوم ته ڇا، پر فرد به بڻجي نه سگهيا آهيون. اسان ۾ علم ۽ عالم سان دشمني، نفرت سان محبت، مطلب پرستي سان لڳاءُ جيءَ ۾ جايون ڪري ويٺا آهن. اسان غيرن جي غلامي ته قبول ڪنداسين، پر پنهنجن کي ڀر ۾ به بيهڻ نه ڏينداسين. برابريءَ ۽ همسري اسان جي سوچن ۽ لوچن مان نڪري وئي آهي. ان ڪري اسان جي معاشري ۾ ڪٿي رنگ نسل جو راڄ ٿو هلي ته، ڪٿي ذاتين پاتين جو ظلم ۽ جبر ٿو هلي. زال مڙس جي ٻانهي آهي، ٻار والدين جا خادم آهن، هتي روحانيت جي نالي ۾ پيرن ۽ فقيرن جا راڄ آهن، غربت ۽ افلاس ڪري ماڻهن جون سوچون ۽ لوچن وڏيرن جون جاگيرون بڻجي چڪيون آهن. هتي، اسان جي معاشري ۾ جيڪڏهن عملدار رعيت آزار نه ٿئي، جيڪڏهن ويڄ عوام جو رت نه چوسي ۽ جيڪڏهن ماڻهو ماڻهوءَ جو ويري نه ٿئي، جيڪڏهن ٻه اکر پڙهي ڪو سازشون ۽ مخالفون نه ڪري ته پوءِ ڏاهو، عاقل ۽ بالغ سنڌي ڪيئن سڏائيندو؟

    نانگن وير وٺڻ وساري ڇڏيو، پر اسان ڪنهن کي به معاف نه ٿا ڪريون. اسان جي انا پرستي ايترو ته ڪنڌ تي چڙهي وئي آهي جو عزت ۽ محبت، ايثار ۽ وفاداري جاڳڻ اسان لاءِ بي ڪار ۽ بي سود بڻجي ويا آهيون. هي ڪهڙا مامرا ۽ مسئلا آهن، جن اسان کان ماڻهو ٿيڻ، قوم ٿيڻ ۽ دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ کان ڪوهين ڏور رکيو آهي.

    هيءَ اسان جي ڪهڙي سنڌ آهي، جنهن جي گهر گهر ۾ اختلاف آهي؟ شهر شهر ۾ وڳوڙ آهي؟ دلين ۾ ڪدورت آهي، ذهنن ۾ خلل آهي ۽ زبانن ۾ زهر آهي؟ هي اسان جا ڪهڙا افعال آهن جو ڌرتي پنهنجي پيرن هيٺان کسڪندي پئي وڃي. اهي اسان جون ڪهڙيون خطائون آهن، جن ڪري ڌرتيءَ تان اسان کان مالڪاڻا حق کسبا پيا وڃن؟ حالتن اسان کي ڪهڙيءَ سزا جي ڏوهه ۾ غيرن جي پيرن ڌوئي پيئڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو آهي. هي سنڌ جي عظيم قوم کي ڇا ٿيو آهي ۽ ڇو ٿيو آهي؟

    سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي هن دور ۾ اسان ڪٿي آهيون؟ اسان نفرتن ۽ دشمنن جي ڪهڙي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي هٿي ڏئي رهيا آهيون؟ اسان کي هوش ڪڏهن ايندو؟ اسان دنيا ۽ پنهنجي ڀيٽ ڪڏهن ڪنداسين؟ اسان پنهنجي ماضيءَ ۽ حال جي فرق کي ڪڏهن محسوس ڪنداسين؟

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 5 August 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”تون تان اڌ کان مٿي آهين ڪائنات “

    اهو سچ آهي ته قومن جي مقدر بدلائڻ ۽ سنوارڻ ۾ دانشورن ۽ مدبرن جو وڏو عمل دخل ٿيندو آهي، پر سورنهن آنا سچ هيءُ آهي ته انهن مدبرن، مفڪرن ۽ دانشورن کان وڌيڪ عمل دخل عورت-ذات جو ٿئي ٿو، جنهن کي اسان اڌ-ڪائنات چئون ٿا. جڏهن ته اڌ ڪائنات کان به مٿي آهي.

    قومون خوشحال آهن يا خوشحاليءَ طرف وڌي رهيون آهن، انهيءَ ڳالهه جو اندازو هن مان لڳائي سگهبو آهي ته انهن معاشرن ۾ عورت ذات ڪهڙي حيثيت ۽ رتبي آهي ۽ عورتون ذهني خواهه فڪري طور تي ڪهڙي ڏاڪي تي بيٺيون آهن.

    سنڌي معاشري ۾ عورت پنهنجي هر روپ سان آزار ۾ آهي. نياڻي آهي ته کين ”ست قرآن“ به سمجهنداسين، پر ڪنهن ڏانهن اک کڻي ڏٺائين يا دل جي ڳالهه مڃيائين ته پوءِ ڪاري ڪري ماري ويندي. عورت-ذات لاءِ اسان جا رايا ۽ اسان جون سوچون منافقيءَ تي ٻڌل آهن. چئون ٿا ته نياڻي آهي ته اکين جو ٺار آهي، ڊاڙ هڻون ٿا ته ڀيڻ آهي ته لڄ ۽ حياءَ جو روپ آهي، زال آهي ته دک سک جو ساٿي آهي، ماءُ آهي ته سندن پيرن هيٺان جنت آهي. پر اسان جي مرد-معاشري ۾ اهي فقط ڳالهيون آهن. ڪيڏي نه کل جهڙي ڳالهه آهي ته سهڻيءَ کي ٻوڙي ماريوسين، سسئي کي رولي ماريوسين ۽ مومل کي ساڙي ماريوسين ۽ پوءِ ان ڏينهن کان اڄوڪي ڏينهن تائين، بلڪه قيامت تائين انهن لاءِ روئيندا پٽيندا رهنداسين ۽ کين عظيم آدرش ۽ مثال ڪردار جي روپ ۾ ياد ڪندا رهنداسين، جنهن معاشري ۾ عورت ذات سان ائين ۽ اهڙيءَ منافقي سان هلبو، ۽ پنهنجي اڌ-ڪائنات تي قهر ۽ ڪِيس ڪبا رهبا ته پوءِ معاشري جو بدلجڻ ۽ سڌرجڻ ناممڪن ئي ٿيندو. اسان وٽ ائين ئي ٿي رهيو آهي.

    مردن، عورت-ذات سان ائين پئي ڪيو آهي، پر ڏسڻ ۽ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ مظلوم طبقي اهڙيءَ غلاميءَ مان نجات پائڻ لاءِ پاڻ ڇا ڪيو آهي؟ ههڙن سورن جي مذڪورن باوجود ٻهراڙيءَ جي عورت گهر کان ٻني ٻاري تائين اقتصادي واڌاري لاءِ مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري ٿي. اسان جي اهڙي عورت-ذات جي اقتصادي ڪارج ۽ سماجي خدمتن جو ڏوڪڙن ۽ مالي معاوضي جي حوالي سان اڃا اسان جي اقتصادي ماهرن ڪاٿو ڪو نه هنيو آهي. اهڙيءَ ريت شهري عورتن ملازمت، واپار، تجارت، ثقافت ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ پير پائي خاندان جي اقتصادي مسئلن کي ڪلهو ڏنو آهي ۽ پنهنجي سماجي حيثيت به مڃرائڻ شروع ڪئي آهي. ان ڪري اسان جي ٻهراڙيءَ ۽ شهري عورت پاڻ کي اڪارتي هجڻ کان بچائي ورتو آهي. ٻنهي هنڌن تي هوءَ اقتصادي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

    هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته پنهنجي حيثيت جي اهڙي نموني سان ساک ڏيڻ باوجود اسان جي سنڌي عورت عزت ۽ جان بچائڻ ۾ ڇو آتي آهي؟ انهيءَ مسئلي تي مرد کان وڌيڪ عورت ذات کي ئي ڏسڻ سوچڻ گهرجي. ڇو ته علم ۾ اضافو ۽ روشن خياليءَ ۾ اڳڀرائپ اچڻ باوجود عورتن تي نت نوان عذاب، دک ۽ درد نازل ٿيندا رهن ٿا.

