Category: Chronology

  • 1886

     

    نسروانجي ميهتا جي گھر ۾ جمشيد ميهتا جنم ورتو . جنهن پنهنجي سڄي ڄمار سادگي ۽ خلق جي خدمت ۾ گذاري . ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو پهريون ميئر ٿيو سنڌ ۾ ٿيا سافي کي مشهور ۽ مقبول بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو . سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين .

    07 جنوري 1886ع

    مخدوم نوح عليہ رحمت جو پندرهون سجاده نشين ، مخدوم غلام محمد ولد مخدوم ظهيرالدين ڄائو .

    21 فيبروري 1886ع

     

  • 1885

     

    ڪراچيءَ ۾ ” آريا سماجي منڊل “ نالي تنظيم قائم ٿي . هن تنظيم ڪراچيءَ واسي آريا مت مڃيندڙ هندن جي  مثالي مذهبي ، سماجي ۽ تعليمي خدمت ڪئي . تنظيم جي ڪارڪردگيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته 1922ع ۾ هن تنظيم جا ٽي اسڪول هلندا هئا . انهن مان هڪ هيو ” پُتري پاٺشالا “ جنهن مان 80 نياڻيون تعليم وٺنديون هيون  . ٻيو هو ”ڊي ــ اي ــ جي اسڪول“ جنهن مان 75 شاگرد علم پرائيندا هئا . ۽ ٽيون هو ” گجرات اسڪول“  جنهن ۾ به 75 ٻار پڙهندا هئا .

                   هن تنظيم پاران آريا سماج جي عالمن کان ليڪچر به ڪرايا ويندا هئا . ۽ هڪ سٺي لائبرري به هلائي ويندي هئي . تنظيم جون هر سال چونڊون ٿينديون هيون .

    1885ع

    ڪراچيءَ ۾ خانبهادر حسن علي آفندي پنهنجي هم خيال دوستن سان گڏ ” سنڌ محمدن ائسوسيئيشن “ جي پليٽ فارم تان جيڪو تعليمي ادارو ” سنڌ مدرسة الاسلام “ قائم ڪيو، ان جو افتتاح ٿيو .

    09 سيپٽمبر 1885ع

    ڪراچيءَ ۾ پادري بئمبرج جي ڪوشش سان قائم ٿيل ميڪس ڊينسو حال ۾ لٽرري سوسائٽيءَ طرفان ” هندو عورتن جي ٻيهر شادي “ جي موضوع تي ليڪچر ٿيو ، جيڪو بئمبرج پاڻ ڏنو . هن سوسائٽيءَ جو پهريون اعزازي سيڪريٽري جيمسٽي آرڊيشر هو . سوسائٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ ڏيا رام ، گدو مل ، ڪوڙو مل ، چندن مل ،۽ هيرا نند شوقيرام پڻ وقت به وقت شرڪت ڪئي . گڏجاڻيون هفتيوار ٿينديون هيون .

    30 سيپٽمبر 1885ع

    ” ميڪس ڊينسو هال لٽرري سوسائٽي “ طرفان پي . آرديشر ” بچپن جون شاديون “ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو . هن ليڪچر ۾ انگريز ، مسلمان ، هندو ۽ پارسي ميمبرن شرڪت ڪئي .

    07 آڪٽوبر 1885ع

     

  • 1884

     

    ڪراچيءَ ۾ حسن علي آفنديءَ جي ڪوشش سان مسلمان زميندارن جي گڏجاڻي ٿي . جنهن ۾ 63 ماڻهو شريڪ ٿيا . هن گڏجاڻيءَ ۾ ” سنڌ محمدن ائسوسيئشن “ جي نالي سان هڪ جماعت ٺاهي ويئي . جنهن جو صدر حسن علي آفندي ۽ سيڪريٽري الله بخش اٻوجھيءَ کي چونڊيو ويو .  

    16 مارچ 1884ع

    ڪراچيءَ جي ” ڊراماٽڪ ڪلب آف دي گلوسٽر ريجمينٽ “ طرفان انگريزيءَ ۾ ڊرامو اسٽينڊ ڪيو ويو . جنهن جو نالو ، عنوان هو ” وليج ورچو “ اهو ڊرامو ٻئي ڏينهن تي به اسٽينڊ ڪيو ويو . هيءَ ناٽڪ منڊلي فوجين جي هوندي هئي ۽ تماشبين به فوجي ئي هوندا هئا .

    21 مئي 1884ع

    ” سنڌ سڀا “ ۾ وائسراءِ کي مانپئر ڏيڻ واري ڳالهه تي هندن ميمبرن سان اختلاف پيدا ٿيڻ کان پوءِ حسن علي آفنديءَ مسلمانن جي الڳ تنظيم جوڙڻ جا جتن ڪيا ۽ وڏين ڪوششن کان پوءِ ” سنڌ محمدن ائسوسيئيشن “ نالي تنظيم جُڙي . جنهن سنڌ مدرسو به قائم ڪيو ۽ 1936ع تائين فعال جماعت جو ڪردار به ادا ڪيو .

    15 آگسٽ 1884ع

    لاڙڪاڻي ۾ مرزا قلب علي لاهوريءَ جي تعاون سان ” مجمع محمدي “ (سنڌ محمدن ائسوسيئيشن) جي شاخ قائم ٿي . لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿيندڙ اها پهرين تنظيم هئي . 

