Category: COLUMN BY DR. PATHAN

  • 14 October 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”سنڌ جو سنجيده مسئلو فرد-سازي آهي“

    سنڌ جا عالم ۽ اديب، مدبر ۽ مفڪر ٻه اکر ٻوليندا آهن، يا ڪجهه لکندا آهن ته دل ٺري پوندي آهي. ڇا نه الله پاڪ کين ڏات ۽ ڏاهپ ڏني آهي! ساري جڳ جهان جي حالتن تي نظر اٿن. ڪٿي ڪو دک درد جنم وٺي ٿو ته سندن سينا سورن- هاڻا ٿي پون  ٿا. ڪٿي ظلم ٿئي ٿو ته هنن جو روح  روئڻ لڳي ٿو. جهڙوڪ دنيا سرنهن جي داڻي جيان سندن تريءَ تي آهي. جتي جتي ڪجهه وهي واپري ٿو، ان بابت ننهن کان چوٽيءَ تائين کين خبر هجي ٿي.

    پر ڏيئي هيٺان اوندهه ڇو ٿئي ٿي؟ اها ڪهڙي ڳالهه آهي ۽ ڪهڙي مجبوري يا مصلحت آهي ته سنڌ جي سينڌ سينگارڻ ۾ اهي تيل ڦليل ڪجل ۽ مينديون ڪو نه ٿيون ڏسڻ ۾ اچن، جن کي هو ڪتب آڻي، ڪنهن نئين ڪهاڻي کي جنم ڏين ۽ پنهنجيءَ سرت جي سونهن سان سنڌ واسين کي به حصو ڏين.

    ها، اها ڳالهه برابر آهي ته سنڌ جي سورن جي مذڪورن جا وٽن داستان موجود آهن. سندن قلم ۽ قول ۾ ماڻهن جي مجبورين جا آواز موجود آهن. هي به سچ آهي ته صحافي ۽ اديب قلم کي ڪات ڪهاڙا بڻائي سنڌ-دشمن قوتن ۽ سازشن جو مقابلو ڪري رهيا آهن. هيءَ به حقيقت آهي ته سنڌ دوست مدبر ۽ سياستدانن جي حڪمت عملين سنڌ جي نوجوانن ۾ جوش ۽ ولولي کي دائم رکيو آهن. ان ڪري اسان جون محفلون به آباد آهن ته جيل خانا به ويران ڪو نه آهن. روڊ ۽ رستا به بلاڪ ٿين ٿا ته اخبارن ۽ ٽي ويءَ تي دونهاندار ۽ زبردست بيان ۽ بحث به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

    پر سوال ٿو اُٿي ته هي هيڏو سارو ۽ سڀ ڪجهه ٿئي ٿو، پر پوءِ به تريءَ تيل ڇو نه ٿو لڳي؟ پوءِ به حالتون ڇو ٿيون مثبت موڙ وٺن. پنجن منجهان پندرهن ڇو نه ٿا ٿين؟ ايڪو ۽ اتحاد قائم  ڇو نه ٿو ٿئي؟ شهرن مان قهر بند ڇو نه ٿو ٿئي؟ ٻهراڙين مان بک ۽ بيروزگاريءَ جي باهه ڇو نه ٿي وسي؟ ڪٿي نه ڪٿي ڪا ڪمي ضرور آهي. ڪٿي نه ڪٿي ڪو حڪمت عمليءَ ۽ طريقه ڪار ۾ نقص ضرور آهي.

    تحريڪون وڏي زور سان هلن ٿيون، پر اچانڪ بي مقصد دم ٽوڙي وڃن ٿيون. اتحاد جڙن ٿا، پر اڻ-ٻڌايو بي عمل ٿي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪيترا قربانيءَ جو ٻڪرو به ٿين ٿا، ڪيترا نقصان به برداشت ڪن ٿا. ڪيترن کي ڇيهو به رسي ٿو.

    اهو سڀ ڪجهه ويساهه-گهاتيءَ ڪارڻ ٿئي ٿو. قوم سان هر نازڪ موڙ تي ويساهه-گهاتي ٿئي ٿي. ڪو نه ڪو فرد پنهنجي گروهه کي، ماڻهن کي بلڪ قوم کي ٻُنڀي ۾ وجهي ڇڏي ٿو. ڪو نه ڪو ذاتي يا گروهي مفادن تي سڄيءَ قوم جو وڪرو ڪري ويهي ٿو ۽ قوم کي ان جي ڪا به ڪل ڪا نه ٿي پئي. اسان جي اڪثر تحريڪن دوران ائين ٿيو. ماڻهن جون محنتون ۽ محبتون اڪثر ڪري پنهنجي منطقي نتيجي تي ڪو نه پهتيون آهن. ڪنهن وڏيري جي روپ ۾، ڪنهن پير جي روپ ۾، ڪنهن سياستدان يا سماجي ڪارڪن جي روپ ۾ موقعي ملڻ تي معتقد ماڻهن سان بي وفائي ڪئي. ڪنهن ٽي. وي يا اخبار جي ڌڻيءَ ٿوري مفاد تي عوام کي سچ ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو. سنڌ سان ۽ سنڌ واسين سان ائين ويڌن ٿيندي آئي آهي. سنڌ يا سنڌي ڪهڙيءَ ڪورٽ ۾ وڃي داد فرياد ڪن؟ جي اتر ڊاهي ان کي ته ڪنهن کي ڪارون ڪن؟ جيڪڏهن خواجا خضر ئي ٻيڙي ٻوڙي تي ڪنهن کي دانهن ڏبي؟ جي رهبر ئي رهزن ٿين ته ڪٿي ڀڄي جند ڇڏائبي؟

    هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿئي ٿو جو اسان فرد جي تربيت تي توجهه نه ڏنو آهي ۽ انسان- سازيءَ جي عمل کي نظرانداز ڪيو آهي. اسان ماڻهوءَ کي ماڻهو ٿيڻ جو موقعو ئي ڪو نه ڏنو آهي. بيشڪ اسان کي فرشتن ٿيڻ جو شوق نه هجڻ گهرجي. ڇو ته فرشتن ته اسان جي ڏاڏي کي سجدو ڪيو هو. اسان سجدن جا ائين شائق ڇو ٿيا آهيون؟ اسان فقط سجدا ڇو ٿا ڪريون؟ اسان معمولي مفاد حاصل ڪرڻ تي سيس نوائي ڇو ٿا ويهون؟ هيءَ اسان جي ڪهڙي فرد-سازي ڪئي وئي آهي؟ هيءَ اسان جي ڪهڙي انسان-سازي ٿي آهي؟ اسان ائين ڇو ٿا ڪريون جو هاڻي ته شيطان به رضا خوشيءَ سان رٽائرمينٽ وٺي هتان پاڻ کي جلاوطن ڪري ويو آهي. ان جي غير حاضري ۾ اسان مان ڪيترا سندس سفير ۽ نمائندا بڻجي ڇو سرگرم عمل ٿي ويا آهن؟ ڇا هيءَ ئي اسان جي ۽ هينئن ئي اسان جي شخصيت سازي ٿي آهي؟

    لڳي ٿو ته اسان جي نظام ۾ اهڙي ڪا گنجائش ئي موجود ڪانهي، جا ماڻهوءَ کي ماڻهو ٿيڻ ۾ مدد ڪري. لڳي ٿو ته اسان کي ماڻهونءَ مان انسان ٿيڻ ۾ اڃان ڪيتريون صديون لڳنديون. اچو ته انهن صدين کي گهٽايون، پاڻ کي جوڙيون، پاڻ کي ڳولهيون ۽ مکڻ جهڙا ماڻهو، بي لوث، قرباني ڏيندڙ، بخشيندڙ، معاف ڪندڙ، ڀلائي ڪندڙ، دوکو نه ڏيندڙ، ڏنڀ نه ڏيندڙ، دشمني نه ڪندڙ انسان بڻايون ۽ ائين پاڻ به ٿي پئون.

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 13 January 2017

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ڇورا! توکي پڳ ڪو نه ٻڌرائيندا!“

    چوندا آهن ته ڪنهن ڳوٺ جو وڏيرو مري ويو ته غريب گهراڻي جي ٻار وڃي پنهنجي ماءُ سان سور سليا ۽ وڏيءَ اڻ تڻ ۾ پڇيائينس ته:”امڙ! وڏيرو جو مري ويو آهي ته هاڻي ڪنهن کي پڳ ٻڌرائيندا؟“ ماڻهنس جواب ڏنو ته: ”سندس پٽ کي“، غريب ٻار ان جواب مان مطمئن ڪو نه ٿيو، تنهنڪري وري پڇيائينس ته: ”امڙ! جيڪڏهن اهو به مري وڃي ته پوءِ ڪنهن کي پڳ ٻڌرائيندا؟“ ان تي جواب مليس ته : ”سندس ڀاءُ کي“. وري ٻار بي قرار ٿي ويو ۽ پڇيائينس ته: ”امڙ! جيڪڏهن اهو به مري وڃي ته پوءِ……..“. ماڻهنس تپي لال ٿي وئي ۽ چيائينس ته: ”مان سمجهان ٿي ته تون ڇا پيو سوچين ۽ ڇا پيو پڇين. پر ڇورا! توکي پڳ ڪو نه ٻڌرائيندا“.