    چوندا آهن ته ماءُ جي گود انسان جو پهريون درسگاهه آهي. اهو درسگاهه جيڪڏهن غير فعال بڻجي ويو يا ان کي ”گوسٽ درسگاهه“ بڻايو ويو ته پوءِ هر پيدا ٿيندڙ مرد پنهنجي هر روپ ۽ رشتي ۾ وحشي، مطلب پرست ۽ درندو ٿي وڏو ٿيندو. ڀاءُ ٿيو ته ڀيڻ کي ڪاري مارڻ ۾ هن کي قياس نه ٿيندو. ڀاءُ  ٿيندو ته ظلم ۽ زيادتي ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو، تان جو پيءُ ٿيندو ته به ڌيءَ هن جي ڏمر ڏاڍ کان مشڪل سان ئي بچي سگهندي. ان ڪري عورت ذات کي جيڪڏهن پاڻ بچائڻو آهي ۽ معاشري کي بچائڻو آهي ته پنهنجي گود کي هڪ ”مثالي درسگاهه“بڻائڻو آهي. ان ۾ ئي سڀني جو فائدو آهي ۽ ان مان ئي اسان جي سوچن لوچن کي مثبت موڙ ملندو.

    عورت فقط ۽ فقط ماءُ جو روپ ڪونهي. ٻهراڙين کان وٺي شهرن تائين اسان جون کوڙ ساريون عورتون زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ غير شادي شدو روپ ۾ ڪم ڪن ٿيون. اسان جي عورت-ذات جي هن حصي کي اڃا به وڌيڪ مثالي ٿيڻو آهي. ڇو ته هي طبقو مرد تي تڪڙو ۽ ترت اثر وجهي ٿو، ۽ ان بابت مرد جو مشاهدو سموري عورت-ذات لاءِ ڪنهن نه ڪنهن نظريي کي جنم ڏئي ٿو. انهيءَ طبقي کي روايتن جي قيد مان آزادي ماڻي گهٽي، دفتر ۽ ارادي ۾ پهچڻ کان پوءِ اهڙن دقيانوسي قدرن ۽ نظرن مان به پاڻ کي آزاد ڪرڻو آهي، جيڪي کيس چالبازيءَ سان قيد رکڻ لاءِ جوڙيا ۽ مڙهيا ويا آهن. هن موڙ تي معاشري کي ”مرد معاشري“ يا ”عورت معاشري“ قائم ڪرڻ بدران انساني ۽ برابريءَ واري معاشري ۽ ماحول قائم ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ آهن. ائين ئي عورت ذات ٻن گروهن کي هڪ قوم ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن عورت هن موڙ تي ڪوڙي انا خوديءَ، معاملي فهميءَ بدران هوڏ کان ڪم ورتو ۽ قدرين، نظرين ۽ اصولن کي مردن لاءِ الڳ ۽ عورتن لاءِ الڳ سمجهيو ۽ قبول ڪيو ته ان مان اسان جي اهڙي عورت ذات جو تشخص ۽ ڪردار اڀري نه بيهندو، ويترصورتحال مونجهاري جو شڪار ٿيندي. وقت جي تقاضا آهي ته عورت ذات پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ماءُ جي روپ ۾ پنهنجي گود کي مثالي درسگاهه بڻائي ۽ ٻين روپن ۾ مثالي خواهي آدرشي انسان وارو ڪردار ادا ڪري. ان ۾ ئي عورت ذات جي ڀلائي آهي ۽ ان ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي.

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 04 March-2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ملڪي سياست ۾ سلطاني گواهن جو ڪلچر“

     

    مصطفيٰ ڪمال جي سياسي قلابازي ملڪي سياست ۾ ڪو پهريون يا آخري واقعو ڪونهي، سلطاني گواهن جو اهو ڪلچر گهڻي وقت کان وٺي ملڪي سياست تي پڪي رنگ جيان اثرانداز ٿيڻ لڳو آهي. قدآور شخصيتون نوازشريف کي ڇڏي ويون، پيپلزپارٽيءَ کان پري ٿي ويون ۽ ايم ڪيو ايم کان الڳ ٿي رهيون آهن. اهڙين تبديلين جا ڪي ته ڪارڻ آهن، ڪا ته  پلاننگ آهي ۽ ڪنهن مخفي ڌر جا ان ۾ مفاد ٿي سگهن ٿا. ڪنهن سبب کان سواءِ نالي وارا سياستدان ڪک پن جيان چري نه ٿا سگهن. ڪو سندن اندر جو يا ٻاهر جو طوفان آهي، جنهن جي تيز هوا کين ائين چوري پوري ٿي.

    ايم ڪيو ايم ڪنهن جوڙي؟ ڪيئن جڙي؟ ۽ هن پارٽيءَ جي اڳواڻن غربت کان محلاتن طرف ڪيئن هجرت ڪئي؟ توٻرن ۾ بند لاشن ۽ لاشن جي سياست جي انهن ابتدا ڪئي يا ٻين ڪئي؟ انهن اهم ۽  گنڀير سوالن جا جواب هر ڪنهن دل ۽ دماغ ۾ موجود آهن.

    ايم ڪيو ايم جي ماضي قريب جي سياست، الطاف ۽ سندس ويجهن ساٿين تي ڪيسن جا ڪڙا، سگهارين ڌرين طرفان نائن زيرو تي ڇاپو، صولت مرزا طرفان رازن تان پردو کڻڻ، الطاف جو ملڪي آرميءَ تي ڪاوڙجڻ ۽ ڪاوڙجي معافي وٺڻ، سنڌ کي ورهائڻ جا مطالبا اهڙا واقعا آهن، جن مان ايم ڪيو ايم جي ماضي، حال مستقبل جو عڪس چٽي سگهجي ٿو.

    ايم ڪيو ايم تي لڳي ٿو اهو ئي نسخو استعمال ٿيڻ شروع ٿيو آهي، جيڪو سنڌ جي قومپرست سياسي قوت تي ڪم آندو ويو. جيئن سنڌ جي قومپرست قوت پنجن مان پندرهن ٿيڻ لڳي آهي ۽ ان ۾ پنهنجن يا پراون تقسيم در تقسيم جو ٻج ڇٽيو. ائين هاڻي ايم ڪيو ايم به ساڳيءَ ريت ورهائجڻ ۽ تقسيم ٿيڻ واري مرحلي مان گذاري ويندي.

    جيئن چوندا آهن ته ”لڳي ڀاڳ ته وڌي واڙي“، انهيءَ مصداق جيڪڏهن ڪنهن پارٽيءَ جو ڀلي ڀاڳ نه هجي، پر اها عوام جي مفاد ۾ آهي ته عوام دشمن قوتن ۾ ٽوٽ ۽ ڦوٽ اچي.

