Category: Chronology

  • 1901

     

    سنڌ جي ڪمشنر مسٽر آر گلس جي صدارت هيٺ فريئر هال ۾ گڏجاڻي ٿي ته جيئن مهاراڻي وڪٽوريا جو مجسمو ٺهرائي فريئر هال ۾ مناصب هنڌ تي نصب ڪجي . طئي ڪيو ويو ته گھٽ ۾ گھٽ چندو پنجاهه روپيه هجڻ گھرجي .  خيرپور جي مير هزهائينس فيض محمد خان پنجويهه روپيا چندو ڏنو .

    13 اپريل 1901ع

    مولوي غلام الرسول ولد علي بخش تنيو ڳوٺ بکر تنئي ۾ ڄائو . هن بزرگ ڪيترن ڳوٺن ۾ مسجدون ٺهرايون ۽ مدرسا قائم ڪيا . مرحوم دين جو عملي مبلغ هو .

    23 جون 1901ع

    بمبئي سرڪار پنهنجن ٻن حڪم نامن هر هڪ نمبر 4942 ( بامبي روينيو ڪوڊ 1870 جي سيڪشن 7 تحت ) ۽ 4942.1 ( انڊين رجسٽريشن ايڪٽ 3 آف 1877 جي سيڪشن 5 تحت ) ذريعي پهرين آگسٽ 1901ع کان ”لاڙڪاڻو ضلعو“ قائم ڪيو ۽ ان لاءِ شڪارپور خواه ڪراچي ضلعن مان هي تعلقا ڪڍي لاڙڪاڻي ضلعي کي ڏنا ويا .

               ضلعي شڪارپور جا تعلقا ، لاڙڪاڻو ، قمبر ، رتوديرو ، لب مهرڻ (ڏوڪري) ، ڪڪڙ ، ميهڙ ۽ نصيرآباد .

              ضلعي ڪراچيءَ جا تعلقا ، جوهي ، دادو ۽ سيوهڻ .

    هي حڪم ناما بمبئي سرڪار جي چيف سيڪريٽري جي . ڊبليو . پي ميوئر مڪنزئي جي دستخط سان جاري ٿيا . 

    16 جولاءِ 1901ع

     

  • 1899

     

    سنڌ جي نامياري ڪاموري ۽ سياستدان خانصاحب غلام الرسول بشير خان ڪيهر جي ڳوٺ ڪيهر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ولادت ٿي . هي صاحب 15 اپريل 1924ع تي سرڪاري ملازم ٿيو. 13 نومبر 1935ع تي ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو .

    10 جولاءِ 1899ع

     

  • 1898

     

    سيد شاهنواز شاهه ولد سيد نجف علي شاهه شڪر الاهي ٺٽي ۾ ڄائو . پاڻ ڪيترو وقت ”ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ“ ڪراچي جو ميمبر ۽ ”ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ“ جي اسڪول بورڊ جو چيئرمين ٿي رهيو . ٻائيتاليهه سالن جي ڄمار کي پهتو ته گوشه نشيني اختيار ڪيائين .  

    16 سيپٽمبر 1898ع

     

  • 1896

     

    پرمانند ميوا رام حيدر آباد مان ”جوت“ اخبار جاري ڪئي . جيڪا پوءِ ڪراچيءَ مان نڪرڻ شروع ٿي . پرمانند عيسائي مذهب اختيار ڪيو هو ۽ سندس ”جوت“ ۾ اها ئي خوشبوءِ موجود هوندي هئي ”جوت“ صحافت ۽ علم ادب ۾ وڏو نالو ڪمايو . هن اخبار ۾ جيڪي آکاڻيون شايع ٿيون ، اهي ”دلبهار“ جي نالي سان ۽ جيڪي مضمون شايع ٿيا اهي ”گل ڦل“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ به شايع ٿيا.