    سو منهنجا سائين سنڌ جو گورنر گذاري ويو ۽ اسان مان ڪنهن کي خوشفهمي نه ٿيڻ گهرجي ته هاڻي مان ته مون جهڙو ڪو ٻيو گورنر ٿيندو. ڇو ته اڻندو اها ئي، جيڪا ڪوريءَ جي من ۾. پر ڪوريءَ  ڌاڳن مان نه ليڪن انهن پنجوڙن مان اڻندو، جيڪي اسان پنهنجي لاءِ پاڻ ٺاهيا آهن. 1973ع کان مائي بيگم رعنا لياقت علي خان کان وٺي مري ويل گورنر سعيد الزمان صديقيءَ تائين سنڌ جا جملي اڻويهه گورنر ٿيا، جن مان چئن گورنرن: عبدالقادر شيخ، محمد هارون، ايئر مارشل عظيم دائود پوٽي ۽ محمد ميان سومري کانسواءِ باقي پندرهن گورنر اهڙا ٿيا جيڪي اسان مان ته هئا، پر انهن مان ڪنهن به باقي چئن گورنرن وانگر ڌرتيءَ- ڄائي نج سنڌي ماءُ جي ٿڃ نه پيتي. بيشڪ اهڙا وڏا عهدا ۽ رتبا  ته ڇا، پر اهم منصب لساني حوالن سان ورهائڻ ونڊن ملڪي آئين ۽ روايتن سان ٺهڪي نه ٿا اچن. ملڪ جو ڄائو، ملڪ جي ڪنهن عهدي ۽ رتبي تي مقرر ٿي سگهي ٿو. ليڪن سنڌ ۾ گورنريءَ جي تقرريءَ جا مخصوص پيمانا ۽ ماپا آهن.

    سنڌ جي حوالي سان اهو ڄڻ ”اڻ-لکيئي آئين“ جو حصو يا روايت بڻجي وئي آهي ته 1973ع کانپوءِ ڪوشش ڪري ”نون سنڌين“ کي ئي هن عهدي تي رکڻ ۽ رهڻ جو موقعو وڌيڪ ڏنو ويندو. مري ويل گورنر سعيد الزمان ويچارو فقط ٻه مهينا عهدي تي رهيو، پر انهن ٻن مهينن ۾  گهڻا ڏينهن اسپتال ۾ گذاريائين. کائنس اڳ واري گورنر سنڌ جي تاريخ جي ۾ چوڏهن سالن جي طويل عرصي تائين عهدي ماڻڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪو به گورنر ايڏي وڏي عرصي تائين انهيءَ عهدي تي نه رهيو. هو مشرف جي زماني ۾ آيو ۽ ملڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين جي اقتدار وارن ڏهاڙن ۾ به گورنر ٿي رهيو تان جو ٻه مهينا اڳ کيس رخصت ڪيو ويو.

    گورنر مرڪز جو ئي نمائندو ٿئي ٿو، ۽ هن جي مقرريءَ ۾ مرڪز کي صوابديدي اختيار حاصل هوندا آهن. مرڪز چاهي ته صوبائي حڪومت سان صلاح مشورو ڪري، ۽ جيڪڏهن مشورو نه ڪري ته ان تي ڪا قانوني يا آئيني پابندي ڪانهي.

    عشرت العباد کي تڪڙو فارغ ڪري ۽ ڪنهن وقت وڃائڻ کانسواءِ سعيد الزمان کي گورنر مقرر ڪرڻ واري ڳالهه تي چوٻول به ٿيو ته چميگويون به ٿيون. ڪن ڌرين جو خيال هئو ته نوازليگ چونڊن کان اڳ سنڌ ۾ افهام تفهيم واري تحرڪ دوران قومپرست ڌرين ۽ پيپلزپارٽيءَ جي مخالف ڌرين کان غير معمولي گرم جوشيءَ واري موٽ ماڻي هئي. سنڌ جي ڪن سياستدانن نوازليگ جي اقتدار ۾ اچڻ بعد گورنر يا صدر ٿيڻ واريءَ خوشفهميءَ ۾ ڪڙتا ۽ شيروانيون به سبرائي ڇڏيون. ماڻهن – مٽ ته ٿي، پر خوشفهمين جي غلط فهمين ۾ ورتل ڪنهن کي به موقعو ڪو نه مليو.

    عشرت العباد جي وڃڻ کانپوءِ به خوشفهمين جي اهڙي لهر وري سنڌ جي ڪن سياسي ڌرين کي بهار جي مند مثال لڳي، ليڪن سعيد الزمان جي گورنر ٿيڻ سندن سوچن تي سياري جي پاري جهڙو اثر وجهي ڇڏيو. هاڻي ويچارو سعيد الزمان به هن جهان ۾ ڪو نه رهيو آهي. حالتن هن جي پڇاڙي اجري ائين ڪئي جو انهن ٻنهي مهينن ۾ مرحوم جي پرگهور ۽ دوا درمل تي جيڪو خرچ پکو آيو هوندو، اهو شايد سندس گورنر نه هجڻ واري صورت ۾ ايترو نه به اچي ها. ڀلا ڀاڳن سان ڪنهن جي ريس! ”ڪي جيئري ئي جنت ۾ ته ڪي مئا مس مڙن“. سندس گورنر مقرر ٿيڻ تي جيڪي چميگويون هليون هيون، انهن ۾ اها ڳالهه به شامل هئي ته ڪو اهڙو ماڻهو ته گورنر ڪري رکيو وڃي ها، جيڪو صحت ۽ عمر جي حساب سان منصب سان انصاف ڪرڻ جي طاقت ۽ سگهه رکندو هجي ها. پر اهو مسئلو مرڪزي سرڪار جو هئو ته اها ڪنهن تي اعتبار ڪري ٿي؟ ڇو ته ڪنهن کي گورنر رکڻ نه رکڻ جا روحاني راز اها ئي سمجهي ٿي.

    هاڻي گورنر  ڪير ٿيو ؟ ۽ ڇو ٿيو؟ اهو اسان جو مامرو ڪونه هو. پر اسان سان جيڪا ڳالهه واسطو رکي ٿي ۽ ڪم جي آهي، اها هيءَ آهي ته حالتن جي امڙ اسان کي چئي ٿي ته: ”ڇورا! توهان کي پڳ ڪو نه ٻڌرائيندا!“. ڇو ته سنڌي ٻوليءَ واري بل جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ڪشيدگي ۽ غلط فهمين کي دور ڪرڻ لاءِ اسان جي مدبرن اها روايت قائم ڪئي ته اهو عهدو اسان جي نون ڀائرن جي حوالي ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪا ان جي برعڪس مقرري ٿئي ٿي ته اها مارشل لا جي زماني ۾ هوندي يا غير معمولي حالتن ۾ ٿيندي.

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 12 feb-2016

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ڪجهه هوشياري، مٿان اچي پئي آدمشماري“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    اسان سنڌ واسين ڪيترين ڳالهين ۾ لاتعلقي ۽ عدم دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪري، پاڻ کي ڏاڍو نقصان پهچايو آهي. سڀ کان وڏو نقصان آدمشماريءَ ۾ هوشياري نه ڪرڻ ڪري برداشت ڪيو آهي. ملڪ آدمشماري ان ڪري ڪرائيندا آهن ته جيئن انهيءَ جي آڌار تي آئيندي لاءِ منصوبه بندي ڪري سگهن. ليڪن اسان وٽ آدمشماريءَ کي ڪي ڌريون پاڻ مڙهڻ ۽ مڃرائڻ جو جنگي محاذ بڻائي ڇڏينديون آهن. سنڌي ماڻهو ن ڪثرت ۾ هوندي به هر سال وڃن ٿا کٽندا ۽ اقليت ۾ تبديل ٿيندا. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اسان نه ته پاڻ آدمشماريءَ دوران ڪا دلچسپي وٺون ٿا ۽ نه وري آدمشماري ڪندڙ عملو سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل ننڍڙن ڳوٺن ۽ واهڻن تائين پهچي ٿو. نتيجو اهو ٿو نڪري ته ذري گهٽ ماڻهن جو چوٿون حصو آدمشماريءَ جي رڪارڊ کان ٻاهر رهجي وڃي ٿو.

    ڪيڏي نه ڏک ۽ تعجب جي ڳالهه آهي ته جڏهن ڪا اليڪشن ٿئي ٿي ته اميدوار ماڻهن کي جهڙوڪ قبرن مان به اٿاري اچي پولنگ اسٽيشنن تائين پهچائين ٿا، پر جڏهن قومي بچاءَ جو مامرو اچي ٿو ته اسان مان هر ڪو مونن ۾ منهن وجهي ڪنڊ وٺي ويهي رهي ٿو. ڀلي مٿان ڪات ڪهاڙا وهي وڃن، نه پنهنجي ڪنڌ جي پرواهه ۽ نه وري قوم جي پرواهه. اسان جا اهي آپگهاتي رويا ڌڻي ڄاڻي ته ڪڏهن بدلبا ۽ ڪڏهن اسان کي قوم جي حيثيت ۾ زندهه رهڻ ۽ قوم کي زندهه رکڻ جو خيال ايندو.

    هن کان اڳ 1998ع ۾ آدمشماري ٿي، ان ۾ اسان انفرادي، اجتماعي ۽ قومي طور گهربل تقاضائن جو پورائو نه ڪيو ۽ ڪن مخصوص هنڌن تي انگن اکرن کي ڏسي يقين ٿي ويو ته اهي آدمشماريءَ جا انگ اکر چالبازي جو نرالو نمونو آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ وانگر مارچ 2016ع ۾ ٿيندڙ آدمشماري به فوجي نگرانيءَ ۾ ٿيڻي آهي. هن آدمشماريءَ ۾ هر آدمشماريءَ وانگر مردم شماري به ٿيندي ۽ گهر شماري به ٿيندي. ڌيان انهيءَ ڳالهه تي ڏيڻو آهي ته نه فقط انهيءَ بابت اسان جا انگ اکر ۽ تفصيل پورا هجن، پر وڏن شهرن ۾ رهندڙ سنڌ دشمن ڌڙن کي اهو موقعو نه ملي ته جيئن اهي وڌائي چڙهائي انگ اکر  لکرائين. هن لاءِ سڄاڻ ڌريون سرڪار اڳيان اها تجويز به رکي سگهن ٿيون ته وڏن شهرن ۾ آدمشماريءَ دوران فوج ۽ آدمشماريءَ جي عملي سان گڏ ڪي آبزرور پڻ هجڻ. جيڪڏهن ڪو سياسي يا انتظامي مسئلو پيدا نه ٿئي ته سنڌ دوست سياسي نظرياتي ۽ سماجي ڌريون سرڪار کي اهڙا والنٽيئر مهيا ڪن.

