Category: Chronology

  • 1912

     

     

    ڪراچيءَ ۾ ”پريم منڊلي“ جي نالي سان هندن طرفان سماجي ۽ ڌرمي ۽ ڌرمي تنظيم جوڙي وئي . جنهن جو دفتر بندر روڊ تي فيض حسيني بلڊنگ ۾ هوندو هو . هن تنظيم وري ريڊنگ روم ۽ لائبرري قائم ڪئي . ان کان سواءِ هيلٿ سرڪيوليٽنگ لائيبرري جو انوکو تجربو ڪيو . جنهن مطابق ميمبرن کي صحت ۽ فزيڪل ڪلچر بابت ڪتاب پڙهڻ لاءِ سندن گھر پهچاياويندا هئا . هن تنظيم طرفان ڀنگن لاءَ نائيٽ اسڪول به کوليو ويو . تنظيم وقت به وقت مختلف ماڻهن کان ليڪچر به ڪرائيندي هئي . ان کان سواءِ مذهبي ڏڻ ملهائيندي هئي ۽ سالگرهن تي اسٽيج ڊراما به پيش ڪندي هئي .

    1912ع

    هز هائينس سر سلطان محمد شاهه پرنس ڪريم آغا خان سنڌ مدرسة الاسلام جو معائنو ڪيو . ۽ هن اتي خطاب به ڪيو .

    18 جنوري 1912ع

    ”انجمن اشرف الاسلام“ ڪراچيءَ طرفان اولڊ مارڪيٽ چونڪ تي عوامي ميڙاڪو ٿيو . جنهن ۾ مولوي عبدالحڪيم درس خطاب ڪيو .

    03 مارچ 1912ع

     ”جنازي کي پورجي يا ساڙجي“ جي موضوع تي آريا سماجين ، مسلمانن ۽ عيسائين جو ٿيل مناظرو پڄاڻيءَ تي پهتو . هفتن کان هلندڙ هي مناظرو ڪراچيءَ جي ”انجمنِ ضياءُ الاسلام“ ، ”آريا ينگ مينس ائسوسيئيشن“ جي اهتمام سان انجمن جي دفتر ۾ ٿيندو هو .

    ٻيو مناظرو ”روح ۽ مادي جي حقيقت ۽ لافانيت“ جي موضوع تي پنجن ڏينهن يعنى 27 1پريل 1912ع تي ٿيو . جنهن ۾ بحث جي شروعات رام شيوڪ لعل ڪئي هئي . اهو ڌيان ۾ رکندي ته متان ههڙن مناظرن مان سنڌ جي مذهبي رواداريءَ واريون روايتون مجروح ٿين انجمنِ ضياءُ الاسلام اهڙن مناظرن ۾ شرڪت ڪرڻ ختم ڪري ڇڏي .  

    22 اپريل 1912ع

    حيدرآباد ۾ شرعي استادن جي تنظيم ”انجمنِ معلم الشرع“ جي مولوي حمادالله حاجيءَ جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي ، جنهن ۾ پنجن هزارن کان وڌيڪ مسلمانن شرڪت ڪئي . هن گڏجاڻيءَ ۾ ٺٽي جي قاضي فضل الله جي تجويز تي گوني تعلقي جي زميندار قاضي حاجي سيد اسدالله جي تائيد سان ٺهراءُ پاس ڪري ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر مسٽر لارينس کي واڌايون ڏنيون ويون . ڇوته هن مسلمانن کي سرڪيولر تعليم ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار پئي ادا ڪيو . 

    04 مئي 1912ع

    ڪراچيءَ ۾ ”محمدن ڪلب“ طرفان محمد ابراهيم کي خيرپور رياست جي وزير مقرر ٿيڻ تي آجياڻو ڏنو ويو . هن آجياڻي ۾ مير اڪبر ، ٺٽي جي قاضي فضل الله  ، حاجي غلام محمد خواجه ۽ ٻين شرڪت ڪئي . 

