Category: Chronology

  • 1928

     

    1928ع

    ”شدي تحريڪ“ ۽ ان تي مسلمانن جي رد عمل ۽ ”سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ“ ۽ ان تي سنڌي هندن جي رد عمل سنڌ ۾ جنهن فرقيواريت ۽ باهمي بي اعتمادي واري ماحول کي جنم ڏنو، انهيءَ پس منظر ۾ ”هندو سڀا“ حيدرآباد ۽ آءِ تراءِ پرسرام گلراجاڻيءَ جو ڪتاب ”هندن کي خطروهندو سجاڳ ٿيو“ شايع ڪرايو.

    1 جنوري 1928ع

    جيوترام کيمچند گوگيا ”جوت“ اٻاوڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو، هندستان جو ورهاڱو ٿيو ته کيس وطن جا وڻ ڇڏي وڃي، الهاس نگر آباد ڪرڻو پيو، هن اتي ئي ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ علم ادب جي دنيا ۾ پاڻ رکيو.

    22 جنوري 1928ع

    نارائڻداس آنندجي جي صدارت ۾ ڪراچي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سوامي گووندا نند، محمد خان، سيٺ حاجي عبدالله هارون، پروفيسر جهمٽمل، مني لال وياس، شيخ عبدالمجيد، مير محمد بلوچ، آر ڪي سڌوا ۽ نرسنگ لال شرڪت ڪئي، گڏجاڻيءَ ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته 3 فيبروري 1928ع تي سنڌ ۾ سائمن ڪميشن خلاف احتجاج ڪيو وڃي.

    3 فيبروري 1928ع

    آئيني سڌارن بابت هندستانين سان ويچار ونڊڻ لاءِ برطانيه سرڪار جي جوڙيل ”سائمن ڪميشن“ هندستان پهتي، جيئن ته هن ڪميشن تي ڪو به هندستاني سياستدان ميمبر طور نه کنيو ويو، ان ڪري ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ ٻين پارٽين طرفان ان ڪميشن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو۽ هندستان ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو.

    13 فيبروري 1928ع

    ڊيلي گزيٽ اخبار ۾ خبر شايع ٿي ته محمد ايوب کهڙي کي بمبئي سرڪار اسپيشل آنرري ٿرڊ ڪلاس مئجسٽريٽ مقرر ڪيو آهي، هو پنهنجا اختيار لاڙڪاڻي ۾ ڪم آڻي سگهندو.

    16 فيبروري 1928ع

    ٺاڪرداس ڀاونداس تولاڻي ”ٺاڪر“، بهلاڻي، ضلعي نواب شاهه ۾ ڄائو، هندستان جو ورهاڱو ٿيو ته لڏي وڃي راڻيپور ۾ ويٺو، هي پاڻ جڏهن سنڌ ۾ هوندو هئو تڏهن به علم ادب جا گهڙا ڀريائين ۽ انهيءَ ريت کي اتي به وڃي نڀايائين.

    5 مئي 1928ع

    مخدوم ميان غلام حيدر جي شادي ٿي.

    12 جون 1928ع

    ”الوحيد“ جي پرچي ۾ بمبئي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري مسئلي تي هندن ۽ مسلمانن جي ٿيل گڏجاڻيءَ جي ڪاروائي شايع ٿي.

    12جون 1928ع

    سڄي سنڌ جيان لاڙڪاڻي ۾ به ”برودلي دي“ ملهايو ويو، لاڙڪاڻي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي اهتمام سان شيرسنگ وڪيل جي صدارت ۾ بولس پارڪ ۾ جلسو ٿيو، جنهن برودلي جي مقامي ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو، جن کي ملازمتن ۾ نظر انداز ڪندي پٺاڻن کي عام جام نوڪريون ڏنيون وڃن ۽ ان کان سواءِ مٿين ڳاٽي ڀڳيون ڍلون مڙيون وڃن ٿيون.

    هن عوامي ميڙ ۾ ٻن ٺهرائن ذريعي برودليءَ ۾ حڪومت جي پاليسيءَ جي مذمت ڪئي وئي ۽ ستياگرهي برودلين سان همدردي ڪئي وئي.

    12 جون 1928ع

    ڪانگريس طرفان سموريءَ سنڌ ۾ برودلي ڏينهن ملهايو ويو، انهيءَ حوالي سان وڏن شهرن ۾ ميڙاڪا ڪيا ويا ۽ جلوس ڪڍيا ويا.

    1 جولاءِ 1928ع

    سنڌ مسلم پوليٽيڪل ڪانفرنس جي آڌر ڀاءُ ڪاميٽيءَ جي ڪراچيءَ ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ٺهراءُ ڪاميٽي، کاڌي پيتي جي خيال رکڻ واري ڪاميٽي ۽ اجلاس خواه اسٽيج سينگارڻ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي وئي، ٺهراءُ ڪاميٽيءَ ۾ ٻين سان گڏ لاڙڪاڻه واسي خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي به ميمبر طور کنيو ويو.

    2 جولاءِ 1928ع

    سرغلام حسين هدايت الله کي ايگزيڪيوٽو ميمبر مقرر ڪرڻ تي سندس تڪ مان بمبئي اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ لاءِ نامينيشن پيپر ڀريا ويا.

    13 جولاءِ 1928ع

    بمبئي ڪائونسل جو پونا ۾ اجلاس ٿيو، دکن جي جاگيردارن متعلق ائڪٽ ۾ درستيءَ بابت بحث ٿيوهليو، (ميمبرن جي دلچسپيءَ جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سيد ميران محمد شاهه جلسي هلڻ دوران پنهنجي دوستن ڏانهن خط لکيا) اهو سندس اسيمبليءَ ۾ اچڻ جو پهريون ڏينهن هو.

    17 جولاءِ 1928ع

    سنڌ جي نمائنده هندن، مسلمانن ۽ ٻين جاتين جي وچ ۾ فرقيوارنه معاهدو ٿيو، جنهن سمورن انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪيو وڃي.

    17 جولاءِ 1928ع

    سنڌ جي هندن، مسلمانن ۽ پارسين جي وچ ۾ سنڌ جي عليحدگيءَ بابت ٺاهه ٿيو، جنهن ۾ ڌرين گڏيل چونڊجي نظام تحت سنڌ کي الڳ صوبو بنائڻ جو اقرار ڪيو،  هن ٺاهه تي 19 هندو، 8 مسلمان ۽ 2 پارسي اڳواڻن صحيحون ڪيون، انهن جا نالا هن ريت آهن.

    حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاتم علوي، حاجي مير محمد بلوچ، عبدالجبار، ڊاڪٽر شيخ نور محمد، مير الله بخش، قاضي عبدالرحمان، جمشيد ميهتا، مشٽر ڪي سڌوا تاراچند، ٽيڪمداس، واڌو مل، رام بي موٽواڻي، ريجهو مل لاڙڪاڻائي، ڀرپوداس ٽلاڻي، بسنت رام، ارجندس، ڪشنداس جهامراءِ، پامنداس، رامچند، جيٺمل پرسرام، پروفيسر جهٽ مل، لعل چند جڳتياڻي، وشنو شرما گوپالداس ليکراج، نارائڻداس بيچر، سوامي گووندا نند، ڪي پنيا ۽ ڪي جيسواڻي.

    6 آگسٽ 1928ع

    ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ“ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ هڪ ٺهراءُ ذريعي خلافتي ماڻهن کي تاڪيد ڪيو ويو ته اهي مقامي چونڊن ۾ حصو نه وٺن.

    2 آڪٽوبر 1928ع

    ايشور نارائڻ داس شرما ڪراچيءَ ۾ ڄائو، جيڪو اڳتي هلي ايشور ”آنچل“ جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو، ورهاڱي کان پوءِ هي صاحب لڏي وڃي الهاس نگر ۾ ويٺو.

    2 آڪٽوبر 1928ع

    مولانا حسين احمد مدنيءَ جي صدارت هيٺ سکر ۾ ”ستين سنڌ پراونشل خلافت ڪانفرنس“ ٿي، ڊاڪٽر انصاري، ابوالڪلام ”آزاد“، مولانا ظفر علي خان، مولانا احمد علي ۽ مولانا حيب الرحمان لڌيانوي جهڙن ٻاهرين مهمانن کان سواءِ سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد جي ٻن هزارن ڊيليگيٽس شرڪت ڪئي، سنڌ سطح جي اڳواڻن مان حاجي عبدالله هارون، مير محمد بلوچ، سيد علي اڪبر شاهه، مولانا چشتي، مولانا وفائي ۽ مولوي معاذ شرڪت ڪئي، ڪيترا ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، جن مان ”سائمن ڪميشن“ جو بائيڪاٽ ۽ بئراج ٺهڻ وقت مسجد خواه مقامن کي بچائڻ وارا ٺهراءُ ذڪر لائق آهن، هن ڪانفرنس لاءِ مولانا تاج محمود امروٽي آڌر ڀاءُ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين هو.

    29 آڪٽوبر 1928ع

    سکر ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ مقررين مسلمانن کي مذهبي ۽ سياسي تشخص برقرار رکڻ ۽ ڏيهي صنعت کي زور وٺرائڻ جي صلاح ڏني.

    30 آڪٽوبر 1928ع

    سنڌ ڪانگريس ڪاميٽيءَ ”سائمن ڪميشن“ جي آمد تي سموريءَ سنڌ ۾ بائيڪاٽ ڪرڻ واري پروگرام کي آخري شڪل ڏني.

    31 آڪٽوبر 1928ع

    بمبئي جو گورنر سرليسيل ۽ سندس گهرواري ليڊي ولسن الوداعي دوري تي ڪراچي آيو، هن سنڌ مدرسي جو دورو ڪيو جتي پرنسپال ڊاڪٽر دائودپوٽي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو، دروازي تي شاگردن هن لاءِ سنڌيءَ ۾ گيت ڳايا،

    فريئر هال ۾ سنڌ محمد ايسوسئيشن جي صدر سرشاهنواز خان ڀٽي کيس سپاس نامو پيش ڪيو، جنهن تي ٻين ضلعن کان علاوه لاڙڪاڻي ضلعي جي مسلم اڳواڻن ۽ سنڌ محمد ايسوسئيشن جي ميمبرن جا نالا ڏنل هئا، اهي هئا: محمد ايوب کهڙو، سنڌ محمدن ايسوسئيشن جو نائب صدر حاجي امير علي لاهوري، غلام محمد اسراڻ، محمد پريل ڪلهوڙو، سردار واحد بخش ڀٽو ۽ نواب غيبي خان چانڊيو.

    هن سپاس نامي ۾ سنڌ لئنڊ ايلينيشن بل ۽ سنڌ مدرسي جي مسئلن کان سواءِ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري ڳالهه به آندي وئي هئي.

    3 نومبر 1928ع

    سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ”سائمن ڪميشن“ خلاف ڪلاسن جو استادن ۽ شاگردن بائيڪاٽ ڪيو.

    12 نومبر 1928ع

    ”سائمن ڪميشن“ سنڌ جي بمبئي کان جدائي واري مسئلي تي ڪراچيءَ ۾ مسلمانن ۽ هندن جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، سرشاهنواز ڀٽو ۽ ميران محمد شاهه انهيءَ ڪميشن جا ميمبر هئا، ”سنڌ محمدن ايسوسئيشن“ طرفان خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ ”هندو مها سڀا“ طرفان پروفيسر ڇٻلاڻيءَ هن ڪميشن اڳيان پنهنجو پنهنجو ڪيس پيش ڪيو، انهيءَ موقعي تي ”سنڌ محمدن ايسوسئيشن“ جيڪو ميمورنڊم پيش ڪيو، ان تي سر شاهنواز خان ڀٽي جي صدر جي حيثيت ۾ محمد ايوب کهڙي جي نائب صدر جي حيثيت ۾، ولي محمد حسن علي جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ دستخط ٿيل هئي، ڪميشن اڳيان سنڌ محمدن ايسوسئيشن جا جملي اٺ اڳواڻ پيش ٿيا ۽ بيان ڏنا، انهن مان ٻه (کهڙو ۽ واحد بخش ڀٽو) لاڙڪاڻي واسي هئا.

    12 نومبر 1928ع

    ”سائمن ڪميشن“ آئيني سڌارن بابت ماڻهن کان رايا وٺڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ هندو سڀا“ کي ملاقات جو ٽائيم ڏنو، هن جماعت پنهنجي ميمورنڊم ۾ سنڌ کي بمبئي کان جدا نه ڪرڻ واري مطالبي کي دهرايو.

    ڊسمبر 1928ع

    سکر مان ڊاڪٽر محمد يامين جي ايڊيٽريءَ ۾ ”دعوت اسلام“ نالي پندره روزه اخبار جاري ٿي، سنڌي ۽ اردو ۾ شايع ٿيندڙ هيءَ اخبار اڳتي هلي روزاني ٿي، ”مسجد منزل گاهه تحريڪ“ وارن ڏينهن ۾ مسلم ليگ جو آرگن ٿي وئي.

    19 سيپٽمبر 1928ع

    ڪراچيءَ ۾ ”سڌارٿا“ جي عنوان سان انگريزيءَ ۾ ڊرامو اسٽيج ٿيو، جنهن ۾ موسيقار اي جي چاڳلا هو، جڏهن ته همايون مرزا (سڌارٿا)، شيرين مرزا (شاگردياڻي) ۽ پرنسپال گوڪلي (شدونڌا) اداڪاري ڪئي.

    14 ڊسمبر 1928ع

    گوبنڊ لوڪرام ڀاٽيه لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي بمبئي ۾ آباد ٿيو، سندس شمار مشهور شاعرن، مضمون نگارن ۽ مترجمن ۾ ٿئي ٿو، سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ سندس ڪتاب پڻ شايع ٿيا آهن ڪيترو وقت صحافت سان به لاڳاپيل رهيو آهي.

  • 1927

     

    1927ع

    لاڙڪاڻي جي بااثر هندن هڪ مسلمان عورت کي هر کائي هندو بنايو، عورت کي ٽي ٻار هئا، سندس وارثن ڪورٽ جا در کڙڪايا ته جيئن ٻار وٺي سگهن، ليڪن لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اها گهر رد ڪئي، نتيجي ۾ لاڙڪاڻي ۾ هندومسلم فساد ٿيا، لاڙڪاڻي مان 38 مسلمانن کي گرفتار ڪري 15 ڄڻن تي قلم 369 انڊين پينل ڪوڊ هيٺ ڪيس هلايو.

    اها باهه اڃا وساڻي ئي ڪو نه هئي ته عبدالله کوکر ۽ دلاور ماڇيءَ جي ٻارن کي زوريءَ هندو بڻايو ويو، ان وقت لاڙڪاڻي جا بااختيار عملدار هندو هئا ۽ مسلمانن انهن جي غير جانبداريءَ تي اعتراض واريا، حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون ۽ وري هندو مسلم هنگامن جي باهه ٻري پئي.

    8 جنوري 1927ع

    سنڌ جي ڪمشنر ڊبليو ايف هڊسن ڪراچيءَ ۾ ”رام گوپال مهوٽا هندو جيمخاني“ کولڻ واري رسم ادا ڪئي.

    11 جنوري 1927ع

    مخدوم نوح عليه رحمت جي درگاهه جي سجاده نشين مخدوم ميان امين محمد جي فرزند، ميان ظهير الدين عرف ميان پروڄام وفات ڪئي.

    24 جنوري 1927ع

    عبدالحي ولد مولانا محمد قاسم مارفاڻي چانڊيو، تعلقي قمبر جي ڳوٺ ڊرگهه سومر خان چانڊيي ۾ ڄائو، هن اڳتي هلي تعليم ۽ علم ادب جي دنيا ۾ نالو ڪمايو ۽ مولوي ۽ پروفيسر جي حيثيت ماڻي، هن ئي قمبر شهر ۾ شاهه لطيف ڪاليج قائم ڪيو، جيڪو 1972ع ۾ سرڪار پنهنجي تحويل ۾ ورتو.

    2 فيبروري 1927ع

    ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن پنهنجي هڪ ٺهراءُ ذريعي هند سرڪار طرفان چين ڏانهن فوج موڪلڻ واري قدم تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

    9 فيبروري 1927ع

    ڪميونسٽ اڳواڻ مسٽر سڪلات والا ڪراچيءَ آيو، هن مختلف تنظيمن ۽ تنظيمي اڳواڻن ۽ سياستدانن سان ملاقات ڪئي، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن کيس آجياڻو ڏنو ۽ ان موقعي تي سپاس نامو پڻ ڏنو.

    9 فيبروري 1927ع

    پير مٺل شاهه جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻي ۾ مذهبي جلسو ٿيو، جنهن ۾ ”ويدن“ جي مذهبي، تاريخي ۽ مستند حيثيت تي خيالن جو اظهار ڪيو ويو، ٻئي ڏينهن تي هندن جوابي جلسو ڪيو ۽ ان لاءِ پڌرو ڪيو ويو ته جلسي جي آخر ۾ ويدن تي اعتراض ڪندڙ مسلمانن کي جواب ڏنا ويندا، ان ڪري انهيءَ جلسي ۾ مولانا دهلوي، مولانا وفائي، مولانا چشتي، سيٺ خدا داد خان، نظر علي آغا ۽ سوين مسلمان الله اڪبر جا نعرا هڻندا شريڪ ٿيا ۽ ويدن بابت اعتراض ڪندڙ مسلمانن کي آرين جواب ڪو نه ڏنا، ساري رات جلسو هليو، ٽي ڏينهن جمعي هجڻ لري مسلمانن گهاڙ ڀڪ تي نماز پڙهي، ائين آرين ۽ مسلمانن جو ويدن بابت مناظرو 9 فيبروري کان 11 فيبروري تائين هليو.

    11 فيبروري 1927ع

    ساڌ ٻيلي جي مهنت صاحب ”هندو سڀا سکر“ جي صدر ويرومل بيگراج، ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ ٻين اڳواڻن جي صحيح سان ڳوٺ چڄڙا، تعلقي قمبر ۾ تازو ملسمان ٿيل شيخ محمد رمضان ڏي خط لکيو ويو ته اوهان کي مسلمانن برغلائي اسلام قبول ڪرايو آهي، پر اوهان سندن ڦهلايل ڄار ۾ نه ڦاسجو، ڇو ته اوهان گئوٻڪشن جي ور چڙهي گئو ريکا ڌرم نه ٿا ڇڏي سگهو، اوهان هندو وير آهيو.

    هن خط جو جواب شيخ محمد رمضان سنجوگيءَ ڏنو، خط ۽ ان جو جواب اخبارن ۾ شايع ٿيو، جيڪو مواد گل حيات ۾ موجود آهي، شيخ محمد رمضان پنهنجي خط جي آخر ۾ لکيو آهي ته مهرباني ڪري اسنا ڏي وري اهڙا خط نه موڪليندا ۽ هر هر ستائڻ اوهان کي واجب نه آهي، ڇو ته اسان اسلام جا سهڻا سخن ڏسي وڏي دل جي خوشيءَ سان اسلام جا عاشق صادق بڻجي ويا آهيون.

    30 مارچ 1927ع

    لاڙڪاڻي شهر ۾ هندو مسلم فساد ٿيو، جهيڙو هڪ مسلمان عورت جي هندو ٿيڻ تي شروع ٿيو، هوءَ پاڻ ته هندو ٿي، پر ٻار به پنهنجي قبضي ۾ رکيائين، انهيءَ ڏينهن تي لاڙڪاڻي جي ”هندو پنچائت“ ۽ ”هندو سڀا“ ڪراچيءَ پنهنجي اڳواڻن سان رابطو قائم ڪيو، نتيجي ۾ هرچندراءِ وشنداس جي اڳواڻيءَ هيٺ پرنسپال شاهاڻي، آرببي شيوارام، سيٺ لوڪومل، سيٺ ايسرداس، سيٺ حڪومتراءِ ۽ پنها وفد جي صورت ۾ ڪمشنر سان مليا، ان کان هڪ ”هندو سڀا“ جي گڏجاڻي ٿي.

    2 اپريل 1927ع

    لاڙڪاڻي جي فسادن سبب بمبئي ۾ رهندڙ سنڌي هندو واپارين جيرامداس دولترام جي اڳواڻيءَ هيٺ هوم ميمبر سان ملاقات ڪري کيس لاڙڪاڻي پئنچائت ۽ هندو سڀا طرفان موڪليل ڳڻتيءَ جوڳن اطلاعن کان آگاهه ڪيو، وفد سرڪار تي زور ڀريو ته 4 اپريل تي عيد ٿيندي ۽ ان موقعي تي هندن جي جان مال کي خطرو آهي، ان ڪري لاڙڪاڻي ۾ امن امان رکڻ لاءِ ملٽري موڪلي وڃي.

    5 اپريل 1927ع

    رمضان شريف جي عيد جي ٻئي ڏينهن تي لاڙڪاڻي جي هندن هڙتال ڪئي، اهو هندن طرفان سرڪار تي دٻاءُ وجهڻ جي سلسلي وارو عمل هئو، هن کان اڳ سندن اڳواڻ ڪراچيءَ ۾ ڪمشنر سان ۽ بمبئي ۾ هوم ميمبر سان ملي چڪا هئا، سرڪار دٻاءُ ۾ اچي ستر مسلمانن تي ڦرلٽ جو ڪيس داخل ڪيو.

    10 اپريل 1927ع

    لاڙڪاڻي ۾ 83 مسلمانن تي لاڙڪاڻي جي اسپيشل فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جي ايڇ آغا وٽ ڪيس هليو، انهيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي لاڙڪاڻي جي مسلمانن پنهنجي هم مذهب قيدين لاءِ هڪ لک روپين جي چندي گڏ ڪرڻ جو آغا ڪيو، هن ڪيس ۾ مسلمانن جي وڪالت عبدالرحمان ۽ لاڙڪاڻي واسي وڪيل پيرزادي ڪئي.

    17 اپريل 1927ع

    ”دي سنڌ هندو ايسوسئيشن“ پنهنجي گڏجاڻي ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي کي سنڌ جي مفادن خلاف قرار ڏنو.

    29 اپريل 1927ع

    مولوي حڪيم حاجي صديق مورائي جي صدارت هيٺ نواب شاهه ۾ مسلمانن جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ هندو برادريءَ طرفان هندو مسلم فسادن کي هوا ڏيڻ واري حڪمت عمليءَ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهه ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، جيڪي گل حيات ۾ محفوظ آهن، لاڙڪاڻي جي هندو مسلم فسادن تي هي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو: ” هي جلسو لاڙڪاڻي جي هندن جي روش تي نفرت جو اظهار ڪري ٿو ۽ مظلوم مسلمانن سان نهايت همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو، ان سان گڏ مسٽر محمد هاشم لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي بي قاعده هلت کي به نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ڪمشنر سنڌ کي استدعا ٿو ڪري ته انهن مسلمانن ٻارن کي جيڪي هندن جي قبضي ۾ آهن جلد ۾ جلد آزاد ڪرائي کلي ڪورٽ ۾ حاضر ڪرائي، هي اجلاس لاڙڪاڻي جي مظلوم مسلمانن کي هر جائز مدد ڏيڻ جو يقين ٿو ڏياري.

    1 مئي 1927ع

    سکر ۾ لالا لڄپتراءِ جي صدارت هيٺ ”صوبه سنڌ هندو سميلن“ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پنج هزار وفد شريڪ ٿيا، هن سميلن ۾ سنڌي هندن جي ڌرمي، سماجي ۽ سياسي مسئلن تي ويچار ڪيو ويو ۽ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جي مخالفت ڪئي وئي.

    6 مئي 1927ع

    سنڌ جي ڪمشنر هڊسن ڪراچيءَ ۾ مسلمانن جي ٻئي نمبر جيمخاني ”دي ڪراچي مسلم جيمخانه“ جو افتتاح ڪيو، ڪراچيءَ ۾ پهريون مسلمانن جو جيمخانو بوهرن قائم ڪيو هو، جيڪو 1900ع ۾ قائم ٿيو، هن نئين جيمخاني تي 30 هزار 9 سئو 27 رپيا خرچ آيو هو، جن عمارت جي تعمير لاءِ مالي سهائتا ڪئي، انهن مان حاجي عبدالله هارون، غلام علي ڇاڳلا، يوسف علي علوي، آغا عبدالغفور، عثمان صالح محمد، طيف علي مانڊي والا، غلام علي مانڊيوالا ۽ ڪي بي عبدالستار جا نالا ذڪر لائق آهن. 

    29 مئي 1927ع

    حيدرآباد ۾ ”سنڌ پراونشل هندوسڀا“ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ جي حوالي سان ڪانگريس جي حڪمت عملي ۽ تازو پاس ڪيل ٺهراءُ جو جائزو ورتو ويو، هن گڏجاڻيءَ ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جي هر ممڪن مخالفت ڪئي ويندي.

    31 مئي 1927ع

    سر ماٽيگو ويب جي صدارت هيٺ فريئرهال ڪراچيءَ ۾ فطرتي نظارن جي شوقينن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، انهيءَ ئي ڏينهن تي 38 ماڻهو هن جماعت جا ميمبر ٿيا.

    1 جون 1927ع

    نامياري شاعر، اديب ۽ مولوي عطا محمد مهيسرائي جي وفات ٿي، سندس اصل ذات ڪلهوڙا هئي، پر ڪوٽ لال بخش مهيسر ۾ رهڻ ڪري مهيسرائي سڏجڻ لڳا، سندس والد مولوي گل محمد، اديب ۽ شاعر هو، مولوي عطا محمد ”عطا“ هڪ ئي وقت تي سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ شعر چيو.

    9 جون 1927ع

    ڀڳوتي پي چاندناڻي، شڪارپور ۾ ڄائي، ڦوهه جوانيءَ تي پهتي ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو، ان ڪري کيس پنهنجي وطن جا وڻ چڏي ڀارت لڏڻو پيو، کيس اتي پنگتي ۽ ڌرمي ليکڪا جي حيثيت ملي.

    11 جون 1927ع

    نامياري سياستدان ۽ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ واري ضرورت ۽ تصور جي سڀ کان پهريون ڳالهه ڪندڙ سيٺ هرچندراءِ وشنداس ”دي هندو“ اخبار کي انٽرويو ڏيندي انهيءَ ڳالهه کي ورجايو ته سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جي هر قيمت تي مخالفت ڪئي ويندي.

    19 جون 1927ع

    سنڌ ڪانگريس طرفان ڊي سي داس جي ورسي ملهائي وئي، وڏن شهرن ۾ انهيءَ حوالي سان گڏجاڻيون ٿيون ۽ ڊي سي داس جي سياسي خدمتن ۽ شخصيت تي روشني وڌي.

    20 جون 1927ع

    سيٺ هرچندراءِ پنهنجي رهائشگاهه تي ڪراچيءَ جي مکيه رهواسين کي سڏيايو ۽ انهيءَ ميڙاڪي ۾ پريس کي بيان جاري ڪري پنهنجي ڳڻتي ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ته سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ بمبئي کان الڳ نه ڪيو وڃي، هن ميڙاڪي ۾ عوامي ميڙ سڏائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

    25 جون 1927ع

    سيٺ هرچندراءِ جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۾ هندن جو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ جي شديد لفظن ۾ مخالفت ڪئي وئي.

    29 جون 1927ع

    سنڌ جي هندن طرفان بيان جاري ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ۽ ڪوششن جي شديد لفظن ۾ مخالفت ڪئي وئي.

    10 آگسٽ 1927ع

    ”سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي“ جي جنرل باڊيءَ جي گڏجاڻي ڪراچي ۾ ٿي، جنهن ۾ هيٺين ريت جماعت جا عهديدار چونڊيا ويا.

    صدر: ڊبليو. ايف. هڊسن، سنڌ جو ڪمشنر.

    مئنيجنگ ڪاميٽي: نائب صدر: روپچند ٻيلارام، سنڌ جو ايڊيشنل جڊيشلڪمشنر،

    نائب صدر: سي ايس سي هيرسن، چيف انجنيئر لائڊ بئراج،

    اعزازي سيڪريٽري: اي اي فلين سي چئٽرجي.

    اعزازي خزانچي: هاسنگ ايڇ آڏواڻي.

    باقي ميمبر: ڪئپٽن چارلس وليمس، جي ايم ايس ڪلبرٽسن، سهراب ڪئٽرڪ،م واءِ وي پال، مسز هومي مهتا، مس ڊبليو اي والٽرس.

    11 آڪٽوبر 1927ع

    بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي چونڊن ۾ سنڌ مان مسلمان ووٽرن جو تعداد 60838 ۽ غير مسلم ووٽرن جو تعداد 87087 آهي، ضلعي لاڙڪاڻي جا مسلمان ووٽر 9080 آهن ۽ غير مسلم ووٽر 3373 آهن، هندن ۽ مسلمان ووٽرن جو اهو تعداد تڏهن جو آهي، جڏهن بوبڪ ۽ سيوهڻ، لاڙڪاڻي ۾ هئا، انهيءَ سال لاڙڪاڻي ميونسپل ايريا ۾ 754 مسلمان ۽ 1565 غير مسلم، قمبر ميونسپل ايريا ۾ 281 مسلمان ۽ 467 هندو ۽ رتيديري ميونسپل ايريا ۾ 288 مسلمان ۽ 541 هندو ووٽر هئا، جيڪي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل لاءِ پنهنجا اميدوار چونڊيندا هئا.

    27 آڪٽوبر 1927ع

    منوهر چتارام بجلاڻي ”داس طالب“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي بمبئي ۾ ويٺو، سندس شمار مشهور شاعرن ۽ نقادن، سنيگتڪارن، اداڪارن ۽ هدايتڪارن ۾ ٿئي ٿو، ان کان سواءِ صحافي به ٿي رهيو آهي، سندس لکيل ڪتابن مان ”چيخ“ (1954)، ”سنڌيءَ جو خون“ (1955)، ”اڌين“ (1959)، ”وندنا“ (1961) ۽ ”پهريون پيار“ (1963) ذڪر لائق آهن.

    23 نومبر 1927ع

    سنڌ جي ڪمشنر مشٽر ڊبليو ايف هڊسن جي صدارت هيٺ ”سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي“ جو افتتاحي اجلاس ٿيو،  هي اجلاس فريئر هال ڪراچي ۾ منعقد ٿيو.