    ايم ڪيو ايم ۾ ڦوٽ پئي ٿي ته ان مان سنڌ جي سياست تي به اثر پوندا. اردو ڳالهائيندڙ سنڌ دوست ماڻهن  کي موقعو ملي سگهي ٿو ته اهي ڪنهن آمرانه انداز تي هلندڙ پارٽيءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاهي، پنهنجي انهن سنڌي ڀائرن جي ويجهو وڃن، جن جي وڏڙن سندن وڏڙن کي انهيءَ وقت جيءَ ۾ جايون ڏنيون، جيڪي ورهاڱي کانپوءِ بي گهر ٿي سنڌ ۽ سنڌيءَ جي در تي پهتا. مهاجرن جو اهو مجبور طبقو آزاديءَ سان سنڌ ۽ ملڪي سياست ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي لائق ٿي ويندو. ان مان سنڌ جي اهڙن ماڻهن کي سنڌ دوست اردو ڳالهائيندڙن جي ويجهي وڃڻ جو موقعو ملندو، جن جي ذهنن ۽ زبانن تي ڪن ٻين اثرن جا بار رکيا ويا آهن.

    مصطفيٰ ڪمال پنهنجي محسنن کان ناراض ٿيو آهي، ان جا کوڙ سارا اندروني ۽ بيروني، داخلي ۽ خارجي سبب هوندا. هو ايم ڪيو ايم کان الڳ ٿي ڀلي وڃي پنهنجي پارٽي ٺاهي. پر ڪن ڳالهين تي سوچڻ، ناراض ٿيڻ ۽ نئين راءِ قائم ڪرڻ جو حق ۽ موقعو اسان کي به ملڻ گهرجي. مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم ۽ ان جي باني اڳواڻ لاءِ وڏيون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ انهن جي غلط ڪارين ۾ ملوث ماڻهن جي پڻ نشاندهي ڪئي آهي.

    اهي ڳالهيون اسان کان وسرڻ نه گهرجن. اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته ٻليون ست ڪئا کائي حج تي ڇو وينديون آهن ۽ اسان انهن کي حاجاڻيون ڇو ڪري مڃيندا آهيون. مصطفيٰ ڪمال جي چواڻي ايم ڪيو ايم ۽ ان جي بانيءَ سالن جا سال قومي گناهه ڪيا ۽ غداري جو مرتڪب ٿيا. انهيءَ ڪم ۽ عمل ۾ ان وقت تائين مصطفيٰ ڪمال به شامل رهيو، جيستائين انهن کان الڳ نه ٿيو. ڇا اسان جا حڪمران، ۽ اسان جا ضمير ان تي ڪو پاڻمرادو نوٽيس وٺي نه ٿا سگهن؟ هي ڪٿان جو انصاف آهي ته سلطاني گواهه جو داغدار ماضي اک ڇنڀ ۾ پاڪ ۽ صاف بڻجي ۽ وڃي ۽ وڏين شاهدين ثابتين ملڻ کانپوءِ به انسان دشمن ۽ قومي غدارن جو وار به ونگو نه ٿئي.

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 03 February 2017

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    عجب جهڙيون عادتون، پرين ۾ آهن!

    کير ۾ جيتري کنڊ وجهبي آهي، اوترو مٺو ٿيندو. ڪڏهن ائين نه ٿيندو ته اهو کير کنڊ وجهڻ سان ڪوڙو ٿي پوي. پر پوءِ اسان جي معاشري ۾ ائين ڇو ٿو ٿئي ته چڱائي، خلوص ۽ پيار اسان جو من ئي ميرو ڪري ڇڏين ٿا ۽ ماڻهپي مان ئي ڪڍي ڇڏين ٿا. نفرت جو ذائقو وٺڻو هجي ته ڪنهن کي ڪن ۾ ٿوري ڦوڪ ڏيو ته ”مان توکي چاهيان ٿو“. ڏينهن جا تارا نه ڏيکاري ته سنڌي ڪيئن سڏائيندو؟ ڪنهن سان انتهائي سچائيءَ ۽ خلوص سان هلو، همراهه اوهان کي بي وقوفن جو بادشاهه بڻائي ڇڏيندو. سمجهندو ته اوهان جهڙو احمق هن دنيا ۾ آهي ئي ڪو نه. اوهان ڪنهن سان چڱائي ڪري ڀلي چڱائي درياهه ۾ لوڙهي اچو، پر جنهن سان چڱائي ڪندا، اهو اوهان کي درياهه ۾ نه لوڙهي ته پوءِ اسان تي ڏنڊ! ڪڏهن اسان سوچيو آهي ته اسان جي معاشري ۾ ائين ڇو آهي؟ لطيف سائين صديون اڳ انهيءَ صورتحال جي نشاندهي ڪندي چيو ته ”اوڳڻ رسي سڀڪو، ڳڻين پرين رٺام.“ اوڳڻ هجي، عيب هجي ته ڀلي هر ڪو رسي پئي. پر، هتي مصيبت اها آهي ته رسڻ ۽ ڏمرجڻ لاءِ اسان وٽ اهو ئي سبب ڪافي آهي ته ڪو ڳڻائتو آهي. جنهن ۾ ڪو ماڻهپو آهي اهو جهڙوڪ اسان لاءِ آزار آهي ۽ اسان هن لاءِ آزار آهيون. پنهنجي لاءِ ڪشمير جو مسئلو بڻجي ويندو ته هن جا تختا ڪيئن ڪڍجن. هن جي عظمت ۽ عزت جي مينارن کي سومناٿ جو مندر سمجهي ڪاهن مٿان ڪاهون ڪنداسين ۽ ڪا نه ڪا اهڙي سترهين ارڙهين ڪاهه ڪنداسين جو وڃي نيٺ ڪامياب ٿينداسين.

    هي اسان جو انتهائي سنگين ۽ ڳنڀير نفسياتي ۽ سماجي مسئلو آهي. آهي ڪو اسان مان ڏاهو، جيڪو ٻڌائي ته اسان پيار جي موٽ نفرت سان ڇو ٿا ڏيون؟ آهي ڪو دانشور جو ٻڌائي ته ان ماڻهوءَ سان وڌيڪ دشمني ڇو ٿي ڪئي وڃي، جيڪو اسان سان خيرخواهي ۽ نيڪي ڪري ٿو؟ آهي ڪو اهڙو سياڻو جيڪو اهو حساب سمجهائي ته خلوص ۽ بي لوث خلوص جو  جوڙ ڪنهن جي عقل جي ٻڙي ڪيئن ٿو ٿئي؟

    ها، صديون اڳ حضرت علي سان منسوب هڪ مثال انسانن کي ٻڌايو ۽ سمجهايو ويو. چون ٿا ته حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته بارش جڏهن سمنڊ جي سِپَ جي منهن ۾ پوندي آهي ته ان مان موتي پيدا ٿيندا آهن، پر جڏهن جهنگ جي سَپَ جي منهن ۾ پوندي آهي ته اها زهر بڻجي پوندو. بارش ۽ ان جا قطرا ته ساڳيا آهن. پر وقت، جاءِ ۽ حالتن جي مٽجڻ ڪري، پنهنجي حيثيت، اهميت ۽ مقصد جي تبديلي ڏسن ٿا.

    هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسان جا ذهن سمنڊ جي سِپَ بدران جهنگ جو سَپُ ڪيئن بڻجي ويا آهن؟ پيار جي بارش، خلوص جو مينهن ۽ چڱائي جي برسات اسان کي، اسان جي سوچن ۽ ذهنن کي زهر ڇو ٿا بڻائي ڇڏن؟ هي ڪٿان جو ماڻهپو آهي ۽ ڪٿان جي انسانيت آهي؟

    سنڌ جو سياستدان عوام کي قومي مسئلن تي متوجهه ۽ مرڪوز ڪرڻ جو ذميوار آهي، ۽ اهو اها ذميواري ڀرپور انداز ۾ پوري ڪري ٿو. ان ڪري اسان جون سنسان گهٽيون ۽ دليون قومي درد جي آواز سان گونججي پون ٿيون. پر انهن سياسي مدبرن کي به اهو بار کڻڻو آهي ۽ پنهنجي پوئلڳن جي ذهني ۽ فڪري تربيت ڪرڻ تي توجهه ڏين. ٻيءَ صورت ۾ نه ته ماڻهن بدران پاڇا ئي هنن جي پوئلڳي ڪندا رهندا ۽ ڪنهن لالچ يا ڪارڻ جي سچيءَ ڪوڙي روشنيءَ ۾ سندن پاسو ئي ڇڏي ويندا. سماجي ڪارڪنن سنڌ ۾ کوڙ سارو چڱو ڪم ڪن پيا. پر منهنجي مٿن اها ڪاوڙ هوندي آهي ته پراون ڌارين ۽ ٻاهرين ملڪن جي ايجنڊا مطابق پنهنجي معاشري کي مٽائڻ جي ڪوشش نه ڪن ۽ سون تي سيڻ نه مٽائن. پر جيڪي سماجي تنظيمون بي لوثيءَ سان سماجي خدمتون ڪن ٿيون، تن کي گذارش آهي ته ”هيومن ڪئپيسٽي بلڊنگ“ تي به ڪم ڪن ۽ ماڻهن کي انسان بڻائڻ لاءِ به جتن ڪن.

    دانشور ڌرتيءَ جي ڏات ۽ فڪر جا حافظ ۽ محافظ انهيءَ صورت ۾ ئي سڏائي سگهن ٿا، جڏهن اهي پاڻ انسانيت ۽ انسان-دوستيءَ جا کليا ڪتاب بڻجي وڃن ۽ اسان کي به اهڙا درس ڏين. نه ته ٻيءَ صورت ۾ سندن قلمي پورهيو ذهني عياشيءَ کان مٿي اهميت وارو نه ٿيندو.

    انهن سمورين ڌرين کي پيار، خلوص ۽ چڱائي کي بي موت مرڻ، غلطيءَ ۽ گناهه جي معنيءَ ۾ وٺڻ کان بچائڻو آهي، اسان کي بچائڻو آهي ۽ پاڻ کي بچائڻو آهي.

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 2nd January 2017

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”امن پيار اتحاد جي، آءٌ ته بڻايون ايجنڊا سائين!“

    نئين سال اسان جي ڄمار ۾ تازو پير پاتو آهي. دنيا جهان جي ماڻهن پنهنجي پنهنجي روايتن سان ان جو آڌرڀاءُ ڪيو. ڪن اڌ رات جو اڀ ڏاريندڙ گولين جا ٺڪاءَ ڪڍيا، ته ڪن ماڻهن اهو سوچيو ته نئين سال اچڻ سان هو ڄمار ۾ ته وڏا ٿي ويا، ليڪن عمر مان انهن جو هڪ سال گهٽجي ويو. نئون سال آيو آهي ۽ اهو به ماضيءَ جي هزارها سالن جيان گذري ويندو. پر باشعور قومون اهڙن موقعن تي پنهنجي گذريل سال جي ڪارڪردگيءَ تي نظر وجهنديون آهن ۽ نئين سال جي ايجنڊا مرتب ڪنديون آهن.

    اسان گذريل سال ڪيئن گذاريو؟ هر ڪا ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي ڌر پنهنجي پنهنجي حوالي سان مثبت نتيجن ۽ ڪارنامن جي دعويٰ ڪندي، پر جڏهن اسان اخبارن جا ورق ورائي سنڌ واسين جي اجتماعي ڪاوشن ۽ ڪارنامن جو وچور ٺاهينداسين ته ان ۾ سياسي ڌرين طرفان ڌرڻن ۽ جلوسن، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن طرفان ڪانفرنسن ۽ ڪچهرين، سماجي تنظيمن طرفان سيمينارن ۽ ورڪشاپن جي ڀرمار نظر ايندي. وڏن هوٽلن ۽ هنڌن تي بيٺڪون ۽ چوواٽن تي ڌرڻن مان قوم جا ڪهڙا مسئلا حل ٿيا؟ ڪا بک ۽ بيروزگاري ختم ٿي؟ ڪو ڏاڍ ۽ ڏمر جو خاتمو ٿيو؟ ڪي جهالت جا در بند ٿيا؟ ڪاروڪاريءَ جي روپ ۾ نوجوانن کي مارڻ واريءَ روايت ۾ ڪا ڪمي آئي؟ ڪنهن پير فقير وڃي مريدن معتقدن جا اڱڻ ٻهاريا؟ ڪنهن وڏيري پنهنجي فصل جو وڏو حصو وڃي ڪو غريبن ۾ ورهايو؟ ڪنهن ڪاموري عريضيدارن کي گهر ويٺي سندن عرضن گذارشن جو تدارڪ ڪيو؟ ڪڏهن به نه ۽ ڪٿي به نه! البته شخصيت پرستيءَ جون بي مثال روايتون قائم ٿيون. لاشن تي سياست به جام ٿي ته نظرياتي تبليغ جا واهڙ به وهي هليا. اسلام کان اڳ ڪعبي ۾ شايد ايترا بت نه هوندا. جيترا اسان پنهنجي سنڌ ۾ جوڙي رکيا آهن. هر ڪنهن سياسي ڌر جو پنهنجو بت آهي. ڀلي ته انهن بتن جا قبرن ۾ هڏا به ڳري ويا هجن، پر اهي جنن ۽ ڀوتن جيان اسان جي ذهنن ۾ ائين ته واسو ڪري ويٺا آهن جو انهن خلاف سوچڻ ۽ چوڻ به اسان جا ٻئي جهان خراب ڪري سگهي ٿو.

    منهنجي خيال ۾ اسان جي پوڙهن توڙي جوانن، مردن توڙي عورتن جي وڏيءَ اڪثريت پنهنجو قيمتي وقت فيس بوڪ، لنڪنڊن، گوگل ۽ ڪنهن نه ڪنهن  ٻئي انٽرنيٽ گروپ تي ڏنو هوندو. نه ته اسان مان ڪنهن انٽرنيٽ جو ڪو اهڙو ميڪنيزم تيار ڪيو ۽ نه وري پنهنجي اجتماعي ۽ قومي مسئلن ۽ مونجهارن تي سوچي ڪو مستند ڊاڪيومينٽ جوڙي دنيا جهان جو پنهنجي سورن جي مذڪورن ڏانهن توجهه ڇڪرايو.  اسان ٻوليءَ، تاريخ ۽ ثقافت جي حوالي سان ڪي بين الاقوامي حيثيت ۽ اهميت وارا ادارا ته قائم ڪو نه ڪيا، البته ايڪڙ ٻيڪڙ موجوده ادارن کي غير فعال بڻائڻ يا منڍي مٽ ڪرڻ کي قومي قرض ۽ فرض ڄاڻي ڪات ڪهاڙا تيز ضرور ڪياسين.

    اسان جي ائين اجتماعي ڀينگ ان ڪري ٿي ٿئي جو اسان فرد سازيءَ تي ڪو توجهه نه ٿا ڏيون. اسان مان هر ڪو جهڙوڪ اڌورو ۽ اڻپورو آهي. هر ڪنهن کي پاڻ ٺاهڻ ۽ مڃرائڻ جي ڳڻتي آهي، ليڪن پاڻ سنوارڻ جي ڪانهي. ڪيترا استاد آهن جو دل جي حضور، سچائيءَ ۽ قومي قرض لاهڻ لاءِ اسڪولن ۽ تعليمي ادارن تي پورو وقت ۽ توجهه ڏين ٿا ۽ ٻار پڙهائين ٿا؟ ڪيترا ڊاڪٽر آهن جيڪي پورو وقت سرڪاري اسپتالن کي ڏئي مريضن ۽ سندن دوا درمل جو خيال رکن ٿا؟ اسان مان هرڪو آهي جيڪو چاهي ٿو ته سرڪاري نوڪري ملي. پر جڏهن نوڪري ملي ته ملازمت اسان جا دشمن ڪن. ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. بس فقط مفت ۾ پگهار کڻڻ جو اونو هوندو.