    ٿيندڙ آدمشماريءَ ۾ سنڌ جو اهو به حق جڙي ٿو ته آدمشماريءَ کانپوءِ ڪڍيل نتيجن جي بنياد تي انگ اکر ڏئي اهو ٻڌايو وڃي ته سياسي، معاشي ۽ امن امان جي نالي ۾ ٻين صوبن ۽ خاطر طور تي اترين علائقن کان سنڌ ڏانهن ڪيتري لڏپلاڻ ٿي آهي؟ جنهن جي آڌار تي ڪاٿو لڳائڻ ممڪن ٿي سگهندو ته انهن جي آبادڪاريءَ ڪري سنڌ جي ذريعن وسيلن تي ڪيترو بار پيو ۽ ان ڪري بجليءَ، پاڻي، امن امان ۽ ٻين مالي وسيلن تي ڪهڙا اثرا پيا ۽ ان جو اين ايف سي ايوارڊ ۽ گڏيل ذريعن وسيلن مان پورائو ڪيو ويو يا سمورو بار سنڌ جي ڪلهن تي رکيو ويو. اين ايف سي ايوارڊ يا گڏيل ذريعن وسيلن جي ورڇ وقت سنڌ کي اهڙي خرچ ۽ مالي بار لاءِ اضافي حصي وٺڻ جو حق رسي ٿو ۽ اهو کيس هر صورت ۾ ملڻ گهرجي.

    سنڌ لساني رواداريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سنڌ واسي جيڪڏهن لساني تعصب ۾ وڪوڙيل هجن ها ته هتي هفت زبان شاعر جنم نه وٺن ها. پر آدمشماريءَ وقت اسان کي انهيءَ سچائيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جي ضمانت ڏيڻي آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي اقليتي ٻولي بڻائڻ جي ڪا سازش نه ٿئي ۽ نه وري اسان پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي ٻوليءَ واري خاني ۾ ڪا ٻي ٻولي لکي پاڻ کي اقليت بڻايون. سنڌ جي ڪيترن خاندانن ۽ گهرن ۾ ڀلي ته سرائيڪي، بلوچڪي يا بروهڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن، پر جيئن ته اهي سنڌ ۾ رهن ٿا، سنڌيءَ ۾ لکن پڙهن ٿا ۽ روزمره جي وهنوا ر۾ سنڌي ڳالهائين ٿا، ان ڪري اصولي ۽ اخلاقي تقاضا اها آهي ته اهي سنڌيءَ کي ئي ”مادري زبان“ واري خاني ۾ لکرائين ۽ ان کي ”گهر ۾ ڳالهائيندڙ چوديواري واري ٻولي“ اڳيان قربانيءَ جي ٻڪري نه بڻائين. ان ۾ ئي اسان جو اجتماعي مفاد آهي ۽ ان ۾ ئي اسان جو بچاءُ آهي. ان ڪري گهر ۾ ڳالهائيندڙ ٻولي سنڌ جي تشخص ۽ حيثيت کي مجروح نه ڪري.

    ٿيندڙ آدمشماريءَ ۾ جيڪڏهن اسان اهو محسوس ڪريون ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا ويساهه گهاتي ٿي آهي ته خالي بيان بازي ڪرڻ يا ٻن ٽن جلوسن ڪڍڻ بدران قانوني چاره گوئي جو رستو اختيار ڪيون. اهڙن مشڪوڪ نتيجن لاءِ اپيلون داخل ڪري سگهجن ٿيون ۽ ڪورٽ جا دروازا کڙڪائي سگهجن ٿا.

     هر وجهه کان ايندڙ آدمشماري سنڌ واسين جي سياسي، نظرياتي ۽ قومي تقاضائن جو وڏو امتحان آهي. ساڃاهه وند ڌرين جو ڪم آهي ته هن پلصراط تان گذرڻ وقت اهي عوام جي ڀرپور شعوري مدد ڪن، ڇو ته ٿيندڙ آدمشماري سندن قومي وجود جي انگ ۽ رنگ کي نمايان ڪندي.

     

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 12 August 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”تون جا چئين تبديلي، ان جا گهڻا انگل “

    اها انساني فطرت آهي ته هو ”حال“ ۽ ”حالتن“ مان خوش نه هوندو آهي ۽ انهن کي بدلائڻ جا ڏاڍا وڏا جتن ڪندو آهي. ايتري قدر جو انهيءَ اڻ-ڏٺي تبديليءَ لاءِ هو پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻ کان به ڪو نه ڪيٻائيندو آهي. ڪي اهڙا انفرادي ۽ اجتماعي خواب آهن، جن جي تعبير لاءِ هو هميشه حيران، سرگردان ۽ پريشان رهي ٿو.

    بهتر کان بهترين ٿيڻ جو شوق ۽ ڪا تبديلي آڻڻ جي آس جيڪڏهن منطقي طريقن سان واڳيل ناهن ته پوءِ نتيجا ڏاڍا ڀيانڪ ۽ تباهه ڪن ئي نڪرندا. ڇا اها تبديلي انهيءَ سوچ ۽ لوچ جو نالو آهي ته دنيا جهان کي ته بدلائجي، پر پنهنجي اندر ۽ ٻاهر ۾ ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چگهه واري صورتحال هجي! هن خفت ۾ ماڻهو ٻين جو هٿ ٺوڪيو هادي ۽ رهبر ٿئي ٿو، پر پنهنجو منڪر ۽ ويري بڻجي وڃي ٿو. هن ئي موڙ تي ”نظرياتي مبلغ“ ٺيڪيدار بڻجي، بلڪه ڪمدار بڻجي قوم جي نظرياتي تشخص ۽ اجتماعي سوچ کي ڇيهو رسائيندا آهن ۽ بلڪه داعش يا طالبان جو ڪردار ادا ڪندا آهن. پوءِ اهي، ماڻهو سڌارڻ بدران ماڻهو مارڻ کي ئي عين ثواب ۽ زندگيءَ جو مقصد بڻائي ڇڏيندا آهن.

    ان ڪري ڪنهن به تبديليءَ جو بنيادي شرط اهو آهي ته پهريون اها تبديلي پاڻ ۾ اچي ۽ اها تبديلي اسان کي ٻين اڳيان کليو ڪتاب بڻائي ڇڏي ته جيئن ماڻهو ان کي پڙهي پرجهي سگهن ۽ اتساهه وٺي سگهن. ايئن ئي تبديليءَ جي آس ٻين جي من ۾ واسو ڪري سگهي ٿي.

    تبديليءَ جو ٻيو شرط اهو آهي ته اها وقت ۽ حالتن مان ڦٽي نڪري ۽ انهيءَ حوالي سان دلين خواهه ذهنن جي زمين ۾ اهڙو ٻج ڇٽيو وڃي. هن کي ٻين لفظن ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته زميني حقائق کي سمجهڻ ۽ انهن جي برعڪس سوچڻ ۽ لوچڻ سان تبديليءَ جو رستو ته روڪي سگهجي ٿو، ليڪن ان کي منطقي نتيجي طرف وڌائي نه ٿو سگهجي. ان ڪري جيڪو زميني حقائق کي نه ٿو مڃي ۽ سمجهي، ان ۾ معامله فهمي جي صلاحيت گهٽ آهي ۽ هن جي سوچ ۽ لوچ جا مقصد ۽ مرادون هن لاءِ نقصانڪار ۽ ٻين لاءِ هاڃيڪار بڻجي ويندا. مثال طور منجهند ٽاڪ جو جڏهن نٽهڻ اس ۾ ڪانوءَ جي اک به نڪرندي هجي، اسان سج کي لاهي يا رات کي آڻي نه ٿا سگهون. ان لاءِ اسان کي انتظار ڪرڻو پوندو يا ڌرتتيءَ وقت پاڻ کي بچائڻو پوندو. ان ڪري ڪنهن به تبديلي لاءِ اوس ئي وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو ڇو ته وقت کي پاڻ بدلائي نه ٿا سگهون، البته حالتون بدلائي سگهبيون، جيئن ڌرتتيءَ جو پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اها ڪوشش جهڙوڪ حالتون بدلائڻ برابر آهي.

    اهي دوست جيڪي ڪا سياسي، سماجي يا نظرياتي تبديلي آڻڻ لاءِ آتا آهن، انهن کي اڳ ۾ حالتون بدلائڻ جا جتن ڪرڻا پوندا ۽ حقيقتن، يا چئجي ته زميني حقائق کي نظرانداز ڪرڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو. اهڙيءَ ريت اجتماعي تبديلين آڻڻ لاءِ اجتماعي ذهنن ۽ زبانن، عملن ۽ روين جي زمين تي هڪ جاکوڙي هاريءَ جيان ڪم ڪرڻو پوندو.

    جيڪڏهن آئون ڪا تبديلي چاهيان ٿو ته ان جو اهو مطلب به مون کي وٺڻ نه گهرجي ته هر ڪو اکيون ٻوٽي اها ۽ اهڙي تبديلي چاهيندو ۽ گهرندو هوندو. ڇو ته انسان هڪ ئي وقت شاندارماضيءَ جي يادن ۽ حال جي صورتحال کان تڪڙو پاڻ آزاد ڪري نه سگهندو آهي. ان ڪري ماضيءَ ۾ مگن ۽ حال ۾ مست ماڻهو مستقبل، يعني تبديليءَ کي تڪڙو قبول ڪو نه ڪندا آهن.