    02 جون 1912ع

    ڪراچيءَ ۾ ”محمدن ڪلب“ پنهنجي گڏجاڻيءَ ۾ ٺهراءُ پاس ڪري نارٿ ويسٽرن ريلوي جي ٽريفڪ سپريڊنٽ کي گذارش ڪئي ته اجمير جي زيارت تي ويندڙ سنڌ واسين کان اڌ ڀاڙو ورتو وڃي . ياد رهي ته واسطيدار عملدارن انهيءَ ٺهراءَ جي موٽ ڏني ته اها سهولت ڏيڻ ممڪن ناهي .

    07 جون 1912ع

    سنڌ مدرسي جي سيڪريٽريءَ لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي گذارش ڪئي ته مدرسي جي گرانٽ وڍائي وڃي . ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 30 آڪٽوبر 1912ع واري اجلاس ۾ 600 روپين جي اضافي گرانٽ ان شرط تي منظور ڪئي ته لاڙڪاڻي ضلعي سان واسطو رکندڙ شاگردن کي اسڪالر شپ ڏني وڃي .

    25 جولاءِ 1912ع

    اسسٽنٽ ڪليڪٽر لاڙڪاڻه پنهنجي مراسلي نمبر 197 ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي کي گذارش ڪئي ته تعلقي لوڪلبرڊ قمبر جا ٽي ڏاند مري ويا آهن ، ان ڪري ٽن ڏاندن جي خريداريءَ لاءِ 180 روپيا منظور ڪيا وڃن .

    ياد رهي ته هن زماني ۾ سرڪاري کوهن مان نار ذريعي پاڻي ڪڍڻ ، شهرن مان گند ڪچري کڻڻ ۽ روڊن رستن لاءِ ڍوئڻ ۽ ٿوري مفاصلي تي سرڪاري سامان ڍوئڻ لاءِ ڏاند گاڏيون ڪم آڻبيون هيون . بيلدار انهن ڏاند گاڏين هلائيندڙن کي چيو ويندو هو .

    ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر اها سفارش پنهنجي 30 آڪٽوبر واري اجلاس ۾ منظور ڪئي .

    12 آگسٽ 1912ع

    ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي گڏجاڻي ٿي . جنهن ۾ سرائي شاهه محمد لاهوري ، سرائي گھنور خان اسراڻ ، دوست محمد جتوئي ، ديوان مولچند ، سيد الله بخش ، ديوان ڀوڄراج پارو مل، رسول بخش ڀُٽي ، ڌڻي بخش جتوئي ، عبدالنبي جوڻيجي ، عبدالله خان چانڊئي ، جان محمد ٿيٻي ، ڏاتي خان چانڊئي ، قاضي محمد عالم ۽ سيٺ سنتداس هرچو مل شرڪت ڪئي .

           هن گڏجاڻيءَ ۾ بممئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبرن جي چونڊڻ لاءَ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجا ست ڊيليگيشنس منتخب ڪيا ، جيڪي هُئا ،

            وڏيرو رسول بخش ڀٽو (چيئرمين) ، سرائي گھنور خان ، ڌڻي بخش ، شاهه محمد لاهوري ، سيد الله بخش ، عبدالله خان چانڊيو ، جان محمد ٿيٻو ۽ قاضي محمد عالم .

    15 نومبر 1912ع

     

  • 1911

     

    مرزا قليچ بيگ ڪياب ”گلن جي ٽوڪري“ جو ديباچو لکيو . هي ڪتاب اصل ۾ ڪرسناف وان شيڊ نالي هڪ جرمني اديب جو لکيل آهي ، جنهن ۾ هڪ غريب مگر مهننتي ۽ ايماندار ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي ڏني وئي آهي . مرزا قليچ بيگ هن ترجمي ۾ ڪل چوويهه باب رکيا آهن . هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ساڳئي ئي سال ، يعنى 1911ع ۾ شايع ٿيو .