    ڇا اسان جي دانشورن ۽ مدبرن جي اها ايجنڊا ڪانهي ته اسان جي سوچن کي بدلائن ۽ اهو احساس ڏيارين ته ”سرڪاري ملازمت“ ئي زندگيءَ جو مقصد نه هجڻ گهرجي. اها به ته هڪ غلامي آهي ۽ اسان پاڻ ان جا عاشق ڇو ٿي پيا آهيون؟ ڇا هنر، تجارت، واپار، مزدوري ڪي انساني عيب آهن؟ اسان کا ڇو وساريو ويو آهي ته ”پورهيت الله جو يار ٿيندو آهي“  ۽ ”نيچ نوڪري، اتم کيتي ۽ واپار وڌندڙ ٿيندو آهي“.

    ڪاش! هن سال اهو اسان جي ايجنڊا ۾ هجي ته ٻين کي نه به، پر پاڻ کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ کي اوليت ۽ اهميت ڏيون، اسان پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ نفرت ۽ وير کي جڳهه نه ڏيون، ايثار ۽ قرباني ۾  مثال قائم ڪيون. ماروئڙن ۽ سانگيئڙن سان محبتون، نسبتون ۽ رغبتون رکون. معاف ڪرڻ ۽ درگذر ڪرڻ کي شيوه بڻايون. امن ۽ اتحاد قائم ڪيون، ٻين جا پير نه ڪڍون، پر سندن سهارو ٿيون. ڀلي ڪو جهاز يا راڪيٽ نه ٺاهيون، ڪي اڏرندڙ کٽوليون نه ٺاهيون، ڪا سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڪو ڪارنامو سرانجام نه ڏيون، پر پاڻ کي سنواريون.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 2nd December 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”هيءَ همسري ۽ هيءَ برابري“

    سنڌ جي سماجي ۽ فڪري مسئلن مان هڪ هيءَ به آهي ته اسان سنڌي انهيءَ احساس ڪمتريءَ ۾ ورتل آهيون ته ٻيا ماڻهو، يعني غير سنڌي اسان کي پاڻ جهڙو سمجهن ئي ڪو نه ٿا. سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي ئي نتيجي ۾ ئي، پر اسلام منظم نموني سان سنڌ ۾ اڳ اثرانداز ٿيو ۽ پوءِ  هند ۽ ٻين هنڌن تائين پهتو. پر اڄڪلهه سنڌين کي اهو تاثر ملي ٿو ته هي ڄڻڪه اسلام کان ڪوهين دور آهن. سنڌي مهمانوازيءَ جا ماضي قريب ۾ اهڙا مثال قائم ڪيا جو سرحد تي ڏتڙجي پهتل پناهگيرن کي سنڌ ۾ پير پائڻ کان اڳ پنهنجي دلِينِ ۽ ڀت جي ديڳين سان آجيان ڪيائون. ليڪن هاڻي اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو ته سنڌي جهڙوڪ اصل کان سڃا بکيا هئا. سنڌ پهريون صوبو هئو، جنهن جي اسيمبليءَ 1943 ۾ پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو. پوءِ کڻي انهيءَ ٺهراءَ پاس ڪرڻ ۾ سياست ڪئي وئي جو ڪانگريسي ميمبرن موجود ڪو نه هئا ۽ ميدان صاف هئو ۽ سائين جي ايم سيد پاڪستان جي اهڙي ته زوردار وڪالت ڪئي، جو اهو خواب خيال مان مٽجي حقيقت بڻجي پيو. هاڻي پاڻ کي اهو تاثر ملي ٿو ته سنڌي آهن ئي سنڌوديشي ۽ پاڪستان جا دشمن. کين پاڪستان تحريڪ جي تاريخ جي ورقن ۾ ڪيترا محقق  نه لکن ٿا ۽ نه وري ليکن ٿا. پوءِ ڇو نه جيڪڏهن مسلم ليگ ٺهي ته ان جو باني صدر سنڌ ۾ پئدا ٿيندڙ آغا خان ٿيو ۽ ان جو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آخري صدر به سنڌي يعني محمد علي جناح ٿيو. عربي ادب پڙهو، ان ۾ اوهان کي امام اوزاعي، ابو معشر ۽ ابوعطا جهڙا برجستا عالم نظر ايندا، اهي سنڌي هئا. هفت زبان شاعر اسان ئي پيدا ڪيا. پر اسان کي پوءِ به ڄٽ ۽ جاهل ڄاتو ۽ چيو وڃي ٿو.

     خارجي طور تي اسان جو اهو حشر آهي جو ڪو مڃڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. اسان جهڙوڪ هنن لاءِ جيئرا جاڳندا وجود نه، پر ڪي پاڇا هجون. پر هن ۾ مايوس ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهي. سج آهي ۽ هوندو، ڪو مڃي نه مڃي. ڌرتي آهي ۽ هوندي، ڪو قبولي يا نه قبولي. سنڌ ۽ سنڌي آهن، ۽ قيامت تائين رهندا. نه سنڌ کي خطرو آهي ۽ نه وري سنڌين کي.

    ڌاريا ۽ غير سنڌي ته اسان سان ائين ڪن ٿا،  انهن تي ڪهڙي ميار؟ ٿيا جو ڌاريا. پر اسان جو ته پنهنجن ئي مُٺ ۾ ساهه ڏئي ڇڏيو آهي. هتي به ته پنهنجو تريءَ تيل ئي نه ٿو لڳي. ڪنهن کي ڪهڙي مجال جو ڪنهن سان همسري ڪري؟ ڪو اڻپورو ۽ اڌورو پير سائين هوندو ته مجال ڪنهن مريد جي جو هن سان همسري ڪري؟ ڪو نالي ماتر وڏيرو هوندو ته به ست سيرو هوندو ۽ مجال ڪنهن عوامي ۽ عام ماڻهوءَ جي هن جي اڳيان ڪنهن ڪٽ يا ڪرسيءَ تي ويهي. ڪو به ڀلي ڪنئين کاڌو ڪامورو هجي، پر پوءِ به ايترو بااختيار هوندو جو چڱي ڀلي کي نڪ ۾ دم ڏئي ڇڏيندو.

    طبقاتي ۽ ڪامورا شاهي نظام ۾ ائين ئي ٿيندو ۽ جيڪو همسري ڪندو، سو پنهنجو پٽڪو لهرائيندو. پر هن ذهني ۽ فڪري مت-ڀيد کي ڇا چئجي جو سنڌي سنڌيءَ کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ ڪنهن چڱي ڀلي کي همسريءَ ڪرڻ جو خيال ڪرڻ به هن لاءِ ڏوهه بڻجي وڃي ٿو.

    اسان جي معاشري ۾ همسريءَ واري مت-ڀيد جو هڪ ٻيو قسم به آهي جيڪو هاڻي بي پاڙيءَ ول جيان اسان جي فڪري ۽ نظرياتي وجودن کي وڪوڙي چڪو آهي. اهو پيڙهيءَ- وڇوٽيءَ جو اثر ناهي، پر علم پڙهي جاهل ٿيڻ جو روپ آهي. ڪو ماڻهو جيترو ڄمار ۾ وڏو آهي، ان جو مشاهدو ۽ تجربو هر حال ۾ کائنس ننڍي عمر واري کان وڏو ۽ وڌيڪ ٿئي ٿو. پر اسان وٽ ائين ناهي، جيڪو آني ۾ ڦٽي نڪري ٿو، اهو ڄمندي ڄام آهي، علم ۾ اڪابر ۽ عقل ۾ باقي ماڻهن کان مٿي ٿو پاڻ کي سمجهي.