    اسان مان جيڪو ڪنهن نه ڪنهن ”تبديليءَ“ لاءِ سوچي ۽ لوچي ٿو، ان کي اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته هن جي خاندان ۽ هن جي قوم مان وڏي اڪثريت ماضيءَ سان محبت ۽ حال سان نسبت ڪري ڪنهن اهڙيءَ تبديليءَ کي قبول نه ڪندي، جنهن ۾ ان کي اهڙيءَ تبديليءَ ۾ ڪا ماضيءَ جي جهلڪ يا حال جي خوشبوءِ نه ٿي ملي. انهن ۽ ايترن ماڻهن جي مخالفت سان گڏوگڏ زميني حقيقتون پڻ ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن تبديليءَ کي تڪڙو قبول ڪو نه ڪنديون آهن، بلڪه ان جي شدت سان مخالفت ڪنديون آهن.

    اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ تبديليءَ لاءِ سوچيندڙن ۽ لوچيندڙن کي پنهنجي حڪمت عملين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، پاڻ کي تبديليءَ جو کليو ڪتاب بڻائڻو پوندو. ٻيءَ صورت ۾ فقط نعرن تي گذارو ڪرڻو پوندو.

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 11 March-2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”ادبي دهشتگرديءَ جا انوکا اسرار“

     

    چوندا آهن ته ”نانءَ چڙهيو چور ڦاهيءَ چڙهي ۽ نانءَ چڙهيو واپاري کٽيو کائي“. انهيءَ مصداق اسان جي قلمي جهاد ۾ اڳ پير ۽ وڏيرو نشانو بڻيو. ليڪن انهن کي نشانو بڻائيندي اسان پنهنجي اندر ۾ پير ۽ وڏيري جهڙا انسان پيدا ڪري ورتا. اهڙيءَ ريت هاڻي طالبان ۽ داعش وري حاڪمن ۽ عالمن قلم-ڌڻين جي نشاني تي آهن پر ان سان گڏ پنهنجي وجود ۾ اسان طالبان ۽ داعش به پيدا ڪندا پيا وڃون. نه ته اسان مان ڪيترا جيءَ ۾ جهاتي پائي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ پيرن وڏيرن ۽ طالبان يا داعش تي ڪڙي نظر رکن ٿا، ۽ نه وري ڪو انهيءَ ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته حالتن ۽ مفادن جي حمام خاني ۾ اسان سمورن جي حيثيت ۽ حالت هڪ جهڙي آهي. پوءِ اتي ڪو پير هجي يا امير، وڏيرو هجي يا ننڍيرو، شريف هجي يا بدمعاش.

    دراصل اهو سڀ ڪجهه انساني فطرت ۽ ماحول جو رنگ آهي، جن ۾ اسان جون سوچون ۽ لوچون، نظريا ۽ قدر روپ وٺن ٿا. اقتدار ملندو ته ڪيترا ماڻهو مٽجي ويندا، دولت ملندي ته ڪيتريون دليون مٽجي وينديون ۽ لالچ يا طمع جي تانگهه ٿيندي ته نظريا ۽ قدر مٽجي ويندا. اسان ماحول ئي اهڙي ۾ رهون ٿا، جيڪو اسان کي ته مٽائي ڇڏي ٿو، پر اسان مان ڪو آهي جو ماحول مٽائڻ لاءِ هٿ پير هڻي ٿو.

    تعليم ۽ ادب هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. ٻنهي جو ڪم ساڳيو آهي. تعليم انسان کي پڙهڻ پرجهڻ سيکاري ٿي ۽ وڌيڪ علم خواهه شعور جڏهن ضرورت بڻجي پون ٿا ته ادب ان جو پورائو ڪري ٿو. ان ڪري تعليم، علم ۽ ادب هڪ ئي تسلسل جي مالها جا موتي آهن. انهن جو انسان سان ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين رشتو آهي. پر اسان انهيءَ تسلسل کي ڄمڻ کان مرڻ تائين رکڻ  ۽ قبول ڪرڻ بدران ٻه اکر پڙهي ايترا ته عالم، عاقل ۽ فاضل بڻجي ويندا آهيون، جو وڌيڪ سکڻ، ٻڌڻ ۽ پڙهڻ بدران ٻين کي ٻڌائڻ، سيکارڻ ۽ پڙهائڻ جا ٺيڪيدار بڻجي ويندا آهيون. انهيءَ ٺيڪيداريءَ جي خفت ۾ اسان انهيءَ منزل تي وڃي پهچندا آهيون، جتي ڏينهن ۽ رات، عيب ۽ ثواب جا فرق مٽجي ويندا آهن.

    ”هڪ هٽي“ فقط اقتصادي اصطلاح ڪونهي، پر جيئن اقتصاديات تي ان جا منفي اثر پون ٿا، تيئن اها ”هڪ هٽي“ معاشري ۾ سياست ۾، علم ادب ۾، ادارن ۾ به ڀينگ ڪرڻ جا اثر وجهي ٿي. ڇا اسان ڪڏهن انهيءَ ڳالهه ڏانهن به توجهه ڪيو آهي ته اسان جي ادبي، سماجي ۽ سياسي ادارن جي اڪثريت کي ”هڪ هٽيءَ“ جي بي پاڙي ول ڪيئن ۽ ڇو وڪوڙي وئي آهي؟ اسان انهيءَ سان نئين نسل، نئين رت ۽ نئين هوا جا دروازا بند ڇو ٿا ڪريون. اهو ڇو نه ٿا سوچيون ته اها هڪ هٽي سياست ۾ آهي ته آمريت کي جنم ڏئي ٿي، مذهب ۾ آهي ته طالبان ۽ داعش کي جنم ڏئي ٿي ۽ سماج ۾ آهي ته پيرن ۽ وڏيرن کي پيدا ڪري ٿي، صنعت ۽ واپار ۾ آهي ته سرمائيدارن کي جنم ڏئي ٿي، اها  علمي ۽ ادبي ادارن ۽ تنظيمن ۾ هوندي ته ڪوڙ ۽ مفادن تي ٻڌل نظرين ۽ قدرن کي جنم ڏيندي.

    جيڪڏهن ڪو اها ڳالهه نه ٿو مڃي ته اها ”هڪ هٽي“ اسان جي عملي ۽ ادبي ادارن خواهه جماعتن ۾ ڪانهي، ته پوءِ اهڙي انڪار کان انڪار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪهڙو چارو رستو رهي ٿو؟ سچ ته اهو آهي ته انهيءَ ”هڪ هٽي“ ڪارڻ اسان ادبي دنيا ۾ آمريت ۽ دهشتگرديءَ جو ٻج ڇٽيون ٿا.

    ادبي ادارن ۽ تنظيمن جا اڳواڻ ساڳيا، ادبي ۽ ثقافتي ميڙاڪن ۽ سيمينارن ۾ چهرا ساڳيا، ٽي وي تي مذاڪرن ۽ مباحثن ۾ مهانڊا ساڳيا! ڇا سنڌ جي فقط اها ئي دانش آهي ۽ اسان جي اها ئي دانشمندي آهي. سچ ته اهو آهي ته اها دانشمندي نه پر دهشتگردي ۽ آمريت آهي.

    سنڌي ادب ۾ انهيءَ دهشتگرديءَ ۽ آمريت کوڙ سارا انوکا مثال قائم ڪيا آهن. سچ يا ڪوڙ، چوندا آهن ته اتر سنڌ جو هڪ شاعر جڏهن مشاعرن ۾ ويندو هئو ته پاڻ سان گڏ هٿيارن پنهوارن وارا ماڻهون به وٺي ويندو هو. مجال جو مون پارو ماڻهو هن کي سندس شاعريءَ تي داد نه ڏئي يا شاعريءَ جي ڪنهن اوڻائي جي نشاندهي ڪري.

    مون پاڻ ايترا ڪتاب-ڌڻي ليکڪ ڏٺا، جن ڏاڍ، مڙسيءَ جي ڏڍ تي پنهنجي ڪتابن لاءِ مقدما ۽ تعارف لکرايا. دڙڪا ۽ ڌهمان ٻڌي ڊڄي ڪتاب جي مسودي پڙهڻ کانسواءِ مون به هڪ اڌ ڪتاب جا تعارف لکيا، پنهنجي باقي عزت به بچائي ۽ همراهه جو نالو به روشن ڪيو. ڪيترا اديب شاعر موبائيل ذريعي ڄمڻ جي تاريخ لکي موڪليندا آهن ته اها مان اخبارن ۾ ڏيان. انهيءَ اوپري ماڻهوءَ جي اڌوري معلومات تي ٻڌل ڄمڻ جي تاريخ جڏهن اخبار ۾ نه ايندي آهي ته پوءِ اهڙيون ست سريون ٻڌائيندا آهن،جيڪي منهنجي فرشتن به ڪو نه ٻڌيون هونديون.

    انهن روين، انهن ”هڪ هٽين“ ۽ اهڙين دهشتگرديءَ جي روايتن کي بدلائڻ جي ضرورت آهي. اسان جيڪڏهن ائين نه ٿا ڪريون ته پوءِ جهڙوڪ پڙهندڙن ۽ عوام تي اهو ڪجهه نظرياتي بار وجهون ٿا، جيڪو هنن جون واٽون ويهه ته ڪري سگهي ٿو، ليڪن اجتماعي مفاد ۽ اجتماعي روشن مستقبل جي نويد ٿي نه ٿو سگهي.

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 11 JULY-2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”مئن مٿان مامرا، هيئن نه وجهجن هوت “

    زندگي ۽ موت سچائيءَ جي سڪي جا ٻه پاسا آهن ۽ ڪنهن به پاسي کي خالي رهڻو ڪونهي، جيڪو گهڻو ٺهيو آهي سو اوس ئي ڊهي. ان ڪري سياڻن چيو آهي ته ”مرڻو ناهي ميار، پرڻو ناهي گار“. هن فاني دنيا ڏاڏي آدم کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين بيشمار انسان ڏٺا ۽ هر ڪو پنهنجو وارو وڄائي ويو. اهو سلسلو تيستائين قائم رهندو جيستائين دنيا قائم آهي.