    1 ڊسمبر 1927ع

    سکر مان هفتيوار ”هندو ڌرم“ نالي اخبار شايع ٿي، جيڪا ٻه سال هلي بند ٿي وئي، شروعات ۾ نيچلداس گلاڻي ان جو ايڊيٽر ٿيو، پوءِ پنڊت سوديشور شرما ۽ پنڊت طوطا رام شرما به ان جا ايڊيٽر ٿيا، سکر جي ”آنچل پريس“ مان ڇپجندڙ هن اخبار هندو ازم جو ڀرپور پرچار ڪيو.

    2 ڊسمبر 1927ع

    آرتمل کٽڻمل پنجابي جي ايڊيٽريءَ ۾ آريا سماج جي ترجمان هفتيوار ”سکر گزيٽ“ سکر مان جاري ٿي، جيڪا ٽن سالن کان پوءِ بند ٿي وئي، هيءَ اخبار ”سکر پرنٽنگ پريس“ ۾ ڇپبي هئي.

    15 ڊسمبر 1927ع

    ڳوٺ صاحب خان ڳورڙ تعلقي قمبر ۾ فيض محمد ولد علي مراد کرل جي ولادت ٿي، جنهن سڄي ڄمار تعليم جي اوسر لاءِ پاڻ پتوڙيو، پاڻ استاد ٿي رهيو ۽ شهدادڪوٽ ۾ اسڪول کوليائين، هن سماجي ورڪر ۽ استاد، اديب ۽ شاعر 1996ع ۾ وفات ڪئي، شاعريءَ ۾ فيض درياءُ تخلص ڪم آڻيندو هو.

  • 1926

     

    1926ع

    حامد علي ڪليڪٽر جي ڪوششن سان ۽ غلام سرور ”فقير“ قادري جي تعاون سان لاڙڪاڻي ۾ ”پوئٽري سوسائٽي“ جي شاخ قائم ٿي، جنهن جي افتتاح لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي خيرپور مان لاڙڪاڻي آيو، هن سوسائٽي جي هڪ فنڪشن (مورخه 23 اپريل 1926ع) ۾ مرزا قليچ بيگ ليڪچر ڏنو.

    جنوري 1926ع

    ”بزم مشاعره“ ڊي جي سنڌ ڪاليج طرفان ڪراچيءَ ۾ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

    ”دل گهريو زاهد ٿيان پر مون کان مستوري نه ٿي“

    لاڙڪاڻي واسي شاعرن به هن طرحي مشاعري لاءِ شعر جوڙيا، اهڙن شاعرن مان ڪشنچند ”بيوس“ ۽ غلام سرور ”فقير“ ذڪر لائق آهن.

    26 جنوري 1926ع

    سلامت راءِ جيرامداس پرسواڻي چنا ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي الهاس نگر ۾ آباد ٿيو، سندس شمار ليکڪن، شاعرن ۽ تعليم دانن ۾ ٿئي ٿو، سندس ڪتاب ”جيل مان پتنيءَ ڏانهن خط“ ٽي دفعا شايع ٿي چڪو آهي.

    7 مارچ 1926ع

    الوحيد جي پرچي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ”سنڌ جي مسلمانن جي حالت زارب تعنظيمي ۽ تبليغي سرگرمين لاءِ اپيل“ جي عنوان سان مضمون شايع ٿيو.

    مئي 1926ع

    حيدرآباد ۾ ”دي سنڌ نيشنل ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي“ طرفان ليلارام مائيجاڻي جو لکيل ڊرامو ”دغا باز دنيا“ اسٽيج ڪيو ويو.

    5 مئي 1926ع

    ”دي اميچوئر ڊرامٽڪ سوسائٽي آف جيڪب آباد“ طرفان لاڙڪاڻي ۾ ”سچي پتري“ جي نالي سان ڊرامو اسٽيج ڪيو ويو، ڊرامي اسٽيج ڪرڻ مان جيڪا اپت ٿي اها جيڪب آباد جي گئو شالا کي ساهتا طور ڏني وئي.

    8 مئي 1926ع

    سنڌ جي ڪمشنر هڪ سرڪيولر ڪڍي سنڌ جي ميونسپالٽين کي تاڪيد ڪيو ته اهي سياسي ليڊرن ۽ سرڪاري عملدارن کي سپاس نامه  ۽ دعوتون ڏيڻ کان اڳ اجازت وٺن، ٻي حالت ۾ اهڙين تقريبن تي ايندڙ خرچ اهي ميمبر ڀريندا، جن اهڙي رٿ ڏني هوندي.

    9 مئي 1926ع

    سنڌ جي ڪمشنر سرڪيولر ڪڍي ميونسپالٽين ۾ سياسي اڳواڻن ۽ سرڪاري عملدارن کي دعوتون ڏيڻ لاءِ اڳواٽ اجازت وٺڻ کي لازمي ڪري ڇڏيو، سرڪيولر ۾ اها تنبيهه ڪئي وئي ته بنا اجازت اهڙيون دعوتون منعقد ڪندڙ ميمبرن کان سمورو خرچ ڀرايو ويندو.

    10 مئي 1926ع

    حيدرآباد جي ”دي سنڌ نئشنل ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي“ طرفان حيدرآباد ۾ ليلارام ماکيجاڻيءَ جو لکيل ڊرامو ”دغا باز دنيا“ اسٽيج ڪيو ويو.

    17 مئي 1926ع

    سيد ميران محمد شاهه سب جج جي ملازمت وٺڻ لاءِ جڊيشل ڪمشنر سنڌ جي آفيس ڪراچيءَ ۾ انٽرويو ڏنو، ليڪن کيس نه کنيو ويو.

    28 مئي 1926ع

    قيمت ڪوپالداس ريجهواڻي ”ڪمل“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو ۽ ٿاڻا ايسٽ ۾ آباد ٿيو، هن آزاديءَ جي جنگ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو، سندس شمار مشهور شاعرن ۾ ٿئي ٿو.

    1 جولاءِ 1926ع

    اردو نوانوء سماجي ڪارڪن مقبول لاهي جي ڪراچيءَ ۾ 30 سالن جي 
    ڄمار ۾ وفات ٿي، هي اصل سيال ڪوٽي هو، 1917ع کان 1921ع تائين سنڌ مدرسي ۾ استاد ٿي رهيو، ڪيترو وقت اولڊ بوائيز ايسوسئيشن جو اعزازي سيڪريٽري، اردو نائٽ اسڪول ايسوسئيشن جي مئنيجنگ ڪاميٽي جو ميمبر، انجمن تبليغ اسلام ۽ انجمن مسلمانان پنجاب جو ميمبر ٿي رهيو.

    14 جولاءِ 1926ع

    پرم ابيچنداڻي خيرپور ميرس ۾ ڄائو، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي ڀارت ۾ ويٺو ۽ اتي نقاد، ڪهاڻيڪار ۽ ناولنگار جي حيثيت سان مشهور ٿيو.

    17 جولاءِ 1926ع

    اڄوڪي الوحيد جي پرچي ۾ بٺي اسٽيشن بهرام کان مولوي عبدالحڪيم صاحب جو خط شايع ٿيو، جنهن ۾ هن سيٺ حاجي عبدالله هارون کي هن ليجسليٽو اسيمبليءَ جي نئين چونڊ (جيڪا نومبر مهيني ۾ ٿيڻي آهي) ۾ اميدوار بيهڻ تي مبارڪ باد ڏني ۽ پنهنجي ڀرپور حمايت جو يقين ڏيارايو.

    31 جولاءِ 1926ع

    ڪراچيءَ جي سماجي جماعت هندو ٽائون پيپلز ايسوسئيشن پنهنجي ڪوشسن سان ڏيارام ڄيٺانند کلناڻي لائبرري قائم ڪئي، جنهن جو افتتاح سيٺ هرچندراءِ وشنداس ڪيو.

    31 جولاءِ 1926ع

    ڪراچيءَ جي سماجي ۽ نيم مذهبي تنظيم ”هندو ٽائون پيپلز ايسوسئيشن“ طرفان ڏيارام ڄيٺانند کلناڻي لائبرريء کولي وئي، جنهن جو افتتاح هرچندراءِ وشنداس ڪيو.

    12 آگسٽ 1926ع

    ٽهلرام جسومل ڪوڏواڻي آزاد حيدرآباد ۾ ڄائو، هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي بمبئي ويٺو ۽ اتي ادبي دنيا ۾ ليکڪ خواهه گائڪ جي حيثيت ۾ پاڻ موکيائين.

    18 آگسٽ 1926ع

    سيد پير ميان محمد شاهه ولد پير محمد شير شاهه جيلاني ذڪري پنهنجي تر جو ناميارو پير وفات ڪري ويو.

    19 سيپٽمبر 1926ع

    ميهڙ جي بزم مشاعره صوفي طرفان ”خار گل کائن ٿا گلشن ۾ تنهنجي رخسار تي“ جي طرح مصرع تي مشاعرو ٿيو، هن مشاعري ۾ جمع خان ”غريب“، حافظ عبدالوهاب ”ڪنڀر“، حافظ محمد ”احسن“ چنه، محمد بخش ”واصف“ علي حيدر ”حيدري“، تاج ٻرڙي ۽ شاهه محمد ”صوفي“ پنهنجي شاعراڻي صلاحيت جا جوهر ڏيکاريا.

  • 1925

     

    1 جنوري 1925ع

    نارائڻ گوبند رام تولاڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ کيس وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، هن وقت احمد آباد ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور ڳائڻ ۾ ٿئي ٿو.

    3 جنوري 1925ع

    ڪراچيءَ جي گئان (ڇور چگيزي) ڪميونٽيءَ طرفان واسڪو ڊيگاما جي صدي ملهائي وئي، هن تقريب ۾ هندستان ۾ ڇور چگيز جي ڪائونسل جنرل به شرڪت ڪئي.

    10 فيبروري 1925ع

    حيدرآباد ۾ شيخ نور محمد وڪيل جي جاءِ تي سندس ئي صدارت ۾ مسلمان اڳواڻن جو ميڙ ٿيو، جنهن ۾ ملازمتن ۾ مسلمانن لاءِ جدا ڪوٽا رکڻ، سنڌ جي جدائي بابت عام راءِ ڏسڻ ۽ ٺاهڻ ۽ سنڌ واسين جي اقتصادي صورتحال سڌارڻ وارن ارادن سان سنڌ ۾ سنڌ مسلم ليگ کي نئين سر ٻيهر منظم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، 25 ڄڻن تي مشتمل ڪاميٽي ٺاهي وئي ته جيئن ٽن مهينن اندر سنڌ ۾ سنڌ مسلم ليگ جو ميڙ سڏائي سگهجي، انهيءَ ڪاميٽيءَ تي لاڙڪاڻي مان محمد ايوب کهڙي، شاهنواز ڀٽي، پير تراب علي شاهه ۽ پير علي انور شاهه کي ميمبر طور کنيو ويو.

    15 مارچ 1925ع

    ”سنڌ پراونشل جمعيت العلماءِ سنڌ“ جي سکر ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ قاضي اسدالله شاهه ٽکڙائي جي صدارت هيٺ نئين سال لاءِ نئين باڊي چونڊي وئي، لاڙڪاڻي جي مولانا مير محمد نورنگي کي نائب صدر نمبر 2 چونڊيو ويو، ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ تي لاڙڪاڻي مان مولوي محمد سليمان ”واعظ“ مولوي سيد امير محمد شاهه ۽ مولوي غلام فريد کي ميمبر طور کنيوويو.

    15 مارچ 1925ع

    سکر ۾ ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي واسين به شرڪت ڪئي، هن ئي گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جماعت جو صدر دفتر ۽ مرڪز ڪراچيءَ ڏانهن منتقل ڪجي ۽ پارٽي جي تنظيم ۽ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ مبلغ مقرر ڪيا وڃن، جماعت جون چونڊون پڻ ڪيون ويون، جن مطابق قاضي اسدالله شاهه کي صدر، مولانا محمد صادق کڏي واري کي نائب اول، ضلعي لاڙڪاڻه واسي مولانا مير محمد کي نائب صدر ٻيو، مولوي دين محمد وفائي کي سيڪريٽري ۽ دين محمد عليگ کي خزانچي چونڊيو ويو.

    15 مارچ 1925ع

    سکر ۾ سنڌ جمعيت العلماءِ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ نئين سال لاءِ چونڊون ڪيون ويون، انتظامي ڪاميٽيءَ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي مان مولوي محمد سليمان ”واعظ“ ۽ مولوي سيد امير محمد شاهه کي ميمبر طور کنيو ويو.

    15 مارچ 1925ع

    جمعيت علماءِ سنڌ جي سکر ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سموريءَ سنڌ جي اڳواڻن ۽ عهديدارن شرڪت ڪئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ نئين سال لاءِ عهديدار ۽ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جا ميمبر چونڊيا ويا ۽ ڪيترا اهم ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، گڏجاڻيءَ جو تفصيل گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آهي، نئين چونڊجي آيل عهديدارن ۾ قاضي اسدالله شاهه ٽکڙائي (صدر)، مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ مولانا مير محمد نورنگزادو (نائب صدر) ۽ دين محمد وفائي (سيڪريٽري) ذڪر لائق آهن.

    15 جون 1925ع

    درازا درگاهه جو سجاده نشين صوفي قبول محمد ولد خواجه نجم الدين فاروقي وفات ڪري ويو.

    18 سيپٽمبر 1925ع

    عبدالحليم شيخ سکر مان هفتيوار ”سنڌ مومن“ اخبار جاري ڪئي، هن اخبار جي ايڊيٽريءَ جا فرائض محمد تقي شآهه ۽ عبدالله شاهه ڏيندا هئا، هي اخبار 1926ع ۾ بند ٿي وئي.

    16 آڪٽوبر 1925ع

    آنند رامچند گولاڻي، ڀاڳيديري، ضلعي نواب شاهه ۾ ڄائنو، هي صاحب اڳتي هلي اديب ٿيو ۽ ڪهاڻيءَ کان سواءِ ناول جي صنف ۾ به پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيائين، ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي بمبئي ويٺو.

    16 آڪٽوبر 1925ع

    ليکڪ، شاعر ۽ صحافي پرڀداس آوترام ڪندناڻي ”ونيت“ سکر ۾ ڄائو، 1947 کان پوءِ لڏي وڃي پوني ۾ ويٺو، سندس ادبي جيون جو آعاز ان کان پوءِ ئي ٿيو.

    ڊسمبر 1925ع

    لاڙڪاڻي مان ميان علي محمد قادري ”گلدسته سنڌ“ نالي ماهوار رسالو جاري ڪيو، هن رسالي ۾ شعروشاعري، سا به فقط غزل جي صنف ۽ شاعريءَ بابت مضمون شايع ٿيندا هئا، هي رسالو سال ڏيڍ جاري رهيو ۽ ان ۾ ڪيترن شاعرن جا سنڌي، اردو ۽ فارسي غزل شايع ٿيا.

    ڊسمبر 1925ع

    ”بزم مشاعره“ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

    ”ڪهڙي ڪهڙي تنهنجي هيٺان اي فلڪ فرياد آ“

    لاڙڪاڻي واسي شاعرن مان حاجي محمود ”خادم“، ميان غلام سرور ”فقير“ ۽ ڪشچند ”بيوس“ هن مشاعري لاءِ پنهنجا شعر تخليق ڪيا.

    30 ڊسمبر 1925ع

    آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس علي ڳڙهه ۾ ٿيو، انهيءَ ۾ تيرهون نمبر ٺهراءُ (جيڪو مولوي احمد پيش ڪيو هو ۽ گل محمد خان ان جي پٺڀرائي ڪئي هئي) سنڌ جي عليحدگي بابت پاس ڪيو ويو.

  • 1924

     

    1 جنوري 1924ع

    رتن جوتو مل چڳاڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ لڏي وڃي بمبئي ۾ ويٺو، ورهاڱي کان اڳ ”لاڙڪاڻه اميچوئرس ناٽڪ منڊلي“ سان ڳائيندڙ جي حيثيت ۾ لاڳاپيل رهيو،  فلم ”محبت ڪي جيت“ 1943ع ۾ ڪجهه گيت ڳايل اٿس، آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائين.

    10 جنوري 1924ع

    توپڻداس ڪندومل جيوتراماڻي ”داس ٽوپڻ“ بوبڪ، تعلقي سيوهڻ ۾ ڄائو، هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي پونا ۾ ويٺو، هن کي سنڌ اندر علم، ادب جي جا سُتي ملي، انهيءَ اڳتي هلي مٿس رنگ ڇڏيو ۽ پاڻ اتي ليکڪ، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار جي حيثيت ۾ شهرت ورتائين.

    18 جنوري 1924ع

    ڪراچيءَ ۾ ”آريا يووڪ سماج“ جي نالي سماجي تنظيم ٺاهي وئي،جنهن جا باني عهديدار هن ريت هئا: بهاري لال صاحب جي (صدر)، چمن لال (نائب صدر)، موهن لال (سيڪريٽري)، ڀڳت رام (اسسٽنٽ سيڪريٽري)، پورن چند (خزانچي)، خيراتي رام (لائبرري انچارج) ۽ ڪرمچند (آڊيٽر) اڳتي هلي هن جماعت طرفان مختلف موضوعن تي ليڪچر به ڪرايا ويا.

    19 جنوري 1924ع

    اياز قادري ولد غلام سرور قادريءَ جي لاڙڪاڻي ۾ ولادت ٿي، علمي ۽ ادبي خاندان ۾ جنم وٺندڙ هن شخص علم ۽ قلم جي دنيا ۾ نالو ڪمايو، ”جمعيت الٺوار سنڌ“ کان وٺي ”سنڌي ادبي سنگت“ تائين مختلف علمي تنظيمن ۽ تحريڪن ۾ حصو ورتائين، ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌيءَ جي پروفيسر جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين ۽ اتي لطيف چتر جو باني ڊائريڪٽر به ٿيو، اڌ ڊزن کان مٿي ڪيائين لکائين، ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ مختلف ماڻهن کي ڊاڪٽري ڪرايائين.

    فيبروري 1924ع

    سکر ۾ ”سنڌ ليڊيز ائسوسئيشن“ ٺاهي وئي ته جيئن عورتن ۾ ادبي ۽ سماجي شعور پيدا ڪيو وڃي، هن ائسوسئيشن جو قيام ۽ ڪارڪردگي ڳچ عرصي تائين اخبارن ۾ تنقيد جو موضوع بليا رهيا.

    10 فيبروري 1924ع

    حيدرآباد ۾ مسلم ليگي مڪتب فڪر وارن مسلمان اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مسلم ليگ کي عوام ۾ مانوس لاءِ هڪ عارضي ڪاميٽي جوڙي وئي.

    10 فيبروري 1924ع

    سنڌ مسلم ليگ جي ميمبرن جي حيدرآباد ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ جماعت کي عوام ۾ مقبول ۽ مانوس ڪرائڻ لاءِ هڪ ”عارضي ڪاميٽي“  ٺاهي وئي، خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي ان ڪاميٽيءَ تي ميمبر طور کنيو ويو.

    10 فيبروري 1924ع

    سنڌ مسلم ليگ جي سابق سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالمجيد جي ڪوششن سان حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر شيخ نور محمد جي صدارت هيٺ مسلمانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ ۾ مسلم ليگ کي نئين سر منظم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، 25 ميمبرن جي ٽن مهينن لاءِ هڪ عارضي ڪاميٽي ٺاهي وئي ته جيئن سنڌ ۾ مسلم ليگ جي پروگرام کي عام ڪيو وڃي ۽ تنظيمي ڪم مڪمل ڪيو وڃي، عارضي ڪاميٽي ۽ عهديدارن جا نالا هن ريت آهن:

    صدر: سيٺ حاجي عبدالله هارون

    نائب صدر: محمد ڪامل شاهه

    سيڪريٽري: ڊاڪٽر شيخ نور محمد

    خزانچي: مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

    ميمبر: شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد ايوب کهڙو، شاهنواز خان ڀٽو، حڪيم شمس الدين، پير تراب علي شاهه، علي انور شاهه، عبدالمجيد، عبدالجبار، سيٺ طيف علي، ڊاڪٽر غلام حسين، مير الله بخش ٽالپر، حاجي مير محمد بلوچ، پير غلام مجدد، ميران محمد شاهه، مير ايوب خان محمد خان ۽ پير الاهي بخش.

    مارچ 1924ع

    رتيديري ۾ هندن قرآن شريف کي سر عام ساڙيو، ان تي پوليس رتيديري جي آريا سماج مندر مان ڌرمي ڪتاب کڻي وئي ته جيئن مسلمانن طرفان رد عمل ظاهر نه ٿئي، ليڪن پوليس پوءِ به هندن جي تنقيد جو نشانو ٿي ۽ آريا سماج جي مختلف شهرن جي شاخن پوليس خلاف ٺهراءُ پاس ڪيا،

    قرآن شريف ساڙڻ جي ڏوهه ۾ پوليس پرچو مل ۽ ٻن ڇوڪرن تي قلم 295 آءِ پي سي هيٺ ڪيس داخل ڪري کين چالان ڪيو، هنن جو ڪيس ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ لاڙڪاڻي وٽ هليو، مسلم ڌر جي وڪالت بئريسٽر پير زادي ڪئي، جڏهن سکر جو پوڄسنگ پهلاجاڻي هندن جو وڪيل ٿيو.

    3 مارچ 1924ع

    ترڪيءَ پنهنجي سياسي ۽ مذهبي تناظر مان هميشه هميشه لاءِ ”خلافت“ جي تصور، نظريي ۽ منصب جو خاتمو آندو.

    9 مارچ 1924ع

     سنڌ ۽ هند جو نامور مدبر، تحريڪ آزاديءَ جو اڳواڻ سنڌ جي ڪيترن نالي وارن سياستدان جو سياسي استاد ۽ رهبر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي وفات ڪري ويو.

    18 مارچ 1924ع

     هزارو خان ولد لعل بخش ڪلهوڙو، گهوگهاري تعلقي قمبر ۾ ڄائو، استاد جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين، سندس شمار مشهور شاعرن ۾ ٿئي ٿو، پاڻ ”مجاهد“ جي تخلص سان شاعري ڪندو آهي.

    20 مارچ 1924ع

    مولوي محمد ابراهيم جي صدارت هيٺ ضلعي ٿرپارڪر جمعيت العلماءِ سنڌ جي گڏجاڻي ٿي، هن گڏجاڻي ۾ ٺهرائن ذريعي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، خلافت جي خاتمي واري اعلان تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو ويو ۽ مولوي محمد صالح جي واکاڻ ڪئي وئي جنهن آزاديءَ جي تحريڪ ۾ جلا وطني جهڙي قرباني ڏني.

    24 مارچ 1924ع

    ”ڪراچي هيلٿ ائسوسئيشن“ طرفان ”ٻارن جو قومي هفتو“ ملهائڻ وارين تقريبن جي شروعات ٿي، انهيءَ ڏينهن تي لياريءَ ۾، 26 تاريخ تي اولڊ ٽائون ۾، 30 تاريخ تي صدر ۾، اپريل تي ڪياماڙي ۾ نمائش ۽ ليڪچر جو بندوبست ڪيو ويو.

    اپريل 1924ع

    ڪراچيءَ ۾ انگريزي زبان کي عام ۽ مقبول بنائڻ لاءِ ”لوڪل آڊلٽ ايڊوڪيشن مومينٽ ائسوسئيشن“ ٺاهي وئي، جنهن طرفان ٿياسافيڪل هال ۾ وي جي پراڌان کان ليڪچر ڪرايا ويندا هئا، پروفيسر ترويدي، پروفيسر جونارڪر ۽ مهاتما وئرگياچندريا هن ائسوسئيشن جا اهم اڳواڻ رهيا.

    11 مئي 1924ع

    پير الاهي بخش جي صدارت هيٺ شهدادڪوٽ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان عوامي ميڙ ٿيو، جنهن ۾ مولوي غلام فريد، مولوي عبدالڪريم، وڏيري رضا محمد، سکر جي عبدالرزاق ۽ ميان محمد صديق پڻ شرڪت ڪئي.

    17 مئي 1924ع

    انجمن ترقي اردو طرفان ڪراچيءَ ۾ ڪتب خانو کوليو ويو، ڪراچيءَ ۾ اردو ٻولي ايترو پکڙجي چڪي هئي جو مئي 1924ع کان وٺي ڪراچيءَ جي انگريزي اخبار ڊيلي گزيٽ ۾ اردو زبان ۾ به اشتهار شايع ٿيڻ لڳا.

    24 جون 1924ع

    ملڪ جي مشهور عالم مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جي ولادت ٿي، هن پنهنجي تدريسي خدمتن ذريعي ڪيترن ديني عالمن کي جنم ڏنو، سنڌ ۾ سنڌيءَ جو پهريون پي ايڇ ڊي (ڊاڪٽر غلام علي الانا) هن جي نگرانيءَ ۾ ٿيو، مختلف سبجيڪٽس ۾ ڪيترن ماڻهن وٽس ڊاڪٽري ڪئي آهي، پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ولي الله اڪيڊمي جو اڳواڻ ٿي رهيو آيو، علم ۽ قلم جي هن ڌڻيءَ تحريڪ آزاديءَ ۾ به حصو ورتو ۽ ڪانگريس جمعيت العلماءِ سنڌ ۽ سنڌ ساگر پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان سياسي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، ضياءَ الحق جي زماني ۾ سنڌ شوريٰ جو ميمبر به ٿي رهيو آهي.

    22 جولاءِ 1924ع

    ڳوٺ ڀمڀي خان چانڊيي جي حافظ محمود چانڊيي کي غلام مصطفيٰ نالي فرزند ڄائو، جنهن اڳتي هلي علمي ۽ قلمي دنيا ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي نالي سان شهرت ماڻي، ڪيترا ڪتاب لکيائين، ”الرحيم“ ۽ ”الولي“ رسالا ايڊٽ ڪيائين، ڪيترن ماڻهن جي پي ايڇ ڊي ۾ رهبري ڪيائين، شاهه ولي الله اڪيڊمي جو باني ڊائريڪٽر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ٿي رهيو، ضياءَ انهن جي زماني ۾ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر ٿيو ۽ 1987ع ۾ کيس پاڪستان سرڪار ”تمغه امتياز“ ڏنو

    15 آگسٽ 1924ع

    ڀوڄراج ڪرمچند ڇاٻڙا شڪارپور ۾ ڄائو، ڦوهه جوانيءَ کي پهتو ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو، ان ڪري لڏي وڃي انڊور ۾ ويٺو، جتي هن پاڻ کي اديبن جي صف ۾ شامل ڪرايو ۽ صحت جي موضوع تي ڪي ڪتاب لکيا.

    2 سيپٽمبر 1924ع

    ٽي ايل واسواڻيءَ جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾”هندي ساهتيه پون“ جي ٻارهين سالگراهه ملهائي وئي، هن تنظيم جو مقصد هو سنڌ ۾ هندي علم ادب لاءِ چاهه پيدا ڪرڻ.

    17 سيپٽمبر 1924ع

    پوپٽي رامچند هيراننداڻي حيدرآباد ۾ ڄائي، ليڪن ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي بمبئي ۾ آباد ٿي، اتي نامياري ليکڪا، شاعره، گائيڪا ۽ استادياڻي جي حيثيت سان مشهور ٿي ۽ سنڌي علم ادب خواهه ثقافت جي واڌاري ۽ بچاءُ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪيائين.

    5 آڪٽوبر 1924ع

    سنڌ تعليمي ڪانفرنس سڏائڻ لاءِ مشورو ڪرڻ واسطي حيدرآباد ۾ جان محمد ڀرڳڙي جي جڳهه تي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ميران محمد شاهه کي استقباليه ڪميٽيءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو.

    هن گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن مان جي ايم سيد، ميران محمد شاهه ۽ جان محمد ڀرڳڙي جا نالا قابل ذڪر آهن.

    19 آڪٽوبر 1924ع

    ”بزم ناري“ ضلعو دادو طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

    ”تنهنجي درڪار سدا مهر عنايت مولا“

    هن مشاعري ۾ ڪيترن لاڙڪاڻي واسي شاعرن قلمي ۽ عملي طور شرڪت ڪئي.

    19 آڪٽوبر 1924ع

    بزم ناري شريف، اسٽيشن بالي شاهه طرفان بزم جو ٽيون مشاعرو منعقد ٿيو، جنهن جي مصرع طرح هن ريت هئي:

    ”تنهنجي درڪار سدا مهر عنايت مولا“

    1 ۽ 2 نومبر 1924ع

    ڊگڙي ۾  مٽياري سادات جي ڪانفرنس ٿي

    13 نومبر 1924ع

    مقامي خلافت ڪاميٽيءَ طرفان تعلقي شهدادپور جي ڳوٺ کٻڙ خان جتوئي ۾ پير غلام علي شاهه جي صدارت ۾ ٻن ڏينهن واري ”خلافت ڪانفرنس“ ٿي، هن ڪانفرنس ۾ عوام کي اپيل ڪئي وئي ته واپار ۽ تجارت ڏانهن توجهه ڏين ته جيئن انگريز سرڪار جي نوڪري ڪري ٻڌي ٻانهي ٿيڻ کان کين ڇوٽڪارو ملي.

    ڊسمبر 1924ع

    ”بزم ناري“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

    ”علم ري خانن ۾ اڄ ڪلهه خانداني ڪانه آهي“

    هن مشاعري ۾ لاڙڪاڻي جي شاعرن مان ڪن قلمي طور تي ته ڪن ذاتي طور تي حصو ورتو.

    13 ڊسمبر 1924ع

    بمبئي جو گورنر سرليسلي ۽ سندس گهرواري ليڊي ولسن سکر کان لاڙڪاڻي پهتا، سندس ملاقاتن ۽ مصروفيتن جي ابتدا لاڙڪاڻي ميونسپالٽيءَ طرفان ايڊريس پيش ڪرڻ سان ٿي، اهو سپاسنامو نائب صدر پڙهيو، سپاس نامي ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪالي، عورتن لاءِ اسپتال ۽ پرائمري تعليم ميونسپالٽيءَ حوالي ڪرڻ جون گذارشون ڪيل هيون، ان کان پوءِ لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ طرفان سپاس نامو پيش ڪيو ويو ۽ آخر ۾ ”لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ محمدن ايسوسئيشن“ سپاس نامو پيش ڪيو جنهن ۾ زرعي زمينن لاءِ پاڻيءَ جو مسئلو، ضلعي ۾ تعليم جو مسئلو، ڪوآپريٽو سوسائٽين کي فعال بنائڻ جو مسئلو ۽ مسلمانن لاءِ سرڪاري ملازمتن جو مسئلو پيش ڪيو ويو.