    01 مارچ 1911ع

    سنڌ ۾ مير ايوب جي صدارت هيٺ ”سنڌ هلال احمر سوسائٽيءَ“ جوڙي وئي . حاجي عبدالله هارون کي ان جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو . هن سوسائٽيءَ سموري سنڌ مان چندي ذريعي ناڻو هٿ وري طرابلس موڪليو ته جيئي اٽليءَ جي ظلم جو نشانو بڻيل مسلمانن جي مدد ڪئي وڃي .

    29 سيپٽمبر 1911ع

    رام پرتابراءِ پنجواڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو . گريجوئيشن ڪرڻ بعد ڊي . جي سنڌ ڪاليج ۾ استاد مقرر ٿيو . ورهاڱي بعد ڀارت لڏي ويو .

             هن جي ڪوشش سان ڊي . جي ڪاليج ۾ ”سنڌي سرڪل“ قائم ٿي . ناميارو گلوڪار ۽ قلم ڌڻي ٿيو .

    25 نومبر 1911ع

    برطانيه جو شهنشاهه هندستان جي دري  تي آيو . انهيءَ خوشيءَ ۾ ننڍن ملازمن کي اڌ پگھار جيترو بونس ڏنو ويو  . ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 14 جون 1912ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 37 موجب پنهنجي ڪنٽرول وارن کاتن ۽ سندن ننڍن ملازمن کي اڌ پگھار بونس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو .

    ڊسمبر 1911ع

     

  • 1910

     

     

    نئين بمبئي ڪائونسل جو اجلاس بمبئي ۾ شروع ٿيو . سنڌ مان چونڊجي آيل چئن ميمبرن سيٺ هر چندراءِ وشنداس (ميونسپالٽين طرفان)،سيد ميان الهندو شاهه (لوڪلبورڊن طرفان) ، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي (زميندارن ۽ جاگيردارن طرفان) ، مانٽيگو ويب (چيمبر آف ڪامرس طرفان) پڻ ان ۾ شرڪت ڪئي .

    04 جنوري 1910ع

    هوندراج ليلا رام ماڻڪ ”ڌايل“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو . 1947ع کان پوءِ لڏي وڃي آديپور ۾ آباد ٿيو . هن تحريڪ آزاديءَ ۾ پڻ حصو ورتو . سندس شمار مشهور شاعرن ، صحافين ۽ گائڪن ۾ ٿئي ٿو .

                هن جي لکيل ڪتابن مان ”ڪرشن ڀڄناولي“ (1923) ، ” آريا بچناولي“ (1946) ، ”سنگيت ڦول“ (1938) ، ”لاتيون ۽ جھونگار“ ۽ ” هوت هردي ۾ وڃايم“ ذڪر لائق آهن . هن هنديءَ ۾ پڻ ڪتاب لکيا آهن .

    16 جنوري 1910ع

    سنڌ مدرسي ۾ ”حسن علي آفندي هائوس“ واري عمارت ٺهي راس ٿي . ان جي پيڙهه جو پٿر جنوري 1909ع ۾ بمبئي جي گورنر ڪليرڪ رکيو هو . اڏاوت پهرين جنوري 1909ع کان شروع ٿي هئي . ۽ عيسى خان ان تي ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪيو .

    15 فيبروري 1910ع

    ”اسلامڪ ڪلب“ ڪراچيءَ جي عهديدارن ۽ ميمبرن سنڌ جي ٽن اڳواڻن مير الله بخش ٽالپور ، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ خانبهادر سيد الهندي شاهه جي مان ۾ رات جي ماني ۽ آجياڻي جو اهتمام ڪيو . هن گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ مدرسي جي پرنسپال ٽي . ايڇ وائينس ، نور ڀائي جعفري ، شيخ واليجي ابراهيم جي ، محمد قادر ، سيٺ عبدالرحيم صالح محمد ، مير ايوب ، يوسف علي ڀائي ۽ ايس جي حاجي به شرڪت ڪئي .

