سيد حاجي عبدالحڪيم شاهه ولد سيد ميان الله بخش شاهه ٽکڙ ۾ ڄائو . شاهه صاحب پنهنجي تر جي ناميارن پيرن ۽ زميندارن مان هڪ هو . سياسي طور تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جو هم خيال هو . جڏهن خلافت تحريڪ هلي ته ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين . |
19 جون 1861ع
|
سيد حاجي عبدالحڪيم شاهه ولد سيد ميان الله بخش شاهه ٽکڙ ۾ ڄائو . شاهه صاحب پنهنجي تر جي ناميارن پيرن ۽ زميندارن مان هڪ هو . سياسي طور تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جو هم خيال هو . جڏهن خلافت تحريڪ هلي ته ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين . |
19 جون 1861ع
|
سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر ” سنڌ ريلوي “ جي تعمير جو افتتاح ڪيو . هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سنڌ ۾ ريلوي جي شروعات سرڪار جا ڪيترا مسئلا حل ڪندي . مثال طور ڏکين وقتن تي متاثر هنڌن تي فوج موڪلي سگھبي ، ناڻو ڪمائي سگھبو ۽ ضرورت وارو مال آسانيءَ سان بندر ۽ شهر تائين پهچائي سگھبو. |
29 اپريل 1858ع |
فرنگي سرڪار طرفان ” فوائدالاخبار “ نالي هفتيوار اخبار جاري ٿي . جيڪا هڪئي وقت ۾ سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ هوندي هئي . هيءَ اخبار گورنمينٽ پريس ۾ ڇپبي هئي ۽ منجھس تعليم ، تعليم جي ترقي ۽ مختلف موضوعن تي ليک ڏنا ويندا هئا . |
15 مئي 1858ع
|
فرنگي سرڪار خلاف حيدرآباد ۾ ڏيهي فوجين منصوبو جوڙيو . پر ان ۾ ڪامياب به ٿي سگھيا . |
08 سيپٽمبر 1857ع |
حيدرآباد ۾ ڏيهي فوجين جي دستي مان پنجن کي بغاوت جي منصوبي سٽڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو . انهن ۾ هڪ حوالدار ، هڪ نائڪ ۽ ٽي خانگي ماڻهو هئا . کين ڪورٽ مارشل ڪيو ويو . ۽ ان جي فيصلي مطابق حوالدار کي توب جي منهن ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سندس چئن ساٿين کي جنم ٽيپ ڏني وئي . |
10 سيپٽمبر 1857 ع |
حيدرآباد ۾ يورپين کي قتل عام ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ويو هو جنهن تي اڄ عمل ٿيڻو هو |
12 سيپٽمبر 1857ع |
هڪ بنگالي برهمڻ جاسوس ڪراچيءَ ۾ سرڪار کي اطلاع ڏنو ته ريجمينٽ نمبر 21 رات جو 2 وڳي ڌاري بغاوت ڪندي . اطلاع ملڻ تي انهيءَ ريجمينٽ کي حاضري ڀرڻ جو حڪم ڏيو ويو . سندس حاضري ورتي وئي ۽ کا.ئن هٿيار ڦريا ويا . ان کان پوءِ سندن تنبن جي تلاشي ورتي وئي . |
13 سيپٽمبر 1857ع
|
ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي سڀ کان پهرين سالياني رپورٽ جاري ٿي . جنهن ۾ تيرهن هزار پنج سو چوڏهن روپين ، هڪ آني ۽ اٺن پاين جي آمدني ڏيکاري وئي . جيڪي ڪم ڪرايا ويا اهي هئا وڏا کوهه کوٽائي بندر روڊ ۽ ڀرپاسي وارن رهواسين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ ، ميونسپل ۽ سرڪار جي گڏيل اسڪول جي عمارت ٺهرائڻ ، ميونسپل خيراتي اسپتال لاءِ جاءِ خريد ڪرڻ ۽ ڪراچي شهر جي سينيٽرئي جي حوالي سان سروي ڪرائڻ وغيره . |
17 جولائي 1854ع |