    ان کان پوءِ گورنر دربار هال ۾ ماڻهن سان ملاقات ڪئي جن ۾ غيبي خان چانڊئي، شاهنواز خان ڀٽي، امير علي لاهوري، محمد پريل ڪلهوڙي، ولارت راءِ، غلام محمد اسراڻ، قائم خان شيخ، ڪريم بخش جتوئي، علي حسن هڪڙي، مولچند سخاوتراءِ ۽ پير سيد پير شاهه جا نالا ذڪر لائق آهن.

    گورنر ٻه ڏينهن ۽ هڪ رات لاڙڪاڻي ۾ ريهيو، کيس ڏنل سپاسناما ۽ سپاس نامن جا جواب ۽ سندس دوري سان لاڳاپيل ٻيو مواد گل حيات ۾ موجود آهي.

    16 ڊسمبر 1924ع

    سنڌي مسلمانن ۾ تعليم پکيڙڻ لاءِ ۽ تعليمي مسئلن تي ويچار ڪرڻ لاءِ وڪيل نور محمد شيخ جي ڪوششن سان حيدرآباد ۾ ”آل سنڌ محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ ٿي، هن ڪانفرنس جي صدارت سربراهه رحمت الله بمبئي واري ڪئي، ان جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمين سيد ڪامل شاهه ٿيو ۽ جنرل سيڪريٽري نور محمد شيخ پاڻ هئو، هيءَ ڪانفرنس ٻه ڏينهن هلي.

    16 ۽ 17 ڊسمبر 1924ع

    حيدرآباد ۾ هوسٽينڊ هال ۾ ”آل سنڌ محمد ايجوڪيشنل ڪانفرنس“ ٿي، جنهن جي صدارت بمبئي واري سر ابراهيم رحمت الله ڪئي، انهيءَ موقعي تي ادبي ڪانفرنس جو اهتمام به ڪيو ويو، جنهن جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمين مرزا قليچ بيگ ۽ جنرل سيڪريٽري حاجي محمود ”خادم“ هو.

    هن موقعي تي رٿيل مشاعري لاءِ طرح هئي:

    ”چشم موسيٰ کي به حسرت رهجي وئي ديدار جي“

    هن مشاعري ۾ لاڙڪاڻي واسين مان حاجي محمود ”خادم“، ميان غلام سرور ”فقير“، نواز علي ”نياز“، غلام عباس ”جوش“ ۽ لالچند ”مجروح“ شرڪت ڪئي.

    24 ڊسمبر 1924ع

    دولترام هيمنداس ڪلياڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ لڏي وڃي الهاس نگر ۾ رهيو، سندس شمار مشهور ڪهاڻيڪارن ۽ ناول نگارن ۾ ٿئي ٿو، جاسوسي ناولن لکڻ ۾ کيس وڏي مهارت حاصل آهي.

  • 1923

     

    جنري 1923ع

    سکر مان سوامي امرداس جي ايڊيٽريءَ ۾ ”ڌرم درشن“ نالي ڌرمي رسالو شايع ٿيو، جنهن کي هندو پڙهندڙن ۾ سٺي مقبوليت ملي، ان ڪري انهيءَ زماني ۾ رسالي جون هڪ هزار کان وڌيڪ ڪاپيون ڇپبيون هيون.

    9 جنوري 1923ع

    ”ضلعي سکر جمعيت العلماءِ“ جي سکر ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي مسلمانن ۾ ديني جذبو ۽ شعور پيدا ڪيو وڃي، ان لاءِ مولانا تاج محمود امروٽيءَ کي شيخ الاسلام ۽ مولوي حماد الله کي نائب شيخ الاسلام مقرر ڪيو ويو.

    11 جنوري 1923ع

    جيڪب آباد ۾ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان ”سنڌ خلافت ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ خلافت جي حوالي سان ۽ سنڌ خواه هند جي سياسي مقصدن ۽ مفادن جي حوالي سان ويچار ونڊيا ويا ۽ عوام سياسي خواه مذهبي بيداري آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

    25 جنوري 1923ع

    سنڌ پراونشل خلافت ڪاميٽيءَ جي سيٺ حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سول نافرماني تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ 20 مئي تاين مقرريون ضلعي ڪاميٽيون 2 هزار خلافت والنٽيئر ۽ 50 هزار رپيا گ0 ڪن، چار آڻا ڏيندڙ 50 هزار ميمبرن ڪجن، انگريزي مال جي بائڪاٽ کي يقيني بڻايو ويندو، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پروفيسر جهٽ مل جي قيد وڃڻ کي سندس جاءِ تي ڊاڪٽر وطڻمل کي ورڪنگ ڪاميٽي ۽ آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جو ميمبر ڪيو وڃي ٿو.

    28 جنوري 1923ع

    سکر جي ميونسپل ٽائون هال ۾ ضلعي سکر جي جمعيت العلماءِ سنڌ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ مولانا احمد علي، مولانا فاروق  احمد، مولانا علي شير، مولانا حماد الله ۽ سيد اسدالله شاهه، سياسي، سماجي ۽ مذهبي صورتحال تي روشني وڌي، مولانا دين محمد وفائي ۽ عبدالڪريم چشتيءَ پڻ تقريرون ڪيون، هن ميڙاڪي ۾ مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جي جاءِ تي مولانا محمد هاشم کي ضلعي شساخ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

    30 جنوري 1923ع

    ميهڙ ۾ سنڌ خلافت ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ مذهبي ۽ سياسي حوالن سان عام راءِ هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

    1 فيبروري 1923ع

    معصوم شاهه جي مناري جي آهي منهن سان منهن سکر ۾ جمعيت العلماءِ ضلعي سکر جي اهتمام سان عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن کي مولوي دين محمد وفائي ۽ مولانا احمد علي لاهوريءَ خطاب ڪيو، ميڙاڪي ۾ ٻه ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، پهرين ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته تحريڪ آزادي لاءِ سنڌ جا ديني علام هر قسم جي قرباني ڏيندا ۽ ٻئي ٺهراءُ ذريعي مسلمانن کي اسلام کي مڪمل ضابطه حيات طور عمل ۾ آڻڻ لاءِ چيو ويو.

    3 فيبروري 1923ع

    ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ”عورتون سياست ۾ حصو وٺن يا وٺن؟“ جي موضوع تي بحث مباحثو ٿيو، ان ۾ انگريز مقررن اها راءِ قائم ڪئي ته عورتون سياست ۾ حصو نه وٺن (ڇو ته تحريڪ آزادي هلي چڪي هئي ۽ اهي نه پيا چاهن ته سياست ۾ حصو وٺن)، آخر ۾ ان بحث جي موضوع تي ووت ورتا ويا، جنهن ۾ 150 ووٽ سياست ۾ حصي نه وٺڻ ۽ 35 ووٽ حصي وٺڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنا.

    15 فيبروري 1923ع

    ڊي جي ڪاليج ۾ ”عورتون سياست ۾ حصو وٺن يا نه وٺن“ جي موضوع تي مباحثو ٿيو، فرنگي مقرر ان راءِ جا هئا ته عورتون سياست ۾ حصو نه وٺن، ڊاڪٽر جي ٽي رينچ (Dr. D. T. Wrench) جو چوڻ هو ته عورتن کي حق ڏيڻ واري مغرب جي اڌ صديءَ جي تجربي ثابت ڪيو آهي ته عورت سياست ۾ حصو وٺي پاڻ کي خراب ڪري ٿي، بحث جي آخر ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي، 150 ووٽ عورت کي سياست ۾ حصي وٺڻ خلاف مليا ۽ 35 ووٽ حق ۾ مليا.

    24 فيبروري 1923ع

    ڳوٺ ڊگهه بالا تعلقي جوهي ۾ خلافت جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ مولوي دين محمد ۽ ٻين مقرررن تقريرون ڪيون ۽ سنڌي عوام کي سياسي طور تي مستحڪم ۽ وڌيڪ فعال ٿيڻ جي صلاح ڏني.

    10 مارچ 1923ع

    مولوي محمد هاشم جي صدارت هيٺ ميرپور ماٿيلي ۾ خلافت جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ مسلمانن کي مذهبي ۽ سياسي تشخص برقرار رکڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ تي زور ڏنو ويو ۽ حڪومت جي اسلام دشمن حڪمت عملين جي پرزور مذمت ڪئي وئي.

    11 مارچ 1923ع

    آچر ڏينهن اٻاڙي ۾ مولوي علي شير جي صدارت هيٺ خلافت جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ انگريز سرڪار جي اسلام دشمنيءَ جي مذمت ڪئي وئي ۽ سنڌي مسلمانن کي صلاح ڏني وئي ته اهي پنهنجي اسلامي تشخص کي برقرار رکڻ لاءِ مذهبي حڪمن جي پابندي ڪن.

    24 مارچ 1923ع

    لاڙڪاڻي ضلعي جو مشهور خلافتي اڳواڻ 12 مهينا جيل جي سزا ڪاٽي آزاد ٿيو، سندس آزاديءَ جي خوشي ۾ محراب پور جي خلافتي مولوي غلام رسول جتوئي شعر ٺاهيو:

    مٺل پير پرڻي آيو رات راڻي

    سکر جيل مان جارج پنجين جي نياڻي

    25 مارچ 1923ع

    ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ جمعيت العلماءِ“ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪئي، هن گڏجاڻي ۾ پندرهن ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي ٺاهي وئي ته جيئن مقامي آريا سماجين جي پروپئگنڊا کي منهن ڏئي سگهجي.

    27 مارچ 1923ع

    سرڪار جي ”ڪينيا ڪالوني“ بابت حڪمت عمليءَ کي ناپسند ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ خلافت ڪاميٽيءَ ۽ ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي سڏ تي هڙتال ٿي.

    29 مارچ 1923ع

    ”الوحيد“ اخبار جي ايڊيٽر تي ”انڊين پينل ڪوڊ جي سيڪشن 153-A ۽ 124“ هيٺ، ڪراچيءَ جي سٽي مئجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو.

    11 اپريل 1923ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌ جمعيت العلماءِ جي گڏجاڻي ٿي، جيڪا ڀريا سٽي ڏينهن هلي، هن گڏجاڻيءَ ۾ مهمان عالم مولوي معين الدين اجميريءَ به شرڪت ڪئي، گڏجاڻيءَ جي آخر ۾ پنج اهم ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، جيڪي گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آهي، انهن ٺهرائن مان اهم ٺهراءُ هي آهي ته وطن جي آزاديءَ کي مذهبي فريضو قرار ڏنو ويو ۽ عوام کي آزاديءَ لاءِ جاکوڙڻ جو تاڪيد ڪيو ويو.

    13 مئي 1923ع

    سکر مان هنسراج هري سنگهه هفتيوار ”هندو پرڪاش“ اخبار جاري ڪئي جيڪا آريا سماج جي نظرين جي ترجماني ڪندي هئي ۽ مسلمانن خلاف گهڻي نفرت پکيڙڻ جو ڪارڻ ٿي.

    1 جولاءِ 1923ع

    محمد خان ولد ميهر خان چانڊيو، وڳڻ وڏا، تعلقي وارهه ۾ ڄائو، ”مولائي“ جي تخلص سان شاعريءَ ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀريندو رهي ٿو.

    15 جولاءِ 1923ع

    جمعيت العلماءِ سنڌ جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جي مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صدارت هيٺ سکر ۾ گڏجاڻي ٿي، هن گڏجاڻيءَ ۾ تبليغ جي ڪم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ مولوي معين الدين جي خلافت بابت ڏنل فتويٰ کي شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

    26 جولاءِ 1923ع

    الله بخش ولد احمد بخش انصاري جي لاڙڪاڻي ۾ ولادت ٿي، هن اڳتي هلي انيس انصاري جي نالي سان علمي ۽ ادبي دنيا ۾ شهرت ماڻي، 1946ع کان لکڻ شروع ڪيائين ۽ پوري اڌ صدي ٻوليءَ جي جهولي ڀريائين، هن شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ نقاء ڪلارڪ کان وٺيايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تائين سرڪاري ملازمت ڪئي.

    آگسٽ 1923ع

    سيپٽمبر 1922ع کان آگسٽ 1923ع تائين لاڙڪاڻي ضلعي جي جن خلافتي اڳواڻن ۽ عدم تعاون تحريڪ ۾ حصو وٺندڙن کي سزائون مليون، اهي هئا، محمد رمضان شيخ (17 مهينا ۽ 3 هفتا)، پير مٺل شاهه راشدي (12 مهينا)، محمد رمضان درزي (2 سال)، فقير غلام النبي (12 مهينا). مولوي مولا داد (سال)، محمد يعقوب (سال)، محمد صديق (سال)، حاڪم شاهه گاجي کهاوڙ (سال)، محمد بچل جمالي (6 مهينا) ۽ مولوي عبدالڪريم (سال) وغيره

    12 آگسٽ 1923ع

    ”عدم تعاون تحريڪ“ ۾ حصي وٺڻ ڪري رتيديري جي املنگ کي 108 سي پي سي هيٺ سزا ڏني وئي هئي، اهو ڪارڪن سزا ڪاٽي آزاد ٿيو.

    25 آَگسٽ 1923ع

    ڪراچيءَ جي سماجي ۽ ڌرمي تنظيم ”پريم منڊلي“ جي نائيٽ اسڪول ۾ ”شاهه لطيف ڪلاسز“ جو آغاز ڪيو ويو، لطيفات جي موضوع تي اهي ليڪچر نامياري قلم ڌڻي لالچند امر ڏنو مل جگتياڻي ڏيڻ شروع ڪيا.

    سيپٽمبر 1923ع

    جون 1922ع کان سيپٽمبر 1923ع تائين خلافت ڪاميٽي سنڌ جي مالي امداد ۽ تعاون طور جيڪو چندو گڏ ڪري موڪليو ويو، ان جو تفصيل ۽ ضلعي خلافت ڪاميٽي جي مالي تعاون جا انگ اکر هن ريت آهن:

    پهرين قسط 30 رپيا، ٻي قسط 139 روپيا 12 آنا، ٽين قسط 500 روپيا ۽ چوٿين قسط 1300 روپيا.

    16 سيپٽمبر 1923ع

    لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ خلافت ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽريءَ شيخ محمد رمضان کي 12 فيبروري 1923ع تي حڪومت خلاف تقرير ڪرڻ تي، لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر 108 سي پي سي هيٺ ٻارهن مهينا سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي.

    29 آڪٽوبر 1923ع

    جڳت راءِ ڪيولرام مولچنداڻي ”دل“ بنگل ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي الهاس نگر آباد ٿيو، سنڌ ۾ رهڻ واري عرصي دوران علم ادب ۽ ثقافت جي سُتي مليس، جنهن ڀارت ۾ کيس شمار مشهور ليکڪن، شاعرن، گائڪن، سنگيتڪارن، هدايتڪارن ۽ مصورن جي حيثيت ۾ شهرت ڏنس

    31 آڪٽوبر  1923ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ 1 آڪٽوبر 1919ع کان مختلف مقصدن لاءِ سنڌ مان چندو ڪيو، انهن 49 مهينن ۾ خلافت ڪاميٽيءَ کي 3 13 336588 روپيا گڏ ٿيا، اهي ڇهن قسمن جا فنڊ هئا، پهريون فنڊ هئو ”خلافت بيت المال“ جنهن ۾4 7 91541  روپيا گڏ ٿيا، انهن مان 10 8 41252  روپيا سنڌ ۾ خلافت جي تحريڪي ڪم ۾ ڪتب آيا ۽ انهن 35607 روپيا ”مرڪزي خلافت ڪاميٽي“ کي امداد طور ڏنا ويا، ٻيو هئو ”انگورا فنڊ“ جنهن ۾ 8 9214794  روپيا گڏ ٿيا، انهن مان وري 0 2 210909  روپيا سنڌ واسين نمازي مصطفيٰ ڪمال پاشا ڏي ڏياري موڪليا، ٽيون هئو ”سمرنا فنڊ“ جنهن ۾ 0 17 28991  روپيا گڏ ٿيا، اهي فنڊ مان 25000 روپيا ”سمرنا“ موڪليا ويا، چوٿون هئو، ”هوائي جهاز فنڊ“ جنهن ۾ سنڌ واسين 0 10 1688  روپيا گڏ ڪيا، پنجون فنڊ هئو ”مدينا مجاهد فنڊ“ هن ۾ سوا ڇهويهه روپيا گڏ ٿيا ۽ اهڙي نموني ”ڊسٽرڪٽ ڪاميٽي ڊپازٽس“ ۾ 510 روپيا محفوظ رهيا.

    49 مهينن ۾ خلافت ڪاميٽي 3 13 336588 روپيا گڏ ڪيا، مٿي ذڪر ڪيل خرچ کان پوءِ 31 آڪٽوبر 1923ع تي ”سنڌ خلافت ڪاميٽي“ جي بچت 3 3 12703 روپيا رهي.

    11 نومبر 1923ع

    بئريسٽر عبدالرحمان جي صدارت ۾ پبلڪ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ ”بمبئي رولس آف ايڊوڪرڊن 1923“ کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ياد رهي ته انهيءَ سرڪار ”ملان اسڪولن“ کي مڃتا ڏئي رهي هئي ۽ انهن جي مالي امداد  جي گنجائش به رکي وئي هئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ ”ملان اسڪولن“ جي مخلافت ڪئي وئي ۽ انهن کي تعليمي نظام لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو ويو، ڪن ڏينهن کان پوءِ حافظ نظام احمد جي صدارت ۾ ”ملان اسڪولن“ جي حمايت ۾ گڏجاڻي ٿي هئي.

    16 نومبر 1923ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان ”جزيرة العرب“ هفتي ملهائڻ جو آغاز ٿيو، جيڪو 24 نومبر 1923ع تائين هليو، هن هفتي دوران سنڌ جي مختلف خلافت ڪاميٽين جزيرة العرب جي مذهبي ۽ سياسي آزاديءَ جي حق ۾ آواز بلند ڪيو ۽ ان سان لاڳاپيل سرڪار جي بدنيتيءَ تي ٻڌل حڪمت عمليءَ جي مذمت ڪئي.

    28 نومبر 1923ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جي سالياني رپورٽ مرتب ٿي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ضلعي لاڙڪاڻي جا 13 خلافتي اڳواڻ ”سنڌ پراونشل خلافت ڪاميٽيءَ“ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر ٿيا، جن مان پير علي نواز شاهه، پير تراب علي شاهه، پير مٺل شاهه ۽ ميان محمد صادق جا نالا ذڪر لائق آهن،

    ان کان سواءِ هي پڻ معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ تاريخ تائين ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ”ضلعي خلافت ڪاميٽيءَ“ کان علاوه هيٺ ڄاڻايل ڳوٺن ۽ شهرن ۾ خلافت ڪاميٽيون موجود ۽ فعال رهيون.

    لاڙڪاڻو، ميروخان، بٺي، محبوب تنيو، قاضيان، قمبر، گهوگهارو، گٽهڙ، ڪور سيلمان، آتڻ، ڀولا ڪلهوڙا، ڇڄڙا، پير محمد ارشد شاهه، طيب، خيروديرو، گهانگهرا، شهدادڪوٽ، غلام مصطفيٰ ڏهر، محمد خان ڀٽو، ڏوڪري، پٺاڻ، عالماڻي، باڊهه، خيرمحمد آريجا، نصيرآباد، سومر چولهياڻي، ٿرڙي حاجران، لالو رائنڪ، گاجي کهاوڙ، جاني بند، گل محمد چانڊيو، عرضي نائچ، هيتم سوهو جلباڻي، پنهور، چنجڻي، وڳڻ ۽ واسو ڪلهوڙو.

    ان کان سواءِ گذريل سال (سيپٽمبر 1922ع کان نومبر 1923ع) تائين لاڙڪاڻي ضلعي مان خلافت تحريڪ دوران جن جيل ڀوڳيو، انهن مان محمد رمضان شيخ (18 مهينا)، پير مٺل شاهه راشدي (12 مهينا)، محمد رمضان درزي (24 مهينا)، مولوي مولا داد (12 مهينا)، فقير غلام النبي (12 مهينا)، محمد صادق (12 مهينا)، حڪيم شاهه (12 مهينا)، محمد بچل جمالي (6 مهينا)، مولوي عبدالڪريم (12 مهينا) ۽ ڀڳوانداس (12 مهينا 21 ڏينهن) ذڪر لائق آهن.  

  • 1922

     

    1 جنوري 1922ع

    ميهڙ ۾ ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ جي شاخ کولي وئي، جنهن لاءِ مولوي محمد اڪمل کي صدر، مولوي الله بخش کي نائب صدر، مولوي عبدالوهاب کي سيڪريٽري ۽ مولوي عبدالڪريم کي جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

    24 فيبروري 1922ع

    سکر مان ماستر عبدالوهاب جي ايڊيٽريءَ ۾ ”سنڌ زميندار“ نالي هفتيوار اخبار جاري ٿي، جيڪا ”خلاف تحريڪ“ ۽ ”الوحيد“ جي اثر کي گهٽ ڪرڻ جو ذريعو بڻائي وئي، پر پوءِ آخر ۾ مسلم ليگ جو آرگن ٿي، اخبار جا ڪيترائي ايڊيٽر ٿيا، جن ۾ احمد علي عليگر، پير علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين شاهه، آغا نظر علي، مولوي عبدالغفور ريتائي، در محمد اويسي ۽ حافظ خير محمد اوحدي ذڪر لائق آهن.

    27 فيبروري 1922ع

    ڪراچيءَ جي سوشل سروس ليگ جي مئنيجنگ ڪاميٽيءَ فيصلو ڪيو ته هي ٺهراءُ مختلف تعليمي اختيارين وارن ڏي ڏياري موڪلجي:

    ”سنڌي ٻوليءَ کي به بي اي ۽ ايم اي جي امتحانن ۾ سيڪنڊ لئنگويج طور مڃيو وڃي، جيئن گجراتي، مراٺي ۽ ڪنارسي ٻولين کي انهيءَ حيثيت ۾ قبوليو ويو آهي“

    28 فيبروري 1922ع

    خلافت تحريڪ جي چندي مهم ۾ حصو وٺندي ضلعي لاڙڪاڻي جي خلافت ڪاميٽيءَ ساڍا چار سو روپين جو چندو جمع ڪرايو.

    15 مارچ 1922ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽي طرفان هلايل چندي جي مهم ۾ حصو وٺندي ضلعي لاڙڪاڻي جي خلافت ڪاميٽي 2520 رپيا 11 آنا ۽ 3 پايون فنڊ ۾ جمع ڪرايا، ساڳي مهيني ۾ 500 رپيا چندي جي ٻي قسط طور سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ حوالي ڪيا.

    ان کان سواءِ خلافت ڪاميٽي گهٽهڙ چندي ۾ 200 رپيا سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ حوالي ڪيا.

    17 مارچ 1922ع

    پرنس آف ويلس ڪراچيءَ پهتو، سرڪار ۽ سرڪار پرست ڌرين سندس دل کولي آڌر ڀاءُ ڪيو، سندس دوري تي لکين رپيا خرچ آيو، هن دوري جا تفصيل ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ڪتاب ”آئينو ۽ اولڙو“ ۾ موجود آهن.

    1 اپريل 1922ع

    ڀڳوان سي ٿڌاڻي حيدرآباد ۾ ڄائو، ڦوهه جوانيءَ کي پهتو ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ لڏي وڃي بمبئي ۾ ويٺو، اتي ”پشپ“ جي ادبي نالي سان مشهور ٿيو ۽ ڪجهه ڪتاب به لکيائين.

    5 اپريل 1922ع

    ڪراچيءَ ۾ خلافتين ۽ عام مسلمانن جو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ حڪومت کي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪي ترڪيءَ تي شرط ۽ معاهدا مسلط ڪيا ويندا، اهي جيڪڏهن دين اسلام جي مطابق نه هوندا ته سنڌ ۽ هند جا مسلمان نه فقط انهن کي قبول نه ڪندا پر حڪومت خلاف متحد ۽ منظم ٿي تحريڪ هلائيندا.

    6 اپريل 1922ع

    سنڌ خلافتي ڪاميٽي طرفان مالي امداد ڏيڻ واري سڏ جي موٽ ۾ ضلعي خلافت ڪاميٽيءَ مختلف مرحلن تي هن مهيني ۾ جيڪي پئسا گڏ ڪري سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ حوالي ڪيا، اهي آهن: پهرين قسط 30 رپيا، ٻي قسط 158 روپيا 4 آنا ۽ 6 پايون ۽ ٽين قسط 60 رپيا.

    22 اپريل 1922ع

    لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ خلافت ڪاميٽي جي صدر پير مٺل شاهه راشديءَ ۽ انهيءَ ڪاميٽي جي سيڪريٽري محمد صادق کي قلم 108 انڊين پينل ڪوڊ هيٺ گرفتار ڪيو ويو هئو، انهن جي ڪيس جي شنوائي ٿي.

    2 مئي 1922ع

    ضلعي لاڙڪاڻي مان جن خلافتين ”سنڌ خلافت ڪاميٽي“ کي چندي جي صورت ۾ مالي مدد ڪئي، اهي هئا: تعلقي قمبر جو پير معشوق علي شاهه 100 رپيا، حاجي محمد عباسي بنگل ديرائي 58 رپيا ۽ 9 آنا، حاجي امير علي لاهوري 500 رپيا، خلافت ڪاميٽي نئون ديرو 45 رپيا، علي محمد تپيدار 12 رپيا، محمد صالح ولد ڪريم بخش قمبر 10 رپيا، ضلعي خلافت ڪاميٽي 47 رپيا، پير ابراهيم شاهه ٺلاهه 19 سال رپيا، مولوي ڪريم بخش 5 رپيا، سرائي محمد ڇڄڙا 347 رپيا 3 آنا، دريا خان وزير خان قمبر 50 رپيا ۽ ضلعي ڪاميٽي 1300رپيا.

    18 مئي 1922ع

    سنڌ ۾ گانڌي جي گرفتاريءَ جو ڏينهن ملهايو ويو، ڪانگريس طرفان مکيه شهرن ۾ جلوس ۽ ميڙاڪا ٿيا.

    7 جون 1922ع

    ”سنڌ خلافت ڪاميٽي“ فيصلو ڪيو ته اهي مسلمان سنڌي شاگرد جيڪي علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ تعليم وٺڻ گهرن ته ڪاميٽي انهن مان هر هڪ کي درماهه 25 رپيا اسڪالرشپ ڏيندي.

    19 جون 1922ع

    لاڙڪاڻي جي سب ڊويزنل مئجسٽريٽ معافي وٺڻ تي خلافتي ورڪر غلام النبي قريشي خلاف ڪيس خارج ڪري ڇڏيو، مٿس قلم 108 سي پي سي هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ڇو ته هن رتيديري ۽ ٿرڙي ۾ حڪومت خلاف تقريرون ڪيون هيون.

    25 جون 1922ع

    لاڙڪاڻي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ تنظيمي ڳالهين تي غور ڪرڻ کان علاوه هڪ ٺهراءُ پاس ڪري، مولوي غلام فريد کي ديس جي آزادي خاطر جيل ڀوڳڻ ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻ تي مبارڪ ڏني وئي ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو

    7 جولاءِ 1922ع

    1913ع ۾ مسلمان ٿيندڙ مسٽر پڪٿال جي صدارت هيٺ سکر ۾ ٻن ڏينهن واري ”خلافت ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ بي امان کان سواءِ هند ۽ سنڌ جي چوٽيءَ جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

    10 جولاءِ 1922ع

    ڪراچيءَ ۾ سنسڪرت ٻوليءَ کي عام ۽ مقبول بنائڻ لاءِ ”سنڌو سنسڪرت اتيجڪ منڊل“ طرفان لائبرري ۽ ريڊنگ روم قائم ڪئي وئي

    5 آگسٽ 1922ع

    لاڙڪاڻي خلافت ڪاميٽيءَ جي پروپيگنڊا سيڪريٽري نواز علي کي رتيديريءَ ۾ قلم 108 سي پي سي هيٺ گرفتار ڪيو ويو.

    7 آگسٽ 1922ع

    سيٺ گدو مل فتح چند ۽ سيٺ چيلارام دلومل جي مالي مدد سان ”هندو ٽائون پيپلز ايسوسئيشن“ ڪراچيءَ ۾ لائبرري ائنڊ ريڊنگ روم قائم ڪئي وئي.

    10 آگسٽ 1922ع

    ڪراچيءَ جي ”گئانپورچگريزي ائسوسئيشن“ جي سالياني رپورٽ جاري ٿي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچيءَ ۾ سندن آدمشماري چار هزار آهي، ائسوسئيشن جي ميمبرن جو تعداد چار سو پنجاهه آهي، هن تنظيم ڪراچيءَ ۾ مختلف قومن جي رهواسين جي وچ ۾ ڀائيچاري، اتفاق ۽ اتحاد قائم ڪرڻ لاءِ ڀرپور نموني پاڻ پتوڙيو.

    15 آگسٽ 1922ع

    ضلعي ڪاميٽين، ”سنڌ خلافت ڪاميٽي“ جي هدايتن تي سموريءَ سنڌ ۾ يونانين خلاف احتجاج جو ڏهاڙو ملهايو، جيڪي استنبول تي قبضي ڪرڻ لاءِ تياريون ڪرڻ ۾ مصروف هئا، هن ئي ڏينهن تي غازي ڪمال پاشا لاءِ دعائون پڻ گهريون ويون، جنهن کي ٿورو وقت اڳ شهيد ڪيو ويو هو.

    18 آگسٽ 1922ع

    سکر ۾ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ مقررن مسلمانن کي صلاح ڏني ته هو پاڻ ديني ڳڻ پيدا ڪن ۽ مذهبي حڪمن تي سختيءَ سان عمل ڪن.

    23 آگسٽ 1922ع

    قمبر خلافت ڪاميٽيءَ طرفان جلسو ٿيو، جنهن ۾ استنبول کي قبضي ۾ وٺڻ لاءِ يونانين جي مذموم ارادن جي مذمت ڪئي ۽ جمال پاشا جي شهادت تي تعزيتي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.

    1 سيپٽمبر 1922ع

    ڳڙهي ياسين، جيڪب آباد ۽ گهوگهاري ۾ اتان جي خلافت ڪاميٽين طرفان جلسا ٿيا، جن ۾ غازي مصطفيٰ ڪمال جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهريون ويون ته کيس اتحادين خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ٿئي.