    07 آگسٽ 1910ع

    هندستان ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي برانچ انسپيڪٽر ، آسٽريليا جي رهواسڻ مس ڪي . برائونگ ڪراچيءَ پهتي . هن خالقڏني هال ۾ ڏهن ڏينهن ۾ اٺ ليڪچر ڏنا . اهي موضوع ٿياسافيءَ جي حوالي سان هئا ، ۽ انهن جا موضوع هئا ، انسان جو اندر ۽ ٻاهر ، ٿياسافي سمورن مذهبن جي سنگتياڻي ، ايندڙ تبديلي ، ڪرمه ، جذبن جو ملهه ۽ تربيت وغيره .

    20 آگسٽ 1910ع

    خالقڏنو هال ڪراچيءَ ۾ ٿياسافيءَ وارن عوامي گڏجاڻي سڏائي ، جنهن ۾ مائي ڪي برائونگ ”ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي پايو وجھندڙ“ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو . هن صاحبه وري 30 آگسٽ تي ٻيو ليڪچر به ڏنو ، جنهن جو عنوان هو ”انسان ذات جا قبيلا“

    28 آگسٽ 1910ع

    ”هاري تحريڪ جي روح روان ۽ هارين جي حقن لاءِ مثالي قربانيون ڏيندڙ شخص حيدر بخش جتوئيءَ جي ولادت ٿي . هن پنهنجي علم ۽ قلم سان سنڌ جي خدمت ڪئي .

    07 آڪٽوبر 1910ع

     

     

     

  • 1909

     

    بمبئي جي گورنر سر جارج سيڊن هام ڪليرڪ سنڌ مدرسي ۾ حسن علي هائوس جي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکيو . هن عمارت جي اڏاوت جو اڌ خرچ سنڌ واسين ڀريو هو ۽ اڌ سرڪار ڏنو هو . هيءَ جاءِفيبروري  1910ع ۾ پوري ٿي ٺهي .

    16 جنوري 1909ع

    هرچندراءِ وشنداس جي صدارت هيٺ ”برهمو سماج مندر“ ڪراچيءَ طرفان انهيءَ تنظيم جي باني ساڌو هيرانند جو ياد ڏهاڙو ملهايو ويو . خان ڏني حال ۾ منعقد ڪيل تقريب کي پروفيسر شهاڻي ۽ ٽي . ايل . واسواڻي خطاب ڪيو . جنهن ۾ مقررن ساڌو هيرانند جي شخصيت ۽ سماجي سڌاري لاءِ ورتل سندس ڪوشش تي روشني وڌي .

              هيءَ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته هن انظيم ڪراچيءَ واسين جي مثالي سماجي خدمت ڪئي ۽ مذهبي حوالي سان وري هندن ۾ آريا سماج واري مت کي مشهور ۽ مقبول ڪيو . مندر ، منڊل طرفان ڄاڻو عالمن کان ليڪچر ڪرايا ويندا هئا ۽ مذهبي آدرشن جا ڏينهن ملهايا ويندا هئا . خاص طور تي پروفيسر ٽي . ايل واسواڻي هن پليٽ فارم تان پنهنجي ڌرم ڀائين کي پنهنجي ڌات ۽ ڏاهپ جا مٽ پيارا .  

    17 جولاءِ 1909ع

    سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 1478 موجب ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي صلاح ڏني ته مسلمان شاگردن لاءِ ”اسپيشل اسڪالر شپ“ شروع ڪئي وڃي . اها اسڪالر شپ چئن سالن لاءِ هجي ۽ في اسڪالر شپ 40 کان 60 روپين تائين هجي . انهيءَ اسڪالر شپ آڌار تي پڙهي نڪتل شاگردن کي تعليم کاتي ۾ انسپيڪشن برانچ ۾ ملازمت ڏني ويندي .

           ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 02 نومبر 1909 واري اجلاس ۾ ٺهراءَ نمبر 5 ذريعي اسپيشل اسڪالر شپ جي اسڪيم منظور ڪئي . 