    01 آڪٽوبر 1896ع

     

  • 1895

     

    محمود ولد محمد بچل تنئي جي ڳوٺ بٺي ۾ ولادت ٿي . هو اڳتي هلي حاجي ۾همود ۾ خادم “ جي نالي سان ناميارو شاعر ۽ قلم ڌڻي ٿيو . ملازمت جي حوالي سان سرويئر ٿي رٽائر ڪيائين . ڪيترا ئي ڪتاب لکيائين . سندس شمار پنهنجي دور جي مشهور نقادن ۾ ٿيندو هو . سندس وفات 1960ع ۾ ٿي .

    04 جنوري 1895ع

    سکر مان حاجي عبدالرحمان ميمڻ هفتيوار اخبار ” آفتابِ سنڌ “ جاري ڪئي . شمس الدين ”بلبل“ هن اخبار جو پهريون ايڊيٽر ٿيو ، جنهن هڪ طرف عيسائي پادرين ۽ ٻئي طرف ڪٽر هندن خلاف صحافت کي جهادي قوت طور ڪم آندو . 

    26 مئي 1895ع

    مولوي در محمد ” خاڪ “ ڪانڌيلوي جي ولادت ٿي . هن ”خلافت تحريڪ“ ۾ حصو ورتو . ۽ شاعريءَ جي دنيا۾ نالو ڪمايو .

    02 سيپٽمبر 1895ع

     

  • 1892

     

    راءِ صاحب سونا سنگ ساڌو رام ريجسگاڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو . 29 مئي 1916ع کان سرڪاري ملازم ٿيو . 07 ڊسمبر 1937ع تي کيس ڊپٽي ڪليڪٽر جو عهدو ڏنو ويو . 1945ع کان سنڌ ۾ سيٽلمينٽس سروي ۽ لئنڊ رڪارڊس جو ڊائريڪٽر ۽ رجسٽريشن جو انسپيڪٽر جنرل ٿي رهيو .

    01 فيبروري 1892ع

    نامياري صوفي بزرگ ۽ با ڪمال شاعر ڇتي فقير سانگيءَ جي رحلت ٿي . سندس پورو نالو محمد ڇتل ولد محمد بچل سانگي هو . سن جي ولادت 14 سيپٽمبر 1822ع تي ڳوٺ ”محبوب جو بنگلو“ ۾ ٿي .

    12 آگسٽ 1892ع

    سنڌ مدرسة الاسلام جي استاد ، نامياري ليکڪ ، رسالي جي ايڊيٽر ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مصنف قاضي عبدالرزاق جي ولادت ٿي .

    19 سيپٽمبر 1892ع

    لاڙڪاڻي ۾ محمد آچر سومري جي گھر ۾ نواز علي نالي نينگر جي ولادت ٿي ، جيڪو اڳتي هلي نواز علي ” نياز “ جعفريءَ جي نالي سان مشهور ٿيو .

               ” نياز ، ڪراچي ءَ جي مدرسي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪئي . ان کان اڳ لاڙڪاڻي جي مدرسي هاءِ اسڪول ۾ استاد ٿيو . ۽ پوءِ روينيو کاتي ۾ مختيار ڪار ٿي رٽائر ڪيائين . پاڻ پنهنجي دور جو ناميارو شاعر ٿي گذريو . هن نومبر 1934ع تي وفات ڪئي .

    18 آڪٽوبر 1892ع

     

  • 1891

     

    سيد حاجي محمد شاهه ولد سيد حاجي ميراول شاهه ڄاموٽ مٽيارن ۾ ڄائو . هن ” خلافت تحريڪ “ جي زماني ۾ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ڪيترو وقت ” انجمنِ ساداتِ مٽياري “ جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو . 