    چوندا آهن ته ٻه مولوي ڀائر هئا. انهن مان هڪ گذاري ويو ته سندس ڀاءُ هن جي اولاد تي شفقت جو هٿ رکيو. ڇوڪرا پڙهي جوان ٿيا ۽ پنهنجي پيءُ ۽ چاچي جيان مولوي به ٿي ويا. جنهن ڏينهن سندن دستاربندي ٿي، انهيءَ شام جو انهيءَ مولوي چاچي ڏي ويا ۽ کيس چيائين ته: ”چاچا! جهڙو تون مولوي، تهڙا اسان. هاڻي اٿ ڪرسيءَ تان، اسان پاڻ مڪتب ۽ مدرسو سنڀالينداسين.“ سو ساڳئيءَ طرح هتي جنهن جي هٿ ۾ ڪوڙي يا سچي ڊگري هوندي، اهو باقي لکيل پڙهيلن کان ٻه قدم اڳتي پيو اڏندو. جهڙوڪ علم ۽ دانش جي هن تي پڄاڻي ٿي هجي. ٻئي ڪنهن کي ڀائيندو ئي ڪو نه. اهڙن تجربي ۽ مشاهدي جي منڪرن جي لسٽ ٺاهبي ته ڪو ڪو نالو خارج ڪرڻو پوندو، نه ته کوڙيءَ کي گهمرو اچي ويندو. اسان اها ۽  ائين همسري نه ٿا ڪريون، پر همسريءَ جي نالي ۾ پنهنجي عقل سان دشمني ڪريون ٿا. اها ڪوڙي همسري آهي ۽ ڪيترا نوجوان اُٺَ جو پُڇُ ٻڌي ان کي مهري بڻائين ٿا. هن روش ۽ رويي ڪري اسان جا سينيئر ماڻهو ۽ وڏي ڄمار جا دانشمند ۽ مفڪر مايوس ته نه ٿا ٿين، پر اهو ضرور محسوس ڪن ٿا ته ڪيترا نوجوان سندن علم ۽ عقل، تجربي ۽ مشاهدي جا منڪر ٿي بيٺا آهن ۽ انهن جي ڏات ۽ ڏاهپ مان لاڀ پرائڻ جو عمل رڪجي ويو آهي.

    ڇا اها قوم ٻين سان قومن سان همسري ڪري سگهي ٿي، جيڪا همسريءَ کي ئي نه ٿي سمجهي ۽ طبقاتي نظام جي همسريءَ جي بار هيٺان دٻيل آهي؟

     

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 1st April 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”قلم ڪياڙيءَ جي وهيو، تون تان ڪٽ نه ڪنڌ“

     

    انسان صدين کان وٺي ويساهه-گهاتين جي پلصراط تان پئي گذريو آهي. ڪڏهن پاڻ سان ويساهه-گهاتيون ڪيون اٿس ته ڪڏهن ٻين پئي هن سان ويساهه- گهاتيون ڪيون آهن. بس، هن ائين طلسم جي جهان کي پئي منهن ڏنو آهي. هر ڪنهن سماج جي سرت-وندن ۽ معاشري جي جي مفڪرن انهيءَ صورتحال مان جان ڇڏائڻ لاءِ پئي کيس دڳ ۽ پيچرا ڏسيا آهن.

    ماڻهوءَ کي اهو آٿت، ڀروسو ۽ يقين ڏياريو ويو آهي ته ماضيءَ کان مستقبل تائين، هر ڳالهه جو فيصلو ڪيو ۽ لکيو ويو آهي. ان کي ڪي قسمت چون ٿا ته ڪي مقدر سڏن ٿا. ”مقدر“ جي ڳالهه ۽ تشريح اسان پارن ماڻهن سان ائين ڪئي وئي آهي، جو بي بسيءَ کانسواءِ اسان وٽ چارو بچي ئي ڪو نه ٿو. حالانڪه ”مقدر“ لفظ جو بنياد آهي ”قدر“. قدر ۽ قيمت جو مطلب اهو آهي ته ڪهڙي شئي جو ڪيترو ملهه آهي. منهنجي خيال ۾ ان حوالي سان ”مقدر“ جو مطلب آهي اسان جي سوچن ۽ لوچن، قولن ۽ فعلن جي قيمت. مطلب ته جهڙا عمل هوندا، اهڙا نتيجا نڪرندا ۽ جهڙي سوچ هوندي، اهڙو رنگ لائيندي. ان ڪري انسان پنهنجو مقدر سنوارڻ يا بگاڙڻ جو پاڻ ذميوار آهي. هو پنهنجي سوچن ۽ لوچن جي نتيجن لاءِ ڪنهن ٻئي کي ذميوار بڻائي نه ٿو سگهي. جيڪو سندس ڪُنيءَ ۾ هوندو ۽ پچندو ، اهو ئي سندس پاٽ ۾ پوندو. ڪو ماڻهو دال چاڙهي، اهو بانور ڪري نه ٿو سگهي ته هن جي ٿالهيءَ ۾ ڪڪڙ جون ٻوٽيون ۽ ڪباب پوندو.

    اسان سان ويڌن اها ٿي يا ڪئي وئي ته ”مقدر“ جي معنيٰ ماٺ ڪرڻ، صبر ڪرڻ ۽ قبول ڪرڻ ٻڌائي وئي. چيو ويو ته چپ ڪري ويهي رهو ۽ اکيون ٻوٽي انهيءَ ايجنڊا تي عمل ڪيو، جيڪا اسان لاءِ ڄمڻ کان اڳ والدين ۽ مائٽن جوڙي هئي. ائين انسان جنم ٻين کان وٺي ٿو، نالو ٻين کان وٺي ٿو ۽ پوءِ دين ڌرم کان وٺي ازدواجي ايجنڊا، ذريعه معاش، رهڻي ڪڻي، طور طريقا، قدر ۽ نظريا ورثي ۾ وٺي ٿو ۽ هن کي اکيون ٻوٽي انهيءَ ايجنڊا تي هلڻو آهي. جيڪڏهن منهن ڦيريندو ته باغي سڏيو ويندو. ان لاءِ هن کي ڏوهه يا عمل مطابق سزا ۽ موٽ ملندي.

    فقط اها ئي ايجنڊا هجي ته ماڻهو ڪس ڪسر کائي ڪم هلائي سگهي ٿو. پر ويڌن اها آهي ته هن تي ايجنڊا مٿان ايجنڊا ٿاڦي وڃي ٿي. سياستدانن جي ايجنڊا، عالمن ۽ اديبن جي ايجنڊا، دانشورن جي ايجنڊا، پيرن فقيرن اميرن ۽ وڏيرن جي ايجنڊا، سماجي سڌارڪن جي ايجنڊا، سياستدانن جي ايجنڊا، عملدارن رعيت آزارن جي ايجنڊا، ۽ ٻيون کوڙ ساريون ايجنڊائون.

    حالتون ائين ۽ اهڙيون جڙي پون ٿيون جو انسان پاڻ بچائڻ ۽ ٻين کي راضي رکڻ واري گهاڻي۾ چاڪيءَ جي ڏاند وانگر وهندو رهي ٿو ۽ ڪنهن ٻئي منزل طرف وڃڻ ۽ وڌڻ لاءِ سوچي به نه ٿو سگهجي. انسان اهڙي رستي تي بنهه ائين ٿو هلي جهڙوڪ ميلن جا ميل، بلڪه ساري حياتي هوا ۾ لڏندڙ ڏوريءَ تان گذري ٿو.