تاريخ جي پڪ ڪانهي ، البته مهينو ۽ سال اهو ئي آهي جو انگريز سرڪار ڪراچيءَ ۽ ملتان وچ ۾ ” ڪئمل ٽرن “ جو آغاز ڪيو . اهي اُٺ سيوهڻ ، لاڙڪاڻي ، شڪارپور ، سکر، سبزل ڪوٽ ۽ بهاولپور کان ٿيندا ملتان ٽپال کڻي ويندا هئا . حيدر آباد ، ڪوٽڙي ۽ جيڪب آباد ۾ هن اُٺاڻي ٽپالي قافلي جون شاخون هونديون هيون . هر ٻارنهن ميلن کان پوءِ اُٺ مٽايا ويندا هئا . |
08 آگسٽ 1854ع
|
جديد سنڌي علم ادب ۽ ٻوليءَ جي مثالي خدمت ڪندڙ عالم ، اديب ، شاعر ۽ عِلمدار مرزا قليچ بيگ جي ولادت ٿي . |
07 آڪٽوبر 1853ع
|
سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر پنهنجي سرڪيولر ليٽر نمبر 1852 موجب سرڪاري عملدارن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان پاس ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو . |
06 سيپٽمبر 1851ع
|
مرزا قليچ بيگ حيدرآباد شهر جي ٽنڊي ٺوڙهي محلي ۾ ڄائو . هي صاحب اڳتي هلي بي بدل سنڌي اديب بڻيو ۽ شمس العلماءُ جو لقب ماڻيائين . |
07 آڪٽوبر 1850ع
|
انڊيا جي گورنر جنرل ” ايسٽ انڊيا ڪمپني “ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي سفارش ڪئي ته چارلس نيپئر جي رٽائرمينٽ کان پوءِ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري ان کي بمبئي پرڳڻيءَ جي هڪ ڪمشنري بڻايو وڃي . |
18 سيپٽمبر 1846ع
|
چارلس نيپئر جنگ جي اعلان ڪرڻ کانسواءِ امام ڳڙهه جي قلعي تي قبضو ڪيو . |
10 جنوري 1843ع |
ميرن ، چارلس نيپئر طرفان مڙهيل ٿهد نامي تي صحيح ڪئي . هن عهد نامي مطابق سنڌ ۾ انگريزي سڪي رائج ڪرڻ ، انگريزن تان هر قسم جي ڍل ۽ محصول ختم ڪرڻ ، سنڌوءَ جي ڪناري واري زمين هڪ سو والن اندر انگريزن جي عملداريءَ هيٺ ڏيڻ کانسواءِ سنڌ جي مکيه شهرن جھڙوڪ ڪراچي ، ٺٽي ۽ سبزل ڪوٽ تان به ميرن جي صاحبي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي . |
12 فيبروري 1843ع |
سر چارلس اٺاويهه سو سپاهي وٺي هالا کان مٽياري پهتو . |
16 فيبروري 1843ع |
مياڻيءَ جي ميدان تي ڦليلي واهه جي ڪپ تي ميرن ۽ نيپئر جي وچ ۾ جنگ لڳي ، جنهن ۾ ميرن کي شڪست آئي . فاتح نيپئر حيدرآباد پهچي قلعي تي برطانيه جو جھنڊو لهرايو ۽ ان کان پوءِ حيدرآبادي ميرن جو شاهي خزانو لٽيو . |
17 فيبروري 1843ع |
سنڌ جي قابض نيپئر پنهنجي هڪ پڌر نامي ذريعي سنڌ جي جاگيردارن کي آڇ ڏني ته جيڪڏهن هو امن امان سان پنهنجي گھرن ڏانهن واپس ويندا ۽ ڪمپني فوج سان ٽڪر کائڻ جو خيال لاهي ڇڏيندا ته ساڻن دوستن وانگر برتاءُ ڪيو ويندو ۽ سندن جاگيرون بحال ڪيون وينديون . |
17 فيبروري 1843ع |
مياڻيءَ ۾ ميرن ۽ انگريزن وچ ۾ جنگ جو آغاز ٿيو . مير اٽڪل سترهن هزار فوج ۽ ٻارنهن توبون ساڻ ڪري ميدان ۾ آيا ۽ هن طرف انهن جو مقابلو اٺايهه سو فوج ۽ اٺن توبن ڪيو . |
17 فيبروري 1843ع |
چارلس نيپئر فاتح جي حيثيت ۾ حيدرآباد قلعي ۾ داخل ٿيو ۽ دروازي تي برطانوي جھنڊو لهرايو . |
21 فيبروري 1843ع |
لارڊ ميلنبرو ، هڪ شاهي فرمان جاري ڪري سنڌ کي انگريز حڪومت سان ملائي ڇڏيو . |
12 مارچ 1843ع |
سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو نيپئر حيدرآباد ۾ راڻي وڪٽوريا جي جنم جو ڏينهن ملهايو . هن سالگره ۾ وفادار ۽ وفاداريءَ جو يقين ڏياريندڙ سنڌي جاگيردارن ۽ زميندارن کي جاگيرن جون سندون ڏنيون ويون . |
24 مئي 1843ع
|
چارلس نيپئر سنڌ ۾ ڪمپني سرڪار جي سفير جي حيثيت ۾ پهتو . |
10 سيپٽمبر 1842ع
|