    02 جون 1891ع

     

  • 1889

     

    ڳوٺ ڦلپوٽا لڳ بنگديرو ۾ ،حمد هاسم ولد حاجي الله بخش جو جنم ٿيو ، جنهن اڳتي هلي مولوي محمد هاشم اسحاق ديرائيءَ جي نالي سان شهرت ورتي . هي ديني عالم ” خلافت تحريڪ “ جو سرگرم ڪارڪن ۽ مبلغ ٿيو ۽ انهيءَ تحريڪ جي پڄاڻيءَ بعد ” جميعت العلماءِ سنڌ “ ضلعي سکر جو ناظم ، نائب صدر ۽ صدر ٿي رهيو . سندس وفات مارچ 1949ع ۾ ٿي .

    1889ع

    شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ديوان ليلا رام جي گھر ۾ ولادت ٿي . هن صحافت ۽ سياست جو آغاز رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي صحبت ۽ نگرانيءَ ۾ ڪيو ” ريشمي رومال تحريڪ “ کان وٺي ” پاڪستان تحريڪ “ تائين آزاديءَ جي اڳواڻ طور ڪردار ادا ڪيائين . سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ واري تحرڪ ۾ به روحِ روان ٿر رهيو . آزاديءَ جي راهه ۾ جيل ياترا به ڪيائين .  

    07 جولاءِ 1889ع

     

  • 1888

     

     

    ڳوٺ ڌامراها ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جان محمد جوڻيجي جي ولادت ٿي . هو اڳتي هلي ولايت مان بئرسٽري ڪري آيو . رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جو هم خيال ۽ دوست سياستدان هو . سنڌ جي پهرين مسلم ليگي اڳواڻن ۾ شامل ٿيڻ جهڙي شخصيت بڻيو . خلافت تهريڪ ۾ قائدانه ڪردار ادا ڪيائين . انهيءَ حوالي سان افغانستان هجرت ڪندڙن جي اڳواڻي ڪيائين. چيو وڃي ٿو ته فرنگي سرڪار کيس زهر ڏئي مارايو . سندس شهادت 16 اپريل 1921ع تي اجمير ۾ ٿي .

    02 جنوري 1888ع

    ” سنڌ سڌار “ اخبار جي صفحي نمبر 2 تي پير ۽ شاعر مظهرالدين شاهه ”مظهر“ راشديءَ جو ڪلام شايع ٿيو. جنهن جو آخري بند هو .

    ” ميٽ مظهرالدين جون ميريون مندايون معاف ڪر

      آءُ مــــــون آڌار تــــــــون ڇـــــــالاءِ ٿـــــــــو پاسو ڪرين . “

    25 جنوري 1888ع

     

  • 1887

     

    رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ڳوٺ ڊينگاڻ ۾ جنم ورتو . سنڌ ۽ هند جي چوٽيءَ وارن آزاديءَ جي اڳوڻن مان هڪ ٿيو . ڪانگريس ، هوم رول ليگ ۽ مسلم ليگ جي پليٽ فارمن تان سياسي خدمتون سر انجام ڏنائين . ڪيترو عرصو بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر به ٿي رهيو . 09 مارچ 1924 تي وفات ڪيائين .

    15 جولاءِ 1887ع

    سنڌ مدرسة الاسلام جي موجوده عمارت جي پيڙهه جو پٿر گورنر جنرل لارڊ ڊفرن رکيو. عمارت 1890ع ۾ ٺهي راس ٿي . ان تي جملي هڪ لک ستانوي هزار هڪ سو اٺاسي روپيا ڏهه آنا ڇهه پايون لاڳت آئي . هن عمارت جو نقشو جيمس اسٽريچن ٺاهيو هو .

    14 سيپٽمبر 1887ع

    پراڻن هالن ۾ نامياري شاعر ۽ تعليم دان مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ جي ولادت ٿي . هن جو تعلق ڪلهوڙن جي دور جي عالم ۽ شآعر مخدوم عبدالروف ڀٽيءَ جي خاندان سان هو . سنڌ مدرسي ۾ پڙهيو ، ” الاسلام “ رسالو ايڊٽ ڪيائين ۽ ڪيترا ڪتاب لکيائين .

    25 سيپٽمبر 1887ع