    19 جولاءِ 1909ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر رائيٽ جي صدارت ۾ اين . جي .وي هاءِ اسڪول ۾ تعليمي ڪانفرنس ٿي ، جنهن ۾ ”ائنگلو ورنيڪيولر“ اسڪولن جي نصاب تي غور ويچار ڪيو ويو . هن ۾ ڪراچيءَ جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪولن جي هيڊ ماسترن اين ايڇ اڪيڊمي ۽ نئون وديا حيدرآباد جي هيڊ ماسترن به شرڪت ڪئي .  

    19 جولاءِ 1909ع

    ”انجمنِ ميمن ڪراچي“ جي گڏجاڻي ٿي . جنهن ۾ هڪ ٺهراءَ ذريعي رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ کي گذارش ڪئي وئي ته هو انجمن جي صدارت قبول ڪري .

    19 جولاءِ 1909ع

    گوبند رام سلاتراءِ راءِسنگھاڻي شهداد ڪوٽ ۾ ڄائو . 1947ع جي ورهاڱي کانپوءِ لڏي وڃي انڊور ۾ ويٺو . سندس شمار ليکڪن ، شاعرن ، ڪهاڻيڪارن ۽ مضمون نگارن ۾ ٿئي ٿو .

    01 آگسٽ 1909ع

    ڪراچيءَ جي ڊي . جي سنڌ ڪاليج ڊبيٽگ ائنڊ لٽرري سوسائٽيءَ طرفان ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو . جنهن ۾ پروفيسر ايڇ . پي فاريل ” انگلينڊ جا تعليمي ادارا “ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو .

    04 آگسٽ 1909ع

    ڪراچيءَ جي ڊي . جي سنڌ ڪاليج ڊبيٽگ ائنڊ لٽرري سوسائٽيءَ طرفان ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو . جنهن ۾ وويب ” سيروسفر “ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو .

    10 آگسٽ 1909ع

    سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر جي ــ 368 ۾ لوڪلبورڊس کي صلاح ڏني ته ”ايڊيوڪيشن سيس بل“ جي روشنيءَ ۾ ماڻهن کان تعليمي محصول (ايڊيوڪيشن سيس) ورتو وڃي ته جيئن تعليم کي عام ڪرڻ ۾ آساني ٿئي .

            ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ پنهنجي 02 نومبر 1909ع واري اجلاس ۾ ٺهراءَ نمبر 12 ذريعي سرائي شاهه محمد لاهوريءَ جي تجويز منظور ڪئي ته تعليمي محصول فقط 3 پايون ورتو وڃي . سو به مسلمانن کان .

    12 آگسٽ 1909ع

    ڪراچيءَ جي ڊي . جي سنڌ ڪاليج ڊبيٽگ ائنڊ لٽرري سوسائٽيءَ طرفان ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو . جنهن ۾ ٽي ايل واسواڻيءَ ”هيرانند ۽ سندس زندگيءَ جو مقصد“ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو .

    17 آگسٽ 1909

    ڪراچيءَ جي ڊي . جي سنڌ ڪاليج ڊبيٽگ ائنڊ لٽرري سوسائٽيءَ طرفان ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو . جنهن ۾ پروفيسر ايف لڊلو ” اهي بيماريون جيڪي قوم لاءِ هاڃيڪار آهن “ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو .

    31 آگسٽ 1909ع

    سنڌ جي ائڪٽنگ ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 3456 ذريعي لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر کي لکيو ته اوهان جيڪا پنهنجي لکپڙهه نمبر 4421 تاريخ 20 آگسٽ 1909ع ۾ سفارش ڪئي آهي ته لاڙڪاڻي ۽ رتيديري جي زميندارن کي سرڪار سان سهڪار ڪرڻ جي موٽ ۾ سيري گرانٽ ڏني وڃي ، اها قبول نه ٿي ڪري سگھجي  . ڇوته اهڙو عمل سرڪار جي وڏي غلطي برابر ٿيندو . اهو زميندارن تي فرض عائد ٿو ٿئي ته هو امن امان قائم ڪرڻ ۽ ڏوهن گھٽائڻ ۾ سرڪار جو ساٿ ڏين . اهو ئي زميندارن لاءِ اعزاز آهي .