    ماڻهو ڄمندا به رهندا ته مرندا به رهندا. پر انهن واقعن تي ردعمل قومن جي نفسيات جي تصوير چٽيندا آهن. مشرقي ملڪن ۾ انسان دوستي ڪنهن حد تائين وڌي وڃي انسان پرستي بڻجي پوي ٿي. اهو انسان جو ڪمال آهي جو پاڻ جهڙي انسان کي پنهنجي محبت ۽ عقيدت سان ايترو ته مٿي کڻي وڃي ٿو جو هن جي انهيءَ آدرش جو جيڪو نانءُ وٺي، تنهن جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ کان به نٿو لهرائي. آدرش ۽ اڳواڻ هادي ۽ رهبر ڇڙوڇڙ ٿيل قوم کي ايڪي ۽ اتحاد جي مالها ۾ موتين جا پوئيندا آهن ۽ نظرياتي خواهه فڪري تربيت ڪندا آهن. پر جيڪڏهن اها آدرش دوستي آدرش پرستيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ته پوءِ غلاميءَ جو نئون زنجير ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ بڻائي وڌو وڃي ٿو. اسان وٽ تقريبن ائين ئي ٿئي ٿو. نتيجي طور شخصيتون ۽ آدرش اڳتي وڌي وڃن ٿا ۽ نظريا خواهه اصول نظرانداز ٿي وڃن ٿا. آدرش پرستي جا شائق اهو وساري ويهن ٿا ته آدرش به انسان ٿيندا آهن ۽ اهي بي مثال خدمتن خواهن خوبين باوجود ڪڏهن نه ڪڏهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن غلطيءَ جا مرتڪب به ٿيندا آهن. ان ڪري آدرشن کي انسان طور ئي پيش ڪجي۽ نه ڪي مافوق الفطرت هستي ۽ گناهن غلطين کان پاڪ سمجهيو وڃي. جيڪڏهن آدرش پرستيءَ يا آدرش پرچاريءَ کي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ، گروهه بندي ڪرڻ ۽ ماڻهن جو احساساتي استحصال ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو ته قوم کي جهڙوڪ چاڪيءَ جي ڏاند وانگر گهاڻي جي چوڌاري ڦيرايو ويندو ۽ ان کي منزل طرف وڌڻ جو موقعو ئي نه ملندو.

    اسان آدرش پرچاريءَ ۾ وڏيون غلطيون ڪري رهيا آهيون، جيڪي اڳتي هلي اسان جي اجتماعي روشن مستقبل کي اونداهون ڪري ڇڏينديون. هيءُ ڪٿان جو انصاف آهي ته اسان ساڳئي ئي سوچ ۽ محبت سان پنهنجي آدرشن يا لٽيرن کي هڪ ئي قطار ۾ آڻي بيهاريون. اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس ڌيءَ شهيد راڻي جي مزار تي به پڙ پون ٿا، ته اهڙيءَ ريت مخدوم بلاول جي مزار ۽ پرو چانڊئي جي قبر تي به پڙ پون ٿا. انهن سمورين شخصيتن جي حيثيت الڳ الڳ آهي. شهيد ڀٽو ۽ سندس نياڻي سياستدان هئا، مخدوم بلاول وطن دوست ديني عالم هو ۽ پرو چانڊيو هڪ ڌاڙيل هو. جڏهن اسان جي دور ۾ به پڙن پوڻ جو اهو رواج موجود آهي ته صديون پوءِ پرو چانڊيو پڻ اسان لاءِ هڪ وڏو پير فقير بڻجي ويندو. اسان کي پنهنجن اهڙن روين ۽ اهڙي آدرش پرستيءَ تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن پاڻ ائين نه ڪيو ته پوءِ تاريخ جي غلط روايت قائم ٿي ويندي ۽ ڪيترا رهزن اسان جا رهبر ڄاتا ويندا ۽ ڪيترن رهبرن جو پنڊيءَ تي به نالو ڪو نه هوندو.

    مون فقط چند نالا مثال طور پيش ڪيا آهن. جڏهن ته سياسي شعبي ۾ اسان آدرشن کي ائين ٿا مڃون ۽ مٿي تي کڻون جيئن انهن کي اسان جو پڪو دين ايمان هجي. هر ڪنهن کي حق آهي ته پنهنجي سياسي هادي ۽ رهبر کي دل جي حضور سان مڃي، پر اهو ڪنهن کي به حق نٿو رسي ته پنهنجي آدرش کي ٻين مٿان زوري ۽ زبردستي مڙهيو وڃي. اسان کي پنهنجي آدرشن جي دل جي گهرائين سان تعريف ڪرڻ گهرجي، پر ان جو اهو مطلب نه هجڻ گهرجي ته ٻئي ڪنهن جي آدرش جي توهين يا تذليل ڪئي وڃي.

    اسان مئن توڙي زندهه آدرشن سان حقيقت ۾ انصاف نه ڪيو آهي. اسان اهڙي قوم بڻجي ويا آهيون، جنهن کي زندگيءَ جي بدران موت ڏاڍو وڻي ٿو. شل نه ڪو آدرشي انسان مري، پوءِ اسان جو جهڙوڪ مڪو مچي ويو. سندس موت تي قلم اڀا ٿي ويندا، يادگيريون لکجڻ شروع ٿي وينديون ۽ اکين مان ائين ڳوڙها وهندا ڄڻ ته مري ويل اسان کانسواءِ ماني نه کائيندو هو يا اسان ان کان هڪ پل به پري نه هئاسين. ان جو موت اسان جو موضوع بڻجي پوندو، پوءِ اسان ڳالهين جا ڳهير اهڙا ته داستان ڇيڙينداسين جو توبه نعوذ بالله جو ملڪ الموت به پريشان ٿي ويندو ته هن ڪيڏو نه ڪيس ڪيو آهي. پر اسان جي روين کي ڪو به باريڪ بينيءَ سان ويهي ڏسي ته صورتحال ئي نئين اڳيان اڀري ايندي. مثال طور نامور سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي گذاري ويو ۽ اسان کيس گارڊ آف آنر ۽ 21 توپن جي سلاميءَ سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو. اهو اعزاز  قائداعظم کي مليو ۽ ان کانپوءِ ضياءَ الحق جي مداحن به اهڙو موقعو هٿان نه وڃايو ۽ ٽيون عبدالستار ايڌي هو، جنهن کي اهڙيءَ ريت اعزاز سان دفنايو ويو.

    هاڻي سوچڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته عبدالستار ايڌيءَ جيان ڊاڪٽر اديب رضوي، ڊاڪٽر صالح ميمڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا ماڻهو اسان جي محبتن جي مينارن برابر آهن. عبدالستار ايڌيءَ جي جنازي نماز پڙهڻ وقت ڊاڪٽر اديب رضوي به موجود هئو، پر ان تي ڪنهن جي به نظر ڪا نه ٻڏي، هو پهرينءَ صف ۾ ڪو نه هو پر ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي هڪ عظيم انسان کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيو هو. هن جي موجودگي ڪو معمولي واقعو نه هو پر هن کي ته ان وقت ڪنهن وي آءِ پي ٽريٽمينٽ ڪو نه ڏنو ۽ ڪنهن نگاهه کڻي به ڪو نه ڏٺس، پوءِ هي ڪٿان جو انصاف چئبو ٿه اسان زندهه آدرشن کي کيڪاريون به ڪو نه ۽ اهو انتظار ڪيون ته ڪو مري پوءِ اسان جي محبت ۽ عقيدت جا رنگ ڏسي. اسان معاشري ۾ وڏ ماڻهپ جي منزل ماڻڻ ۽ مئي کانپوءِ پنهنجي قبرن تي پڙ چاڙهڻ لاءِ موت کي جهڙوڪ لازمي شرط بڻائي ڇڏيو آهي. اسان کي جهڙوڪ آدرشن جي موت جو انتظار هوندو آهي ۽ زندگي يا زندهه آدرشن سان تر جيترو به واسطو نه رهندو آهي. هيءُ ڪٿان جو انصاف آهي ۽ هيءُ ڪهڙي حڪمت عملي آهي ته موت تي جشن جهڙو سماءُ پيدا ڪيون ۽ حياتيءَ تي موت جهڙي خاموشي اختيار ڪيون. زندهه آدرشن جو جيڪا قوم قدر نٿي ڪري، اها مري ويلن آدرشن تي مانگر مڇ وارا ڳوڙها ڳاڙي ٿي. هاڻي اسان کي اهي روايتون ختم ڪرڻ گهرجن. اسان مري ويلن سان وڏو آزار ڪيو آهي. انهن جي قدرن ۽ نظرين کي ڪوشش ڪري پنهنجي مفادن ۽ مقصدن طور ٽوڙي ۽ مروڙي پيش ڪيون ٿا، هنن جي نانءُ کي مصيبت بڻائي ٻين جي ذهنن ۽ نظرين کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ ڪتب آڻيون ٿا. اڄ جي لطيف زندهه هجي ها ته هن کي اسان جي افعالن ۽ روين تي وري ڪي نوان داستان لکڻا پون ها. اڄ جي سچل زندهه هجي ها ته هو حيران ٿي وڃي ها ته هن جي تصوف جي اسان ڪهڙي نه تشريح ڪري رهيا آهيون. اڄ جيڪڏهن سامي زندهه هجي ها ته هوند به هو ويدن جي واڻيءَ سان ٿيندڙ زيادتي تي روئي پوي ها. اسان کي دودي سومري، مخدوم بلاول، هوشوءَ، هيمون، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، شهيد راڻي، سائين جي ايم سيد تان جو ويندي عبدالستار ايڌي جهڙن آدرشن جي نظرين ۽ قدرن جي تبليغ تي زور ڏيڻ گهرجي، ڇو ته ان ۾ ئي اسان جي نظرياتي ڀلائي آهي. باقي جيڪڏهن ڪنهن گذاري ويل شخصيت کي اکيون ٻوٽي قبول ڪرڻ لاءِ پير فقير بڻايو ويو يا سندس مزار تي پڙ چاڙيا ويا ته اها آدرش پرستي به چئبي ته پر آدرش پرچاري ڪا نه چئبي.