    2 سيپٽمبر 1922ع

    ڳوٺ پنهور لڳ نصيرآباد، ڳوٺ ٿالهه ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ مقامي خلافت ڪاميٽين طرفان عوامي ميڙاڪا ٿيا، هن جلسن ۾ ماڻهن کي مقامي صنعت کي زور وٺرائڻ لاءِ چيو ويو، ٽنڊي محمد خان واري جلسي جي صدارت قاضي اسدالله شاهه ٽکڙائي ڪئي.

    3 سيپٽمبر 1922ع

    رتيديري لڳ شاهه جي ڳوٺ ۾ مولوي خدا بخش جي صدارت هيٺ خلافت جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ استنبول کي هڙپ ڪرڻ وارين يونان جي ڪوشش جي مذمت ڪئي وئي ۽ انهيءَ سازش پٺيان اتحادين ۾ مذموم ارادن کي محرڪ قرار ڏنو ويو.

    5 سيپٽمبر 1922ع

    مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صدارت هيٺ شڪارپور ۾ اتر سنڌ جي ناميارن ديني عالمن جو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ جمعيت العلماءِ سنڌ جي شڪارپور ۾ ضلعي شاخ قائم ڪئي وئي ۽ ان لاءِ مولانا حمادالله کي صدر، مولوي حافظ نور محمد کي نائب صدر، مولوي علي شير کي نائب سيڪريٽري ۽ مولوي محمد حافظ محمد هاشم کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    5 سيپٽمبر 1922ع

    ڪراچي سوشل سروس ليگ پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو ته گذريل سال هن جماعت ڇوڪرين ۾ تعليم وٺڻ واري چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ ڪييترين کي ايوارڊ ڏنا، مڪران مان ڏڪر ستايل ۽ ڪراچيءَ ۾ آيل مڪرانين جي مدد ڪئي وئي ۽ ملير ۾ آيل ٻوڏ کان ستايلن جي واهر ڪئي وئي.

    7 سيپٽمبر 1922ع

    ڪوٽڙيءَ ۾ مقامي خلافت ڪاميٽيءَ جي اهتمام سان عوامي ميڙاڪو ٿيو ۽ ماڻهن غازي ڪمال مصطفيٰ جي ڪاميابين تي ”جشن فتح“ ملهايو.

    8 سيپٽمبر 1922ع

    خلافت ڪاميٽيءَ جي سڏ تي سنڌ ۾ هنڌين ماڳين ترڪن پاران سمرنا جي فتح تي جشن ملهايو، اهو سلسلو 17 سيپٽمبر 1922ع تائين هليو، جن شهرن ۽ ڳوٺن جو اهڙو رڪارڊ گل حيات ۾ محفوظ آهي، انهن مان

    چڪ، ٺل، ٺٽو، ٽنڊو ڄام، رتوديرو، شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، ماتلي، سکر، ڳوٺ امام علي شاهه، جيڪب آباد، خيرپورناٿن شاهه، دڙو ۽ ميرپور بٺورو جا نالا ذڪر لائق آهن.

    8 سيپٽمبر 1922ع

    رتيرديري لڳ شاهه جي ڳوٺ جي خلافت ڪاميٽي شاخ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ڪمال پاشا کي يونانين تي فتح پائڻ واري ڪارنامي تي مبارڪ باد وارو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.

    8 سيپٽمبر 1922ع

    شهدادڪوٽ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان عوامي ميڙ ٿيو، جنهن ۾ يونانين خلاف ترڪن جي فوجي ڪاميابين تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو.

    8 سيپٽمبر 1922ع

    قمبر ۾ خلافت ڪاميٽي شاخ پاران گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت مولوي عبدالوحيد ڪئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ سلطان عبدالمجيد کي خليفي تسليم ڪرڻ، غازي ڪمال پاشا جي تائيد ڪرڻ ۽ خلافتي امور ۾ حڪومت جي مداخلت جي مذمت ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

    9 سيپٽمبر 1922ع

    قمبر ۾ ٽن ڏينهن واري خلافت ڪانفرنس ٿي، جنهن جي صدارت مولانا عبدالڪريم چشتيءَ ڪئي، ڪانگريسي اڳواڻن به هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، جن مان دمنتي ديو ذڪر لائق هئي، ڪانفرنس جي آخر ۾ ڪمال پاشا کي فتحن تي ۽ خلافتي ڪارڪنن تي جيل سزا ڀوڳڻ تي مبارڪون ڏنيون ويون.

    10 سيپٽمبر 1922ع

    لاڙڪاڻي جي خلافتيءَ سيد حاڪم شاهه کي ”عدم تعاون تحريڪ“ ۾ حصي وٺڻ تي سب ڊويزنل مئجسٽريٽ 108 سي پي سي هيٺ هڪ سال سخت پورهئي سان سزا ڏني.

    15 سيپٽمبر 1922ع

    رتيديري خلافت ڪاميٽيءَ جي اهتمام سان عوامي ميڙ ٿيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي خلافتي اڳواڻن تقريرون ڪيون ۽ يونانين خلاف ترڪن جي فوجي ڪاميابين تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو، آخر ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪري اهو عهد ڪيو ويو ته جيستائين خلافت جو مامرو طئي نه ٿو ٿئي، ان وقت تائين غير ملڪي شيون ڪتب نه آڻبيون.

    16 سيپٽمبر 1922ع

    گهوگهاري خلافت ڪاميٽيءَ پاران ترڪن جي يونانين خلاف فتح جو جشن ملهايو ويو.

    17 سيپٽمبر 1922ع

    علي خان، قمبر ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جي سهاري هيٺ جلسو ٿيو، جنهن ۾ مولوي محمد دائود ۽ قاضي عزيز الله تقريرون ڪيون ۽ يونان خلاف ترڪن جي فتح تي روشني وڌي ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو.

    17 سيپٽمبر 1922ع

    قمبر علي خان ڪاميٽيءَ طرفان يونانين خلاف ترڪن جي فتح تي خوشيءَ جي اظهار ڪرڻ لاءِ عوامي جلسو ڪيو ويو.

    17 سيپٽمبر 1922ع

    ملان ابڙا لڳ باقراڻيءَ جي مقامي خلافت ڪاميٽيءَ طرفان عوامي ميڙ ٿيو جنهن ۾ يونانين خلاف ترڪن جي فوجي ڪاميابين تي روشني وڌي وئي ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو.

    17 سيپٽمبر 1922ع

    تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ فاضل ڪلهوڙي ۾ اتان جي خلافت ڪاميٽي طرفان عوامي ميڙ ٿيو، تقرير ڪندڙن يونانين خلاف ترڪن جي فتح تي روشني وڌي ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪندي ترڪن کي مبارڪون ڏنيون.

    وڳڻ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان به ساڳي ڏينهن تي ساڳي نوعيت جو عوامي ميڙ ٿيو.

    18 سيپٽمبر 1922ع

    باڊهه ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جي شاخ کولي وئي ۽ ان لاءِ مولوي محمد صديق کي صدر، حافظ فيض محمد کي نائب صدر، محمد علي کي سيڪريٽري ۽ محمد يوسف کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.

    انهيءَ موقعي تي مولوي محمد صديق اعلان ڪيو ته هو اڳتي سرڪاري گرانٽ قبول نه ڪندو، پاڻ ”ترڪ موالات تحريڪ“ ۾ ڀرپور حصو وٺندو ۽ ان جي ڀرپور نموني عوام ۾ تبليغ ڪندو.

    18 سيپٽمبر 1922ع

    مقامي خلافت ڪاميٽين طرفان ڳوٺ نوهيون ۽ ڳوٺ ڪاڪيپوٽا ۾ عوامي ميڙاڪا ٿيا، ٻنهي هندن تي فرنگي سرڪار جي اسلام دشمني جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ ترڪن کي پنهنجي تائيد ۽ حمايت جو يقين ڏياريو ويو.

    19 سيپٽمبر 1922ع

    باڊهه جي مولوي محمد صديق ”ترڪ موالات تحريڪ“ ۾ عملي حصو وٺندي سرڪاري گرانٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ وعدو ڪيو ته اهو اڳتي سرڪار کان مالي مدد نه وٺندو.

    28 سيپٽمبر 1922ع

    مقامي خلافت ڪاميٽي عمر ڪوٽ ۾ عوامي جلسو سڏرايو، جنهن ۾ لارڊ جارج جي ايشيا دشمنيءَ خلاف تقريرون ڪيون ويون.

    29 سيپٽمبر 1922ع

    ڳوٺ دائم خان مشوري لڳ باقراڻي اسٽيشن خلافت ڪاميٽيءَ طرفان جلسو ٿيو، جنهن ۾ ترڪن خلاف برطانيه جي حڪمت عمليءَ جي مذمت ڪئي وئي، انهيءَ جلسي جي صدارت منشي محمد سليمان ڪئي، آخر ۾ يونان خلاف ترڪن جي فتح لاءِ دعائون گهريون ويون.

    29 سيپٽمبر 1922ع

    بٺي خلافت ڪاميٽيءَ طرفان قاضي عزيز الله جي صدارت هيٺ عوامي ميڙ ٿيو، جنهن ۾ تقرير ڪندڙن ترڪن خلاف سرڪار جي حڪمت عمليءَ جي ندا ڪئي وئي ۽ انهيءَ قسم جو هڪ ٺهراءُ به پاس ڪيو ويو جيڪو حسن الله پيش ڪيو ۽ مولوي غلام صديق ان جي تائيد ڪئي.

    29 سيپٽمبر 1922ع

    ڳوٺ ديدڙ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ عوامي ميڙ ٿيو، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ديدڙ ۾ مقامي خلافت ڪاميٽي ٺاهي وڃي، هن موقعي تي مولوي ڪريم بخش تقرير ڪئي ۽ عوام کي خلافت جي اهميت ۽ ”خلافت تحريڪ“ جي ضرورت کان واقف ڪيو، 60 ماڻهن خلافت ڪاميٽيءَ جي ميمبري اختيار ڪئي، عوامي ميڙ جي آخر ۾ حڪومت جي ترڪ پاليسي جي مذمت ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.

    30 سيپٽمبر 1922ع

    دادو، مانجهند، ملڪاڻي، مخدوم بلاول ۽ نوشهره فيروز ۾ مقامي خلافت ڪاميٽين جي سهاري سان عوامي ميڙاڪا ٿيا، جن ۾ برطانيه حڪومت جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته سرڪار سمرنا ڏانهن پنهنجا جنگي ٻيڙا نه موڪلي

    1 آڪٽوبر 1922ع

    سال 231922ع لاءِ قمبر خلافت ڪاميٽيءَ جون چونڊون ڪيون ويون، جن ۾ مولوي غلام صديق کي صدر، سيد حسن شاهه کي نائب صدر، حاجي محمد عثمان کي سيڪريٽري، گل محمد پٺاڻ کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ محمد عيسيٰ کي خزانچي چونڊيون،، هڪ ڏينهن پوءِ نئين صدر جي صدارت ۾ نئين چونڊيل باڊيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ٺهراءُ پاس ڪري ترڪن خلاف برطانوي سرڪار جي حڪمت عمليءَجي مذمت ڪئي وئي.

    1 آڪٽوبر 1922ع

    سيهڙ، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ اتان جي خلافت ڪاميٽيءَ جي سهاري هيٺ عوامي ميڙ ٿيو، جنهن ۾ ترڪن خلاف حڪومت جي پاليسيءَ جي مذمت ڪئي وئي.

    3 آڪٽوبر 1922ع

    شهدادڪوٽ خلافت ڪاميٽيءَ جي سهاري هيٺ عوامي ميڙ ٿيو، جنهن ۾ ترڪن سان اتحاد ۽ حڪومت جي ترڪ دشمن حڪمت عملي جي مذمت ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

    8 آڪٽوبر 1922ع

    ٺل، جيڪب آباد ۾ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ انگريز سرڪار جي اسلام دشمن پاليسين جي مذمت ڪئي وئي ۽ عوام تي زور ڀريو ويو ته ڏيهي صنعت کي ترقي وٺرائي وڃي ته جيئن سياسي آزاديءَ لاءِ راهه هموار ٿئي ۽ ملڪ اقتصادي آزادي ماڻي سگهي.

    24 آڪٽوبر 1922ع

    مولوي غلام حسين جي صدارت هيٺ ڳوٺ گل محمد تنئي ۾ خلافت جو جلسو ٿيو، هن موقعي تي حافظ عبدالله تقرير ڪئي ۽ خلافت جي موضوع تي حاضرين کي آگاهي ڏني.

    27 آڪٽوبر 1922ع

    ”عدم تعاون تحريڪ“ ۾ حصي وٺڻ تي لاڙڪاڻي جي ڪانگريسي ڀڳوانداس کي 108 ڪرمنل پرويسجر ڪوڊ هيٺ هڪ سال جي سزا ڏني وئي.

    1 نومبر 1922ع

    سنڌ ۾ ”سنڌ خلافت ڪاميٽي“ جي سڏ تي ”علي برادرس ڊي“ ملهايو ويو، هڪ سال اڳ هن ئي ڏينهن تي مولانا شوڪت علي ۽ مولانا محمد علي جوهر کي سنڌي خلافتي اڳواڻن سميت ڪراچيءَ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مقامي خلافت ڪاميٽين پنهنجي ميڙاڪن ۾ علي برادرس جي اسلام دوستي ۽ سياسي شعور جي واکاڻ ڪئي ۽ کين سختين سهڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ پنهنجي انهيءَ عزم کي ورجايو ته سنڌ واسي اسلام ۽ طون خاطر هر قرباني ڏيندا ۽ دنيا جي ڪا به طاقت ڪين جهڪائي نه سگهندي.

    10 نومبر 1922ع

    ٻير ، تعلقي قمبر ۾ گهٽهڙ خلافت ڪاميٽيءَ جي سهاري هيٺ عوامي ميڙ ٿيو، جنهن کي مولوي فضل الحق خطاب ڪيو.

    12 نومبر 1922ع

    ”تحريڪ موالات“ ۾ عملي طور حصو وٺندي بنگل ديري جي مولوي محمد وارث سرڪاري گرانٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو.

    18 نومبر 1922ع

    ميان عبدالعليم ميڪڻ ولد ميان نصير الدين جي شهدادڪوٽ ۾ ولادت ٿي، اڳتي هلي درگاهه شريف صديقه جو سجاده نشين ٿيو، مذهبي ۽ روهاني تعيلم وٺڻ کان پوءِ شهدادڪوٽ ۽ قلات ۾ مدرسا کوليائين، سندس وفات 1979ع ۾ ٿي.

    29 نومبر 1922ع

    برطانيه ترڪيءَ خلاف سمرنا ڏانهن جنگي ٻيڙا موڪليا ته ان خلاف سموريءَ سنڌ ۾ خلافتين طرفان احتجاجي ميڙاڪا ڪيا ويا، بٺي تعلي ميروخان ۾ قاضي عزيز الله جي صدارت هيٺ، نصرپور ۾ مولوي تاج محمد جي صدارت هيٺم درگاهه ٺلاهه لڳ باقراڻي ۾ پير محمود شاهه راشديءَ جي صدارت هيٺ، انڙپور مٽياري، امروٽ ۽ وسي ملوڪ شاهه ۾ اهڙا ميڙاڪا ٿيا.

    29 نومبر 1922ع

    ”الوحيد“ اخبار جي ايڊيٽر تي”ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ 108“ سٽي مئجسٽريٽ ڪراچيءَ جي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو.

    2 ڊسمبر 1922ع

    ٻارهين ربيع الاول جي موقعي تي دورو نارو خلافت ڪاميٽيءَ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ انگريز، ويري، آزاديءَ جي سپاهين ۽ خلافتي اڳواڻن جهڙوڪ دين محمد عليگ، جمال الدين بخاري، مولوي تاج محمد نصرپوري، مولوي محمد موسيٰ ڪوٽڙي واري جي قربانين جي واکاڻ ڪئي وئي، سندن تعريف ۽ سلطان عبدالوحيد ۽ غازي ڪمال پاشا جي حمايت ۾ ۽ مصطفيٰ صابري ۽ رضا توفيقيءَ خلافت ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

    5 ڊسمبر 1922ع

    ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ، تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ خلافت جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ انگريز ۽ سندن اتحادي ملڪن خواهه ماڻهن جي مذمت ۾ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

    7 ڊسمبر 1922ع

    مقامي خلافت ڪاميٽيءَ طرفان مولانا مير محمد جي صدارت هيٺ وڳڻ تعلقي قمبر ۾ عوامي ميڙ ٿيو، تقرير ڪندڙن سلطان وحيد الدين جي بي جاءِ سهڪار ڏيڻ تي وقت جي هند ۽ برطانيا سرڪار جي مذمت ڪئي ۽ انهيءَ ڏس ۾ ٺهراءُ پڻ بحال ڪيو ويو.

    15 ڊسمبر 1922ع

    ڳوٺ نبي شاهه ۾ مقامي خلافت ڪاميٽيءَ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ تقرير ڪندڙن ماڻهن کي دين اسلام جي اهميت ۽ عظمت کان واقف ڪيو ۽ انهن کي تاڪيد ڪيو ته هو پنهنجو مذهبي تشخص قائم ڪري، فرنگي سرڪار جي سياسي چالبازين کي منهن ڏين.

  • 1921

     

    1 جنوري 1921ع

    ڪراچيءَ جي عيد گاهه ميدان ۾ قاضي عبدالرحمان ايڊيٽر ”الوحيد“ جي گرفتاري تي غصي جي اظهار ڪرڻ لاءِ مسلمانن جو هڪ جلسو ٿيو، جنهن ۾ چار هزار کن ماڻهو شريڪ ٿيا، سڀ کان پهريون شاعرن پنهنجي شعر ذريعي ايڊيٽر جي قومي خدمتن کي ساراهيو، ان کان پوءِ شيخ عبدالعزيز جي پيش ڪيل ٺهراءَ کي مهال پاس ڪري، ان ذريعي ايڊيٽر کي مبارڪباد ڏني وئي، هن موقعي تي شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون به حاضرين کي خطاب ڪيو.

    4 جنوري 1921ع

    ”الوحيد“ اخبار جي ايڊيٽر تي سرڪار خلاف لکڻ تي انڊين پينل ڪوڊ 153 ۽ 124-A هيٺ، ڪراچيءَ جي سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو.

    5 جنوري 1921ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ ”خلافت ۽ سمرنا فند“ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ته خلافت ڪاميٽي جي مبلغ مولوي محمد جي معرفت ضلعي لاڙڪاڻي مان حاجي چڱل (3 رپيا)، اوستي عرض محمد (1 رپيو)، اوستي الهڏني (1 رپيو) ۽ غلام رسول شاهه (1 رپيو) چندو ڏنو.

    15 جنوري 1921ع

    ڪراچيءَ جي ”ڊي جي سنڌ ڪاليج“ جي ڊيبٽنگ سوسائٽي طرفان ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو، ايم ايس شهاڻيءَ ”خيال ۽ آدرش“ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو

    15 جنوري 1921ع

    رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو ڪابل ڏانهن وڃڻ جي ارادي سان پشاور روانو ٿيو.

    22 جنوري 1921ع

    ڪراچيءَ جي ”ڊي جي سنڌ ڪاليج“ جي ڊبيٽنگ سوسائٽي پاران ليڪچر جو بندوبست ڪيو ويو، پي ايس شهاڻيءَ ”ٽئگور جي شاعري“ تي ليڪچر ڏنو

    27 جنوري 1921ع

    ڪراچيءَ جي ”ڊي جي سنڌ ڪاليج“ جي ڊبيٽنگ سوسائٽي طرفان ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو، ڊبليو يو نڪولس ”راندين جو ڪردار تي اثر“ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو

    28 جنوري 1921ع

    ايڇ ڊي گرلس هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ عورتن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”هندي استري منڊل“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، 80 عورتن ۽ ڇوڪرين جي هن ميڙ جي صدارت مس رڪي شهاڻي ڪئي، جڏهن ته مس ديوي ٻائي اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض بجا آندا.

    گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ”هندي استري منڊل“ عورتن جي طبعي اخلاقي ۽ ذهني سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندي ۽ ان کان سواءِ بيمار خواهه غريب عورتن جي ساهتا ڪندي، ياد رهي ته هن کان اڳ ”عورتن جي هندستاني تنظيم“ (Women’s Indian Association) نالي تنظيم ڪم ڪندي هئي، اڄوڪي ڏينهن تي ان جا اغراض و مقاصد ۽ نالو مٽايو ويو.

    31 جنوري 1921ع

    سکر مان ”سوراج“ نالي روزانه اخبار جاري ٿي، جنهن جو ايڊيٽر چوئٿرام وليڇا هو، کائنس پوءِ پوڄراج اجواڻي اخبار جو ايڊيٽر ٿيو، هيءَ اخبار جهڙوڪ ڪانگريس پارٽيءَ جو آرگن هئي.

    2 فيبروري 1921ع

    ”الوحيد“ اخبار جي ايڊيٽر تي فرنگي سرڪار خلاف لکڻ تي ”پريس ايڪٽ آف 1910“ هيٺ سٽي ماجسٽريٽ ڪراچيءَ جي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو.

    26 ۽ 27 فيبروري 1921ع

    ”سنڌ پراونشل خلافت ڪاميٽي“ جي جنرل ميٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪاميٽيءَ جي رولن ۾ ڦيرگهير ڪرڻ، سنڌ پراونشل خلافت ڪانفرنس لاءِ تاريخ ۽ هنڌ مقرر ڪرڻ، غير فعال عهديدارن جي جاءِ تي نوان عهديدار چونڊڻ، هاءِ اسڪولن ۽ ملان اسڪولن کي خلافت ڪاميٽيءَ طرفان مالي امداد ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترن اهم مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو.

    4 مارچ 1921ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ ”خلافت ۽ سمرنا فنڊ“ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ته لاڙڪاڻي ضلعي مان مولوي محمد مبلغ خلافت معرفت (100 رپيا)، نجات ۽ ٻيا باقراڻي (6 رپيا 10 آنا)، نبي بخش ۽ ٻيا، ڳيريلو (2 رپيا 2 آنا ۽ 3 پايون)، حاجي عبدالڪريم مگسي (2 رپيا)، گلشير ۽ ٻيا وڳڻ (2 رپيا 2 آنا)، محمد عرس ۽ ٻيا ڳوٺ ٿرڙي هاشم (2 رپيا 2 آنا)، رئيس چانڊو خان (17 رپيا)، در محمد ڳيريلو (3 رپيا)، مولوي عبدالرحمان (ساڍا 7 رپيا) مبلغ مولوي محمد معرفت (10 رپيا 15 آنا 3 پايون)، ميان وريام ۽ پير بخش (ساڍا چار رپيا)، محمد حسن ۽ ٻيا (6 رپيا آنڪ) غلام محمد (7 رپيا) ۽ حاجي غلام رسول (4 رپيا 11 آنا)

    30 مارچ 1921ع

    سوامي هرنامداس ”اداسين“ جي يادگيري ۾، سکر مان سوامي امرداس ٻائي جي ايڊيٽري ۾ هفتيوار ”ڌرم وير“ اخبار جاري ٿي، پهريان چار سال هي اخبار ديوناگري گرمکي، انگريزي ۾ سنڌي ۾ ڇپبي هئي، پوءِ فقط سنڌيءَ ۾ شايع ٿي، البته 1927ع ۾ وري ان ۾ انگريزي زبان کي به داخل ڪيو ويو، هن اخبار مسلمانن ۽ سکن خلاف گهڻو لکيو.

    20 اپريل 1921ع

    لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي پنجاهه زميندارن جي ڪانفرنس ٿي، جنهن جي صدارت رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ڪئي، هن موقعي تي ”سنڌ زميندارس ايسوسئيشن“ ٺاهي وئي، هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن مان فتح محمد خان، خان صاحب شاهنواز خان، در محمد خان، ڄام ايف ڪي ڀمڀو خان، ماڌو داس سکر وارو، جان محمد جوڻيجي، سرائي شاهه محمد لاهوري، علي گوهر خان ڀٽي، ڌڻي بخش جتوئي، چوهڙ مل لاڙڪاڻه واسي، ديوان همت سنگ ۽ مٿراداس حيدرآبادي جا نالا ذڪر لائق آهن، رئيس ڀرڳڙي کي صدر ۽ مٿراداس کي سيڪريٽري چونڊيو ويو.

    21 مئي 1921ع

    ارجن ڊي ڀارواڻي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو، ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي بمبئي ۾ ويٺو، هن اتي ڌرمي ارب تي ڪجهه ڪتاب لکيا آهن.

    5 جون 1921ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ ”خلافت ۽ سمرنا فنڊ“ جمع ڪرڻ شروع ڪيو ته لاڙڪاڻي ضلعي جي ماڻهن به چندي ڏيڻ ۾ پاڻ ملهايو، مبلغ مولوي محمد معرفت (152 رپيا)، ميان عبدالله (3 رپيا)، عبدالقادر (1 رپيا)، مولوي محمود (2 رپيا)، علي محمد گهوگهارو (3 رپيا 12 آنا) ۽ مولوي دين محمد باقراڻي (23 رپيا)، جمع ڪرايا، جڏهن ته جولاءِ مهيني ۾ جيڪب آباد خلافت ڪاميٽيءَ جي مبلغ مولوي عطا الاهي معرفت ڏوڪريءَ جي محمد صديق يعقوب (16 رپيا) فنڊ ۾ ڏنا.

    8 جولاءِ 1921ع

    ڪراچيءَ جي خالقڏني هال ۾ ”آل انڊيا خلافت ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ حڪومت خلاف ”عدم تعاون جي تحريڪ“ هلائڻ جي فيصلو ڪيو ويو، هن ڪانفرنس ۾ جوشيلن تقريرن ڪرڻ ۽ شرڪت ڪرڻ تي علي برادران ۽ سنڌ جي ڪيترن خلافتي اڳواڻن کي گرفتار ڪري مٿن بغاوت جا ڪيس هلايا ويا.

    8، 9 ۽ 10 جولاءِ 1921ع

    ڪراچيءَ ۾ مولانا محمد علي جي صدارت هيٺ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ حڪومت خلاف سخت ٺهراءُ بحال ڪيا ويا، انهيءَ ڪانفرنس جي نتيجي ۾ سنڌ خواهه هنڌ جي نامور خلافتي اڳواڻن تي بغاوت جو ڪيس هليو هو.

    15 جولاءِ 1921ع

    ڪراچي ڪانگريس ڪاميٽي پنهنجي گڏجاڻيءَ ۾ ٺهراءُ پاس ڪري سنڌي واپارين کي اپيل ڪئي ته اهي ٻاهرين ملڪن ۾ ٺهيل ڪپڙي جي درآمد بند ڪن.

    17 جولاءِ 1921ع

    ڄيٺانند ڀوڄراج پنجابي ”راشٽروادي“، حيدرآباد ۾ ڄائو، پر جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿيو ته پنهنجي مرضيءَ مطابق وطن جا وڻ ڇڏي وڃي حيدرآباد دکن ۾ رهيو، پاڻ جڏهن سنڌ ۾ هئو، تڏهن ئي ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ پاڻ مڃرائي چڪو هئو، هن ساڳئي ريت کي اتي به وڃي نڀايو.

    18 جولاءِ 1921ع

    قمبر ۾ نواب غيبي خان چانڊئي جي ڪوششن سان ”امن سڀا“ قائم ٿي ته جيئن ”خلافت تحريڪ“ جي انگريز دشمن روين ۽ عملن جو ٽوڙ پيش ڪري سگهجي ۽ عوام کي حڪومت خلاف ٿي بيهڻ کان روڪي سگهجي، هن نئين جوڙيل سرڪار دوست تنظيم جو رئيس قائم خان شيخ کي صدر ۽ مکي گوبند رام کي نائب صدر مقرر ڪيو ويو.

    7 آگسٽ 1921ع

    سرائي سبز علي خان جي ڪوششن سان نصيرآباد ۾ سرڪار وفادار تنظيم ”امن سڀا“ قائم ٿي، جنهن جو صدر کيس ئي چونڊيو ويو، جڏهن ته سيٺ نارو مل کي نائب بڻايو ويو، صدر ۽ وڏيري محمد صديق وڳڻ جيڪوششن سان ڪجهه جلسا پڻ ٿيا، جن ۾ شهنشاهه سان وفاداريءَ جا واعدا وعيد ڪيا ويا ۽ خلافت تحريڪ کي ٻنجي ڏيڻ جو عزم ڏيکاريو ويو.

    26 آگسٽ 1921ع

    عالي جاهه علي ڏنا علي محمد کي سرڪار طرفان ”خانصاحب“ جي لقب ملڻ تي سندس مان ۾ ڪراچيءَ جي ”خوجا اسماعيليه ڪائونسل“ دعوت جو اهتمام ڪيو، ڪائونسلجي صدر عاليجاهه بنده علي جي ڪوشش سان منعقد ڪيل هن تقريب جي صدارت خانبهادر ايس جي حاجي (S.G.Haji) ڪئي.

    انهيءَ موقعي تي ڪائونسل جي صدر تقريب جي صدر لقب ماڻيندڙ ۽ سيٺ سبز علي رمز علي تقريرون ڪيون، جن ۾ هنن خلافت ڪاميٽي طرفان هلايل عدم تعاون تحريڪ جي مذمت ۽ مخالفت ڪئي ۽ فرنگي سرڪار سان پنهنجي وفاداري جو عزم ڏيکاريو.

    2 سيپٽمبر 1921ع

    پنهنجي اخبار ”هندو“ ۾ سرڪار خلاف مضمون لکڻ تي ايڊيٽر وشنونئنارام شرما کي گرفتار ڪيو ويو، اڳتي هلي I.P.C جي قلم 124 هيٺ کيس ٻن سالن جي ٽيپ ڏني وئي.

    3 سيپٽمبر 1921ع

    ڪجهه ڏينهن اڳ قائم ڪيل گجراتي لٽرري سوسائٽي جي پهرين گڏجاڻي ٿي، ان موقعي تي ڊيجي ڪاليج جي پروفيسر تري ديو ”گجراجي ارب“ جي ابتدا، ارتقا ۽ اهميت تي ليڪچر ڏنو.

    7 سيپٽمبر 1921ع

    شاهنواز خان جي صدارت ۾ رتيديري ۾ حڪومت وفادار ۽ خلافت دشمن تنظيم ”امن سڀا“ قائم ڪئيو ئي، راءِ بهادر مولچند کي نائب صدر، ديوان پوڄراج کي سيڪريٽري ۽ هرداسمل کي خزانچي بڻايو ويو، 40 ماڻهن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي جوڙي ته جيئن عوام کي خلافت تحريڪ جي نقصانن کان آگاهه ڪن ۽ رعيت کي برطانوي تاج، تخت ۽ حڪومت جو پرخلوص وفادار بڻايو وڃي.