    01 سيپٽمبر 1909ع

    سنڌ (حيدرآباد) ۾ ساڌو نوبتراءِ سڀ کان پهريون 1866ع ۾ سک خالصن جي مذهبي ، سماجي ۽ ثقافتي تنظيم ”سک سڀا“ قائم ڪئي . انهيءَ کان وٺي پاڪستان قائم ٿيڻ تائين سک پنهنجي شخصيت کي قائم رکندا آيا . سندن اهڙين ارگرمين جو رڪارڊ گل حيات ۾ موجود آهي .

          هن تاريخ تي ڪراچيءَ ۾ سکن جي ٻئي تنظيم ”گورسنگ سڀا“ طرفان گرو نانڪ جي وڏي پئماني تي سالگره ملهائي ويئي .

    27 سيپٽمبر 1909ع

     

  • 1908

     

     

    سموري هندستان ۾ مکيه 28 بينڪون سرگرمِ عمل رهيون . جن جون وڏن شهرن ۾ برانچون هيون . انهن مان هڪ بينڪ ”پنجاب ائنڊ سنڌ بينڪ“ به هئي . جنهنجي جملي موڙي 75000 روپيا هئي . 

    1908ع

    سيٺ هرچندراءِ جي صدارت هيٺ سکر ۾ پهرن ”سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ ٿي . جيڪا ٻه ڏينهن هلي . لاڙڪاڻي مان به ڪيترن ماڻهن هم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي .پر جن تقريرون ڪيون ۽ ٺهرائن پاس ڪرائڻ ۾ ٽيڪو ڏنو اهي هئا ، سنترام ديارام (لاڙڪاڻو) ۽ حڪومتراءِ (طيب) .

    17 اپريل 1908ع

     

  • 1906

     

     

    تيرٿ گوبندرام سڀاڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو . 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ بمبئي لڏي ويٺو . شندس شمار مشهور ليکڪن ۽ صحافين ۾ ٿئي ٿو . هن ڪيترائي ناول لکيا۽ ترجمو ڪيا. بمبئي ۾ سالن جا سال هفتيوار اخبار ”هندو واسي“ جو ايڊيٽر ٿي رهيو .

    26 فيبروري 1906ع

    سنڌ ۾ ”برٽش امپائر ليگ“ جي شاخ کولي ويئي . هن ۾ سرڪار دوست هندن ، مسلمانن ۽ ٻين مذهبن وارن شرڪت ڪئي . ليگ جو مقصد اهو هو ته عوام ۾ حڪومت سان غير مشروط تعاون ۽ همدرديءَ وارا جذبا اُڀاريا وڃن . هن ليگ جا وڌيڪ مقصد ”گل حيات“ ۽ ان جي ويب سائيٽ تان وٺي سگھجن ٿا .

    05 مارچ 1906ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ڪمشنر مسٽر اي . ڊي . ينگ هسبنڊ ججي صدارت ۾ ”برٽش امپائر ليگ“ جي شاخ کولي ويئي . مسٽر ورين ان جو پهريون سيڪريٽري ٿيو . هن ليگ ۾ انگريز عهديدار ، هندو ، مسلمان ، پارسي وغيره ميمبر هئا . ليگ جهڙوڪ فرنگي حڪمرانن جي وفادارن جو ٽولو هئي . ليگ بابت بنيادي ۽ اهم مواد گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آهي . 