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 11 January-2016

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”هي سور، جي ساجن! تنهنجي سماج ۾“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     

    جڏهن جنت جي شوق ۾ ماڻهن جي حياتي کي دوزخ بڻايو وڃي، جڏهن خدمت جي نالي ۾ ماڻهن کي بي قوف بڻايو وڃي ۽ جڏهن رهبريءَ جي نالي ۾ رهزني ڪئي وڃي، تڏهن سماجي مفڪرن کي وڏي باريڪ بينيءَ سان سوچڻ ۽ لوچڻ گهرجي. اهي ارهه زورايون ۽ ارڏايون جڏهن وڏي پئماني تي نظر اچن ته اهو وساري نه ويهجي ته انهن اوڳڻن عوام جي دلين ۾ به جن وانگر واسو ڪيو آهي.

    جڏهن ههڙي انسان-دشمن صورتحال پيدا ٿئي ته ان جي مذمت ڪرڻ به گهرجي. اسان فقط انهن جي مذمت ڪيون ٿا، جيڪي سياسي، نظرياتي ۽ سماجي افق تي اڳواڻن جي روپ ۾ چنڊ ستارن جي حيثيت ۾ نظر اچن ٿا. پر اهو وساري ويهون ٿا ته انهيءَ وبا اسان کي ۽ عوام کي ڪيتري قدر نرغي ۾ ورتو آهي؟ اسان جي اندر ۾ ڪيترا پير ۽ وڏيرا موجود آهن، جيڪي روزمره جي زندگيءَ ۾ اسان کان به اهي ڪڌا ڪرتوت ڪرائين ٿا، جيڪي اسان جا نام نهاد اڳواڻ ۽ رهبر ديناداستي ۽ دليريءَ سان ڪن ٿا. فرق اهو آهي ته اسان جا اڳواڻ اهو ظاهر ظهور ڪن ٿا ۽ اسان انهن کي عام رواجي عمل طور ڪنهن نظرياتي هٻڪ ۽ رنڊڪ کانسواءِ نه محسوس ڪندڙ انداز سان ڪيون ٿا، صورتحال کي ٻن ٽن لفظن ۾ بيان ڪبو ته ائين چئبو ته ”جهڙو راجا، تهڙي پرجا“، يا ”جهڙا روح تهڙا ختما“. ڪي صفا ڪارا ته ڪي پڇ-ڪارا.”جت پنهونءَ جا ڀائر“هتي استحصالي حالتن ۾ ننڍيرن وڏيرن ۽ غريبن اميرن ۽ پيرن مريدن جا سوچن ۽ لوچن جي حوالي سان فرق ئي مٽجي وڃن ٿا.

    اهڙيءَ صورتحال ۾ ماڻهن ۽ معاشرن ۾ غلطيءَ ۽ گناهه ڪرڻ، لٽڻ ۽ لٽجڻ تي سمجهوتي واري سوچ پيدا ٿي پوندي آهي. ماڻهو ٻئي کي برو ڀلو ڪيئن چوندو، جيڪو پاڻ اهڙي چڪڻ مان چڙهي نه سگهيو آهي؟ اهو ماڻهو ڪيئن حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندو، جيڪو پاڻ مفادن، مطلبن ۽ غرضن جي ور چڙهيل آهي؟ ان ڪري سماجي مفڪرن جو اهو ڪم بڻجي ٿو ته هو ماڻهن جي ذهني ۽ فڪري مطالعو ڪري، ان جي روشنيءَ ۾ مثبت تربيت ڪن ۽ اسان جهڙن ماڻهن جا فڪري خواهه نظرياتي قبلا درست ڪن. جهڙيءَ ريت معاشي ۽ اقتصادي طور تي اسان ماڻهن کي ”مٿئين“، ”وچولي“ ۽ ”هيٺيئن“ طبقن ۾ ورهائيندا آهيون، اهڙيءَ طرح نظرياتي ۽ سماجي طور تي به ماڻهن جي تقسيم ان ريت ئي ٿيندي. ”هيٺيئون طبقو“ نظرياتي هجي، معاشي طور تي هجي يا سماجي طور تي هجي، اهو سادو به آهي ۽ سچو به آهي. هن کي ”مقدر“ جي مهر هڻي هڪ خاص  ۽ مخصوص ايجنڊا تي هلڻ جو پابند رکيو ۽ بڻايو ويو آهي. هن جو نالو، هن جو نظريو، مذهب ۽ قوميت هن لاءِ اڳ ئي مقرر ڪيل هوندا آهن ۽ هن کي انهيءَ دائري مان نڪرڻو ئي ڪو نهي.  هن جي سوچ ۽ لوچ اڳيان ”مقدر“ واري اهڙي ته چين جي ديوار جوڙيل هوندي آهي، جو ان کي هو ٽوڙي ئي نه ٿو سگهي.

    معاشرن ۾ تبديلي آڻڻ ۾ وڏي رڪاوٽ ”وچيئون“ طبقو ٿي  ٿيندو آهي. پوءِ اهو معاشي شعبي جو هجي يا نظرياتي شعبي جو هجي، هن کي ”مٿيئن طبقي“ ۾ شامل ٿيڻ جو خفت ڏوهن، ڊوهن ۽ سمجهوتن جي سمورن پيچرن تان گهمائي ٿو. سندس ڄاڻ سڃاڻ اها هوندي ته ماڻهن کي مجبور ڪندو، عوام جو رت چوسيندو ليڪن سڌو سنئون پنهنجي نالي سان نه پر ڪنهن نه ڪنهن کي ڇپر ۽ ڇانوءَ بڻائيندو، ڪٿي منشي ٿيندو ته ڪٿي ڪمدار ٿيندو، ڪٿي نظرياتي مبلغ ٿيندو ته ڪٿي ڪنهن نظرياتي ڌر جي خلافت ڪندو. زبان هن جي هوندي پر آواز ڪنهن ٻئي جو نڪرندس، ذهن ته هن جو هوندو پر ڪو ٻيو مشين ۽ پرزي طور استعمال ڪندس، سوچ ۽ لوچ ڏٺي وائٺي ته سندس هوندي پر ڪنهن ٻئي جي وڪالت ۽ وضاحت ڪندو، پوءِ اهو ڪو نظريو هجي يا شخصيت. هو ان لاءِ سماج ۾ طالبان ۽ داعش جهڙو ڪردار پيو ادا ڪندو.

     اهو نظرياتي، ذهني، معاشي ۽ اقتصادي وچئون طبقو ئي اسان جي ذهني ۽ فڪري آزاديءَ جو ويري رهيو آهي. انهيءَ ئي اسان جي سماجي حيثيت ۽ حقن تي ڌاڙا هنيا ۽ هڻايا آهن. اسان کي انهيءَ وچئين طبقي جي سوچن ۽ لوچن جا قبلا درست ڪرڻا آهن ۽ سماج جي انهيءَ سور ۽ ناسور کي ختم ڪرڻ جو تدارڪ ڪرڻو آهي. اها اسان جي سماجي مفڪرن لاءِ ايجنڊا آهي.

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 09 January 2017

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”مَ ڪي روءُ نه رڙ، نه ڪي ڪر دانهون“

    پنهنجي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ميدانن ۾ قائم ٿيل هڪ هٽين ۽ نانيءَ ويڙهن کي ڏسي، ڪيترن ڏات-ڌڻين تي جهڙوڪ ڏکن جا ڏونگر ڪري پون ٿا. بلاشڪ انهيءَ ڪري جو ڏات کي ڏانوڻ وڌا وڃن ٿا ۽ عوام کي علم، عقل ۽ دانش جو اهو دڳ ڏيکاريو ۽ وٺرايو وڃي ٿو، جيڪو وس وارن جي مرضيءَ مطابق آهي. جڏهن ڪانفرنسن ۾  ڪن خاص ۽ مخصوص ماڻهن کي ور ور ڏئي گهرايو ويندو، جڏهن ٽي وي اسڪرينن کي ساڳين چهرن سان لتاڙيو ويندو، جڏهن اخبارن ۽ رسالن ۾ هڪڙا هڻڻ وارا ۽ ٻيا کڻڻ وارا گروهي ثنا خواني ۽ حريفن جي پٽڪي ڊاهڻ لاءِ قلم کي ڪات ڪهاڙي وانگر تکو ڪيون ويٺا هوندا، ۽ جڏهن ڪي سرڪاري يا درٻاري ادارا جُڙن ۽ ڪاميٽيون ٺهن ته ان ۾ من پسند ماڻهن کي رکيو ۽ ٿاڦيو وڃي ته پوءِ عوام کي اجتماعي ۽ قومي حڪمت ۽ ڏاهپ جا ڏس ڪيئن ملندا ۽ ڇو ملندا؟

    اهڙيءَ صورتحال اسان کي ڏاهپ، دانش ۽ فڪر جي حوالي سان ڏيوالي ڪڍڻ واري نوبت تي آڻي پهچايو آهي. ماڻهن کي جهڙوڪ هٿ-ٺوڪيو ۽ من- پسند سچ ٻڌايو وڃي ٿو ۽ عوام تي اڌورا ۽ اڻپورا عالم، دانشور ۽ مُدبر ٿاڦيا ۽ مسلط ڪيا وڃن ٿا. سچ اهو ڪونهي جيڪو ڪنهن ريڊيو اسٽيشن يا ٽي وي چئنل تان ٻڌو وڃي، اهو به سورنهن آنا سچ ڪونهي جيڪو اسان اخبارن ۽ رسالن ۾ پڙهون ٿا. سچ ته دکي عوام جي چهرن تي لکيل آهي. سچ ته اهو آهي، جيڪو مظلوم ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي چوواٽن تي ٿيل ميڙن ۾ موجود آهي. مصيبتن جا ڪڪر ڏسڻا هجن ته ڪنهن دفتر يا اسپتال جو وڃي در وٺجي. اهو ئي سچ آهي جيڪو سنڌ جي سينڌ ۾ سندُور بدران سور وانگر وڌو وڃي ٿو.