    8 سيپٽمبر 1921ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان هلايل چندي مهم ۾ حصو وٺندي ضلعي خلافت ڪاميٽي لاڙڪاڻي 30رپيا صوبائي خلافت ڪاميٽي حوالي ڪيا.

    8 سيپٽمبر 1921ع

    ماستر غلام حسين چاڪياڻي ”خلافت ڪاميٽي“ کي چندي طور 50 رپيا ڏنا

    18 سيپٽمبر 1921ع

    ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيل اسرائيلن جي تنظيم ”ازرائيلٽي يونين“ ڪراچيءَ ۾ ”ناٿن ابرهام هال“ ٺهرايو، ان وقت انهيءَ تنظيم جو صدر ابرهام رينبن هئو، اڄوڪي ڏينهن تي انهيءَ هال جو افتتاح ٿيو ۽ ان موقعي تي هڪ ڊرامو به اسٽيج ڪرايو ويو.

    23 سيپٽمبر 1921ع

    هند اسيمبليءَ ۾ ”سکر بئراج“ جي تعمير بابت ٺهراءُ پيش ڪيو ويو جنهن جي پاس ٿيڻ کان پوءِ ان جي تعمير جو آغاز ٿيو، ”هند اسيمبلي“ ۽ بمبئي ڪائونسل ۾ ”سکر بئراج“ بابت اجلاس ڪاروايون ”گل حيات“ ۾ محفوظ آهن.

    11 نومبر 1921ع

    علي احمد بروهي جي ولادت ٿي، سڄي ڄمار ”اطلاعات کاتي“ ۾ نوڪري ڪيائين، شروعاتي دور ۽ آخري دور ۾ مثالي قلمي پورهيو ڪيائين، سنڌ جو هي ڀلورليکڪ آخر ۾ ايم ڪيو ايم جو حصو بڻجي ويو.

    21 نومبر 1921ع

    رام لال اتمچند رامراسر ”رمل“ چچا تعلقي قمبر ۾ ڄائو ۽ 1947ع کان پوءِ لڏي وڃي مها راشٽر جي گونڊيا شهر ۾ ويٺو، هن آزاديءَ جي تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ سندس شمار مشهور شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن ۽ هدايتڪارن ۾ ٿئي ٿو.

    12 ڊسمبر 1921ع

    ٺلاهه خلافت ڪاميٽيءَ طرفان سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جي چندي واري مهم ۾ حصو وٺندي 100 رپيا جمع ڪرايا.

    24 ڊسمبر 1921ع

    پهرين سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي جو پريزيڊنٽ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ لاڙڪاڻي پهتو، کيس اسٽيشن تي آڌرڀاءُ ڪيو ويو، ان کان پوءِ جلوس جي صورت ۾ کيس شهر ۾ وٺي آيا، هن ڪانفرنس جي استقباليه ڪاميٽي علي محمد قادري (چيئرمين)، مسٽر احمد علي ڪامران (سيڪريٽري جنرل) ۽ حاجي محمود ”خادم“ (جوائنٽ سيڪريٽري) تي مشتمل هئي.

    25 ۽ 26 ڊسمبر 1921ع

    لاڙڪاڻي ۾ پهرين سنڌ ادبي ڪانفرنس ٿي، جنهن جي صدارت ۾ مرزا قليچ بيگ ڪئي، جڏهن ته هن ڪانفرنس جي استقباليه جو چيئرمني ميان علي محمد قادري، سيڪريٽري جنرل احمد علي ”ڪامران“ ۽ جوائنٽ سيڪريٽري حاجي محمود ”خادم“ هئا.

    ڪانفرنس ۾ ”ستارو منهنجي قسمت جو اوهان جي مهرباني آ“ جي مصرع طرح تي ٿيو، جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي شاعرن شرڪت ڪئي.

    28 ۽ 29 سيپٽمبر 1921ع

    ٿرپارڪر جي عالمن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ جمعيت العلماءِ جا هيٺئن ريت عهديدار چونڊيا ويا.

    صدر پير محمد اسماعيل جان سرهندي، نائب صدر حافظ محمد بچل، نائب صدر مولوي حاجي عبدالحق راوئسري، ناظم مولوي محمد صالح ۽ مولوي محمد ابراهيم، خزانچي پير بخش خاصخيلي.

     

  • 1920

     

    جنوري 1920ع

     سنڌ خلافت ڪاميٽي سڄي سنڌ مان خلاف ۽ سرمنا فنڊ لاءِ چندو گڏ ڪيو، لاڙڪاڻي واسين به هن تحريڪ ۾ عملي حصوورتو، لاڙڪاڻي مان جن چندوڏنو انهن جا تفصيل آهن، ميان محمد عثمان نظاماڻي 20 رپيا، ميان محمد 10 رپيا، ميان عبدالله ملان 11 رپيا اٺ آنا، سيٺ خداداد سرهيو 100 رپيا، پير روح الامين 200 رپيا، پير روح القدوس 25 رپيا، در محمد زميندار قمبر 25 رپيا، مستري يعقوب شاهه 80 رپيا، شير محمد زميندار 10 رپيا، سرائي نور محمد کهاوڙ 10 رپيا، رحمت الله ڳوٺ مٺو ڏوڪري 50 رپيا، بئريسٽر عبدالغفار پيرزادو 50 رپيا، قاضي صاحب ڏنو 20 رپيا، رئيس جان محمد جوڻيجو 63 رپيا 10 آنا 6 پايون، لارڪاڻو خلافت ڪاميٽي 300 رپيا،  ميان محمد شفيع 201 رپيا، سردار علي شاهه 50 رپيا، مترفقه رقمون 205 رپيا 9 آنا 6 پايون، لاڙڪاڻه جهولي 314 رپيا 12 آنا 5 پايون، شيخ عبدالمجيد جهولي 133 رپيا 6 آنا 9 پايون، پير محمد امام شاهه جي جهولي 321 رپيا 2 آنا، رئيس المهاجرين جان محمد جي جهولي 88 رپيا 13 آنا 6 پايون.

    1920ع

    مولوي فيض الڪريم وقت جي سرڪار جي اشاري تي خلافت جي مسئلي ۽ تحريڪ خلاف تحقيق الخلافت نالي فتويٰ نما ڪتاب لکيو، جنهن جي تصديق ۽ تائيد سنڌ جي ڪيترن عالمن ڪئي، لاڙڪاڻي ضلعي مان جن عالمن هن فتويٰ ۽ تحرير جي تائيد ڪئي اهي هئا پير امام الدين شاهه راشدي (ٺلاهه)، پير علي شاهه (شاهه آباد)، علي محمد قادري (لاڙڪاڻو) مولوي عبدالقادر (مسوديرو) مولوي امام بخش (رتوديرو)، مولوي خوش محمد (ميروخان) مولوي دين محمد (بٺي)، مولوي نور الحق (ڳوٺ آباد، رتوديرو)، مولوي عبدالحليم (پير بخش ڀٽو)، مولوي خير محمد (ڇٽو جويو)، قاضي عبدالله (پاڳارو رتوديرو)، مولوي ڪريم بخش (دودو خان ڀٽو)، مولوي نور محمد شاهه (سوجهرو)، مولوي گل محمد (گهنور آباد)، مولوي عبدالڪريم جلباڻي (الهه رکيو جلباڻي)، مولوي عبدالرحمان (ٿرڙي هاجران)، محمد صالح ابڙو (گاجي کهاوڙ)، سيد عبدالحق شاهه (جاني بند)، مولوي عبدالهادي (وڏيرو الله بخش)، مولوي عبدالڪريم ڀٽو (لاڙڪاڻو)، مولوي محمد عاقل (عاقل)، مولوي محمد بچل (لاڙڪاڻو)،  مولوي غلام حسين (وليد)، مولوي مولا بخش (ملان آباد)، مولوي غلام محمد (سونو جتوئي)، مولوي عبدالڪريم (سونو جتوئي)، محمد صالح شاهه بخاري (ڳوٺ خيرمحمد آريجا) ۽ مولوي عبدالغني (ڳوٺ رکيل).

    انهن عالمن ۽ پيرن مان وڏي اڪثريت وري پوءِ مولوي فيض الڪريم جي هن تحرير جي رد جي تائيد ڪئي.

    1920ع

    مولانا دين محمد وفائي ”اظهار الڪرامت“ جي نالي سان جو جوابي تحرير لکي مولوي فيض الڪريم کي سندس فتويٰ نما ڪتاب ”تحقيق الخلافت“ جو رد ڏنو سنڌ جي ڪيترن عالمن هن ڪتاب جي تائيد ڪئي، انهن مان لاڙڪاڻي ضلعي جا عالم هئا،مولانا غلام عمر (سونو جتوئي)، مولوي غلام محمد (سونو جتوئي)، مولوي عبدالرحيم (سونو جتوئي)، مولوي غلام رسول تنيو (هارون تنيو)، محمد عاقل تاجر ڪٽب (لاڙڪاڻو)، مولوي محمد بچل، مولوي محمد حسن مدني (ذڪريا مهيسر)، مولوي عبدالڪريم، مولوي عبدالغني (ذڪريا مهيسر)، مولوي پير امام الدين شاهه راشدي (ٺلاهه)، سيد محمد بقا مٺل شاهه (ٺلاهه) حاجي احمد ملوي (ملان ابڙا)، مولوي خدا بخش (ملان ابڙا)، مولوي محمد عالم، مولوي شفيع محمد، مولوي حڪيم محمد سليمان، سيد علي انور شاهه راشدي، مولوي محمد صديق (حمل تنيو)، مولوي در محمد (حمل تنيو)، مولوي عبدالواحد (قمبر)، مولوي مير محمد نورنگي، مولوي محمد عيسيٰ (حمزو)، مولوي غلام رسول (رئيس قائم خان)، مولوي ڪريم داد (قمبر)، مولوي محمد فضل الحق (قمبر)،  مولوي محمد مختار (جاگير)، مولوي عبدالعزيز (پير)، مولوي غلام رسول (سپريو)، سيد عبدالقادر شاهه (عيسي، قمبر)، مولوي عبدالڪريم (گهٽهڙ)، مولوي علي محمد (غيبي ديرو)، مولوي سعد الله (ڳڙهي)، مولوي عبدالعزيز (کنڊو)، مولوي غلام حيدر (قمبر)، مولوي فريد الدين (سپرو)، مولوي بخش علي آتڻ، مولوي عبدالغفور بلوچستاني، مولوي دين محمد (بٺي)، مولوي محمد اعظم (بٺي)، مولوي غلام رسول (بٺي)، قاضي عزيز الله هڪڙو (بٺي)، مولوي عبدالڪريم (بٺي)، مولوي محمد حسن (محمد خان گوپانگ)، مولوي عبدالغفور (گوپانگ)، مولوي غلام مصطفيٰ (گوپانگ)،محمد صالح شاهه (مينهل خان)، سيد عنايت شاهه، مولوي خوش محمد،مولوي محمد حسين (وارهه)، مولوي محمد (چنجڻي).

    5 جنوري 1920ع

    حيدرآباد ۾ ”انجمن علماء سنڌ“ جو جلوس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي 86 پيرن ۽ مولوين شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي مان شريڪ ٿيندڙن مان مولوي محمد عاقل عاقلي جو نالو ذڪر لائق آهي.

    هن گڏجاڻيءَ ۾ خلافتن تي ظلم بند ڪرڻ ۽ ڪيس واپس وٺڻ ”قطع تعلقات“ جي پٺڀرائي ڪرڻ ۽ فيبروريءَ ۾ لاڙڪاڻي ۾ ”خلافت ڪانفرنس“ سڏائڻ جي حوالي سان ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

    8 جنوري 1920ع

    لاڙڪاڻي خلافت تحريڪ جي چيئرمين جان محمد جوڻيجو ريڊنٽ ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ سرائي غلام محمد ۽ سرائي امير علي خان ۽ فقير علي محمد قادريءَ خلاف درخواست ڏني ته سندس خلاف ڪليڪٽر ۽ ڊي ايس پي لاڙڪاڻي کي غلط ڄاڻ ڏني ته جان محمد جوڻيجي ڪي ماڻهووٺي عيد گاهه ۾ ماڻهو برغلائڻ آيو ۽ قرآن هٿ ۾ کڻي ماڻهن کي عيد گاهه ۾ وڃڻ کان روڪيو،هن عيد گاهه جا گلم به کڻائي ورتا.

    انهيءَ فرياد جي موٽ ۾ خلافت تحريڪ خلاف ڪم ڪندڙ عبدالڪريم وري جان محمد جوڻيجي ۽ ٻين ماڻهن تي انڊين پينل ڪوڊ جي سيڪشن 508 ۽ 299 هيٺ ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ درخواست ڪئي.

    15 جنوري 1920ع

    شيخ عبدالمجيد سنڌي جي ايڊيٽريءَ هيٺ حيدرآباد مان نڪرندڙ هفتيوار ”الامن“ اخبار جي پرچي ۾ پهرين سنڌ خلافت ڪانفرنس حيدرآباد جا تفصيل شايع ٿيا.

    26 جنوري 1920ع

    ”انجمن علماء سنڌ“ طرفان ”الوحيد“ ۾ فتويٰ شايع ٿي ته جن ماڻهن سرڪار طرفان ترڪن کي شڪست ڏيڻ تي ملهايل جشن ۾ شرڪت ڪئي، اهي جيڪڏهن نادم نه ٿيڻ ۽ توبهه نه ڪن ته انهن سان قطع تعلقات ڪيو وڃي، هن فتويٰ تي سنڌ جي ڪيترن عالمن صحيحون ڪيون، جن مان هي لاڙڪاڻي ضلعي جا هئا، مولوي محمد عاقل عاقلي، مولوي عبدالڪريم گهٽهڙي، مولوي خوش محمد ميروخاني، مولوي غلام رسول ساڪن قائم خان، مولوي دين محمد بٺيءَ وارو، پير مٺل شاهه ٺلاهي، مولوي غلام رسول ساڪن پير بخش، مولوي غلام عمر جتوئي، مولي حاجي احمد ملوي ۽ مولوي غلام فريد ڳوٺ نور محمد

    26 جنوري 1920ع

    شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ايڊيٽريءَ هيٺ حيدرآباد مان نڪرندڙ هفتيوار ”الامين“ جي پرچي ۾ خلافتي عالمن جي اها فتويٰ شايع ٿي، جنهن ۾ سرڪار جي جشن (12 کان 16 نومبر 1919ع) ۾ عملي طور شريڪ ٿيندڙن جي مذمت ڪئي وئي هئي ۽ کين تنبيهه ڪئي وئيه ئي ته هو پنهنجي انهيءَ ناجائز ۽ فاسقانه عمل تي کليءَ طرح ندامت ڪن ۽ بارگاهه الاهي منجهان مغفرت جي دعا گهرن، ٻئي صورت ۾ مسلمان انهن ماڻهن کي قابل ملامت سمجهن ۽ انهن کان نفرت جي نگاهه سان ڏسن ۽ انهن کان قطع تعلقات ڪن.

    31 جنوري 1920ع

    سکر مان نڪرندڙ هفتيوار ”الحق“ جي پرچي ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ خلافت ڪانفرنس (فيبروري 1920ع) جي تيارين بابت خبر شايع ٿي ۽ ڪانفرنس جي آجيان واري ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جي اطلاع تي لکيو ويو ته ”ماڻهن جي آمد کي محدود ڪرڻ جي لاءِ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن، عالمسڳورن کان ٽڪيٽ جو ملهه نه ورتو ويندو“

    ان هوندي به هن ڪانفرنس کي ايڏي ڪاميابي ملي جو پندرهن هزار ماڻهن ان ۾شرڪت ڪئي.

    7 فيبروري 1920ع

    لاڙڪاڻي ۾ پير راشد اللهشاهه جهنڊي واري صدارت ۾ سنڌ خلافت ڪانفرنس ٿي، هن ڪانفرنس جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمين پير تراب علي شاهه ٿيو هو.

    7 فيبروري 1920ع

    ڪراچيءَ جي سوشل سروس ليگ پنهنجي گڏجاڻي ۾ گورنر ڏانهن تار موڪلي ننڍن ملازمن جي پگهارن جي اسڪيلن کي سڌراڻ لاءِ مطالبو ڪرڻ جو فيصلو. اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته ڪراچيءَ ۾ ملازمت ڪندڙن کي ”ڪراچي الائونس“ ۽ ”هائوس رينٽ الائونس“ ڏنو وڃي.

    8 فيبروري 1920ع

    لاڙڪاڻه خلافت ڪانفرنس جو اجلاس ٻيو ڏينهن به هليو.

    9 فيبروري 1920ع

    لاڙڪاڻي خلافت ڪانفرنس جو آخري اجلاس ٿيو، گڏجاڻيءَ جي آخر ۾ خلافت تحريڪ کي هلائڻ لاءِ سنڌ خلافت عارضي ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن ۾ صدر حاجي عبدالله هارون کي ۽ سيڪريٽري محمد خان کي چونڊيو ويو.

    15، 16، 17 فيبروري 1920ع

    رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي صدارت هيٺ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس بمبئي ۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جي ناميارن عالمن ۽ سياستدانن شرڪت ڪئي، انهن مان مولانا عبدالباري فرنگي محلي،مولانا ابوالڪلام آزاد، مولوي ظفر علي خان، ڊاڪٽر سيف الدين ڪلچو، حسرت موهاني ۽ محمد علي جناح جا نالا ذڪر لائق آهن، سنڌ مان سيٺ حاجي عبدالله هارون، پير راشد الله شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

    26 فيبروري 1920ع

    سکر جي ريلوي انسٽيٽيوٽ ۾ ”نرسامل ريات مل ڪلب“ جي مالي مدد لاءِ ”ڊي سناتن اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي اولڊ سکر“ طرفان ڊرامو اسٽيج ڪيو ويو، ٻن راتين مان سوسائٽي کي 1150 رپيا آمدني ٿي.

    26 فيبروري 1920ع

    پراڻي سکر جي ”سناتن اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي“ ريلوي اسنٽيٽيوٽ ۾ ڊرامو اسٽيج ڪيو، جيڪو ٻه راتيون هليون، انهيءَ مان 1150 رپين جي اپت ٿي ۽ اها ”نرسامل رياتمل ڪلب“ کي مدد طور ڏني وئي

    6 مارچ 1920ع

    رئيس غلام محمد ڀرڳڙي بمبئي جي گورنر کي خط لکيو ته سنڌ جي ڪمشنر کي 1898ع واري ايڪٽ مطابق جيڪي اختيار ڏنا ويا آهن اهي واپس ورتا وڃن، ڇو ته انهيءَ ايڪٽ تحت ڪو به وزير، ڪمشنر جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿو ڪري سگهي.

    17 مارچ 1920ع

    جي ايم سيد جي ڪوششن سان سن ۾ خلافت ڪانفرنس ٿي، هن ڪانفرنس کي روڪڻ لاءِ تڏهوڪي ڪمشنر مسٽر ٽامس تر جي ڪليڪٽر غلام مصطفيٰ خان عيساڻي جي معرفت اثر رسوخ هلايو، مگر پوءِ به ڪانفرنس ٿي، هن ڪانفرنس جي صدارت مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ ڪئي، شرڪت ڪندڙن مان شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر شيخ نور محمد، شيخ عبدالعزيز، مولوي محمد سليمان، مولوي عبدالقيوم جا نالا ذڪر لائق آهن.

    19 مارچ 1920ع

    سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي نالن سان ڀارت اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس ڪراچيءَ مان ”عام هڙتال“ ڪرڻ جي سڏ واري اشتهار جي موٽ ۾ سموريءَ سنڌ ۾ ”ٻيو نمبر خلافت ڊي“ ملهايو ويو، انهيءَ سڏ ۾ هدايت ڏني وئي هئي ته ڪنهن به شخص کي زبردستيءَ سان ڪاروبار بند ڪرڻ تي مجبور نه ڪجي، عام رستن تي گڏ ٿي گوڙ نه ڪجي ۽ جلوس نه ڪڍجي، مسجدن ۾ جمعي نماز کان پوءِ دعائون گهرجن ۽ شام جو وڏا جلسا ڪري وائسراءِ معرفت بادشاهه سلامت کي تارون موڪلن ته جيڪڏهن اسان جون گهرن موجب فيصلو نه ڪيوويو ته مسلمانن جي وفاداريءَ ۾ خلل پوڻ جو خطرو آهي.

    سنڌ جيان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به 19 مارچ تي خلافت جو ڏينهن ملهايو ويو جنهن ۾ ڪنسٽربري ۽ يارڪ جي آرچ بشپن، لارڊ برائس، لارڊ رابرٽ سيسل ۽ آمريڪي پادرين جي اسلام دشمني ۽ ترڪن کي يورپ مان نيڪالي ڏيڻ واري ڳالهه جي مذمت ڪئي وئي.

    19 مارچ 1920ع

     خلافت ڪاميٽيءَ جي سڏ تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هڙتال ٿي، جن شهرن ۽ ڳوٺن جا هڙتال جي حوالي سان تفصيل گل انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آهن اهي هي آهن: ڳڙهي ياسين، ٺٽو، ڏوڪري، هالا، قمبر، خير محمد آريجا، سن، سکر، سجاول ، سونڊا، سيوهڻ، شڪارپور، لاڙڪاڻو، ماتلي، مورو، ميروخان، ماڪن، سڪني، نواب شاهه ۽ نوشهره فيروز.

    20 مارچ 1920ع

    لاڙڪاڻي خلافت ڪاميٽيءَ پير تراب علي شاهه، جان محمد گوبند بخش ۽ ٽهلرام تي ٻڌل انڪوائري ڪاميٽي ويهاري ته جيئن اها عملدارن طرفان خلاف تحريڪ ۾ مداخلت ڪرڻ وارن واقعن جو اندازو لڳائي، انهيءَ ڪاميٽي اڄ کان پنهنجو ڪم شروع ڪيو.

    26 مارچ 1920ع

    مخدوم بلاول جي درگاهه تي خلافت ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ اٽڪل ڏهه هزار ماڻهو شريڪ ٿيا.

    1 اپريل 1920ع

    وڏيري احمد خان ڀٽي کي لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ طرفان ڊي جي سنڌ ڪاليج جي بورڊ، ڪراچيجي اکين جي اسپتال واري بورڊ ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي بورڊ تي پنهنجي طرفان ميمبر طور نامز ڪيو، سندس نمائندگي هڪ سال لاءِ رهندي.

    3 اپريل 1920ع

    پير اسدالله ٽکڙائي جي صدارت هيٺ سکر ۾ سنڌ مسلم ليگ جي اهتمام سان عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ 4 هزارن کان مٿي سياسي شعور رکندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ کان آيل اڳواڻن ”سنڌ مسلم ليگ“ ٺاهڻ تي غور ڪيو ۽ ان لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي وئي ته جيئن عوام کي هن پارٽي ڏانهن متوجهه ڪجي، انهيءَ ڪاميٽي ۾ لاڙڪاڻي مان (رئيس المهاجري جان محمد جوڻيجي کي ميمبر طور کنيو ويو.

    هن ٻن ڏينهن واري ميڙاڪي جو تفصيلي احوال ”گل حيات“ ۾ موجود آهي، لاڙڪاڻي مان ٻين سان گڏ پير تراب علي شاهه ۽ پير علي  انور شاهه به هن ميڙ ۾ شرڪت ڪئي.

    10 اپريل 1920ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ  خلافت ۽ سمرنا فنڊ گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ته هن مهيني ۾ لاڙڪاڻي ضلعي مان جن چندو ڏنو انهن جا نالا ۽ڏنل چندي جا تفصيل هن ريت آهن.

    مولوي شفيع محمد ڳوٺ ابڙا 25 رپيا، مولوي غلام رسول ڳوٺ پير بخش قمبر 12 رپيا، حاجي محمد عباس بنگل ديرو 123 رپيا، ميان سچو ميهر ڀٽو بنگل ديرو 10 رپيا.

    14 اپريل 1920ع

    چندو لعل ڪشنچند جئسنگهاڻي رتيديري ۾ ڄائو، 1947ع کان پوءِ لڏي وڃي بمبئي ۾ ويٺو، سندس شمار مشهور ناول نگارن ۾ ٿئي ٿو، هن وقت تائين سندس ”زنده دل“ ”منهنجي شادي“ ”بگو بئريسٽر (سيريز ناول)“ ”باهه ۽ برسات“ ”رنگي پنج رنگي“ ۽ ”پهاڙي چوٽيون“ ناول شايع ٿي چڪا آهن.

    16 اپريل 1920ع

    سيوهڻ ۾ خلافت ڪانفرنس ٿي، جيڪا ٻه ڏينهن هلي، هن ڪانفرنس ۾ ٺهرائن ذريعي سنڌ مان هجرت ڪرڻ جي خواهشمندن کي پنهنجا نالا درج ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو ويو ۽ عوام کي اپيل ڪئي وئي ته فرنگي سرڪار  جا ڏنل لقب ۽ اعزاز واپس ڪيا وڃن.

    28 اپريل 1920ع

    ڪراچيءَ جي سب ڊويزنل ماجسٽريٽ ڊبليو اين رچرڊسن ”شيوارام ٿيئٽر“ جو افتتاح ڪيو، لڊبٽر روڊ تي قائم ڪيل هن ٿيئٽر جي عمارت تي ٻه لک رپيا خرچآيو، هي ٿيئٽر هندستان جي ڪنڊڪڙڇ مان ايندڙ ناٽڪ منڊلين کي ٺيڪي تي ڏنو ويندو هو، جنهن ۾ ڊراما اسٽيج ڪيا ويندا هئا.

    30 اپريل 1920ع

    پاٽ، ضلعي دادو ۾ سنڌ خلافت ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ چوٽيءَ جي سنڌي خلافتي اڳواڻن شرڪت ڪئي، هن ڪانفرنس ۾ حڪومت جي ترڪيءَ ۽ خلافت جي حوالي سان بڻايل بدنيتي واري حڪمت عمليءَ جي مذمت ڪئي وئي.

    30 اپريل 1920ع

    شڪارپور ۾ اتان جي خلافت ڪاميٽيءَ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ فرنگي سرڪار جي خلافت، ترڪ ۽ اسلام دشمنيءَ جي ندا ڪئي وئي ۽ سنڌ واسين کي صلاح ڏني وئي ته اهي ڏيهي صنعت کي زور وٺرائن ته جيئن پرڏيهي مال واپرائڻ خلاف عملي قدم کڻي سگهجي ۽ اقتصادي خوش حالي ماڻي سياسي عمل کي آسان ۽ فعال بڻائي سگهجي.

    2 ۽ 3 مئي 1920ع

    جيڪب آباد ۾ مولانا تاج محمود امروٽي جي صدارت هيٺ خلافت ڪانفرنس ٿي، هن موقعي تي جان محمد جوڻيجي پنهنجون ڊگريون، اعزاز ۽ خطاب وغيره واپس ڪيا ۽ پنهنجي زرعي زمين جي ڍل ۽ آبياني ڏيڻ کان نابري وارڻ جو اعلان ڪيو.

    8 مئي 1920ع

    اخبارن ۾ سنڌ خلافت ڪاميٽي جون هدايتون شايع ٿيون ته سنڌ ۾ قائم ٿيل خلافت جون سموريون برانچون پنهنجي ميمبرن کان ٻن قسمن جو چندو وٺن، پهريون ميمبرشپ في جيڪا شاخ پنهنجي ڪم ڪار ۽ ڪارڪردگيءَ تي خرچ ڪري، ٻيو عطيو جيڪو ميمبرن کان سواءِ عوام کان به ورتو وڃي ۽ اها رقم سيٺ حاجي عبدالله هارون ڏي ڪراچيءَ ڏياري موڪلجي.

    9 مئي 1920ع

    جيڪب آباد ۾ خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ هڪ عام جلسو ٿيو، جنهن ۾ هندو خواهه مسلمانن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.

    12 مئي 1920ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽي جي صدر سيٺ حاجي عبدالله هارون ضلعي لاڙڪاڻي جي مکيه خلافتي اڳواڻ پيرتراب علي شاهه ڏي خط لکي صلاح ورتي ته جيڪب آباد ۾ خلافتي اڳواڻن ۽ ورڪرن جون گرفتاريون ٿيون آهن، ان ڪري ڪهڙو طريقو اختيار ڪجي جو ماڻهن مان ڊپ ختم ٿي، ان کان سواءِ هي صلاح به پڇي آهي ته هجرت وارو ڪم مخفي هلائجي يا پڌري پٽ ڪجي.

    12 مئي 1920ع

    مرڪزي خلافت ڪاميٽيءَ جو اجلاس بمبئي ۾ ٿيو، سنڌ مان حاجي عبدالله هارون، مولانا محمد صادق کڏي واري، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڊاڪٽر نور محمد شيخ شرڪت ڪئي، هن اجلاس ۾ عدم تعاون جي تحريڪ کي آخري شڪل ڏني وئي.

    12 مئي 1920ع

    مرڪزي خلافت ڪاميٽيءَ گورنر جنرل کي شملا ۾ درخواست پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته برطانيه سرڪار ترڪيءَ سان جنگي ملڪ وارو برتاؤ نه ڪري ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هندستان جي مسلمانن جي جذبن جو قدر ڪيو وڃي.

    انهيءَ درخواست تي سنڌ مان سيٺ حاجي عبدالله هارون، مولانا تاج محمود امروٽي، منشي امين الدين، شيخ عبدالمجيد، محمد خان، ڊاڪٽر ايم اي احمد، اسدالله شاهه، مولانا محمد صادق، جان محمد جوڻيجي، مولوي عبدالغفور جيڪب آبادي، مولوي عبدالخالق مورائي، مولوي پير راشد الله شاهه، مولوي حڪيم فضل محمد، مولوي محمد صديق مورائي، محمد هاشم ”مخلص“ ۽ حاجي احمد علي ڊينگاڻ واري صحيحون ڪيون هيون.

    15 مئي 1920ع

    هندستان جي وائسراءِ ۽ گورنر جنرل پنهنجي پڌرنامي نمبر 3072 ذريعي مسلمانن کي ٻڌايو ته اڄ اتحادين جي سپريم ڪائونسل ترڪيءَ سان جيڪي عهدنامي وارا فيصلا ڪيا هئا انهن کي پڌرو ڪيو ويو آهي.. انهيءَ صلح نامي ۾ اهڙا شرط به آهن جيڪي مسلمانن جي دلين کي درد رسائيندا… ان ڪري مان هينئر اوهان جي مصيبت جي وقت ۾ توهان کي دلي همدرديءَ جو پيغام موڪلڻ ٿو گهران… مان اميد ٿو ڪيان ته اوهان صلح جا شرط صبر، همت ۽ تحمل سان برسر ڪندؤ ۽ برطانوي تاج سان پنهنجي وفاداري واري وعدي کي روشن ۽ بي داغ رکندو. اهو پڌرنامو ۽ صلح جا شرط ”گل حيات“ ۾ محفوظ آهن.