    05 مارچ 1906ع

    تيرٿ داس هوتچند حيدرآباد ۾ ڄائو . جنهن اڳتي هلي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڪم ڪيو . هن انگريزيءَ ۾ لاکيڻي لطيف تي جيڪي ڪتاب لکيا انهن مان ”شاهه عبداللطيف جي ستن ڪهاڻين جو تعارف“ ، سر ليلى چنيسر“ ”سر ڪاموڏ“ ۽ ”سر سورٺ“ ذڪر لائق آهن .

    04 جون 1906ع

    مٽياريءِ ۾ خانبهادر سيد حسن علي شاهه جي گھر ۾ ۾محمد علي شاهه ڄائو . هن ضلعي لوڪلبورڊ حيدرآباد جي ميمبر ٿيڻ سان سيايت ۾ حصو ورتو . ڪجھ وقت ان جو صدر به ٿي رهيو . ان کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿيو . 12 نومبر 1961ع تي وفات ڪيائين .

    19 سيپٽمبر 1906ع

    شيوڪ ڀوڄرا ”کڙکٻيتو“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو . 1947ع کان پوءِ لڏي وڃي ڀارت ويٺو . سنڌ ۾ رهڻ دوران هو مشهور ليکڪ ۽ ادبي تنظيم سازيءَ جي ماهر طور پاڻ مڃرائي چڪو هو . سندس ئي ڪوشش سان سنڌ ۾ ”ٻالڪن جي ٻاري“ ٺهي .

              ورهاڱي کان اڳ سندس ناول شايع ٿي چڪا هئا . ڀارت وڃڻ کان پوءِ هن علم ، ادب ۽ صحافت جي دنيا وسائي .

    01 آڪٽوبر 1906ع

     

  • 1905

     

     

    پنهنجي وقت جي وڏي عالم ۽ ڪيترن ئي عالمن جي استاد بزرگ ۽ شاعر مولانا ميان غلام صديق ميڪڻ شهدادڪوٽيءَ جي رحلت ٿي . هي بزرگ 24 مارچ 1844ع تي بلوچستان جي علائقي ناڙيءَ جي ڳوٺ ڪنڍو ۾ ڄائو . هن شهداد ڪوٽ ۾ ”مدرسه نور محمديه“ قائم ڪيو . هن مدرسي جي خرچ پکي هلائڻ لاءِ سرائي پير بخش کهاوڙ ڇهه سو جريب زمين جا وقف ڪيا هئا .  

    28 مئي 1905ع

     

  • 1904

     

    سيٺ هرچند راءِ وشنداس سنڌ ۾ ”سنڌ ۾ هندو سڀا“ ٺآهڻ لاءِ سنڌ جو دورو ڪندي لاڙڪاڻي پهتو ۽ لال چند نولراءِ وٽ رهي سندس سهڪار سان پورا ٻه ڏينهن لاڙڪاڻي جي هندن سان ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ کين ”سنڌ هندو سڀا“ جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ حصي وٺڻ لاءِ آماده ڪيائين .

    17 نومبر 1904ع

    پنهنجي دور جي نامياري عالم ۽ ڪيترن عالمن جي استاد علامه محمد هاشم سومري ڳڙهي ياسين ۾ وفات ڪئي . هي بزرگ شهداد ڪوٽ ۾ ڄائو هو . مختلف هنڌن تي مدرسا کولي ديني تعليم ڏنائين . آخر ۾ اچي ڳڙهي ياسين ۾ رهيو ۽ اُتي مدرسو قائم ڪيائين . علم ۽ قلم جو ڌڻي هو .

    02 ڊسمبر 1904ع

     

  • 1903

     

     

    فرنگي سرڪار سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان ترت پوءِ خام مال کي ملڪ مان هٿ ڪري ٻاهر موڪلڻ تي خاص توجھ ڏنو . نتيجي ۾ واپار جي ملهه ۾ تڪڙو ۽ تمام وڏو اضافو آيو . پهرين سال يعنى 1843 ۾ 12 لکن جو واپار ٿيو . هر سال ان ۾ ڏيڍوڻو ۽ ٻيڻو اضافو ٿيو . تا جو 1857 ۾ اهو ٻن ڪروڙ رپين کان وڌي ويو . 1863 ۾ ڇهه ڪروڙ 1892 ۾ يارنهن ڪروڙ ، 1903 ۾ 24 ڪروڙ 90 لک تي پهتو .