    20 سيپٽمبر 1884ع

     

  • 1883

     

    پير ميان غلام مجدد ولد ميان عبدالرحيم سرهندي مٽياري شهر ۾ ڄائو . پير مرحوم خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ٻه سال جيل جي سزا به ڪاٽيائين .

    13 مئي 1883ع

     

  • 1882

     

    تاريخ ۽ مهيني جي تصديق نه ٿي ٿئي ، البته اهي پڪيون شاهديون ملن ٿيون ته انهيءَ سال سنڌ ۾ پهرين تنظيم ” سنڌ سڀا “ قائم ٿي ، جنهن جا هندو خواهه مسلمان ميمبر هوندا هئا . هن تنظيم سماجي سڌارن ، ميونسپل ۾ چونڊون وڙهڻ ۽ سرڪار جي بلي عوامي ڀلائيءَ وارن ڪمن لاءِ سرڪار جي توجھ ڇڪرائڻ وغيره جهڙا ڪم ڪيا . 1884ع ۾ حسن علي آفندي هن تنظيم کان الڳ ٿي ” سنڌ محمدن ائسوسيئيشن “ ٺاهي .  

     

    ڊسمبر 1882ع

     

  • 1881

     

    خانبهادر حاجي امام بخش خان ولد خان بهادر غلام الرسول خان جتوئي ڳوٺ ملڪ تعلقي موري ۾ ڄائو . هو پاڻ پنهنجي تر جو ناميارو زميندار بڻيو . وقت جي سرڪار کيس پهريون ” خانصاحب “ ۽ پوءِ ” خانبهادر “ جا لقب ڏنا . ڪيترو وقت اسپيشل ماجسٽريٽ به ٿي رهيو . يارنهن سال کن بمبئي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر به بڻيو . ان کان سواءِ ڪيترو عرصو نواب شاهه ضلعي لوڪلبورڊ اسڪول بورڊ جو چيئرمين به رهيو .

    25 جولاءِ 1881ع

     

  • 1880

     

     

    ڍوري ناري ۾ حاجي محمد سومري کي قلندر بخش نالي پٽ ڄائو ، جنهن اڳتي هلي پهريون ضلعي لوڪلبورڊ کان سياست جو آغاز ڪيو ۽ پوءِ بمبئي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو . کيس 07 جون 1930ع تي قتل ڪيو ويو .

    25 جنوري 1880ع

     قلندر بخش ولد حاجي محمد صوفي ڳوٺ ڍورو نارو ۾ ڄائو . جيڪو ڪيترو وقت ضلعص لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ ۽ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر به ٿي رهيو .

    25 جنوري 1880ع

    عبدالرحمان ولد حافظ محمد يعقوب ڪراچيءَ ۾ ڄائو . هي صاحب اڳتي هلي ناميارو وڪيل ٿيو ۽ ” سنڌ محمدن ائسوسيئيشن “  ـــ  ” ڪانگريس “ ۽ ” خلافت تحريڪ “ ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتائين .

    17 سيپٽمبر 1880ع

     

  • 1879

     

    ٿانور داس ليلارام واسواڻي حيدرآباد ۾ ڄائو . هو اڳتي هلي ” ساڌو واسواڻي دادا جي “ نالي سان مشهور ٿيو . ڪيترو وقت مختلف ڪاليجن ۾ استاد ۽ پرنسپال ٿي رهيو . حيدرآباد ۾ ” سينٽ ميرا “ نالي زناني تعليم لاءِ اسڪول قائم ڪيائين . هندو ڌرم وارن جي اخلاقي ۽ مذهبي رهبريءَ لاءِ ” سنت مالا “ نالي ماهوار سلسلو جاري ڪيائين ۽ اڌ ڊزن کان مٿي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيائين . ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو ، جتي سندس حيثيت روحاني رهبر جهڙي ٿي پئي . 1966ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين ۽ سندس هاٺيون وصيت مطابق سنڌو نديءَ ۾ پرواهه ڪيون ويون .

    25 نومبر 1879ع

     

  • 1874

     

     

    تحريڪِ آزاديءَ جو باني ، عالم ، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو دوست ، مدرسي مظهرالعلوم ڪراچيءَ جو سالن جا سال مهتمم مولانا محمد صادق ولد مولوي عبدالله ڪراچيءَ ۾ ڄائو .

    15 مارچ 1874ع

     

  • 1872

     

    سر حاجي عبدالله هارون ڄائو . سندس جنم غرب ترين فرد جي حيثيت ۾ ٿيو . پر وفات امير ترين ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ ڪيائين . 1910ع کان وفات (27 اپريل 1942ع) تائين تحريڪِ آزاديءَ سان لاڳاپيل سمورين تحريڪن ۽ جماعتن ۾ حصو ورتائين . انهن مان ” خلافت تحريڪ “ ، ” بمبئيءَ کان سنڌ جي عليحدگيءَ جي تحريڪ “ ۽ ” پاڪستان تحريڪ “ ذڪر لائق آهن . ڪيترو وقت ڪراچي ميونسپالٽي ۽ بمبئي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿي رهيو .

    07 نومبر 1872ع