    15 مئي 1920ع

    خيرپورناٿن شاهه ۾ سيد غلام شاهه جي صدارت هيٺ جلسو ٿيو، جنهن ۾ سرڪار سان قطع تعلقات ڪرڻ، جيڪب آباد جي ڊپٽي ڪمشنر (ڪليڪٽر) جي خلافيتن کي قيد ڪرڻ واري حڪم نامي کي نندڻ، هجرت تحريڪ لاءِ ماڻهن کي همٿائڻ، هندو مسلم اتحاد قائم ڪرڻ ۽ امير امان الله خان کي هندستان اچڻ جي اجازت ڏيڻ تي افغانستان سرڪار جي شڪرئي ادا ڪرڻ بابت ٺهراءُ بحال ڪيا ويا.

    17 مئي 1920ع

    مٺياڻي ۾ پير تراب علي شاهه جي صدارت هيٺ خلافت جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ مولوي فضل محمد ۽ مولوي ڪريم بخش خلافت جي مسئلي تي تقريرون ڪيون، جلسي جو انتظام ميان محمد صديق ۽ خير محمد زميندارن ڪيو هو.

    20 مئي 1920ع

    ضلعي لاڙڪاڻي جي هيٺ ڄاڻايل ملن سرڪاري گرانٽ وٺڻ کان انڪار ڪري ”عدم تعاون تحريڪ“ جون تقاضائون پوريون ڪيون، خليفو محمد سليمان (مريد ماڇي، ميروخان)، مولوي محمد حسن (سجاول گوپانگ)، مولوي دين محمد (بٺي)، مولوي محمد عالم (محبوب تنيو)، مولوي محمد اعظم (پنڊ، ميروخان)، ملان عمران (ٽنڊو علي مراد)، مولوي خير محمد (ڇٽو مويو)، مولوي فتح محمد (حاصل جمالي)، مولوي قادر بخش (ڊرٻ چانڊيو) ۽ حافظ عبدالغني (ڀنڀو خان چانڊيو)، انهن سمورن ملان اسڪولن جي ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر کي پنهنجي فيصلي کان واقف پڻ ڪيو.

    20 مئي 1920ع

    سنڌ ۾ ”خلافت ڪاميٽي“ منظم نموني سان تشڪيل ڏني وئي، عهديدارن هن ريت بڻا ويا،

    صدر سيٺ حاجي عبدالله هارون، نائب صدر مولانا تاج محمد امروٽي، جوائنٽ سيڪريٽري حڪيم شمس الدين، خزانچي سيٺ حاجي عبدالله هارون.

    20 مئي 1920ع

    جيڪب آباد ۾ سنڌ خلافت ڪانفرنس ٿي.

    22 مئي 1920ع

    حيدرآباد ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قطع تعلقات جي تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ٻاويهن ميمبرن جي هڪ الڳ ڪاميٽي ٺاهي وئي، ان کان سواءِ هن گڏجاڻي ۾ سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جون چونڊون به ڪيون ويون، جيڪي هن ريت ٿيون.

    صدر حاجي عبدالله هارون، نائب صدر مولانا تاج محمد امروٽي، سيڪريٽري جان محمد جوڻيجو.

    22 مئي 1920ع

    حيدرآباد ۾ پير تراب علي شاهه جي صدارت هيٺ ”هجرت ڪاميٽي“ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيوويو ته گورنر جي پوليٽيڪل سيڪريٽري کي تار ذريعي اطلاع ڪيو وڃي ته سنڌجا پنجويهه هزار مسلمان انگريز سرڪار جي مذهبي معاملات ۾ مداخلت واري پاليسيءَ جي خلاف احتجاج طور افغانستان هجرت ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

    22 کان 23 مئي 1920ع

    ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن نور محمد وڪيل جي جاءِ تي سنڌ پروانشنل خلافت ڪاميٽيءَجو اجلاس حيدرآباد ۾ ٿيو، هن گڏجاڻيءَ ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جي قاعدائي قانون ٺاهڻ، چندي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪاميٽيون ٺاهڻ، سنڌ جي هنرن کي ترقي وٺرائڻ، خلافت دشمن ۽ خلافتي آزار عملدارن خلاف ويچار ڪرڻ، هجرت ڪرڻ، قطع تعلقات تي عمل ڪرڻ لاءِ سوچڻ جهڙن اهم ڳالهين تي غور ويچار ڪيو ويو.

    31 مئي 1920ع

    جيڪب اباد خلافت ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ کان پريشان ٿي وقت جي سرڪار خلافتين تي ڏاڍ ڪرڻ شروع ڪيا، مثلاً سردار رسول بخش کي گرفتار ڪري ٻارنهن مهينن جي سزا ڏني وئي، منشي خدا بخش جيڪو عريضي نويس هو، ان جو لکيل درخواستون ڪورٽ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ سپاهي محمد دائود جنهن ڪانفرنس جي موقعي تي استعيفا ڏني هئي، تنهن کي ايس پي مارڪٽ ڪڍي، انهن واقعن تي شيخ عبدالمجيد سنڌي هفتيوار ”الامين“ ۾ اداريو لکيو.

    2 جون 1920ع

    الوحيد جي شماري ۾ هجرت بابت هڪ هدايت نامو شايع ٿيو جنهن جو متن هن ريت آهي:

    مسلمانو! خدا بزرگ کان دعا گهري پنهنجي منزل مقصود ڏانهن روانا ٿيو، هدايتون: (1) اهو مسلمان هجرت جو ارادو ڪري جيڪو تڪليفن ۽ مصيبتن سهڻ جي طاقت رکندو هجي، (2) اسلام جي خدمت جي ارادي سان هجرت جي نيت ڪري، (3) مهاجرن کي گهرجي ته جيترو سرمايو پاڻ سان گڏ کڻي سگهن سو کڻن، ڇو ته هجرت جو مقصد آهي ته هميشه لاءِ هندستان کي ڇڏي وڃي، جيئن رسول الله ﷺ جن هميشه لاءِ مڪي کي ڇڏي ويا ۽ ساري زندگي مديني ۾ گذاريائون، سڀني مهاجرن کي پنهنجي اهل و عيال سميت هجرت ڪرڻ جي شرعي اجازت آهي ۽ جو مهاجر فراغت سان پوري اهل و عيال سميت هجرت ڪري ته بيشڪ ڪري.

    10 جون 1920ع

    تيرٿ روچيرام هنڱوراڻي ”پريتم“، ڪراچيءَ ۾ ڄائو، جڏهن ڦوهه جوانيءَ کي پهتو ته هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ هي لڏي وڃي بمبئي ۾ ويٺو، جيتوڻيڪ شاعريءَ جو آغاز سنڌ ۾ ئي ڪيوهيائين، پر هن ۾ وڃي ناول ۽ مضمون جي صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين.

    15 جون 1920ع

    ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي ڇهه ماهي اجلاس جي صدارت لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪليڪٽر ايڪاٽ ڪئي، جڏهن ته ان ۾ ميهڙ جي ڊپٽي ڪليڪٽر (چئنراءِ)، رتيديري جي ڊپٽي ڪليڪٽر (صديقي)، غلام محمد اسراڻ، احمد خان ڀٽي، پير بخش تنيئي، علي حسن هڪڙي، پير محمد ٿيٻي، قاضي محمد عالم، چوهڙ مل، حاجي امير علي لاهوري، محمد پناهه ڪلهوڙي، دوست محمد جتوئي، رب رکئي لاکي ۽ ڪوڙو مل شرڪت ڪئي.

    اجلاس ۾ ڪيل فيصلن مان اهم هي آهن:

    احمد خان ڀٽي کي سنڌ مدرسة الاسلام بورڊ تي نامز ڪرڻ، لوڪل بورڊ جي صدر ۽ نائب صدر جي آفيسن ۾ جهلي ڇڪندڙن جو پگهار ساڍين ڏهين روپين مان 12 رپيا ڪرڻ، ننڍن ملازمن جا ملازمتي مسئلا طئي ڪرڻ، آفيسن لاءِ سامان خريد ڪرڻ، ليڊي ڊفرن اسپتال شڪارپور کي 200 رپيا ڏيڻ، بيڪر عورتن جي اسپتال لاڙڪاڻي کي 400 رپيا ڏيڻ، لارينس انسٽيٽيوٽ ڪراچي کي 400 رپيا ڏيڻ، اکين جي اسپتال ڪراچيءَ کي 400 رپيا ڏيڻ، ميونسپل ڊسپينسري قمبر کي 800 رپيا ڏيڻ، جيڪب آباد هارس شو لاءِ 250 رپيا ڏيڻ، اي وي اسڪول دادو کي 700 رپيا ڏيڻ، لاڙڪاڻي مدرسه اسڪول کي 500 رپيا سالياني گرانٽ ڏيڻ، لي پي گاجريا کي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي چيف آفيسر طور مقرر ڪرڻ، ٽلٽي اي وي اسڪول کي 300 رپيا گرانٽ ڏيڻ، لاڙڪاڻه لوڪل بورڊ اسڪولن جا سپليمينٽري بل منظور ڪرڻ ۽ ضلعي جي ڊسپينسرين جي نظر ثاني ٿيل بجيٽ منظور ڪرڻ.

    19 جون 1920ع

    رتيديري ۾ اڄ رمضان جي عيد تي خلافت جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ شڪارپور جي منشي امان الله تقرير ڪئي، رتيديري جي خلاف تحريڪ دشمن قاضي گورماڻي ان خلاف حڪومت کي ٻڌايو ۽ لاڙڪاڻي جي سب انسپيڪٽر اميرالدين جانچ ڪرڻ لاءِ شڪارپور ويو.

    21 جون 1920ع مطابق 3 شوال 1338ع

    سيد تراب علي شاهه جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻي ۾ هجرت ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلا ڪيا ويا ته:

    1.       بيت المال گڏ ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي تشڪيل ڏني وڃي.

    2.       هجرت جو پهريون قافلو 9 جولاءِ 21 شوال تي لاڙڪاڻي مان روانو ٿئي.

    3.       اهو قافلو رئيس جان محمد جوڻيجي صاحب ۽ حڪيم سيد احمد اختر جي سرپرستيءَ ۾ روانو ٿئي.

    4.       بمبئي ۾ پئسن جمع ڪرڻ لاءِ شيخ عبدالعزيز کي موڪليو وڃي.

    5.       ٻيو قافلو 15 ڏينهن بعد روانو ٿئي.

    22 جون 1922ع

    مرڪزي خلافت ڪاميٽيءَ هندستان جي وائسراءِ کي درخواست ڪئي ته ترڪن سان ڪيل سخت شرطن تي نظر ثاني ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ پهرين آگسٽ کان قطع تعلقات جي مهم هلائي ويندي، هن درخواست تي حاجي عبدالله هارون، مولانا تاج محمد امروٽي، ميان امين الدين منشي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد اسدالله شاهه، مولوي محمد صادق، پير رشدالله شاهه، محمد هاشم مخلصت ۽ خلق مورائي کان سواءِ جان محمد جوڻيجي پڻ دستخط ڪئي.

    24 جون 1920ع

    سنڌ پروانشنل خلافت ڪاميٽي جي انتظاميه ڪاميٽي جي گڏجاڻي ڪراچي ۾ ٿي، جنهن ۾ قطع تعلقات کي ڪامياب بڻائڻ ان لاءِ پيرن ۽ عالمن کان تائيدي بيان يا فتوائون وٺڻ، تبليغي ڪم جي جائزي وٺڻ، هجرت ڪاميٽيءَ جي ٺهراءِ تي عملي امداد ڪرڻ ۽ مبلغن کي پگهارون ڏيڻ وغيره جهڙن اسمن تي غور ويچار ڪيو ويو، لاڙڪاڻي مان پير تراب علي شاهه ۽ پير علي انور شاهه راشدي هن گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيا.

    24 جون 1920ع

    جيڪب آباد ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صدارت ۾ خلافت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا ته:

    1.       ضلعي جيڪب اباد جي انتظاميه خلافتي ڪارڪنن تي جيڪي ظلم ڪيا آهن، تن جي جاچ لاءِ حڪومت هڪ ڪاميٽي مقرر ڪري.

    2.       جيڪي نام نهاد مسلمان جيئن هزار خان کوسو ۽ سعد خان رند ۽ ٻيا خلافتي ڪارڪنن کي تڪليفون ڏئي رهيا، انهن کي پنهنجي حرڪتن کان باز اچڻ گهرجي نه ته ٻئي حالت ۾ هو نتيجن جا ذميدار پاڻ هوندا.

    29 جون 1920ع

    مسٽر شيرسنگ وڪيل جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ ڪانگريس ڪاميٽي لاڙڪاڻي جي ميٽنگ ٿي، هن گڏجاڻي ۾ هڪ ٺهراءُ ذريعي تجويز ڪيو ويو ته اسپيشل سنڌ پراونشل ڪانفرنس جيڪا ستت ٿيڻ واري آهي ان جي صدارت لاءِ لالا لجپتراءِ يا بابوسين چندر کي دعوت ڏني وڃي.

    1 جولاءِ 1920ع

    ڪراچيءَ جي نوجوان سکن پنهنجي ڌرم ڀائرن ۽ ڪراچي واسين جي سماجي ۽ ڌرمي خدمت ڪرڻ لاءِ سنگ سک ايسوسئيشن جو بنياد رکيو.

    2 جولاءِ 1920ع

    ڪراچيءَ ۾ فرالي ڪاميڊي ڪمپني (Frawley Commedy Co.) نالي ناٽڪ منڊلي آکي جنهن ڪيترا ڏينهن مزاحيه انگريزي ڊراما اسٽيج ڪيا.

    2 جولاءِ 1920ع

    ڪراچيءَ ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صدارت هيٺ مذهبي عالمن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ جميعت العلماءِ سنڌ جو قيام عمل ۾ آندو ويو، هن گڏجاڻيءَ ۾ جماعت جو منشور به منظور ڪيو ويو.

    3 جولاءِ 1920ع

    اڄوڪي الوحيد پرچي ۾ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي جي هجرت ڪندڙن لاءِ پڌرائي شايع ٿي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊي ٽي ايس سکر وٽان خبر ملي آهي ته 9 جولاءِ 1920ع تي اسپيشل ٽرين لاڙڪاڻي ۾ اچي بيهندي، تنهن ڪري پهرين قافلي ۾ هلندڙ مهاجر پنهنجي ساٿين، رستي جي خرچ پکي ۽ ضروري سامان سميت 8 جولاءِ 1920ع مطابق 20 شوال لاڙڪاڻي پهچي وڃن.

    3 جولاءِ 1920ع

    الوحيد جي اڄوڪي پرچي ۾ خلافت بيت المال بابت انگ اکر شايع ٿيا، ٻڌايو ويو آهي، ته اپريل 1920ع ۾ جيڪو چندو ڪيو ويو ان ۾ بنگل ديري جي ميان سچو پٽي ڏهه رپيا چندو ڏنو.

    7 جولاءِ 1920ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان پير عبدالستار جان سرهنديءَ جي صدارت هيٺ خالق ڏني هال ۾ عظيم الشان جلسو ٿيو، جنهن ۾ حاجي عبدالله هارون ۽ مولانا عبدالڪريم، درس تقريرون ڪيون، موقعي تي لعل چند امر ڏني مل کان سواءِ لاڙڪاڻي جي پير سيد علي انور شاهه راشدي سنڌي زبان ۾ هڪ نهايت پرجوش ۽ جگر سوز شعر پڙهيو، هن ميڙ ۾ قطع تعلقات جي تحريڪ تي روشني وڌي وئي ۽ ماڻهن کي ان جي پروگرام ۽ طريقه ڪار کان آگاهه ڪيو ويو.

    17 جولاءِ 1920ع

    ”الوحيد“ جي اڄوڪي پرچي ۾ پهرين صفحي تي افغانسان جي تاجدار جو اعلان شايع ٿيو، جيڪو هن هجرت جي حامي مهاجرن جي حق ۾ پڌرو ڪيو هو، انهيءَ اعلان جو متن هيٺ ڏجي ٿو:

    اي شيردل افغانو! اي غيرت مند مسلمانو! اڄ تائين اسان حضرت سيد مرسلين صلعم جن جي زندگي شان بقا جي راهه ۾ جنهن خدا ڪاري ۽ جان نثاريءَ جو ثبوت ڏنو آهي، سو اوهان کي خوب معلوم آهي، دعوت افغانستان دولت برطانيه جي مقابلي جنهن مردانه همت کان ڪم ورتو آهي، تنهن جو اهو نتيجو ٿيو آهي ته اڄ افغانستان اندروني ۽ بيروني ڪمن ۾ بلڪل آزاد آهي، افغانستان جي آزاد شخصيتن تي فرض آهي ته انهن پيارن مهمانن، انهن ايماندار مسلمانن، انهن راهه دين جي فداين، انهن ستم رسيده مظلومن، انهن وطن کان وچڙيل توحيد جي فرزندن لاءِ همدرديءَ جون رسمون ۽ مهمان نوازيءَ جا حق بجا آڻين ۽ انهن جا يار غمگسار بڻجي وڃو،

    حڪومت افغانستان جي طرفان انهن پيارن مهمانن جي لاءِ سڀئي حاجتون ۽ ضرورتن جي تڪميل ٿي چڪي آهي ۽ انهن مهاجرن لاءِ جنهن الله جي راهه ۾ ۽ عوام جي واسطي هجرت ڪئي آهي، دولت افغانستان وڏي خوشيءَ سان انهن ڀائرن جو نهايت خوشيءَ سان استقبال ڪري ٿي.

    جڏهن هر علائقي جا مسلمان هجرت ڪري دارالڪفر مان هجرت ڪري دارالاسلام ۾ ايند اهئا ته خلفاء راشدين انهن سان اعليٰ مهمان نوازيءَ جون رسمون آڻيندا هئا، تنهن ڪري توهان کي به گهرجي ته اوهان به پنهنجن پيشوائن جي نقش قدم تي هلو، جڏهن اهي مهاجر افغانستان پهچن ته انهن جو گرم جوشيءَ سان استقبال ڪيو وڃي ۽ انهن هدايتن موجب ڳوٺن جي معزز وڏيرن لاءِ اهو آهي ته هو سندن هڪ رات مهماني به ڪن.

    اي ملت غيور! انهن مهاجرن جا انصار بڻجي ستم رسيده مظلومن جي حمايت ڪريو.

    8 جولاءِ 1920ع

    هجرت ڪندڙ خلافتي اچي لاڙڪاڻي ۾ گڏ ٿيا ۽ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي سان رابطو قائم ڪيائون.

    9 جولاءِ 1920ع

    سيارن ستن سون ماڻهن تي مشتمل هجرت جو پهريون قافلو لاڙڪاڻي کان روانو ٿيو، کين الوداع ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لڳ ڀڳ پنجاهه هزار کان ماڻهو اچي موجود ٿيا هئا، شهر ۾ ميلي جهڙو ماحول ٿي ڏسڻ ۾ آيو.

    هن الوداعي تقريب جا تفصيل ”الوحيد“ اخبار جي 14 جولاءِ 1920ع واري پرچي ۾ شايع ٿيا، ان کان سواءِ انهي ڏينهن جي منظر نگاري مولوي دين محمد ”وفائي“ پنهنجي ڪتاب ”يادجانان“ ۾ به ڪئي آهي،  هو لکي ٿو ته اهو ڏينهن هڪ اهڙو تاريخي ڏينهن هيو، جنهن جي سچي ڪيفيت ۽ حقيقت عبارت آرائي يا قلم جي معرفت بيان ڪرڻ سخت مشڪل آهي، لاڙڪاڻي جي سرزمين اهڙو خوشي ۽ غم شادي ۽ ماتم جو هڪ ٻئي سان گڏيل ڏينهن ڪو نه ڏٺو هوندو.

    11 جولاءِ 1920ع

    سيٺ حاجي عبدالله هارون صدر ”سنڌ پراونشل خلافت ڪاميٽي“ سنڌي مهارجن ڏانهن تار موڪلي جنهن جو متن هن ريت آهي.

    جيتوڻيڪ اوهان جي جدائي ڏاڍي ڏکي آهي ته سنڌ ۾ نوڪر شاهي ظلمن سببان مجبور ٿي جو اوهان جا خود رضائي ۽ خود قرباني جا احساس ڏيکاري اهي قابل تعريف آهي، اميد اٿم ته توهان اتي باسلامت پهتا آهيو، سڄي قافلي کي منهنجي طرفان مبارڪون ڏجو، مون کي اميد آهي ته اوهان جو قافلو اسلامي سلطنت افغانستان ۾ هڪ چڱي بيٺڪ برپا ڪندو، مهرباني ڪري اسان سان رستو رکندا اچو، جيئن جتي به هجو اتي اسان جون دليون پيوند رهن منهنجي طرفان سمورن سنگتين جو شڪريو به ادا ڪندا، جو هنن خلافت جي ڪم ۾ بالڪل گهڻي مدد ڏني، هاڻي خدا حافظ خدا اوهان جو نگهبان، قرآن ڪريم اوهان جو هادي ۽ اسلام جي بلندي اوهان جو مقصد آهي.

    هي تار رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي ڏانهن/معرفت موڪلي وئي.

    11 جولاءِ 1920ع

    سنڌي مهاجرن جي اسپيشل ٽرين ملتان پهتي ته سندن شاندار استقبال ڪيو ويو، ماڻهن جي هجوم ۽ جوش سبب ٽرين وقت سر سفر لاءِ رواني ٿي نه سگهي ۽ اتي ان کي ڪجهه ڪلاڪ دير ٿي وئي.

    12 جولاءِ 1920ع

    سنڌي مهاجرن جو قافلو جنهن ۾ اٽڪل 510 مرد ۽ 200 عورتون ۽ ٻار هئا، سو آچر رات جو 2 وڳي 12 جولاءِ لاهور جي بادامي باغ اسٽيشن تي پهتو، لاهور واسين هن قافلي جو آڌرڀاءُ ڪيو، مهاجرن کي لاهور وارن 5 هزار ۽ امرتسروارن 2 هزار رپيا نذرانو ڏنو، ٻن ڪلاڪن ترسن کان پوءِ قافلو پشاور ڏانهن روانو ٿي ويو، پير تراب علي شاهه به هن قافلي سان گڏ هو ته جيئن کين پشاور تائين اماڻي سگهي.

    14 جولاءِ 1920ع

    الوهيد جي اڄوڪي پرچي ۾ ”الوداع مهاجرين“ جي نالي سان ليک شايع ٿيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي مان اسپيشل ٽرين رواني ٿيڻ جو اکين ڏٺو احوال ڏنو ويو، لکيو ويو ته سنڌ جي صوفي بزرگ حضرت شاهه ڀٽائي پنهنجي نماڻي ٻوليءَ ۾ درد ڀرين لفظن ۾ فرمايو آهي ته اڄ پڻ وايون ڪن وڻجارا وڃڻ جون، هلڻ هارا سپرين روئان تان نه رهن، آءُ جهليندي ڪيترو آيل، سامونڊين، پڳ جوڙي جن وڌا ٻيڙا ٻار ۾، 21 شوال 1334هه لاڙڪاڻي ۾ الوداع مهاجرين سنڌ جو ڏينهن هڪ اهڙو تاريخي ڏينهن ٿي گذريو آهي، جنهن سچي ڪيفيت ۽ اصل حقيقت کي ظاهر ڪيو، هڪ طرف غم ۽ سخت ترين مشڪل به هئي ته ٻئي طرف مذهبي محبت ۽ اسلامي غيرت جي قربان گاهه ۾ صدقي ٿيڻ جي شادي به، سنڌ جي هر گوشي مان هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو عزيزان ملت مهاجرين سان الوداع ڪرڻ ۽ موڪلاڻ آيا هئا، اهي مذهبي مظلوميت کان تنگ اچي ڪفر ۽ ظلم کان آزاد ٿيڻ لاءِ پنهنجي اباڻي ملڪ کي ڇڏي رهيا هئا.

    14 جولاءِ 1920ع

    عبدالله ولد الهڏني چانڊئي جي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو ۾ ولادت ٿي ۽ هن اڳتي هلي عبدالله ”اثر“ جي نالي سان شاديءَ جي دنيا ۾ نالو ڪمايو، تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين ۽ 1976ع ۾ وفات ڪيائين.

    17 جولاءِ 1920ع

    ڳوٺ بٺي هڪڙا تعلقي ميروخان ۾ خلافت جي جلسي جي تياري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ منشي الله بخش مولوي محمد عظيم، قاضي عزيز الله، وڏيري محمد امين ۽ حاجي غلام الله هڪڙي کي تعلقي مختيارڪار ذريعي حڪم پهتو ته اهي سڀ اڄوڪي تاريخ تي رتيديري جي ڊپٽي ڪليڪٽر وٽ حاضر ٿين، ليڪن انهن مان ڪو به سرڪاري سڏ تي نه ويو.

    17 جولاءِ 1920ع

    رتيديري جي ڊپٽي ڪليڪٽر، تعلقي جي مختيارڪار معرفت بٺيءَ جي منشي الله بخش مولوي محمد عظيم، قاضي عزيز الله، وڏيري محمد امين ۽ حاجي غلام الله هڪڙي کي اڄ پنهنجي دفتر ۾ گهرايو، ليڪن انهن خلافتين مان ڪو به وٽس نه ويو.

    19 جولاءِ 1920ع

    لاڙڪاڻي مان اسپيشل ٽرين ذريعي هجرت ڪندڙ خلافتي جلال آباد ۾ پهتا.

    20 جولاءِ 1920ع

    مولانا تاج محمد امروٽي جي صدارت هيٺ ”سنڌ جمعيت العلماءِ“ جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾:

    1.       جمعي ۽ عيدين لاءِ تفصيلي ترجمي وارن خطبن تيار ڪرڻ

    2.       پيرن ۽ زميندارن ۾ خلافت جي تبليغ ڪرڻ لاءِ وفد ٺاهڻ

    3.       قطع تعلقات کي ديني فرض قرار ڏيڻ

    4.       قطع تعلقات جي نتيجي ۾ ڇڏيل نوڪرين کي هٿ ڪرڻ کي حرام قرار ڏيڻ.

    5.       سرڪاري ڏاڍ خلاف مذمت جو ڏينهن ملهائڻ.

    6.       عالم اسلام جي علماءِ ڪرام جي متحده ڪانفرنس سڏرائڻ.

    7.       سنڌ ۾ هڪ مشترڪه دارالفتويٰ قائم ڪرڻ.

    بابت ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

    20 جولاءِ 1920ع

    ”الوحيد“ جي شماري ۾ ”ترڪ موالات“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو، هن ايڊيٽوريل ۾ عوام کي انگريز سرڪار خلاف عدم تعاون جي تحريڪ هلائڻ لاءِ اڀاريوويو هو، هي ايڊيٽوريل اڳتي هلي ايڊيٽر جي گرفتاريءَ جو ڪارڻ بڻيو.

    21 جولاءِ 1920ع

    لاڙڪاڻي ضلعي جي هيٺين ماڻهن ”عدم تعاون تحريڪ“ ۾ حصو وٺندي سرڪاري گرانٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو.

    حاجي غلام رسول (ڳوٺ ميوو جلباڻي)، ملان گل محمد (دڙو، وارهه) ۽ دين محمد (باڊهه)

    21 جولاءِ 1920ع

    ڳوٺ بٺي تعلقي ميروخان ۾ قاضي ابوالحسن عزيز الله ۽ ٻين خلافتين جي ڪوشش سان خلافت جو جلسو ٿيو.

    22 جولاءِ 1920ع

    لاڙڪاڻي مان ڪيترن خلافتين ان ڪري ملان اسڪول گرانٽ وٺڻ کان استعيفا ڏني ته وقت جي سرڪار دنيا جي مسلمانن کي ايذايو آهي ۽ ترڪيءَ جي مسئلي تي بي انصافيءَ کان ڪم ورتو آهي، حڪومت کان گرانٽ نه وٺڻ لاءِ درخواست ڏيندڙن ۾ حاجي غلام رسول جلباڻي وارهه ۽ دين محمد باڊهه ذڪرلائق آهن.

    23 جولاءِ 1920ع

    بمبئي جي گورنر، سنڌ ۾ خلافت تحريڪ، تحريڪي اڳواڻن ۽ خلافتي مبلغن تي ڇوهه ڇنڊيا ۽ بيان ۾ چيو ته سنڌ ۾ عوام کي برغلايو پيووڃي ته انگريز سرڪار جا فوجي مقدس مقامات ۾ داخل ٿي بي حرمتيءَ جو باعث ٿي رهيا آهن ۽ سرڪار ڪيترن هنڌن تي مسلمانن کي قرآن شريف پڙهڻ نه ٿي ڏي، گورنر انهيءَ ڳالهه جو چتاءُ ڏنو ته سنڌي خلافتي اڳواڻ جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه کان باز نه آيا ته پوءِ سموري سنڌ سان بغاوت ائڪٽ لاڳو ڪيوويندو يا سنڌ جي اهڙن ضلعن ۾ انهيءَ ائڪٽ مطابق سختيءَ جو مظاهرو ڪيو ويندو، هن نوٽيفڪيشن جي ڪاپي ”گل حيات“ ۾ موجود آهي.

    28 جولاءِ 1920ع

    حڪومت جي حڪمت عملين سان اختلاف رکندي ”عدم تعاون تحريڪ“ ۾ شريڪ ٿيندي ضلعي لاڙڪاڻي جي هيٺ ڄاڻايل خلافتين سرڪاري ملازمتن سان استعيفائون ڏنيون:

    الله بخش (پرائمري اسڪول منگواڻي)، جهان خان (پوليس جمعدار قمبر)، محمد معين (پوليس جمعدار قمبر)، امداد علي (پوليس جمعدار قمبر) هوت خان (پوليس جمعدار قمبر)، سومر (پيري پوليس ٿاڻو قمبر)، حاجي احمد (پوليس جمعدارقمبر)، مريد احمد (پوليس جمعدار قمبر)، محمد بخش (پوليس جمعدار قمبر)، محمد موسيٰ (ڪوٽوال، قمبر) ۽ نور محمد (ڪوٽوال، قمبر)

    اهڙي طرح سرائي محمد گوپانگ ۽ سرائي الله ڏني سيال قمبر ميونسپالٽيءَ جي ميمبريءَ تان استعيفا ڏني.