    ڇا ههڙي صورتحال اسان کان اها تقاضا نه ٿي ڪري ته انسان کي ڪجهه آزاد ڇڏيو وڃي. هن جو جيڪو ”مقدر“ آهي. ان کي سمجهڻ لاءِ کيس موقعو ڏنو وڃي ۽ سندس انهيءَ مقدر ۾ ڪا ڦيرگهير ڪري، ڪجهه لکي يا ڊاهي وڌيڪ ملاوٽ نه ڪئي وڃي. انسان جي ذهني ۽ فڪري آزادي ئي بهتر ۽ سڀ جي فائدي واري روشن مستقبل جي ضمانت آهي. هن تي ذهني ۽ فڪري بيگر مڙهي وئي ته هو پاڻ ۽ پوري معاشري کي بيگار ڪئمپ بڻائي ڇڏيندو هو. هو ٻين لاءِ ايجنڊا ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ واري ڪرت سان لڳي ويندو ۽ نتيجي ۾ پنهنجي لاءِ ۽ ٻين لاءِ آزار بڻجي ويندو.

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 1st July 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ساهرن سان گڏ، پيڪن سان به کڻي رهائجي“

    انهن حالتن ۾ جڏهن گهر گهر ۾ سياست هجي ۽ هر گهر ۾ سياسي ڌاڙا هجن، اتي جڏهن سياست تي ڳالهائبو ته هزارن ڌڙن ۽ گروپن مان فقط ۽ فقط هڪ اڌ ڌڙو هم خياليءَ سبب خوش ٿيندو، باقي ٻيا وڙهڻ جي حد تائين رسي پوندا. نه فقط ايترو پر جنهن جي حق ۾ ڳالهه ڪبي، اهو به سو في صدي خوش نه ٿيندو ۽ چوندو ته اسان تي ڪلمو ته پڙهيئي پر اهو پورو نه بلڪه اڌورو هئو. انهيءَ صورتحال ۾ ”ڪل پيران دا خير“ سواءِ ٻي ڪا حڪمت عملي جڙي ئي نه ٿي. پر سوچڻ ۽ لوچڻ وارا پوءِ به ڳالهائيندا. ڇو نه پوءِ سندن اندر مان آواز اٿن ته ”جي ٿو ڪڇان، ته پٽجن ٿيون مڇان- جي ٿو ڪريان ماٺ ته پوان ٿو ڪاٺ.“

    سنڌ هن وقت سياست جو عجيب گلدستو بڻيل آهي. هتي پرستي ئي پرستي لڳي پئي آهي ان لاءِ اسان وٽ قوم پرست به آهن ته وفاق پرست به آهن. ڪميونزم پرست به آهن ته اسلام پرست به. هر ڪو پنهنجيءَ ڪرت سان لڳو پيو آهي. پر تنقيد ۽ تعريف جو رڪارڊ انهن جو ٺهندو، جيڪي ڪو اقتدار يا اختيار رکي ٿو. جيئن ته هن وقت سنڌ ۾ اقتداري ڌر اها وفاق پرست پارٽي آهي، جيڪا سنڌ- ڄائي ٺاهي ۽ ان جي اڄ به قيادت سنڌ-ڄاوا ڪري رهيا آهن. وفاق کان سواءِ سنڌ ۾ هن ئي پارٽيءَ وڏي عرصي تائين حڪمراني ڪئي آهي. هن پارٽيءَ کي نه فقط ٻين صوبن جي وفاق پرست پارٽين جي مخالفت ملڻي آهي، ليڪن سنڌي نفسيات پٽاندڙ سنڌي سنڌيءَ جي ئي گهڻي مخالفت ڪندو، ان حساب سان هن پارٽيءَ کي اها ”نفسياتي مخالفت“ به ڏسڻي پئي ٿي. سنڌي قوم پرست ڀلي اقتدار ۾ نه هجن، پر انهن جو انگ به ڪو گهٽ ڪونهي. جيئن ته سنڌي قومپرست اکيون ٻوٽي وفاق پرست کي قبول نه ڪندو، ان ڪري اقتدار واري وفاق پرست پارٽيءَ کي قوم پرستن جي مخالفت به سياسي ورثي طور ملندي رهندي. ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ هڪ ئي وقت سنڌي قوم پرست ۽ سنڌي وفاق پرست لاءِ وڏي حريف ۽ چئلينج برابر آهي. ان ڌڙي جي مخالفت به اقتدار واري وفاق پرست پارٽيءَ جو نصيب بڻيل رهندي.

    سنڌ جا وفاق پرست هجن يا قوم پرست سياستدان يا پارٽيون، اهي اهي سنڌ جي تقسيم يا سنڌ ۾ رهندڙن ماڻهن جي دلين جي تقسيم واري سياست کي رد ئي ڪندا. ڇو ته ان ۾ سندن روشن ضميريءَ، انسان-دوستيءَ ۽ سنڌ-دوستيءَ جو راز سمايل آهي.

    سنڌ ۾ اقتدار ۾ آيل وفاق پرست پارٽيءَ پنهنجي سياسي حڪمت عملي سان دلين جوڙڻ، همدرديون وٺڻ ۽ حريفن جي ووٽ بئنڪ کي ٽوڙڻ جي بهتر ڪوشش ڪئي آهي. البته ان جي اندروني سنڌ ۾ پنهنجي ووٽ بئنڪ بئلنس کي محفوظ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ منظم ڪوشش ڪرڻي پوندي. قوال امجد فريد جي مارجي وڃڻ واري واقعي کي اقتداري پارٽي سهڻي نموني سان ڪئش ڪيو. قوال جو تعلق ايم ڪيو ايم سان رهيو ۽ ايم ڪيو ايم جي هڪ ڌڙي کان ٻئي ڌڙي طرف سندس قدم کڄيا ئي ڪو نه جو ان کان اڳ هو الله کي پيارو ٿي ويو. هن سان حڪومتي همدرديءَ ۽ مالي سهائتا حڪومت-مخالف ڌرين کي وائڙو ڪري ڇڏيو. لالوکيت عرف لياقت آباد- ياترا اقتداري ڌر جي وڏي سياسي ڪاميابيءَ کان گهٽ ثابت نه ٿيندي. ان سان مخالف ڌر جي ووٽ بئنڪ تي اثر پوندو ۽ ڪن مهاجرن جي سنڌي-مخالفت وارن روين ۾ به مثبت تبديلي ايندي. هي دلين جي تقسيم جو نه پر دلين جوڙڻ وارو ڪم چئي سگهجي ٿو.

    اهڙين بهتر سياسي حڪمت عملين باوجود اندرون سنڌ جي حوالي سان ڏيئي هيٺان اوندهه جي ڏِکَ ملڻ نه گهرجي. مثال قوال امجد فريد کي ماريو ويو ته ٻئي طرف اندرون سنڌ ۾ سنڌي ڳائڻو الهڏنو خاصخيلي روڊ حادثي ۾ الله کي پيارو ٿي ويو. پنهنجو ۽ پرائو ذهن ۾ نه ٿا رکون. پر جيڪڏهن الله ڪارڻ ڳالهه ڪبي ته الهڏنو هر وجهه کان امجد فريد کا وڌيڪ سگهارو ۽ باصلاحيت ڳائڻو هئو. هر سنڌي فنڪار وانگر هن جي بدقسمتي هيءَ هئي ته کيس ماحول ۽ موقعو نه مليو جو دنيا ۾ پنهنجي فن ۽ صلاحيتن جو ڌاڪو ڄمائي ها. ٻئي ڀلا فنڪار هئا، ليڪن هڪ جي موت تي جهڙوڪ دنيا جهان ۾ ڪانڌپو  ڪرايو ويو ۽ ٻئي جي موت بعد ان جي قبر تي ايڪڙ ٻيڪڙ ڏيئا مس ٻاريا ويا. اهو متڀيد چئجي يا حڪمت عملي؟ جيڪڏهن الهڏني خاصخيلي جي موت تي به گهڻيون اکيون آليون ٿين ها ۽ هن سان به امجد قوال جي شهادت جي واقعي وانگر همدريون ۽ مالي سهائتاون ساڳي انداز ۽ نموني سان ٿين ها ته هوند هر سنڌيءَ جي دکي دل ۾ حڪومتي روين جي نتيجي ۾ ڪا محفوظ ۽ مضبوط ڪنڊ جڙڻ لڳي ها. ان ڪري اقتداري ڌر کي اها منزل اڃا ماڻڻي آهي ۽ اهڙيون حڪمت عمليون جوڙڻيون آهن. جن جي نتيجي ۾ عام سنڌي پاڻ کي ٻين جي برابر سمجهڻ لڳي ۽ پنهنجي دل ۾ حڪومت لاءِ ٿڌي جاءِ جوڙي سگهي. انهيءَ طرف گهٽ توجهه ڏيڻ ڪري عام سنڌيءَ جي ذهن ۾ وهم واهيرا ڪرڻ لڳن ٿا، سوچن ۾ تبديليون اچن ٿيون ۽ ووٽ بئنڪ کي ڇيهو رسي ٿو.