    1903ع

    پوڄراج هوتچند ناگراڻي حيدر آباد ۾ ڄائو ، پوئين وهيءَ ۾ موٽ کاڌائين ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو . انڪري زندگيءَ جا باقي ڌينهن گذارڻ لاءِ بمبئي ويٺو . هن سنڌ خواهه هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي .

    01 اپريل 1903

    لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪليڪٽر ايل . جي مائونٽ فورڊ پننهجي لکپڙهه نمبر 3918 ذريعي سنڌ جي ڪمشنر کي ضلعي جي سرڪاري ۽ تاريخي اهميت واري رڪارڊ جي حفاظت جي اُپائن کان باخبر ڪندي چيو ته جولاءِ 1901ع ۾ سکر ۽ ڪراچي ضلعن مان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ رڪارڊ منتقل ڪيو ويو هيو . ڪليڪٽر جو هيڊ منشي سنڌي رڪارڊ جي نگراني ڪندو آهي . جڏهن ته انگريزي زبان وارو رڪارڊ هيڊ ڪلارڪ جي چارج ۾ هوندو آهي . هن پنهنجي لکپڙهه ۾ نشاندهي ڪئي ته هتي تمام اهم ۽ تاريخي اهميت وارو رڪارڊ محفوظ آهي  . جيئن ته لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي دفتر ۾ اها اصلي لکپڙهه موجود آهي جيڪا ”انڊس وئلي اسٽيٽ ريلوي“ اٿارٽي وارن ڪئي هئي . ياد رهي ته ”گل حيات“ ضلعي حڪومت کي ”لاڙڪاڻه آرڪائيوز“ ٺاهڻ جي صلاح انڪري ڏني هئي ته جيئن اسان جي تاريخ سان لاڳاپيل اهو اهم مواد محفوظ ٿي سگھي .   

    13 جولاءِ 1903ع

    ڪمشنر سنڌ جي معلوم ڪرڻ تي شڪارپور جي ائڪٽنگ ڊسٽرڪٽ جي ٺاڪر داس ماٿرداس پنهنجي خط و ڪتابت نمبر 1259 ۾ سرڪار کي ٻڌايو ته ماتحت جج جي لاڙڪاڻي واري ڪورٽ ۾ 1865ع کان وٺي عدليه سان لاڳاپيل مواد موجود آهي . ۽ اهو رڪارڊ نهايت احتياط ۽ خيال سان محفوظ ڪيو ويو آهي . ياد رهي ته سنڌ سرڪار کي وڏو اونو هو ته آرڪائيوز جي اهميت واري رڪارڊ جي اهميت مطابق حفاظت ٿيڻ گھرجي .

    24 جولاءِ 1903ع

     

  • 1902

     

    رئيس امام بخش ولد علي خان ڳاهو ڄائو ، جيڪو ٽيهه سال ”ڊسٽرڪٽ لولڍڪلبورڊ“ ڪراچيءَ جو ميمبر ٿي رهيو . ان کانسواءِ ڪجھ وقت تعلقي گھوڙا ٻاري جو پريزيڊنٽ به بڻيو . هن ڪمشنر جي درٻار جي ڪرسيءَ جي سند ماڻڻ کان سواءِ ”قيصر هند“ جو تمغو ، ڪيترئي آفرين ناما ۽ ”خانصاحب“ جو لقب به حاصل ڪيو ۽ ”جسٽس آف پيس“ به ٿي رهيو.   هن سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ بعد مسلم ليگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ تعلقي گھوڙا ٻاريءَ مسلم ليگ جي صدر هئڻ کان سواءِ صوبي مسلم ليگ جو ميمبر به ٿيو .  

    04 جنوري 1902ع