    23 جولاءِ 1920ع

    اڄوڪي ”ڊيلي گزيٽ“ اخبار ۾ مختلف ضلعن مان هجرت ڪندڙن جا انگ اکر شايع ٿيا، جن مطابق لاڙڪاڻي ضلعي مان 750، جيڪب آباد ضلعي مان 113، سکر ضلعي مان 68،  يعني جملي 931 ماڻهن جولاءِ جي 23 تاريخ تائين افغانستان ڏانهن هجرت ڪئي، مهاجرن جو جيڪو قافلو ڪراچي کان روانو ٿيو هو، ان جي اڳواڻي شيخ عبدالعزيز ڪئي.

    28 جولاءِ 1920ع

    جيئن ته ”الوحيد“ جي انتظاميه مهلت نه هئڻ ڪري وقت تي ٻن هزار رپين جي ضمانت ادا ڪري نه سگهي، ان ڪري پرچو نڪري نه سگهيو.

    20 جولاءِ 1920ع

    ”الوحيد“ جي اڄوڪي پرچي ۾ خبر شايع ٿي ته لاڙڪاڻي جي بچل شيديءَ ريلوي نوڪريءَ تان هٿ کڻي هجرت ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ته ميان حاجي نور محمد شاهه عرب زميندار بقاپور لاڙڪاڻي هڪ سئو رپيا ۽ وڏيري ميان گل محمد ڦل زميندار لاڙڪاڻي پنجاهه رپيا کيس امداد طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

    29 جولاءِ 1920ع

    ”الوحيد“ جي اڄوڪي پرچي ۾ خبر شايع ٿي آهي ته ضلعي لاڙڪاڻي جي ڪيترن صاحبن ملان اسڪول جي گرانٽ کان استعيفا ڏني آهي، جن ماڻهن جا ان سلسلي ۾ نالا ڏنا ويا آهن. اهي آهن.

    حاجي غلام رسول سمو خان جلباڻي تعلقو وارهه، دين محمد باڊهه تعلقو ڏوڪري.

    30 جولاءِ 1920ع

    مطابق 13 ذوالقعد 1338ع ڳوٺ بٺي هڪڙا، تعلقي ميروخان ۾ خلافت جو جلسو ٿيو، جنهن جو اهتمام منشي الله بخش، مولوي محمد عظيم، قاضي عزيز الله، وڏيري محمد امين ۽ حاجي غلام الله هڪڙي ڪيو، ميڙاڪي جي صدارت مولانا مير محمد نورنگيءَ ڪئي، هن موقعي تي پير تراب علي شاهه، پنهنجي تقرير ۾ سنڌ جي ڪمشنر کي تنقيد جو نشانو بڻايو، اجلاس ۾ ڪيترا ٺهراءُ پاس ڪري حڪومت جي ترڪ دشمن پاليسيءَ جي مذمت ڪئي وئي.

    31 جولاءِ 1920ع

    سنڌ ۾ ٽيون خلافت ڏينهن (پهرين آگسٽ 1920ع) ملهائڻ لاءِ محمد خان سيڪريٽري سنڌ پراونشل خلافت ڪاميٽيءَ جي صحيح سان هدايتون جاري ٿيون، جيڪي هيون، سڀ ڪم بند رکيو وڃي، ٿي سگهي ته روزو رکيو وڃي، لفظن خيالن ۽ عمل ۾ ڪا زبردستي نه ڏيکارجي، دعائون گهريون وڃن ته الله تعاليٰ قوم جي بهبودي ڪري ۽ دنيا تي رحم ڪري، هڙتال خوشيءَ سان ڪجي نه ڪي دٻاءُ ڪجي، ترڪ موالات بابت ٺهراءُ پاس ڪجي، حڪومت سان تعاون ڪري حالات خراب نه ڪجن، ڪو به جلوس ٻاهر نه ڪڍيو وڃي ۽ اعزاز ۽ خطاب ڇڏيا وڃن.

    31 جولاءِ 1920ع

    حيدرآباد مان شيخ عبدالمجيد سنڌي تار ذريعي ”الوحيد“ جي ايڊيٽر کي اطلاع ڏنو ته هو الوحيد جي ضمانت جي رقم ۾ مدد ڏيڻ لاءِ پنهنجي طرفان پنجاهه رپيا ۽ پنهنجي گهر واريءَ طرفان سٺ رپين جو زيور ڏئي رهيو آهي.

    31 جولاءِ 1920ع

    ”الوحيد“ جي اڄوڪي پرچي جي صفحي تي  لاڙڪاڻي ۾ ”هجرت ڪاميٽي“ جي جوائنٽ سيڪريٽريءَ جو اطلاع شايع ٿيو ته هجرت لاءِ سکر جي ٽرئفڪ مئنيجر کي ”اسپيشل ٽرين“ بابت جيڪا درخواست ڏني وئي هئي، ان جو جواب مليو آهي ته جيستائين گاڏيءَ جي قسم، مسافرن جو تعداد ۽ روانگيءَ جي تاريخ جو اطلاع نه ڏنو ويندو ان وقت تائين ٽرين جو بندوبست ڪري نه ٿو سگهجي.

    31 جولاءِ 1920ع

    پهرين آگسٽ تي عام هڙتال ڪرڻ لاءِ ”خلافت ڪاميٽي“ اشتهار شايع ڪرايا جيڪي سنڌ جيان لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ لڳايا ويا، اشتهارن ۾ لکيو ويو هئو ته اهو ڏينهن ڪيئن ملهائجي، هنن ۾ اپيل ڪئي وئي هئي ته جيڪي سچا مسلمان آهن ۽ جن جي دلين ۾ انهيءَ باهه جا ڪي شعلا آهن جا باهه عربستان جي واديءَ مان شروع ٿي ساري دنيا ۾ پکڙجي کوٽ، دغا، بي انصافي، لوڀ کي ساڙي ختم ڪيو، سي مسلمان پوئتي پير هرگز نه کڻندا.

    1 آگسٽ 1920ع

    سموريءَ سنڌ ۾ وڏي پئماني تي هنڌين ماڳين ”خلافت ڊي“ ملهايو ويو، عام هڙتال ڪئي وئي، جلسن ۽ جلوسن جو بندوبست ڪيو ويو ۽ حڪومت جي ترڪ دشمن پاليسيءَ جي مذمت ڪئي وئي.

    1 آگسٽ 1920ع

    خلافت ڪاميٽيءَ طرفان حڪومت خلاف عدم تعاون جي تحريڪ جو آغاز ٿيو، خلافتين سرڪاري عهدن، رتبن ۽ مالي امداد وٺڻ کان انڪار شروع ڪيو، ڪائونسلن لاءِ چونڊ وڙهڻ جو بائيڪاٽ ڪيو، ڪيترا دفعا هڙتالون ڪيون، جلوس ڪڍيا ۽ ملڪ ڇڏي افغانستان لڏي وڃڻ کي ترجيح ڏني، اها تحريڪ 12 فيبروري 1922ع تائين هلي.

    1 آگسٽ 1920ع

    پير جو ڳوٺ ۾ لڳ نئون ديرو ۾ مقامي خلافت ڪاميٽي ڪامياب هڙتال ڪرائي، انهيءَ حوالي سان ميڙاڪو ڪرايو ويو ۽ ان جي پڄاڻيءَ تي اسلام جي فروغ ۽ خلافت جي تحفظ لاءِ دعائون گهريون ويون.

    1 آگسٽ 1920ع

    لاڙڪاڻي سميت سموريءَ سنڌ ۾ ”ٽيون يوم خلافت“ ملهايو ويو ۽ ڪامياب هڙتال ڪئي وئي، سڄو ڏينهن دڪان بند رهيا ۽ ڪيترن ماڻهن هن ڏينهن تي روزا رکيا، خلافت ڪاميٽين طرفان هنڌين ماڳين ظهر جي نماز کان پوءِ جلسا ڪيا ويا، انهيءَ موقعي تي ”ترڪ موالات“ جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، قمبر ۾ حڪومت جي عوام دشمنيءَ واري حڪمت عملي جي مذمت ڪئي وئي.

    1 آگسٽ 1920ع

    ميروخان ۾ پير علي انور شاهه جي صدارت هيٺ ”مقامي خلافت ڪاميٽي“ طرفان ”خلافت ڊي“ ملهايو ويو، لڳ ڀڳ 500 ماڻهن جي ميڙ کي مولانا خوش محمد خطاب ڪيو، حڪومت جي ترڪ دشمني ۽ خلافت دشمن پاليسيءَ جي مذمت ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا ۽ حڪومت سان ”عدم تعاون“ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

    3 آگسٽ 1920ع

    حڪومتي حڪمت عملين سان اختلاف رکندي، خلافت تحريڪ جي سڏ تي لبيڪ چوندي، ڳوٺ محمد حسن جلباڻيءَ جي ملان محمد بچل سرڪاري گرانٽ وٺڻ ۽ سرڪاري ملازمت اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

    4 آگسٽ 1920ع

    اڄوڪي ”الوحيد“ ۾ خبر شايع ٿي ته ميروخان مان الله ڏني ڪانسٽيبل ٿاڻو ميروخان نوڪريءَ تان استعيفا ڏني، ميروخان جي زميندار لطف علي ليسن ۽ اسڪول جي ميمبري شهري صفائي جي محڪمي تان استعيفا ڏني، ميروخان جي هڪ ٻئي زميندار رسول بخش به ائين ڪيو، تنيا ميروخان  جي زميندار محمد بچل به ساڳئي تند تنواري ۽ لعل خان شهر ميروخان سرڪاري اسٽئمپ فروشي کان بيزاري ڏيکاري، انهن خلافتين ”ترڪ موالات“ جي تحريڪ ۾ حصي وٺڻ لاءِ اهي عملي قدم کنيا.

    5 آگسٽ 1920ع

    ”الوحيد“ جي اڄوڪي پرچي ۾ ”ترڪ موالات ميدان عمل ۾ قدم“ جي عنوان سان خبر ڇپي آهي ته سرائي محمد خان گوپانگ ۽ سرائي الله ڏتي سيال قمبر ميونسپل ميمبريءَ تان استعيفا ڏني آهي، اهڙي ريت سبحان خان پوليس ڪانسٽيبل ٿاڻو قمبر، محمد ياسين پوليس ڪانسٽيبل ٿاڻو قمبر، امداد علي پوليس ڪانسٽيبل ٿاڻو قمبر، هوت خان پوليس ڪانسٽيبل ٿاڻو قمبر، سومر ولد شاهه محمد پيري ٿاڻو قمبر، حاجي احمد پوليس ڪانسٽيبل ٿاڻو قمبر، موسيٰ ڪوٽوال قمبر، خدا بخش جمعدار نور واهه، ارباب پوليس ڪانسٽيبل قمبر، الله ڏنو ڪوٽوال سب ڊويزن آفيس قمبر جن پڻ پنهنجي ملازمت تان استعيفائون ڏنيون.

    6 آگسٽ 1920ع

    ”ترڪ موالات تحريڪ“ ۾ حصو وٺندي ميروخان جي جن شخصيتن عهدا، رتبا ۽ نوڪريون ڇڏيون، انهن جا نالا ۽ تفصيل ”الوحيد“ جي اڄوڪي پرچي ۾ شايع ٿيا، اهي آهن:

    1.       الله ڏنو ڪانسٽيبل ٿاڻو ميروخان جنهن نوڪري ڇڏي.

    2.       لطف علي زميندار، جنهن ليسن اسڪول جي ميمبري ۽ شهري صفائي واري ميمبريءَ تان استعيفا ڏني.

    3.       رسول بخش خان زميندار، يار علي خان زميندار، محمد بچل تنيو زميندار پڻ ساڳي ريت لطف علي خان جيان ميمبرين تان استعيفا ڏني.

    4.       ميروخان شهر جي لعل خان سرڪاري اسٽامپ فروشي ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

    8 آگسٽ 1920ع

    سنڌي مهاجرن جو ٽيون قافلو لاهور کان پشاور روانو ٿي ويو.

    8 آگسٽ 1920ع

    ڳوٺ چيهو ۾ خلافت جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ مقررن مصر جي آزاديءَ وارين ڪوششن وٺڻ تي مصري عوام سان نظرياتي ۽ اخلاقي سهڪار جو عزم ڪيو ۽ عوام کي گذارش ڪئي ته هند ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو وڃي.

    15 آگسٽ 1920ع

    رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي جو جلال آباد مان موڪليل خط ”الوحيد“ ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ لکيو ويو هيو ته اسان سڀني سنڌي ڀائرن جي خدمت ۾ عرض ٿا ڪريون ته هن وقت شديد گرميءَ جي ڪري اوهان کي گهرجي ته هجرت جي ارادي کي معطل ڪرڻ فرمايو ته اوهان لاءِ بهتر آهي.

    17 آگسٽ 1920ع

    حڪيم شمس الدين احمد جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻي خلافت ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن سال 21-1920ع لاءِ عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي، چونڊيل عهديدارن جو تفصيل هن ريت آهي.

    پير علي انور شاهه (صدر)، سيٺ خداداد خان سرهيو (نائب صدر اول)، سيٺ عبدالرزاق (نائب صدر)، رحيم بخش (سيڪريٽري اول). ٽهلرام (سيڪريٽري ٻيو) ۽ سيٺ احمد الدين (خزانچي)

    18 آگسٽ 1920ع

    سنڌي مهاجرن جو ٽيون قافلو لاهور کان پشاور ڏانهن روانو ٿي ويو.

    28 ۽ 29 آگسٽ 1920ع

    ”سنڌ خلافت ڪاميٽي“ جي سهڪار هيٺ حيدرآباد ۾ جلسو ٿيو، جنهن ۾ مسلمانن توڙي هندن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جيئن ته هن جلسي ۾ ”ترڪ موالات“ جي تحريڪ تي غور ڪيو ويو ۽ اهو هڪ اهم مسئلو هئو، ان ڪري ان اجلاس ۾ مختلف ضلعن جيان لاڙڪاڻي ضلعي جي خلافتي اڳواڻن به ڀرپور نموني سان شرڪت ڪئي.

    8 سيپٽمبر 1920ع

    ”الوحيد“ جي اڄوڪي پرچي ۾ پهرين صفحي تي حاجي عبدالله هارون جو ”بنام وڏيرو علي گوهر صاحب ڀٽو کليل خط“ شايع ٿيو، جنهن جو متن هن ريت آهي:

    جناب من، توهان جو 29 آگسٽ 1920ع جو موڪليل خط مليو، جنهن ۾ توهان ڪائونسل آف اسٽيٽ ۾ ميمبريءَ لاءِ مسلمانن طرفان نمائنده جي حيثيت ۾ اميدوار بيهڻ جي خواهش ڏيکاريندي، آرزو ڪئي آهي ته آئون پنهنجي سر پنهنجن دوستن سميت توهان کي ان ڪم ۾ ووٽ ڏئي مدد ڪريان، ان بابت آئون توهان کان هنن ڳالهين جي بچڻ جي جرئت ڪري سگهان ٿو ته جنهن حالت ۾ توهان پاڻ کي مسلمانن جو نمائندو سمجهي اهو ڪم گوارا ۽ قبول ڪيو آهي ته توهان هن کان اڳ مسلمانن ۽ مذهب اسلام لاءِ هيٺين ضروري ڪمن بابت ڪهڙو ۽ ڪيترو حصو ورتو آهي ۽ جي نه ته ڪهڙا سبب آهن؟

    هن کان اڳ مسلمانن جي سياسي يا پوليٽيڪل معاملات جي سڌارڻ ۽ انهن جي ضروري حقوق جي بچائڻ ۾ توهان ڪيتري قدر ڪوشان آهي، جي نه رهيا آهيون ته ڇو ۽ ان جو باعث ڇا آهي؟

    مسلمانن جي قومي تعليم ۽ ترقي لاءِ توهان هن وقت تائين قلبي يا مالي يا بدني خدمت سان ڪيتري قدر امداد ڪئي آهي ۽ ان باري ۾ توهان ڇا ڪيو آهي جي نه ته ڇو؟ ان کان سواءِ جنهن حالت ۾ توهان سنڌ جي مسلمانن جي طرفان ڪائونسل آف اسٽيٽ ۾ ملڪي بهبوديءَ لاءِ نمائنده ٿي وڃڻ جو خيال ڪيو ٿا ته ان باري ۾ توهان کان وري ٻين هيٺين ڳالهين بابت پڇا ڪرڻ گهران ٿو ته توهان جو ان باري ۾ ڇا رايو آهي؟

    1.       هندستان لاءِ سيلف گورنمينٽ يا سوراج حاصل ڪرڻ لاءِ جو عام مانهن يعني هندو مسلمانن جو رايو ٿي بيٺو آهي، ان بابت توهان جو ڇا رايو آهي.

    2.       خلافت اسلاميه کي دوباره قائم ڪرڻ لاءِ هن وقت ڪهڙا اپاءُ وٺندا.

    3.       پنجاب جا ظالم، مظلوم هندستانين جي وري عزت قائم ڪرڻ ۾ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ توهان ڪهڙي ڪوشش وٺي سگهون ٿا؟

    توهان ان جاءِ تي اميدوار بيهڻ لاءِ جو پنهنجي حيثيت ۽ لياقت زميندار ۽ ماجسٽريٽ ۽ وائيس پريزيڊنٽ ۽ بئريسٽرايٽ لا جي  صورت ڏيکاري آهي، ان بابت معاف ڪندا جو منهنجي طبيعت ۾ اهي شيون ۽ القاب ان جاءِ جي حقدار بنائڻ لاءِ امداد ڪافي نه آهي، منهنجي مد نظر ته هي امر آهي ته ڏسان ته توهان جي دل ۾ قوم جو ڪيتري قدر درد آهي ۽ اسلام جو غم آهي، هندستان جي بهبوديءَ لاءِ ڪيتري قدر سرگرمي ڏيکاري رهيا آهيو؟

    اميد آهي ته اها سموري حقيقت توهان جي مٿين جواب طلب ڳالهين جي جواب مان پڌري ٿي پوندي، جيڪڏهن مان پڇان ته توهان جو اهو ڪم به قومي همدرديءَ لاءِ هيو ڇا؟

    فقط راقم: خادم الاسلام حاجي عبدالله هارون ڪراچي

    10 سيپٽمبر 1920ع

    ايڇ بي وارنگس ڪمپني (H.On Wasning’s Co) نالي ناٽڪ منڊلي ڪراچيءَ ۾ آئي، جنهن ڪيترا انگريزيءَ ۾ ڊراما اسٽيج ڪيا.

    12 سيپٽمبر 1920ع

    هجرت تحريڪ جي اڳواڻن کي به اهو اندازو نه هئو ته کين ماڻهن وٽان اسلام دوستي ۽ آزادي جي جذبي پٽاندر ايڏي وڏي موٽ ملندي جو خلافتي مهاجرن جو تعداد وڌي ويندو ۽ هنن لاءِ انتظام رکڻ ڏکيو ٿي پوندو، ”الوحيد“ جي اڄوڪي پرچي ۾ مير زمان نالي ڪنهن شخص جو خط شايع ٿيو، جنهن ۾ چيو ويو ته ”هجرت انهيءَ واسطي بند ٿي آهي جو گهڻا ماڻهو ڪابل اچي ويا آهن، امير صاحب اعلان ڪيو آهي ته انهن آيل ماڻهن جو انتظام ٿي وڃي ان وقت تائين ڪو به شخص افغانستان نه اچي“

    12 سيپٽمبر 1920ع

    الوحيد جي اڄوڪي پرچي ۾ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي جو پشاور کان لکيل خط شايع ٿيو، جنهن جو متن هن ريت آهي:

    مڪرمي محترم، السلام عليڪم: مهاجر تمام گهڻي انداز ۾ افغانستان وڃي چڪا آهن ۽ هن وقت تائين چاليهه هزار مهاجر اتي موجود آهن،جن جو گهر ٻار سواءِ رستي جي نه آهي، سردي تمام جلد گهڻي اچي رهي آهي ۽ انهي ماڻهن کي ان سرديءَ جو شڪار ٿيڻ نه ڏجي، انهن جو مڪمل انتظام ڪرڻ گهرجي، انهيءَ ڪري افغانستان ۾ به هڪ اعلان ڪيو ويو آهي جيستائين حڪم ثاني ڏجي تيستائين هجرت ملتوي ڪئي وڃي، جڏهن انهن جو انتظام پورو ٿيندو، تڏهن ٻين مهاجرن کي گهرايو ويندو ۽ اميد قوي آهي ته جلد سڀ ڪجهه ٿي ويندو، عام ماڻهن کي خاطري لاءِ اطلاع ڏيو.

    جان محمد از پشاور

    13 سيپٽمبر 1920ع

    لاڙڪاڻه ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو خصوصي اجلاس ضلعي جي ڪليڪٽر آئي ايس وي ايڪاٽ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ميهڙ جي دپٽي ڪليڪٽر (چئنراءِ)، لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر (ڏيارام)، سيوهڻ جي ڊپٽي ڪليڪٽر (صاحبزادي)، مولچند سخاوتراءِ، هاسومل ڪشنچند، چوهڙمل، حاجي امير علي لاهوري، خان صاحب غلام محمد اسراڻ، رب رکئي لاکي، علي حسن هڪڙي، خداداد خان انڙ، خان بهادر ڌڻي بخش جتوئي، دوست محمد ٿيٻي، سيٺ نارو مل ولرمل، پير محمد ٿيٻي، پير بخش تنئي ۽ چاڪر خان شرڪت ڪئي.

    هن اجلاس ۾ ٿيل فيصلن مان مکيه هي آهن: لوڪل بورڊ فيصلو ڪيو ته خان صاحب شاهنواز ڀٽي کي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پهريون غير سرڪاري صدر مقرر ڪيو وڃي، بنگل ديري ودياليه جي گرانٽ 700 رپيا ڪئي وڃي، جنوري 1920ع کان ”وار الائونس“ وڌائي ڏيڻ، رهيل بلن جي ادائگي ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ، سرائي دوست محمد خان جتوئي جي وفات تي تعزيتي ٺهراءُ پاس ڪرڻ.

    26 سيپٽمبر 1920ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جي منتظم مجلس جو جلسو ٿيو، جنهن جي صدارت سيٺ امين الدين ڪئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ منتظم مجلس جي ميمبر پير تراب علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ ڪائونسلن جي بائڪاٽ ڪرڻ، قومي تعليم لاءِ مدرسا کولڻ، پنهنجون ڪائونسلون (پئنچاتون) ٺاهڻ ۽ ڏيهي سامان جي وڪري لاءِ اسٽور کولڻ وارن مسئلن تي ويچاريو ويو.

    30 سيپٽمبر 1920ع

    ”رئيس المهاجرين“ جان محمد جوڻيجو، جيڪو سنڌي مهاجرن جي ٽرين ڀرائي افغانستان ويو هئو، سو چونڊ مهاجرن جو وفد ٺاهي افغانستان مان لاڙڪاڻي پهتو ته جيئن چندي ذريعي ڏوڪڙ گڏ ڪري افغانستان ۾ سنڌي مهاجرن جي آبادڪاري جو مسئلو حل ڪري سگهجي.

    1 آڪٽوبر 1920ع

    لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾ زيب عاقليءَ جي ولادت ٿي، هن اڳتي هلي عروضي شاعريءَ ۽ صحافت ۾ نالو ڪمايو.

    1 آڪٽوبر 1920ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان ڪائونسلن جي چونڊن خلاف مهم هلائڻ لاءِ ”بائڪاٽي هفتو“ ملهايو ويو، جيڪو 7 آڪٽوبر تائين هليو، خلافتين جو خيال هئو ته اهي چونڊون هڪ ڍونگ آهن، جنهن جي ذريعي فرنگي سرڪار پنهنجي وفادارن ۽ من پسند ماڻهن کي همدرد بڻائي هڪ وسيع حلقو ٺاهي وٺندي انهيءَ هفتي دوران هنڌين ماڳين ميڙاڪا ۽ جلسا ٿيا ۽ خلافتين انهن ۾ فرنگين جي سياسي چال کي وائکو ڪيو.

    4 آڪٽوبر 1920ع

    لاڙڪاڻه خلافت ڪاميٽيءَ جي اهتمام سان عوامي ميڙ ٿيو، جنهن ۾ مسلمانن کان سواءِ هندن جي وڏي انگ به شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن ۾ مولانا محمد صادق کڏي وارو، عبدالجبار ايڊووڪيٽ، شيخ عبدالعزيز، پير مٺل شاهه، پير فتح الدين، پير روح القدس، پير محمد مصطفيٰ، مولوي محمد عاقل عاقلي، مولوي محمد علي، پير نور الدين، سيٺ خداداد خان، سيٺ عبدالرزاق، سيٺ احمد دين، رحيم بخش ايڊووڪيٽ، مسٽر هريسنگ ايڊووڪيٽ، سيٺ گوبند بخش، مسٽر ٽهلرام ”لاڙڪاڻه گزيٽ“ جو ايڊيٽر، سيٺ ٿانور داس ۽ جان محمد جوڻيجو ميڙ جي صدارت مولانا تاج محمود امروٽي ڪئي، هن ميڙاڪي کي جان محمد جوڻيجي تقرير ڪئي ۽ افغانستان ڏانهن هجرت ڪرڻ واري تجربي ۽ عمل تي تفصيلي روشني وڌي.

    6 آڪٽوبر 1920ع

    نواب شاهه ۾ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ مقررين سرڪار جي اسلام ۽ ترڪ دشمن حڪمت عمليءَ جي مذمت ڪئي ۽ آخر ۾ ”ترڪ موالات“ واري ٺهراءُ کي وقتائتو ۽ مناسب فيصلو ڄاڻي ان کي بحال ڪيو ويو.

    7 آڪٽوبر 1920ع

    حيدرآباد ۾ خلافتين طرفان حڪومت خلاف ”عدم تعاون تحريڪ“ هلائڻ جي حوالي سان وڏو جلسو ٿيو، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد قاضي اسدالله شاهه ٽکڙائي، مولوي عبدالله ۽ سيٺ امين الدين زوردار تقريرون ڪيون.

    12 آڪٽوبر 1920ع

    ”الحق“ جي شماري ۾ مولانا تاج محمود امروٽي جي صدارت هيٺ ڪلڪتي ۾ ٿيل ”جمعيت العلماءِ هند“ جي خاص اجلاس جي ڪاروائي شايع ٿي.

    25 آڪٽوبر 1920ع

    ٽرمبڪ لال ديو شنڪر جي ”شري ونڪر آريا هٽ وردڪ ناٽڪ ڪمپني“ (جنهن ۾ 110 ماڻهو ڪم ڪندا هئا) طرفان کيمچند آسنهل طرفان قائم ڪيل/جوڙيل شيوارام ٿيٽر هال ۾ ”چترا ڪمار“ ڊرامو اسٽيج ڪيو ويو، جيڪو مزاحيه ڊرامو هئو، ٻئي ڏينهن تي وري ”برهم ڪماري“ ڊرامو اسٽيج ڪيو ويو.

    27 آڪٽوبر 1920ع

    ”الوحيد“ اخبار جي ايڊيٽر تي سرڪار خلاف لکڻ ڪارڻ انڊين پينل ڪوڊ جي سيڪشن 500 هيٺ سٽي مئجسٽريٽ ڪراچي جي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو.

    28 آڪٽوبر 1920ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ مختلف ضلعن لاءِ تبليغي وفد (مبلغ) مقرر ڪيا ته جيئن اهي خلافت تحريڪ جي حقيقت ۽ مقصد، ترڪ موالات ۽ ڪائونسلن جي بائڪاٽ بابت عوام کي واقف ڪن ۽ کين تحريڪ ۾ عملي حصي وٺڻ تي آماده ڪن، ضلعي لاڙڪاڻي جيڪي مبلغ مقرر ڪيا ويا، اهي هئا، مولوي صاحب ۽ مولوي نور الحسن.

    30 آڪٽوبر 1920ع

    خلافت ڪاميٽيءَ جي سڏ تي سموريءَ سنڌ ۾ وڏي پئماني تي هڙتال رهي، حڪومت خلاف جلوس ڪڍيا ويا ۽ ترڪن خواهه خلافت جي حوالي سان همدردي ڏيکارڻ وارا ٺهراءُ بحال ڪيا ويا.

    2 نومبر 1920ع

    لاڙڪاڻي ۾ ”ترڪ موالات“ جي سلسلي ۾ شاهي جلسو ٿيو، جنهن جي صدارت مسٽر شيرسنگ وڪيل ڪئي، ڊسٽرڪٽ ڪانگريس ڪاميٽي جي اهتمام سان سڏايل هن فنڪشن ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام، پروفيسر گهنشيام، پير تراب علي، پير علي انور شاهه، پنڊت امرسين، مسٽر ٽهلرام ”تراڪ موالات“ ۽ ڪائونسلن جي بائڪاٽ بابت تقريرون ڪيون.

    ڪانگريس جي فيصلي کي مان ڏيندي لاڙڪاڻي جي حڪيم نارائڻ داس پنهنجي پٽ کي سرڪاري هاءِ اسڪول مان اٿاري ورتو.

    5 نومبر 1920ع

    ”سنڌ خلافت ڪاميٽي“ جي سڏ تي هنڌين ماڳين جتي ڪاميٽي جي شاخ سرگرم عمل هئي، اتي جلسا ڪيا ويا ۽ ووٽ ڏيندڙن کي گذارشڪئي وئي ته هو ايندڙ چونڊن ۾ نه ته اميدوار بيهن ۽ نه وري ڪنهن اميدوار کي ووٽ ڏين، ڪائونسلن جي چونڊن جي بائڪاٽ کان علاوه خلافتين سان ٿيندڙ زيادتين تي به احتجاج ڪيو ويو ۽ ٻنهي مسئلن تي ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، لاڙڪاڻي ضلعي ۽ شهر جي خلافت ڪاميٽين پڻ اهڙين گڏجاڻين جو اهتمام ڪيو.

    10 نومبر 1920ع

    الوحيد جي اڄوڪي پرچي جي صفحي 3 تي خبر شايع ٿي آهي ته ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪائونسلن جي بائڪاٽ جو ڪم نهايت زور شور سان ٿي رهيو آهي، ترڪ موالات جا پرچارڪ جنهن ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام، پير سيد تراب علي شاهه، مشتر ٽهلرام ايڊيٽر لاڙڪاڻه گزيٽ، پنڊت امرسين ۽ پير علي انور شاهه شهرن جهڙوڪ نئون ديرو، بنگل ديرو، رتوديرو، ميروخان ۽ وارهه ۾ وڃي تقريرون ڪري ماڻهن کي سمجهايو.