    اسان وٽ  سچ ٻڌائڻ ۽ ونڊڻ، ڏاهپ ورهائڻ ۽ عام ڪرڻ تي جيڪي هڪ هٽيون قائم ٿيل آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪي لائق ۽ فائق ماڻهو نظرانداز ڪيا وڃن ٿا، مسئلو انهن جي نظرانداز ٿيڻ جو نه آهي. بلڪه مسئلو اهو آهي ته استحصال ۽ مسلط پذيريءَ جي انهيءَ مامري کي ڪيئن ۽ ڪيترو وائکو ڪجي ۽ ان جو تدارڪ ڪيئن ڪجي.

    جيڪي ماڻهون اهليت، لياقت ۽ صلاحيت جي ڏڍ بدران پارت، سفارش يا رشوت  جي ذريعي ڪا ڪليدي ڪرسي ماڻن ٿا، انهن کي پنهنجي عيبن لڪائڻ ۽ ڪرسيءَ بچائڻ لاءِ هڪ هٽيءَ ۽ ارهه زورائيءَ جي نظام ۾ ئي پناهه وٺڻي پئي ٿي ۽ ادارتي سياست مان فائدو وٺڻو پئي ٿو. اهي جيڪڏهن باصلاحيت ماڻهن کي پري نه رکندا ته پنهنجا پير پختا ڪري نه سگهندا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان جا ادارا غير فعال بڻجي وڃن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ادارن ۽ تنظيمن جي ڪرسيءَ تي ويٺل ماڻهو عهدي رتبي کي مرڻ مارڻ کانسواءِ ڇڏڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن.

    سنڌ جي ادارن ۽ تنظيمن تي اها صورتحال سالن کان طاري آهي. پر جڏهن باصلاحيت ماڻهو پاڻ کي نظرانداز ٿيندي ڏسي آهون ۽ دانهون ڪرڻ شروع ڪن ته پوءِ عوام جو ڇا ٿيندو؟ باصلاحيت ماڻهن کي ته فقط موقعا نه ٿا ملن، پر عوام کي ته سچ ۽ صداقت، ڏات ۽ ڏاهپ کان محروم رکيو وڃي ٿو. حق ته اهو آهي ته انهن جي حقن جي ڳالهه ڪجي ۽ نه ڪي پنهنجي محرومين ۽ مجبورين جي.

    مون پنهنجي حياتيءَ ۾ اهڙا انوکا ۽ عجيب رنگ ڏٺا آهن. لطيف ۽ سچل جي ڪانفرسن جي موقعن تي مون کي تاڙين وڄائڻ لاءِ دعوت ناما ملندا آهن. ڪن اهم سرڪاري لرينڊ باڊيز جو ميمبر آهيان، پر انهن جي اڪثر گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪو سڏ به ڪو نه ملندو آهي. ٽن چئن سالن کان هڪ اهم ادبي اداري جو  ميمبر آهيان. ڪڏهن ڪنهن شايع ٿيل ڪتاب يا رسالي جي ڀل ۾ به اعزازي ڪاپي ڪا نه ملندي آهي. ڪراچيءَ ۾ جهڙوڪ آرٽس ڪائونسل ۽  ٻين سرڪاري يا درٻاري ادارن سان ورو وري تي آهي. انهن طرفان ذري گهٽ روزانو فنڪشن  ٿين ٿا ۽ ڪانفرسن جو انعقاد ٿئي ٿو. اهي همراهه ته تاڙين وڄائڻ لاءِ به ڪو نه گهرائيندا آهن. اهڙيءَ صورتحال ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪانفرسن ۾ ڪير سڏائيندو ۽ گهرائيندو.

    پر پنهنجا سور پٽڻ سان سنڌ جي ۽ سنڌي عوام جي سورن جي مذڪور ۾ ڪهڙي ڪمي ايندي. مسئلو ماروئڙن جو آهي ۽ آزار نظام جو آهي. عوام تان آزار پوءِ ڪيئن لهندو جو هنن لاءِ ادي مري پئي ته ادو ڄمي پئي. سياست ڏي منهن ڪن ته کين ساڳيا چهرا مٿي ۾ لڳين. ٽي وي  ڏسن ته ساڳيان مهانڊن جو منهن ڏسن، اخبارون ۽ رسالا پڙهن ته انهن ئي ساڳين ماڻهن جا مقالا ۽ مضمون پڙهن ۽ جيڪڏهن ڪانفرنسون ٿين ته هر دفعي ساڳيا ماڻهو ڪن ڪڍي اچي سندن اڳيان بيهن. ڇا اسان انهن مان جند ڇڏائي نه ٿا سگهون؟ ڇا اسان جي نصيب ۾ فقط ۽ فقط روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ ئي لکيل آهي؟

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 09 December 2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”جانب! جزوي طور، ڪرين ڪوهه قبول؟“

    اڌوري ۽ اڻپوري انسان جي ڄاڻ سڄاڻ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهندي ته هو هر ڳالهه کي، هر انسان کي، تان جو پاڻ کي به اڌورو، اڻپورو ۽ جزوي طور تي قبول ڪندو. هي اهڙو ٻه- دليو انسان آهي، جنهن جا فيصلا، نظريا، قدر ۽ اصول، وقت ۽ حالتن مطابق تبديل ٿيندا رهندا آهن. اهڙي ماڻهوءَ کي اعتبار جوڳو سمجهڻ پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻڻ برابر آهي. اهو اهڙو انڌو هاٿي آهي جيڪو فقط پنهنجي ئي لشڪر جو نقصان ڪندو آهي.

    هاڻي اچو ته ڏسون اسان جي معاشري ۾ ته اهڙا اڌورا ۽ اڻپورا ماڻهون ته ڪو نه آهن؟ ڪنهن کي ڪاوڙ نه لڳي ته سچ اهو آهي ته کوڙيءَ کي ئي گهمرو آهي.  هزارن ۾ ڪو هڪ هوندو جنهن کي ڪامل، بااعتماد ۽ ڀروسي جوڳي وارو چئي سگهجي ٿو. اهڙا ماڻهو آهن، جن جي ڪري اسان جو سماجي چرخو هلي رهيو آهي، پر انهن آڱرين تي ڳڻجڻ جيترن انسانن تي اسان جيڪي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جا پهاڙ ڪيريون ٿا، انهن جو به ڪو حساب ڪونهي.

    مڪمل طور تي قبول ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته انسان کي خوبين سان گڏ خامين سميت قبول ڪيو وڃي. جزوي طور تي قبول ڪرڻ جو مطلب آهي ته جنهن جو نڪ وڻي ته واهه واهه ڪجي ۽ جيڪڏهن اکيون نه وڻن تي اهي ڪڍي ڪانگن کي ڏجن.

    اسان جي انهيءَ نفسياتي مونجهاري قومي وحدت محبت کي ڪاپاري ڌڪ لڳايو آهي. سماج جي ڍانچي کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ سوچ ۽ روين ڪري ڪنهن کي ڪا خبر نه ٿئي پئي ته هن جا دوست بدلجي دشمن ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيندا؟ اسان مان هر ڪنهن کي هميشه پنهنجي خلوص، ايثار، مثبت ۽ بي لوثيءَ تي اوچتي پاڻي ڦرڻ جو ڊپ دامنگير رهي ٿو. اسان مان هر ڪو انهيءَ خوف ۾ ورتل آهي ته اُٺ ڪهڙي ٿو پاسي ليٽي، ان ڪري هر ڪنهن کي تڪڙو تبديل ٿيڻ ۽ منهن ڦيرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم ئي نه ٿو سُجهي. ان ڪري اسان به اڌوري ۽ اڻپوري طور قبول ڪندڙن جي وڏي قطار ۾ ڪلهو هڻي بيهي رهون ٿا.

    ڏک ۽ تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ٻين کي ته ڇڏيو، پر اسان ته پاڻ کي به اڌورو ۽ اڻپورو قبول ڪريون ٿا. ان ڪري اسان جو پاڻ تي به اعتبار ڪونهي. ان ڪري اسان پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن کي نه ٿا سمجهي سگهون ۽ اسان کي اها خبر نه ٿي پئي ته پاڻ ڪهڙي باغ جي موري آهيون. هن صورتحال ۾ اسان صبح جو هڪ فيصلو ڪريون ٿا ته شام جو ٻيو فيصلو ڪريون ٿا. ڪا اهڙي سوچ ڪونهي، ڪو اهڙو نظريو ڪونهي جنهن تي يقين سان پنهنجو ذهن ٽِڪَ ٻڌي بيهي رهي  ۽ ڪا مستقل مزاجي اسان جو تشخص بڻجي سگهي. جهڙوڪه ڪک پن آهيون ۽ حالتن جي هوا جاڏي چاهي تاڏي اڏائي.

    اسان پاڻ کي قبول نه ٿا ڪريون يا اڌورو ۽ اڻپورو قبول ڪريون ٿا ته جهڙوڪ پاڻ سان به دوکو ڪريون ٿا ۽ ٻين سان به فريب ڪريون ٿا. ان ڪري اسان ”انسان خطا جي پتلي“ کي فرشتي جي روپ ۾ ٻين اڳيان آڻڻ گهرون ٿا. جڏهن ته سچائي انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته دوست خواهه دشمن اڳيان اسان اڳ ۾ ئي پنهنجي خامين ۽ خوبين سميت موجود آهيون. پر پاڻ آهيون جو پاڻ کي انهيءَ روپ ۾ مڃڻ، ڏسڻ ۽ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه آهيون. اهو انسان جو پاڻ کي فرشتو سمجهي ٿو، ان جو مطلب هيءُ ٿيو ته هو ٻين کي پاڻ جهڙو فرشتو نه ٿو سمجهي ۽ گهٽ ڄاڻي ٿو. جڏهن ته نه هو پاڻ فرشتو آهي ۽ نه وري ڪو ٻيو فرشتو آهي. ڇو ته انسان انسان آهي، هو نه ته شيطان آهي ۽ نه وري ڪو فرشتو آهي.