    ڪراچيءَ ۾ ٻه ڏينهن پاڻي نه ٿو ملي ته رڻ ٻري وڃي ۽ هوڏانهن ٿر جي اڪثر حصن ۾ سال جا سال پاڻي نه پهچي ته ڪنهن جي سيانڊري به نه ٿي اڀري. ڪراچيءَ جي روڊن تي ٻه ڏينهن گندو پاڻي بيهي ٿو ته آسمان کي مٿي کنيو ٿو وڃي، پر اندرون سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن جون گهٽيون مهينن جا مهينا گندي پاڻي سان ڀريون پيون آهن، ان ڏانهن ميڊيا يا شهري بابن جو ڌيان نه ٿو وڃي! شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ زمين آسمان جو فرق ٿيندو پيو وڃي. ٻهراڙين ۾ بجلي ڪانهي، روڊ رستا ڪونهن ۽ ماڻهو ٿي رهڻ واريون سهولتون ئي موجود ڪونهن. اها به ته اسان جي اقتداري ڌر يا اقتدار کان ٻاهر واريءَ ڌر جي ايجنڊا ٿيڻ گهرجي.

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 31 August

    توبن جاني! هيءُ جهان

    ”رانول تنهنجا رنگ هزار“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    ملڪي حالتون جيئن گهونگهٽ لاهين ۽ مٽائين ٿيون، جيئن سياست سانڍي جيان رنگ بدلائڻ شروع ڪيا آهن، انهن حالتن ماڻهن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي هر ڪو جهڙوڪ اهڙي انتظار ۾ ويٺو آهي ته اڄ ڪي سڀان ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. اجهو ٿو آسمان ڪري ۽ اجهو ٿي ڌرتي ڦاٽي. ڪي ماڻهو منجهي پيا آهن ۽ ڪي ماڻهو  اکيون ڦاڙي ڪنهن اوچتي تبديليءَ جو انتظار ڪرڻ لڳا آهن.

    پر، جادوءَ جي هن سياسي نگريءَ جا رنگ ئي نرالا آهن. ائين نه ٿيندو، جيئن اسان سوچي رهيا آهيون. ڪنهن پارٽيءَ جون پاڙون ڪو نه پٽبيون، ڪن سياستدانن جي سسي نه وڍي ويندي. بس هي دهمان آهي، ماڻهن کي مشغول رکڻ لاءِ، پنهنجي پنهنجي سياسي چال کيڏڻ لاءِ. عام ماڻهو ته عام ماڻهون جو جاني دشمن ٿي سگهي ٿو،  هڪٻئي کي ڳاري ۽ ماري سگهي ٿو، ليڪن سياستدان سياستدان ئي ٿيندا آهن. ڀلي دنيا وڙهي ڍينگو ڍيري ٿي وڃي، پر سياستدان بلاشبه ڀڀڪين تي ڀڀڪيون ڏيندا. هڪٻئي جي پٽڪن ۾ به هٿ وجهندا، پر هڪٻئي جا جاني دشمن نه ٿيندا. هڪٻئي کي اقتدار کان پري رکڻ جي ضرور ڪوشش ڪندا. ڪجهه ڪنهن جي هٿن مان کسي وٺندا. پر هڪٻئي سان دشمني ڪري، پنهنجي پيري تي ڪهاڙو ڪو نه هڻندا.

    ملڪ ۾ جيڪو وهي واپري رهيو آهي، اها ڪا نئين تبديليءَ جي نويد ڪانهي. پر اهي سياسي دهل ۽ شرنايون آهن، جيڪي اسان ملڪ جي قيام کان ٻڌندا پيا اچون. اهي وڄندا اچن ٿا ۽ وڄندا رهن ٿا. اسان کي اهي ٻڌي نه ته تاڙيون وڄائڻيون آهن ۽ نه وري هنبموشي هڻڻي آهي. ڇو ته اهو ئي ٿيندو جيڪي اقتدار ڌڻي ۽ اقتدار کان ٻاهر سندن ڀائر سوچي رهيا آهن. هيءَ سياسي بازيگري ۽ سياسي جادوگري آهي، جيڪا عوام جي سوچڻ جي نه لوچڻ جي.

    هي حالتن جي تبديلي نه آهي، پر حالتن کي پنهنجي وس ڪرڻ، اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪرڻ يا اقتدار مان ڀاڱي وٺڻ جي بازي آهي. اقتداري ڌر سدائين وتائي فقير جيان اهو چاهيندي آهي ته امڙ سيون پچائي مري وڃي ته مان سموريون سيون کائي وڃان. اهڙيءَ ريت اقتداري ڌر اهو چاهيندي آهي ته اها کائڻ ۽ کارائڻ ۾ ايترو آزاد هجي جو ڪو ٻيو سندس نانءُ ئي نه وٺي.

    پاڪستان جي تاريخ ۾ جڏهن وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏجي افهام تفهيم، ڇڏ ته ڇڏيانءِ ۽ اچو ته واريءَ واٽيءَ سان کائون جو سياسي معاهدو ڪيو، ته ان کانپوءِ ڀلي طوفان اچن ۽ ائين لڳي ته اجهو ٿا ته سياستدان هڪٻئي جا ڄنڊا پٽن، پر اهو فقط دهمان هوندو ۽ ان پٽيان ڪورن ۽ ڀانڊن واري ويڙهه ڪا نه هوندي.

     

    ملڪ تي ملڪ جڙڻ کان اڳ ۽ پوءِ جيڪي اقتدار ۾ آهن ۽ اقتدار ۾ نه هوندي به اقتدار کان پري نه آهن، انهن کي به انهن جي مفادن کي ۽ انهن جي اقتدار کي ڪو خطرو ڪونهي. بنهه ائين حالتن کي به ڪو خطرو ڪونهي. ها، جيڪڏهن خطرو آهي ته عوام کي، جنهن کي رانولن جي رنگ سالن کان منجهائي رکيو آهي ۽ اڳتي به منجهائي رکندو. اها صورتحال تيستائين رهندي جيستائين عوام ڏاڍي خلوص، عقيدت ۽ محبت سان پنهنجو سيس نمائيندو رهندو ۽ سوچڻ ۽ لوچڻ جي ۽ ڪنهن تبديلي آڻڻ جي ڪوشش نه ڪندو. ان وقت تائين جيڪي سندس حاڪم آهن اهي هن جا حڪمران ئي رهندا، پوءِ جيڪڏهن ”ادي مئي ته ادو ڄمي پوندو“. ماڻهوءَ مٽ ٿيندي، منڍي مٽ ٿيندي پر حالتن جي مٽ نه ٿيندي.