    11 نومبر 1920ع

    ڳوٺ مبارڪ پور ۾ غلام قادر ڀٽي ۽ ميرپور ماٿيلي ۾ پير الاهي بخش جي صدارت هيٺ مقامي ”خلافت ڪاميٽيون“ جوڙيون ويون.

    12 نومبر 1920ع

    شڪارپور ۾ خلافت حريڪ جي حوالي سان عظيم الشان جلسو ٿيو، جنهن ۾ فرنگي سرڪار جي اسلام دشمن ۽ ترڪ دشمنيءَ جي مذمت ڪئي وئي.

    13 نومبر 1920ع

    ٺٽي ۾ قاضين جي تلاء واري ميدان ۾ پير غلام مجدد سرهنديءَ جي صدارت هيٺ خلافت تحريڪ جي حوالي سان هڪ عظيم الشان جلسو ٿيو، هن جلسي ۾ فرنگي سرڪار جي ترڪ ۽ اسلام دشمنيءَ جي مذمت ڪئي وئي ۽ ترڪن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ويو.

    16 نومبر 1920ع

    ”الوحيد“ اخبار ۾ ”ووٽرو! اڄ اوهان جو ڪهڙو فرض آهي؟“ جي عنوان هيٺ ليک ۾ ڏنو ويو ته ”جنهن سرڪار جي وزارت، ناصر ڪري وزير اعظم لايڊ جارج مسلمانن جي خلافت عظميٰ کي دغابازيءَ سان برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جا سرڪار روز بروز اوهان جي بهادر ليڊرن کي پئي گرفتار ڪري، جا سرڪار نوان ظلم پئي توهان تي ڪري، تنهن ڪري سرڪار جي ڪائونسلن ۾ پنهنجو ڪو به عيوضي نه موڪليو، جي عزت پسند ماڻهو توهان جي ووٽن هٿ ڪرڻ سان ڪائونسلن ۾ وڃڻ گهرن ٿا، تن کي ڇوٽ جواب ڏيو، انهن بي درد ۽ بي رحم پاپي اميدوارن کي بلڪل ووٽ نه ڏيو، دنيا کي پنهنجي سچائي ۽ همت جو پورو ثبوت ڏيکاريو، اڄ توهان جو فرض آهي ته سڀ ڪنهن پولنگ اسٽيشن تي چونڊ واري ڏينهن عام جلسا ڪري ماڻهن کي وري به سمجهايو.“

    18 نومبر 1920ع

    مقامي خلافت ڪاميٽي جي اهتمام سان ڏوڪريءَ ۾ عوامي ميڙ ٿيو، جنهن 27 ربيع الاول جي حوالي سان ۽ خلافت خواه خلافت تحريڪ جي نسبت سان تقريرون ڪيون ويون، آخر ۾ ٺهراءُ پاس ڪري مولوي عبدالڪريم چشتي، مولوي مولاداد ۽ ڀڳوانداس جي وطن ۽ تحريڪ لاءِ ڏنل قربانين جي واکاڻ ڪئي وئي.

    24 نومبر 1920ع

    ”الوحيد“ جي ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان کي گرفتار ڪيو ويو، ڇو ته هن پنهنجي ايڊيٽوريلن ۾ عوام کي انگريز سرڪار خلاف ڀڙڪايو هو.

    4 ڊسمبر 1920ع

    دهليءَ ۾ ”جميعت العلماء هند“ جو جلسو ٿيو ۽ ترڪ موالات جي حق ۾ فتويٰ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سنڌ مان شمس الدين احمد، حاجي محمد مولانا تاج محمود امروٽي ۽ عبدالخالق مورائي انهيءَ فتويٰ تي صحيحون ڪيون.

    6 ڊسمبر 1920ع

    رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي کي اڄوڪي تاريخ تي جڊيشل ڪمشنر جي ڪراچيءَ واري ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم مليو، پر هو پاڻ حاضر نه ٿيو ۽ لکي موڪليائين ته جيڪب آباد ۾ ڪيل جن تقريرن تي سرڪار مٿس ڪيس مڙهيو آهي، انهن جو عدالت کان پهتل نقل ڪوڙو آهي، هن اهو موقف ورتو ته جيئن هو افغاني شهري آهي، ان ڪري ڪورٽ اڳيان حاضر ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪورٽ افغان سرڪار کان اهڙي موڪل وٺي ۽ خلافت ڪاميٽي معرفت اها ڪوشش وٺي.

    11 ڊسمبر 1920ع

    ”مرڪزي خلافت ڪاميٽي“ جي اڳواڻن ۽ منتظمين مولانا شوڪت علي، يعقوب حسن، احمد حاجي صديق کتري ۽ سيف الدين ڪچلي طرفان سنڌ جي خلافتي اڳواڻن شموليت لاڙڪاڻي ضلعي جي خلافتي اڳواڻن ڏي خط لکيا ته 25 ڊسمبر 1920ع تي ناگپور ۾ مرڪزي خلافت ڪاميٽي جو اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ڪاميٽيءَ بابت قاعدن ۽ ضابطن جي رپورٽ تي غور ڪرڻ کان سواءِ نون عهديدارن جي چونڊ به ڪئي ويندي، ان ڪري اوهان هن گڏجاڻيءَ ۾ اچي شريڪ ٿيو.

    16 ڊسمبر 1920ع

    ڪراچيءَ جي ڊي جي سنڌ ڪاليج ڊبيٽنگ سوسائٽي جي اهتمام سان مرزا قليچ بيگ مسلم تاريخ جو هڪ ڳجهو سانحو جي موضوع تي ليڪچر ٿيو، جن ۾ هن ڪربلا جي واقعي تي روشني وڌي، سندس ليڪچر ڪاليجي استادن ۽ شاگردن جي اڪثريت ٻڌو.

    17 ڊسمبر 1920ع

    ٻنو، تعلقي ميرپور بٺورو ۾ خلافت جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ پير محمد باقر، مولوي حاجي محمد سليمان ۽ مولوي محمد يوسف شرڪت ڪئي، هن گڏجاڻيءَ ۾ ”جزيره العرب“ جي آزادي، هندو مسلم اتحاد قائم ڪرڻ ۽ پنجاب سرڪار جي ڏاڍائين جي مذمت بابت ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

    19 ڊسمبر 1920ع

    ڪراچيءَ ۾ سنڌ پراونشل خلافت ڪاميٽي جي منتطم ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ بيت المال جي حساب ڪتاب تي غور ڪرڻ، قومي تعليم لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ ۽ مبلغن جي رپورٽن جي جائزي وٺڻ کان سواءِ پير تراب علي شاهه پير علي انور شاهه ۽ عبدالجبار تي ٻڌل مستقل وفد تشڪيل ڏنو ويو.

    21 ڊسمبر 1920ع

    ڪراچيءَ ۾ سماجي خدمتون سرانجام ڏيندڙ تنظيم ”دي ينگ خواجه اسماعيليه ڪاٺيواڙي والنٽيئرس منڊل“ جون سال 1921ع لاءِ چونڊون ٿيون،جنهن مطابق جان محمد قاسم صدر، ڪاٺيائي ڪريم نائب صدر ۽ جان محمد ڀانجي سيڪريٽري چونڊيا ويا، مئنيجنگ ڪميٽي تي راجن ڀائي زيدا پريمجي، علي ڀائي، جيون ڀائي نانجي، نظر علي ڀائي، مولجي ڊوسا ۽ سنورجي پريمجي ميمبرن طور کنيا ويا.

    29 ڊسمبر 1920ع

    ڳوٺ مولوي محمد مبارڪ تعلقي بدين ۾ خلافت جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ ترڪ موالات تحريڪ جي حمايت ۽ انگريز سرڪار جي اسلام دشمنيءَ جي مذمت ڪئي وئي، هن ميڙاڪي ۾ ڪيترن مريدن پنهنجي مرشدن کي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، ڇو ته سندن مرشد خلافت تحريڪ جي مخالفت ۽ سرڪار جي مدد ڪري رهيا هئا.

    31 ڊسمبر 1920ع

    مولوي حاجي عزيز الله جي صدارت هيٺ نواب شاهه ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ٺهراءُ ذريعي جيل وڌل خلافتين کي مبارڪون ڏنيون ويون ۽ انهيءَ عزم جو اظهار ڪيو ويو ته فرنگي سرڪار خلاف ۽ وطن جي راهه ۾ هر قرباني ڏني ويندي.

     

  • 1919

    30 جنوري 1919ع

    ”انجمن احباب وطن“ سکر جي عبدالعزيز عليگ جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ هي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو:

    سنڌ جي ڪمشنر لارينس صاحب کي گذارش آهي ته سندس سنڌي مسلمانن جي مثالي خدمتن سرانجام ڏيڻ جي مڃتا طور سکر جي ائنگلو عريبڪ اسڪول تي يادگار طور سندس نالي پٺيان سڏڻ جي اجازت ڏئي.

    2 فيبروري 1919ع

    خالق ڏني هال ۾ سيٺ هريچندراءِ وشنداس جي صدارت ۾ مکيه شهرين جو ميڙاڪو ٿيو، جن ۾ ڊاڪٽر ڌالا، ڪامريس آف چيمبرس جي مسٽر نڪولس، ايڇ پي فاريل اي، ريمنڊ، برنارڊ ٽيمبل، ٽي ايل واسواڻي وغيره به شامل آهن، هن گڏجاڻي ۾ هڪ ٺهراءُ ذريعي شاهي خاندان طرفان هندستان جي دوري ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ويا.

    17 فيبروري 1919ع

    بمبئي جي گورنر سکر ۾ سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ضلعن جي نوابن، سردارن، زميندارن ۽ آفيسرن جي گڏيل درٻار سڏائي، جيئن ته سياسي حالتن ۾ تبديلي اچڻ جا نشان ظاهر ٿي رهيا ها، ان ڪري گورنر مسلمانن جي مسئلن تي همدرديءَ سان ڳالهايو، ترڪن جي مسئلي وٺي، سکر بئراج، مسلم ايجوڪيشن ۽ سنڌ ۾ روڊن جي ضرورت وارين ڳالهين تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيائين، گورنر جي تقرير جو متن ”گل حيات“ انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آهي.

    8 مارچ 1919ع

    سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ”روولٽ ائڪٽ“ خلاف هڙتال ڪئي وئي

    15 مارچ 1919ع

    سکر ۾ سنڌ تعليمي ڪانفرنس ٿي، جيڪا ٻه  ڏينهن هلي، جنهن جا تفصيل گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آهن.

    20 مارچ 1919ع

    سموري سنڌ جيان لاڙڪاڻي ۾ به برطانيه سرڪار جي ڏاڍ ۽ ڏمر خلاف احتجاج طور هڙتال ڪئي وئي، ياد رهي ته فيبروري 1919ع ۾ وقت جي سرڪار دهليءَ ۾ ماڻهن تي گوليون هلايون هيون، هيءَ هڙتال انهن مظلومن سان همدرديءَ ۽ ساٿ ڏيڻ واري جذبي جي اظهار هئي.

    30 مارچ 1919ع

    سنڌ ۾ ”روولٽ بل“ خلاف زبردست اسٽرائيڪ ٿي، ان موقعي تي دوڪان بند ڪيا ويا، جلسا ۽ جلوس ڪڍيا ويا.

    4 اپريل 1919ع

    پوري هندستان جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين شهرين کان وٺي ڳوٺن تائين مڪمل هڙتال ٿي، ڇو ته 20 مارچ تي دهليءَ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي گڏيل جلوس تي پوليس فائرنگ ڪئي هئي.

    13 اپريل 1919ع

    جنرل ڊائينر جليانوالا باغ ۾ گڏ ٿيل احتجاجي جلوس تي گولي هلرائي، جنهن ۾ 379 ماڻهو مري ويا ۽ 1200 ماڻهو زخمي ٿيا، هن واقعي جا تفصيل گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آهن.

    21 اپريل 1919ع

    سنڌ ۾ وڏي پيماني تي سياسي اڳواڻن جي آفيسن ۽ گهرن جي تلاشي، ايڇ ڊي ماريوالا،  ڄيٺا پرسرام، شيخ عبدالمجيد، نرسنگ لال، مکي ڄيٺانند ۽ درگداس گرفتار ڪيا ويا.

    29 اپريل 1919ع

    محمد بخش جوهر، حيدرآباد ۾ ڄائو، هن اڳتي هلي صحافت جو پيشو اختيارڪيو ۽ ٻاراڻي ادب ۾نالو ڪمايو، هن ٻارن لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان ڪي هي آهن: ”شيخ چي، رنن جا مڪر، موالين جون ڳالهيون، اچو ته کلون، چرچن جي چٽڻي، چرچا ئي چرچا“ وغيره

    30 اپريل 1919ع

    حاجي امير علي لاهوريءَ جي صدارت ۾ لاڙڪاڻي جي مدرسي ميدان ۾ ضلعي جي زميندارن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ انجمن زميندار ضلعي لاڙڪاڻي لاءِ حاجي امير علي کي خانصاحب شاهه محمد لاهوريءَ جي جاءِ تي صدر چونڊيو ويو.

    هن گڏجاڻيءَ ۾ ”رورلٽ ائڪٽ“ پاس ڪرڻ تي سرڪار جو ٿورو مڃيو ويو، سرڪار تي اهو  واضح ڪيو ويو ته هيءَ تنظيم بل جي مخالفت ڪندڙ ۽ هنگامن ڪندڙن سان ڪنهن به قسم جو تعاون ۽ واسطو نه رکندي، ان جي برعڪس ڪراچي، حيدرآباد ۽ باقي سنڌ ۾ بل خلاف ٿيندڙ هنگامن جي  مذمت ڪري ٿي، اهو ٺهراءُ پڻ پاس ڪيو ويو ته سنڌ جي مسلمانن سان شفقت ڪرڻ تي سنڌ جي ڪمشنر لارينس جا ٿورا مڃيا وڃن ٿا.

    15 مئي 1919ع

    سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي لکت نمبر 299 موجب هند سرڪار کي اطلاع ڏنو، جيڪو بمبئي سرڪار جي گورنمينٽ گزيٽ جي شماري نمبر 300-wمورخه 20 مئي 1919ع ۾ شايع ٿيو، اطلاع هي هيو ته افغانستان جي ڏاڍائين کي منهن ڏيڻ واري ڪوشش ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي نواب قيصر خان مگسي هند سرڪار کي آڇ ڏني آهي ته هو 50 جوڌا جوان هند سرڪار جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جيڪي سنڌ ۾ يا افغان سرحد تي پنهنجي ڌرتيءَ جو دفاع ڪندا، نواب صاحب جو ارادو آهي ته هو اڃا ٻيا 50 جوان ساڳي مقصد لاءِ قلات جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

    25 مئي 1919ع

    ڳڙهي ياسين جي هندن پنهنجي ڌرم وارن جي سماجي ۽ ڌرمي خدمت ڪرڻ لاءِ شوا منڊلي قائم ڪئي هن منڊلي طرفان هر سال سٺي پئماني تي سالگراهون ملهايون وينديون هيون.

    7 جون 1919ع

    سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر پوليٽيڪل 1433 موجب هند سرڪار کي اطلاع ڏنو جيڪو 14 جون 1919ع واري بمبئي گورنمينٽ گزيٽ جي شماري نمبر 3525-w ۾ شايع ٿيو، اطلاع هي هيو ته افغانستان جي ڏاڍائين کي منهن ڏيڻ واري سرڪاري ڪوششن ۾ غيبي ديري جو نواب غيبي خان چانڊيو پنهنجي 60 جوڌن جوانن جون خدمتون سرڪار حوالي ڪرڻ لاءِ آيو آهي.

    جولاءِ 1919ع

    سکر مان جيوڻ لعل جي ايڊيٽريءَ۾ پندره روزه اخبار ”ستوادي“ جاري ٿي، جيڪا هريسنگ پريس ۾ ڇپبي هئي، ڪنهن وقت کان پوءِ مولچند ويرو مل اخبار جو ايڊيٽر ٿيو، آگسٽ 1920ع ۾ اخبار کي شڪارپور منتقل ڪيو ويو، ان وقت تاراچند گاجرا اخبار جو ايڊيٽر ٿيو، هيءَ اخبار هفتيوار ڪئي وئي ۽ هنديءَ کان سواءِ سنڌي ۾ به شايع ٿيڻ لڳي.

    16 جولاءِ 1919ع

    بمبئي سرڪار جي گورنمينٽ گزيٽ جي اڄوڪي شماري نمبر 4348-w ۾ لاڙڪاڻي پنڊت پنچنداس شوالا جو مبارڪ نامو شايع ٿيو، هن ترڪيءَ خلاف اتحادي ملڪن جي فتح تي برطانيه ۽ هند سرڪار کي مبارڪ عرض رکي.

    22 جولاءِ 1919ع

    بمبئي سرڪار جي گورنمينٽ گزيٽ جي اڄوڪي شماري نمبر 4473-w ۾ طيب، تعلقي رتيديري جي هندو زميندارن جو مبارڪ نامو شايع ٿيو، هنن ترڪيءَ خلاف اتحادي ملڪن جي فتح تي برطانيه ۽ هند سرڪار کي واڌايون ڏنيون.

    29 سيپٽمبر 1919ع

    لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر پنهنجي مراسلي نمبر 79 ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ کي سفارش ڪئي ته لاڙڪاڻي مان تولومل کيمچند ائنڊ ڪمپنيءَ جي درخواست تي غور ڪيو وڃي، جنهن موجب هن لاڙڪاڻي-قمبر روڊ تي مسافرن لاءِ موٽرڪار هلائڻ جي منظوري گهري آهي.

    ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي 5 نومبر 1919ع واري اجلاس ۾ فيصلوڪيو ته گهاڙ واهه ۽ نورنگ واهه جي پلين کي مرمت جي ضرورت آهي، موجوده حالت ۾ انهن تان موٽر ڪار هلائڻ ٺيڪ نه ٿيندو، جيڪڏهن تولومل کيمچند ائنڊ ڪمپني انهن پلين جي مرمت جو خرچ برداشت ڪري ته کيس موٽرڪار سروس شروع ڪرڻ جي اجازت هوندي.

    2 آڪٽوبر 1919ع

    خلافتي اڳواڻن سيٺ خداداد خان سرهئي، ميونسپل ڪائونسلر ۽ سيد محمد شاهه سوداگر تي ٻڌل وفد ميونسپالٽيءَ جي صدر حاجي امير علي لاهوريءَ سان ملاقات ڪئي ۽ کيس باخبر ڪيائون، 19 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۾ ”خلاف ڊي“ ملهايو ويندو، ان جي اجازت به ڏي ۽ تعاون به ڪر، پر حاجي امير علي لاهوريءَ کين سختيءَ سان منع ڪئي ته لاڙڪاڻي جي خلافت ڊي نه ملهايو وڃي ۽ ميونسپالٽي اهڙي اجازت نه ڏيندي، اهڙي رويي کي ڏسندي لاڙڪاڻي جي خلافتي اڳواڻن ڏانهن سندس ”انجمن اسلام“ جي صدر واري حيثيت ۾ درخواست موڪلي پر ان تي به هن انڪار ڪيو.

    10 آڪٽوبر 1919ع

    لاڙڪاڻي جي خلافت اڳواڻن ”زنده آباد اسلام“ جي سرخيءَ سان اشتهار ورهايو، جنهن ۾ لکيل هو ته 17 آڪٽوبر جمعي جي ڏينهن کي متان وساريو، خلافت جي حفاظت ۽ اسلامي سلطنت جي بچاءَ لاءِ دعائون گهرو ۽ اسلامي آواز کي بلند ڪيو ۽ حضور وائسرائي هند جي خدمت ۾ ترڪي خلافت لاءِ تارون موڪليو، اهڙي ميٽنگ لارڪاڻي ۾ عيد گاهه ۾ انهيءَ ڏينهن تي ٿيندي.

    هن اشتهار تي ڪيترن ماڻهن جا دستخط هئا، جن م ان جان محمد جوڻيجي، عبدالغفار پيرزادي، مولوي محمد عاقل، سيٺ خداداد سرهئي، سيد محمد شاهه، پير تراب علي شاهه پير علي نواز شاهه راشدي، پير سيد نور الدين احمد جا نالا ذڪر لائق آهن.

    12 آڪٽوبر 1919ع

    سرائي حاجي امير علي لاهوري، سرائي غلام محمد اسراڻ ۽ شاهنواز خان ڀٽي جي دستخط سان اشتهار ڇپرائي لاڙڪاڻي ۾ ورهايو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته 17 آڪٽوبر تي جيڪا ميٽنگ ڪرڻ جي تحريڪ آهي، تنهن بابت اسين انجمن اسلام لاڙڪاڻي جي پريزيڊنٽ ۽ عهديدارن جي حيثيت ۾ سڀني کي خبردار ڪيون ٿا ته ان ۾ ڪو شامل ڪو نه ٿئي،ڇاڪاڻ ته اها ستياگره آهي ۽ ان ۾ فتنو جاڳائڻو آهي ۽ اهو ڪم مهاتما گانڌيءَ جي چوڻ تي ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ اسان جي صلاح جي برخلاف وڃي شريڪ ٿيڻ نه گهرجي.

    16 آڪٽوبر 1919ع

    لاڙڪاڻي جي خلافتي اڳواڻن جهڙوڪ جان محمد جوڻيجي، حڪيم سيد احمد اختر، پير تراب علي شاهه، بئريسٽر پيرزادي، مولوي محمد عاقل، سيٺ خدادا خان، سيد محمد شاهه ۽ غلام علي وڪيل جي دستخط سان وضاحتي اشتهار شايع ٿيو ته 17 آڪٽوبر دعاءِ عبادت الاهي جو ڏينهن اسان جي ساري هندستان جي مسلمانن پاران مقرر ٿيل آهي ۽ مهاتما گانڌي يا ستياگره جو ان ۾ ڪو دخل نه آهي ۽ هي مسلمانن جو مذهبي اجتماع آهي

    ياد رهي ته هي اشتهار ”انجمن اسلام“ ۽ ميونسپالٽي جي صدر حاجي امير علي لاهوري جي اشتهار جو جوابي اشتهار هو.

    17 آڪٽوبر 1919ع

    سموريءَ سنڌ ۾ ”خلافت ڊي“ ملهايو ويو، جلسن ۽ جلوسن جو اهتمام ڪيوويو ۽ فرنگي سرڪار جي اسلام دشمنيءَ ۽ ترڪ دشمنيءَ خلاف ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

    17 آڪٽوبر 1919ع

    غلام علي وڪيل جي صدارت هيٺ عيد گاهه ۾ هزارها مسلمان ”خلافت ڊي“ ملهايو، جن مکيه ماڻهن هن جلسي ۾ شرڪت ڪئي، اهي هئا جان محمد جوڻيجو، سيد احمد اختر، سيد محمد شاهه، سيٺ خداداد سرهيو، پير تراب علي شاهه، پير سيد امام الدين راشدين، پير سيد فتح الدين، پير علي مولا، پير ابراهيم شاهه، مولانا غلام عمر، مولوي حاجي احمد ملوي، مولوي محمد عالم، مولوي محمد سليمان، مولوي محمد شفيع، مولوي غلام حسين، پير امام الله شاهه، پير سيد علي انور شاهه، مولوي غلام النبي، وڏيرو محمد خان، وڏيرو، سيد پناهه علي شاهه، سيد غوثل شاهه، وڏيرو محمد بچل خان، مولوي غلام رسول، بئريسٽر عبدالغفار پيرزادو، سيد نور الدين احمد، پير حاجي مٺل شاهه راشدي، پير امان الله شاهه ۽ وڏيرو شاهه مردان ۽ پير محمد مصطفيٰ شاهه.

    جلسي جي آغاز ۾ مولوي محمد عاقل خطبو ۽ وعظ ڪيو، ان کان پوءِ حاجي امام الدين راشديءَ دعا گهري، آخر ۾ ٺهراءُ پاس ڪيوويو ته شهر ۽ ضلعي لاڙڪاڻي جا مسلمان وڏي مجمعي ۾ عيد گاهه ۾ گڏ ٿي آل انڊيا مسلم ڪانفرنس جي  جا 21 تاريخ سيپٽمبر جي لکنو ۾ گڏ ٿي، تائيد ٿا ڪن ۽ سرڪار کي گذارش ٿا ڪن ته مهرباني ڪري وزير اعظم ۽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ انگلستان کي مسلمانن جي جذبن کان آگاهه ڪيووڃي ته برطانوي سرڪار مسلمانن سان پنهنجا واعدا پورا ڪري ۽ خلافت عثمانيه جو رعب ۽ مرتبو ۽ اسلام جي پاڪ جاين جي سلامتي ۽ حرمت دنيا جي مسلمانن جي ئي هٿ وس ڇڏي وڃي.

    ”خلافت ڊي“  ضلعي لاڙڪاڻي جي مکيه ڳوٺن ۽ شهرن ۾ به ملهايو ويو، باقراڻي (ٺلاه) ۾ جيڪو جلسو ٿيو، ان جي صدارت پير فتح الله شاهه راشدي ڪئي.

    20 آڪٽوبر 1919ع

    ڀاٽي متر منڊل روهڙي طرفان نرسيه ڀڳت ڊرامو اسٽيج ڪيو، جنهن کي روهڙي جي هندو برادري جي وڏي انگ ڏٺو ۽ داد ڏنو.

    20 آڪٽوبر 1919ع

    روهڙيءَ جيڀاٽيا مترا منڊلطرفاننرسيه ڀڳتنالي ڊرامو ڪيو ويو

    2 نومبر 1919ع

    هندو پئنچاتي گرلس اسڪول لاڙڪاڻي جي سيڪريٽريءَ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ کي گذارشڪئي ته لوڪل بورڊ اسڪولي عمارت ٺهرائڻ ۾ مالي مدد ڪري،جنهن تي 8 هزار رپيا خرچ ايندو، هن پنهنجي گذارش نامي ۾ ٻڌايو ته اسڪول ۾ 117 ڇوڪريون تعليم وٺن ٿيون.

    3 نومبر 1919ع

    جائلس لائبرري جي اعزازي سيڪريٽريءَ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ کي گذارش ڪئي: جيئن ته هيلاڙڪاڻي ضلعي جي واحد پبلڪ لائبرري آهي ۽ هن وقت مالي مشڪلاتن ۾ آهي، ان ڪري هن لائبرريءَ لاءِ 500 رپيا گرانٽ منظور ڪئي وڃي.

    ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي 5 نومبر 1919ع واري اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 19 ذريعي هن لائبرريءَ لاءِ 200 رپيا گرانٽ منظور ڪئي، هن فيصلي ڪرائڻ ۾ وڏيري رسول بخش ڀٽيءَ رٿ پيش ڪئي ۽ خانبهادر ڌڻي بخش جتوئي ان جي تائيد ڪئي.

    2 نومبر 1919ع

    لاڙڪاڻي جي وڪيل جي ايم غلام علي ڊيلي گزيٽ اخبار ڏي خط لکيو ان ۾ انهيءَ ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪيو ته هن اخبار جي 20 آڪٽوبر واري پرچي ۾ لاڙڪاڻي جي مسلمانن واري گڏجاڻيءَ تي غلط راءِ قائم ڪئي وئي آهي ۽ سرائي حاجي امير علي لاهوري ۽ ميان علي محمد قادريءَ جي ڌر ورتي وئي آهي، جڏهن ته انجمن اسلام لاڙڪاڻي انهن اڳواڻن کي انجمن مان خارج ڪيو آهي ڇو ته هنن خلافت دشمن رويي سان مسلمانن جي دل ڏکوئي آهي، هن وڌيڪ لکيو ته انجمن جي گڏجاڻي ۾ لاهوري بدران جي ايم غلام علي کي صدر ۽ قادري بدران سيٺ خداداد خان سرهئي کي نائب صدر مقرر ڪيو آهي، اهڙي ريت جان محمد جوڻيجي کي سيڪريٽري ۽ اي جي پيرزادي کي ليگل ايڊوائيزر مقرر ڪيو آهي.

    5 نومبر 1919ع

    ارجن ڊيٽا رام ناٿاڻي ”سڪايل“ ڳوٺ سڌوجا، ضلعي نواب شاهه ۾ ڄائو، ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي الهاس نگر ۾ ويٺو، هن سنڌ ۾ رهڻ واري عرصي دوران ئي علم ارب جي دنيا ۾قدم رکيو ۽ اها ريت پنهنجي نئين ڏيهه ۾ به وڃي نڀايائين، 1974ع تائين سندس جملي 19 ڪتاب شايع ٿيا آهن.

    12 کان 16 نومبر 1919ع

    انگريز سرڪار جي اشاري پوري هندستان ۾ اهي ٽئي ڏينهن ”جشن صلح“ ڪري ملهايا ويا، اها خوشي ترڪيءَ تي پنهنجي مرضيءَ مطابق ٺاهه جا شرط مڙهڻ جي نتيجي ۾ ڏيکاري وئي.

    23 نومبر 1919ع

    دهليءَ ۾ پهرين خلافت ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ سنڌي ليڊرن به شرڪت ڪئي، انهن مان مولانا تاج محمد امروٽي، پير تراب علي شاهه، جان محمد جوڻيجي ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون وغيره جا نالا ذڪر لائق آهن.

    17 ڊسمبر 1919ع

    سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ طرفان سموري سنڌ ۾ احتجاج جو ڏهاڙو ملهايو ويو، هنڌين ماڳين ميڙاڪا ڪيا ويا ۽ جلوس ڪڍيا ويا، هر هنڌ حڪومت جي خلافت ۽ ترڪ دشمن پاليسيءَ جي ندا ڪئي وئي.

    31 ڊسمبر 1919ع

    عبدالڪريم ولد سهراب خان سنديلو ڳوٺ محراب خان سنديلي ۾ ڄائو، پرائمري استاد جي حيثيت ۾ ملازمت اختيار ڪيائين ۽ پروفيسر پرنسپال جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو، ضياءَ الحق جي ڏينهن ۾ مجلس شوريٰ جو ميمبر ٿيو ۽ 1986ع ۾ کيس تمغه امتياز مليو، لسانيات، نعت ۽ لوڪ ادب ۾ وڏي مهارت ماڻيائين، ڪيترا ڪتاب لکيائين، سندس وفات 1990ع ۾ ٿي.