    اڌوري ۽ اڻپوري طور تي قبول ڪرڻ جو اهو به مقصد آهي ته اسان سان ڪو هزار چڱايون ڪري، پر جيڪڏهن ڪنهن ڪارڻ هن کان اسان جي ”فرمائشي چڱائي يا مدد“ نه ٿئي ته پوءِ اڳيون چڱايون به وسري وڃن ۽ رونگ ۾ اسان هن جا حريف ۽ مخالف ٿي بيهون. اڌوري ۽ اڻپوري طور قبول ڪرڻ واري کي فقط ۽ فقط پنهنجا مطلب ۽ مقصد، غرضون ۽ لالچون نظر اينديون ۽ هن کي باقي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي: نه علم نه حلم، نه عمر نه جنس، نه محبت نه خلوص. پوءِ ان چوڻ ۾ ڪهڙو وڌاءُ ته اڻپورو ۽ اڌورو قبول ڪرڻو وارو نپٽ اڌو آهي، جيڪو نه پاڻ کي ڏسي ٿو ۽ نه ٻين کي ڏسي سگهي ٿو.

     

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com

  • 08 April-2016

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

     (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”بره بنا نه بدلجن، هوت ۽ حالتون هي،

    جانب جوت-نگر جا، ڪجهه تان سياڻو ٿي“.

     

    ڪو ڪياڙي کنهندي ۽ اڌ اکيون ٻوٽي جيڪڏهن چوي ٿو ته هو سُکي آهي ۽ هن کي ڪا حيراني ۽ پريشاني ڪانهي، ته هو باقي ماڻهن سان ڪوڙ ٿو ڳالهائي ۽ پاڻ کي ٺڳي ٿو. ڇو ته جيڪو ڄائو آهي ۽ هن دنيا ۾ آيو آهي ته هن لاءِ اڳ ئي گهڻي پِسي پئي آهي. اسان مسلمانن جي چواڻيءَ مطابق قيامت ۾ هر ڪو پلصراط تان گذرندو. بنهه اهڙيءَ طرح دنيا به تلوار کان تکي ۽ وار کان سنهي پلصراط آهي. ماڻهو ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين انهيءَ پلصراط تان گذري ٿو. امير هجي يا غريب، پير هجي يا فقير، حاڪم هجي يا محڪوم، هر ڪنهن جي دردن جا داستان کليا پيا آهن. جهڙوڪ سک، سڪون ۽ چين خواب آهن ۽ ماڻهو ننڊ مان اک کولي ٿو ته سندس سمورا خواب ڪافور ٿي وڃن ٿا. تان جو وري روڄ راڙو، دانهون ۽ ڪوڪون. ڪنهن جو به قلب قراري نه هوندو. ڪا نه ڪا اڻ تڻ هوندي ۽ هر ڪو همراهه انهيءَ هڻ کڻ ۾ مصروف هوندو.

    هنن حالتن ۾ اهڙو حشر ۽ اهڙو حال ٿي وڃي ٿو جو دليون ۽ دماغ باهه جا کورا بڻجيو پون. نفرتن ۽ ڪدورتن، مساهپ ۽ اڳتي وڌڻ واريءَ انهيءَ آگ ۾ سمنڊ به ٽهڪي پون ٿا ۽ بر ٿر شهر به باهه بڻجي پون ٿا. ماڻهو ماڻهوءَ کي ڌڪارڻ لڳي، مارڻ لڳي ٿو ۽ گناهن ڀري زندگي گهارڻ تي سندرو ٻڌي بيهي ٿو.

    پر، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿئي ٿو ته ماڻهو پاڻ سڃاڻڻ ڇڏي ڏئي ٿو. هن کان وسري وڃي ٿو ته هو ڪنهن شئي منجهان جڙيو آهي؟ ۽ هن کي ”انسان“ ڇو ٿو چيو وڃي ۽ انسان ۽ حيوان ۾ به ڪو فرق آهي يا نه؟

    جيڪڏهن انسان مٽيءَ مان جوڙيو ويو آهي ۽ مٽي هن جي فطرت جو بنياد آهي ته پوءِ ڪهڙي قسم جي مٽي ٿئي؟ ڪنهن گٽر جي مٽي ٿئي؟ جا لڳي ته بدن به بدبودار ٿي پئي ۽ ڪپڙا به خراب ٿي پون؟ مِٽي جو ڦوڙهه  بڻجي پئي؟ جو ڪنهن جي مٿي ۾ لڳي ته مٿو ڦاڙي وجهيس؟ دز بڻجي پئي؟ جا اکين ۾ پئي ته ذري گهٽ انڌو ڪري ڇڏي؟ يا ساحلي چيڪي مٽي ٿئي، جنهن تي گهمڻ واري جي پيرن ۾ به لڦون نه پون ۽ نه وري ڪو ان جو بدن يا وڳو خراب ٿئي؟ ان ڪري جيڪڏهن ماڻهو مٽيءَ جي پيداوار آهي ته پوءِ انسان کي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته هو ڪهڙي مٽي ٿيندو؟

    اسان ”ماڻهو“ چئون يا ”انسان“، جهڙي سٺ تهڙي ٿي ويهان مصداق ڳالهه ساڳي آهي. سنڌيءَ ۾ چئون ”ماڻهو“ ۽ عربيءَ ۾ چئون ”انسان“. لغت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته عربي لفظن جو بنياد ٽن حرفن وارو لفظ ٿيندو آهي. انهيءَ حساب سان جيڪڏهن ”انسان“ لفظ مان ٽه حرفي بنيادي لفظ ڳولهينداسين ته اهو ٿيندو ”انس“. اعرابن جي ٿوري ڦيرگهيرڪبي ته ”انس“ جي معنيٰ ٿيندي، پيار ۽ محبت. هن مان اهو مطلب وٺي سگهجي ٿو ته انسان جو جهڙوڪ بنياد ئي انس آهي ۽ انس ناهي ته انسان حيوان آهي ۽ نفرت جو ڀنڊار آهي. انسان ۽ شيطان جو به بنيادي فرق هي آهي ته شيطان انسان سان متڀيد ڪيو ۽ هن سان نفرت ڪئي ته مٽيءَ مان جوڙيل انسان کي سجدو ڇو ڪري؟

    لڳي ٿو ته هاڻي اسان پنهنجو انس وارو بڻ بڻياد وساري، نفرت ۽ متڀيد تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا آهيون. ماڻهو ماڻهن جهڙا، کائين پيئن ۽ اٿن ويهن ساڳئي طرح پر هڪڙن کي هيچ ڄاڻون ۽ ٻين جا پير ڌوئي پيئون. اسان هر انسان جي ساخت ۽ هيئت کي صفا وساري ويهون ٿا ۽ سمجهون ٿا ته خدا تعاليٰ اسان کي پاڻ ويهي پنهنجي هٿن سان ٺاهيو آهي ۽ ٻين کي ٺيڪي تي ٺهرايو آهي.

    ان جي بدران، پر جيڪڏهن اسان مان هر ڪو پاڻ کي سڃاڻي ته پنهنجي ڌڻيءَ کي به سڃاڻي سگهي ۽ ڌڻيءَ جي بندن کي به سڃاڻي وڃي. پوءِ ئي ماڻهوءَ کي خبر پئي ته هو نوري به ناهي ۽ ناري به ناهي. هن کي پنهنجي مفادن، تعصب ۽ متڀيد جي باهه ۾ جلڻو ڪونهي، بلڪه محبت، ايثار ۽ وفا جي جوت بڻجي جلڻو ۽ هلڻو آهي ته جيئن حالتن جي اونداهن رستن مان پاڻ به صحيح دڳ سان هلي ۽ ٻين کي به انهيءَ روشني مان رستي ڏسڻ ۽ ڳولهڻ جو موقعو ملي.

    هن ماڳ ۽ منزل ماڻڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ڪو پاڻ کي هادي يا رهبر نه ڄاڻي، علم جو اڪابر ۽ باقي ماڻهن کان پاڻ کي معتبر نه ڄاڻي، بلڪه ”جت پنهونءَ جا ڀائر“ مصداق سمجهي ته هو به اهڙوئي انسان آهي جهڙا ٻيا انسان آهن. ذاتين پاتين رنگن نسلن جو فرق پاڻ ٺڳڻ ۽ ٻين کي ٺڳڻ جو طريقو آهي. اميري ۽غريبي اچڻيون وڃڻيون آهن. فقط محبت ئي ماڻهپو آهي ۽ انهيءَ ماڻهپي کي وڃائڻ يا وسارڻ سان ئي معاشرا مصيبتن ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. اسان بنهه انهن ۽ اهڙين حالتن مان گذري ويا آهيون. درد لا علاج ڪونهي. فقط دلين ۾ انسان دوستيءَ کي جاءِ ڏيڻي آهي ۽ لاکيڻي لطيف وانگر ”جيها جي تيها، مون مارون مڃيا“. کي قول ۽ فعل سان قبول ڪرڻو آهي ۽ ٻين کي معاف ڪرڻو آهي، ٻين جا عيب ڍڪڻا آهن ۽ پنهنجن جي خوبين کي وڏي واڪ دنيا کي ٻڌائڻو آهي. محبت بڻجڻو آهي ۽ محبت کي ونڊڻو ورهائڻو آهي. ان لاءِ ته آئون عرض ڪريان ٿو ته ”بره بنا نه بدلجن، هوت ۽ حالتون هي، جانب جوت-نگر جا، ڪجهه تان سياڻو ٿي“.

     

     

    Email: gulhayat2010@gmail.com

     

    Website: www.drpathan.com